آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

هن ڪتاب بابت

آتم ڪهاڻي دنيا جي سڀني ٻولين جي ادب جي هڪ صنف آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي سڄي حياتيءَ جو سربستو احوال بيان ڪندا آهن. پوءِ جيڪڏهن ڪنهن انسان جي زندگيءَ ۾ ٻڌائڻ جهڙا چڱا يا لڱا ڪم يا عمل هوندا ته انهن کي لکت ۾ آڻبو، پر جيڪڏهن ڪو انسان ڄمڻ کان مرڻ تائين سڄي ڄمار ماني ٽڪر کائي دنيا جهان جي مامرن کان ڪنڊائتو ٿي حياتي گهاري هن دنيا مان گذاري ويو ته اهڙو ماڻهو جهڙو ڄائو تهڙو نه ڄائو. انهيءَ جي ڪهڙي آتم ڪهاڻي؟ پر جيڪڏهن ڪو اهڙو انسان هن دنيا ۾ آيو، جنهن پنهنجي محنت، همت ۽ صلاحيتن جي زور تي پاڻ موکي ڪو نانءُ ڪڍيو، جنهن سان کيس ۽ دنيا جهان کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سک ۽ سهنج مليو ته اهڙي جاکوڙي انسان کي وساري ناهي سگهبو. پوءِ انهن مان ڪجهه اهڙا سپت ڀريا انسان به هوندا آهن، جيڪي پنهنجي محنت سان ماڻيل منزلن جي اپٽار، انهن جي حاصلات ۾ روڙيل رنڊا ۽ انهن اڻانگين واٽن تان هلي پار پوڻ جو سربستو احوال آتم ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ لکي راس ڪندا آهن، جنهن مان هڪڙن جو مقصد پنهنجو ناما چار ڪرڻ ته ٻين جو وري اهو مطلب هوندو آهي ته سندن احوال مان منجهيل ماڻهو ڏڍ حاصل ڪري سبق پرائين ۽ ڪاميابيءَ جي واٽ تي سندرو ٻڌي هلڻ لڳن. ڪي ماڻهو پنهنجو شان مان وڌائڻ ۽ رعب ڄمائڻ لاءِ هٿرادو ڳالهيون وڌاءَ سان لکندا آهن، پر ڪوڙ کي پير ناهن ٿيندا، تنهنڪري پڙهندڙن تي اهڙي لکت سگهو ئي پڌري ٿيو پوي. ٻيا وري کرا ماڻهو پنهنجو احوال بنا وڌاءَ جي اصلوڪي حالت ۾ جيئن جو تيئن سچ لکندا آهن. اهڙي آتم ڪهاڻيءَ کي پڙهڻ ۾ مزو به ايندو آهي ته مصنف جي لاءِ دل ۾ عزت به پيدا ٿيندي آهي.
هن ڪتاب جو ليکڪ محمد جمن ڄامڙو به جهڙو عام زندگيءَ ۾ سچو ۽ کرو انسان آهي، تهڙو ئي هن ڪتاب ۾ پنهنجي حياتيءَ جو سمورو احوال بنا رک رکاءَ جي لکيو اٿس. جيڏو الله پاڪ کيس سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽريءَ تائين پهچائي دنيا ۾ عزت سان نوازيو، اوڏو ئي صاف گوئيءَ سان پنهنجي ننڍپڻ جي عام ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ مينهن جي ڇيڻن ميڙڻ جو به اعتراف ڪيو اٿس. اڌورو ماستر ٿيو، ڪلارڪي ڪيائين، يا فوج ۾ ڪجهه سال سپاهي ٿي گهاريائين، انهيءَ لکڻ ۾ هن کي ڪڏهن به شرمساري محسوس ناهي ٿي، جو اهو سڀ لڪائي ها.
جمن سائين تحرير جي روانيءَ ۾ مٺاڻ آڻڻ لاءِ پنهنجي لاءِ ”مامو لالو ڇا ڪري“ جهڙا اکر به ڪتب آڻي ٿو. لکت ۾ جيئن ته سندس انداز قدرتي آهي، جنهن ۾ مصنوعي ادب وارو انداز بنهه نٿو آڻي، اکر عام ۽ عوامي، ٻوليءَ جو سٽاءُ ۽ جملن جي بيهڪ دلپذير اٿس، تنهنڪري پڙهندڙ جو چاهه برقرار رهي ٿو.
مصنف جي زندگيءَ جو گهڻو تڻو وقت سرڪاري نوڪريءَ ۾ پر دبنگ عهدن تي گذريو آهي، تنهنڪري جتي به رهيو، اتي دبنگ آفيسر يا بيورو ڪريٽ جي ڏِک هن ۾ پڌري پئي ڏسجي. سنڌ ۾ نوڪريءَ دوران ٻن وڏن سياسي ڳڙهن يعني لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه ۾ اي سي ۽ ڊي سي جهڙين پوسٽن تي رهندي جهڙيءَ طرح پير کوڙي دليريءَ سان ڪم ڪيائين، سو سندس ئي وڙ آهي.
هيءَ آهي ته آتم ڪهاڻي پر پڙهڻ سان پتو پوندو ته هن ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد جي مرڪزي حڪومت جا سڀئي راز سربستا بيان ٿيل آهن. اڪثر عوام کي سياستدانن ۽ بيوروڪريٽن جي گفتار ۽ رفتار يا چال چلت جي گهٽ خبر هوندي آهي، پر هيءُ ڪتاب انهن رازن تان به سڀ پردا لاهي اصليت کي پيش ڪري ٿو. پڙهندڙ هن ڪتاب مان اهو به سکندو ته زندگيءَ جي پنڌ ۾ پريشانيون اچن ته انهن سان ڪيئن منهن ڏجي. فوجي هجن يا ڪامورا ۽ حڪمران، انهن سان ڪامياب وهنوار هلائڻ لاءِ ڪهڙا داءَ پيچ سکڻ ضروري آهن.
هلندي هلندي ڪتاب ۾ کوڙ دلچسپ احوال به لکيا ويا آهن، جهڙوڪ سائين جي ايم سيد کي گرفتار ڪرڻ، شهدادڪوٽ جي مک روڊ تان حددخليون هٽائڻ، سردار غلام محمد مهر جي ماني کائڻ، ڌاڙيلن جي سرپرستن سان مهاڏو اٽڪائڻ، بلوچستان جي ڇڙواڳ حاڪمن سان نوڪري ڪرڻ جا نرالا نمونا، انهن جون ڪي فرمائشون پوريون ڪرڻ ته ڪن تي پڙ ڪڍي بيهڻ وغيره.
هن ڪتاب جي هڪڙي خاص خوبي هيءَ آهي ته هن ۾ ملڪي مامرا سرڪار نامدار ڪيئن هلائيندي آهي؟ ٻڌ ڇوڙ ڇو، ڪيئن ۽ ڪير ڪرائيندو آهي؟ سياسي ماڻهو هجن يا چور ۽ ڌاڙيل ڪهڙي حالتن ۾ ۽ ڇو سگهارا ٿيندا آهن؟ ۽ انهن جو پگهر ڪڍڻ لاءِ آفيسر ڪهڙا گُرَ ڪتب آڻيندا آهن؟ اهي سڀ شيون به سکڻ لاءِ موجود آهن. ٻيو ته هن سان گڏ شهرن جو سياسي وايو منڊل، قبائلي سردار، حدبنديون، آدمشماري، ماڻهن جي ثقافت ۽ پيداوار اهي سڀ تفصيل به پڙهندڙ کي مفت ملن ٿا، جن مان پڙهندڙ چسڪو به وٺي ٿو ته کيس تمام گهڻي معلومات به ملي ٿي.
ڄامڙو صاحب عام زندگيءَ ۾ به کل مک ۽ زنده دل انسان آهي، انهيءَ عادت موجب جڏهن ڪٿان کيس بدلي ڪيو ويو ته چئي ڏنائين ته ”ڪل آفيسرً ذائقة البدلي“. وري ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ چوي ٿو ته ”ڪل آفيسرً ذائقة الرٽائرمينٽ“.
جڏهن اسلام آباد ۾ سندس حق ماري پروموشن ٿيڻ ۾ پنهنجن سنڌي ڀائرن رڪاوٽون وڌيون ته انسان هئڻ ناتي کيس جهوٻو آيو پر سٽ سهي وري پنهنجي ڪرت کي جاري رکيائين، تان جو ”نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي“ جي مصداق هڻي هنڌ ڪيائين ۽ نيٺ پروموٽ ٿي وفاقي سيڪريٽريءَ جي ڪرسيءَ تي ويٺو.
هن ڪتاب کي پڙهڻ وقت ڪنهن ڪنهن مهل لڳي ٿو ته ڄڻ هيءَ مصنف جي سروس ڊائري هجي، پر آهي ته حياتيءَ جو احوال، پوءِ جتي هوندو اتان جوئي لکبو.
آخري باب پڙهڻ وٽان آهن، جن ۾ مصنف پنهنجي تجربي جي روشنيءَ ۾ نوجوانن لاءِ رهنما اصول ۽ دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جون واٽون ٻڌايون آهن. رٽائرمينٽ کانپوءِ اڪثر وڏن آفيسرن کي مائٽن، برادري ۽ دوستن يارن پاران جيڪي مهڻا، طعنا ۽ ڪڏهن ڦٽڪار سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، اهو روئڻو به رنو اٿس، پر سهڻي ڳالهه ڪري ٿو ته انهن سڀني ڳالهين هوندي به مائٽن ۽ دوستن سان ناتو هرگز نه ڇنڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو محبت سڀني مرضن جو علاج آهي.
آخر ۾ چونداسين ته سگنلز جو سپاهي سائين محمد جمن ڄامڙو جيڪو وفاقي سيڪريٽريءَ جي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي. پنهنجي ٻارن ٻچڙن ۽ يارن دوستن سان سدا جيان مرڪندو، کلندو، ڀوڳ ٺڪاءَ ڪندو، پنهنجي محبوبه (جيڪا سندس شريڪ حيات آهي) سميت سکيو ستابو پيو گذاري. اسين به سندس سک سلامتيءَ لاءِ دعاگو آهيون.

انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
حيدرآباد
2019-10-18