آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

ڄامشوري ۾ مقرري

ٻئي ڏينھن ڪراچي کان بس تي چڙهي حيدرآباد پھتم. حيدرآباد ۾ منھنجو دوست غلام عباس لغاري مونکي بس اسٽينڊ تان کڻڻ آيو. مان جڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاهه هيم ته لغاري صاحب به اتي ايس ڊي او ايريگيشن هيا. بس اسٽينڊ کان سڌو شھباز بلڊنگ حيدرآباد ويم. ڪمشنر حيدرآباد مسٽر علي محمد شيخ صاحب هيو، جيڪو انوقت ميٽنگ ۾ مشغول هيا.
مون ڪمشنر صاحب جي پي اي سان پنھنجو تعارف ڪرايو ۽ ٻڌاين ته ميٽنگ ختم ٿيڻ واري آهي پوءِ مان ڪمشنر صاحب کي اطلاع ڪريان ٿو ۽ توهان ويٽنگ روم ۾ ويھو. مان ويٽنگ روم ۾ وڃي ويٺس ته پٽيوالو آيو ۽ چانھه جو پڇيو. ٿوري دير چانھه ۽ بسڪيٽ کڻي آيو. چانھه پي مس پوري ڪئي ته ڪمشنر صاحب جي ميٽنگ ختم ٿي ۽ مونکي سڏ ڪرائي گھراين. مان وڃي شيخ صاحب سان مليم، ڏاڍي پيار سان مليا. سائين علي محمد شيخ صاحب ڏاڍا بردبار ۽ ٿڌي طبيعت جا مالڪ هيا ۽ جيڪا خوبصورت ڳالھه مونکي شيخ صاحب جي لڳي ته هو مسئلي جي تھه تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪندا هيا ۽ مٿان جو بار ڪڏهن به جونئيرن ڏانھن منتقل ڪونه ڪندا هيا، جنھن جي ڪري جونيئر آفيسرن کي مسئلي جي حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي هئي.
شيخ صاحب مون کي ويھاري ڪافي آرام سان گائيڊلائين ڏني ۽ چيو ته ڪنھن به معاملي ۾ تڪڙ نه ڪجائين ۽ جتي تون سمجھين ته ڪوئي قدم کڻڻ بھتر آهي ته کڻي ڇڏجائين ڇوته سرزمين تي تون هوندين ۽ حالات کي تون بھتر سمجھندو هوندين. اسان کي به جيڪو قدم کڻڻو هوندو، اهو به تنھنجي رپورٽ جي حساب سان کڻنداسين. باقي مان ويٺو آهيان. شاگردن جي مسئلن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪجائين. ڇوته سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جا مسئلا قدري هڪجھڙا آهن ۽ شاگردن جون واڳون به مختلف ليڊرن جي هٿ ۾ رهنديون آيون آهن تنھن ڪري يونيورسٽي ۾ جيڪو به مسئلو ٿيندو آهي، انھيءَ جا اثر ٻاهر به ظاهر ٿيندا آهن.
ڪمشنر صاحب کان گائيڊ لائين وٺي ڪوٽڙي ويم، جتي مرحوم رشيد عباسي صاحب انتظار ۾ ويٺو هيو، ڇو ته عباسي صاحب کي ڊي سي لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو هيو. پھچڻ شرط اي ڊي ايم ڪوٽڙي جي چارج ڏئي عباسي صاحب لاڙڪاڻو روانو ٿي ويو. مرحوم عباسي صاحب سٺن آفيسرن ۾ شمار ٿيندو هيو. الله کيس جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري. آمين يارب العالمين. عجيب اتفاق وري 1987ع ۾ لاڙڪاڻي ڊي سي جي چارج به مون مرحوم رشيد عباسي صاحب کان ورتي.
اي ڊي ايم ڪوٽڙي کي سرڪار جي طرفان جي او آر حيدرآباد ۾ C5 نمبر گھر الاٽ ٿيل هيو. کٽ ۽ هنڌ جو بندوبست ڪري ٻئي هفتي وڃي ڪراچي مان پنھنجي من جي منٺار محبوبه کي وٺي آيس. سرڪار جي طرفان شراڊ ڪار اي ڊي ايم کي مليل هئي.
چارج وٺڻ کان پوءِ ٻئي ڏينھن مان سنڌ يونيورسٽي وڃي وائيس چانسلر سائين مظھرالحق صديقي صاحب سان ملاقات ڪئي. سائين صديقي صاحب وڏي پيار ۽ پاٻوه سان ڀاڪر پائي مليو. صديقي صاحب جھڙو قدآور پاڻ، اهڙي سندن دل ۽ جذبو. جڏهن مان صديقي صاحب کي ڀاڪر پاتو ته مان ايئن غائب ٿي ويس جيئن چوزا ڪڪڙ جي پرن ۾ لڪي وڃن. سائين جي ڀاڪر ۾ مونکي پنھنجائپ محسوس ٿي. الحمدلله اڄ تائين مان صديقي صاحب جي عزت ۽ احترام پنھنجي والد صاحب وانگر ڪندو آهيان. صديقي صاحب به مونکي پنھنجي ٻچن وانگر ڏسندو آهي. الله سائين مظھرالحق صديقي کي ڪنھن جو محتاج نه ڪري ۽ ايمان جي سلامتي سان هميشه هلائي. آمين يارب العالمين.
مظھرالحق صديقي صاحب مونکي يونيورسٽي جي ورڪنگ ۽ شاگردن جي مسئلن متعلق ڪافي ڪجھه سمجھاڻي ڏني. لاشاري صاحب رجسٽرار يونيورسٽي هيو، انکي گھرائي چئي ڇڏيائين ته ڄامڙو صاحب نئون اي ڊي ايم ٿي آيو آهي، تنھن ڪري هرممڪن ساڻس تعاون ۽ مدد ڪندا. مهراڻ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس افيئر لاءِ منظور پنھور صاحب مقرر ٿيل هيو . رجسٽرار کي چيائين پنھور صاحب کي چئو ته سڀاڻي اي ڊي ايم صاحب سان وڃي آفيس ملي ۽ جيڪي مسئلا آهن انھن متعلق وڃي ڊسڪس ڪري.
سنڌ يونيورسٽي جو ٿورو چڪر ڏئي سرزمين کان واقفيت ڪيم، اتان کان پوءِ مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي جي وائيس چانسلر صاحب سان ملڻ ويم. ايس ايم قريشي صاحب وائيس چانسلر هيا، تمام سٺي انداز ۾ مليا ۽ آڌرڀاءُ ڪيو. قريشي صاحب پنھنجي يونيورسٽي جي شاگرن متعلق مسئلن کان اگاهي ڏني.
مظھرالحق صديقي صاحب ۽ ايس ايم قريشي صاحب ۾ مون اهو فرق محسوس ڪيو ته صديقي صاحب جيڪو ڪجھه چوڻ چاهيو اهو کلي ڳالھايو، پر قريشي صاحب ڪنھن به طرح کلي ڳالھائڻ کان لھرائن پيا. جنھن ڪري اها ڏکيائي محسوس ٿئي ته قريشي صاحب جي ان مسئلي تي ها سمجھان يا انڪار سمجھان. ڳالھه کي مبھم ڪري ڇڏيندا هيا. خير وائيس چانسلر مھراڻ يونيورسٽي سان ملڻ بعد واپس گھر ويس ڇوته آفيس ٽائيم ختم ٿي چڪو هيو.
لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال محمد حسن ميمڻ صاحب ٻن ڏينھن جي موڪل تي حيدرآباد کان ٻاهر ويل هيو، تنھن ڪري ايل ايم سي جي پرنسپال سان ٻئي هفتي ملاقات ٿي، ميمڻ صاحب تمام شريف انسان ۽خدمت خلق سان سرشار هيو. ميمڻ صاحب سان ملاقات ٿي ۽ پروفيسر ظفرالله صديقي، لطيف سومرو صاحب ۽ خليق صاحب سان ايل ايم سي متعلق اسٽوڊنٽس جي مختلف مسئلن تي ڏي وٺ ٿي. انھن مسئلن کي حل ڪرڻ جي طور طريقن تي غور ويچار کاان بعد مان آفيس موٽي آيم.
اي ڊي ايم ڪوٽڙي جو فنڪشن صرف ڄامشورو ۾ تعليمي ادارن جي امن و امان برقرار رکڻ تائين محدود هيو. ڊي سي دادو جو ڪنھن به طرح اي ڊي ايم ڪوٽڙي سان انتظامي لحاظ سان ڪوئي تعلق ڪونه هوندو هيو. اي ڊي ايم انتظامي لحاظ سان سڌو ڪمشنر حيدرآباد جي ماتحت هيو.