سپاهيءَ کان سيڪريٽري تائين
ہمت مرداں مدد خدا، بے ہمتِ مرداں بیزارِ خدا
حالانڪ مون شروع ۾ لکيو آهي ته مان ڪنھن وڏي زميندار جو اولاد ڪونه آهيان. منھنجا والدين ظاهري طور لکڻ ۽ پڙهڻ ڪونه ڄاڻيندا هيا، ليڪن ڄاڻ رکندڙ هيا. پنھنجي وقت جي لحاظ کان دنيا جي معاملن کان خوب واقف هيا. مونکي جڏهن اسڪول موڪلين ته صرف چوندا هيا ته ابا جتي به هجو، ڪم دل لائي ڪيو، باقي فتح الله ضرور نصيب ڪندو.
جيئن ته منھنجي والدين جو ڪم پنھنجي زمين ۽ مال متاع جي نظرداري هئي، انھيءَ ڪري پنھنجي ڪم ۾ ڪافي ڄاڻ ۽ مھارت رکندا هيا.
الحمدلله جيئن ته مال متاع ڪافي هوندو هيو، تنھن ڪري اسڪول وڃڻ کان اڳ جيڪو مال متاع اوطاق تي ٻڌل هوندو هيو، انھيءَ مال جا ڇيڻا ڪڍي مال جي جاءِ صاف ڪري پوءِ پنڌ اسڪول ويندا هياسين. اسڪول کان پوءِ اچي عموماً مان ٻڪريون جھنگ ڏانھن پاڻي پيارڻ ۽ چارڻ لاءِ ڪاهي ويندو هيم. ٻھراڙيءَ جي ماڻھو جو ڪم ڪافي رف ۽ ٽف هوندو آهي، تنھن ڪري پيرن ۾ موچي جي هٿ جا ٺھيل جوتا پائيندا هياسين. ڇاڪاڻ ته هر ڦار گپ چڪ ۾ اهي موچي جا ٺھيل مضبوط جوتا ڪم ايندا هيا. اسڪول وڃڻ لاءِ ڪارو بوٽ پائي ويندا هياسين. موچيءَ جي ٺھيل جوتن جي مرمت ٿيندي هئي، جنھن لاءِ موچي سان آهت رکيل هوندو هيو، جنھن ۾ هاري ماڻھو فصل تي گھر ڀاتين موجب اناج موچي کي ڏبو هيو. ٻڪرين جي چارڻ کان علاوه منھنجي ذمي اهو ڪم به هوندو هيو ته مھيني ۾ هڪ يا ٻه دفعا پنھنجي گھر ڀاتين جا ڇڳل جوتا ڳنڍرائڻ لاءِ موچي ڏانھن کڻي ويندو هيس. جيئن ته جوتا ۽ جتيون ڪافي هونديون هيون، تنھن ڪري موچي چوندو هيو ته پادر سڀ اتي رکي وڃ ۽ هفتي کان پوءِ کڻي وڃ. اهو سلسلو پيو هلندو هيو، مان هڪڙا جوتا کڻي ويندو هيم ته واپسيءَ تي ٻيا ڳنڍيل جوتن جي پٽارڪ ڀري کڻي واپس ايندو هيم. اهو سلسلو مئٽرڪ پاس کان پوءِ SV Teacher جي سليڪشن تائين جاري رهيو. ايس وي ٽيچري اڌ ۾ ڇڏي 1971ع فيبروري مان فوج ۾ سپاهي ڀرتي ٿي ڪوهاٽ وڃي ٽريننگ لاءِ سگنلز سينٽر ۾ رپورٽ ڪيو. جڏهن مون والد صاحب کي ٻڌايو ته مان فوج ۾ ڀرتي ٿي آيو آهيان. پھريان خاموش ٿي ويا پوءِ صرف ٻه جملا بابا سائين چيا:
”ڇا توکي هتي ماني ڪونه ٿي ملي.
جيڪڏهن فوج ۾ وڃين ٿو ته نڀائجانءِ.“
الحمدلله ڪوهاٽ ٽريننگ ۾ سموري سينٽر ۾ ڊرل ۾ مون پھرين پوزيشن ماڻي.
ڪوه مري گلڏنه هلز ۾ ڪلاريڪل ٽريننگ ۾ پوري پاڪستان آرميءَ جا ڪلارڪ ٽريننگ لاءِ گڏ ٿياسين، ٻن مھينن کان پوءِ امتحان ٿيو، منھنجي ٽئين پوزيشن بيٺي. اهڙيءَ طرح چار سال آرمي جي نوڪري مان واپس موٽي، اچي 1975ع ۾ پاڪستان اسٽيل ملز ۾ اچي ڪلارڪ ٿيس. جنوري 1976ع ۾ اسلام آباد يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ امتحان ۾ ويٺس، الحمدلله 1976ع فيبروري ۾ اسلام آباد يونيورسٽي ٻه سؤ روپيه اسڪالرشپ تي وڃي اسلام آباد يونيورسٽي پڙهڻ ويم. 25 ڊسمبر 1976ع تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پاڻ يونيورسٽي آيو ۽ جتي هينئر مين گيٽ آرڪ ٽائيپ ٺھيل آهي، اتي ڀٽي صاحب اسان سڀني استاد ۽ شاگردن کي مختصر خطاب ڪيو ۽ سؤ ساله قائداعظم جي جنم جي موقعي تي اسلام آباد مان نالو بدلائي قائداعظم يونيورسٽي رکيو ويو. الحمدلله قائداعظم يونيورسٽي مان بي گريڊ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪئي. 1978ع جي سي ايس يس جي امتحان ۾ ويٺاسين ۽ 1979ع جي جون ۾ لکت جو رزلٽ ظاهر ٿيو، جنھن ۾ الحمدلله سنڌ ٻھراڙيءَ مان منھنجي پھرئين پوزيشن هئي. ان کان پوءِ سائڪالاجي، ميڊيڪل ٽيسٽ ۽ واءِ وا ٿي، جنھن ۾ منھنجي ٻي پوزيشن هئي ۽ ڊي ايم جي ۾ الوڪيشن ٿي. پوءِ مختلف عھدن تي مختلف حڪومتن ۾ مختلف حيثيت سان ڪم ڪندي، آخرڪار الله سائين جي رحمت سان پاڪستان ۾ سول سروس جي آخري منزل تائين پھچي عزت سان ڪل سرڪاري ملازم ذائقة الرٽائرمينٽ جو پيالو پي پنھنجي ٻارن سان گڏ رهڻ جو مزو پيا ماڻيون. مان جڏهن پنھنجي قابليت ڏانھن نظر ڦيريندو آهيان ته محسوس ڪندو آهيان ته مون ۾ ڪابه قابليت ناهي، پوءِ رب ڪريم مون کي ايترا وڏا اعزاز ڏنا جو شايد ڪنھن کي اڄ تائين مليا هجن. انھيءَ لاءِ مان جيترو مالڪ سائين جو شڪر ڪيان، اهو تمام ٿورو آهي.
1. پاڪستان آرمي جو سپاهي اڄ تائين مونکان سواءِ ڪوبه فيڊرل سيڪريٽري ڪونه ٿيو آهي.
2. پاڪستان جي وجود اچڻ کان وٺي اڄ تائين سول سروس اڪيڊمي لاهور ۾ آفيشل گروپ فوٽو سنڌي ڊريس ۾ اجرڪ جي پٽڪي سان صرف مون مسڪين جو اڄ به 7th CTP ۾ نظر ايندو.
هيءُ سڀ هتي لکڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته اسان جو نوجوان همت نه هاري، شارٽ ڪٽ رستو اختيار هر گز نه ڪري. دل لڳائي محنت ڪري، رب ڪريم تي مڪمل يقين رکو، ڪاميابي ضرور اچي توهان جا قدم چمندي. شارٽ ڪٽ رستو اختيار ڪندؤ ته سڀ کان پھريان توهان پنھنجي والدين جي عزت نفس سان سودو ڪندؤ.
ٻيو توهان پنھنجي حلال رزق کي برباد ڪري ڪنھن رئيس يا ٻئي ڪنھن سرڪاري عملدار جي ڀڀ ۾ اڇليندا.
ٽيون توهان کي هميشه انھي رئيس جو احسانمند رهڻو پوندو جنھن لاءِ توهان شروع ۾ پنهنجي حق حلال رزق کي برباد ڪيو.
اسان جا نوجوان جيڪي ڪاپي ڪلچر جا عادي آهن، اهي سڀ کان اڳ ۾ اچي چوندا آهن ته سائين اسان غريب آهيون ۽ پھچ ڪانھي، تنھن ڪري نوڪري ڪان ٿي ملي. غريب هجڻ ڪو مھڻو ڪونھي، اها مالڪ جي ورھاست آهي، ڪنھن کي ڇا ۽ ڪيترو عطا ڪري. مھڻو اهو ضرور آهي جو تنھنجي والدين غريب هوندي توکي سڀ شيون وٺي ڏنيون، ڪتاب، رجسٽر وغيره. سٺا ڪپڙا وٺي ڏنا، جيڪو توکي ڪم ڪرڻو هيو، پڙهڻ جو اهو تو ڪونه ڪيو. هاڻي انھيءَ ۾ غريب هجڻ جي ڪھڙي ڳالھه آهي، اتي غريب کان وڌيڪ تنھنجي نالائقي ۽ والدين سان غداري آهي، جو انھن مسڪينن کي ڏکيو رکي ۽ تو پڙهڻ جي بجاءِ خراب صحبت اختيار ڪئي. جنھنجي ڪري تو انھن غريبن جي خوابن کي چڪناچور ڪيو. انھيءَ ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته گذريل ڏهاڪي ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر کي هٿ سان پروان چاڙهيو اٿن ته جيئن شاگرد تعليم حاصل ته ڪن، صرف ڪاپي ڪري اسان جي پٺيان لور لور ڪندا گھمن ۽ پئسه خرچ ڪن. موجوده سرڪار لاءِ ته اهو فائديمند آهي ته جيئن نوجوان تعليم يافته نه هجي، بلڪ صرف ڊگري يافته هجي ته جيئن هو اسان جي هر ناجائز ڪم ۾ ڀائيوار هجي.
تعليم لاءِ سازگار ماحول تيار ڪري ڏيڻ سرڪار جي ذميواري آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مرڪزي توڙي سنڌ سرڪار جو ڪوئي ارادو نظر نٿو اچي، تنھن ڪري اسان سڀني جي ذميواري آهي ته سرڪار کي مجبور ڪيون ته معياري تعليم لاءِ ضروري اپاءِ وٺي. سنڌ سرڪار کي خبر آهي ته عوام کي لالچ ڏئي ووٽ وٺي ٻيھر اقتدار ۾ اينداسين. جيڪڏهن عوام پڙهي پيو ته سڄاڳ ٿيندو، جيڪو لازم لالچ ۾ ايترو آسان ڪونه ڦاسندو، تنھن ڪري ”نه رهي بانس نه وڄي بانسري.“
ڪي پي ڪي جي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي اچڻ سبب اتي جيڪا سرڪار اقتدار ۾ اچي ٿي، جيڪڏهن عوام جي لاءِ ڪم نٿي ڪري ته ٻئي دفعي ڪنھن ٻئي سياسي پارٽي کي چانس ٿا ڏين. گھڻي عرصي کان پوءِ لڳاتار ٻيو دفعو صرف پي ٽي آءِ اقتدار ۾ آئي آهي.
جيستائين سنڌ سرڪار ڪجھه ڪري تيستائين استاد، والدين، شاگرد ۽ سول سوسائٽي گڏجي استاد، شاگرد ۽ والدين کي اهو احساس ڏيارين ته ڪاپي ڪلچر نه صرف توهان لاءِ پر پوري سنڌ لاءِ نقصانده آهي.
معياري تعليم حاصل ڪرڻ جو مطلب هرگز اهوناهي ته ڪا سرڪاري نوڪري ڪري. جيڪڏهن توهان وٽ علم ۽ هنر آهي ته توهان پنھنجو ڌنڌو ڪري وڌيڪ آسوده زندگي گذاري سگھو ٿا.
سرڪاري نوڪريءِ لاءِ ٻھراڙي جا ماڻھو گھڻو پاڻ پتوڙيندا آهن. سرڪاري نوڪري ۾ ايتري گھڻي پگھار ناهي جو ماڻھو خوشحال زندگي گذاري سگھي. الحمدلله عزت جي زندگي گذري ٿي، باقي ڪل پيران دا خير. ٺاٺ باٺ واري زندگي حرام جي ڪمائي تي ٿيندي آهي. باقي جيڪي پرائيويٽ نوڪريون ڪن ٿا، انھن جون پگھارون تمام سٺيون ۽ ٺاٺ باٺ سان زندگي گذارين ٿا، تنھن ڪري اڄ ڪلھه سٺا ۽ قابل شاگرد سرڪاري نوڪري جي بجاءِ ملٽي نيشنل ڪمپنيز ۽ ٻين ادارن ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ٿا ڏين.
منھنجا ٻار سرڪاري نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، تنھنڪري منھنجي وڏي پٽ لنڊن يونيورسٽي مان لا گريجوئيٽ ڪئي ۽ انجو ارادو آهي ته مان وڪالت ڪندس ۽ اڳتي هلي جج ٿيندس. غريب، مظلوم ۽ بي پھچ ماڻھن جا ڪيس مان بغير فيس جي وڙهندس، سواءِ ڊاڪومينٽس جي تياري لاءِ گھربل رقم جي. منھنجي دعا آهي ته هڪ ڏينھن انشاءَ الله چيف جسٽس آف پاڪستان ٿيندو. ماشاءَ الله تمام هوشيار وڪيل آهي. مونکي خوشي آهي ته هو اتي مطمئن آهي ۽ ڪاميابيءَ سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ پنھنجي سينيئر سان گڏ سپريم ڪورٽ ۾ ٽي چار ڪيس پاڻ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سامھون پيش ٿي کٽي آيو آهي.
منھنجو ٻيو نمبر پٽ الحمدلله وڏي پٽ کان وڌيڪ هوشيار آهي، اسڪول واري زماني ۾ مقابلي سان ڏهه شاگرد پاڪستان ليول تي جپان وڃڻ لاءِ سليڪٽ ٿيا، انھن ۾ منھنجو ٻيو نمبر پٽ به سرڪاري خرچ تي جپان ويو. نائين ڪلاس کان ويندي اڄ تائين اسڪالرشپ تي پڙهندو پيو اچي. جي ايس آءِ ايس اسڪول ۾ چارئي سال پوري اسڪالرشپ تي پڙهيو. ان کانپوءِ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالوجي مان بي اي مٽيريئل سائنس ۾ گولڊ ميڊل سان پاس ۽ چارئي سال اسڪالرشپ تي پڙهيو.
هينئر آمريڪا جي اسڪالرشپ تي انٽيگريٽيڊ واٽر رسورس مينيجمينٽ ۾ ماسٽرس پيو ڪري. گذريل سال آمريڪا ايڪسچينج پروگرام ۾ آمريڪا جي خرچ تي ويو هيو، هاڻي موٽي اچي ٿيسز پيو لکي. انھيءَ کان علاوه يو اين او يونيورسٽي (University of New Orleans) جرمنيءَ مان پي ايڇ ڊي لاءِ لکپڙهه هلي پئي. سويڊن ۽ ڪينيڊا جي هڪ ٻن يونيورسٽين سان پي ايڇ ڊي پروگرام لاءِ لکپڙهه هلي ٿي پئي، جنھن به سٺي اسڪالرشپ جي آفر ڪئي، اوڏانھن پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويندو. تنھنڪري هو به سرڪاري نوڪري ۾ دلچسپي ڪونه ٿو رکي. پي ايڇ ڊي کان پوءِ ڪنھن انٽرنيشنل اداري ۾ ويندو يا پنھنجو ڪو ڪنسلٽنٽ فرم کوليندو.
ننڍو پٽ يونيورسٽي ۾ اڪائونٽسي ۾ ڊگري ڪري پيو، اهو پنھنجو تعليم جي حساب سان ڌنڌو ڪندو.
منھنجي پياري ڌيءُ ماشاءَ الله تمام ذهين ۽ هوشيار آهي. آءِ بي اي سکر مان گولڊ ميڊل مليل اٿس. جنھن جو ارادو آهي ته مان پي ايڇ ڊي ڪيان. في الحال نوڪري جو ارادو ڪونه اٿس، جو ننڍا ٽي ٻار اٿس.
ٽنھي پٽن مونکي چيو ته ابا اسان سرڪاري نوڪري ڪونه ڪنداسين، ڇوته ان ۾ پگھارون گھٽ آهن، تنھن ڪري گذارو ڪونه ٿيندو ۽ حرام جي پيسي پٺيان اسان ڪونه لڳنداسين. اسان توهان کي ڏٺو آهي ته ڪيترو قناعت سان گذران ڪيو پيا. تنھنڪري اسان پنھنجي پنھنجي فيلڊ ۾ ڪم ڪنداسين، مونکي اها خوشي ٿي ته الحمدلله سٺي سوچ اٿن، الله ڪندو ته پنھنجي پنھنجي فيلڊ ۾ ڪامياب ٿيندا. منھنجي انھن کي هميشه اها هدايت هوندي آهي ته سڀ کان اول سٺا انسان ٿيو. ڏيڻ وارو هٿ رکو. ڪنھن سان ڪابه زيادتي نه ڪريو، پئسي جا پوڄاري نه ٿجو پئسو ايترو ضروري آهي جنھن سان زندگي آسان گذري. لالچ جي ڪري سڀ کان وڏو نقصان رشتيداري تي پوندو آهي، تنھن ڪري رشتن کي قائم رکڻ کي اوليت ڏجو. ڪنھن کي پاڻ کان گھٽ نه سمجھو. پئسي ۽ صحت تي ڪڏهن به غرور نه ڪجو، ڇو ته اهي شيون الله جي طرفان ڏنل نعمتون هونديون آهن، جيترو ٿي سگھي انھن ٻنھي نعمتن کي الله جي مخلوق جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪجو. پاڻ کان وڏي جي عزت ۽ احترام ڪيو ۽ پاڻ کان ننڍن تي شفقت جو هٿ رکو. انسان ذات جي خدمت ڪيو ۽ قرآن مجيد جي جيتري به تلاوت ڪيو، ان کي ترجمي سان سمجھي پڙهو.
منھنجي دعا آهي ته پوري قوم جا ٻچڙا محنت سان اڳتي اچن، قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪن. آمين يارب العالمين.
سائينم سدائين! ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.