آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

نوابشاهه ۾ مقرري ۽ زرداري

هڪ دفعي چيف سيڪريٽري سنڌ مونکي ٻڌايو ته نوابشاهه ۾ توکي زرداري صاحب پاڻ رکرايو آهي. ليڪن زرداري صاحب مونکي ڪڏهن به پنھنجي زبان سان اهو نه چيو، نڪي وري منھنجي ڪم ۾ ڪنھن به قسم جي رڪاوٽ سڌي طرح وڌي. ٻه ٽي دفعا اهڙا موقعا به آيا، جڏهن مون ڪنھن معاملي تي ڳالھه صاف ٻڌائي ته انجي حمايت ڪيائون. هڪ دفعي مونکي مرحوم غلام مجتبيٰ جتوئي فون ڪيو ته زرداري جا ماڻهو منھنجي قاضي احمد روڊ تي نوابشاهه ۾ پلاٽ تي قبضو ڪري ويھي رهيا آهن. مان صرف توکي انھي ڪري ٿو چوان جو توهان ضلعي جا ڊي سي آهيو. سڀاڻي ايئن نه چئو ته مونکي توهان ٻڌايو ڪونه. اهو به مان سمجھان ٿو ته توهان ڪجهه ڪري به ڪونه سگھندا ڇو ته زرداري وزيراعظم هائوس ۾ ويٺو آهي. باقي قبضو مان پاڻ ڇڏائيندس ۽ مونکي قبضو ڇڏائڻ ايندو آهي. مون جتوئي صاحب کي صرف ايترو چيو ته سائين توهان مونکي هينئر چئو پيا، ۽ تقريباً ٽائيم ساڍا ڏهه صبح جا ٿيا آهن، مان توهان سان ڪلاڪ اڌ کان پوءِ ڳالھائيندس. تيستائين توهان ڪنھن ٻئي کي ڪين چوندا.
مون انھيءَ وقت زرداري صاحب ڏانھن اسلام آباد فون ڪيو. مون زرداري صاحب کي چيو ته سائين غلام مجتبيٰ جتوئي صاحب جو فون آيو هيو ۽ جتوئي صاحب هي چيو آهي. مون وڌيڪ چيو ته سائين هڪ سج به پاڇا ٿيندا آهن ۽ توهانجي لاءِ اهو بھتر ڪونه ٿيندو جو سڀاڻي توهان لاءِ ايئن خوامخواهه ڳالھيون هلن. چيائين ته مونکي اها خبر ناهي، باقي ڪجھه خاصخيلي مون وٽ آيا هيا ۽ ايئن چيو هين ته سرڪاري پلاٽ آهي ۽ اسين مسڪين ماڻھن کي رهڻ لاءِ جاءِ ڪانھي، مون چيو ته ڀلي توهان وڃي ويھو. مون چيو ته سائين اهو سرڪاري پلاٽ ناهي، بلڪه جتوئي صاحب جو آهي. چيائين ته انھن کي هينئر وڃي اٿارين. مون انھيءَ وقت فون ڪيو مختيارڪار نوابشاهه کي ته قاضي احمد روڊ تي جتوئي صاحب جو پلاٽ آهي، اتي جيڪي به ماڻھو ويٺا آهن، اڌ ڪلاڪ ۾ اٿاري مونکي رپورٽ ڏي. مختيارڪار سرزمين تي ويو ۽ اچي چيائين ته سائين اهي ته زرداري صاحب لاءِ ٿا چون ته اسان کي مالڪ اجازت ڏني آهي. مون وراڻي پڇيو ته اهو پلاٽ ڪنھن جو آهي؟ چيائين ته اتي ماڻھن ٻڌايو ته جتوئي صاحب جو آهي. مون چيو ته هينئر وڃ ۽ مونکي ٻارهن وڳي کان اڳ اچي ٻڌاءِ ته ڪوئي ماڻھو اتي ڪونھي ۽ انھيءَ کان پوءِ مان پاڻ اچي سرزمين ڏسندس. مختيارڪار ويو انھن جيڪي ڪچا پکا اڏيا هئا انھن کي اتان ٻاهر ڪڍي اچي رپورٽ ڏني ته هينئر پلاٽ بلڪل خالي پيو آهي. مون انھي وقت جتوئي صاحب کي فون ڪري چيو ته توهان جو پلاٽ خالي ٿي چڪو آهي ۽ گھٽ ۾ گھٽ توهان انکي چوڌاري ديوار ڏياري ڇڏيو. چيائين ته ڄامڙو صاحب ڇا ٿو چوين هينئر پلاٽ خالي ڪرائي ڇڏيو آهي توهان؟ مون چيو ته بھتر ٿيندو ته توهان ڪنھن پنھنجي ماڻھو کي موڪلي تصديق ڪيو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جتوئي صاحب جو وري فون آيو ته ڄامڙو صاحب مان توهان جو صرف شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ فون ڪيو، جو اسان کي گھڻي جنجھٽ کان بچائي ڇڏيو ۽ توهانجي وڏي مھرباني.
زرداري صاحب چيو نوابشاهه لاءِ ڪجھه ترقياتي اسڪيمون تجويز ڪري موڪل. نوابشاهه کي خوبصورت بنائڻ لاءِ اڳئي پنھنجي ليکي مون ڪجھه اسڪيمون ٺاهيون هيون، هاڻي وڌيڪ انھن کي سينگاري ٺاهي مان هيٺيون اسڪيمون رئيس حاڪم علي زرداري صاحب جي طرفان ٺاهي مسٽر سلمان فاروقي ايڊيشنل سيڪريٽري پي ايم سيڪريٽريٽ وٽ کڻي ويس. جنھن تي فاروقي صاحب چيو ته حاڪم علي جي نالي سان اسڪيمون نه هجن، بلڪ تون ڊي سي جي حيثيت ۾ اهي سڀ اسڪيمون تجويز ڪر. مون چيو ته سائين مان هن وقت صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ آهيان ۽ مان سڌو مرڪز کي لکي ڪونه ٿو موڪلي سگھان. تنھنڪري ڪنھن نه ڪنھن سياسي ماڻھو يا ڪنهن ٻئي جي نالي موڪلي سگھندس. چيائين ته نه تون پاڻ ڊي سي جي حيثيت ۾ موڪل. مون چيو ته هڪ صورت ٿي سگھي ٿي ته توهان مونکي ليٽر لکو، پوءِ انھي جواب ۾ مان توهان ڏانھن سڀ اسڪيمون روانيون ڪيان. چيائين ته تون ڳالھه ڪونه سمجھندين. مون چيو ته سائين اها منھنجي پراڻي بيماري آهي. خير مون رئيس حاڪم علي جي نالي سان هيٺيون اسڪيمون تجويز ڪيون؛-
ريلوي مٿان اورهيڊ برج: ايئرپورٽ جي ٽرمينل کي اولهه طرف ڪرڻ ۽ ٽرمينل تائين روڊ کي ويڪرو ۽ ٻه طرفو ڪرڻ. فور اسٽار هوٽل، لا ڪاليج روينيو ڪالوني۽ پبلڪ اسڪول.
روينيو اڪيڊمي: سنڌ ۾ روينيو اڪيڊمي جي نه هجڻ سبب سنڌ جا پي سي ايس آفيسر عمومن پشاور ٽرينگ لاءِ ويندا هيا، منھنجي خواهش هئي ته روينيو اڪيڊمي سنڌ ۾ ٺھي ۽ منھنجي حساب سان نوابشاهه پوري سنڌ جي تقريباً سينٽر پوائنٽ ٿئي ٿو.
لکمير ديھه کي سڪرنڊ تعلقي مان ڪڍي نوابشاهه تعلقي ۾ ڪرڻ. ڇوته نوابشاهه ايئرپورٽ جي حد ٻن ضلعن ۽ ٽن تعلقن ۾ ورهايل هئي. ايئرپورٽ جي اوڀر ڏکڻ ضلعي سانگھڙ ۾ ايندو هيو. ايئرپورٽ جي مين گيٽ کان ٿورو اڳتي هلڻ کان پوءِ نوابشاهه تعلقو ختم ۽ سڪرنڊ تعلقو شروع ٿي ويندو هيو.
نوابشاهه لاءِ واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج، شھر جي اندر مختلف رستا، نوابشاهه سڪرنڊ روڊ کي ويڪرو ۽ ٻه طرفو ڪرڻ وغيره وغيره. فاروقي صاحب پوءِ مونکي زرداري صاحب سان ملاقات ڪرائي. چڱي نموني سان خوش خرابت ٿي. پوءِ چيائين ته ڪوئي تنھنجو ذاتي ڪم؟ مون عرض ڪيو ته سائين مھرباني، جيڪڏهن ٿي سگھي ته اسان کي ڪنھن فارين ٽريننگ لاءِ نامزد ڪرايو. انھي وقت فاروقي صاحب کي چيائين ته نوٽ ڪر، ڪنھن ٽرينگ لاءِ اي اي ڊي وارن کي چئو. انھي کان پوءِ مان موٽي واپس نوابشاهه آيس.
هڪ دفعي سائين ظفر علي شاهه فون ڪيو ته فلاڻو تپيدار آهي، هن منھنجي مخالفت ۾ جتوئي صاحب جي گروپ کي ووٽ ڪرايا آهن ۽ انھي کي هينئر جو هينئر سسپينڊ ڪر. مون چيو ته سائين سسپينڊ ڪرڻ لاءِ ڪوئي جواز کپي، صرف انھي چوڻ تي ته مان هڪ تپيدار کي سسپينڊ ڪو نه ڪندس، ته هن توهانجي مخالفت ڪئي آهي. چوڻ لڳو ته ان تپيدار جتوئي صاحب جي طرفان ٿي ڇھن پولنگ اسٽيشن تي نه صرف مخالفت ڪئي آهي پر انھن ڇھن پولنگ اسٽيشن جو سڄو خرچ به انھي تپيدار ڪيو آهي. هوڏانھن تپيدار کي به ڪٿان ڀڻڪ پئجي وئي ته ظفر علي شاهه هن جي پٺيان هٿ ڌوئي پئجي ويو آهي. سائين ظفر علي شاهه جي خوبي آهي ته جنھن ڪم جي پٺيان پوندو آهي، تيستائين آرام سان نه ويھندو آهي، نڪي ڪنھن کي ويھڻ ڏيندو آهي، جيستائين انکي توڙ تائين نه پھچائي. سائين ظفر علي شاهه سان ويساري جي به ماڻھن کي شڪايت رهندي آهي پنھنجي علائقي ۾، پوءِ خبر ناهي اها ڄاڻي واڻي ڪندو آهي يا واقعي ايئن آهي.