آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

منهنجي طرفان..

پنهنجي دلبر دوست سائين جمن ڄامڙو صاحب جي خود نوشت سوانح حيات ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ جو ڊرافٽ منهنجي هٿن ۾ آهي.
ڪتاب پڙهي مونکي ڀلي ڀت اهو اندازو ٿيو ته جهد مسلسل ۽ جمن ڄامڙو هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن. هاڻي جمن سائين عمر ۾ ايڏو به سينيئر ڪونهي، جو آئون اها لٻاڙ هڻان ته ننڍي لاڪر سندس نالو ٻڌندو پيو اچان، پر جڏهن آئون انهيءَ قابل ٿيس ته سي ايس ايس ڪرڻ جو سانباهو ڪيان، ان وقت جيڪا آئيڊيل شخصيت منهنجي اڳيان هئي ۽ جنهن جا سنڌ جي ڪامورڪي دنيا ۾ گُڻ ڳائبا هيا ۽ مثال ڏبا هيا، ان ۾ جمن سائين سر فهرست هوندو هيو.
اها به هڪ عجيب ڳالھه آهي ته اڄ کان پنج اٺ سال اڳ مون سندس فوٽو به نه ڏٺو هيو. منهنجي نظر ۾ هو ڪو گسٽاپو اسٽائيل جثي ۽ غصي وارو ماڻهو هوندو، پر فوٽو ڏسي چوڏنهن طبق روشن ٿي ويا، هتي ته جمن ’جيم‘ کان خالي من ئي من لڳو پيو هيو.
پوءِ ائين ٿيو ته جمن سائين سان رتيءَ واري رهاڻ به ٿي. سنڌ ويزن جي گوراڻو ڊيم اشو تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ساڻس گڏ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جو موقعو مليو... مونکي ته پهرين نظر ۾ ئي وڻي ويو، حالانڪ سائين جي سائيز واري سونهاري رکندڙ ماڻهن سان منهنجي مڙيئي گهٽ لڳي، پر هتي ته اسانجو جمن سائين هو، جنهن کي اسان سڀ پيار سان ’J.J Saien‘ به چوندا آهيون.
انڊس هوٽل حيدرآباد جي لابي ۾ منهنجي جيئن ئي مٿس نظر پئي ته فوراً اهو لاڏو ياد اچي ويو ’مون ته هلڻ سڃاتو منهنجو راڻو آيو‘ مون امالڪ ڏانهس ڊيهڙ ڪئي، ۽ هن به رسندي ئي ائين ٻک وڌو جيئن کيس ڪنهن جون پاسراٽيون ڀڃڻ جو موقعو الاهي ڏينهن بعد مليو هجي. اهڙو زوردار ٻک ته ’چيانگ مائي‘ ٿائلينڊ ٻڌ ڀڪشو به نه وڌو هيو، جنهن کان آئون روائتي ٻڌ مت مساج ڪرائڻ ويو هيس.
پوري پني قد، ڳوڙهي ڪسرتي هانٺي، اندر ۾ گهر ڪرڻ وارين سٻاجهڙين اکين ۽ سلوڻي سنڌي مهانڊي وارو جمن جادوگر آهي، جهٽ ۾ پراين کي پنهنجو ڪندڙ هيءُ ماڻهو جتي اسان دوستن جي گلدستي جو جگر جان آهي، اتي سندس زندگي جي اڻ ٿڪ جدوجهد اسانجي نئين ٽهي لاءِ يقينن اتساهه جو مثال آهي.
حليم بروهيءَ جي ڪردار عثمان حجم جي روزي رکڻ واري غلطي جيئان منهنجو جمن سائين جي جانٺي اڙيءَ ۾ اچڻ ۽ هيءُ ٻه لفظ لکڻ واري ’ها‘ به حادثاتي ليکجي. ٿيو هيئن جو سائين پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر“ جي تعارفي پوسٽ فوٽو سميت ڏني ته يار کي همٿائڻ لاءِ ڪتاب پڙهڻ کان سواءِ تعريف شروع ڪري ڏنم، بلڪ هڪڙي وائڙي لاپڙي به هڻي ڪڍي مانس ته سائين ڪتابڙي تي ٻه تعريفي لفظ مون کان به لکرايو ها، بس منهنجو ايترو چوڻ هيو ته سائين جي عمودي والي ٺڪ ٽڪڻ تي لڳي، ۽ حڪم صادر فرمايائين ته منهنجي پروف ريڊنگ ۾ پيل ڪتاب تي ٻه لفظ اوهان جا به هوندا. منهنجا ته سندس لفظ ٻڌندي ئي تاڪ لڳي ويا. تر جي گٿي سئو چوٽون کائي وارو پهاڪو به ياد اچي ويو، سو فوراً هيٺانهين ۽ نهٺائي تي اچي کيس عرض ڪيم ته ڪعبه و قبلا آئون مذاق پيو ڪريان، مان ان قسم جو ماڻهو ناهيان، ادب آداب سان پري جو تعلق به ڪونهي، بلڪه بي ادب به آهيان، انڪري مهت مڪتي ملي پر سائين اڳيان به جمن هيو، انڪار جا ٻه لفظ ڳالهائي ڪال بند پئي ڪيائين ته رڙ ڪري چيومانس ته درويش ڪتاب پڙهڻ کان سواءِ تبصرو ڪهڙو ڪندس؟ ته فوراً چيائين ته اهي جو مون فيس بڪ تي قسط وار پوسٽون ڏنيون، ڪونه پڙهيون هُيَئي ڇا!! ٺاهي جوڙي ڪوڙ هڻندي چيومانس نڪو، ڪونه پڙهيون آهن... ٺهه ڦهه چيائين ته نه پڙهيون اٿئي ته پٽ ڪارو آن، بلڪه گهوڙو ڪارو آن، جيستائين کيس اهو چوان ته هتي ڪاروڪاري ڪٿان آئي، تيسيائين گڙپ ڪري سندس ڪتاب جي PDF اي-ميل آئي ۽ پوءِ ڏيئن ۾ روشني نه رهي.
سائين جو زير حواله ۽ زير مطالعه ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ سندس آتم ڪٿا(Autobiography) يعني خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن جي تجربن جو نچوڙ آهي. مونکي اها خبر بلڪل به ڪونهي ته آتم ڪٿا جي ادب ۾ ڇا حيثيت آهي؟ پر ايترو چئي سگهان ٿو ته بيسٽ سيلرز ڪتابن جي ڪيٽيگريز ۾ اچڻ باوجود ادب ۾ تاريخي، تحقيقي، سائنسي، فڪشن يعني ناول نگاري ۽ ڪهاڻي نويسي توڻي شاعري جي مقابلي ۾ هن صنف جي حيثيت گهٽ ئي هوندي.
ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻهو جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنهن سنڌ جي ٺپ ٻهراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاهه گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم به حاصل ڪيائين ته ننڍڙيون نوڪريون به ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو. سرڪاري نوڪري جي دنيا ۾ سويلين 22هون گريڊ، فوج جي ليفٽيننٽ جنرل جي برابر هوندو آهي. يعني جمن سائين سپاهيءَ جي نوڪري کان شروعات ڪري سويلين جرنيلي تائين پهتو، بغير ڪنهن سفارش يا مضبوط فيملي گرائونڊ هوندي به...
آتم ڪٿا ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ پڙهي اسانجن نوجوانن ۾ اهو اتساهه اوس پيدا ٿيندو ته هو به همت ڪري قدم اڳتي وڌائين. دراصل آتم ڪٿائون لکيون ئي انڪري وينديون آهن ته انهن کي پڙهي اسان ڪجهه پرايون. سنڌ جي مها ڏاهي علامه آءِ آءِ قاضي جن پنهنجي هڪ خطاب ۾ چيو هيو ته: ”اسان ٻيو ڪجهه نه به ڪريون، ڇڙو پنهنجون خودنوشت سوانح عمريون لکي پنهنجي زندگيءَ ۾ پيش آيل ڏکيائين ۽ انهن کي منهن ڏيندڙ داستان بيان ڪيون، تڏهن به اسان نئين نسل لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري وينداسين ۽ نئون نسل پنهنجن سينيئرز جي تجربن مان سبق حاصل ڪندو ۽ منزلون ماڻيندو.“
اسان وٽ ڪافي آتم ڪٿائون لکيون ويون آهن، مناسب ٿيندو ته انهن جو ڪجهه مختصر ذڪر ڪجي. دراصل آتم ڪهاڻين لکڻ جو رواج الاهي پراڻو آهي. سنڌي ادب ٻين صنفن سان گڏ آتم ڪهاڻين سان به مالامال آهي. ڏٺو وڃي ته سفرناما ۽ مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪا به دراصل آتم ڪٿائن جو حصو آهن، جيڪي هڪ مخصوص دور جو داستان بيان ڪندا آهن. آتم ڪٿائن لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان لکيون وڃن ته جيئن مستقبل جي پڙهندڙ کي مصنف جي زندگي جي احوال سان گڏ انهيءَ دور جي تاريخ ۽ تهذيب کان به آگاهي حاصل ٿئي، ۽ انهيءَ شخصيت کان گهٽ ۾ گهٽ سٺ ساله تاريخ، رهڻي ڪهڻي ۽ اٿي ويٺي جي ڄاڻ به حاصل ٿئي، نه ته آتم ڪٿا ڏند ڪٿا ٿي وڃي ٿي.
هن آتم ڪٿا ذريعي مصنف وک وک تي نوجوانن کي اها تلقين ڪندي ملي ٿو ته پنهنجين سرگرمين جو محور تعليم کي بڻايو ڇو ته هي دور مقابلي ۽`Survival of Fittest` جو آهي. انڪري ڪاهل، سست، گيدي ۽ جڏا ٿيئو ته ڪلهه مري ويئو. هو سنڌ جي نوجوانن کي سنڌ جي جهجهن وسيلن ۽ موقعن مان ڀرپور فائدو وٺڻ جو ورجاءُ به ڪري ٿو.
سنڌين کي گهر جي ڪڪڙ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ سندن اهو مشورو ته وڏن شهرن جي وڏن ادارن ۾ پڙهو ته جيئن مرڪزي ليول تي پنجابي، پٺاڻن کان پنهنجي حصي جون نوڪريون ڇنيو، دل سان ٿو لڳي.
ڇو ته ليکڪ جي پڙهائي، سينيئر پوزيشن تي پهچي پوسٽنگز ۽ هاڻي گهر به اسلام آباد ۾ آهي، انڪري کيس ’اصلي تي وڊن ڀائرن‘ سان ڊيل ڪرڻ جو فن ۽ ڏانءُ به جام اٿس، جنهن جو برملا اظهار به ڪري ٿو.
مونکي آتم ڪٿا جو موضوع بنهه نه آئڙيو. هڪ ته موضوع ۾ سيڪريٽري ۽ وفاقي سيڪريٽري واري مونجهه آهي، ٻيو ته ٽائيٽل ۾ ڪا رومانويت ڪونهي. ٽائيٽل مان خودنمائي جو عنصر به نڪري ٿو. منهنجي نظر ۾ ان قسم جا ٽائيٽل سفرنامن ۾ ته صحيح آهن، پر سوانح حياتين ۾ چُڀن ٿا.
ٻي ڳالهه ته هيءُ ڪتاب سائين محمد جمن ڄامڙو جي فيس بڪ تي لکيل قسط وار پوسٽن تي مشتمل آهي، ان ڪري ان کي ان ئي سيٽنگ ۾ رکيو ويو آهي. ٿيڻ ائين گهرجي ها ته انهن لکڻين کي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ کان پوءِ Piece Meal کي ختم ڪري انکي وڏن موضوعن جي شڪل ۾ تسلسل ڏنو وڃي ها.
”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ ڪتاب جي لکت جو انداز ڇوته عام فهم ۽ عوامي آهي ۽ ان ۾ مامرا به اهي ڊسڪس ٿيل آهن، جيڪي روزمره جي زندگي ۾ فيس ڪبا آهن، انڪري پڙهندڙن کي هيءُ ڪتاب يقيناً نه صرف وڻندو، بلڪه هڪ دفعو شروع ڪرڻ کان پوءِ پڄاڻي تائين ضرور پهچائيندو.

خير انديش
شمس الدين زنئور
اڳوڻو سول سروسز آفيسر