آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

والد جون نصيحتون

الحمدلله، مان انھن ماڻھن مان هڪ خوش نصيب آهيان، جنھن تي الله جي ذات بابرڪات منھنجي اوقات کان وڌيڪ اڻ ڳڻيا احسان آهن. جنھن وقت سي ايس ايس جو رزلٽ آيو ۽ مون مسڪين کي الله جي ذات منھنجي حيثيت کان وڌيڪ عطا ڪندي ڊي ايم جي (District Management Group) جي پوسٽ ڏني. اها هڪ فطري ڳالھه آهي ته منھنجي والدين ۽ ٻين گھڻگھرن کي بي انتھا خوشي ٿي.
منھنجي والد صاحب رات جو اڪيلو مونکي سڏي پاڻ وٽ ويھاري ڪجھه نصيحتون ڪيون، جنھن تي مون ڪوشش ڪندي اڄ تائين الحمدلله انکي پوري ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي ۽ انھيءَ جي ڪري مان اڄ تائين پرامن ۽ بغير ڪنھن پريشانيءَ جي زندگي بسر ڪري رهيو آهيان.
منھنجي والد صاحب سڀ کان پھريان اها نصيحت ڪئي ته ڪنھن به حالت ۾ دنيا ۽ طاقت جي نشي ۾ ڪنھن جي دل آزاري نه ڪجائين.
اسلام جي فرض جي قضا آهي، پر انسان جي دل کي رنجائڻ جي ڪابه قضا يا ڪفارو ڪونھي. هڪ قصو بيان ڪري ٻڌايائون ته هڪ دفعي حضرت معين الدين چشتيرح جن وٽ هڪ ماڻھو پري کان پنڌ ڪري سڪ ۽ وڏي محبت سان طعام کڻي آيو. جڏهن اهو پرديسي شخص چشتي صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته اهو طعام اچي اڳيان رکيائين ۽ بار بار عرض ڪيائون، سائين هي طعام کائو، پھريان ته چشتي صاحب ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، آخرڪار ان شخص جي بار بار عرض ڪرڻ تي چشتي صاحب طعام کائڻ خاطر هٿ وڌايو، جنھن تي خادمن يادگيري ڏيارڻ خاطر عرض ڪيو ته سائين توهان کي ته روزو آهي، ايئن ته ناهي جو توهان کان وسري ويو هجي. چشتي صاحب فرمايو ته مونکي بلڪل ڄاڻ آهي ته مونکي روزو آهي. اها به خبر اٿم ته روزو ٽوڙڻ جو ڪفارو آهي. پر توهان کي شايد ان ڳالھه جو اندازو ناهي ته جيڪڏهن هن پري کان آيل دوست جي جذبي جو مون خيال نه ڪيو ۽ هن جي دل آزاري ٿي ته انجو ڪوئي ڪفارو ڪونھي. جيڪو الله جي ذات کي هرگز پسند ناهي.
ٻيو ڪنھن به صورت ۾ لالچ نه ڪجائين.
ٽيون اهو هميشه خيال رکجائين ته هڪ ڏينھن احڪم الحاڪمين جي درٻار ۾ پيش ٿيڻو آهي.
چوٿون ست فوٽ زمين جي هيٺ وڃڻو آهي اتي توکي هٿين خالي وڃڻو آهي.
پنجون برڪت حلال مال ۾ آهي، حرام جي مال ۾ برڪت ڪڏهن به ناهي، مثال ڏيندي سمجھائين ته توکي خبر آهي ڳئون، مينھن وغيره تقريباً ڏيڍ ٻن سالن کان پوءِ هڪ ڦر ڄڻيندي آهي.ٻڪري سال ۾ هڪ کان ٻه ٻار ڄڻيندي آهي.
انھي کان علاوه تقريباً هرروز لکين ڳئون، ٻڪريون ۽ مينھون ذبح ٿين ٿيون . ذوالحج جي مھيني ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ جانور ذبح ٿين ٿا. انھي کان پوءِ به توکي ڳئن، ٻڪرين ۽ مينھن جا وڳ ۽ ڌڻ عام جام نظر ايندا.
انھيءَ جي برعڪس ڪتن ۽ ٻلن جي ڄم ۾ واڌ توکي تمام گھڻي نظر ايندي آهي، يعني ڪتا ۽ ٻلا سال ۾ ٻه ٻه دفعا ٻار گھٽ ۾ گھٽ ست اٺ ڄڻن ٿا ۽ انھن کي ڪير ذبح به ڪونه ٿو ڪري، انھي جي باوجود توکي ڪڏهن به ان حرام جانور جا وڳ ۽ ولر ڪونه نظر آيا هوندا. انھيءَ ڳالھه کي ذهن نشين ڪجائين ته حرام جي ڪمائي مان توکي ڪڏهن به سڪون ۽ برڪت ڪين ملندي. تنھن جي ڪري آسان ۽ حرام جي ڪمائي پٺيان ڪڏهن به نه وڃجانءِ. جيڪڏهن ويندين ته سڀ کان پھريان الله جي رحمت ۽ برڪت تنھنجي مٿان ختم ٿي ويندي. پوءِ تنھنجي عزت عوام جي دلين مان ختم ٿي ويندي ۽ مجبوري جي ڪري جيڪڏهن ڪو تنھنجي عزت ڪندو ته اها صرف چاپلوسي هوندي، جيڪا بقادار هرگز ڪين ٿي سگھي ٿي.
ڇھون ته ڪڏهن به پنھنجي ذات سان دوکو ڪين ڪجائين. ٻيون ڳالھيون ته مونکي سمجھه ۾ اچي ويون پر ان ڳالھه جو مونکي مطلب ان وقت سمجھه ۾ ڪين آيو ته پنھنجو پاڻ سان ماڻھو ڪيئن دوکو ڪندو ؟ دل ۾ خيال ايندا رهيا ته انھيءَ جو مطلب ڇا ٿي سگھي ٿو. آخرڪار انھيءَ جو مطلب مون پنھنجي زندگيءَ جي لاهين ۽ چاڙهين کان پوءِ جيڪو سمجھيو اهو هتي دوستن جي آڏو پيش ڪيان ٿو ۽ اهو عرض به ته جيڪڏهن اوهان دوستن مان ڪير انھيءَ جو اصل مطلب سمجھي ٿو ته ضرور شيئر ڪري.
منھنجي حساب سان ته جڏهن ڪوئي انسان ڪنھن ٻئي دوست کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ اهو سمجھندو آهي ته مان هن سان اهڙي چال کيڏي ويم، جو هن کي خبر ئي ڪانه پئي. مان هن کان وڌيڪ چالاڪ نڪتس وغيره وغيره . واقعي في الوقت مان ڪنھن کان اهڙو ڪوئي ڪم ڪڍي ويس ۽ هن شريف ماڻھو مون تي اعتبار ڪندي منھنجي مرضي مطابق ان تي عمل به ڪيو. پر جڏهن ان دوست کي اها ڄاڻ ٿي ويندي ته يار مون سان ته دوکو ڪيو اٿس. اها انسان جي فطرت ۾ آهي، جڏهن هن کي خبر پوندي آهي ته فلاڻي ماڻھو مونسان ڄاڻي واڻي دوکو ڪيو آهي. ان وٽ جيڪا ڪنھنجي لاءِ عزت هوندي آهي اها بلڪل ختم ٿي ويندي آهي. انھيءَ جو مطلب ته مون پاڻ سان دوکو ڪيو، ڪنھن ٻئي سان ڪونه ڪيو.
ستون بابا گرمي سرديءَ ۾ اسان ٻھراڙيءَ جا ماڻھو گرمي جي موسم ۾ پگھر ۾ شل هوندا آهيون، پوءِ ڪير به وڏي عمر وارو اچي ته اڳ ۾ اٿي انھيءَ کي ڀاڪر پائي ملندو ڪر، انھي جو ڪڏهن به خيال نه ڪجانءِ ته تنھنجا ڪپڙا يا استري خراب ٿي پوندي. تنھنجا ڪپڙا وري استري ٿي ويندا يا ڌوپندا پر جيڪڏهن تون انھن سان ايئن نه ملندين ته هنن جي دل ٽٽندي جنھن جو ڪوئي ڪفارو نٿو ادا ڪري سگھي.
جنھن وقت منھنجي والد صاحب اها مونکي نصيحت ڀريا لفظ چئي ۽ واعدو ورتو ته تون انھي تي عمل ڪندين مان دل ۽ جان سان بابي سائين سان واعدو ڪيم ۽ بابو سائين ڏاڍو خوش ٿيو ۽ الله جي درٻار ۾ هٿ کڻي منھنجي ڪاميابي ۽ عزت جي لاءِ روئي الله کان دعا گھري ۽ چيائين ته بابا الله ڪندو ته تون ڪڏهن به ڪنھنجو محتاج ڪونه ٿيندين.
مان اڄ تائين انھيءَ چيل نصيحت تي عمل ڪندي هيستائين پھتو آهيان ۽ اها ساڳي نصيحت مان پنھن جي نوجوان دوستن کي ٿو ڪيان، جيڪڏهن توهان سمجھو ته اها نصيحت بھتر آهي ته ان تي عمل ڪرڻ جي ضرور ڪوشش ڪندا. مون کي يقين آهي ته توهان جيڪڏهن ان تي عمل پيرا ٿيندا ته ضرور ڪامياب ٿيندا.
الحمدلله مان اها ساڳي نصيحت پنھنجي اولاد سان هروقت ڪندو رهندو آهيان. مان حيران هوندو آهيان انھن جي داشمندي ۽ عقل تي، جڏهن ته هنن ظاهري تعليم ڪان ورتي هئي. ظاهري طرح اڻپڙهيل پر ڄاڻ سان ڀريل خزانو هئا.