آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

ايوانِ صدر ۾ افطار لاءِ معاذ ٿاڌل

ڊسٽرڪٽ ۾ جڏهن به وي وي آئي پي ايندو آهي ته لکين روپيه خرچ ٿيندا آهن ۽ بجيٽ ۾ انھي لاءِ هڪ ٽڪو به ڪونه رکيو ويندو آهي. 1983ع ۾ جڏهن پريزيڊنٽ ضياءَ دوري تي آيو هيو، سندس ڊنر سائين نظر شاه وٽ هئي تنھن جي باوجود هڪ لک ۽ ڪجھه هزار روپيه خرچ آيو هيو. هينئر ته سڀ شئي مھانگي ٿي وئي آهي، تنھنڪري انکان ڪافي وڌيڪ هوندو.
اُهو خرچ، گاڏيون ارينج ڪرڻ، انھن جو تيل پاڻي، سرڪٽ هائوس تي شاميانا، ٿڌي مٺي پاڻي، چانھه ماني، گفٽ، سيڪيورٽي ۽ ٻين ڊيوٽين تي آيل ماڻھن جي رهڻ ۽ کائڻ پيئڻ وغيره وغيره تي خرچ ٿيندو آهي. جيئن ته سرڪار جي طرفان انھي سلسلي ۾ ڪجھه به ڪين ڏنو ويندو آهي. تنھنڪري اسين اهو ٽوٽل خرچ جوڙ ڪري تپيدارن تي تپن جي حساب سان خرچ ورهائيندا آهيون. جنھن جو بار سڌو سنئون ضلعي جي آبادگارن تي پوندو آهي ۽ اهو نظام شروع کان ايئن هلندو پيو اچي. اسان انھي سلسلي ۾ ڪوششون ڪيون ته انھيءَ کي باقائده بجيٽ ۾ آندو وڃي ته جيئن ايگريڪلچر جي مٿان اڻظاهر ڪيل ٽيڪس ختم ٿئي. ۽ اها ٿيڻ به گھرجي.
جنرل ضياءَ جي زماني ۾ مان ٻه رمضان 1983ع ۽ 1984ع جا مھينا نوابشاهه ۾ هيس ۽ هر رمضان مهيني جي شروع ٿيڻ سان راولپنڊي پريزيڊنٽ هائوس مان فون ايندو هيو ته جنرل صاحب طرفان اسلامي ملڪن جي سفيرن لاءِ افطاري جو بندوبست تقريباً هر ٻئي ڏينھن ٿيندو آهي، سو مھرباني ڪري معاذ ٿاڌل جا ڏهه ڪريٽ موڪلي ڏيو، انھيءَ سان گڏ بل ضرور موڪلجو. اسين با ادب اِهو سڀ ڪري موڪليندا هياسين تيزرفتار ٽرين جي ذريعي ۽ پھچ رسيد ملي ويندي هئي، انھي کان پوءِ پئسن جي اچڻ جو انتظار ڪندا هياسين، تان جو مٿان ٻيو رمضان اچي ٽيھن ڏينھن لاءِ مھمان ٿي ايندو هيو ۽ ساڳيو حڪم وري نازل ته وارو ڪيو اسلامي ملڪن جا سفير پريزيڊنٽ صاحب افطاري لاءِ مدعو ڪيا آهن ۽ نوابشاهه جي ٿاڌل لاءِ صدر صاحب خاص تاڪيد ڪئي آهي.
جيئن فون آيو ڊي ايم ايس ڳالھايو ته مون کانئس گذريل سال جي رهت جا پئسه گھريا. چيائين ته فڪر نه ڪر مان چيڪ ڪري هن بل سان گڏ سڀ پئسه موڪلرائي ٿو ڏيان. اهي پئسه منھنجي بدلي ٿيڻ تائين ڪونه پھتا. آخرڪار سب ڊويزن جي سڀني تپيدارن تي سراسري ورڇ ڪري معاذ ٿاڌل جا بل ادا ڪياسين.
غالبن 1984ع جي شروعات ۾ ليفٽيننٽ جنرل صادق محمد رشيد عباسي جي ٽرانسفر ٿي، انھي جي جاءِ تي ليفٽيننٽ جنرل جھانداد خان مارشلا ايڊمنسٽريٽر ۽ گورنر سنڌ ٿيو. ايس ايم عباسي نھايت فھميده ۽ خانداني ماڻھو هيو ۽ سندس رويو به ڪافي اخلاق جي دائري اندر هوندو هيو. هڪ دفعي گورنر صاحب کي جيڪب آباد هارس ۽ ڪيٽل شو جو افتتاح ڪرڻو هيو. صبح سوير ڪراچيءَ کان فوڪر جي ذريعي سکر ايئرپورٽ ۽ پوءِ اتان جيڪب آباد وڃڻو هيس. ڌنڌ جي ڪري ايمرجنسي ۾ نوابشاهه صبح جو پنج يا ساڍا پنج وڳي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو، اسان کي اطلاع مليو سڀ وٺي ڀڳاسين ته جيئن گورنر صاحب اڪيلو نه هجي ۽ سيڪيورٽي جي به لحاظ ضلعي انتظاميه جي جوابداري هوندي آهي.
سکر ۽ جيڪب آباد ۾ ڌنڌ ڪافي دير تائين هليو، تقريباً اڍائي ٽي ڪلاڪ نوابشاهه ايئرپورٽ جي لائونج ۾ رهيا، ٿورو گھڻو ڊرائي فروٽ ۽ ٻيو بيڪري جو مال آندو، جنھن سان خدمت ڪئي وئي. اتي خبر پئي ته جنرل صاحب هميشه پنھنجا بوٽ پاڻ پالش ڪندو هيو. اسان ان وقت ڪرنل اجمل خٽڪ، ڊي سي، ايس پي، مان ۽ ايس ڊي پي او گورنر ۽ اي ڊي سي ست ڄڻا هياسين ۽ اسان کي اهو احساس ڪونه ٿيڻ ڏنائين ته هي ڪو گورنر ۽ مارشلا ايڊمنسٽريٽر آهي. هلڪي ڦلڪي کل ڀوڳ وارو ماحول ٺاهيون ويٺو هيو. پاڻ به وقفي وقفي سان ڪونه ڪو موقعي ۽ مناسبت سان مذاق نموني وارا ڀوڳ، ٺڪاءُ شيئر ڪندو رهيو. ڌنڌ جي جھڪي ٿيڻ کان پوءِ سکر فلائيٽ تي روانو ٿي ويو ۽ موڪلائڻ وقت اسان سڀني سان گرمجوشي سان ايئن موڪلايائين جيئن ڪو عزيز گھر کان پري پيو وڃي. اهي گھاريل گھڙيون وسرڻ جھڙيون ناهن. پاڻ ته هن جھان مان لڏي ويا آهن الله جنت الفردوس عطا ڪريس. ڪجھه سال اڳ مونکي سندس قبر تي وڃڻ جو شرف حاصل ٿيو.
جنرل صاحب قلعه دراوڙ جي ڀرسان عباسي خاندان جو قبرستان آهي، ان ۾ دفن ٿيل آهي. قلعي دراوڙ احمد پور ايسٽ کان ڏکڻ طرف تقريباً ٽيھه پنجٽيھه ڪلوميٽر جي پنڌ تي ضلعي بھاولپور ۾ آهي. قلعي جي اولھه طرف هڪ کليل قبرستان آهي، جتي چار اصحابه رسول الله ﷺ دفن ٿيل آهن. قلعي جي مرڪزي دروازي جي اوڀر طرف رياست جي شاهي خاندان جو قبرستان آهي. رياست جي نوابن جون قبرون هڪ ڊگھي مستطيل ۾ ٺھيل بند ڪمري ۾ آهن، باقي مرد جون کليل ميدان ۾ قبرون آهن ۽ عورتن جي لاءِ الڳ جڳهه رکيل آهي.
مون ڪنھن دوست کان ٻڌو ته هيءُ عباسي صاحب ضلعي شڪارپور جي لکي شھر جا اصلوڪي رهاڪو هيا ۽ دائودپوٽا برادري سان تعلق رکندڙ آهن. سنڌ جي تاريخ تي گھري نظر رکڻ وارا دوست جيڪڏهن انھي جي باري ۾ ڪو واضع ڪندا ته اسان جي علم ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. شڪارپور جو شھر انھن ٺاھيو ھيو، جن کان پوءِ ۾ ڪلھوڙن اتان دائودپوٽن کي ڀڄايو.
قلعه دراوڙ اڄ به نواب رياست جي ملڪيت ۾ آهي. 1956ع ۾ جڏهن رياستون پاڪستان ۾ ضم ٿيون ته بھاولپور به ضم ٿي ليڪن قلعي دراوڙ کي حڪومت پاڪستان جي حوالي ڪونه ڪيو. هن وقت قلعي جي زبون حالت آهي. دوست ٻڌي حيران ٿيندا ته قلعي دراوڙ ۾ ٻه ٽي طبقا ٺھيل جڳھون آهن، جنھن ۾ پوري آرمي، اسلحه ۽ خزانو زير زمين بيرڪس ۾ هيون. عباسين جي قبضي ڪرڻ کان اڳ ان قلعي مان ٻه سرنگون نڪرنديون هيون جن جو ٽانگي جي رستي بھاولپور ۽ ٻي جيسلمير تائين رابطو هيو ان وقت جو راجه ۽ ٻيا ايندا ويندا هيا.
انھن سرنگن ۾ ٻه ريلوي جي پٽڙين وانگر پٽيون هيون، جن تي ٽانگي جا ڦيٿا اهڙي طريقي سان هلندا هئا، جو اهي پٽڙي تان هيٺ ڪونه لھندا هيا. جيئن ريل گاڏي ريلوي لائين تي هلي ٿي. انھيءَ جو مطلب ته ويسٽرن دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ انڊرگرائونڊ سفر لاءِ رستا سؤ سوا سؤ سال اڳ ٺهيا جڏهن ته موجوده پاڪستان جي حد اندر اهيو نظام ڪئي سو سال اڳ موجود هيو. اتي اها خبر پئي جڏهن عباسين قلعي جو گھيرو تنگ ڪيو، راجه پنھنجي فيملي ۽ ڪجھه خزانو جيترو کڻي سگھيو ساڻ کڻي جيسلمير لاءِ ان سرنگھه رستي نڪري ويو. جنھن کان پوءِ عباسين قلعي تي قبضو ڪيو.
جنرل جھانداد خان چارج وٺڻ کان پوءِ سنڌ جو دورو شروع ڪيو.