وزيرِ اعظم ھائوس ۾ 6 سال
ٻنھي صوبن جا نمائنده هڪ ته جيڪي فنڊز پنھنجي علائقي جي اسڪيمن لاءِ وٺندا هيا اهي ته پنھنجي جاءِ تي، انھي کان علاوه ٻيون اسڪيمون. اهڙيءَ طرح سان ٻه يا چار ايم اين ايز ٺاهي کڻي وزيراعظم سان اچي ملندا هيا جنھن ۾ هو پنھنجي علائقي لاءِ ڪا وڏي اسڪيم منظور ڪرائيندا هيا. مثال طور ڪا وڏي پل جنھن تي اربين روپيه خرچ ايندو هيو، جيڪو نيشنل بجيٽ جي اينوئل ڊولپمينٽ پلان جو حصو ٿيندي هئي.
جيئن فرض ڪيو ته گھوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعي انھن لاءِ اهم آهي ته سنڌو درياء تي پل پوي. ته جيڪڏن انھن ٽنھي ضلعن جاايم اين ايز هڪ گڏيل درخواست کڻي اچي وزيراعظم سان ملن ته سائين هي اسڪيم توهان صرف ايندڙ بجيٽ ۾ منظور ڪرائي ڏيو. وزيراعظم جي لاءِ اهو ڏکيو ٿي پوندو ته انھن ٽنھي ضلعن جي نمائندن کي نه ڪري ۽ خوشيءَ سان ان اسڪيم جي لاءِ حڪم ڪندو ته اين ايڇ اي، منسٽري ڪميونيڪيشن ۽ پلاننگ ڊويزن کي ڊائريڪٽو جاري ڪيو. مون ڏٺو خاص ڪري پنجاب جا ايم اين ايز اهڙي قسم جون اسڪيمون ڪرائڻ لاءِ بجيٽ کان ست اٺ مھينا اڳ کڻي ايندا هيا ۽ پنھنجون سڀ اسڪيمون ايندڙ قومي بجيٽ لاءِ منظور ڪرائي ويندا هيا.
انھيءَ جي مقابلي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا عوامي نمائنده ڪڏهن به ڪا گڏيل مفاد واري اسڪيم کڻي ڪونه ايندا هيا. جيڪي اسڪيمون کڻي ايندا هيا، انھن ۾ اڌ کان گھٽ گئس ۽ بجلي جون اسڪيمون ۽ اڌ کان وڌيڪ رقم واريون اسڪيمون اهي هونديون هيون جن ۾ ننڍا ننڍا رستا، ڊرينيج، بلڊنگ جي رپيئر وغيره وغيره. اڌ کان گھٽ گيئس ۽ بجلي جون اسڪيمون انھيءَ ڪري جو اهي ايم اين ايز جي ماڻھن کي ٺيڪا وغيره ملي ڪونه سگھندا هيا، ڇوته اهي بلڪل ٽيڪنيڪل هونديون هيون ٻيو ته انھن اسڪيمن مان عوام جي نمائندن کي ڪوئي فائدو ڪونه ٿيندو هيو، سواءِ انھن ڳوٺاڻن جي خوش ۽ راضي ٿيڻ جي. رستا روڊ، ڊرينيج ۽ ٻيون اهڙيون اسڪيمون اڪثر ڪري ٺيڪيدار انھن جا ويجھا عزيز يا پنھنجا قريبي ماڻھو هوندا هيا، جيڪي انھن جي لاءِ ڪم ڪندا هيا. سنڌ جا نمائنده خاص ڪري اهي اسڪيمون پنھنجي ضلعي جي ورڪس ڊپارٽمينٽ لاءِ تجويز ڪندا هيا، ٿورا سنڌي نمائنده پي ڊبليو ڊي جي معرفت ڪرائيندا هيا، باقي ايم ڪيو ايم جا نمائنده گھڻيون اسڪيمون پي ڊبليو ڊي جي معرفت ڪرائيندا هيا. پنجاب جا نمائنده گھڻو زور گيئس ۽ بجلي تي ڏيندا هيا ۽ ٿوريون اسڪيمون پي ڊبليو ڊي جي معرفت ڪرائيندا هيا. سنڌ جا هڪ ٻه اهڙا نمائنده هيا، جن سڄيون اسڪيمون گئس ۽ بجلي جون ڏنيون.
ڪيترا دفعا ايئن به ٿيو جو ڪنھن سنڌ جي نمائندي پي ڊبليو ڊي ڏانھن اسڪيم تجويز ڪئي، جيڪڏهن پي ڊبليو ڊي جو انجنيئر انھن جي خيال مطابق ڪونه هلندو هيو ته وزيراعظم سان ملي انھي اسڪيم کي پنھنجي ضلعي جي ورڪس ڊپارٽميٽ لاءِ ٽرانسفر ڪرائي ايندا هيا، جنھن ڪري هڪ ڊگھو طريقيڪار ڪبو هيو جنھن ۾ ٻه ٽي مھينا ضلعي تائين فنڊز جي پھچڻ ۾ لڳي ويندا هيا پر ضلعي وارا ڪم اڪلائڻ جا وڏا ماهر هوندا هيا، فنڊز پھتا ناهن پراگريس شروع ٿي ويندي هئي. جيئن چوندا آهن ته ”مٽيارن جو موت ويندي جي وير“.
ترقياقي ڪم ايئن پورو ڪري وٺندا هيا، جيئن ٿر ۾ مئل ڍور ڳجھن جي ور چڙهي وڃي.
هڪ دفعي ڊي جي شيخ صاحب پي ڊبليو ڊي جوهيو نالو هينئر ياد نٿو اچي. ڳالھين ڳالھين ۾ مون پڇيو ته شيخ صاحب اهو ڇاجي ڪري تنھنجي پراگريس پنجاب ۽ ڪراچي ريجن جي بھتر اچي ٿي باقي ڪراچي کي ڇڏي سنڌ جي پراگريس نه هئڻ جي برابر آهي. چيائين ته ڳالھه توکي ٻڌايان؟ مون چيو ته ها ٻڌاءِ، چيائين ته پنجاب ۽ ڪراچي جاعوامي نمائنده اسان جي انجنيئر کي چوندا آهن ته اسان کي ڏهه سيڪڙو ڏيو؟ باقي اسڪيم توهان بروقت ۽ ڪم ۾ ڪابه رعايت ڪانه ٿيندي. انھي جي برعڪس اسان جا گھڻا سنڌي نمائنده انجنيئر کي چوندا آهن ته 30 سيڪڙو ڏي ۽ ٺيڪيدار به اسان جي مرضي جو هوندو ۽ انھي کي ايڊوانس به ڏي. انھي ڪري اسان کي سنڌ ۾ مسئلا پيش اچن ٿا. وڌيڪ ٻڌايائين ته هڪ ايم اين اي هڪڙي انجنيئر جي بدلي ڪرائي پنھنجي علائقي ۾ وٺي ويو. ايم اين اي صاحب مٿان اسڪيمون منظور ڪرائي جڏهن فنڊز ٽرانسفر ٿي پھتا ته انجنيئر صاحب کي چيائين ته 30 سيڪڙو ڏي يا فنڊز واپس ٿو ڪرائي، ضلعي حڪومت کان ڪرايان. انجنيئر چيس ته سائين ٻيا سڀ ڏهه پرسينٽ ٿا وٺن توهان به ڏهه وٺو. آخرڪار ڏهه سيڪڙو تي معاملو ٺھيو پر ٺيڪيدار ايم اين اي جي مرضي وارو هوندو، انجنيئر صاحب ها ڪئي. جڏهن ٺيڪو نمائندي جي ماڻھو کي ملي ويو ته ٺيڪيدار ڪم شروع ڪونه پيو ڪري، جڏهن انجنيئر ان تي زور وڌو ته ٺيڪيدار نمائندي سان گڏ انجنيئر جي آفيس پھتو ۽ چيائيس ته صاحب تون پنھنجو ماڻھو آهين، تنھنڪري تون ٺيڪيدار کي گھٽ ۾ گھٽ پنجاهه پرسينٽ ايڊوانس ڏي ته هي ڪم شروع ڪري. انجنيئر چيس ته سائين هي ننڍيون ننڍيون اسڪيمون آهن، انھن تي موبلائزيشن ايڊوانس ڪونه ڏبو آهي. آخر عوامي نمائندي جي گارنٽي تي انجنيئر بي وقوفي ڪري ٽيھه چاليھه سيڪڙو ايڊوانس ڏنو. ٺيڪيدار وري به ڪم تي ڪونه آيو. مشڪل سان ٺيڪيدار هٿ ڪيائين ٺيڪيدار پيو ڪم کان گسائي. جڏهن ٺيڪيدار تي انجنيئر گھڻو زور رکيو ته چيائين ته سائين صاحب پئسه ڏئي ته مان ڪم ڪيان. انجنيئر چيس ته توکي جو ايڊوانس ۾ پئسه ڏنا اهي ڪاڏي ويا. ٺيڪيدار چيو ته سائين اهي ته سڀ پئسه رئيس کڻي ويو، مون وٽ ته ٽڪو ڪونھي. نه وري رئيس پئسه ڏيندو. انجنيئر اچي پريشان ته هاڻي ڇا ٿيندو. نمائندي سان فون تي رابطو ڪري ته سيڪريٽري ايم اين اي جو چويس ته ڀوتار هينئر ميٽنگ ۾ آهي، ڪڏهن ڪاٿي ته ڪڏهن ڪاٿي. آخرڪار انجنيئر اتان اسلام آباد اچي رئيس سان اچي مليو، چيائين ته سائين توهان وارو ٺيڪيدار ڪم شروع نٿو ڪري، مھرباني ڪري توهان چئوس ته ڪم ڪري. رئيس تي جڏهن زور ڀريو ته انجنيئر کي چيائين ته هڪ ته اسان توهانجي بدلي ڪرائي هاڻي ڪم ڪرائڻ اسانجي ذميواري نه آهي وڃ ۽ پنھنجو ڪم ڪر، انجنيئر ته پريشان ٿيو ته اسي نوي لک روپيه ايڊوانس ڏنو هاڻي ڇا ٿئي؟ جڏهن انجنيئر وڌيڪ ڪجھه چيو ته نمائندي صاحب چيو ته تو منھنجو استحقاق مجروع ڪيو آهي ۽ مان سڀاڻي تنھنجي خلاف اسيمبلي ۾ تحريڪ استحقاق جمع ٿو ڪرايان. انجنيئر صاحب زندهه لاش ٿي واپس موٽيو ۽ ٺيڪو ختم ڪري ٻئي ٺيڪيدار کي ڏنو پوءِ ڪيئن انجنيئر انھي ڪم کي پورو ڪرايو ۽ ڪھڙي طريقي سان ٺيڪيدار جي نالي سان ڪجھه پنھنجي ۽ ڪجھه ٺيڪيدار جي کيسي تي وزن وجھي سرڪاري پئسه پورا ڪيا. مون طريقي سان شيخ صاحب کان پڇڻ چاهيو ته انھي انجينئر يا نمائندي جو نالو ٻڌائي پر نالي کڻڻ کان لنوائي ويو پوءمون وڌيڪ زور ڪونه ڀريو.
سنڌ مان ڪافي اهڙيون اسڪيمون جن جا عوامي نمائنده اسٽيميٽ ٺھرائي کڻي ايندا هيا، اهي هڪئي وقت صوبائي ترقياتي بجيٽ يا ضلعي جي بجيٽ سان منظور ٿيل هونديون هيون. جيئن ته وزيراعظم جي آفيس کي فيلڊ آفيسن جي موڪليل رپورٽس تي اعتبار ڪرڻو پوندو هيو، تنھن ڪري اسان اهڙين اسڪيمن جي خلاف ڪجھه ڪرڻ جي مجاز ڪونه هياسين. ليڪن ڪڏهن ڪڏهن اخبار ۾ ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان اهي خبرون هلنديون هيون ته فلاڻي ضلعي جي فلاڻي ترقياتي اسڪيم تي هڪئي وقت مختلف ذريعن کان آيل رقم هڪڙي اسڪيم جي نالي خرچ ٿي ويا. بھرحال اهو منھنجو ڪم ناهي، نڪو مون وٽ ڪو رڪارڊ آهي ته اهي ڪھڙيون اسڪيمون آهن جن جي مٿان مختلف ذريعن کان آيل رقم خرچ ٿي.
سنڌ ۽ پنجاب جا ڪجھه عوامي نمائنده ممنوع بور جي لائسنس لاءِ هر وقت ڪوشان هوندا هيا. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جا نمائنده وٺندا هيا، پر گھٽ وٺندا هيا.
جولاءِ 2009ع ۾ مان ۽ منھنجو پٽ محمد شعيب عمري جي ادائگي لاءِ حرمين شريف وياسين. موٽي آياسين ته منھنجو پروموشن ٿي چڪو هيو. مونکي جيڪا خبر ڪنھن دوست جي معرفت پئي ته منھنجي پروموشن لاءِ مرحومه فوزيه وهاب ايم اين اي هاءِ پاور بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ ڪافي ڪردار ادا ڪيو. مرحومه اسيمبلي جي اجلاس ۾ ملندي هئي پر ڪڏهن به مونکي ڪونه ٻڌايائين يا احساس ڏياريائين ته ڪو مان تنھنجي پروموشن لاءِ اسٽينڊ ورتو. مون هڪ دفعي مرحومه کي اسيمبلي جي لابيءَ ۾ چيو ته ميڊم توهان جي مھرباني. مونکي جواب ۾ ميڊم چيو ته اهو تنھنجو حق هيو، مان ڪوئي توتي احسان ڪونه ڪيو آهي. باقي جيئن ته مان توکي سڃاڻان ٿي پر جيڪڏهن مان نه به سڃاڻان ها تڏهن به سنڌ جي نسبت سان مان ضرور پنھنجو ڪردار ادا ڪيان ها. جڏهن مونکي چيائين ته جيڪڏهن توکي نه به سڃاڻان ها ته به سنڌ جي ناطي سان مان ڪوشش ڪيان ها. ان جملي چوڻ سان ميڊم لاءِ منھنجي دل ۾ اڃان به وڌيڪ عزت ۽ احترام ٿي ويو. مون ميڊم فوزيه وهاب کي هميشه مسڪراهٽ ۽ شفقت واري ماحول ۾ ڏٺو. جنھن سان به ڳالھائيندي ته عزت واري انداز ۾ ڳالھائيندي هئي. الله مرحومه جا درجا بلند ڪري.
ايڪويھين گريڊ ۾ پروموشن ته ٿي ويو، هاڻي جيستائين ايڪچوئلائيز ٿئي، تيستائين توهانجو پروموشن تصور ڪونه ٿيندو. پرنسپل سيڪريٽري کي چيوسين ته سائين ڪو اسانجي پوسٽ جو بندوبست ڪيو. جواب مليو ته ڪنھن منسٽري مان پنھنجي لاءِ عرض نامو وٺي اچ. مرحوم ميرهزار خان بجاراڻي کي عرض ڪيو ته سائين پروموشن ته ٿي ويو آهي پر پوسٽنگ لاءِ ڪا منسٽري خط لکي ته ڪا پوسٽنگ ٿئي. مير صاحب کلي چيو ته ڄامڙا صاحب مان لکي ٿو ڏيان ۽ مونکي تنھنجي ضرورت آهي.
جنرل مشرف اهو اڻ لکيل حڪم جاري ڪيو هيو ته منسٽري ۾ سينيئر پوسٽ لاءِ وزير جو خط ضروري آهي. انھي طريقيڪار تي عوامي حڪومت به عمل پئي ڪري. مان جڏهن مرحوم ميرهزار خان بجاراڻي کان خط وٺي آيس ته جواب مليو ته ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري خط لکي. سيڪريٽري تعليم ان وقت چوڌري عبدالرئوف هيو، مير صاحب سيڪريٽري تعليم کي چيو ته ڄامڙو صاحب لاءِ اسٽيب کي خط لک. چوڌري صاحب انھي تي آماده ڪونه پيوٿئي، ڇو ته ايڊيشنل سيڪريٽري چوڌري صاحب جو بيچ ميٽ هيو. ٻه ٽي ڏينھن گذري ويا ته مان وري اسيمبلي هال جي لابي ۾ مير صاحب کي ياد ڏياريو. مير صاحب تمام شريف الفس انسان ۽ ٿڌي طبيعت جو مالڪ هوندو هيو. مونکي چيائين ته تون فڪر نه ڪر، مان خط موڪلرايان ٿو. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ سيڪريٽري صاحب اسٽيب کي خط لکي منھنجي پوسٽنگ لاءِ گھر ڪئي. انھي کان پوءِ منھنجي جولاءِ جي آخر ۾ منسٽري آف ايجوڪيشن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري پوسٽنگ ٿي. منھنجي پوسٽنگ جي ڪري منسٽري آف ايجوڪيشن جي هيرارڪي ۾ خلل پئجي ويو. ڇو ته منھنجي پوسٽنگ کان اڳ سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن ٽئي هڪئي بيچ جا هيا. جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن کي ڊائريڪٽر جنرل فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي چارج به هئي. سيڪريٽري ايجوڪيشن ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن هڪئي ڳوٺ جا هيا، يعني ٻئي ساهيوال شھر جا هيا. تنھن ڪري ايجوڪيشن منسٽري جا بي تاج بادشاهه هيا، جنھن ڪري هو نه پياچاهن ته منسٽر صاحب جو ڪو حمايتي هتي پوسٽ ٿئي. مير صاحب جي به ڪوشش هئي ته ڪيئن به ڪري پنھنجي اعتماد وارو ماڻھو اتي اچي، سو منھنجي مرحوم مير صاحب سان اڳ ۾ سڃاڻپ هئي پر انھي کان وڌيڪ مان مير صاحب جي فرزند جي هيٺان ڪم به ڪيو هيو، تنھنڪري مونتي ڀروسو ڪري پي سگھيو. 2003ع ۾ مان جڏهن ڊي سي او جيڪب آباد هيم ته انوقت ضلعي ناظم مرحوم ميرهزار خان جو فرزند مير شبير خان بجاراڻي صاحب هيو. .