اسلام ڪوٽ ۾ انويسٽمينٽ جي ضرورت
جنوري 2003ع مون ايڪس پاڪستان ليو چاليھه ڏينھن جي لاءِ درخواست ڏني، جو مونکي پنھنجي محبوبه سان گڏ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ خاطر وڃڻو هيو. اسان جنوري جي آخري هفتي ۾ حجاز المقدس شريف حج ڪرڻ لاءِ وياسين ۽ منھنجي ٻاهر وڃڻ جي ڪري سنڌ سرڪار ٻيو آفيسر پوسٽ ڪيو ۽ حج جي واپسي کان پوءِ ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ پوسٽنگ لاءِ رپورٽ ڪيو.
الله جي ذات هر علائقي کي پنھنجي پنھنجي خوبيءَ سان نوازيو آهي. جيڪڏهن ظاهر ۾ ڪا شئي غير اهم معلوم ٿئي ٿي پر انجي اندر جيڪا نعمت مالڪ اسان لاءِ ڇپائي رکي آهي، تنھنجو اندازو اسان کي هر گز ڪونھي. پر هڪ وقت مقرر آهي، جڏهن رب ڪائنات اسان لاءِ انکي سمجھڻ آسان ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح ٿرپارڪر ڏسڻ ۾ وارياسو ۽ مڪمل طور بارش تي دارومدار رکي ٿو، پر ان واري جي ڌڙن هيٺ ايترو خزانو لڪائي رکيو اٿس، جيڪڏهن سنڌ سرڪار انھيءَ جي صحيح طرح سان مالڪي ڪري ته سنڌ دنيا جي خوشحال ترين علائقن مان هڪ خوشحال ترين علائقو ٿي سگھي ٿو. 2002ع جڏهن مان پھريون دفعو ٿر ويس ۽ حالتن کي ڏٺو ته ڪافي غربت ۽ صحت جي ناڪافي سھولتن جي ڪري ماڻھن کي ڪئي مختلف بيمارين کي منھن ڏيڻو پئي پيو. مونکي ٻڌايو ويو ته اسلام ڪوٽ کان ٿورو ست اٺ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي چائنيز ڪيمپ هڻي ڪوئلي تي ڪم ڪن ٿا. پر سائين تر جا گڏهه مھانگا ٿي ويا آهن ۽ ڪتا اڻلڀ ٿي ويا آهن. مونکي پھريان ته ڪا ڳالھه سمجھه ۾ ڪونه آئي، ته ڇو گڏهه مھانگا ۽ ڪتا اڻلڀ ٿي ويا آهن. پوءِ اي ڊي او روينيو ٻڌايو ته سائين چائنه جا ماڻھو انھن کي ڪھي کائن ٿا. گڏهه ته ڪنھن نه ڪنھنجو آهي، تنھن ڪري ملھه سان وٺن ٿا، باقي رولو ڪتا ته جيڪو انھن کي نظر اچي ٿو، اهو ايئن ٿا ڳڙڪائي ڇڏن جيئن هيو ئي ڪون. مون اي ڊي او کان پڇيو ته توهان اوڏانھن پاڻ ويا آهيو؟ چيائين ته مان ڪونه وڃي سگھيو آهيان، باقي انھن جا ٺيڪيدار وغيره ايندا رهندا آهن ۽ پوليس جي چوڪي انھن جي حفاظت لاءِ هر وقت اتي هوندي آهي. مون چيو ته چڱو انھن ڏانھن پيغام موڪل ته مان اوڏنھن ويندس. ٻن ڏينھن کان پوءِ جڏهن وڃڻ ٿيو ته وارياسو رستو ڏکيا پيچرا ٺھيل جن تي هلڻ دشوار، پاڻي پيئڻ جي لائق ڪون. مطلب ته دنيا جي هر سھولت کان بلڪل وانجھايل.
جڏهن اسلام ڪوٽ کان گاڏي تقريباً ڪلاڪ کن پنڌ ڪيو ته وارياسي علائقي ۾ باربرڊ وائر لڳل ۽ پوليس چوڪي نظر آئي، جتي وڃي ڪيمپ جي وڏي عملدار سان مليم. پھرئين ته اها خبر ڪانه پئي پوي ته هي ساڳيو ماڻھو آهي جنھن سان هاڻي مليم يا ٻيو ماڻھو آهي. رنگ، نقشا ۽ قد هڪجيترا، سڃاڻڻ وڌيڪ دشوار. بھرحال هو ملي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ ٻڌاين ته اڃان ٻه ٽي مھينا ڊرلنگ هلندي، انھيءَ کان پوءِ صحيح خبر پوندي ته هتي ڪيترو ڪوئلو ڪيتري سائيز ۽ ڪوالٽي جو موجود آهي. باقي هيا ڪم جا جھڙا جن. لڳي پيو ته واقعي ياجوج ماجوج جي قوم اها آهي، جنھن جو الله سائين سوره ڪھف جي آخري رڪوع ۾ ڪيو آهي. الحمدلله ثم الحمدالله
الله جي ذات بابرڪات ٿر جي ان علائقي ۾ زمين هيٺ ايترو ته ڪارو سون سنڌ جي ايندڙ نسل لاءِ لڪائي رکيو آهي، جيڪڏهن هڪ سؤ هزار ميگا واٽ بجلي سؤ سال لاءِ پيدا ڪيون تڏهن به ٿر جي ڪوئلي جو چوٿون حصو مس خرچ ٿيندو. هن وقت پاڪستان جي تقريباً ويھه هزار ميگاواٽ بجلي جي کپت آهي. پورو پاڪستان پنھنجي ضرورت پوري ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن اسي هزار ميگا واٽ بجلي ٻين ڀرپاسي وارن علائقن کي وڪڻي ته ڪافي سارو ٻاهريون ناڻو ڪمائي سگھجي ٿو. بھرحال الله جي مھربانيءَ سان ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي، اميد ته هيءَ علائقو خوشحال ترين ٿي ويندو. گذريل سال جڏهن مان انھي ساڳي جاءِ تي ويس جتي 2002ع ۾ ويو هيس ته هينئر اهو علائقو اهو ساڳيو نظر ڪونه پئي آيو. هن وقت انھيءَ جاءِ تي جنھن کي بلاڪ نمبر ٻه چون ٿا، اتي بين الاقوامي طرز تعمير تي بھترين آفيسون ۽ رهائش جون ڪالونيون. جيڪي ماڻھو انھي ڪاروائي جي ڪري بي گھر ٿيا يا ڪنھن به طرح سان اثر انداز ٿيا، انھن جي لاءِ بھترين هائوسنگ سوسائٽيز جي نموني سان اينگرو ڪمپني ٺاهي ڏئي پئي. تعليم ۽ صحت لاءِ اعلي معيار جا ادارا قائم ڪري اتان جي ماڻھن جي تقدير کي بدلائي ڇڏيو آهي. انھي سڀ ڪارگذاري ۾ مسٽر شمس الدين شيخ صاحب جو ذاتي عمل دخل آهي، جنھن جي جيتري تعريف ڪجي اها گھٽ آهي. جڏهن منھنجي ملاقات شمس الدين شيخ صاحب سان ٿي ته مونکي هڪ باوقار، بااصول، ديانتدار، انسانيت سان سرشار، خلق خدمت جي جذبي سان ٽمٽار انسان جي شڪل ۾ فرشتو نظر آيو. پھريون دفعو آهي جو ٿر جي اصل باشندن کي اوليت ڏني. انسان جي زندگي تي ڪوئي اعتبار ناهي پر جنھن نموني سان شمس شيخ صاحب ٿر جي علائقي لاءِ سوچي ۽ عملي ڪم ڪري پيو، اهو تاريخ ۾ سونھري حرفن سان لکيو ويندو.
منھنجي گذريل سال جي ٻن ٽن ڏينھن جي دوري مان ايئن لڳو ته هيءُ علائقو ايندڙ ڏهن سالن ۾ هڪ مثالي ۽ ترقي يافته علائقو هوندو. مٺي جيتوڻيڪ ضلعي هيڊڪوارٽر آهي پر ڪجھه سالن کان پوءِ اسلام ڪوٽ مٺي کان وڌيڪ ترقي پذير ۽ وڏو تجارتي مرڪز واري حيثيت جو مالڪ ٿيندو. هيءُ وقت آهي ته سنڌ جا سرندي وارا هتي اچي انويسٽمينٽ ڪن نه ته ڪجھه عرصي کان پوءِ ڌاريا اچي هتي سڀ ڪجھه هٿ ڪري اسان جي ٿر کي لٽي ڦري ناڙ ڪري وڃي پنھنجا علائقا آباد ڪندا. اسين هميشه عمل ڪرڻ جي وقت ڪجھه ڪونه ڪندا آهيون، پوءِ ويٺا رڙيون ۽ ڪوڪون ڪندا آهيون. سنڌ سرڪار کي کپي ته اسلام ڪوٽ شھر جي ٽائون پلاننگ ڪري انتي عمل پيرا ٿئي ته جيئن هي وڌندڙ شھر بي سرو ۽ بي تڪيو شھر نه ٿي پوي.
ٿر جي ماڻھن جي مھمانوازي هڪ مثالي مھمانوازي آهي. جيئن عام چوڻي آهي ته دوست لاءِ جيئرو جانور ڪھي ڇڏيندا آهن. واقعي اهو مون ٿر ۾ عام جام ڏٺو.
مان ۽ ڪجھه دوست ٿر ۾ مرحوم علي محمد سمون جي ڳوٺ 2014ع ۾ وياسين هر ماني جي ويلي تي ٻڪر تازو توانو پيو ذبح ڪري کارائي. کير، مکڻ، ماکي ۽ ڌنئرو ڪثير تعداد ۾ کڻي اچي اڳيا رکي. الله سائين سمون صاحب کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري. مرحوم جو ڳوٺ به مارئيءَ جي کوهه کان ٿورو اڳتي اولھه طرف مٺي ننگر روڊ کان تقريباً ڏهه پندرنهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي.
ٿر جي ڳائي مال جو قد ڪاٺ، رنگ، هلت ۽ چلت نراليءَ جڏهن وڳ جي صورت ۾ نڪرندا آهن ته اهڙا ته خوبصورت ۽ من موهيندڙ لڳندا آهن جو جيءُ چوندو آهي ته مال چارڻ لاءِ انھيءَ وڳ سان گڏ هجي. وري جڏهن ڌڙي تي ڳچي ۾ پاتل هار ۽ چڙن جي لڏڻ سان جيڪو روح پرور، سوز سان ڀرپور ساز وانگر ٽڻ ٽڻ جو آواز ايندو آهي، ته ڪنن کي سرور اچي ويندو آهي.
ٿر جو ذڪر هجي ته ٿري هٿ جي ٺھيل سهڻي من موهيندڙ دستڪاري کي ماڻھو وساري ڪونه ٿو سگھي. ڇا ته الله سائين ٿر جي امڙين کي هٿ ۾ هنر عطا ڪيو آهي. ڏسي ماڻھو حيران ٿيو وڃي. اهو هٿ جي ڪڙائي جو هنر ٿر جي هر گھر ۾ موجود آهي، مونکي جتي به وڃڻ جو موقعو مليو، مون اتي پري پري ڳوٺن ۾ هٿ جون ٺھيل شيون ڏٺيون. ڇاڇري جي تمام ڏورانھين علائقي ۾ ويس، جتان هندستان جو بارڊر سامھون نظر پيو اچي، اتي مون ڳوٺ ۾ اهي هٿ جون ٺھيل شاهڪار شيون ڏٺيون، جيڪي اهي سڀ اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ تمام گھڻي قيمت تي وڪامجندا آهن. جڏهن مون انھن کان پڇيو ته توهان هي گھڻي قيمت تي وڪڻندا آهيو؟ جيڪا رقم انھن ٻڌائي اها اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪانه هئي. پوءِ خبر پئي ته اهي اين جي اوز وارا اسان جي ٿر جي هٿ جي پورهئي مان ٿلھا متارا ٿيا آهن. اهي اين جي اوز جنھن قيمت تي اهي دستڪاري واريون شيون وڪڻن ٿا، انجو پنجون حصو به ٿري امڙين کي ڏين ته وڏي خوشحالي اچي سگھي ٿي. پر ان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار اتان جي چونڊيل نمائندي کي ادا ڪرڻو هوندو.
جولاءِ جي مھيني ۾ چيئرمين ايپزا ڪرنل صاحب مونکي ملڻ لاءِ پيغام موڪليو. ٻئي ڏينھن چيئرمين ايپزا سان ملڻ ويس. لنچ گڏ ڪئي، مونکي چيائين ته منھنجي خواهش آهي ته تون هتي ايپزا ۾ ڊائريڪٽر انويسٽمينٽ اينڊ فيسلٽيز ٿي اچ. جيڪڏهن تون اجازت ڏين ته مان تنھنجي لاءِ منسٽري کي لکان. مون به چئن مھينن کان پوسٽ جي لاءِ انتظار پئي ڪيو. دل ۾ چيم ته: انڌو گھري هڪ اک، مولا مونکي ٻه اکيون پيو ڏئي.
مون چيو ته سائين جيڪا توهانجي مرضي. تقريباً جولاءِ جي آخر يا آگسٽ جي شروع ۾ منھنجي پوسٽنگ ايپزا ۾ ڊائريڪٽر انويسٽمينٽ اينڊ فيسلٽيز ٿي. ايپزا منھنجي لاءِ نئون ڊپارٽمينٽ ڪونه هيو، تنھن ڪري موالي چوڻي. ”لھڻ سان تار“.
تقريباً مھينو مس گذريو، مغرب نماز جو وقت هيون، مون نماز پئي ادا ڪئي ته فون آيو. نماز کانپوءِ مون فون اٽينڊ ڪيو ته چيف منسٽر سيڪريٽريٽ مان ڪنھن آفيسر جو فون هيو ۽ چيائين ته جمن سڀاڻي وڃي جيڪب آباد ۾ ڊي سي او جي چارج وٺ. مون حيرانگي مان پڇيو ته سائين توهان ڀليا ته نه آهيو؟ مان هن وقت مرڪزي سرڪار جو نوڪر آهيان ۽ سنڌ سرڪار منھنجي ڪيئن ٿي پوسٽنگ ڪري سگھي؟. چيائين ته اسان کي خبر آهي ته ڪلاڪ اڳ تون مرڪزي سرڪار وٽ هئين، پر هينئر تون سنڌ سرڪار جي ڊسپوزل تي آهين. مون چيو ته ڀائو اڄ ته ڇنڇر جو ڏينھن آهي ۽ انھي کان علاوه آفيس ٽائيم به ڪونھي اهو وري ڪيئن؟. انھن ڏينھن ۾ ڇنڇر ۽ آچر ٻئي ڏينھن موڪل هوندي هئي. مون وڌيڪ چيو ته سومر ڏينھن ايپزا ۾ ويندس پوءِ چارج ڪنھن جي حوالي ڪري انکان پوءِ جيڪب آباد ڏانھن ويندس. چيائين ته نه توکي سڀاڻي هرحالت ۾ اتي پھچي رپورٽ ڪرڻي آهي. مون وراڻي چيو ته ڀاءُ اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ مون وٽ هينئر جھاز جي ٽڪيٽ جا پئسه به ڪونه آهن ۽ فلائيٽ صبح سوير آهي جيڪا سکر ويندي. چيائين ته تو وٽ اڌ ڪلاڪ ۾ تنھنجي فليٽ تي ڊي آر سڀ ڪجھه پھچائي ويندو. عشاء نماز جي ٽائيم تي ڊي آر آيو، جنھن مونکي هڪ لفافو اچي ڏنو. مون لفافو کولي ڏٺو ته ان ۾ ٻه نوٽيفڪيشنس هڪ مرڪز سرڪار جو ته محمد جمن ڄامڙو جي سروس سنڌ سرڪار جي حوالي ڪجي ٿي. ٻيو نوٽيفڪيشن ته محمد جمن ڄامڙو کي ڊي سي او جيڪب آباد پوسٽ ڪجي ٿو. ٽيون پنو هيو پي آءِ اي جي سيٽ متعلق ته سڀاڻي صبح جو منھنجي سيٽ ڪنفرم آھي سکر لاءِ.
ڪافي دير تائين ته مونکي ڪابه ڳالھه سمجھه ۾ ڪونه پئي اچي ته هي آخر ماجرا ڇا آهي ۽ ايترو هنگامي صورتحال ۾ بغير ڪنھن تياريءَ جي مونکي اوڏانھن موڪليو پيو وڃي. مون ورائي سي ايم سيڪريٽريٽ وارن کان پڇيو ته آخر مسئلو ڇا آهي؟ جواب مليو ته اها اسان کي به خبر ناهي باقي توکي پھچڻ شرط جيڪب آباد ايئرپورٽ تي رهيل مھمانن سان ملڻو آهي.