ڳڙھي خدا بخش جون ڳالهيون
سنڌو دريا بادشاهه ۽ نصرت لوپ بند جي سيز فائر ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي لخت جگر ۽ پھرين اولاد کي ڏسڻ لاءِ هاسپيٽل ويم جتي مون پنھنجي محبوبه ۽ اسان ٻنھي جي اکين جو ٺار کي ڏسي واپس گھر واري آفيس ۾ پھتس، باقي جيڪو رهيل ڪم هيو اهو اڪلائي پوءِ ٻيھر هاسپيٽل وڃڻ ٿيو. هفتي يا ڇھن ڏينھن کان پوءِ حسب معمول نئين آيل مھمان جو آڌرڀاءُ ڪري نالو تجويز ڪبو آهي. اهڙيءَ طرح مون به پنھنجي نئين آيل مھمان جو آڌرڀاء ڪرڻ خاطر دوست ۽ احباب گھرايا ۽ مھمانوازي ڪئي ۽ نالو تجويز ڪيوسين. محمد زوهيب جمن ڄامڙو. اڄڪلھه ماشاءَ الله اسلام آباد ۾ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. انھيءَ موقعي تي وڊيو به ٺھي. حالانڪ منور سيال منع ڪئي ته سائين وڊيو نه ٺھرايو پر اسان خوشيءَ جي انڌي گھوڙي تي سوار هياسين، تنھن ڪري اسان سيال صاحب جي ڳالھه کي وزن ڪونه ڏنو.
منھنجي اها عادت رهي آهي ته هميشه ڪڏهن به هڪ ڪاغذ ٽيبل تي ڇڏي ڪونه اٿندو هيم، چاهي اڌ رات ڇونه گذري وڃي. خاص ڪري ڊوميسائيل ۽ پي آر سي تي مان خود دستخط ڪندو هيس.
04 اپريل 1988ع تي ڳڙهي خدا بخش ۾ ڀٽو صاحب جي ورسي هئي. برگيڊيئر قريشي صاحب جو فون آيو ته ڄامڙو صاحب گھڻا ماڻھو شريڪ ٿيا هوندا. مون چيو ته صحيح اندازو اڍائي ٽي وڳي کان پوءِ پوندو، هينئر جيڪا به فگر ايندي اها صحيح ڪانه هوندي. برگيڊيئر صاحب چيو ته مون پنھنجا مختلف ٻه سورس استعمال ڪيا آهن، پر انھن ٻنھي جي انگن ۾ فرق ٿو اچي تو وٽ ڇا انگ ماڻھن جي اتي اچڻ متعلق آهي؟ مون پڇيس ته گھڻو فرق آهي؟ چيائين ته ٻنھي جي انگن ۾ چار کان پنج هزار جو فرق ٿو اچي. مون پڇيو ته تو وٽ گھڻو ۾ گھڻو انگ ڪيترو رپورٽ ٿيو آهي؟ جيڪو هن انگ ٻڌايو مون چيو ته توهانجي ٻڌايل انگ کان مون کي جيڪا رپورٽ ملي آهي اها تقريباً اٺ کان ڏهه هزار وڌيڪ آهي. مون اهو ڪوڙ ڳالھايو ڇو ته مون اڃان ڪابه رپورٽ نه ورتي هئي نه آئي هئي مون صرف اهو تاثر ڏيارڻ لاءِ ڪوڙ هيو ته جيئن ڀٽي صاحب جي مقبوليت جي اهميت باري ۾ خبر هجين ته هو ڪيترو عوام ۾ اڄ به دلين تي راڄ ٿو ڪري.
برگيڊيئر صاحب پريشان ٿيو ته مٿان هر هر رپورٽ پيا وٺن ته ڪيترا ماڻھو گڏ ٿيا آهن ۽ هن کي ٻنھي سورسن کان مختلف خبر پئي پوي، وري مون کان خبر ورتائين اها انھن کان مختلف هئي. پڇيائين ته هاڻي ڇا ڪجي؟ مون چيو ته هل ته هلون نئون ديرو شگر مل جي ريسٽ هائوس پوءِ اتان ويھي قابل اعتماد رپورٽ وٺي پوءِ اڳتي ڏيون ٿا. برگيڊيئر صاحب کي صلاح وڻي منھنجي آفيس آيو. اسان ٻئي گڏ نڪتاسين. گاڏي مون پاڻ هلائي، اڳيئن سيٽ تي برگيڊيئر صاحب ويٺو، ٻي گاڏي منھنجي گاڏي جو ڊرائيور، برگيڊيئر جي گاڏي ۽ فوج جي هڪ پڪ اپ. اسان جڏهن ماهوٽا کان گذرون پيا ته پنجاب کان ٻه ٽي جيالن جون گاڏيون رستو ڀلجي نئون ديرو کان لاڙڪاڻو طرف اچي رهيون هيون. جڏهن انھن فوج جون ٻه گاڏيون ڏٺيون ته نعره هڻڻ شروع ٿي ويا. ڪيپٽن، ڪرنل ۽ جنرل ٺا. ڪيپٽن، ڪرنل ۽ جنرل مرده باد. برگيڊيئر چيو ته يار تم ني مروا ديا.
مون چيو ته ڇو؟ چيائين تو نعره ڪونه ٻڌا . مون چيو ته مون نعره ٻڌا پر هنن توهان لاءِ ته ڪجھه ڪونه چيو. انھن صرف ڪيپٽن، ڪرنل ۽ جنرل جي ڳالھه ڪئي، توهان ته برگيڊيئر آهيو. توهان لاءِ ته هنن ڪونه چيو، خاموش ٿي ويو. خير نئوديرو شگرمل جي ريسٽ هائوس مان ويھي امن وامان جي صورتحال کي مانيٽر ڪيو جنهن کانپوءِ پوري صورتحال جي خبر مٿي موڪلي.