لاڙڪاڻو ساھه سيباڻو
اڄ صرف مان چاهيندس ته لاڙڪاڻو جو ٿورو گھڻو حال احوال ونڊيان جيڪو مون پسيو. ضروري ناهي ته هر ڪو انھيءَ سان متفق به ٿئي. اختلاف راءِ رکڻ هر ڪنھن کي حق آهي. منھنجو پنھنجو تجزيو ڪنھن ٻئي دوست جي تجزيي کان ضرور مختلف هوندو.
منھنجو رشتو لاڙڪاڻي سان 1984ع کان جڙيو جڏهن مان بطور اسسٽنٽ ڪمشنر شھدادڪوٽ پوسٽ ٿيو هيس. اهو رشتو 1987 ۽ 1988 ۾ مضبوط ٿي هميشه لاءِ وڌي وڻ ٿي ويو، جيڪو هر موسم گرمي ۽ سردي جي پرواهه کان بغير وڌي رهيو آهي.
لاڙڪاڻي ضلعي جي پاڪستان ۾ هڪ وڏي اهميت آهي. لاڙڪاڻو جو سياست ۽ زيتون ڏيھه پرڏيھه مشھور آهن. لاڙڪاڻي جي سياست تي پھريون کھڙا ۽ پوءِ ڀٽا خاندان ڇانيل رهيا آهن.
سر شاهنواز ڀٽو، سندس لخت جگر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بي بي شھيد جو اهم رول رهيو آهي. ممتاز ڀٽو صاحب جي حيثيت به ڀٽو خاندان ۾ رهي آهي. پر جيستائين ڳڙهي خدابخش جا مداح آهن اوستائين لاڙڪاڻي جي اهميت رهندي. سياسي حساب سان ڀٽو خاندان پنجاهه سالن کان پاڪستان جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو آهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته شھيد راڻي سان گڏ ڀٽو صاحب جي سياسي اصولن کي ڊسمبر 2007ع ۾ دفن ڪري عوام جي دلين مان ايئن ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي، جيئن مکڻ مان وار ڪڍجي. هاڻي مجبوري ۾ ڀٽو خاندان جو ويس آهي پر ان ويس جو پاتل جسم سان ڪنھن به قسم جو واسطو ڪونھي.
محمد ايوب کھڙو صاحب پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ بعد هڪ وڏي سياسي شخصيت ٿي گذريو آهي. کھڙو صاحب جو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ وزيراعليٰ سنڌ طور تمام بھترين ۽ ساراهه جوڳو ڪردار رهيو آهي. خاص ڪري سنڌ جي اهم شھر ڪراچي کي مرڪز جي حوالي نه ڪرڻ ۽ انتظامي طور جڏهن 1948 ۾ گرومندر وٽ فساد شروع ٿيو، جنھن کي وزيراعظم پاڪستان لياقت علي خان جي آشيرواد هئي ۽ هاشم رضا ڪراچي سول انتظاميه جو ۽ هاشم رضا جو ڀاءُ ڪاظم رضا ڪراچي پوليس انتظاميه جا سربراهه هيا. جڏهن هاشم رضا کھڙو صاحب کي ڪوئي مثبت جواب ڪين ڏنو ته هن پاڻ وڃي انھيءَ فساد کي روڪرايو، جنھن جي ڪري لياقت ۽ کھڙو صاحب ۾ اختلاف زور وٺي ويا. پر ست اٺ سالن بعد ون يونٽ واري ڪردار کھڙو صاحب کي هيرو مان زيرو ڪري ڇڏيو. پر سندس اولاد هڪ شريف النفس ۽ ڪنھن کي ڏکوئڻ وارا ناهن. جھڙي طرح بي بي شهيد پنھنجي والد صاحب جي ورثي کي کڻي اڳتي هلي اهڙي طرح کھڙو خاندان هلي ڪونه سگھيو.
قاضي فضل االله جو ڄم پڻ جي ڪري لاڙڪاڻي سان ڪوئي واسطو ڪونھي پر. اڪثر رهائش عبدالحميد جتوئي جي لاڙڪاڻي واري بنگلي ۾ ٿي، تنھن ڪري انھي سبب سان قاضي صاحب جو به ٿورو گھڻو واسطو ۽ اثر رهيو آهي. قاضي صاحب دنيا ۾ جيئن آيو وري واپس به ايئن ٿيو.
عبدالمجيد سنڌي به لاڙڪاڻو مان اليڪشن کٽي.
انھيءَ کان پوءِ ٻير واري بزرگ عبدالڪريم قريشي صاحب ۽ انھيءَ جي ڪري جميعت علماء اسلام لاڙڪاڻي ۾ چڱو خاصو اثر رکندڙ جماعت ٿي اڀري آهي.
باقي چانڊيه ۽ مگسي هميشه پاڻ ۾ ٺري ڪونه کاڌو اٿن. جيڪڏهن ڪنھن قبيلي جي حساب سان ڏسبو ته چانڊيه ٽرائيب سڀني کان تعداد ۾ گھڻو آهي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو نالو به چانڊيه پرڳڻي جي ناتي سان آهي.
سياسي اثر جي لحاظ کان سنڌ جي ٿورن ضلعن مان لاڙڪاڻو ضلعو آهي، جتي سيد ذات سياست تي حاوي ناهي. انھيءَ حساب سان لاڙڪاڻو وڏو خوشنصيب آهي پر اوترو وري مولانا صاحب جي گرفت ۾ آهي، تنھن ڪري ادو ڄائو ادي مئي اسين اوتري جا اوترا.
جيئن ته هينئر لاڙڪاڻو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي، تنھن ڪري سياست جا کيڏاري به قبيلن جي آڌار تي مضبوط آهن. جيئن قمبر شھدادڪوٽ ضلعو هاڻي چانڊيه، مگسي، مغيري، بروهي، اسراڻ ۽ ٻين ننڍين ذاتين تي مشتمل آهي. حالانڪ بروهي ڪا ذات ناهي پر بروهڪي ٻولي ڳالھائڻ وارو صرف بروهي چوندو آهي ورنه انھن ۾ ڪي مينگل، زهري، لھڙي، محمدحسني، ساسولي، بنگلزئي، بزنجه، پندراڻي وغيره قبو سعيد ۽ آس پاس ۾ آهن.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڀٽو، کھڙو، ٻگھيو، سيال، جتوئي، انڙ، ڪلھوڙا عباسي، شيخ ۽ ٻيون برادريون سياسي لحاظ کان اهم آهن.
مونکي هڪ قصو قمبر شھر سان لاڳو ياد اچي ويو. جيڪو مان توهان سان ونڊ ڪيان ٿو ۽ انهيءَ مان اندازو لڳائي سگھندا ته مولوي صاحبان دين اسلام کي ڪيئن ذاتي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا.
هڪ دفعي قمبر شھر جي مدرسي جو مولوي صاحب آيو. مدرسي جو تعلق ٻير واري بزرگ سان لاڳاپيل هيو. مونکي چيائين ته سائين مدرسي جي بجلي واپڊا وارا ڪٽي ويا آهن، سو مھرباني ڪري ايس ڊي او واپڊا قمبر واري کي چئو ته بجلي هڻي ڏئي، باقي جيڪا رهت آهي ان متعلق پوءِ مان وڃي ڳالھائيندو مانس. مولوي صاحب حجت واري انداز ۾ چيو، مون واپڊا واري ايس ڊي او کي فون ڪيو ته مولوي صاحب هتي مون وٽ آيو آهي ۽ توهان بجلي جي ڪنيڪشن بحال ڪري ڏيو. چيائين ته سائين توهان جو حڪم سر اکين تي پر مدرسي وارن ڏانھن ڪافي ساري رهت ٿي وئي آهي ۽ پئسه پيارن ڪونه ٿا مٿان اسان کي ٽيٽڪ چڙهيل آهي. مھرباني ڪري مولوي صاحب کي چئو ته مون وٽ اچي پوءِ مان ٻه ٽي قسطون ڪري ڏيانس ٿو. مولوي صاحب چيو ته سائين توهان جي مھرباني، ڀلا مان جيڪڏهن ايس ڊي او جي آفيس وڃي ڪنھن به طريقي سان بجلي بحال ڪرايان ته توهان ته ڪجھه نه چوندا. مون چيو ته مدرسي جا کتابي وٺي ڪو حملو ڪرائيندين ته پوءِ قانون حرڪت ۾ ايندو. مولوي صاحب چيو ته سائين اهڙو ڪوبه ڪم ڪونه ڪندس باقي مان ڄاڻان ۽ ايس ڊي او واپڊا. مون چيو ته مونکي ڪوئي اعتراض ناهي، جيڪڏهن ڪو امن امان جو مسئلو پيدا نٿو ٿئي ته. چيائين سائين ٺيڪ ڏسو ته اڄ شام کان اڳ ڪيئن بغير پيمنٽ جي ايس ڊي او واپڊا بجلي بحال ٿو ڪري.
مون وٽان مولوي صاحب موڪلائي ويو سڌو وڃي ايس ڊي او واپڊاجي قمبر آفيس ۾، ۽ اتان مولوي صاحب نڪري پنھنجي مدرسي پھچي چيائين ته سائين بجلي بحال ٿي وئي. مون پڇيو ڪجھه پيمنٽ بل ڪيو؟. چيائين ته سائين ڇاجي پيمينٽ، ايس ڊي او صاحب سان مليم، ٻيا به ڪجھه ماڻھو ويٺا هيس مون وڃي چيس ته ايس ڊي او صاحب توهان سان تمام ضروري ۽ ترت اڪيلائي ۾ ڳالھائڻو آهي. اڪيلائي ۾ ايس ڊي او واپڊا کي چيم ته سڀاڻي جمعو آهي ۽ مون کي پڪي سورس کان خبر پئي آهي ته تون قادياني آهين. انھي ڪري تو مدرسي جي بجلي ڪٽي آهي. مان صرف تو کي ٻڌائڻ آيو آهيان ته مان هينئر وڃي ٿي لائوڊ اسپيڪر تي ٻڌايان ته تون قادياني آهين ۽ تون واجب القتل آهين، باقي پاڻ ڄاڻ. مولوي صاحب چيو ته ايس ڊي او اچي پريشان ٿيو ۽ مونکي زوري ويھارڻ لاءِ چئي ۽ قسم قرآن کڻڻ لڳو ته اهو ڪنھن مون تي بھتان هنيو آهي، اهڙي ڪابه ڳالھه ناهي، مھرباني ڪري اهڙي قسم جو اعلان نه ڪر، باقي بجلي تنھنجي مدرسي پھچڻ کان اڳ بحال ٿي ويندي. مولوي صاحب ٻڌايو ته مان مدرسي پھتم ته بجلي اڳئي بحال هئي.
1988ع جي شروع ۾ ممتاز ڀٽو صاحب فون ڪيو ۽ ڏاڍي پيار سان ڳالھايائين ۽ چيائين ته ڄامڙو صاحب منھنجو فرزند اميربخش لنڊن کان واپس پيا اچن ۽ شڪار لاءِ مون بندوق گھرائي آهي، جيڪڏهن قرب ڪري آرم لائسنس جاري ڪندا ته مھرباني ٿيندي. مون عرض ڪيو ته سائين الله سائين اکيون ڏسڻ لاءِ ڏنيون آهن، انھيءَ ۾ مھرباني واري ڳالھه نه ڪيو اهو منھنجو فرض آهي ته وڏن جي تعظيم ڪجي. توهان مھرباني ڪري لائسنس جي فارم تي دستخط ڪري موڪليو ۽ گڏ شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ڏياري موڪليندا. ڪلاڪ کن کان پوءِ فوٽو، شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ۽ لائسنس فارم تي صحيح ٿيل هئي کڻي آيو. لائسنس في چالان ڀرائي همراهه جي هٿ ۾ ڏنو، اڌ ڪلاڪ کن جي اندر بينڪ ۾ چالان پياري کڻي آيو، ايتري ۾ مون آفيس وارن کي چيو ته جلدي ۾ آرم لائسنس تيار ڪرائي کڻي اچو. تقريباً ڪلاڪ ٻن جي اندر سڄو پراسس پورو ڪري لائسنس ٺاهي ممتاز ڀٽو صاحب جي ماڻھو کي ڏنو، جيڪو واپس کڻي وڃي صاحب کي ڏنائين، شڪريه ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ فون ڪين. صلاح ڪين ته ڄامڙو صاحب جڏهن توهان کي موقعو ملي ته اسانجي غريب خاني تي پير گھمائي وڃجو. مون عرض ته سائين انشاءَ الله. مھيني اڌ کان پوءِ منھجو رتوديرو وڃڻ ٿيو ته وڃڻ کان اڳ مون پڇا ڪرائي ته جيڪڏهن ممتاز صاحب آهن ته ملاقات ڪندا وڃون. اتفاق سان ڳوٺ ۾ هيا. مان ويس وڃي ملاقات ڪئي، ڏاڍي پيار سان مليا. ديوارن ۽ بنگلي جي ڊرائنگ روم ۾ ڪجھه گولين جا نشان هيا. جڏهن منھنجو ڌيان انھن نشانن ڏانھن ويو ته پاڻ چيائين ته ڄامڙا صاحب اهي گولين جا نشان ڏسين ٿو؟ مون عرض ڪيو جي سائين چيائين ته اهي نشان 1977ع جولائي پنج جا آهن جڏهن آرمي جي ماڻھن هن بنگلي تي ريڊ ڪيو ۽ فائر ڪيا. مان انھن نشانن کي نٿو مٽائڻ چاهيان. مان انھن کي ساڳئي حالت ۾ رکندس ته جيئن مونکي اهو وقت به ياد رهي.
ممتاز ڀٽو صاحب سان ملڻ وقت ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ ته مان هن جي آڏو ڪجھه به ناهيان. هشمت ۽ دٻدٻو قدرتي طور موجود هين، جيڪو تمام ورلي ماڻھن ۾ موجود هوندو آهي.
اتفاق سان منھنجي بي بي شھيد سان ذاتي طور ملاقات ڪانه ٿي سگھي، جو گھڻو وقت لاڙڪاڻو کان ٻاهر ڪراچي يا پرڏيھه ۾ رهندي هئي. مان سمجھان ٿو ته ٻه دفعا انھي پيرڊ ۾ آئي پر ان وقت مان لاڙڪاڻي کان ٻاهر هيس، تنھن ڪري ملاقات ٿي نه سگھي. باقي بي بي شھيد ته سنڌ ته ڇا پر پوري دنيا عالم جي راڻي هئي، الله ڪريم جنت الفردوس عطا ڪريس. اهڙيون شخصتيون قومن کي ورلي ملنديون آهن. الله انھن ظالمن کي تباه و برباد ڪري جن جو به بي بي جي شھيد ڪرائڻ ۾ ڪوئي به ڪردار آهي
جڏهن مون لاڙڪاڻي جي چارج ڇڏي ته اضافي چارج محمد ايوب شيخ کي ڏني وئي جيڪو انوقت اي ڊي ايم لاڙڪاڻو هيو.
دعا آهي الله سائين لاڙڪاڻي سميت پوري عالم تي پنھنجو فضل و ڪرم ڪري. آمين يارب العالمين.