نصرت لوپ بند
مون آرام سان ويھڻ کان پوءِ کائنس پڇيو ته مسئلو ڇا آهي؟ چيائين ته سنڌو دريا ۾ هن سال پاڻي جھجو ايندو ۽ ٻوڏ جو خطرو آهي. نصرت لوپ بند وٽ دريا کاڌ ٿو ڪري، تنھن ڪري مان جنوري مھيني کان فلڊ ڪميشن وارن کي لکي لکي ٿڪجي پيو آهيان پر انھن کي ڪابه پرواه ناهي ۽ هاڻي پئسه سينڪشن ڪيا اٿن، جيستائين پئسه پھچندا فنانشل ييئر جون ٽيھن تي ختم ٿي ويندو، پئسه وري ليپس ٿيندا ۽ نصرت بند جي حالت تمام خراب آهي. جيڪڏهن ترت انتظام نه ٿيو ته تباهي اچي ويندي.
ڳالھه تمام گھڻي فڪر جي هئي، مون ٻيا ڪم روڪي کيس چيم ته هلي مون کي سرزمين ڏيکار. لاڙڪاڻو کان نئون ديرو رستي وٺي نئون ديرو شھر ڪراس ڪري ٿاڻي کان ٿورو اڳتي هلي اوڀر طرف دريا سنڌ تي نصرت لوپ بند تي وڃي پھتاسين. سرزمين تي بيھي مون کي سمجھايائين ته سکر کان جيڪو پاڻي جو وهڪرو ايندو، اهو سڌو اچي هن لوپ بند سان ٽڪرائبو، انھي کان پوءِ ڏکڻ طرف پاڻي جو رخ ٿيندو، تنھن ڪري اهو لازمي آهي ته جتي پاڻي اچي ٽڪرائبو ۽ جيڪڏهن هي لوپ بند مضبوط نه هوندو ته لوپ بند ٽٽي پوندو ۽ رائيٽ بينڪ جو سڄو ايريگيشن نظام ۽ باقي تمام گھڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو. ڳالھه ڪافي سنجيده هئي، مون پڇيو ته مان ان ۾ تنھنجي ڪيئن ۽ ڪھڙي طريقي سان مدد ڪري سگھان ٿو؟ چيائين ته سائين مونکي اسي لک روپئه کپن ته جيئن مان ايمرجنسي ۾ مٽي ۽ اسٽون پچنگ ڪرائي مضبوط ڪيان. مون چيو ته ڀاءُ اهو ڪيئن ٿيندو؟ چيائين ته سائين توهان ڊي سي طور او ڊي جي اٿارٽي ڏيو، جيستائين ارسا جي طرفان پئسه اچن، تيستائين مان لاڙڪاڻو ٽريزري جي معرفت پئسه ڪڍرايان ۽ فنڊز جي پھچڻ شرط مان ٽريزري ۾ جمع ڪرائي ڇڏيان. مان اچي ٻن باهين ۾ ڦاٿس.
هڪ جيڪڏهن پئسن جو انتظام نٿو ٿئي ته به سڀاڻي خدانخواسطه ڪوئي نقصان ٿي پوي تڏهن به مان باهه ۾، ڇو ته سرڪار مون کي ذميوار قرار ڏيندي ته انجنيئر ته پنھنجي مجبوري ڊي سي صاحب کي بيان ڪئي، هاڻي انجنيئر ڇٽو ڳالھه ڊي سي جي ڳچي ۾.
جيڪڏهن مان ٽريزري جي معرفت پئسه ڏيان ٿو ۽ جيڪڏهن پئسه نه آيا، تڏهن به ڳالھه ڊي سي جي ڳچي ۾ پاڻ سان معاملو اچي ٿيو ڀانڀڻ سان واٽ ويندي وارو.
آفيس اچي عيد محمد فنانس جي قانون جو ابو. اها منھنجي خوش قسمتي هئي جو عيد محمد جھڙو قابل ۽ ايماندار آفيسر خزاني تي نانگ بڻيو ويٺو هيو. مان اڄ تائين عيد محمد جھڙو ٽريزري لاءِ اٿارٽي ڪونه ڏٺو. عيد محمد کي چيم ته هي مسئلو آهي ۽ مسئلي جو حل ڪڍي ڏي. پڇيائين ته اها ڪيتري پڪ آهي مھيني يا ٻن مھينن ۾ پئسه ايندا؟ مون چيو مان هينئر انجنيئر کي گھرايان ٿو ۽ وڌيڪ توهان پاڻ ڪنفرم ڪريو ۽ انھي کان پوءِ ڪوئي رستو ڳولھي ڪڍ. مون عيد محمد کي چيو ته مان سرزمين ڏسي آيو آهيان، جيڪي خطرناڪ آهي اها ته سنڌودريا جي پاڻي جي ليول نصرت لوپ بند وٽ لاڙڪاڻو شھر کان چاليھه فوٽ اونچي آهي. خدانخواسطه انھي جاءِ کان دريا بي قابو ٿي ويو ته نئون ديرو، رتوديرو، ميروخان، قمبر ۽ لاڙڪاڻو جي عوام کي چرڻ به ڪين ڏيندو، تنھن ڪري رستو ڪڍ. عيد محمد چيو ته سائين توهان جي پريشاني جو مونکي اندازو آهي. چيائين ته انھي جو حل آهي.
ايتري ۾ انجنيئر به اچي ويو، ٽريزري آفيسر عيد محمد صاحب انجنيئر کان جيڪو پڇڻو هيس اهو پڇي پوءِ انجنيئر صاحب کي ٻڌايائين ته اهڙي طرح سان ليٽر لکي کڻي اچ. ليٽر سڄو ڊرافٽ به عيد محمد صاحب پاڻ ڪيو ۽ مونکي به ٽريزري رولز جي هڪ پيرا ڏيکاري جنھن ۾ اهو لکيل هو ته ڊسٽرڪٽ ٽريزري آفيسر هنگامي حالتن ۾ بجيٽ ۾ وقتي پئسه نه هجڻ جي ڪري به ڪنھن ڊپارٽمينٽ کي اٿورائيز ڪري سگھي ٿو ته اهو ڊپارٽمينٽ هنگامي صورتحال ۾ خرچ ڪري.
الله جي آسري تي مون ناچيز انھيءَ وقت اسي لک خرچ ڪرڻ لاءِ انجنيئر جي نالي اٿارٽي جاري ڪئي ۽ وقتي پريشاني ختم ٿي وئي. انھي کان پوءِ منھنجو سڄو ڌيان انھي نصرت لوپ بند کي مضبوط ڪرڻ ڏانھن ٿي ويو. ايريگيشن کاتي وارن به سنڌ سرڪار کي لکيو ۽ مون به ايريگيشن جي سيڪريٽري سان فون تي رابطي رهيس. گھڻو ڪري ان وقت سيڪريٽري ايريگيشن مزمل صاحب هيو. مان هر ٻئي ٽئين ڏينھن ڪم جي رفتار کي ڏسڻ ويندو هيس ته جيئن مونکي تسلي ٿئي ته ٻوڏ جي سيزن کان اڳ اهو لوپ بند مضبوط ٿي وڃي.
الحمدلله وقت سر نصرت لوپ بند تيار ٿي ويو. مٿي رپورٽ موڪلي ڇڏي. آگسٽ جي پنجين تاريخ تي منسٽر ايريگيشن مسٽر رحيم بخش سومرو صاحب هيلي ڪاپٽر ۾ آيو، انھي سان گڏ ٻئي هيلڪاپٽر ۾فلڊ ڪميشن ارسا ۽ گورنر سنڌ جي انسپيڪشن ٽيم آئي. ٻئي هيلي ڪاپٽر انھيءَ نصرت لوپ بند تي اچي لٿا. ضلعي انتظاميا ۽ چيف انجنيئر سکر بئراج، سيڪريٽري ايريگيشن سڀ هيا گھمي ڦري ڏٽوسين ۽ سڀني کي اطمينان ٿيو ته همت ڪرڻ سان ڪم سٺو مضبوط ٿيو ۽ سڀڪو واپس هليو ويو. مون انجنيئر صاحب کي چيو ته هتي مضبوط ٽيم ويھار، جيڪا سڄي بند تي گھمي ڦري، ايئن نه ٿئي جو پاڻي ڪٿان سيمو ڪري ٻاهر نڪري اچي. خير انجنيئر صاحب اتي رهيو اسان به واپس موٽي واپس لاڙڪاڻو پھچي وياسين.
06 آگسٽ 1988ع ڇنڇر جو ڏينھن هيو، آسمان تي ڪڪر هيا ۽ ٿوري ٿوري بوندا باندي ٿئي پئي. منجھند جو ٻارهن وڳي چاليھه يا ٻائيتاليھه منٽ تي شيخ زيد هاسپيٽل کان فون آيو ته توهان کي مبارڪ هجي پٽ ڄائو اٿو. اڃان ٽيليفون رکيو ته ٻيو فون آيو ته سنڌو دريا نصرت لوپ بند تي خطرناڪ ۽ ڀرپورحملو ڪري ڏنو آهي. فون رکي هڪدم گاڏي ۾ چڙهي سڌو نصرت لوپ بند ڏانھن روانا ٿياسين ۽ سڄي رستي ۾ درود پاڪ ۽ الله جي ذات بابرڪات کي عرض ڪيوسين، يا باري تعالي پنھنجو ڪرم ڪر. اسان جي عيبن ۽ خطائن کي نه ڏس، تون پنھنجي ڪريمي کي ڏس. خير پنجويھه کان ٽيھن منٽن ۾ اتي سرزمين تي وڃي پھتاسين. چيف انجنيئر سکر ۽ ٻيو ايريگيشن جو عملو بلڊوزن سميت اتي موجود هيو.
جڏهن لوپ بند تي پھتاسين ته ڪالھه وارو بند جو ڏيک غائب هيو. جنھن جاءِ تي ٻه هيلي ڪاپٽر لٿا ۽ اڏاميا ان جاءِ تي هڪ ڪار جي گذرڻ جيترو به بند مشڪل سان بچيو بيٺو هيو. سنڌو دريا به پنھنجي اوج ۾ پئي ڳاٽ اچو ڪري هليو. اسانجي حالت اها هئي جو جيترو سنڌو دريا جو ڳاٽ اوچو اوترو اسان جو ھانءُ خالي ۽ دل ننڍي ٿيندي پئي وڃي. سنڌو دريا صرف ٽريلر طور اسانجي انتظامن کي ڏٺو. چيف انجنيئر ٻڌايو ته جنھن وقت مان هتي آيس ته بند جيئن اسان ڪالھه ڏٺو اهڙي ٺاٽ باٽ ۾ هيو. منھنجي بيٺي سامھون ايئن پاڻي گھمري ڏني، جو پنجن سيڪنڊن ۾ بند ايئن چڪ هڻي کڻي ويو ڄڻ ته هتي ڪابه شئي ڪانه هئي. مون چيو ته سائين بلڊوزرن کي اڳتي ڪيو ته جيئن رهيل بند کي مضوط ڪن. چيائين ڄامڙا صاحب هي سنڌو دريا آهي، جنھن کي انگريز به مائٽي انڊس ڪوٺيندا هيا. هيئنر صرف جيڪڏهن بچاء ٿيندو ته صرف مالڪ ڪائنات جي ڪرم ۽ فضل سان باقي خير. مون چيف انجنيئر کان پڇيو ته ڇا اهڙي خطري جي ڳالھه ته ناهي جو ايمرجنسي ڊڪليئر ڪيون، ڇو ته خدانخواسطه سنڌو دريا بي قابو ٿيو ته عوام ڏاڍو پريشان ۽ نقصان به ايترو جو جنھن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل هوندو. چيائين ته جيڪڏهن درياءَ انھي حالت هلندو رهيو ته پريشاني ضرور آهي خطرو ناهي. وڌيڪ چيائين ته اسين هن پاڻي سان هلون پيا ۽ انھي جي نفسيات کان باخبر آهيون جيڪڏهن دريا ٻيھر هيڏي موٽ ڪئي ۽ هوا به دريا کي ساٿ ڏنو ته سنڀالڻ محال ٿي پوندو پر جيڪو هينئر وهڪرو آهي، انھي جي ڪابه خبر نٿي پوي ته ڪھڙو رخ ڪندو.
مان چيف انجنيئر سان بيٺو ڳالھايان پيو ته مون ڏٺو هڪ مزدور جي ميرن جھڙن ڪپڙن ۾، اڇي ڏاڙهي سان ماڻھو اچي انھي جاءِ تي بيٺو، جنھن جاءِ تي سنڌودريا حملو ڪري نصرت لوپ بند کي شديد زخمي ڪيو هيو. ان همراهه اتان ٻه ٽي مٽي جا ننڍڙا ڀتر کنيا ۽ انھن تي ڪجھه پڙهي ڦوڪ هڻي پاڻيءَ ۾ اڇليا. ٿوري دير ۾ اتي بيٺا هياسين ته اچي اولھه جي طرف کان هوا لٿي ۽ پاڻي کي اوڀر طرف ڇڪي وئي ۽ لوپ بند تان زور ختم ٿي ويو.
مون ان مزدور ٽائيپ ماڻھو کي ڳولھڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو شخص هڪدم خبرناهي ته ڪيڏاهن غائب ٿي ويو ۽ الله ڪريم جا اڻ ڳڻيان احسان جو خطرو هڪدم لھي ويو. انھيءَ کان پوءِ اتي آيل مشينري کي حرڪت ۾ آڻي ڇڏيو.
جڏهن اسان رسو کڻي پٿر ٻڌي اتي پاڻيءَ ۾ هيٺ اڇليو ته رسو جنھن جي ستر فوٽ ڊيگهه هئي کٽي پيو پر جر اڃان به هيٺ هيو. دريا جو وهڪرو اهڙي طريقي سان بند کي چڪ هڻي مٽي ۽ پٿرن کي الائي ڪاڏي کڻي ويو جو خبر ئي ڪانه پئي.
جڏهن اتان پاڻي جي ليول چيڪ ڪئي وئي، پاڻي جي ليول لاڙڪاڻو شھر جي ليول کان تقريباً پنجيتاليھه فوٽ مٿي هئي. ان مان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته جيڪڏهن خدانخواسطه نصرت لوپ بند وٽان دريا بي قابو ٿي ٻاهر اچي ها ته ڪيترو وڏو سانحو ٿئي ها. الحمدلله رب ڪائنات پنھنجو خاص ڪرم ڪيو.