آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

سازدا خيرپور ۾ پوسٽنگ ۽ عمارتن جي نقشن ۾ تبديليون

آڪٽوبر 1987ع ۾ منھنجي بدلي ڊائريڪٽر نارا ويلي سازدا خيرپور ٿي وئي. ان وقت ڊائريڪٽر جنرل مرحوم محمد هاشم ميمڻ هيو، جنھن منھن جي بدلي چيف سيڪريٽري کي چئي ڪرائي هئي. منھنجو سازدا ۾ نوڪري ڪرڻ جو وقت ته تمام ٿورو هيو، جو تقريباً ويھن ڏينھن کان پوءِ منھنجي اچانڪ بدلي ٿي وئي ڊي سي لاڙڪاڻو. جيڪي ڏينھن منھنجا سازدا سان لاڳاپيل هيا، اهي تمام خوبصورت يادگيرين وارا هيا. ڇو ته محمد هاشم ميمڻ جھڙو انمول هيرو باس هجي ته ان سان گڏ جي ڪم ڪرڻ جو مزو پنھنجو هوندو آهي.
ڊائريڪٽر نارا جي چارج وٺڻ کان پوءِ حسب معمول پنھنجي عادت مطابق پنھجي ايريا کي ڏسڻ خاطر دوري تي نڪتس ته جيئن ڪنھن به فيصلي ڪرڻ کان اڳ مان پاڻ سرزمين گھمي ڏسان ته جيئن ان ايرا مطابق ڪنھن فيصلي کي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. پھريون دورو مون ميرپور ماٿيلي جي ايريا جو رکيو، انھيءَ کان پوءِ مان گھوٽڪي ڏانھن ٿر وارو علائقو ڏسڻ ويس. مرحوم ولي محمد شيخ ڊپٽي ڊائريڪٽر انجنيئرنگ هيو. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پٺاڻ صاحب هيو. گھوٽڪي کان اوڀر بارڊر کان ٿورو ويجھو بيس آفيس جي پي سي ون تيار ٿيل هئي ۽ انجي لاءِ اي ڊي پي ۾ پئيسا به رکيل هيا ۽ ڪم شروع ٿيڻ وارو هيو. مرحوم ولي محمد شيخ آيو ۽ ٻڌايائين ته هن سال جي بجيٽ ۾ ٻه بيس اسٽيشن ٺھنديون ۽ اڳئين سال ٻه ٻيون به بيس اسٽيشن ٺھڻ لاءِ پروپوزل موڪليو آهي.
مون وڌيڪ پڇيو ته سازدا جي اسڪيمن جو ڪنسلٽنٽ ڪير آهي؟ جنھن ڊرائنگ وغيره تيار ڪيون آهن يا توهان پاڻ انھن جا نقشا تيار ڪيا آهن.
خبر پئي ته هيڊ آفيس ڪنسلٽنٽ ۽ ڊرائنگ لاءِ نيسپاڪ کي هائر ڪيو آهي، باقي اسين صرف ان تي عمل ڪنداسين. مون ڏٺو ته نقشا ته خوبصورت ٺھيل پيا ڏسجن، پر زمين جي مواقفت سان ٺيڪ نه پيا لڳن. مون مرحوم کي چيو ته هل ته هلون هينئر سرزمين تي ۽ نقشه وغيره مون کي زمين تي لي آئوٽ ٺاهي ڏيکار، چيائين ته سائين هينئر ته دير ٿي وئي آهي، تنھن ڪري صبح سوير هتان نڪري هلون ته جيئن وقت سرزمين تي پھچي مان توهان کي لي آئوٽ پلان ڏيکاريان. ٻئي ڏينھن صبح جو سوير ڳوٺ کان خيرپور آفيس پھچي، مرحوم ولي محمد شيخ صاحب کي ساڻ کڻي سرزمين ڏسڻ ۽ ميدان تي هلي لي آئوٽ پلان ڏسي پوءِ اڳتي ٻيو قدم کڻڻ خاطر نڪري پياسين. گھوٽڪي، عادلپور ۽ خانپور کان اڳتي تقريباً پنجويھه کان ٽيھه ڪلوميٽر وارياسا دڙا پار ڪري وڃي سرزمين تي پھتاسين.
جڏهن اتي پھتاسين ته تقريباً ٻارهن وڳي ٽائيم ٿي ويو هيو. مون اتي ڏٺو ته نجي واري جا دڙا هيا ۽ پري پري تائين ڪٿي ڪنڊي جاوڻ ۽ لَوَن جا وڻ نظر آيا پئي. باقي ويھڻ لاءِ ڪٿي اهڙو ڇانودار وڻ ڪونه هيو، جتي ماڻھو ڇانو ۾ ويھي جھٽ آرام ڪري. جڏهن مون زمين جي حالت ڏٺي ۽ نقشي ڏانھن نظر ڦيرائي ڏٺم ته مان اچرج ۾ پئجي ويس. مون مرحوم شيخ صاحب کان پڇيو ته ڇا نيسپاڪ وارا ڪڏهن هتي سرزمين ڏسڻ لاءِ آيا آهن يا نه؟ جواب ۾ چيائين ته سائين اسان ته ڪڏهن انھن کي ڏٺو به ڪونھي.
نيسپاڪ وارن جيڪا ڊرائنگ تيار ڪئي هئي اها هن طرح هئي:
گريڊ ارڙهين جي آفيس ۽ گھر اهڙيءَ طرح ڊزائين ڪيل هيو جيئن ڪلفٽن يا گلبرگ جي ايريا ۾ آفيس ۽ گھر هجي. جتي بجلي ۽ پاڻيءَ جي ڪابه کوٽ نه هجي. زمين جي قيمت آسمان سان ڳالھيون ڪندي هجي.
10 باءِ 15 فوٽن جو آفيس لاءِ ڪمرو، ڇت RCC. ورانڊه 8 فوٽ، ڊيگهه 10 فوٽ. وارياسي علائقي ۾ اڏوهي جو وڏو مسئلو هوندو آهي، انھيءَ جي لاءِ ڪوبه بندوبست ڪونه ڪيل هيو. اتي ٺيڪيدار آيل هيو ته انجنيئر صاحب نشان ڏيندو ته هو ڪم شروع ڪندو. مون اتي انجنيئر ۽ ٺيڪيدار کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ته هيءَ ڪال ڪوٺڙيون ٺاهڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. مون اتي چيو ته جيڪڏهن بيس اسٽيشن ٺھندي ته صرف سرزمين جي حالتن مطابق ٺھي، نه ته اهڙي آفيس ٺھڻ جو ڪوئي فائدو ناهي.
انجنيئر صاحب پڇيو ته سائين پوءِ توهانجي ذهن ۾ ڇاهي ته ڪئين ٺھڻ کپي. مون وراڻيو ته پھريون نمبر مان اهو چاهيندس ته آر سي سي اسٽرڪچر سان هتي ڪابه جڳهه نه ٺھي، ٻيو ته ڇت جي هائيٽ گھٽ ۾ گھٽ پندرهن فوٽ هجي، جنھن ۾ روشندان هجن. ورانڊو گھٽ ۾ گھٽ پندرهن فوٽ هجي ته جيئن سج جي تپش کي گھٽائي سگهجي. پلنٿ ليول گھٽ ۾ گھٽ زمين کان چار کان پنج فوٽ هجي، جو هوا تي واري اندر نه اچي . آفيس جي مھاڙ سج کي پٺي ڏنل هجي.
چوڌاري وڻن جو بندوبست ٿيل هجي، جو گرمي جي تپش کي گھٽائي. انجنيئر صاحب چيو ته سائين هاڻي ڪم جو ٽينڊر ٿي چڪو، ٺيڪو به ٺيڪيدار کي ملي ويو، هاڻي ڪيئن ان جو حل ڪجي. مون وراڻيو ته ڪم کي تيستائين روڪيو جيستائين مان ٻيھر سرزمين تي نه اچان ۽ انشاءَ الله مان اها ڊزائين چينج ڪرائي ايندس. شيخ صاحب چيو ته سائين نيسپاڪ وارا اسان جي ڳالھه ڪونه مڃيندا. مون وراڻي چيو ته ڪم کي روڪي رکو، مان انجو حل ڳولي ڪڍندس. شام جو واپس ورياسين، سڌو گھر ڏانھن راهي ٿياسي. ٻئي ڏينھن آفيس پھچي سائين محمد هاشم ميمڻ صاحب کي فون ڪري حقيقت ڪيم . ميمڻ صاحب چيو ته تنھنجي ڳالھه صحيح آهي، ايئن ته اسانجو اسٽاف سڙي ڪوئلو ٿي ويندو. چيائين ته پنج منٽ بيھه ته مان نيسپاڪ وارن سان ڳالھايان. تقريباً ڏهن منٽن کان پوءِ ميمڻ صاحب جو فون آيو ۽ چيائين ته مون نيسپاڪ وارن سان ڳالھايو آهي. تون وڃ ۽ انھن کي پنھنجي مرضي مطابق ويھي ڊرائنگ تيار ڪرائي پوءِ واپس اچ.
نيسپاڪ جي ڪراچيءَ ۾ ريجنل آفيس هئي، ايف ٽي سي بلڊنگ جي ويجھو رومي مسجد کان شارع فيصل ڇڏي ٿورو اندر جي طرف آفيس هئي. مان اتي ويم، ڊاڪٽر علوي صاحب جيڪو شايد بعد ۾ وائيس چانسلر مھراڻ يونيورسٽي به ٿيو هيو. ريجنل آفيس جو هيڊ هيو. مون وڃي ساري حقيقت ڪئي ۽ چيو ته سائين توهان ته هر پاڪستان جي ڪنڊ کي ڪلفٽن ۽ لاهور جو گلبرگ سمجھيون ويٺا آهيو ته شايد هر جڳهه کي ساڳي سھولت هوندي. خدا ڪجھه خوف خدا ڪريو، جو ايئرڪنڊيشن آفيس ۾ ويھي ٿر جي لاءِ به ساڳي ڊزائين رکي جتي پاڻي پيئڻ لاءِ ڪونھي. بجلي ڏسڻ لاءِ ڪانھي، وڻ جي ڇانو اڻلڀ آهي.
علوي صاحب انھي ڳالھه کي مڃيو ته واقعي اها اسان جي اسٽاف جي غلطي آهي. چيائين تون ويھه مان ٻه انجنيئر تنھنجي حوالي ٿو ڪريان تون صرف اهو ڪجھه لکاء جيڪا تنھنجي ضرورت مطابق هجي. مون انھن انجنيئرن سان سڄو ڏينھن گذاري رات جو دوست وٽ رهي پيم، ٻئي ڏينھن صبح جو اٺين وڳي آفيس پھچي ويم، اڃا ان وقت پٽيوالا پھچڻ شروع ٿيا ئي مس هيا. انجنيئر صاحب آفيس آيا وري انھي ڊرائنگ کي چينج ڪرڻ ۾ لڳي ويا، شام جو منھنجي صلاح موجب ڊزائين جوڙي ڏنائون، تنھن وقت مون ميمڻ صاحب کي فون تي مڪمل تفصيل ڏنا ۽ ميمڻ صاحب ڏاڍو خوش ٿيو.
جڏهن منھنجو گھوٽڪي جي ائيرڊ زون واري علائقي ڏانھن وڃڻ ٿيو ته مرحوم سردار غلام محمد مھر جي بنگلي ۽ سندس ڳوٺ کان وڃڻ ٿيو. انجنيئر صاحب ٻڌايو ته هتي سردار صاحب جو حڪم آهي هن پاسي جيڪو ايندو، ماني انھيءَ کي سردار مھر صاحب جي کائڻي پوندي نه ته سردار صاحب انھيءَ ڳالھه کي تمام برو سمجھندو آهي. تنھن ڪري توهان کي هتي ماني کائڻي پوندي. منھنجو پنھنجو ارادو هيو ته عادلپور کان پوءِ قاضي واهه وٺي مرحوم الحاج عطا محمد مھر جي اوطاق تي ماني به کائيندس ۽ ڪچھري به ٿي ويندي. ڇو ته انھن سان منھنجا ڪافي پراڻا دوستاڻا تعلقات هيا. غلام حيدر مھر جو فون آيو ته ڪٿي آهين مون ٻڌايو مانس مان هينئر توهانجي سردار صاحب جي ڳوٺ جي ڀرسان اڳتي وڃان پيو. مرحوم غلام حيدر ٻڌايو ته ايڏانھن وڃڻ کان اڳ هيڏانھن ٿيندو وڃين ها ته دال ماني به گڏجي کائون ها. پر هاڻي اسين بي وس آهيون ڇو ته جڏهن سردار صاحب کي خبر پوندي ته منھنجي ڳوٺ کان گذريو ۽ ماني ٻئي وٺ وڃي کاڌي اٿس ته ڏمرجي پوندو. توهان ماني سردار صاحب وٽان کائي پوءِ اچجو. جيڪو مون اتي ٻڌو ۽ صرف انوقت ڏٺو ته واقعي مھر صاحب وڏو مهمانواز آهي. هينئر ڇا حالات آهن سردار صاحب جي مھمانوازي جا، انھيءَ جي ڪابه خبر ناهي.