آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

جيڪب آباد کي ترقي يافته بڻائڻ لاءِ ڪجهه اسڪيمون

سيپٽمبر 2003ع جڏهن مون جيڪب آباد جي چارج ورتي، تنھن وقت جکراڻي، بجاراڻي، مزاري، کوسه، سرڪي، سومرا، شاهلاڻي، ٿھيم۽ پھنور سياسي قوتون هيون. ضلعي ناظم بجاراڻي، نائب ناظم پنھور، ميونسپل جو ناظم جکراڻي، ايم اين اي جکراڻي، بجاراڻي ۽ مزاري هيا. ايم پي اي کوسه، پنھور، سرڪي هيا.
پاڪستان جا ٽي ايئر بيس آمريڪا جي فورسز جي حوالي ڪيل هيا، انھن ۾ شھباز ايئربيس جيڪب آباد به هڪ هيو، جتان هو افغانستان جي اندر وڃي ڪاروائي ڪري ايندا هيا. انھن ڏاڍن جي مھمان طور رهڻ ڪري انھن جي حفاظت ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج هيو، جنھن جي ڪري اسان کي به اتي اچي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو. جنھن وقت به انھن ايئرپورٽ تي رهيل مھمانن سان ملاقات ٿيندي هئي ته هميشه اهو چوندا هيا ته ٺيڪ آ توهان ڪافي حفاظتي انتظام ڪيا آهن، پر اڃان وڌيڪ توجھه ڏيو، اسان جي حفاظت لاءِ، سو انھن جو ڊو مور وارو جملو اهڙو ته رٽيل هئن، جو خواب ۾ به شايد پر يقينن اهوئي چوندا ۽ ڏسندا هوندا ته ڊو مور.
وزيراعظم پاڪستان جڏهن به پنھنجي اباڻي ڳوٺ ايندا هيا ته هميشه شھباز ايئربيس جيڪب آباد استعمال ڪندا هيا، باقي ٻين سڀ فلائيٽ جو اچڻ ۽ وڃڻ بلڪل منع هيو. وزيراعظم مير ظفرالله خان جمالي جو اباڻو ڳوٺ روجھاڻ جمالي جيڪب آباد کان تقريباً اٺ ميل اولهه ڏکڻ ۾ آهي. تنھنڪري وزيراعظم کي ايئرپورٽ تان وٺي وڃڻ ۽ ڇڏڻ جي مھمانداري جو موقعو ڊي سي او جيڪب آباد کي ملندو هيو. جمالي صاحب بذات خود جيڪب آباد جي ترقياتي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندو هيو. تنھن ڪري مون هڪڙا چار پنج پروپوزل وزيراعظم کي ڪچو تخمينو لڳرائي ڏنا هيا.
ڪشمور کان ڊيره الھيار تائين پٽ فيڊر ڪئنال سان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي روڊ ٺاهي، جنھن سان هڪ ته پنجاب کان ڪوئيٽا ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ پنجاهه سٺ ڪلوميٽر رستو گھٽ پنڌ ٿيندو ۽ ٻيو منھنجو اصل مقصد هيو ته جيڪڏهن هي روڊ ٺھي ويندو ته عمومن سنڌ ۽ بلوچستان جي بارڊر تي فورسز کي پھچڻ ۾ دقت ٿئي ٿي اتي جي ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. انھي روڊ جي تعميرٿيڻ کان پوءِ ڏوهن تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ٿي ويندو ۽ فورسز جي اچ وڃ آسان ٿي پوندي.
ٻي اسڪيم ڏني هئي ته جيڪب آباد ٺل ڪنڌڪوٽ جي روڊ کي ٻه طرفو تعمير ڪري ته جيئن جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي وارن آبادين کي ڪشمور وڃڻ لاءِ وڪڙ ڪري شڪارپور جي بجاءِ هي رستو اختيار ڪن.
ٽين اسڪيم مون ڏني هئي ته جيڪب آباد کان ڳڙهي خيرو، شھدادڪوٽ، قمبر ۽ وڳڻ تائين ٻه طرفو روڊ اين ايڇ اي ٺھرائي
چوٿون ڳڙهي خيرو، اوستا محمد ۽ ڊيره الھيار ٻه طرفو روڊ اين ايڇ اي ٺھرائي.
انھن سڀني اسڪيمن کي وزيراعظم جمالي صاحب پسند به ڪيو ۽ چيائين ته مان ذاتي ڪوشش وٺي انھن اسڪيمن کي انشاءَ الله مڪمل ڪرائيندس.
مير ظفرالله جمالي صاحب دل جو سخي ۽ وڏو مھمانواز، خوش طبيعت جا مالڪ هيا. اسان عمومن جيڪب آباد کان روجھاڻ جمالي تائين ڇڏڻ وينداهياسين ته بغير ماني کارائڻ جي واپس ڪونه ڇڏيندو هيو. هڪ دفعي جمالي صاحب، پي ايم جو پرسنل فزيشن، وحيد پي ايس او، منصب جکراڻي ۽ ٻه ٽي ٻيا گڏ ماني پئي کاڌي ته جمالي صاحب ڳالھه ڪئي ته يار اسلام آباد جي ماڻھن جي ڪا خبر ئي ڪانه ٿي پوي. مون اتي چيو ته سائين هڪڙي ڳالھه اسلام آباد لاءِ ڪافي مشھور آهي. جمالي صاحب چيو ته اها ڪھڙي ڳالھه آهي؟ مون عرض ڪيو ته سائين هڪ دفعي لاهور کان ڪنھن ماڻھو اسلام آباد فون ڪيو ته اسلام آباد مان ڪنھن ماڻھو اهو فون اٽينڊ ڪيو. لاهور واري ماڻھو پڇيو ته ڀاءُ ڪير ٿو ڳالھائين ته اسلام آباد واري چيو ته مان ضمير ٿو ڳالھايان. لاهور واري همراهه وراڻي چيس ته يار مذاق نه ڪر، اصل نالو ٻڌاءِ چيائين ته منھنجو نالو ضمير آهي. لاهور واري چيو ته تون ڪوڙ ٿو ڳالھائين، اسلام آباد واري همراهه چيو ته يار ان ۾ ڪوڙ جي ڪھڙي ڳالھه آهي مان ضمير آهيان ضمير. لاهور واري چيو ته مان ڪيئن مڃيان ته تون ضمير آهين؟ اسلام آباد ۽ ضمير ٻئي متضاد شيون آهن.
جمالي صاحب ڏاڍو کليو. ڇھن مھينن کان پوءِ جمالي صاحب وزارت عظميٰ تان فارغ ٿيا ۽ بلوچستان هائوس اسلام آباد جي گھڻو ڪري سورهن نمبر سوٽ ۾ رهائش پذير هيا. مان ملڻ خاطر اتي ويس ته جمالي صاحب وٽ ڪافي دوست اڳئي ويٺا هيا، مون چٽ اندر موڪلي هڪدم گھرائي پنھنجي ڀرسان مونکي ويھڻ لاءِ چيائون ۽ سڀني کي ٻڌايائين هي جمن ڄامڙو آهي، اڄ کان ڪجھه وقت اڳ هن هڪ ڳالھه ڪئي، جيڪا اڄ سو سيڪڙو سچ ثابت ٿي. پوءِ ان مون واري ڳالھه کي ورجايو ۽ ايڏو ته کليا ۽ بار بار منھنجي پٺي تي هٿ به رکن پيا.
جيڪب آباد وڃڻ شرط مون سموري ايريا جو جائزو ورتو ۽ ماڻھن ۽ علائقي جي عوام جي مجموعي مسئلن کي سمجھڻ ۽ انھن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش خاطر ڪجھه اپاءُ وٺڻ شروع ڪيا. جڏهن مون ڏٺو ته انگريزن جي وقت جون ٺھيل مختيارڪار جون آفيسون ۽ رڪارڊ روم جي زبون حالت ٿي وئي هئي. ايئن پيو لڳي ته پاڪستان جي ٺھڻ کان وٺي انھن بلڊنگن جي ڪنھن به قسم جي مرمت وارو هٿ لڳوئي ڪونھي. لينڊ رڪارڊ تمام غيرمحفوظ ۽ بيدردي سان ڌڪاريل پيو هيو. ڏسي مونکي ڏاڍو افسوس ٿيو ته ضلعي جي عوام جي امانت اسانجي حوالي ڪيل آهي ۽ اسين ايترا غافل ٿي ويا آهيون جو ان امانت کي صحيح طرح محفوظ به ڪري نٿا رکون. اي ڊي او ورڪس لغاري صاحب هيو، مون انکي گھرائي ذميواري ڏني ته هنن قيمتي عمارتن کي اصل حالت ۾ آڻڻ لاءِ تخمينو لڳرائي ڏي ته جيئن ايندڙ بجيٽ ۾ مرحليوار سڀني عمارتن کي درست حال ۾ آڻيون. لغاري صاحب محنت ڪري تخمينو لڳرائي مونکي ڏنو، مون انھن پنجن ڇھن بلڊنگن جي اڌ جو ايندڙ بجيٽ 05-2004 ۾ تجويز منظور ڪرائي.
جيڪب آباد ۾ آفيسرن جي رهڻ لاءِ ڪوئي بندوبست ڪونه هيو، تنھن ڪري ڊي سي آفيس جي ڪمپائونڊ وال جي اندر ٻه يا ٽي اي ڊي او هائوسز جو تجويز ناظم صاحب کان مشڪل سان منظور ڪرائي.
ناظم ۽ منھنجي گھڻين ڳالھين تي ذهني هم آهنگي هئي. ناظم صاحب جيئن ته هڪ مڃيل سياسي گھراڻي جو فرد هيو، تنھنڪري ننڍي عمر۾ طبيعت ۾ ٺھراءُ ۽ ڳالھه کي سمجھڻ جي صلاحيت هيس ۽ ملڻ جلڻ جو تمام سٺو هيو ۽ مون ڏٺو ته مون جيڪا به تجويز ڏني انھي کي وزن ڏيندو هيو، پر ڪن ڳالھين تي اختلاف به ڪندو هيو جو انجون سياسي مجبوريون هيون.
ڊي پي او دين محمد بلوچ صاحب هيو ۽ اسان جي هڪٻئي سان تمام سٺي ڪوآرڊينيشن هوندي هئي، تنھنڪري اسين پاڻ ۾ هميشه هڪ پيج تي رهياسين. دين محمد بلوچ ۽ اسانجو پاڻ ۾ پراڻو تعلق به هيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي.
جيڪب آباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جو تمام پراڻو مسئلو رهيو آهي. انھي مسئلي کي حل ڪرڻ جي خاطر الحمدلله سومرو صاحب ڪافي ڪوششون وٺي ڪنھن حد تائين پيئڻ جي پاڻي واري مسئلي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪا تڪميل جي آخري مرحلن مان گذري پئي.