آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

تربت بلوچستان ۾

1992ع جو سال منھنجي لاءِ وڏو يادگار سال آهي. مئي چوويهه تي رب ڪائنات مونکي رحمت سان نوازيندي هڪ پري جھڙي ڌيءَ عطا ڪئي، جيڪا الحمدلله اڄ ٽن ٻارن جي ماءُ آهي. ٻه پٽ ۽ هڪ اَدڙي.
سيپٽمبر 1992ع ۾ منھنجي ٽرانسفر سنڌ کان بلوچستان ٿي.
آڪٽوبر 1992ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر تربت، ڪيچ مڪران ٿي.
نومبر 1992ع ۾ اڻويھين گريڊ ۾ پروموشن ٿيو.
مير تاج محمد جمالي وزيراعلي بلوچستان هيو. تاج محمد جمالي فرزند آهن مير جعفر خان جمالي جا ۽ سوٽ آهن مير ظفرلله جمالي جا. جوگيزئي صاحب گورنر بلوچستان هيو. اي زيڊ ڪي شيردل چيف سيڪريٽري بلوچستان هيو. سيپٽمبر 1992ع ۾ سنڌ گورنمينٽ مان رليو ٿي ڪراچي کان ڪوئٽه روانگي ٿي. ڄام صادق علي وزير اعلي سنڌ هيو. سيد سردار احمد چيف سيڪريٽري سنڌ هيو، جيڪو هن وقت ايم ڪيو ايم جو ليڊر آهي.
بلوچستان گورنمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ کان پوءِ تقرين هفتي جي اندر ڪافي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگز ٿيون. چيف منسٽرمرحوم تاج محمد جمالي ڏانھن مختلف پروپوزل کڻي ويو ۽ انھن جي اپروول ڏئي صبح جو روڊ رستي ايران هليو ويو. مرحوم تاج محمد جمالي هوائي سفر کان لنوائيندو هيو. ڪوشش ڪري روڊ رستي سفر ڪندو هيو.
مان سي ايس ڏانھن ملاقات لاءِ ويس، حسب معمول ملاقات ٿي ۽ اتان مان تربت روانو ٿي ويس. انوقت اتي عبدالحڪيم تارن صاحب ڪمشنر مڪران هيو. تربت جو ڊي سي گھڻو ڪري سراج قاضي صاحب هيو، جنھن کان مون چارج ورتي.
تربت جي ايراضي ڪافي وڏي هئي ۽ سنڌ جي مقابلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي حيثيت ۾ وڌيڪ اختيارات هئا، بنسبت سنڌ ۾ ڊسٽرڪٽ ميجسٽريٽ جي. تربت ضلعو انتظامي حساب سان ٻن ايريائن ۾ ورهايل هيو، هڪ اي ايريا ۽ ٻيو بي ايريا.
تربت جو اي ايريا صرف تربت جي شھر جي حد تائين هيو، باقي سڄو علائقو بي ايريا هئي.
اي ايريا جو ڪنٽرول پوليس کي هيو، باقي بي ايريا ليويز جي حوالي هئي. اي ايريا ۾ صرف هڪ ٿاڻو هوندو هيو.
بي ايريا جنھن کي عرف عام ليوي جو علائقو چيو ويندو آهي، انھي جو مڪمل ڪنٽرول ڊي سي وٽ هوندو آهي. ليوي عمومن لوڪل قبيلي جي ماڻھن تي مشتمل هوندي آهي. مختيارڪار تعلقي ۾ مختيارڪار کان علاوه هڪ قسم جو ايس ايڇ او به هوندو آهي. ٿاڻي جي ليول تي جمعدار جي نالي سان آفيسر انچارج هوندو آهي، جيڪو سب انسپيڪٽر جو رينڪ رکندو آهي. اهڙي طرح پورو بلوچستان اي ۽ بي ايرياز ۾ ورهايل هيو. پوري بلوچستان ۾ 1992ع ۾ لسٻيله، ڊيرا الله يار، ڊيرا مراد جمالي اهي سڀ علايقا اي ايريا هوندا هيا ۽ اتي بي ايريا ڪونه هوندي هئي. باقي بلوچستان جو پورو علائقو اي ۽ بي ايرياز ۾ تقسيم ٿيل هوندو هيو.
بلوچستان ۾ مين اپوزيشن پارٽي ان وقت بلوچستان نيشنل موومينٽ هئي، تربت ۾ سڀ چونڊيل نمائندا بي اين ايم جا هيا.
مون جڏهن تربت جي چارج ورتي انھي وقت شھرتربت تي ڊرگ مافيا جو سڪو هلندو هيو ۽ پوليس انھن جي آڏو ڪا معنيٰ ڪونه رکندي هئي. شھر ۾ عام جام سمگلرن جا ماڻھو بازار ۾ ايندا هيا ۽ ڏينھن ڏٺي جو جيڪي وڻندو هين ڪري گذرندا هيا. ڪوئي روڪ ٽوڪ ڪانه هوندي هين. مون ايريا جو جائزو ورتو، اسٽاف ۽ ماڻھن کان علائقي جي معلومات ورتي. ايس پي قاضي واحد هيو، انکان پڇيم ته ڇاجي ڪري تون هن شھر تي ڪنٽرول نٿو ڪري سگھين؟ ايس پي صاحب ڪي مجبوريون ڏيکاريون. سڄو ڏينھن ۽ رات سوچي سوچي مونکي هڪ ترڪيب ذهن ۾ آئي. ترڪيب اها هئي ته سواءِ يونيفارم جي ڪوئي مجاز آفيسر يا آفيشل هٿيار کڻي گھمندو نظر نه اچي شھر ۾. مان آفيس وڃي آفيس سپرنٽينڊنٽ دشتي صاحب کي گھرائي هڪ آرڊر جار ڪيو ته پوري ضلعي ۾ ڪوئي ماڻھو سول ڊريس ۾ هٿيار کڻي نه گھمي. پوري ضلعي ۾ سڀني آفيسرن کي چئي ڇڏيو ته جيڪڏهن پوليس يا ليوي جو ماڻھو يونيفارم کان بغير هٿيار کڻي گھمندي نظر آيو ته انتي سختي سان ڪاروائي ڪئي ويندي.
ٻن ڏينھن کان پوءِ مان آفيس کان گھر ڏانھن وڃان پيو ته رستي ۾ هڪ موٽرسائيڪل تي سوار سول ڊريس ۾ رائفل ڪنڌ ۾ وجھيو گاڏي کان گذري ويو، مون ڊرائيور کان پڇيو ته ان کي سڃاڻين ٿو ڪير آهي؟ ڊرائيور ٻڌايو ته ها سائين هي پوليس جو جمعدار ۽ ڪمشنر صاحب جو باڊي گارڊ آهي. مون ٻڌي چپ ڪئي، گھر پھچي دشتي کي فون ڪري چيم ته مان پاڻ آفيس کان گھر ويندي ڏٺو ته ڪمشنر صاحب جو باڊي گارڊ بغير يونيفارم جي ڪنڌ ۾ رائيفل وجھي ڪمشنر صاحب جي گھر ڏانھن ويو پئي. هينئر جو هينئر ان جمعدار کي سسپينڊ ڪري آرڊر جي تعميل ڪرائي مونکي رپورٽ اچي ڏي. چيائين ته سائين اهو ته ڪمشنر صاحب جو باڊي گارڊ آهي ۽ جيڪڏهن ٿي سگھي ته ڇڏي ڏيو. مون چيو ته مون توکي ڇا چيو؟ ته چيائين سائين هينئر مان آرڊر جي تعميل ڪرائي رپورٽ ڏيان ٿو. جنھن وقت ڪمشنر جو باڊي گارڊ صرف انھيءَ ڪري سسپينڊ ٿيو جو هو بغير يونيفارم جي رائيفل کڻي هليو پئي. انھيءَ ڪرڻ سان ايترو انھن ماڻھن ۾ خوف ۽ حراس ٿيو انھن ماڻھن کي جيڪي سڄي شھر جا سڀ ڪجھه پاڻ کي سمجھندا هئا.
ڪمشنر صاحب جو باڊي گارڊ پورو مھينو سسپينڊ رهيو، انھي ڪري ڪوئي به ماڻھو شھر ۾ هٿيار کڻي ڪونه گھمندو هيو. شھر ۾ امن ٿي ويو، مافيا جي ڇاڙتن شھر ڇڏي ٻھراڙين ۽ ڳوٺن ۾ ديرو ڄمايو.
ڊرگ مافيا انھي ڪري شھر ڇڏي هليا ويا، جو هڪ ته انھن جي ماڻھن تي اها پابندي هئي ته اهي هٿيار کڻي پوري ضلعي ۾ ڪونه گھمندا. ٻيو وري مان هفتي ڏهين ڏينھن رات جو سمھڻي جي وقت اي سي کي فون ڪري چوندو هيس ته ضلعي جي فورس تيار ڪر ڇاپو هڻڻو آهي. ڪلاڪ اڌ ۾ اچي ٻڌائيندو هيو ته سائين فورس تيار آهي، پر سائين هلڻو ڪٿي آهي. مان چوندو هيس ته سورس صرف ڪنفرم ڪرڻ جي انتظار ۾ آهي، جيئن هو ڪنفرم ڪندو مان ٻڌائيندس ته ڪٿي هلڻو آهي.
انھي سان ايئن ٿيندو هيو جوا سمگلر جيڪي افغانستان کان مختلف رستن کان نڪرندا هيا اهي هر حال ۾ تربت ضلعي جي حد مان گذرندا هيا. سمگلرن جا انفارمر هر جاءِ فٽ ٿيل هوندا آهن. جڏهن فورس جي چرپر ٿيندي هئي ته انھن جا انفارمر انھن کي هڪدم ٻڌائيندا هيا ته خبردار هيڏانھن نه اچو، ڊي سي صاحب فورس تيار ڪيو آهي، متان توهان جي ڪنھن ماڻھو ڊي سي صاحب جي سورس کي ٻڌايو هجي. اسسٽنٽ ڪمشنر کي تربت ۾ ناظم چوندا هيا. ناظم صاحب پريشان ته الائي ڪڏهن ۽ ڪھڙي طرف هلڻو آهي. سڀني طرفن وارن کي پريشاني وٺي ويندي هئي، مان ناظم کان اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ فون تي پڇندو هيم ته فورس گھڻو آهي؟ هٿيارن ۾ ڇا ڇا کنيو اٿو. ٻين اي سي صاحبان کي تيار رهڻ لاءِ چيو اٿئي انھن ڇا تياري ڪئي آهي؟ پي اي کي چئي ڇڏيندو هيس ته تون فون تان اٿي وڃ ۽ لائين ڊائريڪٽ مونڏانھن ڪري ڇڏ. رات جو دير اڌ رات کان پوءِ ناظم کي فون ڪري ڌٻڙاٽ پٽيندو هيم ته ڪنھن ڳالھه ليڪ ڪئي آهي ته فورس تيار ٿيو آهي. انھيءَ جي جاچ ڪري مونکي سڀاڻي رپورٽ ڏي. ناظم صاحب قسم کڻندو هيو ته سائين مان ڪنھن به طرح ناهي چيو وغيره وغيره. جڏهن مان پي اي کي چوندو هيم ته فون مون ڏانھن ڊائريڪٽ ڪري ٻاهر هليو وڃ، انھي وقت انھن وٽ اها سس پس لڳي پئي هوندي هئي، ته يار ڊي سي صاحب جا ڪي انفارفر الائي ڪيترا ۽ ڪير آهن؟ تنهنڪري ڊرگ مافيا ۽ انهن جا ڇاڙاتا سڀ پريشان ٿي ويندا هيا.
وزير اعليٰ بلوچستان مرحوم تاج محمد جمالي. هڪ دفعي امن و امان جي ميٽنگ ڪوئيٽا ۾ سڏائي. سڀ ڊي سي، ڪمشنرس، آء جي ۽ چيف سيڪريٽري صاحب. هر هڪ کان ضلعي جي متعلق بريفنگ وٺي پيو. جمالي صاحب آئيس ڪريم وڏي شوق سان کائيندا هيا، هلندي ميٽنگ ۾ آئيس ڪريم به کائي ۽ بريفنگ به ٻڌي رهيو هيو. ڊي سي پنجگور بريفنگ ڏيندو ٻن ڌرين جي معاملي تي ٻڌائي رهيو ۽ هلندي ڊي سي صاحب چيو ته سائين مسئلو ڪافي ڳنڀير هيو، پر مون پنھنجو دماغ استعمال ڪندي هي ايڪشن کنيو. جمالي صاحب اتي وڏي آواز سان چيو ته انھيءَ جو مطلب ته تون دماغ به استعمال ڪندو آهين. جمالي صاحب ۽ سڀ حاظرين کل ۾ پئجي ويا. چيائين ته هاڻي ميٽنگ ختم نه ڪجي، جو ڊي سي صاحب دماغ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. بھرحال ميٽنگ ۾ آرام وارو ماحول رکندو هيو. ميٽنگ ۾ سڀني کي چيائين ته ڀائي ڳالھه ٻڌو، مان سياسي ماڻھو آهيان ۽ مان ڪھڙو به آرڊر ڪري موڪليان، ضروري ناهي ته توهان انتي عمل ڪيو. جيڪڏهن رولز جي دائري اندر آهي ته عمل ڪجو . باقي مون تي سياسي ماڻھن جو زور هوندو آهي مان دستخط ڪري ڏيندو آهيان، چاهي اهو منھجو پنھنجو ڊيٿ وارنٽ ڇونه هجي.
بلوچستان جو وزير مال محمد علي رند سي ايم کان آرڊر ڪرائي کڻي آيو ته تربت ۾ پراڻو ناظم هائوس زبيده جلال کي اسڪول کولڻ لاءِ الاٽ ڪيو وڃي ٿو، تنھن ڪري ڊي سي تربت جلدي انجو قبضو ۽ لينڊ روينيو رڪارڊ ۾ تبديلي ڪري ڏي. ليٽر بورڊ آف روينيو بلوچستان جي آفيس مان اشو ٿيل هيو. مان پنھنجي آفيس ۾ ويٺو هيس ته ڪمشنر صاحب مونکي گھرائي چيو ته هل گوادر هلون. گوادر ۾ جان محمد دشتي ڊي سي هيو. مان ۽ ڪمشنر صاحب اتي ويٺا هياسين ته اهو مٿيون خط اچي ڪمشنر کي مليو. خط کولي پڙهي ڏٺوسين، جنھن ۾ مٿي بيان ڪيل الاٽمينٽ آرڊر هيو. ان پراڻي ناظم هائوس لاءِ بورڊ آف روينيو سان خط و ڪتابت هلندڙ هئي، ڊي سي آفيس جي.
ڪمشر صاحب مونکي چيو ته توکي ان ڳالھه جي خبر ناهي، تنھن ڪري مان توکي ٿورو ٻڌايان ته پراڻو ناظم هائوس معنيٰ اسسٽنٽ ڪمشنر جو پراڻو گھر. چيائين ته ناظم هائوس وچ شھر ۾ ۽ قيمتي به پڻ آهي. تنھن ڪري انھيءَ پلاٽ تي گھڻن جون اکيون آهن. اسان هتان مخالفت ۾ لکي موڪليو هيو پر وزير صاحب لڳي ٿوته زوري سي ايم کان دستخط ڪرائي آيو آهي. هاڻي وڌيڪ تنھجي مرضي. مون چيو ته مان ڪيئن پنھنجي پراپرٽي ڪنھن پرائيويٽ ماڻھو جي حوالي ڪندس. ڪمشنر صاحب پنھجي پي اي مومن علي کي چيو گاڏي ۾ ٽائيپ رائيٽر ۽ ڪجھه ڪاغذ کڻي پوئين سيٽ تي هلي ويھه. مومن حڪم موجب گاڏي ۾ ٽائيپ رائيٽر کڻي هلي ويٺو. تربت کان تقريباً سو ڪلو ميٽر ٽوٽلي ڪچو رستو. نسان جيپ هئي، جڏهن تربت شھر کان ٻاهر نڪري هلياسين ته ڪمشنر صاحب اهو بورڊ آف رينيو کان آيل ليٽر کيسي مان ڪڍي مومن کي ڏنو. مومن خط پڙهيو ۽ پڇيائين ته ها ڪرڻي آهي يا نه. اسان چيو ته نه. ڪمال جي ڳالھه اها جو نه فائيل ان ڪيس متعلق نڪي ٻيا ڪاغذ ۽ نه وري ڪمشنر جو سبجيڪٽ. ڪيس سڄو ڊيل ٿئي پيو ڊي سي آفيس ۾، هي ته رڳو ڪمشنر جو پي اي هيا. گاڏي هلندي رهي مومن خط بورڊ آف روينيو کي نه واري انداز ۾ لکڻ شروع ڪيو. تقريباً اڌ پند ڪيوسين ته پورا ٻه صفحه ليٽر ٺاهي ڏنو ته دستخط ڪيو. ڪمال جو هن مرد مومن کي، جيڪي ليٽر اڳ هتان ويا يا اتان هيڏانھن آيا، انھن سڀني جو ذڪر تاريخن سميت اتي لکيل هيو. منھنجو ته مٿو چڪرائجي ويو ته ڇا هي انسان آهي. مومن ڏسڻ ۾ صفا هلڪي باڊي جو، جيڪڏهن واچوڙو اچي ته هن کي کڻي الائي ڪاٿي ڦٽو ڪريس باقي هيو هلندڙ ڦرندڙ ڪمپيوٽر. اهڙا قابل شخص مون تمام گھٽ ڏٺا آهن. ٽائيپ تي ويھندو هيو ته ڪڏهن ڊرافٽ ڪونه لکندو هيو ڊائريڪٽ فيئر خط لکندو هيو، صرف ٻڌائبو هيس ته مومن ها ۾ لکڻو ته انھي کي جسٽيفاء ۽ اهڙا ته پاورفل آرگومينٽ لکندو هيو، جو چئي چپ ڪر. هيو ميٽرڪ پاس . مومن جي پي آر جو ته ڪوئي جواب ناهي. ڪھڙي به شئي چئوس دنيا جي ڪھڙي ملڪ مان، اها شئي توهان کي ٻن ڏينھن ۾ اتي ملي ويندي.
هڪ دفعي مونکي ڳوٺ وڃڻو پئجي ويو، ٽڪيٽ ڪانه پئي ملي مومن کي گھرائي چيم ته سکر تائين جھاز ۾ سيٽ کپي اتي چيائين ته ها ملي ويندي . پندرنهن منٽن کان پوءِ آيو پرنٽ هٿ هجيس، چيائين ته سائين توهان جي ڪنفرم سيٽ تربت کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان سکر.
ڪن ماڻھن جي عادت هوندي آهي ته هرڳالھه تي نه ڪندا، ڪي وري اهڙا ٿيندا آهن جيڪي هر ڳالھه تي ها ڪندا آهن. اهڙي طرح ڊي سي آفيس تربت جو او ايس مسٽر دشتي هر وقت نه ضرور چوندو، چاهي انھيءَ ۾ دشتي جو ذاتي فائدو ڇونه هجي. مان ۽ ڪمشنر صاحب گڏ ويٺا هياسين ته چيائين تو وارو دشتي هر ڳالھه ۾ نه ڪرڻ انجي عادت آهي ۽ مومن هر ڳالھه ۾ ها. ڪمشنر دشتي کي گھرائي چيو ته دشتي سرڪاري خرچ تي حج ڪرڻ ويندين. دشتي چيو ته نه سائين نه، پوءِ اتي جو اتي وري چيائين ته ها سائين ها. اتان بزر ڏئي مومن کي چيائين ته آمريڪا جي صدر سان ڳالھه ڪراءِ چيائين حاضر سائين، بزر ڏئي ڪمشنر صاحب کي چيائين ته سائين آمريڪا جو صدر هينئر مصر جي صدر سان ٿو ڳالھائي، ڳالھه پوري ڪري ته ملائي ٿو ڏيان.
هر علائقي ۾ ڪونه ڪو اهڙو اشو هوندو آهي، جتي گروهه بنديون يا ڌڙيبازي ٿيندي آهي. مڪران ۾ ذڪري ۽ نمازي جي هجڻ ڪري خاص ڪري رمضان جي مھيني ۾ امن و امان جو خاصو مسئلو ٿيندو آهي.