آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

تربت ۽ خضدار جي ماڻهن ۾ فرق

تربت ۽ خضدار جي علائقي جي ماڻھن ۾ جيڪو فرق مونکي محسوس ٿيو، اهو هيءُ آهي:
هڪ ته سياسي شعور ۽ تعليم جي لحاظ کان مڪران جو عام ماڻھو به خضدار کان ڪافي اڳتي نظر آيو.
ٻيو مڪران جو ماڻھو سردار جي ڪنٽرول ۾ ناهي، خضدار جو عوام ان جي مقابلي ۾ سردارن جي ڪنٽرول ۾ آهي.
ٽيون اقتصادي ۽ معاشي طور مڪران جو ماڻھو وڌيڪ آسودو آهي، بنسبت خضدار جي ماڻھن کان.
چوٿون قبائلي جھڳڙا مڪران جي علائقي ۾ ڪونه آهن، جڏهن ته خضدار ۾ قبائلي جھڙا جھٽا عام آهن.
پنجون مڪران جا ماڻھو نوڪري سانگي گلف اسٽيٽس ۾ ڪافي تعداد ۾ آهن، جڏهن ته خضدارجا ماڻھو پنھنجي سردار جي رحم ۽ ڪرم تي آهن. معدنيات جي لحاظ کان ٻئي ضلعا مالامال آهن. زراعت منھنجي خيال مطابق مڪران ۽ خضدار ۾ تقريباً برابر آهي. مڪران جي ماڻھن لاءِ کجي جا باغ وڏي آمدنيءَ جو ذريعو آهن جڏهن ته خضدار جي ماڻھن جو گذارو گھڻي قدر مال مويشي ۽ ماربل تي آهي.
ڇھون تربت شھر جي آبادي خضدار جي مقابلي ۾ گھڻي آهي، پر خضدار شھر تربت کان وڌيڪ منصوبابندي سان ٺھيل آهي.
ستون تربت ۾ گھڻي قدر عام واهپي جون شيون ايران مان اسمگلنگ ٿي اچن ٿيون، جڏهن ته خضدار ۾ اسمگلنگ جو سامان گھڻي قدر چمن باڊر جي معرفت اچي ٿو.
اٺون مڪران جو ماڻھو سوچ ۾ ڪافي آزاد آهي، بنسبت خضدار جي ماڻهو کان.
نائون ملڪي سطح تي سياست ۾ خضدار مڪران کان اڳتي آهي.
ڏهون ٻنھي ضلعن جو عوام پيار ڪرڻ وارو سٻاجھڙو آهي.

خضدار کان ڪوئيٽا لاءِ روانه ٿياسين، رستي ۾ منگوچر جو علائقو ڪافي سرسبز آهي. اسان سوچيو ته ٿوري بريڪ وٺي پوءِ اڳتي هلون. منگوچر سرسبز هئڻ جي ڪري اکين لاءِ وڻندڙ نظارو هيو سو اسان ارادو ڪيو ته ڪنھن ڊرائيور هوٽل جي چانھه پي پوءِ اڳتي هلون. ڊرائيور کي چيو ته هوٽل واري کي چئو ته بغير کنڊ جي چار چانھيون ڪڙڪ ٺاهي. چانھه ٺاهي کڻي آيو ته چانھه مٺي هئي. اسان چيو ته بابا اسان ته توکي گذارش ڪئي ته بغير کنڊ جي چانھه ڏي هي ته ڄڻ صرف کنڊ ۾ چانھه تيار ڪئي آهي. هڪ چانھه ۾ کنڊ وجھبي آهي هي ته ڄڻ کنڊ ۾ چانھه وجهي کڻي آيو آهين. چيائين ته سائين چانھه ته بلڪل بغير کنڊ جي ٺاهي آهي . اسان پڇيو ته پوءِ هي ڪيئن مٺي ٿي آهي جڏهن تو ان ۾ کنڊ به ڪانه وڌي آهي؟ چيائين ته کوچا چانھه ٺاهڻ وارو پتيلو ساڳيو آهي، جنھن ۾ عام چانھه ٺاهيندو آهيان. باقي ولله ڪوئي کنڊ ناهي وڌو.
چانھه هتي ايتري ته مٺي پيئندا آهن، جنھن جو مثال ملڻ محال آهي، جيڪا اسان لاءِ چانھه ٺاهي آندي صرف جيڪا پچيل چانھه پتي ٻاٽي ۾ رهيل هئي، ان ۾ ايترو ته مٺاس هيو جو بغير کنڊ وجھڻ جي به چانھه مٺي ٿي وئي.
آفيس ٽائيم کان پوءِ اچي ڪوئيٽه پھتاسين، سيڪريٽريٽ بند ٿي چڪو هيو. هڪ دوست کي چيو جنھن اسان جي رهڻ جو بندوبست ڪيو. ٻئي ڏينھن بلوچستان سيڪريٽريٽ پھچي ايڊيشنل سيڪريٽري زراعت جي چارج ورتي. ايڊيشنل سيڪريٽري جي پوسٽ بلڪل نئين ڪريئيٽ ڪئي وئي هئي تنھنڪري بلوچستان زراعت کاتي جو پھريون ايڊيشنل سيڪريٽري مقرري منھنجي ٿي.