شهداد ڪوٽ ۾ حد دخليون
مان جڏهن شھدادڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي چارج وٺڻ ويم ته ان وقت اِهو پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ ته شھر جي اندران ڪو رستو ڪونه آهي. ڇو ته مونکي شھر جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پھچڻ ۾ ايترو وقت لڳو، جيترو مونکي لاڙڪاڻي کان شھدادڪوٽ شھر پھچڻ تائين لڳو. پنج کان ست دفعا ته ايئن پئي محسوس ٿيو ته ڄاڻ گڏه گاڏو منھنجي گاڏي ۾ لڳندو ۽ زخمي نه ٿي پوان، الله الله ڪري وڃي ماڳ تي رسياسين.
ٻئي ڏينھن تي صرف پٽيوالو وٺي پنڌ شھر ڏانھن جائزو وٺڻ ويس، خبر پئي ته مختلف ماڻھن رستي تي حددخليون ڪيون آهن. شھر جو روڊ ٺھيل تمام وسيع آهي، پر رستي جي ٻنھي پاسن کان دڪاندارن هڪ ريڙهي وارو بيهاري ڇڏيو آهي. ان ريڙهي جي اڳيان وري ڳوڻ پٿاري وري ڪو ننڍو سامان وڪرو پيو ڪري. يعني دڪاندار پنھنجي دڪان جي اڳيان ڪرائي تي ريڙهي وارو بيھاريو، وري ريڙهي واري ڳوڻ وڇرائي ٻئي ماڻھو کي ڪرائي تي ويھاريو. اهڙيءَ طرح رستي کي ٻنھي پاسي سوڙهو ڪري ڇڏيو هيو، جو صرف هڪ گڏهه گاڏو آرام سان گذري سگھي. جيڪڏهن آمھون سامھون گڏهه گاڏا ايندا هيا ته انھن کي به ڪافي ڏکيائي ٿيندي هئي. باقي ڪار ۽ جيپ واري جو ڇا حال هوندو، يا خدانخواست ڪٿي باهه لڳي ته فائربرگيڊ ڪيئن گذري.
ٻيو ڏينھن ميل ملاقات ۽ ملڻ ۾ گذري ويو. الحمدلله شھدادڪوٽ جا تقريباً سڀ چڱا مڙس پنھنجي برادري ۽ پاڙن ۾ چڱو اثر رکندڙ هيا. شروع ۾ جيڪي مليا انھن مان ڪجھه نالا ياد آهن جيڪي هيٺ ڏيان ٿو. نور نبي جوڻيجو، علي حسن بندراڻي بروهي، مير ڪرم خان بروهي، مير مٺل مغيري، حاجي عاشق علي مغيري، خورشيد مگسي، محمد نواز مگسي، لياقت مگسي، محمد بخش کھاوڙ، علينواز کھاوڙ، احمد بخش کھاوڙ، محمود ڀٽي جو فرزند ممتاز ڀٽو، ڊاڪٽر عبدالقادر شيخ، شنڪر لال، ڪنيولال، اسلم شيخ، جبار شيخ، جان محمد کوسو، مڱڻھار وڪيل، علي حسن چانڊيو، خداڏنو چانڊيو، امداد چانڊيو، احمد علي صابر چانڊيو ۽ ٻيا دوست.
انھيءَ کان پوءِ ميٽنگ ڪئي، ميونسپالٽي وارن ٻڌايو سائين اسان پنھنجي طرفان ڪوشش ڪئي پر ڪاميابي ڪونه ٿي سگھي. چيف ميونسپل آفيسر منور سيال هيو ۽ جوکيو ميونسپل آفيسر هيو. خورشيد مگسي چيئرمين ميونسپالٽي هيو. مون سڀني کي هڪ هفتي جو ٽائيم ڏنو ته پنھنجون حددخليون هٽايو. هفتي کان پوءِ ڀڃ ڊاهه ٿيندي ۽ پنھنجي نقصان جا پاڻ ذميوار ٿيندا. جن جا رستي تي قبضه ٿيل هيا، انھن چيو ته سائين اسان کي لکت ۾ نوٽيس ڏيو. مون کين جواب ۾ چيو ته ڇا جڏهن توهان قبضو ڪيو هيو ته توهان ميونسپالٽي يا سرڪار کي لکت ۾ نوٽيس ڏنو هيو. جواب ۾ وراڻيائون ته نه، مون کين چيو توهان چوري ويٺا هيا، تنھنڪري چور کي نوٽيس ڪونه ڏبو آهي پر پڪڙبو آهي.
هنن جي لکت ۾ نوٽيس وٺڻ جو مطلب هيو ته هو وڃي ڪورٽ کان اسٽي آرڊر وٺي اچن ها. جيڪا ڳالھه تنھن وقت سمجھي ويم. بھرحال هنن جي ڪنن تي جوء به ڪانه رڙهي، ڇو ته انھن ۾ ڪجھه پريس جانمائنده به شامل هيا. ڇنڇر جي شام جو مون پاڻ جائزو ورتو، هر شئي پنھنجي جاءِ تي قائم هئي. رات جو سي ايم او سيال کي چيو ته صبح جو سوير سج اڀرڻ کان اڳ ميونسپل جو سڄو اسٽاف ٽريڪٽر ٽرالي سميت منھنجي آفيس وٽ پھچي وڃ. مختيارڪار شبير شاه هيو تنھن کي به ساڳيو ٽائيم ۽ ايس ايڇ او فورس سميت سج اڀرڻ ٽائيم تائين اچي ويا. مون هنن سڀني کي چيو ته بسم الله گرلس اسڪول کان شروع ڪيو، وچ ۾ ڪنھن جو به دوڪان يا ٻيو ٺھيل آکاڙو ڇڏڻو ناهي، ويندي آخر تائين چاهي رات ٿي وڃي توڙ تائين رستو صاف ڪرڻو آهي.
ميونسپل جو اسٽاف، پوليس مختيارڪار جي حوالي ڪري گھر ڏانھن واپس ٿيس. ڊاهڻ واري ڪم ۾ لڳي ويا، پريس جا نمائنده آيا ته سائين غريب ماڻھن سان ظلم ۽ زيادتي آهي، توهان غير قانوني ڪم پيا ڪيو، نوٽيس به ڪونه ڏنا آهن وغيره وغيره. پريس وارا ويا لاڙڪاڻي برگيڊيئر ڏي ته اسان سان ايس ڊي ايم ناجائزي ٿو ڪري. جڏهن شروع وارا ٻه ٽي دوڪان ڊاهي پٽ ڪيا ته هر ڪنھن کي اها اميد هئي برگيڊيئر صاحب اسان جي لاءِ مدد ڪندو، ڇو ته پريس وارا هنن کي وڏا دلاسا ڏئي ويا هيا.
پريس جي نمائندن جي لاڙڪاڻي پھچڻ کان اڳ مون برگيڊيئر صاحب کي فون ڪيو ته سائين شھدادڪوٽ ۾ رستي تي حددخليون ٿيل آهن، مان اڄ انھن جي خلاف ايڪشن پيو کڻان، ٿي سگھي ٿو ته توهان ڏي روڪرائڻ لاءِ ڪجھه ماڻھو اچن. چيائين فڪر نه ڪر هيڏي آيا ته انھن کي ڇنڊ پٽي موڪلي ڇڏيندس. آرمي وارن جي اها نفسيات آهي ته جيڪو پھرئين پھتو اهو سچو، سو مون اڳ برگيڊيئر کي آگاه ڪري ڇڏيو. پريس وارا دوست وڃي برگيڊيئر وٽ پھتا، جيئن هنن احوال ڇيڙيو تيئن برگيڊيئر انھن تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو، هي اتا واپس موٽيا پوءِ سڀ دڪاندار پنھنجن ڇپرن کي پاڻ ڊاهڻ ۾ لڳي ويا. منھنجي ڏنل ٽائيم کان اڳ ۾ ڏينھن جو صفايو ٿي ويو، ايترو جو آرام سان ٻه ٽرڪون سامان سميت پيون گذرنديون هيون. انھيءَ کان پوءِ قبو سعيد خان روڊ جو وارو آيو.