خضدار ڏانهن بدلي
آواران ضلعي هيڊ ڪوارٽر بلڪل تربت ضلعي جي اوڀر طرف بارڊر کان سڏ پنڌ تي هيو. آوارن شھر ۾ ان وقت تائين ڪوبه پڪو رستو ڪونه هيو نه وري بجلي جو نظام هيو. جنريٽر جي ذريعي روشنيءَ جو ڪم هليو پئي. آواران شھر جي انوقت ايتري آبادي به ڪانه هئي، ايئن لڳو پي ڄڻ ڪو وڏو ڳوٺ هجي. رات جي ماني مون ڪمشنر صاحب جي گھر کاڌي ۽ صبح جو سوير نڪرڻ کان اڳ سمورو اسٽاف اچي گھر جي ٻاهران گڏ ٿيو. گھر کان نڪرڻ کان اڳ مان انھن سان وڃي پنج منٽ ويٺس ۽ سڀني کان موڪلائي هلڻ جي تياري ڪئي. ليوي جي جوانن ڪافي جذباتي انداز ۾ ٿي موڪلاين. مان، منھنجي محبوبه، پٽ ۽ ڌيءُ اسان گاڏي ۾ سوار ٿياسين. ليوي جي گاڏي منھنجي گاڏي پٺيان هلڻ شروع ڪيو. ضلعي تربت ۽خضدار ٻئي هڪٻئي سان بارڊر ملندڙ ضلعا آهن ۽ وچم تقريباً ٽي سو يا سوا ٽي سو ڪلوميٽر جي فاصلو ٿيندو، ٻنھي ضلعي هيڊ ڪوارٽر جو رستو سڄو ڪچو. هينئر الحمدلله موٽروي ۽ ٻيا ڪافي رستا ٺھي ويا آهن، تنھن ڪري اچ ۽ وڃ آسان ٿي پئي آهي. تربت کان هوشاب جو تربت جي سب تحصيل هئي، انوقت تقريباً ڏيڍ سو ڪلو ميٽر اوڀر طرف آهي جنھن کان پوءِ اوڀر اتر تي خضدار ضلعي جي حد ملي ٿي ۽ هوشاب کان اوڀر ۾ آوارن ضلعي جي حد ملي ٿي. تقريباً ٻارهن هڪ وڳي جي قريب آوران پھتس جتي اڳ ڊي سي آوارن مسٽر محمد افضل صاحب انتظار ۾ هيو. ريسٽ هائوس ڪم ڊي سي آفيس ۽ گھر تي اچي گاڏيءَ مان لھي هٿ منھن ڌوئي ماني ٽڪي کائي خضدار ڏانھن راهي ٿياسين. تقريباً ڪلاڪ جو بريڪ آواران ۾ ٿيو. هوشاب کان پوءِ مون زوري ليوي وارن کي واپس ڪيو نه ته انھن جو ارادو هيو ته خضدار تائين اسين گڏ هلون. بھرحال تقريباً ٻن اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ نال کان گذرڻ ٿيو جيڪو آبائي گھر آهي مرحوم غوث بخش بزنجو جو. نال کان پوءِ تقريباً هڪ ڪلاڪ کان پوءِ اچي خضدار شھر پھتاسين. ڊي سي خضدار جا ٻار ڪوئيٽا ۾ رهندا هيا، تنھن ڪري وڃڻ سان ڊي سي هائوس منھنجي حوالي ڪيائين. رات جي ماني ڪمشنر قلات جي گھر تي هئي جتي پنھنجي ملاقات ڊي سي صاحب سان ٿي. ڪمشنر قلات جوهيڊڪوارٽر خضدار ۾ آهي. ڪمشنر قلات ان وقت احمد بخش لھڙي صاحب هيو.
تربت کان خضدار پھچڻ لاءِ مونکي تقريباً ڏهه يارنهن ڪلاڪ لڳا. ڇو ته رستو سڄو ڪچو، تنھن ڪري گاڏي جي رفتار ڪٿي ڪٿي ته ڍڳو پير پيران وارو حساب هيو، ته ڪٿي وري چڱي ڍڳي جي ڍڳ واري رفتار هئي.
صبح جو تيار ٿي آفيس ويس اتي ڊي سي صاحب آيو، سڄي اسٽاف سان تعارف ڪرايائين چانھه وغيره پي هڪٻئي کي چارج ڏئي مونکي ڊي سي جي ڪرسي تي ويھاري پاڻ تربت ڏانھن وڃڻ جي تياري ڪيائين. جنھن گاڏي ۾ مان آيو هيس انھي گاڏي ۾ چڙهي پنھنجي منزل ڏانھن راهي ٿيو.
بلوچي ۽ براهوي ۾ خوضدار چوندا آهن اردو ۽ انگريزي ۾ خضدار. خضدار جا چار تعلقه آهن: خضدار، نال، وڍ، زهري. مشھور قبيله: زهري، مينگل، بزنجو، ساسولي، عمراڻي، احمدزئي، ريڪزئي، محمد حسني، جتڪ، زرڪزئي وغيره وغيره. خضدار بلوچستان جو ٽيون نمبر تي وڏو شھر آهي، ڪوئٽيه، تربت، خضدار.
ايراضي ۾ سنڌ جي چوٿين حصي جيترو وڏو ضلعو آهي. ڪل سنڌ جي پکيڙ تقريباً هڪ لک چاليهه هزار ڪلو ميٽر آهي ۽ موجوده خضدار جي ايراضي تقريباً ڇٽيھه هزار اسڪائر ڪلو ميٽر آهي. جڏهن آواران خضدار جو حصو هيو، انوقت چوهٺ هزار مربع ڪلو ميٽر ايراضي هئي تقريباً سنڌ جو اڌ. خضدار سطح سمنڊ تقريباً چار هزار فوٽ بلندي تي آهي. موسم خوشگوار سرديءَ ۾ سردي جام پوندي آهي.
1955ع کان وٺي جڏهن بلوچستان ڪمشنريٽ وجود آيا ته ڪمشنر قلات جو هيڊڪوارٽر خضدار ۾ رکيو ويو.
ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ آر سي ڊي هاءِ وي خضدار شھر مان لنگھي ٿو. خضدار هڪ براهوي علائقو آهي جنھن ۾ براهوي کان علاوه بلوچي ۽ سنڌي عام ڳالھائي ويندي آهي. خضدار کي سنڌ جو ويجھو وڏو شھر شھداد ڪوٽ آهي. شھداد ڪوٽ هينئر جڏهن موٽروي تيار ٿي ويو آهي ته ڪلاڪ کن جي پنڌ تي آهي، جڏهن پڪو رستوڪونه هيو، تڏهن تقريباً ٽن ڪلاڪن جو ٽائيم لڳي ويندو هيو.
خضدار جي اتر ۾ قلات ضلعو، اولھه اتر ۾ خاران، اولھه ۾ پنجگور اولھه ڏکڻ ۾ آواران، ڏکڻ ۾ لسبيلو، اوڀر ۾ دادو ۽ قمبر شھدادڪوٽ ۽ اوڀر اتر ۾ ضلعو جھل مگسي.
جنھن وقت مون خضدار جي چارج ورتي، انھيءَ وقت نصير مينگل بلوچستان جو نگران وزير اعليٰ هيو.
گورنمينٽ جي مخالفت ۾ اختر مينگل، ثناءُ الله زهري ۽ بزنجو ۽ ٻيا هيا.
رياست قلات جي زماني ۾ به اهم شھر رهيو آهي. خان آف قلات جي ساڄي پاسي واري ڪرسي تي چيف آف جهلاوان ۽ کٻي پاسي چيف آف ساروان هوندو هيو. چيف آف جھلان والان زهري صاحب خضدار ۾هوندو هيو، ۽ چيف آف ساروان رئيساڻي مستونگ ۾ رهندو هيو.
خضدار جي سرڪٽ هائوس جو خرچ ۽ سنڀال سرڪار ڪندي هئي پر قبضو زهري برادري جو. جيڪڏهن ڪوئي سرڪاري مھمان ايندو هو ته زهري برادرس جي ننڍي ڀاءَ جي مرضي هوندي هئي ته ڪنھن کي رهڻ جي اجازت ڏئي يا نه ڏئي. صبح جو سوير اٿڻ سان پھاڙ جي طرف رڳو فائرنگ هلندي هئي. مون ٻئي ڏينھن آفيس پھچي پڇا ڪئي ته هي صبح جو ڇاجي فائرنگ ٿيندي آهي؟ ٻڌايائون ته زهري صاحب جو ننڍو ڀاءُ هٿيار هلائڻ جي پريڪٽس ڪندو آهي. مون پڇيو ته رهندو ڪٿي آهي؟ ٻڌايائون ته سائين سڄو سرڪٽ هائوس ان جي حوالي آهي.
اسسٽنٽ ڪمشنر خضدار کي گھرايو ۽ چيو ته اڄ توکي صرف ٻه ڪم ڪرڻا آهن، چيائين جي سائين.
هينئر ۽ اڄ سرڪٽ هائوس ۾ جيڪي به ماڻھو قبضو ڪيون ويٺا آهن، انھن سڀني کي ٻاهر ڪڍ ۽ صفائي وغيره ڪرائي مونکي ٻارنهن وڳي اچي ٻڌاءِ، ان کان پوءِ مان پاڻ هلي چيڪ ڪندس ته سرڪٽ هائوس لاءِ ڪھڙي شئي جي ضرورت آهي يا نه.
ٻيو صبح جو جيڪا پھاڙن ۾ فائرنگ ٿئي ٿي، انھيءَ کي بند ڪراءِ. جيڪڏهن فائرنگ ڪير ڪري ته انھيءَ تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪريس. اي سي خضدار ويو ۽ ڪلاڪ کن ۾ سڄو سرڪٽ هائوس خالي ڪرائي انھي جي صفائي شروع ڪرائي ڏني. الحمدلله ٻئي ڏينھن صبح جو فائرنگ جو سلسلو بند ٿي ويو.
خضدار شھر ۾ وڏا دڪان عمومن هندو برادري وارن جا هيا. خضدار جي تقريباً سڀني سردارن جا ڀلاوڻا هندو هوندا هيا. حليه اهڙا هوندا هئن جو تون ڪڏهن به ڪونه سڃاڻيندين ته ڪي هي هندو برادري سان واسطو اٿن. ڏاڙهي مڇ کي وٽ پٽڪو ٻڌل، ڪلھي تي بندوق. جيڪڏهن نالو نه ٻڌائن تي ڪير چئي ڪونه سگھندو ته ڪو هي هندو برادري مان هوندو. ذات پڇبي ته ٻڌائيندا نالو ڪوڏومل مينگل، زهري، ساسولي مطلب ته جھڙي علائقي هوندو، اتان واري ذات سڏائيندا.
شھر ۾ پوليس بي وس هوندي هئي. ڪيترو به ڏوهاري هوندو هيو ۽ ٿاڻي تي به ڪم ڪار سان ايندو هيو ته به گرفتار ڪرڻ جي همت پوليس وارا ڪونه ڪندا هيا.
هڪ دفعي ڪو ماڻھو آيو، جنھن ٻڌايو ته سائين منھنجو ڀاءُ ٻن ڏينھن کان ٻانھن کڏ کوٽي انھيءَ ۾ پيل آهي ۽ اڃ ۽ بک تي بيحال ٿي ويو آهي. مون کي ڳالھه سمجھه ڪونه آئي ته هن جي چوڻ جو مطلب ڇا آهي. مون چيو ته ڀائي پوءِ انھي کي ماني ٽڪي کارايو ۽ ٻانهن ڪڍوس. چيائون ته سائين اهو ته ظلم آهي جو اسان کي اجازت ناهي ته ڪو اسان انکي ڪجھه کائڻ پيئڻ لاءِ ڏيون. مون پڇيو ته ڪير نٿو ڏئي؟ چيائين ته سائين سردار زادو. مون پڇيو ته مونکي ڳالھه سمجھه ڪونه آئي، ڇاجي ڪري هو توهانجي ڀاءُ کي اڃ ۽ بک تي رکيو اٿس؟
ان ماڻھو ٻڌايو ته سائين ڪنھن ماڻھو اسان تي الزام هنيو ۽ سردارزادي اسان کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ فيصلو ڪيو. جنھن اسان تي ٻه اڍائي لک ڏنڊ وڌو. هاڻي جيترو به ڏنڊ وڌو ويو، انجو چوٿون حصو فيصلي ڪندڙ جو ٿيندو آهي. ٻيا ڏنڊ جا پئسه ڏيڻ ۾ ڪجھه وقت ڏيندا آهن، باقي فيصلي ڪرڻ واري جي چوٿائي ڏنڊ جي هو اتي جو اتي ڀري پوءِ ٻاهر ويندو. جيستائين ڏنڊ جي چوٿائي نه ڏيندو تيستائين ان همراهه جو هٿ زمين ۾ سوراخ ڪري مٽيءَ سان بند ڪري ڇڏيندا آهن. منھنجي لاءِ اها نئين ڳالھه هئي. بھرحال مون ان سردار زادي کي چورائي موڪليو ته هينئر کان پوءِ اها مستي هتي ڪونه هلندي. جيڪڏهن اهڙي قسم جي ڪا واردات ٿي ته قانون پنھنجي حرڪت ۾ اچي ويندو.
الحمدلله انھي کان پوءِ مان جيستائين خضدار ۾ رهيس نه فائرنگ جي گرجڻ ٻڌڻ ۾ آيو، نڪي وري ڪنھن ماڻھو جي ٻانھن کي ڍري ۾ پوريل جي شڪايت آئي. سرڪٽ هائوس به صرف سرڪاري مھمانن لاءِ کليل رهيو. فيصلي جي چوٿائي وٺڻ فيصلي ڪندڙ لاءِ ڪو رواج ناهي، پر ڪٿي ڪٿي هلندڙ هيو، جنھن جي باري ۾ ڪا شڪايت موصول ڪانه ٿي، باقي خبر خداوند کي ته انھيءَ ۾ ڪيتري سچائي آهي.