ڪوھاٽ ۾ ڪچهريون
پندرهن ويھه منٽن کانپوءِ ليفٽيننٽ ڪرنل اچي حاضر ٿيو. ٽين ڪرسي گھرائي ڪرنل صاحب کي ويھاريو ۽ تعارف ڪرايائين ته هي سول آفيسر آهي ۽ هن جي 1980ع آرمي اٽيچمينٽ ٽن مھينن لاءِ پنھنجي پلٽن سان ٿي هئي، انوقت مان ميجر هيم. ڪرنل صاحب جي اچڻ کان اڳ مون ميجرجنرل فاروق صاحب کي چيو ته يار جيڪڏهن ٿي سگھي ته مان اڄ سگنل ٽريننگ سينٽر گھمندو وڃان. مان هن سينٽر ۾ 25 فيبروري 1971 کان 4 آگسٽ 1972 تائين سپاهي ٿي رهيو آهيان. جنرل صاحب چيوته ڪوئي مسئلو ناهي. سگنل ٽريننگ سينٽر جي ڪمانڊنٽ برگيڊيئر کي فون ڪري چيو ته منھنجو اسپيشل مھمان تنھنجو سينٽر گھمڻ ايندو. برگيڊيئر صاحب چيو ته سائين اسانجي اکين تي توهانجو مھمان، ۽ اسان توهانجي مھمان جو آڌرڀاءُ ڪنداسين.
جنرل صاحب ڪرنل کي چيو ته جمن کي تون پنھنجي پلٽن ۾ به وٺي وڃ، ۽ پھريان سگنل ٽريننگ سينٽر ۾ ڪمانڊنٽ سان ملاءِ، پوءِ پلٽن ڏانھن. جنرل صاحب چيو ته تون وڃ، موٽي اچي منجھند جي ماني کائي پوءِ تون پشاور وڃ. ڪرنل صاحب ۽ مان قلعي کان هيٺ لٿاسين. ڪرنل صاحب جي گاڏي ۾ سوار ٿيس ۽ ڪرنل صاحب پاڻ گاڏي هلائي. پنج ست منٽن ۾ وڃي ايس ٽي سي جي مين گيٽ تي اچي پھتاسين. برگيڊيئر صاحب اڳئي گيٽ تي ماڻھو بيھاري ڇڏيا هيا. اسين جيئن ڪمانڊنٽ جي آفيس ڏانھن وڌياسين ته برگيڊيئر صاحب پنھنجي آفيس کان نڪري ساڻ هڪ فل ڪرنل به هيس، اڳتي وڌي منھنجو استقبال ڪيو. مون دل ۾ الله سائين جي بيشمار احسانن جي لاءِ شڪر ادا ڪرڻ لڳس. برگيڊيئر صاحب مونکي آفيس ۾ سائيڊ تي صوفه سيٽ تي ويھڻ لاءِ چيو، مان اتي ويٺس ۽ گڏ پاڻ برگيڊيئر صاحب ۽ سنگل صوفه تي ڪرنل صاحب ويٺو. تعارف وغيره ٿيو.
1995ع جنوري ۾ سردي جي موسم هئي، برگيڊيئر صاحب ڪافي ۽ پڪوڙا ان سان گڏ چڪن جا پيس تيار ڪرايا هيا، اهي اچي بٽ مين اڳيان رکيا.
جڏهن ڪرنل صاحب ڪافيءَ جو ڪپ منھنجي اڳيان ڪري رکڻ لاءِ بٽ مين کي چيو ته منهنجا جذبات منھنجي قابو کان ٻاهر نڪتا پئي ويا. ڪافي جڏهن مون پنھنجي هٿ ۾ کئني ته مون برگيڊيئر صاحب کي چيو ته سائين اڄ کان ٽيويھه سال اڳ جڏهن مان هن آفيس جي اڳيان گذرندو هيم ته اسين ايئن گذرندا هياسين، ڄڻ ته اسين پيرن تي هلون ڪون پيا ۽ پير جھڙوڪ پنھنجي مٿي تي رکي ويندا هياسين ته ڪٿان کڙڪو نه ٿئي. اڄ منھنجي مالڪ جا ڪيترا ڪرم آهن، جو مان توهان سان گڏ ويھي ڪافي ٿو پيان. في الحال ته برگيڊيئر خاموش ٿي ويو ۽ وڌيڪ مون ٻڌايو ته توهانجي آفيس جي اولھه پاسي واري پھرين بئرڪ ۾ مان سپاهيءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو هيس. بھرحال دلين جو مالڪ ته الله آهي، ڇا برگيڊيئر جي دل تي گذري هوندي! باقي ظاهري طور خوشي جو اظھار ڪيائين. ڪرنل صاحب جي چھري تي خوشي جو تاثر نظر ڪونه آيو. بھرحال برگيڊيئر صاحب ڪرنل صاحب کي چيو ته اسان جي پراڻي سپاهي کي سينٽر جو دورو ڪرايو. اسانجي سگنل ڪور جو اعزاز آهي جو اسانجو سپاهي سي ايس ايس ڪري سول جي وڏي عھدي تي پھتو آهي. برگيڊيئر صاحب کان موڪلائي سڀ کان پھريان مان ايس ٽي سي جي رڪارڊ ونگ ڏانھن ويس، ڇو ته مون ڏيڍ سال اتي گذاريو هيو تنھن ڪري مونکي انھي ايريا کي ڏسڻ جو تمام گھڻو انس هيو. رڪارڊ ونگ گھمي پوءِ مان انھي بئرڪ ڏانھن ويس، جتي مان رهندو هيس. جنھن وقت مان رهڻ واري بئرڪ ڏانھن ويس پئي ته مونکي 16 ڊسمبر 1971ع جي شام وارو منظر اکين اڳيان تري آيو. جنھن وقت مرحومه نورجھان قلندر جي ڌمال ڳائي رهي هئي ۽ جنھن وقت ٻول چيائين پئي ته ڪٽ جاون زنجيرا. انھيءَ ڌمال جي رڪارڊ کي اتي روڪي اعلان ٿيو ته اڄ هندستان اولھه پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو آهي. رات جو جنرل يحيٰ جي تقرير ريڊيو تان نشر ٿي ته اسين جهر جھنگ، کيتن ۾، پھاڙن تي، ميداني علائقي ۾ ان حملي جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين ۽ دشمن کي مات ڏينداسين. ان کان پوءِ نورجھان جا گانا شروع: او ميري ڍول سپاهيا، اي پتر نھين هٽدي، يي غازي، جنگ ڇيڙ نھين هوندي زنانيه دي وغيره.
بھرحال ڪرنل پنجاب ريجمينٽ جي آواز ڏنو ته سائين پلٽن پنھنجي انتظار ۾ آهي، هلون. بس سائين ڪرنل صاحب جي آواز منھنجا نشا ئي ٽوڙي ڇڏيا ماضي بعيد مان اچي حال ۾ پھتاسين.
بھرحال سگنل ٽريننگ سينٽر جون يادون تازيون ڪري نڪتاسين. پنج ست منٽن کانپوءِ پنھنجي پنجاب واري پلٽن وٽ پھتاسين، پوري يونٽ جا آفيسر لائين ۾ بيٺا هيا ۽ وڏو آڌر ڀاءُ ڪيائون. ڪامن روم ۾ سڀني آفيسرن سان ويٺاسين، ڪجھه پراڻيون ڳالھيون ورجايوسين. سي او مونکي چيو ته سائين توهانکي خوشي ٿيندي ته منھنجي هن پلٽن ۾ تقريباً اٺ سو جوانن مان اڌ کان گھڻا سنڌي آهن. ڪم ڪار جا سٺا ڪا شڪايت ناهي، بس صرف هڪڙي شڪايت آهي، جيڪڏهن تون هدايت ڪرين ته سٺو ٿيندو، ٿي سگھي ٿو ته توهانجي ڳالھه کي مڃين. وڌيڪ چيائين ته هن وقت صوبيدار ميجر به سنڌي آهي ۽ اڌ کان وڌيڪ جي سي اوز (Junior Commissioned Officer) به سنڌي آهن. چيائين ته صرف شڪايت اها آهي ته او ايس ايل (Over Stay Leave) معنيٰ موڪل وٺندا ڏهه يا پندرنهن ڏينھن ته وڌيڪ چار پنج ڏينھن ليٽ ايندا. بس رڳو اها هدايت ڪيو نه ته گسائڻ واري حرڪت کان باز اچن. خير ست اٺ سنڌي صوبيدار ۽ نائب صوبيدار مليا. بي ايڇ ايم (Battalion Havildar Major) به سنڌي هيو.
آرمي يونٽ ۾ آفيسر کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ اهم پوسٽ صوبيدار ميجر، بٽالين حولدار ميجر، بٽالين ڪوارٽر ماسٽر، ڪمپني حولدار ميجر.
انوقت اهي مٿيون سڀ پوسٽون سنڌي جوانن وٽ هيون. هينئر جي خبر ناهي ته ڇا پوزيشن آهي. بھرحال ڏاڍي خوشي ٿي ته هاڻي سنڌي آرمڊ فورسز ۾ اٽي ۾ لوڻ کان وڌيڪ آهن.
بھرحال 31 پنجاب ريجمينٽ جي سڀني آفيسرن کان موڪلائي واپس قلعي ڏانھن راهي ٿياسين، جتي جنرل صاحب لنچ جي لاءِ انتظار ۾ ويٺو هيو. اسان ٽنھي گڏجي ڀرپور لنچ ڪئي، انھيءَ کانپوءِ شام جو پشاور ڏانھن رستو ورتو. تقريباً سج لھڻ کان ٿورو اڳ وڃي قائد اعظم يونيورسٽي واري محبوبه جي گھر پھتس، جيڪو پشاور ائئرپورٽ جي ڀرسان هيو. رات جي ماني کائي آرامي ٿياسين، صبح جو ڪوئيٽا لاءِ فلائيٽ وايا لاهور روانو ٿيس. جڏهن ڪوئيٽا آيس ته خبر پئي ته وفاقي وزير انوائرنميٽ جو دورو آهي، ۽ ميٽنگ زيارت ۾ رکي وئي آهي. انوقت وفاقي وزير انوائرنمينٽ مسٽر آصف علي زرداري هيو. 1995ع فيبروري جي پھرين هفتي ۾ زرداري صاحب زيارت آيو ۽ ميٽنگ ٿي جنھن ۾ گورنر، وزير اعليٰ، وزيرن، چيف سيڪريٽري سڀ هيا. رمضان جو مھينو هيو، مونکي پڻ روزو هيو، تنھنڪري مان ٿورو پرڀرو ٿي بيٺو هيس. اتان وري قافلو ڪوئيٽا ڏانھن روانو ٿيو ذوالفقار مگسي صاحب وزيراعليٰ هيو، زرداري صاحب اسلام آباد روانو ٿيو. شام جوآرڊر مليو ته منھنجي پوسٽنگ پوليٽيڪل سيڪريٽري وزير اعليٰ بلوچستان ٿي. خير اتي نڪو ڪم نه ڪار، گاڏي ۽ آفيس الا الا خير صليٰ.
هفتي کانپوءِ عبدالعزيز لوڻي صاحب بي ڊي اي (Balochistan Development Authority) جو چيئرمين هيو، تنھن وڃي چيف سيڪريٽري سڪندر علي جمالي مير تاج محمد جمالي جو وڏو ڀاءُ هيو، ان کي چئي پاڻ وٽ ڊائريڪٽر فنانس پوسٽ ڪرايو 1970ع جولائي ۾ جڏهن بلوچستان کي صوبائي حيثيت ملي ته اڳ ۾ ڪوئي ڊپارٽمينٽ ڪونه هيو تنھنڪري سڀ کان پھريون بلوچستان ڊولپمينٽ اٿارٽي ٺاهي سڀ ترقياتي ڪم بي ڊي اي جي پليٽفارم تان ڪرائڻ شروع ٿيا. پوءِ آهستي آهستي ڊپارٽمينٽ وجود ۾ ايندا ويا. تيئن بي ڊي اي جو رول ختم ٿيندو ويو، پر جيئن ته آفيس ۽ بجيٽ هئي تنھن ڪري اڃان زندهه رکندا پئي آيا، باقي نئون ڪم ڪوئي ڪونه هيس صرف رهيل ڪمن کي پئي اڪلاين.
مارچ 1995ع ۾ مسٽر صادق عمراڻي پريزيڊنٽ پ پ بلوچستان ۽ صوبائي وزير مون وٽ آيا، ٻه آرڊر بي بي شھيد کان ڪرائي وٺي آيو.
هڪ مير حسن رند جنرل مينيجر اين ايڇ اي بلوچستان.
ٻيو محمد جمن ڄامڙو ميمبر فنانس اين ايڇ اي اسلام آباد.
مون ٻانھون ٻڌي عرض ڪيو ته سائين توهانجي مھرباني جو توهان منھنجي لاءِ ايتري تڪليف ڪئي، پر مونکان اڳ ۾ پڇو ته ها. مون چيو ته مان ميمبر فنانس اين ايڇ اي ڪونه ويندس ڇو ته اها پوسٽ ايڪويھين گريڊ ۾ آهي ۽ مان اڃان اوڻويھين گريڊ ۾ آهيان. هڪ اسٽيپ ته مٿي وڃڻ لاءِ تيار آهيان، باقي هڪدم ٻه اسٽيپ مان ڪونه ويندس. چيائين ته تون بيوقوف آهين، ماڻھو ان پوسٽ لاءِ شيرون پائن ۽ تون ٿو وري نخرا ڪرين. مون چيو ته ڇا به ٿي پوي مان ڪونه اها پوسٽ وٺندس. مير حسن رند صاحب جي ايم اين ايڇ اي بلوچستان جي پوسٽ ورتي ۽ رند صاحب جو حق به هيو، ڇو ته ڪافي سينيئر ماڻھو هيو، اين ايڇ اي ۾ پر کيس پوسٽ ڪونه پئي ڪين. مون اين ايڇ اي ڪونه ويس. ڪجھه ڏينھن عمراڻي صاحب ناراض ٿيو پوءِ وري ٺيڪ ٿي ويو، جيڪو اڄ تائين اسان جو پاڻ ۾ سٺو رشتو قائم آهي.
1995ع جولاءِ يا آگسٽ ۾ مظھرالحق صديقي صاحب سيڪريٽري اسٽبلشمنيٽ هيا، ڪوئيٽا اچڻ ٿيو هين ۽ منھنجي ملاقات ٿي، ۽ مون عرض ڪيو ته سائين مونکي هتي ٽي سال ٿي ويا آهن، مھرباني ڪري ڪٿي به ٻاهر موڪليو. انھن ڏينھن ۾ ڊائريڪٽر حج مدينه جي پوسٽ سرڪيوليٽ ٿي، مون به اپلاءِ ڪيو، انٽرويو لاءِ اسلام آباد گھراين انٽرويو ٿيو جنھن ۾ مظھرالحق صديقي، نجم الدين شيخ سيڪريٽري خارجه، سيڪريٽري حج ۽ هڪ ڪو ٻيو هيو. ڪاميٽي نالا مٿي موڪليا، خورشيد شاهه مذهبي مامرن جو وزير هيو. منسٽر صاحب کي نالو فائينل ڪرڻو هيو. مسٽر آفتاب شعبان ميراڻي فصيع الدين شڪارپور جي سفارش ڪئي، جنھن ڪري فصيع الدين ڊائريڪٽر حج مدينه مقرر ٿيو.
سائين مظھرالحق صديقي منھنجو نالو اسپيشل اسسٽنٽ ٽو چيئرمين پي آءِ اي لاءِ موڪليو، ڇو ته اتي جيڪو آفيسر هيو انھي جو ٽينوئر ختم ٿي ويو هيو.
صدر فاروق لغاري جو عزيز ڪوئي لغاري چيئرمين پي آءِ اي هيو، مونکي انٽرويو جي لاءِ ڪراچي گھرايائون. پيغام مليو ته رات اٺين وڳي گھر تي اچ. گھر جي ڏنل ائڊريس تي مان وڃي اتي پھتم. مونکي ڊرائنگ روم ۾ ويهارين، ٿوري ديرکان پوءِ مونکي سڏ ٿيو، مان ويس هڪ آفيس ٽائيپ ڪمرو هيو. جڏهن مان اتي ويس ته منھنجي ذهن ۾ هيو ته چيئرمين صاحب پاڻ هوندو. پر اتي اڌڙوٽ عمر واري خاتون ويٺي هئي. محترمه چيو اڳ ڪٿي ڪٿي رهيو آهين؟ مون سڀ ٻڌايو جيڪي ياد هيو، پر هڪ اڌ پوسٽنگ تنھن وقت ياد ڪانه آئي، پوءِ پاڻ پڇيائين ته ڇا تون هن پوسٽ تي رهيو آهين؟ مون چيو ته ها، منھنجي بايو ڊيٽا اڳئي اسٽيبلشمينٽ اوڏانھن ڏياري موڪلي هئي. چيائين ته ڄامڙو صاحب توکي خبر آهي ته چيئرمين صاحب پي آءِ اي جي آفيس ويندو ناهي، ۽ اتي اهو توکي سنڀالڻو هوندو ۽ رات جو تقريباً ڏھين وڳي سڀ فائيل هتي گھر تي کڻي ايندين ۽ چيئرمين جي منظوري وٺي پوءِ واپس ويندين. مون عرض ڪيو ته ميڊم رات جو ڏهين کان پوءِ هتي اچڻ منھنجي لاءِ مشڪل آهي، پوءِ توهان ڪنھن ٻئي جي لاءِ گھر ڪيو. مون واپس وڃي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ سائين مظھرالحق صديقي صاحب سان ملاقات ڪئي ۽ عرض ڪيو ته سائين مونکي هاڻي ڪٿي به پوسٽ ڪيو. ٻئي ڏينھن تي مونکي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو.