لياقت جتوئي جي وڏ وزارت ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪمراني
ملڪ ۾ اليڪشن جون تياريون شروع ٿي ويون. اليڪشن کان ٿورو اڳ ۾ منظور ڀٽو صاحب پنھنجي ٽرانسفر ڪرائي ويو ۽ هوم سيڪريٽري جي پوسٽ خالي رهي ۽ ٻئي ڏينھن تي جيستائين ڪو سيڪريٽري هوم پوسٽ ٿئي، تيستائين مونکي انچارج هوم سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
خير سان اليڪشن ٿي، مرڪز ۾ نواز ليگ حڪومت ٺاهي ۽ صوبي سنڌ ۾ نواز ليگ جي مدد سان مسٽر لياقت جتوئي ۽ ايم ڪيو ايم ملي حڪومت ٺاهي. ٿورن ڏينھن ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري مسٽر سعيد مھدي صاحب مقرر ٿيو. ايم ڪيو ايم حڪومت سان سھڪار ڪرڻ لاءِ اهو نواز شريف کان واعدو ورتو هيو ته ايم ڪيو ايم جي سڀني ماڻھن کي جيل مان آزاد ڪندا ۽ انھن کي مالي امداد به پڻ ڏيندا.
حڪومت جي تشڪيل کان هفتي اڌ بعد سرڪار هڪ ڪاميٽي جوڙي، جنھن جو ڪم هيو ته ايم ڪيو ايم جي مٿان جڙيل ڪيسن کي ٻيھر رويو ڪيو وڃي ۽ جيڪي ننڍن ڪيسن ۾ آهن انھن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جا احڪام جاري ڪيا وڃن، باقي وڏن ڪيسن لاءِ تجويزون ڏيندا.
سرڪار جي طرفان نمائندگي هوم سيڪريٽري ڪندو ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان فاروق ستار، شيخ آفتاب حيدرآباد کان، جيڪو ميئر هيو حيدرآباد جو، ڊاڪٽر صغير، خالد وڪيل جيڪو بعد ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ٿيو. هڪ ٻيو نالو ياد نٿو اچي.
سرڪار جي نمائندگي، محمد جمن ڄامڙو انچارج هوم سيڪريٽري، نياز صديقي ڊي آءِ جي ڪراچي، آءِ جي جيل گھڻو ڪري سليم اختر صديقي هيو، ڊپٽي سيڪريٽري ڪامران دوست.
ميٽنگ تقريباً هڪ مھينو قصر ناز ۾ هلندي رهي.
جڏهن ميٽنگ ٿيندي هئي ته فاروق ستار ڪڏهن سوير ايندو هيو ته اسان سان سنڌي ۾ خوشگوار موڊ ۾ ڳالھائيندو هيو. پر جڏهن ايم ڪيو ايم جي ڪنھن به ورڪر يا ڪاميٽي جي ميمبر کي ايندي ڏسندو هيو ته هڪدم سندس رنگ ۽ لھجو بدلجي ويندو هيس.
اهڙيءَ طرح آفتاب شيخ جڏهن سوير ۽ اڪيلو ايندو هيو ته تمام سٺي موڊ ۾ ۽ سنڌي ۾ ڳالھائيندو هيو. پر جيئن ڪنھن ايم ڪيو ايم جي ورڪر يا ڪاميٽي جي ميمبر تي نظر پوندي هيس ته هڪدم سندس لھجو ۽ رنگ بدلجي ويندو هيس.
جڏهن ميٽنگ ٿيندي هئي ته لڳندو هيو ته ايم ڪيو ايم جا ميمبر هڪٻئي کان ڇرڪندا هيا. چارئي پنج ئي ميمبر ميٽنگ ۾ الڳ الڳ نوٽ لکندا هيا. ايئن محسوس ٿيندو هيو ته هنن کي هڪٻئي تي ڪو به اعتبار ڪونھي.
ميٽنگ ۾ هميشه ايم ڪيو ايم جو موقف هوندو هيو ته هي جيڪي به جيل ۾ بند آهن، اهي سڀ معصوم ۽ بيگناهه آهن. انھن مٿان پ پ حڪومت ناجائز ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، انهيءَ ڪري انھن سڀني ورڪرن کي باعزت آزاد ڪيو وڃي، ۽ انھن جي مٿان مڙهيل ڪيس سرڪار ختم ڪري، انھن مسڪينن جي مالي مدد ڪئي وڃي.
اسان جو موقف بلڪل ڪليئر هيو ته جن سان واقعي زيادتي ٿي آهي ته انھن جي آزاديءَ لاءِ ڪيس ختم ڪرڻ جي سمري ٺاهي موڪلينداسين. انھيءَ سلسلي ۾ جيڪا لسٽ ايم ڪيو ايم وارن ڏني هئي، اسان انھن جي پوري پوليس رپورٽ وٺي انھن سان ڳالھائيندا هياسين ته جناب جنھن معصوم ورڪر لاءِ چئو ٿا ان جي خلاف هي هي ڪيس ڪنھن ڪنھن ٿاڻي تي داخل ۽ ڪڏهن کان آهن. توهان ڪيئن ٿا چئو ته هي معصوم آهن ۽ پ پ وارن هنن کي بيگناه بند ڪيو آهي؟ جڏهن هنن وٽ ڪو جواب ڪونه هوندو هيو ته هميشه اهو چئي ميٽنگ ختم ڪندا هياته اها رپورٽ صحيح ناهي. مان انھن کي چوندو هيس ته پوءِ انھيءَ کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڪو ثبوت پيش ڪيو. جنھن لاءِ ڪڏهن به تيار ڪونه هوندا هيا. ڇو ته انھن وٽ اهڙا ثبوت هيائي ڪونه، تنھن ڪري هميشه ڌڌڙ ۾ پڇ هڻندا هيا.
اسان وٽ ڪرمنل جو سڄو رڪارڊ هيو، جنھن ۾انھن ملزمن جي 164جو بيان ۽ تفتيش ڪيل مواد موجود هوندو هيو.
انھيءَ سڄي ميٽنگ ۾ ايم ڪيو ايم جڏهن ڏٺو ته هنن جو مطلب حاصل نٿو ٿئي ته هنن وزيراعظم تي زور وڌو ته ڪيئن به ڪري ميٽنگ مان جان ڇڏائي اسان جي ماڻھن کي آزاد ڪيو. شام جو سي ايم صاحب فون ڪري چيو ته اڄ رات ايم ڪيو ايم جي ورڪرن بابت سمري ٺاهي موڪل. سي ايم صاحب مونکي صاف لفظن ۾ ڪونه چيو ته هنن سان رعايت ڪرڻي آهي پر لھجو اهڙو هيو جو جنھن مان جتوئي صاحب چاهي پيو ته سمري اهڙي نموني اچي جو ايم ڪيو ايم راضي ٿي وڃي. اتفاق سان ان رات سانگھڙ ڊسٽرڪٽ جيل ۾ اهڙو واقعو ٿيو جيڪو مونکي ياد نٿو اچي پر سي ايم صاحب چيو تون پاڻ وڃي جيل جو معائنو ڪري ٻڌاءِ.
مون بسم الله ڪري سمري تيار ڪئي جنھن ۾ جيڪي واقعي ننڍا چار پنج ڪيس هيا انھن ۾ ايم ڪيو ايم جي ورڪرن جي مٿان ڪيس ختم ڪرڻ، باقي سڀني ڪيسن جي مخالفت ۾ ٺاهي. لا سيڪريٽري مسٽر جوڻيجو صاحب کي موڪلي ۽ لا سيڪريٽري به منھنجي رڪمنڊيشن جي حمايت ۾ نوٽ لکي اڳتي موڪليو. رات جو تقريباً يارهين وڳي مان آفيس مان نڪري پنھنجي فليٽ تي ويس. صبح جو سوير مان سي ايم جي حڪم تحت پھريان ميرپورخاص پوءِ سانگھڙ جيل تي ويس. منجھند جي ماني سانگھڙ ريسٽ هائوس تي کاڌي، اتان مان واپس ڪراچي لاءِ روانو ٿيس. جڏهن مان ٽنڊوآدم کان اڳتي آيس ته چيف سيڪريٽري جو ميسيج مليو ته جمن تو سمري ڇا موڪلي آهي؟ مون چيو ته جيڪا حقيقت هئي اها مون موڪلي آهي. چيائين ته سي ايم صاحب خوش ناهي، هاڻي تون ڪٿي ويندين؟ مون چيوته سائين جيڏانهن موڪليو مونکي ڪوئي اعتراض ناهي.
ٿوري دير ۾ کيبرن وٽ پھتس ته ميسيج مليو واجد راڻا هوم سيڪريٽري سنڌ مقرر.