پنهونءَ جي پار ۾
مان جڏهن تربت ۾ ويس ته مون مشاهدو ڪيو ته ڊسٽرڪٽ جو ليوي فورس بلڪل مختلف برادري ۽ علائقائي هيو، جنھن جو پاڻ ۾ ڪوبه ربط ڪونه هيو. نڪي هڪٻئي تي ڪو اعتماد هيو. مٿان به انھن اهلڪارن کي ايريا جي سردار جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو هيو. جيڪڏهن ڪوئي ليوي جو اهلڪار چاهيندو هيو ته خودمختيار ٿي ڪم ڪري ته هنکي مٿان ڪابه سپورٽ ڪونه ملندي هئي.
انھن ڳالھين کي نطر ۾ رکندي مون سڀ کان پھريون بلنگور ۾ ضلعي جي پوري فورس کي اهو پيغام ڏنو ته توهان تي جيڪڏهن ڪو ايڪشن کڄندو ته توهانکي ڪوئي واجه يا سردار ڪونه بچائيندو. يا جيڪڏهن ڪنھنجو پروموشن ٿيندو ته ان ۾ به ٻئي ڪنھن جو ڪوئي ڪردار ڪونه هوندو. ٽيون جيڪڏهن ڪنھن به طرح سان توهانکي ڊيوٽي سرانجام ڏيندي تڪليف ايندي ته انھي لاءِ توهانجي پرگھور لھڻ جي ذميواري مٿي ويٺل سينيئر آفيسرن جي آهي. جڏهن مون پريڪٽيڪلي انھن سان ڪيو. جيئن سينيئر کي جونيئر جي هيٺان انھيءَ ٿاڻي رکيو ۽ جونيئر کي سينيئر واري چارج ڏني. زخمي اهلڪارن کي ترت ميڊيڪل سپورٽ مھيا ڪئي. اهي سڀ اهڙا ڪم هيا، جيڪا انھيءَ کان اڳ انھن اهلڪارن جي وهم وگمان ۾ به ڪونه هيا انھيءَ ڪري ليوي فورس کي پنھنجي طاقت ۽ اهليت تي خوداعتمادي پيدا ٿي. جڏهن فورس کي خوداعتمادي ٿي ۽ يقين ٿيو ته جن کان اڳ هي ڊڄندا ۽ لھرائيندا هيا، اهي هاڻي ليوي فورس کان ڊڄڻ شروع ٿي ويا. جڏهن اها فورس ۾ ڪيفيت پيدا ٿي ته پوءِ مون فيصلو ڪيو ته هاڻي پيراملٽري فورس کي ذڪري ميڙاڪي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. اهوئي سبب هيو، جو مون پوري ضلعي جي رستن گشت جي ذميواري ليوي جي حوالي ڪئي ته جيئن زائرين کي اچڻ وڃڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿئي، باقي شھر ۽ شھر ۾ موجود مدرسن ۽ ٻاهران ڪوه مراد جي سيڪيورٽي پوليس جي حوالي ڪئي.
مون اڳ به اهو ذڪر ڪيو هيو ته تربت جي جاگرافي حدود اهڙي طرح پکيڙيل آهي، جو سمنڊ ڏانھن افغانستان کان ايندڙ ويندڙ شئي جو رستو تربت مان گذرندو هيو. تربت جو ڳچ بارڊر ايران سان به ملي ٿو تنھنڪري ايران کان پاڪستان ايندڙ شين جو رستو نوشڪي دالبدين کان آهي يا وري مند تربت ضلعي کان. تربت ضلعي ۾ صرف اٽو پاڪستان جو کاڌو ويندو آهي، باقي سڀ ميوا ويندي ڀاڄي ڀتي، تيل پيٽرول، ڪراڪري، ڪمبل ۽ ٻيون ڪيتريون ساريون شيون ايران کان اينديون آهن. جانور ۽ اٽو وغيره مند کان ايران ويندو آهي.
پاڪستان ۽ ايران جي بارڊر جي ڀرپاسي وارن علائقن توڙي تربت جا بلوچ ورهايل آهن. مون ڪٿي پڙهيو ناهي جو تصديق سان چوان، باقي تربت جي عوام ۾ اهو تاثر آهي ته صدر ايوب ضلعي تربت جي پنج هزار اسڪائر ميل ايراضي ايران جي حوالي ڪئي، جنھن جي ڪري تربت جا هزارين خاندان هڪٻئي کان وڇڙيل آهن.
انھيءَ ڪري تربت جي ڊپٽي ڪمشنر کي اختيارات آهن ته هو ضلعي تربت جي عوام کي پاسپورٽ اشو ڪري ۽ راهداري ڏئي ته جيئن هو ايران جي حد ۾ تقريباً سٺ ميل بارڊر کان اندر اچن ۽ وڃن.
ڊي سي تربت جي دستخط سان پاسپورٽ جاري ڪيل ۽ راهداري کي ايراني حڪومت قبول ڪندي هئي ۽ انھن کي اجازت ڏيندي هئي ته اهي وڃي پنھنجي مٽن ۽ مائٽن سان ملي اچن.
گلف ملڪن جي آرمڊ فورسز ۾ گھڻو ڪري مڪران جا ماڻهون عام جام آهن. شعور ۽ تعليم جي لحاظ کان مڪران پورو سڄي بلوچستان کان اڳي آهي. بليده ۽ سنڊسر جي علائقن ۾ ون يونٽ واري زماني ۾ بقول تربت عوام جي ته برٽش آئل ڪمپنيز اچي ڊرلنگ ڪئي هئي ۽ تيل به ڪافي مقدار ۾ مليو، پوءِ وري انھن کي اتي بند ڪري ڇڏيو. بند انھي ڪري ڪيو ويو، جو جنھن آئل ڪمپني هتي اچي ڊرلنگ ڪئي هئي انھن جو اڳ ۾ ايران ۾ به تيل جو ڌنڌو هيو. شھنشاهه ايران انھن مالڪن کي گھرائي پڇيو ته جيڪڏهن توهان اتان تيل ڪڍندا ته توهان کي ڏهن سالن ۾ ڪيترو فائدو رسندو. جيڪو انھن ڪمپنين ٻڌايو انکان وڌيڪ شھنشاهه ايرن انھن ڪمپنين کي رقم ڏئي اهو پروجيڪٽ اهو چئي ختم ڪرايو ته فزيبل ناهي. مون جڏهن اتان جي ماڻھن کان پڇيو ته انھي ۾ ايران جو ڪھڙو نقصان ٿئي ها جيڪڏهن هتي تيل ۽ گيس نڪري ها. وراڻي چين ته سائين ايران کان اسان هيٺ آهيون ۽ مٿانهين کان پاڻي يا تيل هيٺانهين ڏانھن ويندو آهي. جيڪڏهن هتي تيل نڪرڻ شروع ٿئي ها ته ايران جي تيل ۾ ڪمي ٿئي ها ۽ ايئن به ٿي سگھي ٿو ته سڄو تيل جو وهڪرو هيڏانھن ٿي پوي ها ۽ ايران وٽ تيل اڻلڀ ٿي وڃي ها.
پوءِ مون به سوچيو ته واقعي پاڻي گھڻي قدر ايران جي حد مان نڪري تربت ۽ پنجگور ڏانھن ايندو آهي. تربت جي ڀرسان دشت واري علائقي ۾ جيڪو ميراڻي ڊيم ٺاهيو ويو آهي،انھيءَ ۾ گھڻي قدر پاڻي ايران جي ايريا کان هيڏانھن ايندو آهي.
1993ع ۾ نيسپاڪ وارن گورنر بلوچستان مسٽر جوگيزئي صاحب کي فون ڪري شڪايت ڪئي ته بلوچستان سرڪار اسان کي ميراڻي ڊيم جي ڪنسلٽنٽسي جي رهيل رقم نٿي ڏئي، سو مھرباني ڪري اها رقم وٺرائي ڏيو. گورنر صاحب نيسپاڪ وارن کي چيو ته چڱو مونکي ميراڻي ڊيم تي بريفنگ ڏيو ته پوءِ مان بلوچستان سرڪار کي چوان ٿو. نيسپاڪ وارن کي کٽي کنيو. چيائون ته حاضر، جڏهن ته گورنر صاحب چيو ته سڀاڻي اچو تربت مان به اتي ايندس. نيسپاڪ وارن گورنر صاحب کي چيو ته سائين ٻه ڏينھن ڏيو. اسان کي پيغام مليو ته گورنر صاحب ايندو ۽ نيسپاڪ وارا ميراڻي ڊيم متعلق بريفنگ ڏيندا، گورنر صاحب کي. اسان حسب معمول پي ٽي سي ايل ۽ ٻين ادارن کي پابند ڪيو ته ڪوئي ڪاڏي نه وڃي. پي ٽي سي ايل کي چيوسين ته گورنر صاحب اچي ٿو، فون وغيره اچي هڻو. پي ٽي سي ايل وارن جواب ۾ لکي موڪليو ته پي ٽي سي ايل ڪمپني آهي، جيڪا مرڪزي سرڪار جي ماتحت آهي ۽ صوبائي سرڪار جو اسانجي مٿان ڪوئي اختيار ناهي، لحاظه ٽيليفون هڻڻ لاءِ اڳ ۾ ڊيمانڊ نوٽ ڀريو ته پوءِ ٽيليفون هڻي ڏينداسين. منھجي لاءِ اها نئين ڳالھه هئي، اڳ اسين هميشه گورنر يا وزير اعليٰ ايندو هيو ته صرف خط لکي موڪليندا هياسين ته ٽيليفون جو سڄو سسٽم پاڻ هڻندا ۽ نگراني به ڪندا هيا. مون پي ٽي سي ايل جي انجنيئر صاحب کي چيو ته يار هينئر بينڪ ٽائيم به ختم ٿي چڪو، صبح جو گورنر صاحب اچي ٿو هن دفعي هڻ، اڳتي ان ڳالھه کي ذهن ۾ رکنداسين. انجنيئر صاحب چيو ته سائين سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي، اڳ ۾ ڊيمانڊ جا پئسه جمع ڪرايو انھيءَ کان پوءِ فون لڳندو. جڏهن انجنيئر صاحب ضد ڪيو، تڏهن مون پڇيس ته تنھنجي آفيس مرڪزي سرڪار جي آهي، تنھنڪري اتي قانون به مرڪزي سرڪار جو هلندو. چيائين ته بلڪل. مون چيو ته انھيءَ جو مطلب ته جتي جنھن جي سرڪار اتي انھي جو قانون هلندو؟ چيائين ته بلڪل درست ٿا چئو، مون چيو ته انجو مطلب ته تون هينئر گورنمينٽ آف تربت جي حد ۾ آهين. مون چيس مان توسان ايتري رعايت ڪريان ٿو ته تون گورنمينٽ آف تربت جي حد مان گذري وڃي مرڪزي سرڪار جي حد ۾ پھچ. جيڪڏهن تون گورنمينٽ آف تربت جي حد ۾ پير رکيو ته مان توکي گرفتار ڪندس ته تو ڇو بغير اجازت جي گورنمينٽ آف تربت جي حد ۾ پير رکيو. انجنيئر صاحب پنجاب جو رهاڪو هيو، سو همراهه هڪدم وائڙو ٿي ويو. انجنيئر صاحب جي ويٺي مون مختيار ڪار چيو ته ليوي وٺي پي ٽي سي ايل بلڊنگ جي ٻاهران بيھار، جيڪو بلڊنگ کان ٻاهر پير رکي تنھن کي گرفتار ڪري ٽريس پاس جو ڪيس داخل ڪيو. مون انجنيئر صاحب کي هٿ ملائي چيو ته توهان ڀلي وڃو. همراهه وڃڻ جي ڪونه ڪري. آخرڪار منھنجي آفيس کان نڪتو وڃي پي اي سان ويٺو، اتان ويھي اي اي اين کي فون ڪري چيائين ڀائي وڃو ۽ پنجن منٽن ۾ فون هڻي مونکي اچي رپورٽ ڪيو. انھيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي ڪوتاهي نه ٿيڻ کپي. سيٽ وغيره سڀ نوان کڻي وڃو.
ڏهن منٽن کان پوءِ ڪيئر ٽيڪر سرڪٽ هائوس تان فون ڪيو ته سائين ٻن وي آئي پي ڪمرن ۾ نوان فون هڻي ويا آهن ۽ پڇن ٿا ته ڇا ٻين ڪمرن ۾ به فون هڻڻا آهن؟
شام جو نيسپاڪ لاهور وارا هيڊڪوارٽر کان ڪراچي رستي تربت ايئرپورٽ تي اچي پھتا. مان سرڪٽ هائوس ويس،نيسپاڪ جا اعلي عھديدار مليا. بريفنگ لاءِ سيٽنگ شروع ٿي وئي نيسپاڪ وارا پاڻ سان پروجيڪٽر وغيره ساڻ کڻي آيا هيا. نيسپاڪ جي انچارج آفيسر مونکي چيو ته سائين هڪ مھرباني ڪيو، مون چيو ته حڪم ڪيو چيائون ته صبح سوير گورنر صاحب پھچندو، تنھنڪري اسان کي موقعو ڪونه ملندو ته اسين ميراڻي ڊيم جي ايريا ڏسي اچون. تنھنڪري اسانکي پنھنجي اسٽاف مان ڪو اهڙو ماڻھو ڏيو، جيڪو ڊيم جي پوري علائقي کان واقف هجي، ته ڪٿي ڊيم ٺھندو ۽ ڪيترو ۽ ڪيستائين علائقو ڊيم ۾ ايندو. مونکي اچرج ٿي ته يار هي هيڏو وڏو ادارو ۽ ايترو وڏو پروجيڪٽ جي فيزيبلٽي ۽ ڪنسلٽنٽي جو ڪم هنن وٽ آهي ۽ ايراضي جي ڪابه خبر ڪانه اٿن. مون انھن کان پڇيو ته جيڪڏهن توهان علائقو ڏٺو ناهي ته پوءِ ڪئين ڊيم جي ڊزائننگ ٺاهي اٿو. چيائون ته اسان سروي جنرل آف پاڪستان کان ليٽيسٽ مئپ وٺي، انھيءَ جي مدد سان اسان اهي سڀ نقشا ۽ ڊيزائن تيار ڪئي آهي. مون به چئي ڏنو ته توهان پنجابين ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪيو آهي. پندرهن ڪروڙ توهان في ٿا وٺو انھن نقشن ٺاهڻ جي، جن جو حقيقت سان ڪو واسطو ڪانھي. مون چيو اڳ به توهان نيسپاڪ وارن اسان کي خوار خراب ڪيو، جو زڪوات هائوس جي گهرن جي ڊزائن ٺاهي وزيراعظم پاڪستان کي ڪوڙا فگر ڏئي گھر ٺھرائي قومي خزاني جو نقصان ڪيو. اڄ انھن گھرن ۾ موالي ۽ گڏهه ٿا پيا هينگون ڪن. سنڌ ۾ سازدا جي آفيسن جي ڊزائن اهڙي ٺاهي موڪلي ڄڻ گلبرگ ۾ اهي آفيسون ۽ گھر ٺھندا هجن. مون چيو ته ڪجھه خدا جو خوف ڪيو، ٻين ننڍن صوبن جي وسيلن تي رڳو ڦر مار ڪئي اٿو. مون چيو جيڪڏهن توهان کي پنجاب ۾ اهڙو ڪو پروجيڪٽ ٺاهڻو هجي ها ته ڇا توهان سروي جنرل آف پاڪستان کان نقشا وٺي ٺاهيو ها؟
بھرحال گورنر صاحب آيو، نيسپاڪ وارن بريفنگ ڏني ۽ فيزيبلٽي تي نظرثاني لاءِ نيسپاڪ کي چيو ويو، پوءِ ڇا ٿيو خبر ناهي سواءِ ان ڳالھه جي ته جڏهن ميراڻي ڊيم ٺھيو ته ڪامياب پروجيڪٽ ڪونه ٿي هليو.
پي ٽي سي ايل وارا ٽيليفون ڪنيڪشن واسطي عوام کي ڏاڍو خوار ڪندا هيا. شڪر جو اڄ ڪلھه سيل فون پي ٽي سي ايل کان پنھنجون ڪسرون ڪڍي ڇڏيون. توهان ان ڳالھه مان اندازو لڳايو ته سيشن جج جو نئون سرڪاري گھر ٺھيو، جج صاحب شفٽ ٿيڻو هيو جو اڳ ڪرائي جي مڪان ۾ پئي رهيو. سيشن جج آفيس ڊيمانڊ نوٽ سڀ جمع ڪرائي ڇڏيا، پوءِ به چون ته سائين اڃان ان طرف وائر ڪانه وئي آهي، جيتوڻيڪ ان علائقي ۾ ڪافي آبادي رهي پئي ۽ فون به هين. مينگل صاحب سيشن جج هيو، مونکي چيائين ته سائين جڏهن ٽائيم ملي ته مون سان ملندا وڃو. سيشن جج جي آفيس رستي ۾ هئي، سو مون چيو ته آفيس کان گھر ويندي اڄ توهان وٽ سوير ايندم، چيائين ته مان توهانجو انتظار ڪندس. ملاقات ٿي چوڻ لڳو ته يار فون وارن ڏاڍو تنگ ڪيو آهي ۽ مان سڀاڻي شفٽ ته ٿيندس سرڪاري گھر ۾، پر اتي فون جي سھولت ڪانھي. مينگل صاحب مون سان سنڌيءَ ۾ ڳالھائي پيو. مون مينگل صاحب کي چيو ته فون ته توهانجي گھر توهانجي پھچڻ کان اڳ لڳي ويندو، پر پوءِ توهان پي ٽي سي ايل جي انجنيئر جي سفارش نه ڪندا. چيائين ته ان مونکي ذليل خوار ڪيو آهي، گھر ۾ جھيڙو لڳو پيو آهي، مان انجي ڪابه سفارش ڪونه ڪندس. مون چيو ته ٺيڪ. چانھه وغيره پي مان گھر ڏانھن روانو ٿيس، گھر پھچي پي اي کي فون ڪري چيو ته پي ٽي سي ايل جي انجنيئر کي فون ڪري چويس ته سيشن جج صاحب جي سرڪاري گھر تي فون هڻي اچي جڏهن ته ڊيمانڍ نوٽ به جمع ٿيل آهي. ٿوري دير ۾ پي اي چيو ته سائين انجنيئر صاحب ٿو چوي ته انھي پاسي دبلي ناهي، لڳل اهي مھيني کن ۾ اينديون پوءِ اسان فون هڻي ڏينداسين. مون اهو جواب ٻڌي اسسٽنٽ مختيارڪار کي چيوته تنھنجي آفيس جي ڀرسان ٽي اينڊ ٽي جي بلڊنگ آهي، تون وڃ ٻه ٽي ليوي جا ماڻھو ساڻ ڪري صرف انجنيئر صاحب کي چئو ته سيشن جج صاحب تنھنجي ڊي سي صاحب کي شڪايت ڪئي آهي. هاڻي جيستائين تون مرڪز جي حد ۾ آهين تيستائين ڪجھه ڪونه چيو ويندو، باقي تربت جي حد ۾ پير پاتو ته گرفتار ٿيندين. ڏهن منٽن کان پوءِ مينگل صاحب جو فون آيو ته سائين مان ڏاڍو مجبور ڪيو ويو آهيان ته مان پنھنجو واعدو ٽوڙيان. مون چيو ته سائين خير ته آهي؟ چيائين ته سائين فون ته گھر لڳي ويو آهي پر دوستن ۽ انجنيئر صاحب مونکي مجبور ڪيو آهي ته هاڻي توهان کي چوان ته پي ٽي سي ايل جي انجنيئر کي ڍر ڏيو. بھرڪيف مونکي ڪوئي انجنيئر صاحب سان ذاتي جھيڙو ته هيو ڪونه، پر هو عوام کي خوام خواهه تنگ ڪندو هيو. انھيءَ کان پوءِ اهو پنجاب کان آيل انجنيئر صاحب ماڻھن سان بھتر هلڻ شروع ٿي ويو.