سنڌي آفيسر کي ڪامرس منسٽري ۾ ناھي رکڻو
اعظم چيو ته پارٽنر هڪ ترڪيب آهي، جھيڙو ڳنڍيون ٿا، پوءِ جيڪو ٿيو. مون چيو ته بلڪل مان به طارق بن زياد وانگر ٻيڙيون ساڙي آيو آهيان ۽ واپس مان به ڪونه موٽندس. مون چيوته انشاءَ الله پھرين انٽري منسٽري ڪامرس ۾ ڪبي پوءِ رک الله تي. اعظم چيو ته يار انھيءَ لاءِ بھتر ائين ٿيندو ته هلڻ سان اڳ ۾ جوائننگ رپورٽ ڊپٽي سيڪريٽري ايڊمن کي ڏئي، پوءِ سيڪريٽري سان ملڻ لاءِ وڃ. عموماً ايئن ٿيندو آهي ته جڏهن ڪنھن منسٽري ۾ پوسٽنگ ٿيندي آهي ته پھريان وڃي سيڪريٽري سان ملبو آهي، انھيءَ کان پوءِ جوائننگ ڪبي آهي. مون پاڪستان سيڪريٽريٽ جي اي بلاڪ ۾ وڃي خاموشي سان ڊپٽي سيڪريٽري ايڊمن وٽ وڃي جوائننگ رپورٽ ڏني ۽ انھي وقت ڊي ايس ايڊمن انورڊ نمبر هڻي فولڊر ۾ وجھي جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن ڏانھن رواني ڪئي. انھيءَ کان پوءِ مان سيڪريٽري جي آفيس ويس ته سيڪريٽري صاحب ڪيبنٽ ميٽنگ ۾ ويل هيو. سيڪريٽري ڪامرس ميٽنگ ۾ وڃڻ وقت جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن کي چئي ويو ته ڄامڙو منسٽري ۾ جوائن ڪرڻ اچي ته واپس اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانھن موڪلجوس.
مان موٽي اعظم جي آفيس آيس. چانھه پئي پيتي ته جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن چوڌري محمد اعظم جو پٽيوالو آيو ۽ چيائين ته جي ايس ايڊمن توهان کي ياد ٿو ڪري. چانھه پي آرام سان مان جي ايس جي آفيس ڏانھن ويس. جڏهن مان ويس ته جي ايس مليو، ڊي ايس ايڊمن به اتي ويٺو هيو ۽ مون واري جوائننگ رپورٽ اڳئي فولڊر سميت پئي هئي. جي ايس ايڊمن چيو ته ڄامڙو صاحب مھرباني ڪري توهان وڃي اسٽيب ۾ رپورٽ ڪيو. مون چيو ته حضرت مونکي اسٽيب ڊويزن هيڏانھن موڪليو آهي، ۽ مان رپورٽ ڪري ڇڏيو آهي، تنھنڪري مان اسٽيب ڏانھن ڪونه ويندس. چيائين ته نه ۽ توهان کي اسٽيب کي وڃي رپورٽ ڪرڻو پوندو. مون چيو چوڌري صاحب مان حڪومت پاڪستان جي حڪم تحت اچي هتي رپورٽ ڪئي آهي، باقي جيڪڏهن توهان کي منھنجي شڪل نٿي وڻي ته توهان اسٽيب کي لکو. باقي مان اچي منسٽري ۾ رپورٽ ڪيو آهي ۽ توهان کي مان قابل قبول ناهيان ته پوءِ وڃي مان اسٽيب ڏي وڃي رپورٽ ڪندس. هن جو زور هجي ته نه توهان هي جوائننگ رپورٽ واپس وٺو ۽ وڃي اسٽيب رپورٽ ڪيو. مون چيو ته ايئن ڪونه ٿيندو. توهان ڀلي لکو اسٽيب کي، مان ڪونه ويندس اوڏانھن. پنھنجي نرڙ تي هٿ ڏئي ويھي ڊي ايس کي چوڻ لڳو ته يار جوائننگ رپورٽ وٺڻ کان اڳ مونکان پڇين ته ها. مان آفيس مان نڪري اعظم ڏانھن ويس. اعظم کي مٿي تي وار تمام مختصر ڳڻڻ جيترا هوندا هيا ۽ کيس اعظم گھٽ پر گنجو ڪري سڏيندا هياسين. اعظم پڇيو پارٽنر ڇا ٿيو؟ مون چيو ته گنجا جھيڙو شروع ٿي ويو، اسان به پنھنجي مورچي تي قائم آهيون ته مان اسٽيب کي رپورٽ ڪونه ڪندس توهان ڀلي لکي موڪليو. اعظم جي گھرواري جو نالو منھنجي مرحومه سس جو هيو، مان اعظم جي گھر واريءَ کي مذاق خاطر آنٽي چوندو هيس. اعظم کي چيو ته گنجا بک لڳي آهي آنٽي کي چئو ته ماني تيار ڪري، ماني وغيره کائون ته پوءِ ڪٿي رهڻ جو بندوبست ڪجي.
اعظم ۽ اسان اڳ ڪوئيٽا ۾ به گڏ رهيا آهيون. اعظم انوقت ايڪسپورٽ ڊپارٽمينٽ جو انچارج هيو. تنھنڪري هڪٻئي جي گھر ۾ اچڻ وڃڻ هيو. اعظم پنھنجي بيگم کي فون ڪري ٻڌايو ته جمن آيو آهي، ماني تيار ڪر، اسين ٿوري دير ۾ اچون ٿا. ٿوري دير کان پوءِ اسان گڏجي آفيس کان نڪتاسين. آفيس نڪرڻ کان اڳ مون فون تي پي ايس او پرائيم منسٽر مسٽر وحيد سان رابطو ڪيو ۽ ٻڌايو ته منسٽري ڪامرس وارا مونکي پاڻ وٽ رکڻ نٿا چاهن ۽ مان اتي جوائننگ رپورٽ ڪري ڇڏي آهي. وحيد چيو ته مان پي ايم صاحب کي پوءِ ٻڌايان ٿو. اتان سنڌ هائوس ۾ رهڻ لاءِ پاڻ به ڪوشش ڪئي ۽ گڏوگڏ وحيد کي به چيو ته هڪ ڪمرو سنڌ هائوس ۾ ڪرائي ڏي.
اعظم ۽ مان گڏ ماني کائڻ لاءِ وڃي ڀيڙو ٿياسين. آنٽي ماني ميز تي رکي، گھر جي سڀني ڀاتين ويھي گڏجي ماني کاڌي. اڃان اتي ويٺا هياسين ته سنڌ هائوس مان فون آيو ته توهانجي لاءِ ڪمرو نمبر سورنھن خالي پيو آهي، جڏهن به اچو، اسان اڳئي آتا ويٺا هياسين سو اعظم کي چيو ته هل مونکي سنڌ هائوس ڇڏي اچ. اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ وڃي سنڌ هائوس پھتاسين. مين بلڊنگ جي کٻي پاسي هيٺ فرسٽ فلور تي ڪمرو مليو وڃي، سنجھه لاٿاسين جيڪي ڪراچي کان ٻڌي کڻي آيو هيم. شام ٿي وئي هئي سو هڪ ٿڪل ٻيو پيٽ لتاڙي ماني سان ڀريو هيو، سو ننڊ کي ته رڳو ڪاو ٿي کپندي هئي سو سمھڻ سان ننڊ ايئن چڙهائي ڪئي، جيئن ڪڪڙ کان پري ٽينڊي تي سرڻ لامارو ڏيندي آهي. جنھن وقت سڄاڳ ٿيس ته گھڙيءَ تي نظر پئي ته ڏسان ته رات ته ڪڏهوڪو لڙي چڪي هئي. رات جو ڏيڍ ٻه پئي ٿيا. وري پاڻي پي سمھي پيس. صبح جو سوير نيرن ڪري ڄنگهن کي تيل مالش ڪري سيڪريٽريٽ وڃڻ لاءِ گوڏي گاڏي کي ٺپيوسين. سنڌهائوس کان سيڪريٽريٽ وڃڻ لاءِ رستو لاهوندي تي هيو تنھنڪري خبرئي ڪانه پئي ته پنجويھه ٽيھه منٽن ۾ وڃي اي بلاڪ ۾ پھتس. سيڪريٽري صاحب جي آفيس ويس ته خبر پئي سيڪريٽري صاحب منسٽر صاحب وٽ ويٺو آهي. سيڪريٽري صاحب جي پي ايس کي ٻڌايو ته مان اعظم صاحب وٽ وڃي ٿو ويھان، جڏهن صاحب اچي ته منھنجو اطلاع ڪجو، پوءِ جيئن ملڻ لاءِ چون مونکي انٽرڪام تي ٻڌائجو. اعظم سان گڏ ويٺاسين هيڏانھن هوڏانھن جون ڳالھيون ٿيون پئي، ته اسانجي بيچ جي هڪ ٻئي آفيسر جو اعظم کي فون آيو انکي ٻڌايائين ته ٽرپل جي آيو آهي. مونکي گھڻا دوست ٽرپل جي به سڏيندا آهن. جمن جعفر ڄامڙو. آخرڪار سڄو ڏينھن ويھڻ کان پوءِ تقريباً ٽي وڳي انٽرڪام تي فون ڪري چيو ويو سيڪريٽري صاحب چيو آهي ته صبح سوير اچي مون سان ملي. اعظم کان موڪلائي پنھنجي سواري يعني گوڏي گاڏي کي تيار ڪري نڪري پياسين.
الحمدلله سنڌ هائوس وٽ جيڪڏهن اسلام آباد تي نظرڦيرائبي ته سڄو شھر سنڌ هائوس جي قدمن هيٺ محسوس ٿيندو آهي. سنڌ هائوس ڪافي چڙهائي تي آهي. جيئن سنڌ هائوس ڏانھن وڃان پيو تيئن ڄڻ ته سنڌ هائوس اڳتي پيو ڀڄندو وڃي. پند جي ڇڪ ڇڪان ڌڪ ڌڪان انجڻ ۾ تيل جي بک جي ڪري کوٽ، نه پنڌ کٽي نه جان ڇٽي، سنڌ هائوس پھچڻ تائين پگھر پير جي کڙي کي وڃي ٽچ ڪري. تقريباً چاليھه پنجاهه منٽ لڳا جو واپس وڃي ڪمري تي پھتاسين. جڏهن سنڌ هائوس پھتس ته ڪچن بند ٿي چڪو هيو، سو وڃي پلنگ تي سمھڻ جي ڪوشش ڪئي ته بک تي پيٽ ۾ ڪوئن ڊوڙڻ شروع ڪيو، ننڊ اچي ڪونه پئي، آخر ۾ شام ٿي ڪچن کليو، وڃي بورچي صاحب کي چيو ته يار ڪو اسپيشل گيئر هڻ، ماني تيار ڪر ته ڪو دلبر پيٽ جو بندوبست ٿئي. بورچي صاحب جلدي ۾ چانھه ۽ هڪڙا ٻه ٽي سينڊوچ ٺاهي ڏنا. سينڊوچ کائڻ ۽ چانھه پيئڻ سان ڪجھه پيٽ ۾ ٻل ٿيو ۽ ڪوئن پيٽ ۾ ڊوڙڻ بند ڪيو. رات گذري ٻئي ڏينھن صبح گوڏي گاڏي تي سوار ٿي سيڪريٽري صاحب سان ملڻ پھتس، سيڪريٽري صاحب گھرايو ۽ پڇيو ته ڪٿي ڪٿي رهيو آهين وغيره. انھيءَ کان پوءِ چيائين ته توهان وڃي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪيو ۽ منسٽري آف ڪامرس کي اڳئي منسٽر صاحب ڪنھن سان ها ڪري ڇڏي آهي. مون چيو ته سائين توهان جي مرضي، مون ته ڪالھه منسٽري ۾ جوائننگ رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي. توهان ڀلي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي لکي موڪليو ته هن آفيسر هتي رپورٽ ڪئي آهي پر توهان نٿا رکڻ چاهيو، تنھن ڪري توهان کي ٻيو آفيسر ڏين. چيائين ته اهو اسان اسٽيب کي ڪونه لکنداسين. مون چيو ته منھنجي لاءِ مسئلو آهي ته مان جوائننگ ٽائيم پورو ڪري ٽي ڏينھن اڳ توهان جي منسٽري ۾ رپورٽ ڪيو آهي. مان جيڪڏهن اڄ وڃي اسٽيب ۾ رپورٽ ڪندم ته جوائننگ ٽائيم کان مٿي ٽي ڏينھن گذري ويا آهن، مان انکي ڪيئن جسٽيفاء ڪيان. جيڪڏهن اهڙي ڳالھه هئي ته مونکي هتي جوائن ڪرڻ کان اڳ جھليو ها ته مان وڃي اتي رپورٽ ڪيان ها. مونکي ڪوئي ضد ناهي ته ڪامرس ۾ سروس ڪرڻي آهي. هاڻي صرف اهو رستو بچيو آهي ته توهان اسٽيب ڏانھن مونکي واپس موڪليو، مان هليو ويندس. سيڪريٽري صاحب ڪجھه سوچ ۾ پئجي ويو مونکي چيائين ته ڏسون ٿا پوءِ توکي ٻڌائينداسين. آفيس کان نڪري اعظم وٽ ويم، سڄو وڃي حال احوال اوريم. اعظم چيو ته تنھنجي جوائننگ جي ڪري منسٽر ناراضگي ڏيکاري آهي، بھرحال ڪوشش جاري رک. مون ٻاهر وڃي پي ايس او پرائيم منسٽر سان ڳالھايو ته يار ڪھڙي مصيبت ۾ اڇليو اٿو، جو اڄ به سيڪريٽري ڪامرس مسٽر نوراني صاحب چيو ته وڃي اسٽيب ۾ رپورٽ ڪر. چيائين ته مون ٽيون ڏينھن به جمالي صاحب سان ذڪر ڪيو هيو ۽ پرنسپل سيڪريٽري کي پي ايم صاحب چيو به آهي.
پرائيم منسٽر جو پرنسپل سيڪريٽري سائين محب الله شاهه جو ننڍو ڀاءُ ڪسٽم سروس جو سيد شجاع شاهه هيو. شجاع شاهه سيڪريٽري ڪامرس سان فون تي ڳالھايو ته ڄامڙو کي جوائن ڪرڻ ڏيو. مونکي پرائيم منسٽر جي پرنسپل سيڪريٽري جي طرفان ميسيج مليو ته سيڪريٽري ڪامرس سان صاحب جي ڳالھه ٿي وئي آهي، سو تون وڃي سيڪريٽري ڪامرس سان مل. مان پورو هفتو هر روز سيڪريٽري سان ملڻ وڃان، ملاقات ڪانه ٿئي، آخر ۾ اهو ميسيج مليو ته صبح سوير اچجانءِ. هفتي کان پوءِ وڃي ٻيھر پرنسپل سيڪريٽري شاهه صاحب سان ملڻ ويم، وڃي ٻڌايو ته روز پنڌ ڪري جُتي به گسي وئي آهي، سيڪريٽري ڪامرس ملي ڪونه ٿو. منھنجي سامھون وري سيڪريٽري ڪامرس کي فون ڪرڻ لاءِ پنھنجي پي ايس کي چيائين. سيڪريٽري ڪامرس مري ۾ ڪانفرنس لاءِ ويل هيو. مونکي شاهه صاحب چيو ته مان اڄ ڳالھائي پوءِ توکي ٻڌائيندس. مان ٻاهر اچي پي ايس او وحيد کي چيو ته پنھنجي ڊرائيور کي چئو ته مونکي سنڌ هائوس ڇڏي اچي.
پرائيم منسٽر جو پي ايس او مسٽر ميان وحيد، جڏهن مان ڊپٽي ڪمشنر خضدار هيم ته وحيد اتي خضدار ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هيو، تنھن ڪري هو منھنجو وڌيڪ خيال رکندو هيو.
رات جو ميسيج مليو ته پرنسپل سيڪريٽري صاحب جو سيڪريٽري ڪامرس سان ڳالھائڻ ٿي ويو آهي، سو تون صبح جو سيڪريٽري ڪامرس سان وڃي مل. مان ٻئي ڏينھن وڃي سيڪريٽري ڪامرس سان ملڻ لاءِ آفيس پھتم، سيڪريٽري صاحب سان ملاقات ٿي. جي ايس ايڊمن کي انٽرڪام تي چيائين ته ڄامڙو صاحب جي جوائننگ رپورٽ وٺو. مونکي چيائين ته ٻه ٽي ڏينھن انتظار ڪر، توکي ڪا ونگ الاٽ ڪيون ٿا. سيڪريٽري صاحب کان پوءِ مان سڌو اعظم وٽ ويس، حال احوال ٿيا. چيائين پارٽنر اڌ ڪم ٿيو، باقي اڌ به ٿي ويندو، الله مالڪ آهي. وڌيڪ چيائين ته سيڪريٽري صاحب کي ته اڳ به توکي وٺڻ لاءِ ڪوئي اعتراض ڪونه هيو، اصل مسئلو آهي منسٽر ڪامرس جو، هو نٿو چاهي ته توهان هتي اچو. هينئر به سيڪريٽري جي مٿان پريشر وجھيون ويٺو آهي ته ڪوئي ٻيو آفيسر گھرايو، هن کي واپس موڪليو. چيائين ته هاڻي اصل مسئلو حل تڏهن ٿيندو جڏهن توکي ڪنھن ونگ جو انچارج ڪندا. ڪامرس منسٽري ڪافي وڏي منسٽري آهي، جنھن ۾ تقريباً ڏهه ٻارهن جوائنٽ سيڪريٽريز هوندا آهن. آخرڪار هفتو گذري ويو، منسٽري منھنجو نوٽيفڪيشن جاري ڪا نه پئي ڪري، آخرڪار ٻه هفته گذري ويا وري مان سيڪريٽري صاحب سان وڃي مليم، مون چيو ته سائين يا مونکي ڪنھن ونگ ۾ رکو يا واپس اسٽيب ڏانھن موڪليو، آخرڪار مئي 2004ع جي آخر ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪري مونکي جوائنٽ سيڪريٽري انشورنس مقرر ڪيو ويو.
جنرل مشرف جڏهن ضلعي حڪومت جو نظام ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ته انوقت هن کي خطرو هيو ته ڊي ايم جي آفيسر منھنجي هن نئين يل نظام کي قبول ڪونه ڪندا، تڏهن جنرل مشرف اسان سڀني ڊي ايم جي آفيسرن نالي سان پنھنجي دستخط سان خط لکيو هيو ته مان توهان جي سروس جو احترام ڪيان ٿو ۽ هيءُ جاري ڪيل نظام توهان جي مفادن جي خلاف ڪونه استعمال ٿيندو وغيره. انھي ڪري مرڪزي وزيرن کي اختيار ڏنا هئائين ته ڪنهن به منسٽري ۾ ڪوئي به سينيئر آفيسر وزير جي مرضي کان بغير پوسٽ نه ڪيو وڃي. جيئن ته همايون اختر خاموش سپاهي اختر عبدالرحمان جو پٽ هيو، جيڪو جنرل ضياءَ سان گڏ جھاز جي حادثي ۾ مئو هيو، تنھنڪري ڀٽو صاحب جي دشمني انھن جي رڳ رڳ ۾ ڀريل هئي، تنھنڪري سڀ سنڌي انھن کي ڀٽي صاحب جا حمايتي ۽ پنھنجي لاءِ خراب سمجھندا هيا. انھيءَ ڪري سيڪريٽري منسٽر کي ناراض نه پيو ڪرڻ چاهي.