نوجوان کي ترقيءَ جي عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ لاءِ رهنمائي جو فقدان
انھيءَ رسيل نقصان مان نڪرڻ ۽ پنھنجي پيرن تي بيھڻ لاءِ سنڌ جي نوجوان کي تمام گھڻي محنت ۽ مشقت ڪرڻي پوندي. پنھنجي قدرتي وسيلن جي رکوالي ۽ انھن قدرتي ذريعن کي پنھنجي مفاد ۾ نه آڻڻ جو واحد سبب اهيو رهيو آهي ته هر دور ۾ سنڌي نوجوان سھولت سان گڏ ڏاهي ۽ سڄڻ سيڙپڪار جي نه هجڻ سبب پنھنجي قدرت طرفان مليل ملڪيت جو تحفظ ڪري ڪونه سگھيان آهيون. جنھن جو ڌارين اچي خوب فائدو ورتو آهي ۽ وٺندا رهن ٿا. هينئر به باوجود گھڻو ڪجھه وڃائڻ جي، اسين قدرتي وسيلن سان ڀرپور ۽ مالامال خطي کي پنھنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري سگھڻ جي طاقت رکون ٿا، بشرطيڪه اسانجو نوجوان پڪو پهه ڪري طارق بن زياد وانگر ٻيڙيون ساڙي ميدان ۾ لھي پوي. الحمدلله مونکي پنھنجي نوجوانن ۾ اها ڪيفيت محسوس ٿيندي نظر اچي ٿي، تنھن ڪري مان ايئن چئي سگھان ٿو ته انشاءَ الله اهو وقت پري ناهي جو اسين پنھنجي قدرت جي ڏنل خزانن کي سنڌ ۽ سنڌڌرتي جي ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. اسين سڀ ان مرض جي تشخيص ڪري چڪا آهيون ته سنڌي عوام کي ڪھڙي طريقي ۽ حربن جي استعمال سان قومي ڌاري کان ٻاهر ڪنھن سٽيل منصوبي تحت پري رکيو ويو. جڏهن مرض جي تشخيص ٿي ويندي آهي ته انجو علاج ڪرڻ ناممڪن ڪونه هوندو آهي. انھي مرض مان جان ڇڏائڻ لاءِ گھڻيون ڏکيائيون ۽ پريشانيون اڳتان اينديون آهن پر مرض تي قابو ٿي ويندو آهي.
اسان جي ننڍي وڏي ٻار کي به خبر آهي ته سنڌ جي اصل وارثن کي ڄاڻي واڻي ڌڪي ديوار سان لڳايو ويو آهي. انشاءَ الله اسين سڀ ان ديوار کي ٽوڙي پنھنجي کسيل منزل کي پنھنجي هٿ ۾ ڪنداسين. اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته ڇو اسانجي جنرل تعليم ۽ ٽيڪنيڪل تعليم جي ميدان ۾ رنڊڪون وڌيون ويون، ۽ انھي سڄي تعليمي نظام کي هٿ سان برباد ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو هلندو رهي ٿو، انھيءَ وڇايل ڄار ۾ اسين ايترو ته جڪڙجي ويا آهيون، جنھن اسان کي بي وس ڪري ڇڏيو جنھن جي ڪري ڪو ڏاهو سيڙپڪار پيدا ٿيڻ نه ڏنو ويو. الحمدلله اڄ سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ڏاها سيڙپڪار پيدا ٿيا آهن جيڪي سنڌ جي سرمائي کي چڱي طرح سيڙپ جي راه تي گامزن ڪري سگھن ٿا. هيءُ وقت آهي ته اسين پنھنجي نوجوانن کي معياري تعليم ڏئي بھترين ڊاڪٽر، انجنيئر، سول سرونٽ، ٽيڪنيشن، جج، وڪيل ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف. مطلب ته هرفيلڊ ۾ بين الاقوامي معيار مطابق پراڊڪٽ تيار ڪيون.
مان رات هڪ فيملي گڏجاڻي ۾ ويل هيس، جتي پاڪستان جي معاملن تي وسيع تجربو رکندڙ هيا. مون ڏٺو ته انھن جون اکيون انھي ڳالھه تي کتل هيون ته ڪيئن ٿر مان نڪتل ڪوئلي تي بجلي مان اسانجو نوجوان فائدو وٺندو. ٻيو جيڪو انڪشاف اتي ٿيو ته سنڌ مان گئس جا سمنڊ جي پٽي تي جيڪي ذخيرا لڌا آهن، جن جي سرڪاري طور ڪابه ڄاڻ نه ڏني وئي آهي. پر اتي ڳالھين مان خبر پئي ته هڪ تمام وڏو ذخيرو دريافت ٿيو آهي، جيڪو ٽي هزار ارب قيوبڪ فوٽ آهي، جيڪو پاڪستان جي هڪ سو سال جون ضرورتون پوريون ڪري سگھندو.
هي وقت آهي ته اسان جو نوجوان سڀ کان وڌيڪ ٽيڪنيڪل تعليم کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي. انھي ذخيري کي ڪتب آڻڻ لاءِ ڪئي هزار ٽيڪنيڪل ماڻھو گھربا. جيڪڏهن اسان اهي ٽيڪنيڪل معياري افراد پيدا ڪونه ڪنداسين ته اهي ذخيرا اسان جي سنڌ جي ماڻھن کي فائدو ڏيڻ جي بجاءِ يرغمال بڻائيندا. اسان جي نوجوانن کي اها تڪليف ڪرڻي پوندي صرف ڪاپي ڪري امتحان پاس ڪرڻ سان ڪم ڪونه هلندو. جيڪڏهن هن وقت اسان هي ميدان خالي ڇڏيو ته پوءِ سڄي عمر پڇتائيندا رهنداسين، ڪجھه ڪونه ورندو.
اسانجي نوجوان کي هميشه اها شڪايت رهي آهي ته اسان سان وڏا سھڪار نٿا ڪن. وڏن کي اها شڪايت آهي ته اسانجو نوجوان پنھنجي اهليت کي وڌائڻ لاءِ ڪجھه ڪونه ٿو ڪري، صرف شارٽ ڪٽ تي هلي فائدو وٺڻ ٿو چاهي. جيستائين اسان جو نوجوان اهل نه هوندو، تيستائين انھن وڏين ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ ڪنھن به طريقي سان جيڪڏهن پھچي به ويندو ته اتي جٽاء ڪري ڪونه سگھندو، الٽو ٻين سنڌ جي رهواسين لاءِ برو اثر ڇڏيندو آهي. جنھن جي ڪري اسان جي ان ڪمزوري مان ڌاريا ڀرپور فائدو وٺي سنڌين جي لاءِ راه مشڪل بڻائي ڇڏيندا آهن. سازشون اڳئي شروع ٿي ويون آهن ته ڪيئن هو اسان جي ان ڪمزوري مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن. اسان سڀ رڙيون ۽ دانهون ڪندا آهيون ته اسانجي اهل ماڻھن کي جائز مقام نٿو ڏنو وڃي، جيڪا حقيقت آهي پر انھي ۾ قصور ڪنھن جو آهي. جيستائين اسان وافر مقدار ۾ معياري ماڻھو پيدا ڪري انھن آرگنائيزيشن ۾ ڪونه وينداسين، تيستائين اسان کي پنھنجو جائز مقام ڪونه ملندو.ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن انھي گئس فيلڊ تي ڪم شروع ٿيندو ته هزارن جي تعداد ۾ ڪرين، ڊمپر ڊرائيور ۽ مختلف ٽيڪنيشن ٻاهريان اچي پھچندا.
اسان اڄ تائين سنڌي نوجوان کي انھن فيلڊس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ڪيو. جيستائين اسان پنھنجي نوجوانن کي معياري ڄاڻ سان هٿياربند نه ڪنداسين، تيستائين اسان سڀني جون دانھون ۽ ڪوڪون رڍ اڳيان رباب وڄائڻ وانگر ثابت ٿينديون. جلسا جلوس، تقريرون، ميڊيا هڙ حاصل ڪونه ٿيندي.
سنڌي قوم جو اهو وڏو الميو اهو رهيو آهي ته 1936ع کان وٺي سنڌ جي سياسي قيادت سنڌ سان مخلص ڪانه رهي آهي. اڄ تائين سنڌي قوم جو وڪرو ڪري ذاتي مفاد کي ترجيع ڏني وئي، سواءِ ستر واري ڏهاڪي جي شروعات واري دور جي. هي وقت آهي ته سنڌ جي سجاڳ سول سوسائٽي ۽ نوجوان پنھنجي اڻٿڪ محنت سان سنڌ جي قدرتي وسيلن جي مالڪي ڪيون. باقي جيڪڏهن سنڌ جي سياسي قيادت تي ڀاڙي ويٺاسين ته اسان جا ايندڙ نسل غلامن کان بدترزندگي گذاريندا. تاريخ ۽ اسانجو ايندڙ نسل اسان سڀني کي معاف ڪونه ڪندا. پاڪستان جا ٻيا صوبه سنڌ کا ڇو اڳتي آهن؟ اسان ڪڏهن به انھي ڳالھه کي سوچي ۽عمل ڪونه ڪندا آهيون، صرف پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين کي ڏسي روئندا آهيون. باقي ڀٽائي سائين کي جھونگاريندا رهنداسين پر عمل ڪونه ڪنداسين. ڀٽائي سائين انھيءَ وقت لاءِ ته چيو هو ته:
هڻ ڀالا وڙه ڀاڪرين، آڏي ڍال ۾ ڍار
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
اسان جي تلوار ڪھڙي آهي، معياري تعليم، تربيت ۽ همت.