سنڌي نوجوانن ۾ شارٽ ڪٽ جي سوچ!
چوڻ جو مطلب ته ماڻھو هميشه جڏهن پاڻ کان مٿي واري ڏانھن ڏسندو آهي ته هو پاڻ کي حقير سمجھڻ شروع ڪري ڏيندو آهي ۽ رب ڪائنات جي ڏنل نعمت جي ناشڪري ڪندو آهي. الله جي نعمتن جي ناشڪري ڪري انجي هر شئي مان برڪت نڪري ويندي آهي، پوءِ باوجود سڀ ڪجھه هجڻ جي، دل انجي هميشه سست ۽ ختم ٿيڻ جي خوف ۾ مبتلا رهندي آهي.
انجي برعڪس جيڪا اسلامي تعليم آهي ته هميشه پاڻ کان گھٽ حيثيت واري ڏانھن نظر رکو. هتي گھٽ حيثيت مان مراد گھٽ عھدو ۽ ٻيون دنياوي شين جي قلت وغيره، نه ته ٻئي کي پاڻ کان گھٽ يا حقير سمجھڻ، پاڻ کي سڀ کان معتبر سمجهڻ تڪبر جي نشاني آهي جيڪا رب ڪائنات کي پسند ناهي. اهو هڪ شيطاني عمل ٿي پوندو. جڏهن ماڻھو پاڻ کان گھٽ اسباب واري ڏانھن متوجھه ٿيندو ته هڪدم ان جي دل ۾الله سائين جي ڏنل نعمتن جو شڪر گذار ٿي رهندو. جڏهن ماڻهون الله سائين جي ڏنل نعمتن تي شڪر ڪندو آهي ته رب ڪائنات انھن مليل نعمتن ۾ برڪت وجھندو آهي، ۽ ماڻھو جي دل ڪشاده ۽ مطمئن واري زندگي نصيب ٿيندي آهي.
الله سائين جو حڪم آهي ته پنھنجي لاءِ جدوجھد ڪريو. هاڻي اِهو اسان تي ڇڏيل آهي ته اسين ڪيتري جدوجھد ڪريون ٿا. جدوجھد جو مطلب آهي ته اسان کي جيڪي به ڏکيا مرحلا اچڻا آهن، انھن مان لنگھي پار پوڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ. هر ماڻھو کي ڏکيائي کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ مختلف طاقت ڏني وئي آهي. الله جي ذات جو فرمان آهي ته مان هر ماڻھو تي اوترو وزن رکندو آهيان، جيتري ان ۾ ان وزن کڻڻ جي طاقت هوندي آهي. اسان سنڌ جي عام ماڻھن جي اها عادت ٿي وئي آهي ته جيڪو ٻين کي مليل آهي اهو اسان کي به ملڻ گھرجي. ملڻ جي خواهش جو هجڻ تمام سٺي شئي آهي پر جنھن طريقي سان انھي کي حاصل ڪرڻ لاءِ انھن محنت ڪئي هوندي آهي، انھيءَ کان اسين لنوائڻ ۽ مشقت نه ڪرڻ کان بغير حصول لاءِ پيا ڪوششون ڪندا آهيون. جنھن جي ڪري اسين مقابلي جي ميدان کان ٻاهر ويھي صرف سڌون ڪندا ۽ پاڻ سان زيادتي ٿي وڃڻ جون پيا ڳالھيون ڪندا رهندا آهيون.
منھنجو گذريل سروس جو مرڪز ۾ جيڪو تجربو ٿيو آهي، انھيءَ بنياد تي مان ڳالھه کي اڳتي وڌائيندي لکندو هلان ته انھي پوري عرصي ۾ تقريباً ٻه ٽي هزار اهڙا نوجوان آيا، جن کي روزگار جي تلاش هوندي هئي. مون انھن ۾ جدوجھد جو وڏو فقدان ڏٺو. هزار ۾ ٻه ٽي اهڙا نوجوان هيا، جن جي همت کي ڏسي خوشي ٿيندي هئي، باقي سڀ همراهه جيڪڏهن انھن کي ڪو صلاح ۽ مشورو ڏبو هوته ڀاءُ هيءُ هيءُ ڳالھيون ڪيو ته هڪدم انھن نوجوانن کي بخار چڙهي ويندو هيو. انھيءَ مشوري کي پنھنجي لاءِ عيب ۽بيعزتي سمجھندا هيا ۽ چئي ڏيندا هيا ته سائين جيڪڏهن اهو اسان کي ڪرڻو آهي ته پوءِ توهان ڏانھن ڇاجي لاءِ ايڏا ڪشالا ڪري آيا آهيون. جڏهن مان انھن کان غلطي سان اهو پڇندو هيس ته ڀاءُ تنھنجي تعليم ڇا آهي؟ ته وڏي فخر سان چوندو هيو ته ايم اي فرسٽ ڪلاس يعني اي گريڊ. عموماً مان جڏهن انھن کان پڇندو هيم ته ايم اي ۾ سبجيڪٽ ڪھڙا هيا؟ ته هڪدم چوندا هيا ته سائين ٻه سال اڳ ۾ پاس ڪئي آهي، تنھنڪري سبجيڪٽ ياد ناهن. جڏهن وري مان چوندو هيم ته ڀاءُ مان تقريباً چاليھه سال اڳ ايم اي ڪئي آهي، مونکي اڄ تائين به پنھنجي پاس ڪيل سبجيڪٽ جي نالن جي خبر آهي. چوندا هياته سائين توهان وٽ نوڪري وٺرائي ڏيڻ لاءِ آيا آهيون، توهان وري انٽرويو ٿا وٺو. مان چوندو هيم ته منھنجا مٺا جيڪڏهن مان توکي ڪنھن ڏانھن موڪليان ۽ مان انکي چوان ته ڀائو مھرباني ڪر هي ڇوڪرو موڪليان ٿو، ايم اي پاس آهي. جيڪڏهن هوتوکان اتي پڇي ته ڪھڙي سبجيڪٽ ۾ ايم اي پاس ڪئي اٿئي ته ضرور تو کان ان سجيڪٽ متعلق سوال ڪندو. هڪدم چوندا ته سائين اسان غريب آهيون توهان وري اميرن واريون ڳالھيون ٿا ڪيو. مان چوندو هيم ته منھنجا ڀائڙا غريب هجڻ ڪو مھڻو ناهي، تنھنجي والدين پاڻ کي ڏکيو بکيو رکي توکي سٺا لٽا ڪپڙا وٺي ڏنا، سبجيڪٽ جي ڪتاب وٺڻ لاءِ پئسه خرچ ڪيا، توهان کي ڪاليج وڃڻ لاءِ سواري جو بندوبست ڪري ڏنو. هاڻي صرف توهان کي محنت ڪرڻ گھربي هئي، جيڪا توهان ڪانه ڪئي. انھيءَ ۾ غريب هجڻ جو ڪھڙو بھانو آهي. هڪدم اھي ايئن چوڻ ۾ دير ڪانه ڪندا هيا ته سائين اسان کي خبر آهي ته توهان سنڌي آفيسر اسان جي مدد ڪرڻ ڪونه چاهيندا آهيو. اسان سان گڏ فلاڻي جو پٽ پڙهندو هيو، ان کي ته ڪجھه به ڪونه ايندو هيو، تڏهن به هو سنڌ ۾ آفيسر ٿي ويو ۽ توهان رڳو اسان کي ٿا چئو ته محنت ڪيو وغيره. اھي ڪھڙي محنت ڪري آفيسر ٿيا؟ سائين اسان غريب آهيون، نه ته اسين به آفيسر هجون ها. جڏهن مان انھن کان پڇندو هيم ته ڪھڙي ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر آهن؟ ته چوندا کوڙ سائين! توهان هلو سنڌ ۾ ڪيترائي ٽائون آفيسر ۽ ٻيا آفيسر لڳا پيا آهن. مان پنھنجو مٿو پڪڙي ويھي رهندو هيس ته اسان تباهي جي رستي تي ڪيترو اڳتي هليا ويا آهيون. جڏهن مان انھن کي چوندو هيم ته ڀاءُ اِهو سنڌ ۾ ته ٿي سگھي ٿو پر هي مرڪز آهي، هتي اڳئي اسان سنڌ وارن تي گھڻيون اهڙيون ڳالھيون ڪندا رهندا آهن ته سنڌي نااھل ۽ نالائق آهن، مٿان توهان محنت ڪرڻ پنھنجي لاءِ عيب ٿا سمجھو ۽ رڙين ۽ دانهن مان ڪجھه ڪونه ورندو، جيستائين توهان پاڻ ۾ اهليت پيدا نٿا ڪيو.
اسان جي نوجوانن کي گھرجي ته ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪري پنھنجي لاءِ پنھنجي سنڌ جي لاءِ محنت ڪري اڳتي اچن. جيستائين اسان جو نئون نسل انھي بيماريءَ مان ڪونه نڪرندو، تيستائين اسين پنھنجا آئيني حق حاصل ڪري ڪونه سگھنداسين. اسلام آباد ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ جيترا نوجوان اڳتي ايندا، اوتري وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي ويندي. جيستائين اسان جا نوجوان محنت ڪري مرڪز ۾ نه ايندا، تيستائين اسان لاءِ ڏکيائون هلنديون رهنديون.
پٺاڻ جيڪڏهن مرڪز ۾ گھڻائي ۾ اچي ويو آهي ته هو صرف پٺاڻ هجڻ جي ناتي سان ڪونه اڳتي آيا آهن. ڪي پي ڪي تعليم جي ميدان ۾ سنڌ ته ڇا پر پنجاب کان ڪيترو اڳتي نڪري ويو آهي. جيستائين سنڌي نوجوان محنت ڪري اڳتي ڪونه ايندو، تيستائين مرڪز ۾ اسان اٽي ۾ لوڻ برابر رهنداسين. جيستائين اسان ٿورائي ۾ هونداسين، تيستائين سنڌي آفيسر چاهي ٻئي سنڌي اسٽاف کي ڪا به اهميت ڪانه ملندي. تنھن ڪري اسان جا نوجوان همت سان پڙهائي تي ڌيان ڏئي گھڻي ۾ گھڻا مرڪزي سرڪار ۾ اچي پنھن جو ڪردار ادا ڪن. انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسلام آباد ۾ مشڪلاتون ضرور آهن، پر اهي مشڪلاتون تيستائين رهنديون، جيستائين اسين هر محڪمي ۾ ڪافي مقدار ۾ نٿا ٿيون.
مرڪز ۾ هن وقت به ڪافي مقدار ۾ سنڌ جون اسٽينو ٽائپسٽ ۽ اسٽينوگرافر لاءِ سيٽون خالي پيون آهن. پر اسان جا نوجوان صرف ايم اي ڊبل ايم اي ڪرڻ ۾ ڀڙ آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڪاپي ڪري پاس ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ڪاغذ تي پڙهيل جاهل پيدا ٿين ٿا. جنھن جي ڪري سنڌ روز بروز پُٺتي پوندي پئي وڃي ۽ بي روزگاري جي شرح ڏينھون ڏينھن وڌندي پئي وڃي.
الله ان قوم جي حالت تڏهن سڌاريندو آهي، جڏهن اها قوم اڳتي اچڻ لاءِ جتن ڪندي آهي. اهو قانون فطرت آهي اسان کي قانون فطرت سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي اڳتي وک وڌائڻي آهي. جيڪڏهن اسان انھي فطرت تي عمل نه ڪنداسين ته فطرت جو اِهو به قانون آهي ته ڪمزور آخرڪار گھڻو وقت جيءُ ڪونه سگھندو.