آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

مهاڳ: محمد جمن ڄامڙو: سنڌ واسين لاءِ اعزاز

سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين، ڪتاب جو عنوان بذات خود محنت، ڪشالو، جدوجهد، جاکوڙ ۽ الله تعاليٰ تي ڪامل يقين جي علامت آهي. جيترو مون ڪتاب کي ڏٺو آهي، انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته محمد جمن ڄامڙو سنڌ ڌرتيءَ جي پنهنجي محنت ۽ ايمانداري سان هڪ حلالي پٽ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن تي جيترو ناز ڪجي اهو تمام گهٽ آهي. سنڌ جي سرزمين تمام گهڻي زرخيز آهي، جنهن صدين کان انمول هيرا پيدا ڪيا آهن، جن جي محنت ۽ مشقت سنڌ ڌرتي جو مان مٿانهون ڪيو آهي.
مان محمد جمن ڄامڙو صاحب کي 1985ع کان وٺي سڃاڻان، جنهن وقت سنڌ جي تعليمي ادارن خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جو تعليمي ماحول شاگرد تنظيمن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ۽ ڏوهاري ماڻهن جو انهن شاگرد تنظيمن سان گهرو رابطو هيو، جنهن ڪري سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ تعليم واري ماحول کي سخت نقصان رسيل هيو. اهڙي ڏکئي مرحلي تي سنڌ سرڪار مونکي اها اهم ذميواري (وائيس چانسلر يونيورسٽي، سنڌ) سونپي ته جيئن سنڌ ۾ تعليم جي بگڙيل ماحول کي صحيح راهه تي گامزن ڪجي. اهو هڪ پيچيده ۽ ڏکيو ڪم مون چئلينج ڪري ورتو، الحمدلله! منهنجي رات ڏينهن جي محنت ۽ جمن ڄامڙو هر گهربل گهڙي ۾ علاءُالدين جي چراغ وانگر حاضر ٿي مڪمل جانفشاني سان رت ولوڙيندي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. جمن ڄامڙو انهيءَ وقت ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪوٽڙي جي حيثيت ۾ ذميواريون سنڀاليندو هو. مان سندس سهڪار سان سنڌ يونيورسٽي جي ماحول کي بدانتظامي مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيس، شاگردن کي مقرر ڪيل عرصي دوران امتحان وٺڻ ۽ ڊگريون ملڻ شروع ٿي ويون جن لاءِ اڳ ٽي کان چار سال وڌيڪ شاگردن جي تعليم لاءِ صرف پئي ٿيا.
مان هڪ سينيئر جي حيثيت ۾ جمن ڄامڙو جي اهليت ۽ ايمانداري کي سڃاڻي ورتو ته انشاءَ الله جمن هڪ ڏينهن سنڌ جو نالو روشن ڪندو، جيڪو اڳتي هلي وقت ثابت ڪيو، ۽ مونکي اها ڳالهه لکڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ محسوس نٿو ٿئي ته جمن ڄامڙو جي لکيل ڪتاب سنڌ جي نوجوان توڙي وڏي عمر جي دوستن لاءِ هڪ ڪارائتو ۽ لاڀائتو ڪتاب ثابت ٿيندو.
هن ڪتاب کي پڙهڻ کان بعد اسان جي نوجوان طبقي کي هڪ اهم سبق ملندو، جنهن مان هر مشڪل وقت ۾ پائيدار فيصلي ڪرڻ جا گُر ملندا ته ڪيئن اهڙي ڏکي گهڙيءَ ۾ پاڻ تي ضبط ۽ ماحول جي پسمنظر کي سامهون رکندي حالات تي ڪنٽرول ڪجي ۽ سرخرو ٿجي، جنهن مان علائقي جي عوام کي فائدو پهچندو رهي.
جنهن ايمانداري سان جمن ڄامڙو پنهنجي زندگيءَ جي حال احوال کان سواءِ هر موڙ تي ايندڙ نوجوانن جي گائيڊنس لاءِ سربستو احوال لکيو آهي، تنهن لاءِ منهنجي طرفان جمن ڄامڙو کي شاباسون ۽ لک آفرينون هجن. پنهنجي زندگيءَ جو احوال سچائي سان بيان ڪرڻ ته مان هڪ هاري جي گهر پيدا ٿيس، مال ڍڳن جي لاءِ گاهه ڪيو، انهن جا ڇيڻا ڪڍي انهي مال ۽ رزق جي جاءِ کي خشڪ ڪيو. ٻڪريون چاريون، مِٽَنِ ۽ مائٽن جا جوتا پنهنجي سر تي رکي موچي کان ڳنڍرائڻ لاءِ کڻي وڃڻ وغيره. فوج ۾ سپاهي ٿي رهيو ۽ 1971ع واري جنگ ۾ به حصو ورتو ۽ دوران فوج جي سپاهي جي پنهنجي پڙهائي واري عمل ۾ خلل ڪون وڌو. مئٽرڪ پاس ڪري فوج ۾ ويو، چار سال فوج ۾ رهندي تعليم کي جاري رکندي بي اي پاس ڪري آرميءَ مان ٻاهر نڪتو. ان کان پوءِ پاڪستان اسٽيل مل ۾ ڪلارڪ ٿيو ۽ هڪ سال اُتي نوڪري ڪرڻ کان بعد وڃي ماسٽرس لاءِ قائداعظم يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي، جتي کيس 200 روپيه ماهوار اسڪالرشپ ملندي هيس. 1976ع ۾ ڪل ٻه سنڌي شاگرد يونيورسٽي ۾ هوندي به پنهنجي ثقافت سان محبت جو کلم کلا اظهار ڪندو رهيو، جيڪو انهي ڏکي ماحول ۾ برقرار رکڻ آسان ڪونه هيو.
سڀ کان اعليٰ ته سول سروس اڪيڊمي جي 72 سالن جي تاريخ ۾ اهو پهريون ۽ آخري موقعو هيو جو جمن ڄامڙو اڪيڊمي جي آفيشل فوٽو سيشن تي به سنڌ جي ثقافت سان نروار اجرڪ جي پٽڪي سان پهرين صف ۾ بيٺو آهي.
سول سروس ۾ هر آفيسر لاءِ وفاقي سيڪريٽري ٿيڻ معراج هوندو آهي، جتي پهچڻ ايترو ڪو آسان ڪونه هوندو آهي. جمن ڄامڙو لاءِ اهو ڊبل معراج هيو، جو اڄ تائين پاڪستان جي تاريخ ۾ سپاهي کان جنرل ته ڪيترائي ٿيا آهن پر سپاهيءَ مان واحد ۽ صرف هڪ ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري“ محمد جمن ڄامڙو ٿيو آهي، جيڪو اسان جي سنڌ ڌرتي جي ڄاون لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي.
آخر ۾ مان سڀني علم دوست ۽ نوجوانن کي چوندس ته جمن ڄامڙو جو ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري“ جو مطالعو ضرور ڪن.
مان پنهنجي دل جي گهراين سان محمد جمن ڄامڙو کي اهڙي بيباڪ طريقي سان لکيل ڪتاب لاءِ مبارڪ ۽ دعائون ڏيان ٿو ۽ کيس تلقين ڪيان ٿو ته پنهنجي تجربي جي بنياد تي سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ لکندو رهي ته جيئن اسانجي ايندڙ نسل جي رهنمائي سان گڏ اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهه پيدا ٿئي. آمين يارب العالمين

مظهرالحق صدّيقي
ڪراچي
20 آڪٽوبر 2019ع