آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

بلوچستان جي زراعت

آگسٽ 1993ع ۾ پھريون دفعو بلوچستان سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو. پهرئين ڏينهن جڏهن منھنجو وڃڻ ٿيو ته مونکي ايئن لڳو ته مان بلوچستان ۾ نه پر پنجاب جي ڪنھن ماتحت اداري ۾ آيو آهيان. چيف سيڪريٽري کان ويندي ڊپٽي سيڪريٽري جي پوسٽن تي گھڻائي پنجاب جي آيل آفيسرن جي هئي. جھڙيءَ طرح ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ ۾ هوندو هيو. بلوچستان ۾ انوقت صوبائي سيڪريٽرين جو سٺ ستر سيڪڙو آفيسر پنجاب جا هيا، باقي پٺاڻ ۽ ڏهه سيڪڙو مس بلوچ هيا. بلوچستان جي ڇھن ڊويزن مان چار ڪمشنر پنجاب سان لاڳاپيل هيا. اهڙيءَ طرح ڊپٽي ڪمشنرن مان سٺ ستر سيڪڙو پنجاب جا آفيسر هيا. باقي بلوچستان جا پٺاڻ، هزاره ڪميونٽي جا ۽ بلوچ هيا. اهڙيءَ طرح پوليس جا اسي پنجاسي سيڪڙو آفيسر پنجاب جا هيا.
سيڪريٽري زراعت پنجابي ڳالھائڻ وارو پر ڪوئيٽا جو رهاڪو ٿي چڪو هيو ۽ سندس ٻيو ڀاءُ سيڪريٽري هوم هيو، جنھن کي سڀ چاچا غياث ڪري چوندا هيا. ٻئي ڀائر تمام اخلاق جا اعليٰ مثال هيا. ٻئي ڀائر تمام همدرد ۽ هڏڏوکي ۽ هر ڪنھن جي مدد ڪرڻ ۾ وسان ڪين گھٽائيندا هيا. اها منھنجي خوش نصيبي هئي جو مونکي آفيسر بالا نھايت همدرد ۽ شفيق ملي ويو. ڏاڍي سٺي انداز سان مليو ۽ چيائين ته گھٻراءِ نه، تو جيڪو ڪيو اهو بھتر ڪيو، انھيءَ جي سڀني کي خبر آهي. بھرحال اهو وقت به گذري ويندو. چيائين ته بلوچستان ۾ ايگريڪلچر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ گھڻو ڪجھه آهي، پر هتي سياسي قيادت ڪم ڪرڻ ڪونه ڏيندي. تنھن ڪري تون هتي آرام سان ويھي نوڪري ڪر. وڌيڪ چيائين ته چيف سيڪريٽري صاحب مونکي هفتو اڳ ۾ گھرايو ۽ چيائين ته ڊي سي خضدار ڄامڙو تي سي ايم ناراض ٿيو آهي، تنھنڪري انھيءَ کي هتي تو وٽ رکڻو آهي ۽ آفيسر ڪم وارو آهي. چيائين ته تون ايڊيشنل سيڪريٽري جي پوسٽ ڪريئيٽ ڪرڻ لاءِ سمري ٺاهي موڪل. ٻڌايائين ته مون سمري ٺاهي موڪلي ۽ ٻن ڏينھن کان پوءِ پوسٽ ڪريئيٽ ٿي آئي، ۽ ٻئي ڏينھن تنھنجي پوسٽ هتي ايگريڪلچر ۾ ٿي آهي. هاڻي پوسٽ ته اچي وئي پر ڪم توکي ڇا ڪرڻو آهي، انھيءَ جي لاءِ رولز آف بزنس ۾ تبديلي ايندي، تنھن کان پوءِ تون باقائده ويھي ڪم ڪر، تيستائين ايندو ڪر چانھه گڏجي پيئنداسين.
مون عرض ڪيو ته جيڪا سرڪار جي مرضي اسين حاضر. پر سائين جيستائين ڪو سرڪاري گھر جو انتظام ٿئي تيستائين ڪو اهڙو معقول گھر هجي ۽ ڪرايو به پھچ ۾ هجي، انھيءَ سلسلي ۾ ڪا مدد ڪيو. ٿوري دير سوچي پنھنجي پي اي کي چيائين ڊي جي ايگريڪلچر چوڌري ذوالفقار ملائي ڏي. پنجابي ٻولي ۾ ڊپارٽمينٽ جا حال احوال وٺي چيائينس ته ايگريڪلچر ڪالوني ۾ ڪو ٻن ڪمرن وارو گھر آهي. چوڌري صاحب ٻڌايس ته هڪ گھر آهي، پر اهو اسان جيڪي ڊپارٽمينٽ جا مھمان وغيره ايندا آهن انھن کي اتي رهائيندا آهيون، باقي ٻيو اهڙو ڪوبه گھر خالي ناهي. سيڪريٽري صاحب چيس ته چڱو انھيءَ گھر کي صاف ڪر ۽ منھنجو مھمان ايندو، جيڪو ڪجھه عرصي لاءِ اتي اچي فيملي سان رهندو. ڪلاڪ اڌ کان پوءِ ڊي جي ايگريڪلچر جو فون آيو، سيڪريٽري صاحب کي ٻڌايائين ته سائين گھر تيار آهي مھمان کي موڪليو. سيڪريٽري صاحب مون کي گھرائي چيو ته ايگريڪلچر ڪالوني ۾ هڪ ٻن ڪمرن وارو گھر آهي، وڃي تون اتي ٻارن سان رهه پوءِ ڏسون ٿا ته ڪوئي سرڪاري گھر ملي، جيڪو اڄ ڪلھه ملڻ ڏکيو آهي. مان زرغون روڊ سان سرياب روڊ ڏانھن وڃڻ شروع ڪيو. ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪري اڳتي هليس ته سڄي پاسي وڏي ڊگھي ديوار نظر آئي، ڊرائيور کان پڇا ڪيم ته هي ڇا آهي؟ ٻڌايائين ته سائين هي خان آف قلات جو اندر محلات ٺھيل آهي جنھن ۾ آفيسون ۽ گھر اٿس. ٿورو اڳتي هلياسين ته رستي جو وڪڙ ختم ٿيو سڏ پنڌ تي وري ساڄي پاسي ٻي ڊگھي ديوار نظر آئي. ڊرائيور کان پڇا ڪئي ته هي ڇاجي ديوار آهي؟ ٻڌايائين ته هي رئيساڻي صاحب جو گھر آهي. جڏهن اسان رئيساڻي جي گھر جي سامھون پھتاسين ته کٻي پاسي هڪ ڊگھي ديوار نظر آئي مون پڇيو ته هي ڇاجي ايڏي ڊگھي ديوار آهي؟ ڊرائيور ٻڌايو ته هيءُ بلوچستان جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن جي ڪالوني ۽ آفيس آهي. ڪالوني کي سرياب روڊ تي ٻه وڏا گيٽ هيا. جتي ايگريڪلچر ڪالوني ختم پئي ٿي، انکان ٿورو اڳتي سڄي پاسي ذوالفقار مگسي جو گھر هيو.
ايگريڪلچر ڪالونيءَ جي پھرئين گيٽ ۾ داخل ٿي چڱو پنڌ اڳتي وياسين ته ڪنڊ تي ٽي چار ماڻھو بيٺا هيا. اسان کي انھن اتي روڪيو ۽ پڇيو ته سيڪريٽري صاحب جا مھمان آهيو؟ ڊرائيور ٻڌاين ته ها. جتي روڊ سڄي پاسي مڙي پيو، انجي کٻي پاسي تي شروع وارو پھرين گھر جو گيٽ کولي اسان کي اندر وٺي ويا. اسان کي ڪمرا کولي ڏنائون ۽ پوءِ اتان هليا ويا. ٻه ڪمرا، ڪچن ۽ سامھون ڏکڻ طرف ڪجھه کليل ميدان هيو.
مون گھر جو جائزو ورتو ۽ الله سائين جو شڪر ادا ڪيو ته رهڻ لاءِ اجھو ملي ويو. گھر جون چاٻيون هٿ ڪري مان وڃي پنھنجي محبوبه کي چيو ته تياري ڪريو، الله سائين گھر ڏنو آهي. جيڪو سامان هيو گاڏي ۾ وجھي اسين سڀ ايگريڪلچر ڪالوني ڏانھن راهي ٿياسين. آگسٽ جو مھينو هيو، موسم سٺي هئي گرمي ڏينھن جو ٿورو گھڻي هئي، پر جيڪڏهن ماڻهو ڇانو ۾ ويٺو هوندو ته گرميءَ جو ڪوئي احساس ڪونه ٿيندو هيو. مھينو اڌ اتي رهي پوءِ ڳوٺ ڏانھن چڪر هڻي اچڻ جو ارادو ڪيو، ڇوته اڃان تائين رولز آف بزنس ۾ تبديلي جي لاءِ چيف سيڪريٽري ميٽنگ طلب ڪانه ڪئي هئي. تنھن ڪري ڪو خاص ڪم ڪونه هوندو هيو، باقي ڪڏهن ڪڏهن سيڪريٽري صاحب ڪجھه ڪيس ريفر ڪندو هيو. سيڪريٽري صاحب کي عرض ڪيو ته سائين هفتي جي لاءِ موڪل کپي. سيڪريٽري صاحب چيو ته ٻه ڏينھن بيھه پوءِ وڃ. ٻن ڏينھن کان پوءِ سيڪريٽري صاحب پاڻ گھرايو ۽ چيو ته تون هاڻي پنھنجي ڳوٺ وڃ، ۽ اها گاڏي انھي لائق ناهي جو ڊگھي سفر تي وڃي. جيئن ته تون فيملي سان ويندين تنھن ڪري مون ايگريڪلچر ايڪسٽينشن وارن کان تنھنجي لاءِ گاڏي گھرائي آهي، تون انھيءَ ۾ هليو وڃ. جيڪا گاڏي اڳ ۾ ڏني هئي سيڪريٽري صاحب سان واپس ڪري ٻي گاڏي ورتي ۽ گھر اچي ٻئي ڏينھن ڳوٺ وڃڻ جي تياري ڪئي.
عبدالاحد تارن ڪمشنر تربت جو ننڍو ڀاءُ هيو ۽ ڪوئيٽا ۾ انسپيڪٽر پوليس هيو. اهو مون سان ملڻ ايندو هيو ۽ ڪم ڪار وغيره جو پڇي ويندو هيو. جنھن ڏينھن مونکي ڳوٺ وڃڻو هيو، انکان هڪ ڏينھن اڳ آفيس آيو مون کيس چيو ته اڄ شام اچجانءِ ته ڪجھه ڊراءِ فروٽ وٺڻو آهي سو گڏ هلنداسين. خير اسان پاڻ ۾ پروگرام رکيو ته مغرب جي نماز وقت مان مارڪيٽ ۾ ايندس مقرر ڪيل جاءِ اچي بيھندس ۽ احد اچي اتي مون سان ملندو. رش ڏاڍي هئي انسپيڪٽر احد صاحب اڳ اچي اتي پھتو مان ٽريفڪ ۾ بيٺو هيس ته منھنجي بيٺل گاڏي کي رڪشه ڊرائيور پٺاڻ اچي رڪشه ٽڪرايو. پٺاڻ رڪشه مان لھي منھنجي گاڏي وٽ آيو ۽ چيائين ته ‘‘کوچا تم نے ہماری گاڑی کا ناک توڑ دیا تم تو بڑی گاڑی میں ہو، تم لوگوں کو کوئی احساس ہی نہیں اب آپ ہمیں اس کے پئسے دو۔’’ مون چيو ته خان صاحب گاڏي تو اچي پٺيان هنئي آهي، پئسه ته توکي ڏيڻ گھرجن. خان صاحب کي چيو ته چڱو هل ٿاڻي تي، پوءِ جيڪو انھن فيصلو ڪيو. ايتري ۾ احد تارن به اچي پھتو، مون هن کي ٻڌايو ته رڪشه خان صاحب پاڻ اچي هنيو آهي، هاڻي وري چوي ٿو ته خان صاحب جي گاڏي جو نڪ ڀڄي پيو آهي، انھيءَ جا پئسه ڏي. تارن صاحب هن سان پشتو ۾ ڪجھه ڳالھايو رڪشه ڊرائيور وري مون ڏانھن آيو. چوڻ لڳو ‘‘کوچا ہم کو معاف کردو واللہ آج کوئی پیسینجر نہیں ملا، بس اب ہم کو معاف کردو.’’ مون چيو ته لاڪا خير آهي. انسپيڪٽر صاحب ٻڌايو ته هتي اهو ڪم هيءُ رڪشه ڊرائيور ڄاڻي واڻي ڪندا آهن.، چيائين ته جيڪڏهن اڃان ٿورو وقت گذري ها ته پنج ست رڪشه ڊرائيور اچي تو وٽ گڏ ٿين ها، ۽ توکي مجبور ڪن ها ته ڪجھه نه ڪجھه رقم ڏئي انھن مان جان ڇڏائين ها. انھيءَ کان پوءِ احد تارن جي واقف دڪاندارن وٽ وياسين ۽ ٿورو گھڻو ڊراءِ فروٽ ورتوسين.
ٻئي ڏينھن صبح جو خير سان ڪوئيٽا کان روانو ٿيم، گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪئي. تقريباً ڪچڙي منجھند جو ڍاڍر ۽ سبي جو وچ تي هوٽل تي اچي چانھه وغيره پيتي ۽ ڪجھه ڄنگھن کي ڊگهو ڪري پيل کٽ تي پٽي کي سڌو ڪيو. چانھه وغيره پي وري اتان روانو ٿيم شام جي وقت اچي جيڪب آباد پھتم. مير انور رند اڳئي ماني تيار ڪرائي ڇڏي هئي، سو ٿوري دير کان پوءِ ماني ٽڪي کائي ڳوٺ ڏانھن وڃڻ جي تياري ڪئي. اٽڪل سان مير صاحب گاڏي جي چاٻي ورتي ته گاڏي کي ڪجھه هٽائي بيھارڻو آهي. گاڏي جي چاٻي وٺي پاڻ وٽ رکي چيائين ته هاڻي رات اتي رهو ۽ رستو صاف ناهي. خير مجبور ٿي اتي رات گذاري، صبح جو نيرن ڪري ڳوٺ ڏانھن نڪري پياسين. منجھند ڌاري وڃي ڳوٺ پھتاسين وڃي ابو ۽ امان جي پيرن تي هٿ رکي ملياسين. مونکي پاڻ وٽ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ دعائن جا دروازا کولي ڇڏيائون. هفتو ڳوٺ رهي واپس اچي آفيس پھتاسين.
1993ع جي جنرل اليڪشن ٿي وئي ۽ نواب ذوالفقار مگسي وزير اعليٰ بلوچستان چونڊجي آيو ۽ مرڪز ۾ شھيد راڻي وزير اعظم جي ڪرسي تي ٻيھر اچي ويٺي. بلوچستان اسيمبلي ۾ سٺ پنجھٺ ايم پي ايز هيا، جن مان تقريباً پنجونجاهه کن ڪيبنٽ ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرح سان ميمبر هوندا هيا. اپوزيشن ۾ تقريباً ست اٺ ميمبر هيا. ”گڏيل“ حڪومت هئي، جنهن ۾ شامل سڀ ڪا سياسي جماعت پاڻ کي وزير اعليٰ کان گھٽ ڪونه سمجھندي هئي. تنھنڪري حڪومتي وهنوار ڏانھن توجهه نه هجڻ جي برابر هوندو هو. هر پارٽي پاڻ کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل هوندي هئي.