آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

گرفتاريءَ جا وارنٽ

جيئن ته جميعت کي جنرل ضياءَ هر طرح سان سپورٽ ڪري پيو ته موٽ ۾ جميعت وارا به نمڪ حلالي خاطر مارشلا جي سپورٽ ۾ پنھنجي وس آهر خدمت ڪن پيا. جيئن ته جميعت وارن کي مون خلاف ٻيو ڪو اهڙو موقعو ڪونه پئي مليو، تنھن ڪري هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيائون، هڪ ته اهو بانور ڪرائڻ ته اسين ملڪ جي نظرياتي سرحدن جي حفاظت ڪريون ٿا ۽ انھي سان گڏ پنھنجي ڪارگردي ڏيکارڻ ته جيڪي جنرل صاحب ۽ مارشلا جي خلاف آهن، هو انھن تي ڪڙي نظر رکن ٿا. مونکي ان ڳالھه جو اندازو ڪون هيو ته اهي سڀ ڪاروائي سي ايم ايل اي جي دفتر ۾ انھيءَ وقت پھچندي. اتفاق سان راولپنڊي جي هڪ ڊي ايس پي جي ڀيڻ اسان سان گڏ پڙهندي هئي. ٻئي ڏينھن ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ پوائنٽ بس ۾ واپس گھر پھتي ته اتي کيس ڀاءُ ٻڌايو ته اڄ رات اسين ريڊ ڪنداسين يونيورسٽي تي، جنھن ۾ اهو ذڪر آيو ته هڪ سنڌي شاگرد آهي جنھن لاءِ سورس رپورٽ آئي آهي ته ان پاڪستان ۽ جنرل جي خلاف ڳالھايو آهي ۽ رياست جي طرفان ڪيس داخل ٿيو آهي وغيره وغيره.
انھيءَ زماني ۾ موبائل فون جو نظام ته هيو ڪونه، نڪي ڊائريڪٽ فون هيو، هاسٽل ۾ اها اسان جي ڪلاس فيلو ڇوڪري ٻي پوائنٽ بس ۾ چڙهي يونيورسٽي واپس آئي. انھن ڏينھن ۾ پوائنٽ بس هاسٽل ون ۽ ٽو جي ڀرسان هلندي هئي. اتي پريشاني واري حالت ۾ اچي پھتي ۽ مونکي اچي چيائين ته مھرباني ڪري هينئر جو هينئر ڪجھه ڏينھن لاءِ ڳوٺ هليو وڃ، يا يونيورسٽيءَ مان غائب ٿي وڃ، ڇوته مان تنھنجي لاءِ وارنٽ آف اريسٽ ڏسي آئي آهيان. اهو ٻڌائي پاڻ وري واپس راولپنڊي گھر هلي وئي.
ٿوري دير لاءِ مون سوچيو ته ڳوٺ وڃڻ مان ڪوئي فائدو ناهي، الٽو ٿي سگھي ٿو ته وڏن کي خبر پوي يا اتي اچي پوليس ڪا ڪاروائي ڪري ۽ علائقي ۾ وڏن جي خوام خواهه ۾ بدنامي ٿئي. مون ننڍي بيگ ۾ ڪجھه ڪپڙا رکيا.
”مکڻ مولائي ميلي تي، ڏنڊو ڪونڊو ڪلھي تي“
پوائنٽ بس ۾ چڙهي آبپاره اچي پھتم، اتان سڌو ميلوڊي جي ڀرسان مرحوم محمد صديق گھانگھرو صاحب، جوائنٽ سيڪريٽري لا ڊويزن جي گھر آيم. مرحوم گھانگھرو صاحب انھيءَ وقت گھر جي اڳئين لان ۾ چانھه پي پيتي. مون کي ويھاري چانھه ۽ شامي ڪباب کارايائين. انھيءَ کان پوءِ حال احوال پڇيائين ۽ مون کيس سڄي سچي ڳالھه ٻڌائي ته ڪامن روم ۾ سڀ ويٺا هياسين ۽ انھيءَ ۾ مون اهي لفظ چيا ۽ ان جي ردعمل ۾ اهيو سڀ ڪجھه ٿيو آهي. گھانگھري صاحب پڇيو ته هاڻي ڇا ڪجي؟ مون عرض ڪيو ته سائين توهان وڏا آهيو ڪو رستو ڪڍو. چيائين ٺيڪ تون فڪر نه ڪر، تون هتي اهي ٻه ٽي ڏينھن رهه، باقي انھيءَ ڳالھه جو ڪو حل تلاش ٿا ڪيون.
تقريباً مان گھانگھرو صاحب جي گھر هفتو کن رهيس، تنھن کان پوءِ مون کي چيائين ته هاڻي تون يونيورسٽي واپس وڃ، تنھنجو مسئلو حل ٿي ويو آهي. انھن ڏينھن ۾ اي ڪي بروهي صاحب وزير قانون هيو باقي گھانگھري صاحب ڪيئن ۽ ڪھڙي ليول تي اهو مسئلو حل ڪيو انھي جي لاءِ مون کي ان درويش انسان ڪونه ٻڌايو. الله کيس جنت ۾ اعلي مقام عطا ڪريس. آمين يارب العالمين.
انھيءَ وقت واپس يونيورسٽي ويم ۽ پنھنجي پڙهائي واري عمل کي گھانگھرو صاحب جي گھر به ڪونه ڇڏيم. ڪتاب وغيره ساڻ کڻي ويو هيم ۽ جڏهن موٽي آيم ته منھنجي لاءِ ڪو پڙھائي جي متعلق خلا ڪونه پيدا ٿيو. منھنجي غير حاضريءَ جي دوران جڏهن منھنجي ڪلاس فيلو (جنھن کي انجي گھر ۾ به کيس ڀينر ۽ ڀائر جمن جي محبوبه ڪري چوندا هيا) ان کي جڏهن ان ڇوڪري ٻڌايو ته جمن کي اريسٽ ڪرڻ جا حڪم مليا آهن، پوليس وارن کي، ته هوءِ ويچاري ڏاڍو پريشان ٿي. منھنجي محبوبه جي پريشاني تڏهن ختم ٿي جڏهن مان واپس ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلاس اچي اٽينڊ ڪرڻ شروع ڪيا.
مارشلا واري دور ۾ قائد اعظم يونيورسٽي ۾ تقريباً هر هفتي خاص ڪري اسان جي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪنھن نه ڪنھن بھاني آمريڪا جي ڪنھن يونيورسٽي جا وزيٽنگ پروفيسر آمريڪا ۽ پاڪستان جي تعلقات متعلق ليڪچر ڏيڻ ايندا هيا. انھيءَ آمريڪي پروفيسر سان گڏ سول ڊريس ۾ برگيڊيئر هڪ اڌ ٻيو آفيسر به ساڻ ايندو هيو، جيڪي خاص ڪري اسان جي پڇيل سوالن تي خاص ڌيان ڏيندا ۽ رپورٽنگ ڪندا هيا. هڪ دفعي 1978ع جي شروعات ۾ واشنگٽن يونيورسٽي جو پروفيسر اسٽيفن ڪوهن آيو. جنھن جي ليڪچر جو عنوان هيو ”هندستان ۽ پاڪستان جا تعلقات“ مرڪزي نقطو ان ليڪچر جو اهيو هيو ته:
پاڪستان جو ڀئو هندستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم جزو آهي. شروع ۾ ڪجھه هن آمريڪا جي پاڪستان متعلق پاليسي تي تنقيد ڪئي .
جڏهن سوال جواب جو سيشن شروع ٿيو ته اسان جي هڪ دوست جنھن جو تعلق پنجاب سان آهي ۽ اڄ ڪلهه سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل آهي. تنھن اٿي هڪ سوال نما آبزرويشن ڪئي ته
”مان سمجھان ٿو ته هندستان اها وڏي غلطي ٿو ڪري جو پاڪستان جي ڀَوَ ۾ پنھنجي خارجه پاليسي مرتب ٿو ڪري. هندستان کي ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته پاڪستان جي فوج پنھنجي عوام کي فتح ڪرڻ جي عادي ٿي وئي آهي.“
پروفيسر جيستائين ڪو جواب ڏئي برگيڊئر صاحب باهه ٿي ويو ۽ ڌمڪي واري انداز ۾ ڇوڪري کي چيائين ته تو اهڙي جرئت ڪئين ڪئي؟ جو تون پنھنجي قومي اداري خلاف هڪ آمريڪي پروفيسر جي سامھون تنقيد ڪئي آهي. ڇوڪرو وري اٿي بيٺو ۽ برگيڊيئر کي ساڳئي ٽون ۾ جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پروفيسر اٺ ڏهه هزار ميل پري کان اچي پنھنجي ملڪ جي خارجه پاليسي تي تنقيد ڪري سگھي ٿوته اسين پنھنجي قومي اداري جي غلط عمل ۽ فيصلي تي تنقيد ڇو نٿا ڪري سگھون. شڪر ٿيو جو اهو شاگرد پنجابي پر سرائڪي هيو، جيڪڏهن سنڌي يا بلوچ هجي ها ته پوري خاندان جو ڪورٽ مارشل ٿي وڃي ها. انھي کان پوءِ ان دوست کي ڪافي تڪليفون آيون. پھرين سٽ ۾ هو مھيني کان پوءِ سمر ٽرينگ تي اوسلو اسڪالرشپ تي وڃڻو هيو، اها اسڪالرشپ ختم ٿي ويس. تمام ذهين ۽ هوشيار هيو ۽ ميرٽ تي ماسٽرس کان پوءِ ليڪچرار ٿيو، پر کيس اتي چين سان هن کي ويهڻ ڪين ڏنائون، آخرڪار نوڪري ڇڏي ايل ايل بي ڪري وڪالت شروع ڪري ڏنائين. الحمدلله اڄ هڪ سٺو ۽ سينيئر سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهي.
هر اداري جي ڪان ڪا اهڙي شئي هوندي آهي، جيڪا ان اداري جي سڃاڻپ يا ٽريڊ مارڪ ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح قائد اعظم يونيورسٽي جا ٻه ٽريڊ مارڪ تمام گھڻا مشھور هوندا هيا، پر هن وقت انھن ٻنھي مان مجيد جو کوکو سڀ کان وڌيڪ ۽ هردور ۾ مشھور آهي. اڄ به جيڪو قائد اعظم يونيورسٽي پڙهيو هوندو، جيڪڏهن ڪڏهن به ڪيتري وقت کان پوءِ به وڃڻ ٿيندس ته مجيد جي کوکي تي چانهه، ماني ضرور کائيندو. ٻيو هوندو هيو پوائنٽ بس جو ڪنڊيڪٽر راجه، قد جو پورو پنو پر دل جو درياءُ، پر هر هڪ جو پيارو. ڪنھن وقت کيسي ۾ پئسه ڪونه هوندا هيا ته هو پنھنجي طرفان پئسه ڏئي ڇڏيندو هيو ۽ اسين ٻي دفعي گذريل ڏينھن وارا پئسه کيس موٽائي ڏيندا هياسين. هر وقت پيو کلندو هو ۽ خوش مزاج هوندو هيو. انھي سان گڏوگڏ سڀني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا نالا ياد هوندا هيس.
يونيورسٽي جو پرامن ماحول ايترو ته بھترين هيو جو اسين رات جي ماني کائي ٽولين ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون يونيورسٽي جي چوڌاري پيريڦيري روڊ تي چڪر ڏئي واپس هاسٽل ڏانهن واپس ورندا هياسين، ڪنھن به قسم جو ڪو خطرو محسوس ڪونه ڪندا هياسين. وڻن جي وڻڪار ڪري اڪثر جڳھن تي انڌيرو هوندو هيو ۽ پاسن سان گدڙن جون اونائون پيون اينديون هيون.