وھاڙي ۾ منهاس فارم جو دورو
اسٽاف ڪاليج جي دوران ملڪ اندر ڪيترن ئي ادارن جو مطالعاتي دورو به پڻ ٿيندو آهي. پنجاب جي هڪ ڪامياب زميندار جي فارم تي ضلعي وهاڙي ملتان ۽ خانيوال لوڌران روڊ جي ڀرسان گھڻو ڪري نالو ممتاز منھاس ذات جو، پروگريسو زميندار جي ڊيري تي وياسين. منھاس صاحب جي ڊيري کان خانيوال ۽ ملتان تقريباً هڪجيتري پنڌ تي آهن. ملتان کان جيڪو روڊ وهاڙي وڃي ٿو ۽جنھن جاءِ تي خانيوال لوڌهران روڊ پاڻ ۾ ملي هڪ چوڪ ٺھي ٿو، ان چوڪ کان اوڀر اتر وهاڙي طرف تقريباً ڇهه ست ڪلوميٽر پنڌ تي وهاڙي ڏانھن ويندي کٻي هٿ تي منھاس صاحب جي اوطاق آهي. اوطاق جو اڱڻ تقريباً ٽي چار ايڪڙ ايراضي تي مشتمل آهي. انھيءَ ۾ مال جا مختلف واڙا ٺھيل هيا. انھن واڙن ۾ مختلف قسم جا جانور پاليل هيا. جنھن ۾ مينھون، ڳئون، ٻڪريون جون جدا جدا جنسون هيون. منھاس جو پورو ويڙهو بجلي ۽ رڌ پچاءَ لاءِ گئس ۽ ٽيوب ويل کي هلائڻ لاءِ بجلي پنھنجي مال جي ڇيڻن مان پيا جنريٽ ڪن. جيئن ته مونکي ٽيڪنيڪل معلومات ناهي، تنھن ڪري مان ان متعلق صحيح ڄاڻ ڏيڻ کان قاصر آهيان. باقي جيڪو مون ڏٺو ۽ ياد اچي پيو، ٿي سگھي ٿو ته مان ڳالھين کي اڳي پوءِ ڪري وڃان.
گندي وانگر هڪ وڏو ٿانو ٺھيل هيو، جنھن ۾ صبح جو هر روز مقدار مونکي ياد ناهي، پر تقريباً ٽيھه چاليھه ڇڄ ڇيڻن جا ان گندي ۾ وجھندا آهن، انکان پوءِ مٿان مضبوط ڍڪ ڏئي ڇڏيندا آهن، ان ۾ ياد ناهي ڪجھه ڪيميڪل وغيره وجھي بند ڪندا آهن. انھيءَ ڪيميڪل ۽ ڇيڻن جي ردعمل ڪري ڪا گئس نڪرندي آهي، جنھن کي پائيپ ذريعي هڪ هنڌ جمع ڪري پوءِ باهه ٻارڻ لاءِ جدا پائيپ لائين جو ان پوائنٽ تائين جوڙيندا آهن. بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ به پائيپ لائين جي ذريعي اها گئس اتان کڻي ٽيوب ويل جي جنريٽر تائين پھچائي پوءِ ٽيوب ويل به هلي پيو ته ڪتر واري مشين به هلي پئي. گندي جنھن ۾ ڇيڻا وڌا هيا، ان مان سوراخ ذريعي ڇيڻا پاڻياٽان ٿي ٽيوب ويل هڪ هودي اڳيان اچي جمع پيا ٿين. جنھن وقت ٽيوب ويل چالو ٿئي ٿو ته ٽيوب ويل جي پاڻي سان گڏجي اهو ڇيڻن وارو پاڻي زمين ۾ وڃي پيو. تقريباً سٺ ستر ايڪڙن تي ڪڻڪ جوفصل پوکيل هيو، منھاس جي چوڻ مطابق اسين پنھنجي زمين ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي جواستعمال ڪونه ڪيون. مال جو ڀاڻ بجلي پيدا ڪندو ٽيوب ويل کي هلائيندو پوري زمين ۾ هڪجيترو هر جاءِ تي پاڻي سان گڏ وٿاڻ جو ڀاڻ پھچي وڃي ٿو. مون ڏٺو ته ڪڻڪ جو فصل نھايت طاقتور تيلي سان چچ ڪارو لڳو پيو هيو.
2006ع ۾ منھاس صاحب ٽنيل فارمنگ ڪري پيو. اسان کي اتي وٺي ويو، ڏٺوسين ته سفيد پلاسٽڪ تقريباً پنج ڇھه فوٽ ويڪرو ۽ اوترو اچو گولائي تي لڪڙين جي ٺيڪ تي پلاسٽڪ ٽئي پاسا ڏنل هئي. يعني زمين جي هڪ پاسي کان مٿان ڦيرائي، ٻئي پاسي زمين تائين اهڙيءَ طرح بند ڪيل هئي، جو ٻاهرين گرم يا سرد موسم جو انھي اندر پوکيل سبزي تي ڪو به اثر نه پوي. انوقت منھاس صاحب ٻڌايوته هڪ ايڪڙ تي پلاسٽڪ ۽ لڪڙين جو خرچ تقريباً پنجھتر هزار روپيه اچي ٿو ۽ هر ٽئين سال پلاسٽڪ تبدل ڪندو آهيان، ۽ خرچ پکا لاهي هڪ ايڪڙ تي اٺ کان ڏهه لک سال ۾ بچت ٿيندي آهي.
انھيءَ کان پوءِ اسان جو وڃڻ ملتان ٿيو، جتي ملتان جي ميئر رات جي ماني ۽ ملتان جي مسئلن ۽ ترقياتي ڪمن بابت ڄاڻ ڏني. ملتان جو ميئر ان وقت گھڻو ڪري ڊوگر هيو. مون کي حيرت انوقت ٿي، جڏهن اسان جي پنجاب جا سينيئر آفيسر پنجابي ۾ هڪٻئي کي پيا چون ته يار اها ڏاڍي خوشي جي ڳالھه آهي جو ملتان جو ميئر پنجابي آهي. انھي مان صاف ظاهر هيو ته اهي دوست سرائڪي ڳالھائڻ وارن کي ڪيترو پاڻ کان گھٽ ۽ پري سمجھن ٿا. سرائڪي کي پنھنجو پنجابي تسليم به ڪونه ٿا ڪن. بھرحال ملتان ۾ هڪ ڏينھن ۽ رات گذاري ٻئي ڏينھن لاهور لاءِ روانا ٿياسين. روزمره وانگر ڪلاس هندا رهيا.
ٻئي دفعي اسان کي پتوڪي جي هڪ ڳوٺ ۾ وٺي ويا جتي ڳوٺاڻا پنھنجي مدد تحت پاڻ پسگردائي جي پنجن ستن ڳوٺن جو کير هڪ هند جمع ڪري پوءِ کير جي وڏين ڪمپنين سان رابطو ڪري کير جو اگھه ۽ ٻيون رعايتون وٺن پيا ته جيئن ڳوٺاڻا وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگھن. کير جون ڪمپنيون اعليٰ نسل جو مال مينھون ۽ ڳئون تمام گھٽ قيمت تي ڳوٺاڻن کي فراهم ڪن پيا. ڳوٺاڻن کي مال جو ملھه انھيءَ ڏنل مينھن ۽ڳئن جي کير مان وصول ڪن پيا، جيڪو تمام ٿورو ملھه هيو مارڪيٽ جي حساب سان. فرض ڪيو جيڪڏهن مينھن يا ڳئون جو مارڪيٽ آهي لک روپيه ته ڪمپنيون ڳوٺاڻن کي چاليھه هزار جي لڳ ڀڳ ڏين پيون. پئسه به انھيءَ ڏنل مال جي کير مان وصول پيا ڪن. فرض ڪيو جيڪڏهن مونکي ڏهه مينھون آهن، کير واري ڪمپني جي طرفان منھنجي حصي ۾ ٻه مينھون آيون ته جيڪو کير منھنجي ڏهن مينھن جو آهي، انھيءَ سموري کير مان ڪمپني پئسه ڪونه وٺندي. منھنجي واڌو ٻن مينھن جي کير جي رقم مان اڌ کيرواري ڪمپني پئسه ڪٽيندي. پوءِ ڀلي اها رقم هڪ سال ۾ ختم ٿئي چاهي ٻن سالن ۾. اهڙيءَ طرح کير واري ڪمپني لاءِ کير اتان ملڻ پڪو ٿي ويو ۽ اهو به هڪ پوائنٽ تان. ڳوٺاڻن کي ٻه فائده.
کير جو اگھه به سٺو، سٺي نسل جون مينھون ۽ ڳئون تمام ٿوري قيمت تي تمام آسان قرض تي. قرض به مالڪ تي ڪونه پر رزق کي پاڻ لاهڻو آهي.
جيڪڏهن سنڌ ۾ اهڙي قسم جو رواج پئجي وڃي ته ڳوٺاڻا خوشحال ٿي ڪافي ترقي ڪري سگھن ٿا. اسان سڀني کي انھيءَ قسم جي اسڪيم کي رائج ڪرڻ گھرجي. پر اسان جا ماڻھو انھي مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ٿيندا، ڇو ته ايئن ڪرڻ سان هوٽلن جي رونق ختم ٿي ويندي.
واپس اچي لاهور اسٽاف ڪاليج جي ڏنل ڪم ۾ مصروف ٿي وياسين. مونکي ياد آهي ته جڏهن اسان اسٽاف ڪاليج لاهور آيا هياسين ته لنڊن ۾ بي بي شھيد ۽ نواز شريف چارٽر آف ڊيموڪريسي تي دستخط ڪيون هيون، ۽ انھيءَ کي ملڪ لاءِ بھتر قدم تصور ڪيو ويو پئي. ڪلاس ۾ ته اهڙي قسم جي ڳالھه ڪيربه ڪونه پيو ڳالھائي، ڇو ته جنرل صاحب کي انھيءَ ڳالھه تي بڇان پئي لڳي. باقي اسين پاڻ ۾ همخيال دوست انھي تي ضرور ڳالھائيندا هياسين ۽ انھي کي ملڪ جي لاءِ هڪ بھترين ۽ وقتائتو قدم طور سمجھندا هياسين.
آخرڪار ٽريننگ جا سڀ مرحله پورا ٿي ويا. جنرل صاحب پريزيڊنٽ مشرف کان سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي تاريخ ۽ ٽائيم طئه ڪرڻ کان پوءِ اسلام آباد روانا ٿياسين. مارگله موٽل ۾ اچي رات رهياسين. مان ۽ ڪجھه ٻيا دوست جيڪي اسلام آباد کان لاهور ٽريننگ تي ويل هياسين تن کي اجازت ملي ته توهان ڀلي وڃي رات پنھنجي محبوبه سان گذاريو، پر صبح نائين وڳي واپس پھچي وڃو، جو ڏهين وڳي اتان گاڏي رواني ٿيڻي هئي پريزيڊنٽ هائوس ڏانھن. تقريباً ساڍي يارهين وڳي سرٽيفڪيٽس جي ورهائڻ جي تقريب مقرر ٿيل هئي. اسين سڀ تقريباً سوا يارهين وڳي هال ۾ باادب باهوشيار ٿي الفابيٽيڪل آرڊر ۾ وڃي ويٺاسين. تقريباً ٻارهن وڳي بگل وڳو، وردي سان ٻه ماڻھو مارچ ڪندا اچي دروازي تي بيٺا مس ته صدر صاحب ۽ پرنسپل صاحب گڏ اچي مٿي ڊائيس ويٺا. ترانو وڳو تلاوت قرآن مجيد ٿي. پرنسپل صاحب، صدر صاحب کان اجازت وٺي، ڪجھه تعريف ڪئي، صدر صاحب جي انھيءَ کان پوءِ صدر صاحب کي چيائين ته ڪجھه ارشاد ڪيو. جنرل مشرف ته اڳئي تيار ويٺو هيو، سو شروع ٿيو ته توهان جي مٿان قوم جو وڏو بار آهي ۽ توهان مان اميد آهي ته قوم ۽ ملڪ لاءِ سوچيندا. وغيره وغيره. انھيءَ کان پوءِ لسٽ مطابق اسان سڀني کي واري سان گھرائيندا ويا. جنھن جو نالو کڄي پيو اهو اڳتي وڃي صدر صاحب کان سرٽيفڪيٽ وٺي، اتان پاسي کان نڪري اچي وري پنھنجي جاءِ تي ويھي پيو. سرٽيفڪيٽ ڏيڻ وارو مرحلو ختم ٿيو ته ٻئي هال جو دروازو کليو، جتي اڳئي ماني تيار پئي هئي، اسان سڀني کي انھيءَ هال ڏانھن هلڻ جو چيو ويو، اسان سڀ وڃي هال ۾ پھتاسين، گول ميزون لڳل هيون، جنھن تي آرام سان اٺ نو ماڻھو ويھي ماني کائي پئي سگھيا. ويھڻ شرط بيرو سوپ کڻي آيو، انھيءَ کان پوءِ ماني اچي ميزن تي رکيائون، تنھن ڪري هيڏي هوڏي ٿيڻ جو ڪنھن کي موقعو ڪونه مليو. جتي جيڪو وڃي ويٺو، اهو اتي سُڪ ٿي ويو. صدر صاحب ۽ پرنسپال سان گڏ فيڪلٽي جا ميمبر وڃي، جدا هڪ ميز تي ويٺا. ماني کائڻ کان پوءِ صدر صاحب سڀني سان هٿ ملايو ۽ اسان پنھنجي گھر ڏانھن تياري ۾ شروع ٿي وياسين. سڀ اچي مارگله موٽل اچي پھتاسين پوءِ جيڪي اسلام آباد جا هيا انھن اتان سڀني دوستن کان موڪلايو. جيڪي لاهور وڃڻا هيا اهي اسٽاف ڪاليج جي گاڏي ۾ لاهور وڃڻ لاءِ تيار ٿيا. هر ڪو پنھنجي گھر ڏانھن راهي ٿيو. ٻئي ڏينھن وڃي آفيس رپورٽ ڪيو. ساڳيو ڪم ساڳيو راڳ شروع ٿي ويو. هفتي ڏهن ڏينھن کان پوءِ پرنسپال صاحب سڀني جي لاءِ رپورٽون صحيح ڪري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانھن موڪليون. خبر پئي ته منھنجي لاءِ رپورٽ ۾اهو ڄاڻايل هيو ته هي هڪ ايوريج آفيسر آهي.
انسان جي من هڪڙي ڳالھه هوندي آهي، پر منھنجي مالڪ وٽ پنھنجي ٻانھي لاءِ ڪجھه ٻيو لکيل هوندو آهي. الحمدلله پوءِ به رب ڪائنات اسان مسڪينن کي فيڊرل سيڪريٽري جي عھدي تائين پھچايو.
27 ڊسمبر 2007ع تي بي بي راڻي شھيد ٿي وئي. انھيءَ صدمي جي ڪري مان تقريباً هفتو آفيس ڪونه ويس. ستاويهين ڊسمبر تي صبح جو تقريباً نائين ساڍي نائين وڳي مان آءِ ايٽ کان آفيس پئي ويم ته جڏهن مان ڪشمير هاءِ وي تي بري امام جي والد ۽ ڀاءُ جي مزار وٽ پھتس ته سامھون بي بي شھيد جي گاڏي آئي پئي ته مون گاڏي پاڻ پئي هلائي، مان گاڏي کي روڪيو ۽ بي بي صاحبه کي ڏٺو ۽ بي خبرائي ۾ اسانجو هٿ سلام لاءِ اٿي ويو. بي بي شھيد جنھن من موهيندڙ انداز ۾ کلندي چھري سان ڪنڌ کي لوڏيندي، هٿ سان سلام جو جواب ڏنو، اهو اڄ به اکين جي اڳيان سڄو منظر ڦري پيو، ۽ حقيقت اها آهي ته انوقت بي بي صاحبه ايتري خوبصورت پئي لڳي، جو دل چوي پئي ته رڳو ڏسون. جڏهن شام جو اها دردناڪ خبر پئي ته بي اختياري مان اکين مان ايترا ڳوڙها وهي هليا، جو شمار نٿو ڪري سگھجي. سچ ته جڏهن منھنجي امڙ سانئڻ 14 ڊسمبر 1994ع ۾ هن فاني دنيا مان اسان کي ڇڏي، پنھنجي ابدي ماڳ تي وئي، ته به ايترا ڳوڙها منھنجي اکين مان ڪونه نڪتا.
الله سائين بي بي راڻي شھيد ۽ منھنجي امان حضور جا درجا بلند ڪري ۽ جنت الفردوس عطا ڪري. آمين يارب العالمين.
2008ع جي جنرل اليڪشن ۾ پ پ پ کي سرسي ملي ۽ متفق حڪومت سازي ٿي، جنھن ۾ سي او ڊي کي عملي جامو پھرايو ويو.
25 مارچ 2008ع سيد يوسف رضاگيلاني ليڊر آف هائوس متفق چونڊجي وزيراعظم جي منصب تي فائز ٿيو. اهڙيءَ طرح ساڍا يارنهن سالن کان پوءِ پ پ پ چوٿون دفعو مرڪز ۾ حڪومت سازي ڪئي، فاروق ايڇ نائڪ چيئرمين سينيٽ، ميڊم فھميده مرزا اسپيڪر نيشنل اسيمبلي.
آگسٽ 2008ع ۾ هاءِ پاور پروموشن بورڊ ويٺو. جنھن ۾ ڪيترائي سينيئر آفيسر پروموشن لاءِ لسٽ ۾ شامل هيا. انھيءَ سينيئر آفيسرن ۾ منھنجو نالو به هيو. بورڊ ٿيڻ کان اڳ ڊائريڪٽر سي پي فون ڪري چيو ته سائين توهان جون 1997ع جون ٽن مھينن جي اي سي آر رهيل آهي. مان ٻه ڏينھن بورڊ ٿيڻ کان اڳ وڃي، ڊائريڪٽر سي پي گجر صاحب کي هٿ ۾ ڏئي آيس. ٻيو هڪ فيصل آباد جو زاهد محمود جي هڪ سال جي اي سي آر رهيل هئي، اهو پروموشن بورڊ کان هڪ ڏينھن اڳ جمع ڪرائي آيو. جڏهن بورڊ ٿيو ته مسٽر فضل الرحمان چيف سيڪريٽري سنڌ مونکي فون تي مبارڪ ڏني ته توهان جو پروموشن ٿي ويو. ٻيو ته جيستائين رڪارڊ جي ڳالھه هئي، تنھن موجب جيڪي مارڪون کپن پيون، اهي سڀ پوريون هيون. تنھن ڪري مون ڪنھن کي ڪونه چيو ته يار ڏسجانءِ ڪا مدد جي ضرورت آهي. مونکي يقين هيو ته هڪ ته سينارٽي ۽ رڪارڊ موجب ڪنھن به قسم جي ڪمي ڪوتاهي ڪانھي، باقي هڪ پروسس مان گذرڻو آهي، سو الله ڪندو ته ٿي ويندو. جڏهن منٽس صحيح ٿي ظاهر ٿيا ته خبر پئي ته مونکان هڪ سال جونيئير پروموٽ ٿي ويو ۽ منھنجي خاني ۾ لکيل هيو ته پروموشن ڊفر ٿا ڪيون ڇوته ٽن مھينن جي اي سي آر پوري ناهي.
پوءِ خبر پئي ته اهو آفيسر 2008ع جي آخر ۾ رٽائر پئي ٿيو، سندس تعلق راولپنڊي سان هيو، انھي کي پينشن ۾ فائدو ڏيڻ خاطر مون سان ٻه هٿ ڪين، جو مان الله جو بندو هيس، جڏهن باقي ڪو نه ڪو ڪنھن جو ماڻھو هيو. تنھنڪري منھنجي پروموشن واري خاني ۾ بورڊ ٿيڻ کان پوءِ لکيو ويو ته ٽن مھينن جي اي سي آر ڪانھي، جڏهن ته مان پاڻ وڃي ڊائريڪٽر سي پي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي کي هٿ ۾ ڏئي آيو ھيس.