آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

محمد جمن ڄامڙي جي آتم ڪٿا خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن  جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو.

  • 4.5/5.0
  • 59
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سپاھيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

ڇاپو پهريون: 2019ع
ڪتاب جو نالو: سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين
ليکڪ: محمد جمن ڄامڙو
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: عبدالله جروار
انڊيڪس: نديم احمد سولنگي
ڇپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي
ڇپائيندڙ: سنڌ ويزن، ڪراچي

قيمت: /=600 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
سنڌ جا سمورا وڏا بوڪ اسٽال

ارپنا

پنهنجيءَ هيءَ ڪاوش والدين، محسن ۽
سنڌ جي نوجوان نسل، خاص ڪري سنڌ ويزن
جي دوستن جي نانءُ ڪريان ٿو.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ليکڪ ۽ وفاقي سيڪريٽري رھندڙ محمد جمن ڄامڙي جي لکيل آتم ڪٿا جو ڪتاب ”سپاھيءَ کان سيڪريٽري تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. شمس الدين زئور لکي ٿو:
”محمد جمن ڄامڙي جو ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ سندس آتم ڪٿا(Autobiography) يعني خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن جي تجربن جو نچوڙ آهي. ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻھوءَ جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنھن سنڌ جي ٺپ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاھ گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بہ حاصل ڪيائين تہ ننڍڙيون نوڪريون بہ ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22 هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو. سرڪاري نوڪري جي دنيا ۾ سويلين 22 هون گريڊ، فوج جي ليفٽيننٽ جنرل جي برابر هوندو آهي. يعني جمن سائين سپاهيءَ جي نوڪري کان شروعات ڪري سويلين جرنيلي تائين پھتو، بغير ڪنھن سفارش يا مضبوط فيملي گرائونڊ هوندي بہ ...“
ھي ڪتاب 2019ع ۾ سنڌ ويزن، ڪراچيءَ پاران سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سنڌيڪا اڪيڊميءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مھربانيون محمد جم ڄامڙي صاحب جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پنهنجي پاران (محنت کان منزل تائين)

”سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر ڪتاب“ کان پوءِ هيءُ ٻيو ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي، پهرين ڪتاب جي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پوءِ پڙهندڙن ۽ سمورن سڄڻن پاران انتهائي شاندار موٽ ملڻ ۽ پڙهندڙن پاران لکڻ جي انهيءَ سلسلي کي اهڙي ئي نموني جاري ساري رکڻ واري اصرار کان پوءِ پهرين ڪتاب جي ڇپجڻ کان ٽن مهينن جي مختصر وقت ۾ هيءُ ٻيو ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچڻ اوهان پڙهندڙن جي مانائتي موٽ ۽ پيار جو ئي نتيجو آهي.
ربِ ڪائنات جا اڻ ڳڻيا احسان آهن جو هن مون ناچيز کي پنهنجي زندگيءَ ۾ سدائين اهي موقعا پئي فراهم ڪيا آهن جو پنهنجي ملڪ، پنهنجي صوبي ۽ پنهنجي ماروئڙن جي خدمت ڪندو رهان. سروس دوران سدائين پنهنجي ايمان جي سچائيءَ سان ڏينهن رات محنت ڪري ديس ڌڻين جي خدمت ڪئي، ڪرسي کي ڪمائي جو ذريعو بنائڻ بدران ان کي عوام جي خدمت جو وسيلو بنايم، ماڻهن کي طاقت جو بي جا استعمال ڪري کين تنگ ڪري سندن بددعائون کڻڻ بدران انهن جي دل جي سچائي سان خدمت ڪري، عوامي ڀلائي جا ڪم ڪري، مظلوم جو سهارو بڻجي، ظالم سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجو ڪم پوري ايمانداري سان ادا ڪيم، جنهن ڪري ئي مظلومن ۽ مسڪينن جون دعائون سدائين هم راهه بڻيون رهيون، جنهن جي نتيجي ۾ ئي سروس تان رٽائرڊ ٿيڻ جي باوجود قدرت وارو مهربان مون کان اهڙا ڪم وٺي رهيو آهي جنهن سان نه رڳو ايندڙ نسل جي رهنمائي ٿيندي، پر بهتر انتظامي وارن انهي تجربي مان اسان جي انتظاميه جا نوان آفيسر فائدو وٺي عوامي خدمت ڪري پنهنجي دنيا توڙي آخرت سنواري ۽ سڌاري سگهن ٿا.
هيءُ ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ منهنجي پڙهائي واري دور کان وٺي فوج ۾ سپاهي ٿيڻ، وري اچي اسلام آباد يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ ۽ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري سموري ملڪ ۾ سروس ڪرڻ وارن تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل حرف حرف دل جي حضور سان لکيو ويو آهي، ان ۾ ڪا به اجائي پٽاڙ، خود ثنائي، پاڻ پڏائڻ ۽ اجايو لفاظي کان ڪم نه ورتو ويو آهي، هر واقعو، هر احوال، هر تجربو، هر ڳالهه بلڪل سچائي ۽ ايمانداري سان لکي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ مون نه ڪنهن جي ڀر ورتي آهي نه ئي ڪنهن کي انتقام جو نشانو بڻائيندي مٿس اجائي تنقيد ڪئي آهي. ڪتاب ۾ شامل هر وارتا حقيقت تي مبني آهي، هن ڪتاب کي منهنجي آتم ڪٿا به چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ منهنجي زندگي جو لڳ ڀڳ سمورو احوال پيرائتو بيان ٿيل آهي.
مان هن ڪتاب جي معرفت پنهنجي نئين ٽهيءَ کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته محنت کان علاوه ٻيو ڪوبه اهڙو گس ناهي جتان اوهان پاڻ کي مضبوط ڪيو ۽ ٻين جي خدمت به ڪري سگهو. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان وٽ هينئر ايترا وسيلا ناهن جو هر مسئلي کي هڪدم حل ڪري سگهجي. وسيلن جي ٿورائي ۽ ٻين ڏکيائين جي ڪري همت هارڻي ناهي. ڪنهن به مهم ۾ ناڪام ٿيڻ دراصل نئين ڪاميابي لاءِ راهه کلندي آهي، شرط اهو آهي ته حوصلو بلند هجي. ناڪاميءَ جي لاءِ پهريون ڏاڪو مايوسي، دل شڪسته ٿيڻ ۽ همت هارڻ آهي.
منهنجي زندگي جو آئيڊيل گانو جيڪو منهنجي لاءِ هميشه همت ۽ حوصلي جو سبب بڻيو آهي، جنهن تي مان اکيون ٻوٽي عمل ڪيو ۽ اڃان به ڪندو پيو هلان، اهو آهي:
اے دل تجھے قسم ہے تو ہمت نہ ہارنا
دن زندگی کے جیسے بهی گزریں گزارنا
الفت کے راستے میں ملیں گے ہزار غم
بن جائے جان پر بهی تو غم سے نہ ہارنا
اے دل تجھے قسم ہے
رونے سے کم نہ ہوں گی کبھی تیری مشکلیں
بگڑے ہوئے نصیب کو ہنس کر سنوارنا
اے دل تجھے قسم ہے
دنیا ستم کرے تو نہ کرنا گلہ کوئی
جو تیرے ہو چکے ہیں تُو اُن کو پکارنا۔

بهرحال اسانجي نوجوانن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته هيءَ دور مقابلي جو آهي، جيترو ڪير محنت ڪري پاڻ کي مضبوط ڪندو، اوترو هو زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿيندو، جيترو آسائش واري زندگي کي پنهنجي سر تي سوار ڪندو اوترو وڌيڪ ناڪاميءَ ڏانهن ويجهو ٿيندو ويندو. ڪاميابي جي لاءِ محنت، همت، خودداري ۽ مسلسل جدوجهد تمام ضروري آهي.
مون هن آتم ڪٿا کي پنهنجي ئي انداز ۾ لکيو آهي، هن ڪٿا لکڻ ۾ ڪٿي به ڪنهن جي ڇاپ پاڻ تي نه لڳائي آهي، مون جمال ابڙي صاحب، پير علي محمد راشدي، تازو جسٽس رٽائرڊ ديدار حسين شاهه مرحوم جي آتم ڪٿا پڙهي آهي، انهن مان هر ڪنهن جو پنهنجو انداز آهي، هر وڻ جو پنهنجو واس آهي، منهنجي هن ڪتاب جو گهڻو حصو منهنجي سروس وارن ڏهاڙن جي تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ آفيسرن جي ارهه زوراين کان وٺي سياستدانن جي سياست جي نرالن اندازن ۽ سندن منفي توڙي مثبت روين تي دل کولي لکيو آهي.
اڪثر مون ڏٺو آهي ته آفيسر طبقو مفاهمتن ۽ مصلحتن جو شڪار رهندو آهي، پر مون نه سروس دوران، نه ئي هي ڪتاب لکڻ دوران مفاهمت ڪئي آهي نه ئي مصلحت کان ڪم ورتو آهي، جنهن ڪري مان سمجهان ٿو منهنجي لکڻي جو پنهنجو انداز آهي.
منهنجي پهرين ڇپيل ڪتاب ۽ هن ڪتاب جي ڇپائي جي حوالي سان منهنجي سنڌ ويزن ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (SGA) جي دوستن جو رايو آهي ته ٻنهي ڪتابن جو گڏيل مهورت اسلام آباد ۾ ڪيو ويندو، جيڪو به شايد پهريون ئي موقعو هوندو جو اسلام آباد ۾ ڪنهن به سنڌي ليکڪ جي ٻن ڪتابن جي گڏيل مهورتي تقريب ڪوٺائي وڃي.
”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ ڪتاب جي ڇپائي ۾ منهنجي ڪيترن ئي دوستن جو ساٿ مون سان گڏ رهيو، جنهن تي آئون سندن ٿورائتو آهيان، انهن دوستن ۽ پڙهندڙن جو ساٿ ئي منهنجو اصل سرمايو آهي، هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن هڪ کي به رهنمائي حاصل ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجي منزل تي رسي ٿو ته آئون ايئن سمجهندس ته جهڙوڪر منهنجا سمورا ٿڪ لهي ويا ۽ منهنجي سموري محنت سجائي وئي. ڪتاب جي حوالي سان اوهان جي قيمتي راين جو انتظار رهندو.

محمد جمن ڄامڙو
اسلام آباد
22 سيپٽمبر 2019ع

مهاڳ: محمد جمن ڄامڙو: سنڌ واسين لاءِ اعزاز

سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين، ڪتاب جو عنوان بذات خود محنت، ڪشالو، جدوجهد، جاکوڙ ۽ الله تعاليٰ تي ڪامل يقين جي علامت آهي. جيترو مون ڪتاب کي ڏٺو آهي، انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته محمد جمن ڄامڙو سنڌ ڌرتيءَ جي پنهنجي محنت ۽ ايمانداري سان هڪ حلالي پٽ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن تي جيترو ناز ڪجي اهو تمام گهٽ آهي. سنڌ جي سرزمين تمام گهڻي زرخيز آهي، جنهن صدين کان انمول هيرا پيدا ڪيا آهن، جن جي محنت ۽ مشقت سنڌ ڌرتي جو مان مٿانهون ڪيو آهي.
مان محمد جمن ڄامڙو صاحب کي 1985ع کان وٺي سڃاڻان، جنهن وقت سنڌ جي تعليمي ادارن خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جو تعليمي ماحول شاگرد تنظيمن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ۽ ڏوهاري ماڻهن جو انهن شاگرد تنظيمن سان گهرو رابطو هيو، جنهن ڪري سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ تعليم واري ماحول کي سخت نقصان رسيل هيو. اهڙي ڏکئي مرحلي تي سنڌ سرڪار مونکي اها اهم ذميواري (وائيس چانسلر يونيورسٽي، سنڌ) سونپي ته جيئن سنڌ ۾ تعليم جي بگڙيل ماحول کي صحيح راهه تي گامزن ڪجي. اهو هڪ پيچيده ۽ ڏکيو ڪم مون چئلينج ڪري ورتو، الحمدلله! منهنجي رات ڏينهن جي محنت ۽ جمن ڄامڙو هر گهربل گهڙي ۾ علاءُالدين جي چراغ وانگر حاضر ٿي مڪمل جانفشاني سان رت ولوڙيندي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. جمن ڄامڙو انهيءَ وقت ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪوٽڙي جي حيثيت ۾ ذميواريون سنڀاليندو هو. مان سندس سهڪار سان سنڌ يونيورسٽي جي ماحول کي بدانتظامي مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيس، شاگردن کي مقرر ڪيل عرصي دوران امتحان وٺڻ ۽ ڊگريون ملڻ شروع ٿي ويون جن لاءِ اڳ ٽي کان چار سال وڌيڪ شاگردن جي تعليم لاءِ صرف پئي ٿيا.
مان هڪ سينيئر جي حيثيت ۾ جمن ڄامڙو جي اهليت ۽ ايمانداري کي سڃاڻي ورتو ته انشاءَ الله جمن هڪ ڏينهن سنڌ جو نالو روشن ڪندو، جيڪو اڳتي هلي وقت ثابت ڪيو، ۽ مونکي اها ڳالهه لکڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ محسوس نٿو ٿئي ته جمن ڄامڙو جي لکيل ڪتاب سنڌ جي نوجوان توڙي وڏي عمر جي دوستن لاءِ هڪ ڪارائتو ۽ لاڀائتو ڪتاب ثابت ٿيندو.
هن ڪتاب کي پڙهڻ کان بعد اسان جي نوجوان طبقي کي هڪ اهم سبق ملندو، جنهن مان هر مشڪل وقت ۾ پائيدار فيصلي ڪرڻ جا گُر ملندا ته ڪيئن اهڙي ڏکي گهڙيءَ ۾ پاڻ تي ضبط ۽ ماحول جي پسمنظر کي سامهون رکندي حالات تي ڪنٽرول ڪجي ۽ سرخرو ٿجي، جنهن مان علائقي جي عوام کي فائدو پهچندو رهي.
جنهن ايمانداري سان جمن ڄامڙو پنهنجي زندگيءَ جي حال احوال کان سواءِ هر موڙ تي ايندڙ نوجوانن جي گائيڊنس لاءِ سربستو احوال لکيو آهي، تنهن لاءِ منهنجي طرفان جمن ڄامڙو کي شاباسون ۽ لک آفرينون هجن. پنهنجي زندگيءَ جو احوال سچائي سان بيان ڪرڻ ته مان هڪ هاري جي گهر پيدا ٿيس، مال ڍڳن جي لاءِ گاهه ڪيو، انهن جا ڇيڻا ڪڍي انهي مال ۽ رزق جي جاءِ کي خشڪ ڪيو. ٻڪريون چاريون، مِٽَنِ ۽ مائٽن جا جوتا پنهنجي سر تي رکي موچي کان ڳنڍرائڻ لاءِ کڻي وڃڻ وغيره. فوج ۾ سپاهي ٿي رهيو ۽ 1971ع واري جنگ ۾ به حصو ورتو ۽ دوران فوج جي سپاهي جي پنهنجي پڙهائي واري عمل ۾ خلل ڪون وڌو. مئٽرڪ پاس ڪري فوج ۾ ويو، چار سال فوج ۾ رهندي تعليم کي جاري رکندي بي اي پاس ڪري آرميءَ مان ٻاهر نڪتو. ان کان پوءِ پاڪستان اسٽيل مل ۾ ڪلارڪ ٿيو ۽ هڪ سال اُتي نوڪري ڪرڻ کان بعد وڃي ماسٽرس لاءِ قائداعظم يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي، جتي کيس 200 روپيه ماهوار اسڪالرشپ ملندي هيس. 1976ع ۾ ڪل ٻه سنڌي شاگرد يونيورسٽي ۾ هوندي به پنهنجي ثقافت سان محبت جو کلم کلا اظهار ڪندو رهيو، جيڪو انهي ڏکي ماحول ۾ برقرار رکڻ آسان ڪونه هيو.
سڀ کان اعليٰ ته سول سروس اڪيڊمي جي 72 سالن جي تاريخ ۾ اهو پهريون ۽ آخري موقعو هيو جو جمن ڄامڙو اڪيڊمي جي آفيشل فوٽو سيشن تي به سنڌ جي ثقافت سان نروار اجرڪ جي پٽڪي سان پهرين صف ۾ بيٺو آهي.
سول سروس ۾ هر آفيسر لاءِ وفاقي سيڪريٽري ٿيڻ معراج هوندو آهي، جتي پهچڻ ايترو ڪو آسان ڪونه هوندو آهي. جمن ڄامڙو لاءِ اهو ڊبل معراج هيو، جو اڄ تائين پاڪستان جي تاريخ ۾ سپاهي کان جنرل ته ڪيترائي ٿيا آهن پر سپاهيءَ مان واحد ۽ صرف هڪ ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري“ محمد جمن ڄامڙو ٿيو آهي، جيڪو اسان جي سنڌ ڌرتي جي ڄاون لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي.
آخر ۾ مان سڀني علم دوست ۽ نوجوانن کي چوندس ته جمن ڄامڙو جو ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري“ جو مطالعو ضرور ڪن.
مان پنهنجي دل جي گهراين سان محمد جمن ڄامڙو کي اهڙي بيباڪ طريقي سان لکيل ڪتاب لاءِ مبارڪ ۽ دعائون ڏيان ٿو ۽ کيس تلقين ڪيان ٿو ته پنهنجي تجربي جي بنياد تي سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ لکندو رهي ته جيئن اسانجي ايندڙ نسل جي رهنمائي سان گڏ اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهه پيدا ٿئي. آمين يارب العالمين

مظهرالحق صدّيقي
ڪراچي
20 آڪٽوبر 2019ع

منهنجي طرفان..

پنهنجي دلبر دوست سائين جمن ڄامڙو صاحب جي خود نوشت سوانح حيات ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ جو ڊرافٽ منهنجي هٿن ۾ آهي.
ڪتاب پڙهي مونکي ڀلي ڀت اهو اندازو ٿيو ته جهد مسلسل ۽ جمن ڄامڙو هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن. هاڻي جمن سائين عمر ۾ ايڏو به سينيئر ڪونهي، جو آئون اها لٻاڙ هڻان ته ننڍي لاڪر سندس نالو ٻڌندو پيو اچان، پر جڏهن آئون انهيءَ قابل ٿيس ته سي ايس ايس ڪرڻ جو سانباهو ڪيان، ان وقت جيڪا آئيڊيل شخصيت منهنجي اڳيان هئي ۽ جنهن جا سنڌ جي ڪامورڪي دنيا ۾ گُڻ ڳائبا هيا ۽ مثال ڏبا هيا، ان ۾ جمن سائين سر فهرست هوندو هيو.
اها به هڪ عجيب ڳالھه آهي ته اڄ کان پنج اٺ سال اڳ مون سندس فوٽو به نه ڏٺو هيو. منهنجي نظر ۾ هو ڪو گسٽاپو اسٽائيل جثي ۽ غصي وارو ماڻهو هوندو، پر فوٽو ڏسي چوڏنهن طبق روشن ٿي ويا، هتي ته جمن ’جيم‘ کان خالي من ئي من لڳو پيو هيو.
پوءِ ائين ٿيو ته جمن سائين سان رتيءَ واري رهاڻ به ٿي. سنڌ ويزن جي گوراڻو ڊيم اشو تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ساڻس گڏ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جو موقعو مليو... مونکي ته پهرين نظر ۾ ئي وڻي ويو، حالانڪ سائين جي سائيز واري سونهاري رکندڙ ماڻهن سان منهنجي مڙيئي گهٽ لڳي، پر هتي ته اسانجو جمن سائين هو، جنهن کي اسان سڀ پيار سان ’J.J Saien‘ به چوندا آهيون.
انڊس هوٽل حيدرآباد جي لابي ۾ منهنجي جيئن ئي مٿس نظر پئي ته فوراً اهو لاڏو ياد اچي ويو ’مون ته هلڻ سڃاتو منهنجو راڻو آيو‘ مون امالڪ ڏانهس ڊيهڙ ڪئي، ۽ هن به رسندي ئي ائين ٻک وڌو جيئن کيس ڪنهن جون پاسراٽيون ڀڃڻ جو موقعو الاهي ڏينهن بعد مليو هجي. اهڙو زوردار ٻک ته ’چيانگ مائي‘ ٿائلينڊ ٻڌ ڀڪشو به نه وڌو هيو، جنهن کان آئون روائتي ٻڌ مت مساج ڪرائڻ ويو هيس.
پوري پني قد، ڳوڙهي ڪسرتي هانٺي، اندر ۾ گهر ڪرڻ وارين سٻاجهڙين اکين ۽ سلوڻي سنڌي مهانڊي وارو جمن جادوگر آهي، جهٽ ۾ پراين کي پنهنجو ڪندڙ هيءُ ماڻهو جتي اسان دوستن جي گلدستي جو جگر جان آهي، اتي سندس زندگي جي اڻ ٿڪ جدوجهد اسانجي نئين ٽهي لاءِ يقينن اتساهه جو مثال آهي.
حليم بروهيءَ جي ڪردار عثمان حجم جي روزي رکڻ واري غلطي جيئان منهنجو جمن سائين جي جانٺي اڙيءَ ۾ اچڻ ۽ هيءُ ٻه لفظ لکڻ واري ’ها‘ به حادثاتي ليکجي. ٿيو هيئن جو سائين پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر“ جي تعارفي پوسٽ فوٽو سميت ڏني ته يار کي همٿائڻ لاءِ ڪتاب پڙهڻ کان سواءِ تعريف شروع ڪري ڏنم، بلڪ هڪڙي وائڙي لاپڙي به هڻي ڪڍي مانس ته سائين ڪتابڙي تي ٻه تعريفي لفظ مون کان به لکرايو ها، بس منهنجو ايترو چوڻ هيو ته سائين جي عمودي والي ٺڪ ٽڪڻ تي لڳي، ۽ حڪم صادر فرمايائين ته منهنجي پروف ريڊنگ ۾ پيل ڪتاب تي ٻه لفظ اوهان جا به هوندا. منهنجا ته سندس لفظ ٻڌندي ئي تاڪ لڳي ويا. تر جي گٿي سئو چوٽون کائي وارو پهاڪو به ياد اچي ويو، سو فوراً هيٺانهين ۽ نهٺائي تي اچي کيس عرض ڪيم ته ڪعبه و قبلا آئون مذاق پيو ڪريان، مان ان قسم جو ماڻهو ناهيان، ادب آداب سان پري جو تعلق به ڪونهي، بلڪه بي ادب به آهيان، انڪري مهت مڪتي ملي پر سائين اڳيان به جمن هيو، انڪار جا ٻه لفظ ڳالهائي ڪال بند پئي ڪيائين ته رڙ ڪري چيومانس ته درويش ڪتاب پڙهڻ کان سواءِ تبصرو ڪهڙو ڪندس؟ ته فوراً چيائين ته اهي جو مون فيس بڪ تي قسط وار پوسٽون ڏنيون، ڪونه پڙهيون هُيَئي ڇا!! ٺاهي جوڙي ڪوڙ هڻندي چيومانس نڪو، ڪونه پڙهيون آهن... ٺهه ڦهه چيائين ته نه پڙهيون اٿئي ته پٽ ڪارو آن، بلڪه گهوڙو ڪارو آن، جيستائين کيس اهو چوان ته هتي ڪاروڪاري ڪٿان آئي، تيسيائين گڙپ ڪري سندس ڪتاب جي PDF اي-ميل آئي ۽ پوءِ ڏيئن ۾ روشني نه رهي.
سائين جو زير حواله ۽ زير مطالعه ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ سندس آتم ڪٿا(Autobiography) يعني خودنوشت سوانح حيات آهي، جيڪا سندس ذات جي تعميرات واري گرائونڊ زيرو کان فلڪ بوس عمارت تائين پهچڻ جي اڻ ڳاڻيٽن ڏاڪن جي اڏاوت ۽ ڊيڪوريشن جي تجربن جو نچوڙ آهي. مونکي اها خبر بلڪل به ڪونهي ته آتم ڪٿا جي ادب ۾ ڇا حيثيت آهي؟ پر ايترو چئي سگهان ٿو ته بيسٽ سيلرز ڪتابن جي ڪيٽيگريز ۾ اچڻ باوجود ادب ۾ تاريخي، تحقيقي، سائنسي، فڪشن يعني ناول نگاري ۽ ڪهاڻي نويسي توڻي شاعري جي مقابلي ۾ هن صنف جي حيثيت گهٽ ئي هوندي.
ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ هڪ اهڙي ماڻهو جي جفا ڪشي جو سربستو سچو داستان آهي، جنهن سنڌ جي ٺپ ٻهراڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو، گورنمينٽ جي ڦڪن اسڪولن ۾ پڙهيو، فوج ۾ سپاهه گيري ڪيائين، قائداعظم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم به حاصل ڪيائين ته ننڍڙيون نوڪريون به ڪيائين ۽ انت ۾ پاڪستان جي ڪريم ڪلاس ۾ انٽري هڻڻ لاءِ ’سي ايس ايس‘ ڪيائين، ۽ سترهين گريڊ کان شروع ٿي 22هين گريڊ يعني مائونٽ ايوريسٽ تي پهچي رٽائر ٿيو. سرڪاري نوڪري جي دنيا ۾ سويلين 22هون گريڊ، فوج جي ليفٽيننٽ جنرل جي برابر هوندو آهي. يعني جمن سائين سپاهيءَ جي نوڪري کان شروعات ڪري سويلين جرنيلي تائين پهتو، بغير ڪنهن سفارش يا مضبوط فيملي گرائونڊ هوندي به...
آتم ڪٿا ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ پڙهي اسانجن نوجوانن ۾ اهو اتساهه اوس پيدا ٿيندو ته هو به همت ڪري قدم اڳتي وڌائين. دراصل آتم ڪٿائون لکيون ئي انڪري وينديون آهن ته انهن کي پڙهي اسان ڪجهه پرايون. سنڌ جي مها ڏاهي علامه آءِ آءِ قاضي جن پنهنجي هڪ خطاب ۾ چيو هيو ته: ”اسان ٻيو ڪجهه نه به ڪريون، ڇڙو پنهنجون خودنوشت سوانح عمريون لکي پنهنجي زندگيءَ ۾ پيش آيل ڏکيائين ۽ انهن کي منهن ڏيندڙ داستان بيان ڪيون، تڏهن به اسان نئين نسل لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري وينداسين ۽ نئون نسل پنهنجن سينيئرز جي تجربن مان سبق حاصل ڪندو ۽ منزلون ماڻيندو.“
اسان وٽ ڪافي آتم ڪٿائون لکيون ويون آهن، مناسب ٿيندو ته انهن جو ڪجهه مختصر ذڪر ڪجي. دراصل آتم ڪهاڻين لکڻ جو رواج الاهي پراڻو آهي. سنڌي ادب ٻين صنفن سان گڏ آتم ڪهاڻين سان به مالامال آهي. ڏٺو وڃي ته سفرناما ۽ مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪا به دراصل آتم ڪٿائن جو حصو آهن، جيڪي هڪ مخصوص دور جو داستان بيان ڪندا آهن. آتم ڪٿائن لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان لکيون وڃن ته جيئن مستقبل جي پڙهندڙ کي مصنف جي زندگي جي احوال سان گڏ انهيءَ دور جي تاريخ ۽ تهذيب کان به آگاهي حاصل ٿئي، ۽ انهيءَ شخصيت کان گهٽ ۾ گهٽ سٺ ساله تاريخ، رهڻي ڪهڻي ۽ اٿي ويٺي جي ڄاڻ به حاصل ٿئي، نه ته آتم ڪٿا ڏند ڪٿا ٿي وڃي ٿي.
هن آتم ڪٿا ذريعي مصنف وک وک تي نوجوانن کي اها تلقين ڪندي ملي ٿو ته پنهنجين سرگرمين جو محور تعليم کي بڻايو ڇو ته هي دور مقابلي ۽`Survival of Fittest` جو آهي. انڪري ڪاهل، سست، گيدي ۽ جڏا ٿيئو ته ڪلهه مري ويئو. هو سنڌ جي نوجوانن کي سنڌ جي جهجهن وسيلن ۽ موقعن مان ڀرپور فائدو وٺڻ جو ورجاءُ به ڪري ٿو.
سنڌين کي گهر جي ڪڪڙ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ سندن اهو مشورو ته وڏن شهرن جي وڏن ادارن ۾ پڙهو ته جيئن مرڪزي ليول تي پنجابي، پٺاڻن کان پنهنجي حصي جون نوڪريون ڇنيو، دل سان ٿو لڳي.
ڇو ته ليکڪ جي پڙهائي، سينيئر پوزيشن تي پهچي پوسٽنگز ۽ هاڻي گهر به اسلام آباد ۾ آهي، انڪري کيس ’اصلي تي وڊن ڀائرن‘ سان ڊيل ڪرڻ جو فن ۽ ڏانءُ به جام اٿس، جنهن جو برملا اظهار به ڪري ٿو.
مونکي آتم ڪٿا جو موضوع بنهه نه آئڙيو. هڪ ته موضوع ۾ سيڪريٽري ۽ وفاقي سيڪريٽري واري مونجهه آهي، ٻيو ته ٽائيٽل ۾ ڪا رومانويت ڪونهي. ٽائيٽل مان خودنمائي جو عنصر به نڪري ٿو. منهنجي نظر ۾ ان قسم جا ٽائيٽل سفرنامن ۾ ته صحيح آهن، پر سوانح حياتين ۾ چُڀن ٿا.
ٻي ڳالهه ته هيءُ ڪتاب سائين محمد جمن ڄامڙو جي فيس بڪ تي لکيل قسط وار پوسٽن تي مشتمل آهي، ان ڪري ان کي ان ئي سيٽنگ ۾ رکيو ويو آهي. ٿيڻ ائين گهرجي ها ته انهن لکڻين کي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ کان پوءِ Piece Meal کي ختم ڪري انکي وڏن موضوعن جي شڪل ۾ تسلسل ڏنو وڃي ها.
”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ ڪتاب جي لکت جو انداز ڇوته عام فهم ۽ عوامي آهي ۽ ان ۾ مامرا به اهي ڊسڪس ٿيل آهن، جيڪي روزمره جي زندگي ۾ فيس ڪبا آهن، انڪري پڙهندڙن کي هيءُ ڪتاب يقيناً نه صرف وڻندو، بلڪه هڪ دفعو شروع ڪرڻ کان پوءِ پڄاڻي تائين ضرور پهچائيندو.

خير انديش
شمس الدين زنئور
اڳوڻو سول سروسز آفيسر

جنرل ليفٽيننٽ

فون جي گهنٽي وڳي، ڳالهائيندڙ خالص سنڌي لهجي ۾ اردو ڳالهائيندي پڇيو، توهان ڪرنل الطاف صاحب آهيو؟ مون هائوڪار ۾ جواب ڏنو ۽ کيس نه سڃاڻڻ تي معذرت ڪيم ته چيائين ”آئون منسٽري آف فائنانس کان جوانئٽ سيڪريٽري عرض ڪري رهيو آهيان.“
الله تعاليٰ، ملائڪن، ڪتابن، رسولن، قيامت، سٺي خراب تقدير، مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئڻ، مسلماني لاءِ ضروري ايماني شين ۽ شهادت جي موت کان پوءِ فوجي جو جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي پختو يقين آهي ته اهو شايد چين آف ڪمانڊ آهي. انهيءَ ڪري آئون حيرت ۾ هوس ته جنرل هيڊڪوارٽر (GHQ) کي ملوث ڪرڻ کان بغير مالياتي وزارت جو مون ۾ ڪهڙو ڪم پئجي سگهي ٿو، ۽ وري اهو به ايتري سينيئر ليول تي؟ ٿي سگهي ٿو ته کين معلوم نه هجي ته هن ناچيز اڃا تائين ايم بي اي يا ماليات ۾ ڪابه تعليم حاصل نه ڪئي آهي. پوءِ وري خيال آيو ته جنهن ملڪ ۾ ميٽرڪ فيل وزيراعليٰ، ”تصوف کي“ ”طسوف“ لکندڙ تصوف ڪميٽي جو چيئرمين ۽ فالج زده زبان، ڳالهائڻ کان معذور اٽليءَ جي حسينه ذريعي حڪومت هلائيندڙ گورنر جنرل ٿي سگهي ٿو، ته اتي پاڪستان کي مالياتي آلودگي کان ڪڍڻ لاءِ ماليات کان ناواقف انجنيئر پير الطاف هاشمي جي چونڊ ڪا ايتري خراب به نه آهي. مان اڃا خيالن ئي خيالن ۾ پاڪستان جي ماليات کي صحيح رخ ڏيڻ وارين پاليسين تي غور ڪرڻ وارو ئي هوس ته فون تي ڳالهائيندڙ چيو ”سائين مديني شريف کان صوفي نذير سائين مون وٽ ترسيل آهي، هن توهان کي اهڙو اطلاع ڏيڻ لاءِ چيو آهي.“ اهو ٻڌي منهنجي خوشيءَ جي حد نه رهي، جلدي ان جي گهر جي ايڊريس نوٽ ڪيم ۽ شام جو مقرر ڪيل وقت تي انهن وٽ پهچي ويس.
2002ع ۾ حيدرآباد کان محترمه سيده منا هاشمي ڪرنل حبيب ملڪ جي معرفت خوابن جي تعبير معلوم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو، جنهن جي خوابن مان اندازو ٿيو ته هوءَ توحيد الاهي ۽ عشق رسولﷺ ۾ فنا حاصل ڪري چڪي آهي، منهنجون نياڻيون 2018ع ۾ هن جي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين کانئس رهنمائي وٺنديون رهيون، هن ئي مون کي 1948ع ۾ رحيم يار خان کان مديني منوره منتقل ٿي ويل الله تعاليٰ جي مقبول ٻانهي صوفي نذير صاحب سان متعارف ڪرايو هو، هو ڪڏهن ڪڏهن پاڪستان ايندو آهي، سندس آڏو الله تعاليٰ جي حبيبﷺ جو مٺڙو نانءُ کڻجي ته جهڙو ڪر اکيون راوي ۽ چناب بڻجي وينديون آهن، منهنجي ساڻن آخري ملاقات ڊسمبر 2018ع ۾ مديني منوره ۾ ٿي هئي. انهيءَ وقت هن ۾ هلڻ ڦرڻ جي طاقت نه رهي هئي ۽ سندس يادگيرو به متاثر ٿي چڪو هو. پر سندس روحاني ڪيفيت ۽ مهمان نوازيءَ ۾ ڪيئي ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي.
”سر! آئون جنرل ليفٽيننٽ ٿيندس.“ ڪوهاٽ جي سگنلز تربيتي مرڪز جي ٽيڪنيڪي تربيتي بٽالين جي ڪلاس روم ۾ پڙهائيندڙ ڪپتان صاحب جي سوال جي جواب ۾ سنڌ جي ڏورانهين تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ حاجي غلام جعفر ڄامڙو مان فيبروري 1971ع ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿي آيل رنگروٽ جواب ڏيندي چيو، ڪپتان صاحب انهيءَ ”نئين رينڪ“ جي ايجاد ٿيڻ تي ٽهڪ ڏيئي کليو ۽ چيائين ”اهو جنرل ليفٽيننٽ نه پر ليفٽيننٽ جنرل ٿيندو آهي.“
1970ع ۾ميٽرڪ پاس رنگروٽ کي اهوئي معلوم هو ته هو آفيسر ڀرتي ٿيو آهي، بس هاڻي ترقي ڪندي ڪندي ليفٽيننٽ جنرل بڻجي ويندو، معصوم ذهن ۾ جرنيلي جا خواب سجائي آگسٽ 1972ع ۾ تربيت مڪمل ٿيڻ تي ڪوئيٽه جي ري انفورسمينٽ ونگ نمبر 4 (Reinforcement Wing No 4) (RIW) ۾ موڪليو ويو، جيڪا بعد ۾ 48 ڪمپوزٽ سگنلز يونٽ ۾ تبديل ڪئي وئي، انهيءَ عرصي ۾ هو ترقي حاصل ڪري لانس نائيڪ ڪلارڪ ٿي چڪو هو پر اڃا تائين جرنيلي کي نه وساريو هئائين. وقت سان گڏوگڏ جرنيلي لاءِ F.A کان پوءِ ISSB پاس ڪري پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (PMA) ۾ ٻن سالن جي تربيت ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪرڻ کان پوءِ نيم ليفٽينٽي لڳندي آهي، جيڪا جرنيلي جو پهريون ڏاڪو هوندي آهي، اهو سڀ ڪرڻ لاءِ انهيءَ يونٽ کي ڪراچي پهچائي 1974ع ۾ 1971ع جي جنگي قيدين جي واپسي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ آفيسرن کي ايلاز منٿون ڪري هي لانس نائيڪ ڪلارڪ فوج کي خدا حافظ چوڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
انهيءَ جرنيلي جذبي هن نوجوان سنڌيءَ کي 1972ع ۾ پرائيويٽ F.A ڪرڻ بعد ٽيتاليهين (43) لانگ ڪورس لاءِ درخواست ڏياري، پر فوجي ڊاڪٽر اکين جي ڪنهن خرابيءَ جي ڪري کيس فوج لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته هن وقت 67 سالن جي عمر ۾ به هو بغير عينڪ جي پڙهي لکي سگهي ٿو. هتان کان نااميد ٿي هن ”سول جرنيلي“ جو رخ ڪري ورتو ۽ انهيءَ جي حاصلات لاءِ هن 1974ع ۾ پرائيويٽ اميدوار جي حيثيت سان B.A ڪري ورتي. پڙهائي جي خرچي ۽ پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ فيبروري 1975ع ۾ پاڪستان اسٽيل ملز ۾ جونيئر ڪلارڪ طور نوڪري به ڪيائين. پر اها نوڪري سول جرنيلي لاءِ راهه هموار ڪرڻ بدران راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ لڳي، انهيءَ دوران هڪ سال کان پوءِ انهيءَ نوڪري کي به الوداع ڪري 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان L.L.B ۽ 1978ع ۾ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان ماسٽرز ڪرڻ سان گڏوگڏ CSS جو امتحان پاس ڪري ضلعي انتظامي گروپ (District Management Group) حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
ڊسمبر 1977ع ۾ جنرل ضياءُالحق جي مارشل لا جي شروعاتي عرصي ۾ هيءُ نوجوان قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ماسٽرز ڪري رهيو هو ته سندس ڪلاس جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن برفباري مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ مري وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. گاڏين جي هن قافلي جي سڀ کان پهرين شاندار گاڏي سندس ڪلاس فيلو ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ڀيڻ سعديه عباسي جي هئي، جنهن ۾ هن سان گڏ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر پرويز اقبال چيمه مرحوم ۽ هڪ برگيڊيئر صاحب جو پٽ ڊرائيونگ ڪري رهيو هو، جن سڀني کي خوبصورت ڪپڙا پهريل هئا. هن سنڌي نوجوان کي مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽ ڪلهن تي اجرڪ پهريل هو، جيئن ئي سندن قافلي ۾ شريڪ ماڻهو مري ۾ مال روڊ تي لٿا ته اُتي ڊيوٽيءَ تي موجود پوليس آفيسر هن نوجوان کي سنڌي وڏيرو يا گادي نشين ۽ هن سان گڏ ٻين ماڻهن کي سندس ملازم يا مريد سمجهي ڀڄندو هن وٽ پهتو، ۽ سلام ڪري وڏي ادب ۽ احترام سان چوڻ لڳو ”سر! ايران کان بچاءَ وارو وزير آيل آهي، جيڪڏهن توهان مهرباني ڪري پنهنجون گاڏيون هيٺ بيهاريو ته جيئن غيرملڪي مهمانن کي ٽريفڪ جو مسئلو پيدا نه ٿئي.“ هن نوجوان پوليس آفيسر جي ڪيفيت جو اندازو لڳائي ورتو، ۽ کيس وڏي اعتماد سان چئي ڏنو ”چڱو، آئون ڏسان ٿو.“ هن جا سمورا ساٿي اهو منظر ڏسي کلي کلي کيرا ٿي پيا. هيءُ اهو وقت هو، جڏهن هن سنڌي شاگرد جي بقول وٽس پراڻي سائيڪل به نه هئي.
پهرين اولاد ۽ پهرين عهدي جو مزو مرڻ گهڙي تائين نه وسرندو آهي، سگنلز ڪور جي ڳوٺاڻي سنڌي رنگروٽ لاءِ 1981ع ۾ 17هين گريڊ جي سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي سکر جو عهدو سول جرنيلي لاءِ پهريون ڏاڪو ثابت ٿيو. پوءِ سندس زندگي جي گاڏي مختلف اسٽيشنن تي بيهندي اڳتي وڌندي رهي، اسسٽنٽ ڪمشنر نواب شاهه، شهدادڪوٽ، 18هين گريڊ ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ نواب شاهه، 19هين گريڊ ۾ ڊپٽي ڪمشنر تربت ۽ خضدار، ايڊيشنل سيڪريٽري زراعت بلوچستان، ڊائريڪٽر جنرل ماحوليات، ڊائريڪٽر ماليات بلوچستان ترقياتي اٿارٽي، ايڊيشنل هوم سيڪريٽري سنڌ، 20هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر ماليات ۽ برآمدات پروسيسنگ اٿارٽي، پاڪستان جو واحد بي وردي انسپيڪٽر جنرل اسٽيمپ سنڌ، ڊي سي او ٿرپارڪر، جيڪب آباد جوائنٽ سيڪريٽري وزرات تجارت ۽ وزارت ماليات، جوائنٽ سيڪريٽري وزيراعظم، 21هين گريڊ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري وزارت تعليم، ايڊيشنل سيڪريٽري وزيراعظم، 22هين گريڊ ۾ سيڪريٽري بين المذاهب ۽ قومي هم آهنگي وڏين اسٽيشنن ۾ شامل آهن، ايتري تائين جو هي بلٽ ٽرين 27 جولاءِ 2012ع تي آخري اسٽيشن (رٽائرمينٽ) تي وڃي لنگرانداز ٿي.
انگريز دور ۾ سي ايس ايس آفيسرن کي تربيت دوران ڇهن مهينن لاءِ فوج سان وابسته ڪيو ويندو هو، جيڪو بعد ۾ گهٽائي 3 مهينا ڪيو ويو، هن وابستگي لاءِ هن جي لاءِ 31 پنجاب ريجمينٽ نڪتي جنهن ۾ ڪرنل (بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل ۽ ڪمانڊر 10 ڪور) سليم حيدر سي او (Commanding Officer) ۽ ميجر فاروق ڪمپني ڪمانڊر هو، انهن ٻنهي آفيسرن ڀرپور انداز ۾ ٽن مهينن ۾ لڙاڪا بٽالين ۽ فوج جي طريقيڪار، آفيسرن جي رهڻي ڪهڻي ۽ جوانن سان تعلق بابت تربيت ڪرائي، فوج ۾ تربيت ڪرڻ وقت سخت آفيسر انهيءَ وقت جيترا خراب لڳندا آهن، بعد ۾ سموري زندگي اوترائي سٺا ۽ پيارا لڳندا آهن.
1994ع ۾ ساڳيو ئي سنڌي رنگروٽ 19 هين گريڊ ۾ بلوچستان جي ڊائريڪٽر جنرل تحفظ ماحوليات جي حيثيت ۾ ماحوليات بابت هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پشاور آيو ته 31 پنجاب جي ميجر فاروق کي فون تي پشاور پهچڻ جو اطلاع ڏنو، جيڪو انهيءَ وقت بحيثيت ميجر جنرل ڪوهاٽ ۾ جي او سي (General Officer Commanding) مقرر هو، هن فوري طور تي کيس ڪوهاٽ اچڻ لاءِ گاڏي موڪلي ڏني. هيءُ پشاور کان ڪوهاٽ لاءِ روانو ٿيو ته کيس معلوم ٿيو ته هوٽر وڄائيندڙ هڪ گاڏي سنڌي رنگروٽ جي اڳيان ۽ هڪ گاڏي پٺيان آهي، ڪوهاٽ ۾ جنرل فاروق استقبال ڪندي کيس ٻڌايو ته سندس يونٽ به ڪوهاٽ ۾ ئي آهي ۽ اتي سمورن آفيسرن سان سندس ملاقات ڪرائڻي آهي، جنهن لاءِ هن سي او کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، چوندا آهن ته انسان چاهي عورت هجي يا مرد، پهرين محبت کي نه وساري سگهندو آهي، رڳو انسان هئڻ شرط آهي. هن کي به پنهنجي پهرين محبت ياد اچي وئي، جنهن ڪري هن مطالبو ڪيو ته هو يونٽ وڃڻ کان اڳ سگنلز تربيتي مرڪز جو چڪر لڳائڻ چاهي ٿو، جتي هو رنگروٽ ”آفيسر“ ڀرتي ٿي آيو هو، جنرل فاروق ڪمانڊنٽ کي فون ڪيو، جيڪو عهدي جي لحاظ کان برگيڊيئر هوندو آهي، ته منهنجو هڪ خاص مهمان آيو آهي، جيڪو توهان جي مرڪز جو چڪر لڳائڻ چاهي ٿو.
جڏهن ته سي او 31 پنجاب سان گڏ اتي پهچڻ تي ڪمانڊنٽ استقبال ڪيو، جنهن کي ان وقت تائين انهيءَ سويلين سنڌي آفيسر جي تاريخ جو علم نه هو، آفيسرن سان ملاقات کان پوءِ هن اتان کان ئي برگيڊيئر صاحب کي آڱر جي اشاري سان ٻڌايو ته آئون سامهون واري آفيس ۾ سپاهي ڪلارڪ جي حيثيت ۾ ويهندو هوس ۽ توهان جي آفيس آڏو گذرڻ وقت اسان ايئن ڊڄي پير پير ئي رکندا هئاسون ته ڪٿي اسان جي قدمن جو آواز برگيڊيئر صاحب جي ڪنن تائين نه پهچي، ڪالهه جو رنگروٽ نوجوان پنهنجي رنگروٽي واري جاءِ تي ڪمانڊنٽ جي سامهون ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان قدرت جي ناقابل يقين فيصلن کي تڪيندي پنهنجي اکين مان ڳوڙها ۽ ڪمانڊنٽ پنهنجي پيشانيءَ تان حيرت، ڪوشش ڪرڻ جي باوجود لڪائي نه سگهيا، اهو هن سنڌي رنگروٽ جي زندگيءَ جو سڀ کان قيمتي ۽ يادگار لمحو هو، اتان کان پنهنجي ٻي محبت 31 پنجاب پهتو، ڇا ته منظر هوندو، جو فوج جي اڳوڻي سپاهي ۽ اڄ جي بي وردي آفيسر کي باوردي آفيسر ۽ سردار صاحب سليوٽ ڪري سندس استقبال ڪري رهيا آهن، هن کي ٻڌايو ويو ته انهيءَ يونٽ ۾ سنڌي گهڻا آهن، ايتري تائين جو صوبيدار ميجر به سنڌي آهي، اهو به کيس ٻڌايو ويو ته سنڌي تمام سٺا مجاهد آهن، هر ڪم سينيئر جي تسلي مطابق ڪندا آهن، صرف او ايس ايل (Over Stay Leave) (موڪل تي وڃي واپس دير سان اچڻ) جو مسئلو آهي، اتي هن جي ملاقات سنڌي مجاهدن سان ڪرائي وئي، جن سان هن تمام گهڻي همت افزائي ڪرڻ واري ڳالهه ٻولهه ڪئي.
فوجي رنگروٽ کان 22هين گريڊ جي سول جرنيلي حاصل ڪندڙ هيءُ پهريون ۽ اڪيلو پاڪستاني محمد جمن ڄامڙو آهي.
1989ع ۾ جمن صاحب جڏهن ڊپٽي ڪمشنر نواب شاهه هيو ته سندس اسٽيل مل وڃڻ جو اتفاق ٿيو، جتي هي جونيئر ڪلارڪ جي ڊيوٽي ڪندو هو، اتي جو جنرل مئنيجر شهزاد سيال ۽ مئنيجر هيومن ريسورسز (H.R) هڪ ڪرنل صاحب سندس تمام گهڻي عزت افزائي ڪئي.
1992ع ۾ جڏهن ڊي سي تربت هو ته کيس بلوچستان جي گورنر گل محمد خان جوگيزئي جي تربت اچڻ جي پروگرام جو اطلاع مليو، هن ڊويزنل انجنيئر فونز کي سرڪٽ هائوس جي وي آءِ پي روم ۾ فوري فون لڳائڻ لاءِ چيو، جنهن تي ڊي اي (Divisional Engineer) انڪار ڪندي کيس جواب ڏنو ته ٽيليفون هاڻي صوبائي کاتو نه رهيو آهي، انهيءَ ڪري ڊمانڊ نوٽيس ۽ فيس جمع ڪرائڻ کانسواءِ فون نٿو لڳي سگهي، ڊپٽي ڪمشنر کيس چيو ته اڄ موڪل جو ڏينهن هئڻ ڪري اها ڪارروائي سڀاڻي مڪمل ڪئي ويندي، توهان اڄ فون لڳايو، D.E جي انڪار تي هن هڪ ڀيرو ٻيهر فون لڳائڻ لاءِ منٿ ڪئي، پر D.E ويتر سخت لفظن ۾ انڪار ڪندي چيو ته، ”آئون فون نٿو لڳائي سگهان ۽ توهان مون کي ڪجهه به نٿا ڪري سگهو، ڇاڪاڻ جو آئون وفاقي سرڪار جي ماتحت آهيان.“
خانه نشين فوجي چوندا آهن ته ماڻهو فوج مان نڪري ويندو آهي پر فوج ماڻهوءَ مان نه نڪرندي آهي، اهڙيءَ طرح جمن به هن وقت فوجي بڻجي ويو ۽ کيس چيائين ته، ”جناب توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته توهان هن وقت صوبائي حڪومت جي علائقي ۾ آهيو.“ انهيءَ تي ڊويزنل انجنيئر کيس جواب ڏنو ته، ”منهنجي آفيس وفاقي سرڪار جي ماتحت آهي، ضلعي انتظاميه مون تي حڪم نٿي هلائي سگهي.“ جمن صاحب کيس فوجي لهجي ۾ چيو ”جي بلڪل توهان جي آفيس وفاقي حڪومت جو حصو آهي، پر آفيس کان ٻاهر نڪرندي ئي توهان تربت حڪومت جي حدن ۾ داخل ٿي ويندئو، پوءِ توهان کي اجائي مداخلت (ٽريس پاس) جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويندو.“ هن گڏوگڏ ٿاڻي جي نائب تحصيلدار کي حڪم ڏنو ته ليوي (پوليس) جا اهلڪار وٺي وڃي D.E فونز کي اطلاع ڏيو ته آفيس کان ٻاهر قدم رکندي ئي کيس گرفتار ڪيو ويندو، هڪ طرف فون نه لڳڻ سبب ڊي سي جي ناراضگي ۽ ٻئي طرف يقيني گرفتاري D.E کي فون لڳائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، ٿوري دير کان پوءِ سرڪٽ هائوس مان ڪيئرٽيڪر فون تي ڊي سي صاحب کي اطلاع ڏنو ته لاڳاپيل ڪمرن ۾ ٻن جي جاءِ تي 3 فون لڳي ويا آهن ۽ هڪ آپريٽر کي به ڊيوٽي تي مقرر ڪيو ويو آهي، D.E جي ڊپٽي ڪمشنر سان ٻن ڪلاڪن جي ڪوشش کان پوءِ ڳالهه ٻولهه ٿي ته گهٻرهاٽ واري لهجي ۾ چوڻ لڳو، ”سائين، حڪم جي تعميل ٿي وئي آهي، مهرباني ڪري نائب تحصيلدار کي چئو ته منهنجي جان آجي ڪري.“
انهيءَ واقعي جي چئن پنجن مهينن کان پوءِ سيشن جج تربت کيس چيو ته نئين تعمير ٿيل گهر ۾ فون نه هئڻ ڪري آفيس ٽائيم کان پوءِ هاءِ ڪورٽ سان اڪثر رابطو ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي، D.E مطابق هن علائقي ۾ ڊي پي نه آهي، جنهن جي اچڻ ۾ وڌيڪ هڪ مهينو يا انهيءَ کان به وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو، جج صاحب سان اهو شرط طئي ٿيو ته فون لڳڻ جي صورت ۾ توهان D.E جي سفارش نه ڪندئو. ڊي سي صاحب آفيس سپرنٽينڊنٽ ذريعي پيغام موڪليو ته سيشن جج جي گهر ۾ فون لڳائي اطلاع ڏيو ته جيئن تربت سرڪار جهڙو ڪو قانون نه وري حرڪت ۾ اچي وڃي، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ فون لڳڻ جو اطلاع مليو، D.E سيشن جج جي آفيس ۾ ويهي رهيو ته جيستائين کيس معافي وٺي نه ڏيندئو، تيستائين هو آفيس ۾ ئي ويٺو هوندو، جنهن بعد ساڳي ئي سيشن جج وري کيس ڊپٽي ڪمشنر کان معافي وٺي ڏياري.
2005ع ۾ جمعي ڏهاڙي ٻنپهرن جو صوفي نذير جي زيارت لاءِ جمن صاحب جي گهر حاضر ٿيس ته اتي سي ڊي اي(Capital Development Authority) جو ڊائريڪٽر جنرل سليمان سهتو به موجود هو، صوفي صاحب انهن ٻنهي کي ڏاڙهي رکڻ جو چيو، سليمان صاحب تسبيح وارو هٿ سيني تي رکيو ۽ چيو ته، ”سائين! جيڪا شيو ڪئي آهي، اها آخري آهي.“ جمن صاحب هلڪو مٿو ڌوڻيو ته صوفي صاحب فرمايو ”جمن تون وڃ ۽ منهنجي ڌيءَ کي وٺي اچ ته تنهنجي مشڪل آسان ڪري ڇڏيان.“ جمن صاحب ويو ۽ ڀاڀي کي وٺي آيو. صوفي صاحب ان کي چيو ته ”ڌيءُ! مان جمن کان ڏاڙهي رکرائي رهيو آهيان، تنهنجي اجازت جي ضرورت آهي، تون اجازت ڏئي ڇڏ، توکي به ثواب ملندو.“ هن جنتي عورت هڪ پل به ضايع ڪرڻ کان بغير چيو ته، ”سائين توهان جو حڪم اکين تي.“ جمن صاحب جي اها آخري شيو هئي، صوفي صاحب ٻڌايو ته حديث مبارڪ ۾ آيو آهي ته، ”نبي ڪريمﷺ جي هڪ سنت زنده ڪرڻ تي سئو شهيدن جو ثواب ملندو آهي.“ اهو چئي فرمايائون، ”ياد رکو! سيدنا حمزه بن عبدالمطلبؐ هڪ شهيد آهي.“ صوفي صاحب جي حڪم تي جمن صاحب مئي 2001ع ۾ منزلن سان قرآن پاڪ جي تلاوت شروع ڪئي، تڏهن کان جمعي جي ڏينهن قرآن مجيد شروع ڪري ستين ڏينهن خميس تي ختم مڪمل ڪندو پيو اچي، جيڪڏهن ڪڏهن وقفو اچي وڃي ته ان کي ٻئي ڏينهن جمعي تي پورو ڪري ڇڏيندو آهي.
سپاهيءَ کان جرنيل بڻجڻ جو اعزاز گهڻن ماڻهن جي مقدر ۾ لکيل هو، پر سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري بڻجڻ جو انعام الله تعاليٰ اڃا تائين صرف محمد جمن ڄامڙو جي نصيب ۾ ئي لکيو آهي. هن ترقيءَ کان منزل مقصود جي حصول ۽ نئين منزل جي ڳولا ڪندڙن لاءِ پنهنجي جدوجهد تي مشتمل ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ نالي سان لکيو آهي، جنهن ۾ منهنجو هيءُ مضمون سنڌي ۽ اردو ۾ شامل هوندو، هن ڪتاب جو اردو ترجمو جاري آهي، جيڪو به جلد شايع ٿي ويندو، هِن ڪتاب ۾ هُن جيڪو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهيءَ جو خلاصو اهو آهي ته منزل جي حاصلات لاءِ اسباب جي اڻهوند بدران مسبب الاسباب تي ڀروسو همت، محنت ۽ لڳاءُ سان گامزن رهڻ گهرجي.
یقین محکم، عمل پیہم، محبت فاتح عالم،
جہاد زندگانی میں ہیں یہ مردوں کی شمشیریں۔

بلند کان بلند ترين اڏام جي لڳاءُ سان ڀرپور مقصد جي حصول لاءِ اڻٿڪ محنت جي عادي محمد جمن لاءِ خانه نشيني ۾ واندڪائيءَ جي زندگي گذارڻ نه رڳو هن بي چين روح جي مزاج جي خلاف هو، پر هن جي اڏام ۾ ڪوتاهيءَ جو سبب ۽ صحت لاءِ راس نه ايندڙ بهانو به هو، انهيءَ ڪري مسلسل اٿلندو پٿلندو رهيو ته جيئن گرم خون سرد نه ٿي وڃي، همت ۽ ترقيءَ جي دنيا جو هي شاهين آشياني جو قائل نه ٿي سگهيو، انهيءَ ڪري هن ڪجهه مصروفيتون اختيار ڪيون، آزمايائين، ڇڏي ڏنائين ۽ پوءِ وري نئين منزل ڏانهن روان دوان رهيو، انهن ئي تجربن مان گذرندو آخرڪار سنڌ جهڙي پٺتي پيل صوبي ۽ پيسيل سنڌي عوام جي ترقيءَ خاطر قائم ڪيل 2 تنظيمن ۾ شامل ٿي رضاڪاراڻين خدمتن ۾ مصروف عمل آهي.
پهرين رجسٽرڊ تنظيم بصيرت سنڌ (The sindh vision) آهي، جنهن جا لڳ ڀڳ 77 هزار ميمبر آهن، جنهن جو مقصد حڪومت آڏو وڏن مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ انهن تي تحقيقي ڪم ڪري انهن جو عملي حل پيش ڪرڻ آهي، هي تنظيم مخصوص مسئلن تي سيمينار ڪوٺائي انهيءَ ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالا حڪومت آڏو رکي ٿي. مارچ 2018ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿرڪول تي تحقيق ڪرڻ کان پوءِ اها راءِ قائم ڪئي وئي ته انهيءَ جا فائدا گهڻا ۽ نقصان تمام گهٽ آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هن منصوبي جي مخالفت ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي. هڪ سيمينار نومبر 2018ع ۾ پاڻيءَ جي ذريعن جي ڳولا (Tapping of Water Resources) جي عنوان سان منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پڙهيل مقالا:
(Dams and Barrages in Focus: Reservations of Small Federating Units) جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا ويا آهن.
بصيرت سنڌ جي تقريباً 2 هزار رجسٽرڊ ميمبرن مان ڪجهه ميمبر رضاڪاراڻا طور هڪ هزار رپيه ماهوار ڏيندا آهن، جنهن مان تنظيم تي خرچ ڪيو ويندو آهي، جمن صاحب هن تنظيم جي 6 رڪني انتظامي ڪميٽي (Executive Council) جو ميمبر ۽ مالياتي شعبي جو سربراهه آهي. 5 آڪٽوبر 2019ع تي سنڌ جي مسئلن تي مڪالمو (Dialogue on Sindh Issues) جي عنوان تي سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ جو اڳوڻو گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين، بورڊ آف انويسٽمينٽ جو اڳوڻو چيئرمين سيد محب الله شاهه، وزيراعظم جو اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري رسول بخش بلوچ، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري ۽ اڳوڻو سي اي او اينگرو شمس الدين شيخ جهڙن ماڻهن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. هن سيمينار ۾ پڙهيل مقالا حڪومت ۽ عوام آڏو پيش ڪرڻ لاءِ ترتيب ۽ اشاعت جا مرحلا طئي ڪري رهيا آهن.
ٻي تنظيم 1971ع ۾ سنڌ واسين جي سماجي ڀلائي لاءِ قائم ٿي، جنهن جو نالو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ( (SGAآهي، ڪوبه سنڌي گريجوئيٽ هن تنظيم جو ميمبر ٿي سگهي ٿو، سگا جي اسلام آباد شاخ جو صدر محمد جمن ڄامڙو ئي آهي.
نوڪريءَ لاءِ سنڌ کان اسلام آباد منتقل ٿيندڙ عورتن جو سڀ کان وڏو مسئلو رهائش هوندو آهي، جمن صاحب جي نگرانيءَ ۾ 80 عورتن لاءِ رهائش گهر (Hostel) جي تعمير آخري مرحلي ۾ آهي، هن جي تعمير جو خرچ سنڌ سرڪار ادا ڪيو آهي، ۽ روزمره جو سمورو خرچ سگا جا ميمبر برداشت ڪري رهيا آهن.
ڪجهه ڏهاڙا پهرين جمن ڄامڙو صاحب منهنجي غريب خاني آيو ته مون پنهنجي مصروفيتن جو ذڪر ڪندي کيس ٻڌايو ته مان اڄڪلهه سورة النساءَ جو ترجمو اهڙي انداز ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته جيڪڏهن انهيءَ کي مئٽرڪ پاس ماڻهو به پڙهي ته ان کي مطلب سمجهڻ لاءِ تفسير يا حاشيو ڏسڻو نه پوي. اهو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سورة المائده، سورة الاحزاب ۽ سورة النور جو ترجمو ڪرڻ جو پڻ ارادو آهي. هن وڏي دلچسپيءَ سان انهن آيتن جو ترجمو ٻڌائڻ لاءِ چيو، اهو ترجمو کيس ٽن ترجمن سان ڀيٽي ٻڌايو مانس ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجو ارادو ظاهر ڪندي چيائين ته هو انهيءَ ترجمي کي سنڌي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪندو. انشاءَ الله آئون مٿي ڄاڻايل سورتن جو ترجمو ڪري ٻن عالمن کي ڏيکاري بعد ۾ جمن صاحب کي سنڌي ترجمي لاءِ پيش ڪندس، ان جي ترجمي ۾ سنڌي ۽ اردو ٻئي ترجما شامل هوندا.
ڇا ڪوئي تصور ڪري سگهي ٿو ته خالق جي حسين ترين ۽ محبوب ترين مخلوق جي بي لوث خدمت ڪندڙ شخص کي الله تعاليٰ عظيم انعام کان محروم رکي؟ الله تعاليٰ هن کي ٻنهي جهانن جي سردار، هر مسلمان جي دل ۽ جان، حضرت محمدﷺ جي گارڊ طور ڊيوٽي جي سعادت نصيب فرمائي، پير الطاف هاشمي کي خالق ڪائنات اڻ ڳڻين نعمتن مان هڪ نعمت هن شخصيت سان تعلق جي صورت ۾ عطا فرمائي آهي.

ڪرنل (ر) پير الطاف هاشمي
22 آڪٽوبر 2019ع
22 صفر 1441هه

جنرل لیفٹینینٹ

مخاطب نے اردو کو خالص سندھی میں ادا کرتے ہوئے فون پر پوچھا ‘‘آپ کرنل الطاف صَاحَبّ ہیں؟’’ میں نے مثبت میں جواب دیا اور نہ پہچاننے پر معذرت کی تو فرمایا ‘‘میں منسٹری آف فائنانس سے جوائنٹ سیکرٹری عرض کر رہا ہوں۔’’ اللہ تعالیٰ، فرشتوں، کتابوں، رسولوں، قیامت، اچھی بری تقدیر، حیات بعد از ممات، مسلمانی کے لیے ضروری ایمانیات اور شہادت کی زندگی کے بعد فوجی کا اگر کسی بات پر پختہ یقین ہے تو شاید وہ چین آف کمانڈ ہے۔ اس لیے میں حیرت زدہ تھا کہ جنرل ہیڈ کوارٹرز (GHQ) کو ملوث کیے بغیر وزارتِ مالیات کو مجھ سے براہِ راست کیا کام پڑ سکتا ہے اور وہ بھی اتنے سینیئر لیول پہ؟ ہو سکتا ہے انہیں معلوم نہ ہو کہ اس بندۂ ناہنجار نے ابھی تک ایم بی اے یا مالیات کی کوئی تعلیم حاصل نہیں کر رکھی۔ پھر خیال آیا جس ملک میں میٹرک فیل وزیرِ اعلیٰ، ‘‘تَصَوُّفْ’’ کو ‘‘طَسُوْف’’ لکھنے والا تصوف کمیٹی کا ناخدا اور فالج زدہ زبان، بولنے سے معذور، اطالوی حسینہ کے ذریعے حکومت چلانے والا گورنر جنرل ہو سکتا ہے۔ وہاں پاکستان کو مالیاتی آلودگی سے نکالنے کے لیے مالیات سے نابلد انجنیئر پیر الطاف ہاشمی کا انتخاب کچھ ایسا برا بھی نہ تھا۔ میں ابھی خیالوں میں پاکستان کی مالیات کو درست سمت دینے کی پالیسیوں پر غور کرنے ہی والا تھا کہ آواز آئی ‘‘سائیں! مدینہ شریف سے صوفی نذیر سائیں میرے ہاں ٹھہرے ہوئے ہیں، انہوں نے آپ کو اطلاع دینے کا کہا ہے۔’’ میں خوشی سے اچھل پڑا اور جلدی سے ان کے گھر کا پتہ نوٹ کیا اور شام کو مقرر کردہ وقت پر ان کے ہاں پہنچ گیا۔
2002ء میں حیدرآباد سے محترمہ سیدہ منا ہاشمی نے کرنل حسیب ملک کی وساطت سے خوابوں کی تعبیر جاننے کے لیے رابطہ کیا، جن کے خوابوں سے اندازہ ہؤا کہ وہ توحیدِ الٰہی اور عشقِ رسولﷺ میں فنا حاصل کر چکی ہیں۔ میری بیٹیاں فروری 2018ء میں اُن کے آخری سانس تک اُن سے رہنمائی لیتی رہیں۔ انہوں نے مجھے 1948ء میں رحیم یار خان سے مدینہ منورہ منتقل ہو جانے والے اللہ تعالیٰ کے مقبول بندے صوفی نذیر صاحب سے متعارف کرایا۔ وہ کبھی کبھار پاکستان تشریف لاتے۔ ان کے سامنے اللہ تعالیٰ کے حبیبﷺ کا نام لیں تو ساتھ ہی آنکھیں راوی اور چناب بن جاتی ہیں۔ میری ان سے آخری ملاقات دسمبر 2018ء میں مدینہ منورہ میں ہوئی۔ اِس وقت ان میں چلنے پھرنے کی سَکت نہیں رہی اور یادداشت بھی متاثر ہو چکی ہے، لیکن روحانی کیفیات اور مہمان نوازی میں کئی گنا اضافہ ہو گیا ہے۔
‘‘سر! میں جنرل لیفٹینینٹ بنوں گا۔’’ کوہاٹ کے سگنلز تربیتی مرکز کی تیکنیکی تربیتی بٹالین کے کمرۂ جماعت میں پڑھاتے ہوئے کپتان صاحب کے سوال کے جواب میں سندھ کی دور دراز گمبٹ تحصیل کے گاؤں حاجی غلام جعفر جامڑو سے فروری 1971ء میں کلرک بھرتی ہو کر آنے والے رنگروٹ نے جواب دیتے ہوئے کہا۔ کپتان صاحب اس نئے رینک کی ‘‘ایجاد’’ پر قہقہہ لگا کر ہنسے ‘‘یہ جنرل لیفٹینینٹ نہیں، لیفٹینینٹ جنرل ہوتا ہے۔’’ 1970ء کے میٹرک پاس رنگروٹ کو یہی معلوم تھا کہ وہ افسر بھرتی ہو گیا ہے، بس اب ترقی کرتے کرتے لیفٹینینٹ جنرل بن جائے گا۔ معصوم ذہن میں جرنیلی سجائے اگست 1972ء میں تربیت مکمل ہونے پر کوئٹہ کی ری انفورسمنٹ ونگ نمبر 4 (Reinforcement Wing No.4) (RIW) میں بھیجا گیا جو بعد میں 48 کمپوزٹ سگنلز یونٹ میں تبدیل کر دی گئی۔ اس عرصہ میں وہ ترقی پا کر لانس نائک کلرک بن چکا تھا لیکن جرنیلی نہیں بھولا۔ وقت کے ساتھ عقدہ کھلا کہ جرنیلی کے لیے F.A کے بعد ISSB پاس کر کے پاکستان ملٹری اکیڈمی (PMA) میں دو سال کی تربیت کامیابی سے مکمل کر لینے کے بعد نیم لفٹینی لگتی ہے جو جرنیلی کا پہلا زینہ ہے۔ یہ کچھ کرنے کے لیے اس یونٹ کو کراچی پہنچا کر 1974ء میں 1971ء کے جنگی قیدیوں کی واپسی مکمل ہونے پر افسروں کی مِنت ترلا کر کے یہ لانس نائک کلرک فوج سے خدا حافظ کہلوانے میں کامیاب ہو گیا۔
اسی جرنیلی جذبے نے اس پینڈو سندھی کو 1972ء میں پرائیویٹ F.A کروا کے تنتالیسویں (43) لانگ کورس کے لیے درخواست دلوا دی مگر ڈاکٹر نے آنکھوں کی کسی خرابی کی بنا پر فوج کے لیے نااہل قرار دے دیا، جبکہ اِس وقت 67 برس کی عمر میں بھی بغیر شیشوں کے پڑھ لیتا ہے۔ یہاں سے ناامید ہو کر ‘‘سول جرنیلی’’ کا رخ کر لیا اور اس کے حصول کی خاطر 1974ء میں بحیثیت پرائیویٹ امیدوار B.A کیا۔ پڑھائی کی فیسیں اور پیٹ کو ایندھن فراہم کرنے کے لیے فروری 1975ء میں پاکستان اسٹیل ملز میں بطور جونیئر کلرک نوکری کر لی لیکن یہ ملازمت سول جرنیلی کا زینہ ثابت ہونے کی بجائے راستے کا پتھر بننے لگی چنانچہ ایک سال بعد نوکری کو خیرباد کہہ کے 1976ء میں سندھ یونیورسٹی سے L.L.B اور 1978ء میں قائدِ اعظم یونیورسٹی اسلام آباد سے ماسٹرز کرنے کے ساتھ ساتھ C.S.S کا امتحان پاس کر کے ضلعی انتظامی گروپ (District Management Group) حاصل کرنے میں کامیاب ہو گیا۔
دسمبر 1977ء میں جنرل ضیاء الحق کے مارشل لاء کے ابتدائی عرصہ میں یہ قائدِ اعظم یونیورسٹی اسلام آباد میں ماسٹرز کر رہا تھا تو ان کی کلاس کے طلبا و طالبات اور اساتذہ نے برفباری سے لطف اندوز ہونے کے لیے مری جانے کا پروگرام بنایا۔ گاڑیوں کے اس قافلے کی سب سے اگلی اور شاندار گاڑی ان کی کلاس فیلو اور سابق وزیرِ اعظم شاہد خاقان عباسی کی ہمشیرہ محترمہ سعدیہ عباسی کی تھی، جس میں ان کے ہمراہ ہیڈ آف ڈیپارٹمنٹ ڈاکٹر پرویز اقبال چیمہ مرحوم اور ایک بریگیڈیئر صاحب کے صاحبزادہ صاحب ڈرائیونگ کر رہے تھے جو سب اچھے کپڑوں میں ملبوس تھے۔ اس سندھی نوجوان نے سر پر قیمتی سندھی ٹوپی کے ساتھ خوبصورت اجرک کندھوں پر سجا رکھی تھی۔ جیسے ہی یہ لوگ مری میں مال روڈ پر اترے تو ڈیوٹی پر کھڑا پولیس افسر اس نوجوان کو سندھی وڈیرہ یا گدی نشین اور ان کے امیر اور بلند عہدہ دار ہمراہیوں کو ان کے ملازم یا مرید وغیرہ سمجھ کر بھاگ کر اس کے پاس آیا اور سیلوٹ کر کے بڑے احترام سے کہنے لگا ‘‘سر! ایران کے
وزیرِ دفاع آئے ہوئے ہیں اگر آپ مہربانی فرما کر گاڑیاں نیچے کھڑی کر دیں تاکہ غیر ملکی مہمانوں کے لیے ٹریفک کا مسئلہ نہ ہو۔’’ اس نے پولیس مین کی کیفیت بھانپ لی اور بے نیازی سے کہا ‘‘اچھا میں دیکھتا ہوں۔’’ ان کے تمام ساتھی اس منظر پر کھڑکھڑا کر ہنس پڑے۔ یہ وہ وقت تھا جب اس سندھی طالبعلم کے بقول اس کے پاس پرانی سائیکل بھی نہیں تھی۔
پہلی اولاد اور پہلے عہدے کا مزہ مرنے تک نہیں بھولتا۔ سگنلز کور کے دیہاتی سندھی رنگروٹ کے لیے 1981ء میں سترہ گریڈ کے سیکرٹری ریجنل ٹرانسپورٹ اتھارٹی سکھر کا عہدہ سول جرنیلی کی پہلی سیڑھی ثابت ہوا۔ پھر زندگی کی گاڑی مختلف سٹیشنوں پر رکتی ہوئی آگے بڑھتی رہی۔ اسسٹنٹ کمشنر نواب شاہ و شہدادکوٹ، اٹھارویں گریڈ میں ڈپٹی کمشنر لاڑکانہ و نواب شاہ، انیسویں گریڈ میں لمبا قیام ڈپٹی کمشنر تربت و خضدار، ایڈیشنل سیکرٹری زراعت بلوچستان، ڈائریکٹر جنرل ماحولیات، ڈائریکٹر مالیات بلوچستان ترقیاتی اتھارٹی، ایڈیشنل ہوم سیکرٹری سندھ، بیسویں گریڈ میں ڈائریکٹر مالیات و برآمدات پروسیسنگ اتھارٹی، پاکستان کا اکلوتا بے وردی انسپکٹر جنرل برائے اسٹیمپ سندھ، ڈی سی او تھرپارکر و جیکب آباد، جوائنٹ سیکرٹری وزارتِ تجارت و وزارتِ مالیات، جوائنٹ سیکرٹری وزیرِ اعظم، اکیسویں گریڈ میں ایڈیشنل سیکرٹری وزارتِ تعلیم، ایڈیشنل سیکرٹری وزیرِ اعظم، بائیسویں گریڈ میں سیکرٹری بین المذاہب اور قومی ہم آہنگی بڑے سٹیشنوں میں شامل تھے۔ یہاں تک کہ یہ بُلٹ ٹرین 27 جولائی 2012ء کو خانہ نشینی (ریٹائرمنٹ) کے آخری سٹیشن پر جا کر لنگر انداز ہو گئی۔
گورے کے دور میں C.S.S افسروں کو دورانِ تربیت چھ ماہ کے لیے فوج کے ساتھ وابستہ (Attach) کیا جاتا تھا، جو بعد میں کم کر کے تین ماہ کر دیا گیا۔ اس وابستگی کے لیے ان کے نام 31 پنجاب رجمنٹ نکلی جس میں کرنل (بعد میں لیفٹینینٹ جنرل اور کمانڈر 10 کور) سلیم حیدر سی او (Commanding Officer) اور میجر فاروق کمپنی کمانڈر تھے۔ ان دونوں افسروں نے بھرپور انداز میں تین مہینوں میں لڑاکا بٹالین اور فوج کے طریقہ ہائے کار، افسروں کے رہن سہن اور جوانوں کے ساتھ تعلق پر سکھلائی کرائی۔ فوج میں تربیت کرنے میں سخت افسر اُس وقت جتنے برے لگتے ہیں بعد میں ساری زندگی کے لیے ان سے اتنا ہی پیار ہو جاتا ہے۔
1994ء میں یہ سندھی رنگروٹ انیسویں گریڈ میں بلوچستان کے ڈائرکٹر جنرل تحفظ ماحولیات کی حیثیت سے ماحولیات پہ ایک کانفرنس میں شرکت کے لیے پشاور آیا تو 31 پنجاب کے میجر فاروق کو فون پر پشاور آمد کی اطلاع دی، جو اس وقت بحیثیت میجر جنرل کوہاٹ میں جی او سی (General Officer Commanding) تعینات تھے۔ انہوں نے فورًا کوہاٹ آنے کے لیے گاڑی بھیج دی۔ یہ پشاور سے کوہاٹ کے لیے روانہ ہوئے تو معلوم ہؤا کہ ہوٹر بجاتی ایک گاڑی سندھی رنگروٹ کے آگے اور ایک پیچھے ہے۔ کوہاٹ میں جنرل فاروق نے استقبال کرتے ہوئے بتایا کہ ان کی یونٹ بھی کوہاٹ ہی میں ہے اور وہاں تمام افسروں کے ساتھ ملاقات کرانی ہے جس کے لیے انہوں نے سی او کو بتا رکھا ہے۔ کہتے ہیں کہ انسان، صنفِ نازک ہو یا صنفِ آہن، پہلی محبت نہیں بھولتے بس انسان ہونا شرط ہے۔ اس کے سر پر وہی محبت عود کر آئی چنانچہ اس نے مطالبہ کیا کہ وہ یونٹ جانے سے پیشتر سگنلز تربیتی مرکز کا چکر لگانا چاہتا ہے، جہاں وہ رنگروٹ ‘‘افسر’’ بھرتی ہو کر آیا تھا۔ جنرل فاروق نے کمانڈنٹ کو فون کیا، جو بلحاظ عہدہ بریگیڈیئر ہوتا ہے، کہ میرے ایک بہت خاص مہمان ہیں جنہیں آپ کے مرکز کا چکر لگوانا ہے۔
چنانچہ سی او 31 پنجاب کے ہمراہ وہاں پہنچنے پر کمانڈنٹ نے استقبال کیا جنہیں اس وقت تک اس سویلین سندھی افسر کی تاریخ کا علم نہ تھا۔ افسروں سے ملاقات کے بعد انہوں نے وہیں سے بریگیڈیئر صاحب کو انگلی کے اشارے سے بتایا کہ میں سامنے والے دفتر میں بطور سپاہی کلرک بیٹھا کرتا تھا اور آپ کے دفتر کے سامنے سے گزرتے ہوئے ہم پاؤں سر پر رکھ لیا کرتے تھے، مبادا ہمارے پاؤں کی آہٹ بریگیڈیئر صاحب کی طبعِ نازک پہ مزاجِ یار کی طرح گراں گزرے۔ کل کا رنگروٹ اپنی رنگروٹی والی جگہ پر کمانڈنٹ کے جَلو میں ڈائرکٹر جنرل بنے قدرت کے ناقابلِ یقین فیصلوں کو تکتے ہوئے اپنی آنکھوں سے آنسو اور کمانڈنٹ اپنی پیشانی سے حیرت، کوشش کے باوجود نہ چھپا پائے۔ یہ سندھی رنگروٹ کی زندگی کا سب سے قیمتی اور یادگار لمحہ تھا۔
وہاں سے اپنی دوسری محبت 31 پنجاب پہنچے۔ کیا منظر ہو گا کہ فوج کے سابق سپاہی اور آج کے بے وردی افسر کو باوردی افسر اور سردار صاحبان سیلوٹ کر کے اسقبال کر رہے تھے۔ انہیں بتایا گیا کہ یونٹ میں سندھی زیادہ ہیں یہاں تک کہ صوبیدار میجر بھی سندھی ہیں۔ یہ بھی بتایا گیا کہ سندھی بہت اچھے مجاہد ہیں۔ ہر کام سینیئر کی تشفی کے مطابق کرتے ہیں صرف او ایس ایل (Over Stay Leave) (چھٹی جا کر واپس دیر سے آنے) کا مسئلہ ہے۔ چنانچہ ان کی ملاقات سندھی مجاہدوں سے کرائی گئی جن سے انہوں نے تشویقی (Motivational) گفتگو کی۔
فوجی رنگروٹ سے بائیسویں گریڈ کی سول جرنیلی حاصل کرنے والا یہ پہلا، واحد اور اکلوتا پاکستانی محمد جُمن جعفر جامڑو ہے۔
1989ء میں جمن صاحب جب ڈپٹی کمشنر نواب شاہ تھے تو انہیں سٹیل مل جانے کا اتفاق ہؤا جہاں یہ جونیئر کلرک کی ڈیوٹی کرتے رہے تھے۔ وہاں کے جنرل مینیجر شہداد سیال اور ناظم انسانی وسائل (Manager Human Resource) ایک کرنل صاحب نے انہیں از حد عزت افزائی کی۔
1992ء میں بحیثیت ڈی سی تربت تعیناتی کے دوران ایک دن گورنر بلوچستان سردار گل محمد خان جوگیزئی کا تربت آنے کا اچانک پروگرام موصول ہؤا۔ انہوں نے ڈویژنل انجنیئر (D.E) فونز سے سرکٹ ہائوس کے وی آئی پی روم میں فوری فون نصب کرنے کا کہا جس پر D.E نے انکار کرتے ہوئے جواب دیا کہ ٹیلیفون ابھی سرکاری محکمہ نہیں رہا اس لیے ڈیمانڈ نوٹس اور فیس جمع کرائے بغیر فون نہیں لگ سکتا۔ ڈپٹی کمشنر نے کہا کہ آج چھٹی کا دن ہونے کی وجہ سے یہ کاروائی کل مکمل کر دی جائے گی آپ فون نصب کر دیں۔ اچھے میل ملاپ رکھنے والے D.E کے نپے تلے انکار پر انہوں نے اس سے ایک بار پھر فون لگانے کے لیے سماجت کی جسے D.E نے کچھ سخت الفاظ میں جھٹک دیا ‘‘میں ٹیلیفون نہیں لگا سکتا اور آپ میرا کچھ کر بھی نہیں سکتے کیونکہ میں فیڈرل گورنمنٹ کے ماتحت ہوں۔‘‘
خانہ نشین فوجی کہتے ہیں بندہ فوج سے نکلتا ہے، فوج بندے سے نہیں نکلتی۔ چنانچہ جمن بھی اس لمحے فوجی بن گئے ‘‘جناب! آپ کو معلوم ہونا چاہیے کہ آپ اس وقت صوبائی حکومت کے علاقے میں ہیں۔’’ اس نے تُرکی بہ تُرکی جواب دیا ‘‘میرا دفتر وفاقی سرکار کے ماتحت ہے۔’’ انہوں نے فوجی لہجے میں کہا ‘‘جی بالکل تمہارا دفتر مرکزی حکومت کا حصہ ہے لیکن دفتر سے باہر نکلتے ہی تم حکومتِ تربت کی حدود میں داخل ہو جاؤ گے تو تمہیں بےجا مداخلت (ٹریس پاس) کے جرم میں گرفتار کر لیا جائے گا۔’’ ساتھ ہی نائب تحصیلدار کو حکم دیا کہ لیوی (پولیس) کے اہلکار لے جا کر D.E فونز کو اطلاع پہنچا دے کہ دفتر کی حدود سے قدم باہر رکھتے ہی اسے گرفتار کر کے جیل پہنچا دیا جائے گا۔ ایک طرف فون نہ لگنے تک D.C کی بالارادہ خاموشی اور دوسری جانب یقینی گرفتاری نے D.E کو فون لگانے پر مجبور کر دیا۔ تھوڑی دیر میں سرکٹ ہائوس سے کیئر ٹیکر نے فون پر اطلاع دی کہ متعلقہ کمروں میں دو کی جگہ تین فون نصب کر کے ایک آپریٹر ڈیوٹی پر مامور کر دیا گیا ہے۔ ڈویژنل انجنیئر کی ڈپٹی کمشنر سے دو گھنٹے کی کاوش کے بعد بات ہوئی تو گھبراہٹ میں کہنے لگا ‘‘سر! حکم کی تعمیل ہو گئی ہے، مہربانی کر کے نائب تحصیلدار سے کہو کہ میری جان آزاد کرے۔’’
اس واقعے کے چار پانچ ماہ بعد سیشن جج تربت نے ان سے کہا کہ ان کے نئے تعمیر شدہ سرکاری گھر میں فون نہ ہونے کی بنا پر آفس ٹائم کے بعد ہائی کورٹ سے اکثر رابطے کی ضرورت پڑنے پر مشکل پیش آتی ہے۔ D.E کے مطابق اس علاقے میں D.P نہیں ہے جس کے آنے میں مزید ایک مہینہ یا اس سے اوپر کا عرصہ لگ سکتا ہے۔ جج صاحب سے شرط طے ہوئی کہ فون لگنے کی صورت میں D.E کی سفارش نہیں کریں گے۔ D.C نے آفس سپرنٹینڈنٹ کے ذریعے پیغام دلوایا کہ سیشن جج کے گھر فون لگا کر اطلاع دیں تاکہ تربت سرکار جیسا کوئی قانون حرکت میں نہ آ جائے۔ آدھ گھنٹے بعد فون لگنے کی اطلاع موصول ہو گئی۔ D.E نے سیشن جج کے دفتر میں ڈیرہ ڈال دیا کہ جب تک معافی لے کر نہیں دیتے وہ دفتر میں ہی بیٹھا رہے گا۔ چنانچہ انہوں نے ڈپٹی کمشنر سے معافی لے کر دی۔
2005ء میں ایک جمعہ کی دوپہر صوفی نذیر صاحب کی زیارت کے لیے جمن صاحب کے ہاں حاضر ہؤا تو وہاں سی ڈی اے (Capital Development Authority) کے ڈائریکٹر جنرل سلیمان سہتو بھی موجود تھے۔ صوفی صاحب نے ان دونوں سے داڑھی رکھنے کا کہا۔ سلیمان صاحب نے تسبیح تھاما دایاں ہاتھ سینے پر رکھا اور کہا ‘‘سائیں! جو شیو کر لی ہے یہ آخری ہے۔’’ جمن صاحب نے ہلکا سا سر ہلایا تو صوفی صاحب نے فرمایا ‘‘جمن! تم جاؤ اور میری بیٹی کو بلا کر لاؤ، تمہاری مشکل آسان کر دوں۔’’ جمن صاحب گئے اور بھابی صاحبہ کو بلا لائے۔ صوفی صاحب نے انہیں کہا ‘‘بیٹی! میں جمن کو داڑھی رکھوانے لگا ہوں، تمہاری اجازت کی ضرورت ہے، تم اجازت دے دو تمہیں بھی ثواب ملے گا۔’’ اس جنتی خاتون نے ایک لمحہ ضائع کیے بغیر کہا ‘‘آپ کا حکم سر آنکھوں پر۔’’ جمن صاحب کی وہ آخری شیو تھی۔ صوفی صاحب نے بتایا کہ حدیث مبارک میں وارد ہؤا ہے کہ نبی علیہ الصلوٰۃ والسلام کی ایک سنت زندہ کرنے پر سو شہیدوں کا ثواب ملتا ہے۔ یہ کہہ کر فرمایا ‘‘یاد رکھو! سیدنا حمزہ بن عبدالمطلب (رضی اللہ تعالیٰ عنہ) ایک شہید ہیں۔’’ صوفی صاحب کے حکم پر جمن صاحب نے مئی 2001ء میں منزلوں کے ساتھ قرآنِ پاک کی تلاوت کا آغاز کیا۔ تب سے جمعہ کے روز قرآنِ مجید شروع کر کے ساتویں دن جمعرات کو مکمل کرتے آ رہے ہیں۔ اگر کبھی ناغہ ہو جائے تو اگلے دن پورا کرتے ہیں۔
سپاہی سے جرنیل بننے کا اعزاز بہت لوگوں کے مقدر میں لکھا تھا، لیکن سپاہی سے وفاقی سیکرٹری بننے کا انعام اللہ تعالیٰ نے ابھی تک صرف محمد جمن جامڑو کے نصیب میں ہی لکھا ہے۔ انہوں نے ترقی، منزلِ مقصود کے حصول اور نئی منزلوں کے متلاشیوں کے لیے اپنی جدوجہد پر مبنی ‘‘سپاہی سے وفاقی سیکرٹری’’ کے نام سے سندھی میں کتاب لکھی ہے، جس میں میرا یہ مضمون اردو اور سندھی میں شامل ہوا ہے۔ اس کتاب کے مسودے کا اردو ترجمہ جاری ہے جو جلد شائع ہو جائے گا۔ اس کتاب میں انہوں نے جو پیغام دینے کی کوشش کی ہے اس کا خلاصہ یہ ہے کہ منزل کے حصول کے لیے اسباب کی کمی کی بجائے مسبب الاسباب پر کامل بھروسہ، ہمت، محنت اور لگن سے گامزن رہنا:
یقین محکم، عمل پیہم، محبت فاتحِ عالم
جہادِ زندگانی میں ہیں یہ مردوں کی شمشیریں

بلند سے بلندتر پرواز کی لگن سے بھرپور، مقصد کے حصول کے لیے انتھک محنت کے عادی جمن کے لیے خانہ نشینی میں فراغت کی زندگی گزارنا نہ صرف بے چین روح کے ہم مزاج نہ تھا بلکہ پرواز میں کوتاہی کا سبب اور صحت کے لیے نہ راس آ سکنے کا بہانہ بھی تھا۔ لہٰذا جھپٹتے، پلٹتے، پلٹ کر جھپٹتے رہے تاکہ گرم لہو سرد نہ ہونے پائے۔ ہمت و ترقی کی دنیا کا یہ شاہین آشیانے کا قائل نہ ہو سکا، چنانچہ کچھ مصروفیتیں اپنائیں، آزمائیں، چھوڑیں اور پھر نئی منزلوں کی طرف گامزن ہو رہا۔ انہی تجربات سے گزرتے ہوئے بالآخر سندھ کے پسماندہ صوبے اور پسے ہوئے سندھی عوام کی ترقی کی خاطر قائم کی جانے والی دو تنظیموں میں شرکت اختیار کر کے رضاکارانہ خدمت میں مصروف عمل ہے:
پہلی رجسٹرڈ تنظیم بصیرتِ سندھ (The Sindh Vision) ہے۔ جس کے تقریباً 77 ہزار اراکین ہیں، جس کا مقصد حکومت کو بڑے مسائل کی نشان دہی کرنے کے علاوہ ان پر تحقیقی کام کر کے اس کے عملی حل پیش کرنا ہے۔ یہ تنظیم چنے ہوئے مسائل پر سیمینار منعقد کر کے اس میں پڑھے جانے والے تحقیقی مقالے حکومت اور عوام کے سامنے رکھتی ہے۔ مارچ 2018ء میں کراچی میں تھر کول پر تحقیق کرنے کے بعد یہ رائے قائم کی کہ اس کے فائدے زیادہ اور محدودات نہایت کم ہیں، جس کے نتیجے میں اس منصوبے کی مخالفت میں واضح کمی آ گئی ہے۔ ایک سیمینار نومبر 2018ء میں پانی کے ذرائع کی تلاش (Tapping of Water Resources) کے عنوان سے منعقد کیا گیا، جس میں پڑھے جانے والے مقالے (Dams and Barrages in Focus: Reservations of Small Federating Units) کے عنوان سے کتابی صورت میں شائع ہو چکے ہیں۔
بصیرتِ سندھ کے تقریبًا 2 ہزار رجسٹرڈ اراکین میں سے کچھ لوگ رضا کارانہ ہزار روپیہ ماہانہ حصہ ڈالتے ہیں، جس سے تنظیم کے اخراجات اٹھائے جاتے ہیں۔ جمن صاحب اس کی چھ رکنی مجلسِ انتظامیہ (Executive Council) کے رکن اور شعبہ مالیات کے سربراہ ہیں۔ 5 اکتوبر 2019ء کو ‘‘سندھ کے مسائل پر مکالمہ’’ (Dialogue on Sindh Issues) کے عنوان سے سیمینار منعقد کیا گیا، جس میں سابق گورنر سٹیٹ بینک ڈاکٹر عشرت حسین، سابق چیئرمین بورڈ آف انویسٹمینٹ سید محب اللہ شاہ، وزیرِ اعظم کے سابق پرنسپل سیکرٹری اور سابق سی ای او اینگرو شمس الدین شیخ جیسے لوگوں نے خیالات کا اظہار کیا۔ اس سیمینار میں پڑھے جانے والے مقالہ جات حکومت اور عوام کے سامنے پیش کیے جانے کے لیے ترتیب اور اشاعت کے مراحل طے کر رہے ہیں۔
دوسری تنظیم 1971ء میں سندھی شہریوں کی سماجی بہبود
(Social Welfare) کے لیے قائم ہونے والی سندھ گریجوئیٹس ایسوسی ایشن (Sindh Graduates Association) (SGA) سگا ہے۔ کوئی بھی سندھی گریجوئیٹ اس کا رکن بن سکتا ہے۔ سگا کی اسلام آباد شاخ کے صدر یہی جمن جامڑو ہیں۔ نوکری کے لیے سندھ سے اسلام آباد منتقل ہونے والی خواتین کا سب سے بڑا مسلہ رہائش ہوتا ہے۔ چنانچہ جمن صاحب کے زیرِ نگرانی تقریبًا اَسی (80) خواتین کے لیے اقامت خانہ (ہوسٹل) کی تعمیر آخری مراحل میں ہے۔ اس اقامت خانہ کی تعمیر کے اخراجات کے لیے حکومتِ سندھ کو قائل کیا گیا، جبکہ روز مرہ کے اخراجات سگا کے اراکین برداشت کر رہے ہیں اور کرتے رہیں گے۔
چند دن قبل جمن جامڑو غریب خانے پر تشریف لائے تو میں نے اپنی مصروفیات کا ذکر کرتے ہوئے انہیں بتایا کہ میں آج کل سورۃ النساء کا ترجمہ اس انداز میں کرنے کی کاوش کر رہا ہوں کہ میڑک پاس آدمی پڑھے تو اسے مطلب سمجھنے کے لیے تفسیر یا حاشیہ نہ دیکھنا پڑے۔ اس کی تکمیل کے بعد سورۃ المائدہ، سورۃ الاحزاب اور سورۃ النور کا ترجمہ کا بھی ارادہ ہے۔ انہوں نے دلچسپی کے ساتھ کچھ آیات کا ترجمہ سنانے کو کہا۔ یہ ترجمہ تین تراجم کے ساتھ موازنہ کر کے سنایا تو بہت خوش ہوئے اور اپنے ارادے کا اظہار کیا کہ وہ اسی ترجمہ کو سندھی زبان میں منتقل کریں گے۔ ان شاء اللہ ترجمہ مکمل کر کے دو علماء کو دکھا کر جمن صاحب کو سندھی ترجمہ کے لیے پیش کر دوں گا۔ ان کے ترجمہ میں اردو اور سندھی دونوں ترجمے شامل ہوں گے۔
کیا کوئی شخص تصور کر سکتا ہے کہ خالق کی حسین ترین اور محبوب ترین مخلوق کی بے لوث خدمت کرنے والے کو اللہ تعالیٰ انعامِ عظیم سے محروم رکھے؟ اللہ تعالیٰ نے انہیں آقاءِ دو جہان، ہر مسلمان کے دل و جان، حضرت محمد مصطفٰےﷺ کی گارڈ ڈیوٹی کی سعادت نصیب فرمائی۔ پیر الطاف ہاشمی کو خالقِ کائنات نے اَن گنت نعمتوں میں سے ایک نعمت اس شخصیت کے ساتھ تعلق کی صورت میں عطا فرمائی۔

کرنل (ر) پیر الطاف ہاشمی
22 اکتوبر 2019ء
22 صفر 1441ھ

محمد جمن ڄامڙو: سنڌ جو برجستو سپاهي

هن ڪتاب جو مصنف سائين محمد جمن ڄامڙو همت، حوصلي ۽ توڪل وارو انسان آهي، جنهن جو ڪنهن سردار، جاگيردار يا وڏيرن جي خاندان سان ڪو تعلق ناهي، هن هڪ سنڌ جي ٻهراڙي جي ان خاندان ۾ اک کولي، جن جو گذارو ”جو کيڙي سو کائي“ ۽ ”آڻين ۽ چاڙهين“ واري طبقي سان آهي. هن فوج ۾ سپاهي ٿيڻ کان وٺي وفاقي سيڪريٽري جي عهدي تي پهچڻ تائين ڪنهن وڏيري يا سياستدان کان سفارش نه ڪرائي، فقط خدا تي توڪل ۽ پنهنجي مسلسل محنت ۽ قابليت سان ئي اعليٰ عهدن تي پهتو.
رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به واندو نه ويٺو آهي ۽ روزانو ڪجهه نه ڪجهه عملي ڪم ڪندو رهي ٿو، الله پاڪ هن کي سهڻي صورت ۽ سهڻو اخلاق ڏنو آهي، هن پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي قلم ۽ ڪاغذ جي ذريعي اسان پڙهندڙن تائين هن سوانحي ڪتاب جي شڪل ۾ هڪ تحفو ڏنوآهي، جنهن ۾ وڏا انڪشاف به آهن ته عملي ڪارڪردگي به آهي، سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي تاريخ به آهي ۽ سياستدان جي حسين ڪارڪردگي به شامل آهي ته هنن سنڌ سان ڪهڙا وکر وهايا آهن، سنڌ مان ستر سيڪڙو پيٽرول ۽ گيس پوري ملڪ لاءِ نڪري ٿو، سنڌ ۾ سمنڊ، بندرگاهه، درياءُ، ڍنڍون ۽ ڍورا، ڪوٽ ۽ قلعه ته اڳيئي هيا، پر هاڻوڪي سنڌ جي خوشحالي اسان جي سامهون آهي.
اسان جي سنڌ آغا محمد يعقوب، آغا عبدالنبي عليگ، سائين ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي، محمد هاشم ميمڻ، عبدالله جي ميمڻ، اشفاق ميمڻ، هاشم لغاري ۽ ٻيا ڪيترائي ان جهڙا عظيم آفيسر به ڏنا جن سموري زندگي ايمانداري ۽ قابليت سان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي،
شير محمد خدا بخش عالماڻي (ايس ڪي بلوچ)، سيد مومن علي شاهه، محمد ابراهيم سمون، اي اين جي عباسي ۽ علي نواز ميمڻ جهڙا انجنيئر به ڏنا جن سنڌ جي پاڻي ۽ نهري نظام جي حفاظت ڪئي ۽ حق ۽ سچ لاءِ آواز اٿاريو.
سنڌ ڊاڪٽر اي ڪيو ڪي افغان، سائين وڏل شاهه، ڊاڪٽر ايم اي قاضي جهڙا به انسان پيدا ڪيا، جن سنڌ کي اهي نوجوان انجنيئر ۽ سائنسدان ڏنا، جن جو ڪو اوهي واهي ڪونه هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ون يونٽ جي زماني تائين سنڌ جي ماڻهن کي اهو اعتراض هوندو هو ته سنڌ ۾سنڌي آفيسر ڪونه آهن، رڳو ڌاريا حڪمران پيا راڄ ڪن، پر 1973ع جي دستور ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي لاءِ ڪوٽا مقرر ڪئي وئي. وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۾ سنڌ جا تعليم يافته نوجوان ڀرتي ٿيڻ لڳا ۽ الله جي فضل سان هاڻي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس جي عهدن تي به سنڌي آفيسر موجود آهن، پر پوءِ به سنڌ اڄ اُهو ئي سوال ڪري ٿي ته اسان جا اسڪول هزارن جي تعداد ۾ بند ڇو آهن؟ ۽ جيڪڏهن کليل به آهن ته اتي تعليم ڇو نظر نٿي اچي؟ سنڌ جي اسڪولن ۾ پڙهندڙ اسي سيڪڙو ٻارن کي اسڪولي ڊريسون، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ۽ پيرن ۾ بوٽ پاتل ڪونهن، سنڌ جي
99 سيڪڙو اسڪولن ۾ لائبرريون ڪونهن، اهو ئي حال سرڪاري اسپتالن جو آهي، جن ۾ ڊاڪٽر ته آهن پر دوائون ۽ علاج جون ٻيون سهولتون ڪونهن، مريضن کي دوا وٺڻ، ايڪسري ڪرائڻ ۽ ليبارٽري جي ٽيسٽن لاءِ پرائيويٽ اسپتالن يا سينٽرن ڏانهن وڃڻو پوي ٿو.
هينئر هر ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر، پوليس سربراهه ۽ سيشن جج، سڀ سنڌي آفيسر موجود آهن، پر اُهي ڪڏهن به ڪنهن اسڪول ۽ اسپتال جو دورو نٿا ڪن، نه وري شهرين جا مسئلا حل ڪرائين ٿا. انهن جو تعلق فقط وقت جي حاڪمن جي پوئواري ۽ تابعداري ڪرڻ آهي. اهو سوال هن ڪتاب ۾ به موجود آهي ۽ ان جو جواب به موجود آهي. سائين محمد جمن ڄامڙو فوجي سپاهي جي حيثيت سان پنهنجي نوڪري جو آغاز ڪيو، پر پوءِ ڊي سي ۽ صوبائي ۽ وفاقي سيڪريٽري بڻجڻ تائين پنهنجي سپاهي هجڻ واري جذبي کي قائم رکيو. هن سنڌ جون يونيورسٽيون به ڏٺيون ۽ اتان جا شاگرد ليڊر به ڏٺا، نوڪري جي دوران سنڌ جا سياستدان به ڏٺا.
سنڌ جي موجوده تصوير هن ڪتاب ۾ چٽي نظر اچي رهي آهي، جيڪا اوهان به ڏسو ۽ خاص طور تي اُهي سنڌي آفيسر جيڪي هن وقت سنڌ جي وڏن عهدن تي موجود آهن، اهي سنڌ جي ان سوال جو جواب ڏين.

آغا نور محمد پٺاڻ
چيف ڪوآرڊينيٽر
انڊس ڪاٽيج لائبرريز نيٽورڪ
اسلام آباد، پاڪستان
موبائل: 2161624-0300
2019-10-23

سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين

سائين محمد جمن صاحب جن جي زندگيءَ جي سفر جي ڪهاڻي منهنجي نظر کان گذري، مون ان کي ڏاڍو پسند ڪيو، جو سائين پوري پوري ايمانداريءَ سان ان ۾ هر هڪ شئي بيان ڪئي آهي، سابه اهڙي انداز ۾ ته جيئن نه صرف اها پڙهندڙن کي وڻندڙ لڳي پر ان ۾ پيغام به ساڳي وقت هجي. اهڙي قسم جي مواد مان پڙهندڙ ڪڏهن به نه ٿڪبو آهي، ڇوته هو ائين محسوس ڪندو آهي ته ڄڻ هو پاڻ انهن واقعن مان گذري رهيو آهي. ساڳي وقت هو ان پيغام ذريعي پنهنجي اصلاح به ڪندو آهي.
پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ جو خاص مقصد به اهوئي هوندو آهي ته پويان ايندڙ نسل کي انهن حقيقتن کان واقف ڪجي، جيڪي هن کي ڪنهن به درسي يا ٻئي ڪتاب ۾ نه ملنديون. اها اهڙي ڄاڻ آهي جيڪا ڪنهن به انسان کي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جي اهڙي جهلڪ مهيا ڪري ٿي، جيڪا ايندڙ نسل لاءِ وڏي اهميت واري هوندي.
هن ڪتاب ۾ به اهڙي قسم جي معلومات ٻن نڪتن تي بيٺل نظر ايندي، هڪ ته ان انسان جي همت جي سطح تي هن ڪهڙيءَ ريت سپاهي کان ويندي وفاقي سيڪريٽريءَ تائين رتبو ماڻيو ۽ سول سروس جي معراج تي وڃي پهتو. اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو نڪتو آهي، جيڪو هر محنت ڪرڻ واري لاءِ وڏي مشعل راهه بڻجي سگهي ٿو. ڪوبه انسان ڀل ڪهڙي به حيثيت وارو هجي، ان کي ڪتاب جو نالو پڙهڻ سان ئي پنهنجي اندر مان ضرور هڪ آواز ايندي محسوس ٿيندو ته واهه جو ماڻهو آهي، جيڪو پنهنجي جستجو ۾ ذرو به پٺتي نه هٽيو ۽ هڪ ننڍڙي عهدي يعني سپاهيءَ کان ويندي وفاقي سيڪريٽري تائين وڃي پهتو. اهو تمام وڏو نڪتو آهي، جيڪو اندرين مواد کان به وڌيڪ اهم آهي.
ٻيو جيڪي به سول سروس وارا آفيسر يا اميدوار هوندا، اهي ضرور به ان ڪتاب کي پڙهندا، ڇوته ان جو عنوان ئي اهڙي قسم جو آهي. انهن ۽ ٻين اهڙي قسم جي اميدوارن لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ اهو هڪ قسم جو وڏو پيغام آهي، يعني جيڪڏهن ڪوبه انسان سپاهيءَ کان وڃي سيڪريٽري تائين پهچي ٿو ته ان جو مطلب آهي ڪوبه ٻيو انسان سخت محنت ڪندي والدين جون دعائون ۽ الله جي رهبريءَ سان ان منزل تي پهچي سگهي ٿو.
ڪتاب جو ٻيو اندريون مواد هڪ عملي زندگيءَ جي جهلڪ آهي، جيڪا پنهنجي جاءِ تي تمام گهڻي اهميت واري آهي، ڇوته ان ۾ اهڙا ته پهلو بيان ڪيل آهن، جيڪي هڪ ٻئي کان بنهه مختلف آهن ۽ اهي سماجي زندگيءَ ۾ فقط ان کي نظر ايندا آهن جنهن جي اندرين اک بيدار هوندي آهي.
انهن عنوانن جي ان ڪري به اهميت سمجهڻ گهرجي ته اهي معاشري جي گرمي پد ماپڻ جو هڪ انمول طريقو آهن، ۽ انهن مان معاشري جي نه رڳو صحت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو پر ان مان ڪافي مطلب ڪڍي سگهجن ٿا.
جيڪڏهن عنوانن کي ڏسجي ته اهي زندگيءَ جي وهنوار جو هڪ مربوط نمونو پيش ڪن ٿا، هڪ ٻئي کان ان ڪري مختلف آهن جو ان ۾ حقيقت مختلف بيان ٿيل آهي، پر ان جو ڇيڙو هڪ ئي سوچ سان ملي ٿو، جيڪي معاشري کي ان حالت ۾ رکي هلائڻ جا ذميوار آهن، نه ته ڪاڏي مير هزار خان بجاراڻيءَ جي طبيعت جو انداز، ڪاڏي سرجان جيڪب جو گهڙيال ٺاهي پاڻ کي جيڪب آباد ۾ دفن ڪرائڻ ۽ ڪاڏي وري سائين جي ايم سيد جو شڪارپور جو دورو ۽ اتي وڃي حاجي مولا بخش سومري جي دعوت ۾ حاضري ۽ ڪاڏي وري سنڌ ۾ سيدن جو اتحاد.
وري اچو بلوچستان جي حالتن تي، سائين انهن سان به انصاف ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. بلوچستان ۾ اقربا پروري ۽ ڪرپشن جا مثال ۽ ڪيڏانهن وري مڪران ۽ خضدار جي ماڻهن جي طبيعت ۾ فرق سمجهائڻ خاطر جيڪي ڳالهيون ۽ نڪتا بيان ڪيا اٿس، اهي ائين ئي آهن جيئن ڪوبه سمجهدار انسان محسوس ڪري. اها عميق نظري (Insight Fines) هر هڪ وٽ ڪونهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پيپلز پارٽي جي 2008ع کان 2013ع واري دور ۾ بلوچستان ۾ ڪرپشن تمام گهڻي ٿي ۽ ان کانپوءِ جيڪي ڪرپشن جا قصا ٽيليويزن ذريعي تمام ٿيا، اهي به ڪي گهٽ سطح جا نه هئا. اسانجي همراهن سنڌ ۽ بلوچستان کي چڱيءَ طرح سڃاتو آهي.
سائين جمن صاحب پاڪستان سيڪريٽريٽ جا قصا به چڱيءَ طرح وائکا ڪيا آهن. انهن ۾ مختلف صوبن جي ماڻهن جو تناسب ۽ رويا ايمانداريءَ سان کولي واضح ڪيا اٿس ۽ اهو به ٻڌايو اٿائين ته زرداريءَ جي دور ۾ سنڌي ننڌڻڪا هئا. ان ۾ ته ڪوبه شڪ نه آهي ته اهي اڳ ۾ به ننڌڻڪا رهندا آيا هئا، فرق صرف ايترو هوندو آهي جو زرداريءَ کان سنڌ جي وفاق ۾ ويٺل آفيسرن جون اميدون پوريون نه ٿي سگهيون، ڇوته هو ائين ڪرڻ جي قابل ئي نه آهي.
سائين جو وهاڙيءَ ۾ منهاس فارم جو دورو ۽ ان متعلق معلومات به ڪا گهٽ اهميت جي حامل نه آهي، اتي کير وارن جي معاملن کان ويندي ڪميونٽي سسٽم جي ڳالهه به گهڻي ڪم واري آهي. ساڳئي وقت ملتان جي ميئر جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون ڏنل آهن، اهي به اڄوڪي دور جون اهم شيون آهن. جمن صاحب جن جو يوسف رضا گيلانيءَ سان ملتان جو دورو ڏاڍو وڻندڙ آهي ۽ جنرل مشرف جو سرٽيفڪيٽ ورهائڻ ۽ طريقه ڪار استعمال ڪرڻ ٻڌائي ٿو ته طريقا اهي ئي آهن يعني انگريزن وارا پر شڪليون تبديل ٿي ويون آهن.
سائين ڏاڍيون مزيدار ڳالهيون لکيون آهن، ۽ پنجاب جي بيورو ڪريسيءَ کي به وائکو ڪيو اٿائين ته اها حقيقت ۾ گهڻائي جي ڪري رعب ۽ دٻدٻي سان آهي، نه ته انهن جو حال به اسانجي عام پڙهيل ماڻهوءَ کان ڪو سٺو ڪونهي. سائين هڪ پراجيڪٽ جي ان سلسلي ۾ ڳالهه ڪئي آهي، يعني يوسف رضا گيلاني صاحب اُچ شريف کي ڳنڍڻ لاءِ هڪ پل پئي ٺهرائي پر پنجاب وارن پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ جي آفيسرن کي اها به خبر نه هئي ته آيا اِها پل سنڌو درياهه تي ٺهندي يا ستلج نديءَ تي.
سائين ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي نوڪري دوران هڪ ٻيو اهڙوئي مثال پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ سائين ٻڌائي ٿو ته ڪو گجرات جو ڀٽي جيڪو پاڻ کي نواز شريف جو پي اي پيو سڏرائي، اهو سائين وٽ آيو ڪلرڪي مان ماستريءَ جو ڪيڊر بدلرائڻ ته سائين هن کي سڌي ڳالهه ٻڌائي ته اها شئي نه ٿي سگهندي، جنهن تي هن وڃي چيو ته جيڪڏهن تنهنجو پنهنجو سنڌي هجي ها ته ضرور هن کي ڪيڊر بدلائي ڏئين ها. جنهن تي سائين هن کي هلڪي دٻ پٽي ۽ ڳالهه ڦيرائي هن کان ڊگري پڇيائين ۽ پڇيائينس ته ليه ضلعو ڪٿي آهي؟ جتي هينئر تازو بس ڪلٽي ٿي آهي. ان تي هن چيو ته اهو سنڌ يا بلوچستان ۾ هوندو، ۽ اهو به چيائين ته هو ايم اي (اڪانامڪس) ۾ پاس ٿيل هيو. پوءِ سائين وري هن کي اهڙي ڳالهه تي ڇنڊ پٽي ۽ چيائينس ته بدنام ته سنڌي آهن، پر توهان جو ڪهڙو حال آهي؟ اهڙيون ننڍڙيون پر وڻندڙ ڳالهيون ۽ اهڙي طريقي سان سائين کان سواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ڪري سگهي.
وري وٺو سائين جي هڪ ٻي ڳالهه، اها آهي لياقت جتوئيءَ جي چيف منسٽريءَ ۾ ايم ڪيو ايم وارن جا مزا، ان ۾ ته ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کانسواءِ ٻيو جيڪو به چيف منسٽر هوندو آهي اهو ايم ڪيو ايم جو ڏيجو هوندو آهي، ۽ انهن کي ئي اهميت ڏيندو آهي، ڇوته هڪ ته پنهنجن کي ڪجهه به نه سمجهندو آهي، ٻيو اهي ويچارا اوستائين پهچ به گهٽ رکندا آهن، ٽيون اهڙن چيف منسٽرن وٽ سنڌ جي ترقيءَ لاءِ ڪوبه پروگرام ۽ بصيرت نه هوندي آهي.
ايم ڪيو ايم وارن لياقت جتوئي صاحب کي خوب استعمال ڪيو. هن جي ذريعي ڪافي ڪم ڪرايائون. ان وقت ۾ هنن جي هزارين ڪارڪنن کي اين آر او (NRO) مليو، ۽ هو جيلن مان ڪڍيا ويا. اهڙيون پيرائتيون ۽ تفصيلي ڳالهيون فقط سائين جي ڪتاب ۾ ملنديون ۽ ان پوري انفارميشن کي بهتر طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي.
هيءُ ڪتاب ته هڪ چڱو خاصو ڄاڻ جو ذخيرو آهي، جنهن ۾ هر عنوان مختلف آهي، وري اچو ٿرپارڪر تي، جنهن جي لاءِ سائين ان کي سنڌ جو خزانو ڪوٺيو آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اهو واقعي خزانو آهي، پر ڪنهن جي لاءِ؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي، ڇوته اهڙين شين مان اسين فائدو وٺي نه ڄاڻون، ڇوته هڪ ته اسان وٽ ان جي لاءِ هنرمند ماڻهن جي کوٽ، ٻيو حڪومت جي نيت خراب ۽ ٽيون شڪارين جون نظرون.
سائين ٿرپارڪر جي جانورن لاءِ به هڪ عجيب ڳالهه لکي آهي ته جڏهن ڪوبه هتان جو همراهه انهن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته اهي جانور هندوستان جو بارڊر ٽپي (ڇوته اڳ ۾ بارڊر تي تار لڳل نه هوندي هئي) آهستي آهستي هلڻ شروع ڪري ڏيندا هئا، يعني جانورن کي به خبر هئي ته اُتان وارا ماڻهو انهن کي پڪڙڻ لاءِ ڪا چڱي نيت ڪونه ٿا رکن.
سائينءَ جي ڪتاب ۾ ٻه چڱيون ڳالهيون لکيل آهن، هڪ جو واسطو سائين سان آهي، جڏهن هن لاهور ۾ ٽريننگ جي دوران جنرل صاحب کي جواب ڏئي سمجهايو ته سنڌي جاهل ۽ بزدل نه آهن. جنهن تي جنرل کي سنڌين بابت پنهنجا لفظ واپس وٺڻا پيا ۽ اها هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي پر سائين جي همت جي ڪري اها هڪ بهترين ڳالهه ٿي ۽ سڀني ٽريننگ ڪندڙن کي چڱي ريت معلوم ٿي. اِهي اُهي آهن ڳالهيون جيڪي اسان کي ڪنهن به تدريسي ڪتاب ۾ نه ملنديون، اهڙيون شيون فقط سوانح جهڙن ڪتابن جي زينت هونديون آهن، جن مان سائينءَ جو ڪتاب هڪ بهترين انداز ۾ لکيل آهي ۽ اهو چڱي طرح پيغام پهچائي ٿو.
ٻيو قصو آهي چوڌري منور جو، جيڪو هڪ سک نالي گرو جو اڪيلو پٽ هو. اهو سک پاڪستان قائم ٿيڻ کان ٿورو اڳ ۾ مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو غلام رسول رکيو هئائين، جنهن اتان جي مسلمان عورت سان شادي ڪئي ۽ ان مان هن کي چوڌري منور ڄائو. اصل ڳالهه ان جي موت کانپوءِ شروع ٿي. هن کي 1300 ايڪڙ زمين هئي، جنهن تي هڪ زميندار جي نظر هئي، اهو هيو ڊوگر. ان غلام رسول جي مرڻ کانپوءِ زمين ڦٻائڻ جي نيت سان سندس بيواهه ڏانهن شاديءَ جو پيغام موڪليو، جيڪو رد ڪيو ويو. ائين ڪرڻ کانپوءِ هن اچي سندس صغير پٽ منور کي ڪوڙي قتل جي ڪيس ۾ ڦاسايو، جتان هو جلدي آزاد ٿي ويو، ڇوته هن جي عمر ننڍي هئي، وري وڏي ٿيڻ کانپوءِ هن کي هڪ ٻئي قتل جي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو، جنهن جي ڪري هو 13 سال جيل ڪاٽي آزاد ٿيو. ان دوران ڊوگر اليڪشن کٽي ڄاڻي واڻي اويڪيو پراپرٽي واري محڪمي ۾ آيو، جتي اچي هن بدنيتي سان ان مسلمان ٿيل سک جي ملڪيت کي هندن جي ڇڏيل ملڪيت ۾ شامل ڪري اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ (ETPB) ۾ شامل ڪرايو، جنهن جي مخالفت ۾ منور ڪيس ڪيو ۽ اهو ڪيس ڪورٽن مان ٿيندو آخر اچي سائين وٽ پهتو. جنهن جي لاءِ منور جي مخالفت ۾ پنجاب جا ٻه منسٽر سائينءَ کي ٽيليفون ڪندا رهيا ۽ پنجن ڪروڙن جي به آفر ٿي، پر سائين فيصلو ان چوڌري منور جي حق ۾ ڪيو، اها هڪ تمام بهترين ڳالهه هئي.
سائين هن ڪتاب ۾ پنهنجي ٻاهرين ملڪن جي دورن جي به ڳالهه ڪئي آهي، خاص طور تي ماسڪو ۽ واشنگٽن جي دورن جي، اتان جون چڱيون خاصيون ڳالهيون ڪيون اٿائين، جيئن اهڙن دورن ۾ ٿيندو آهي ته نالي واريون جايون گهمبيون آهن، اتي سائين غلطيءَ سان ماسڪو ۾ سردي دوران هڪ سفيد پاڻيءَ وانگر ڪا شئي پيتي، جيڪا بعد ۾ پتو پيو ته ماسڪو برانڊي هئي. جنهن ٿڌ جو اثر ختم ڪري ڇڏيو ۽ لينن گراڊ ۽ پيترو گراڊ به سائين جن گهميا ۽ ٻين ماڳن تي پڻ ويا.
واشنگٽن ۾ سائين وري پنهنجي هڪ دوست ممتاز ڀٽي جو تذڪرو ڪيو آهي، جيڪو وڻندڙ آهي، جيڪو سائين کي هوائي اڏي تي وٺڻ آيو هيو، بعد ۾ هنن گڏجي ماني کاڌي، جنهن جو بندوبست ممتاز ڀٽي جي گهر ۾ هن جي گهرواري ڪيو هيو. ان کان علاوه جيڪي به ڪتاب ۾ عنوان آهن، ڏاڍا وڻندڙ آهن جيڪي چڱيءَ طرح پڙهڻ کپن، ڪتاب معلومات جو خزانو آهي ۽ اهو ڪتاب سڀني کي پڙهڻ گهرجي. ان جي لاءِ ان ڪتاب کي لائبريرين ۽ ٻين جاين تي رکيو وڃي، نه فقط اهو پر مون سائين کي عرض ڪيو هيو ته ان جون ٻه ٽي سؤ ڪاپيون ائين دوستن کي ۽ ٻين سنڌين کي ورهائي ڏي. سائين کي اهڙي زندگي جي ڪهاڻي لکڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.
مون کي هڪ ٻيو نڪتو ياد آيو، جنهن جو واسطو ڪتاب جي عنوان ”صوبيدار ۽ تپيدار جي بدلي نه ٿيندي“، اهي ٻئي شخصيتون اسانجي معاشري ۾ ڏاڍيون طاقتور آهن ڇوته سڀئي سياستدان انهن ٻنهي کي استعمال ڪندا آهن، ڇوته ملڪ ۾ حڪومتون عوامي ۽ حقيقي نه هونديون آهن، ان ڪري اهي ٻئي شخص هن دور ۾ به پاڪستان ۾ طاقتور آهن. اهڙي شئي کي هاڻي تبديل ٿيڻ گهرجي.“

انجنيئر مومن علي شاهه
خانپور، ضلعو شڪارپور
03335181385

هن ڪتاب بابت

آتم ڪهاڻي دنيا جي سڀني ٻولين جي ادب جي هڪ صنف آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي سڄي حياتيءَ جو سربستو احوال بيان ڪندا آهن. پوءِ جيڪڏهن ڪنهن انسان جي زندگيءَ ۾ ٻڌائڻ جهڙا چڱا يا لڱا ڪم يا عمل هوندا ته انهن کي لکت ۾ آڻبو، پر جيڪڏهن ڪو انسان ڄمڻ کان مرڻ تائين سڄي ڄمار ماني ٽڪر کائي دنيا جهان جي مامرن کان ڪنڊائتو ٿي حياتي گهاري هن دنيا مان گذاري ويو ته اهڙو ماڻهو جهڙو ڄائو تهڙو نه ڄائو. انهيءَ جي ڪهڙي آتم ڪهاڻي؟ پر جيڪڏهن ڪو اهڙو انسان هن دنيا ۾ آيو، جنهن پنهنجي محنت، همت ۽ صلاحيتن جي زور تي پاڻ موکي ڪو نانءُ ڪڍيو، جنهن سان کيس ۽ دنيا جهان کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سک ۽ سهنج مليو ته اهڙي جاکوڙي انسان کي وساري ناهي سگهبو. پوءِ انهن مان ڪجهه اهڙا سپت ڀريا انسان به هوندا آهن، جيڪي پنهنجي محنت سان ماڻيل منزلن جي اپٽار، انهن جي حاصلات ۾ روڙيل رنڊا ۽ انهن اڻانگين واٽن تان هلي پار پوڻ جو سربستو احوال آتم ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ لکي راس ڪندا آهن، جنهن مان هڪڙن جو مقصد پنهنجو ناما چار ڪرڻ ته ٻين جو وري اهو مطلب هوندو آهي ته سندن احوال مان منجهيل ماڻهو ڏڍ حاصل ڪري سبق پرائين ۽ ڪاميابيءَ جي واٽ تي سندرو ٻڌي هلڻ لڳن. ڪي ماڻهو پنهنجو شان مان وڌائڻ ۽ رعب ڄمائڻ لاءِ هٿرادو ڳالهيون وڌاءَ سان لکندا آهن، پر ڪوڙ کي پير ناهن ٿيندا، تنهنڪري پڙهندڙن تي اهڙي لکت سگهو ئي پڌري ٿيو پوي. ٻيا وري کرا ماڻهو پنهنجو احوال بنا وڌاءَ جي اصلوڪي حالت ۾ جيئن جو تيئن سچ لکندا آهن. اهڙي آتم ڪهاڻيءَ کي پڙهڻ ۾ مزو به ايندو آهي ته مصنف جي لاءِ دل ۾ عزت به پيدا ٿيندي آهي.
هن ڪتاب جو ليکڪ محمد جمن ڄامڙو به جهڙو عام زندگيءَ ۾ سچو ۽ کرو انسان آهي، تهڙو ئي هن ڪتاب ۾ پنهنجي حياتيءَ جو سمورو احوال بنا رک رکاءَ جي لکيو اٿس. جيڏو الله پاڪ کيس سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽريءَ تائين پهچائي دنيا ۾ عزت سان نوازيو، اوڏو ئي صاف گوئيءَ سان پنهنجي ننڍپڻ جي عام ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ مينهن جي ڇيڻن ميڙڻ جو به اعتراف ڪيو اٿس. اڌورو ماستر ٿيو، ڪلارڪي ڪيائين، يا فوج ۾ ڪجهه سال سپاهي ٿي گهاريائين، انهيءَ لکڻ ۾ هن کي ڪڏهن به شرمساري محسوس ناهي ٿي، جو اهو سڀ لڪائي ها.
جمن سائين تحرير جي روانيءَ ۾ مٺاڻ آڻڻ لاءِ پنهنجي لاءِ ”مامو لالو ڇا ڪري“ جهڙا اکر به ڪتب آڻي ٿو. لکت ۾ جيئن ته سندس انداز قدرتي آهي، جنهن ۾ مصنوعي ادب وارو انداز بنهه نٿو آڻي، اکر عام ۽ عوامي، ٻوليءَ جو سٽاءُ ۽ جملن جي بيهڪ دلپذير اٿس، تنهنڪري پڙهندڙ جو چاهه برقرار رهي ٿو.
مصنف جي زندگيءَ جو گهڻو تڻو وقت سرڪاري نوڪريءَ ۾ پر دبنگ عهدن تي گذريو آهي، تنهنڪري جتي به رهيو، اتي دبنگ آفيسر يا بيورو ڪريٽ جي ڏِک هن ۾ پڌري پئي ڏسجي. سنڌ ۾ نوڪريءَ دوران ٻن وڏن سياسي ڳڙهن يعني لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه ۾ اي سي ۽ ڊي سي جهڙين پوسٽن تي رهندي جهڙيءَ طرح پير کوڙي دليريءَ سان ڪم ڪيائين، سو سندس ئي وڙ آهي.
هيءَ آهي ته آتم ڪهاڻي پر پڙهڻ سان پتو پوندو ته هن ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد جي مرڪزي حڪومت جا سڀئي راز سربستا بيان ٿيل آهن. اڪثر عوام کي سياستدانن ۽ بيوروڪريٽن جي گفتار ۽ رفتار يا چال چلت جي گهٽ خبر هوندي آهي، پر هيءُ ڪتاب انهن رازن تان به سڀ پردا لاهي اصليت کي پيش ڪري ٿو. پڙهندڙ هن ڪتاب مان اهو به سکندو ته زندگيءَ جي پنڌ ۾ پريشانيون اچن ته انهن سان ڪيئن منهن ڏجي. فوجي هجن يا ڪامورا ۽ حڪمران، انهن سان ڪامياب وهنوار هلائڻ لاءِ ڪهڙا داءَ پيچ سکڻ ضروري آهن.
هلندي هلندي ڪتاب ۾ کوڙ دلچسپ احوال به لکيا ويا آهن، جهڙوڪ سائين جي ايم سيد کي گرفتار ڪرڻ، شهدادڪوٽ جي مک روڊ تان حددخليون هٽائڻ، سردار غلام محمد مهر جي ماني کائڻ، ڌاڙيلن جي سرپرستن سان مهاڏو اٽڪائڻ، بلوچستان جي ڇڙواڳ حاڪمن سان نوڪري ڪرڻ جا نرالا نمونا، انهن جون ڪي فرمائشون پوريون ڪرڻ ته ڪن تي پڙ ڪڍي بيهڻ وغيره.
هن ڪتاب جي هڪڙي خاص خوبي هيءَ آهي ته هن ۾ ملڪي مامرا سرڪار نامدار ڪيئن هلائيندي آهي؟ ٻڌ ڇوڙ ڇو، ڪيئن ۽ ڪير ڪرائيندو آهي؟ سياسي ماڻهو هجن يا چور ۽ ڌاڙيل ڪهڙي حالتن ۾ ۽ ڇو سگهارا ٿيندا آهن؟ ۽ انهن جو پگهر ڪڍڻ لاءِ آفيسر ڪهڙا گُرَ ڪتب آڻيندا آهن؟ اهي سڀ شيون به سکڻ لاءِ موجود آهن. ٻيو ته هن سان گڏ شهرن جو سياسي وايو منڊل، قبائلي سردار، حدبنديون، آدمشماري، ماڻهن جي ثقافت ۽ پيداوار اهي سڀ تفصيل به پڙهندڙ کي مفت ملن ٿا، جن مان پڙهندڙ چسڪو به وٺي ٿو ته کيس تمام گهڻي معلومات به ملي ٿي.
ڄامڙو صاحب عام زندگيءَ ۾ به کل مک ۽ زنده دل انسان آهي، انهيءَ عادت موجب جڏهن ڪٿان کيس بدلي ڪيو ويو ته چئي ڏنائين ته ”ڪل آفيسرً ذائقة البدلي“. وري ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ چوي ٿو ته ”ڪل آفيسرً ذائقة الرٽائرمينٽ“.
جڏهن اسلام آباد ۾ سندس حق ماري پروموشن ٿيڻ ۾ پنهنجن سنڌي ڀائرن رڪاوٽون وڌيون ته انسان هئڻ ناتي کيس جهوٻو آيو پر سٽ سهي وري پنهنجي ڪرت کي جاري رکيائين، تان جو ”نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي“ جي مصداق هڻي هنڌ ڪيائين ۽ نيٺ پروموٽ ٿي وفاقي سيڪريٽريءَ جي ڪرسيءَ تي ويٺو.
هن ڪتاب کي پڙهڻ وقت ڪنهن ڪنهن مهل لڳي ٿو ته ڄڻ هيءَ مصنف جي سروس ڊائري هجي، پر آهي ته حياتيءَ جو احوال، پوءِ جتي هوندو اتان جوئي لکبو.
آخري باب پڙهڻ وٽان آهن، جن ۾ مصنف پنهنجي تجربي جي روشنيءَ ۾ نوجوانن لاءِ رهنما اصول ۽ دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جون واٽون ٻڌايون آهن. رٽائرمينٽ کانپوءِ اڪثر وڏن آفيسرن کي مائٽن، برادري ۽ دوستن يارن پاران جيڪي مهڻا، طعنا ۽ ڪڏهن ڦٽڪار سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، اهو روئڻو به رنو اٿس، پر سهڻي ڳالهه ڪري ٿو ته انهن سڀني ڳالهين هوندي به مائٽن ۽ دوستن سان ناتو هرگز نه ڇنڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو محبت سڀني مرضن جو علاج آهي.
آخر ۾ چونداسين ته سگنلز جو سپاهي سائين محمد جمن ڄامڙو جيڪو وفاقي سيڪريٽريءَ جي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي. پنهنجي ٻارن ٻچڙن ۽ يارن دوستن سان سدا جيان مرڪندو، کلندو، ڀوڳ ٺڪاءَ ڪندو، پنهنجي محبوبه (جيڪا سندس شريڪ حيات آهي) سميت سکيو ستابو پيو گذاري. اسين به سندس سک سلامتيءَ لاءِ دعاگو آهيون.

انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
حيدرآباد
2019-10-18

اڏول انسان جي جدوجهد ڪهاڻي

”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ ڪتاب هڪ اهڙي اڏول انسان جي جدوجهد جي ڪهاڻي آهي، جيڪو پيدا ته سنڌ جي کجين واري ضلعي خيرپورميرس جي تعلقي گمبٽ جي ڀرسان ڄامڙا ديهه جي ڳوٺ غلام جعفر ڄامڙو ۾ هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ ٿيو، پر پنهنجي اڻ ٿڪ جدوجهد، ڪڏهن به هار نه مڃڻ واري عزم ۽ محنت تي يقين رکڻ واري اٽل ارادي سان فوج ۾ سپاهيءَ جي حيثيت کان عملي زندگي جي شروعات ڪري سول سروس جي معراج وفاقي سيڪريٽري تائين جي اعليٰ عهدي تائين پهتو. هيءَ ڪنهن فلم جي ڪهاڻي نه آهي جنهن جي پهرئين سين ۾ ٻار غريب جي گهر ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ ٻئي سين ۾ هو اعليٰ سرڪاري عهدي تي ويٺل نظر ايندو آهي، پر هيءُ محنت ۽ ارادي جي پختگي واري اٽل آدمي جي حقيقي ۽ سچي پچي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ صرف ۽ صرف محنت ئي محنت شامل آهي. هن ڪٺن سفر ۾ هن ڪٿي به شارٽ ڪٽ وارو رستو اختيار نه ڪيو آهي، نه ڪنهن سياسي پليٽ فارم جو سهارو ورتو آهي، نه ئي وري انهيءَ منزل تي رسڻ لاءِ ڪنهن جا ڪلها استعمال ڪيا ويا آهن.
اوهان يقيناً سمجهي ويا هوندا ته اهو اٽل ارادي وارو اڏول آدمي ڪير آهي؟جي ها، آئون سائين محمد جمن ڄامڙو صاحب جي ئي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جنهن جي اڻ ٿڪ جدوجهد کي مثال بڻائي ڪيترائي نوجوان پنهنجي منزل ماڻي سگهن ٿا. جدوجهد جي هن انتهائي ڊگهي سفر ۾ سائين محمد جمن ڄامڙو جي رستي ۾ يقينن ڪيتريون ئي مشڪلاتون آيون هونديون، پنهنجن توڙي پراون ڪيئي رڪاوٽون به پيدا ڪيون هونديون، هڪ عام ماڻهو کي درپيش مشڪلاتون ۽ مسئلا به يقينن سندس راهه ۾ رنڊڪ بڻجي آيا هوندا. انهيءَ راهه ۾ ڪٿي پراون کڏون کوٽيون هونديون ته وري پنهنجن به ڪرم نوازين ۾ گهٽتائي ڪونه ڪئي هوندي، پراون پٿر اڇلايا هوندا ته انهن ۾ ڪجهه پنهنجن جا هٿ به ضرور شامل هوندا، پر هن اٽل آدمي ڪڏهن به ڪنهن به موڙ تي همت نه هاري، سندس حوصلو هالار رهيو، تتي ٿڌي ڪاهيندو رهيو، ڏينهن رات ڏوريندو رهيو، سندس چواڻي ته جڏهن به ڪٿي ڪنهن موڙ تي ڪا مشڪلات منهن ڪڍندي هئي ته هو اِهو چئي اڳتي وڌندو رهندو هو ته: ‘‘اے دل تجھے قسم ہے تو ہمت نہ ہارنا، دن زندگی کے جیسے بهی گزریں گزارنا’’ تڏهن ئي ته هيءَ غريب جو ٻار محنت ڪندو وڃي وفاقي سيڪريٽري تائين جي منصب تائين رسيو. ايڏي وڏي منصب تي هوندي به سندس طبيعت ۾ ڪڏهن به وڏائي نه آئي. نهٺائي، نياز نوڙت سندس سڃاڻپ رهي، جنهن جو اعتراف نه رڳو عام ماڻهو پر سندس ساٿي به ڪندا رهن ٿا.
ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ حقيقت ۾ ته سائين محمد جمن ڄامڙو صاحب جي جدوجهد جي ڪهاڻي آهي، جيڪا سندس اسڪول کان يونيورسٽي پڙهڻ تائين، ايس وي ٽيچر ٿيڻ ۽ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان وٺي وفاقي سيڪريٽري تائين جي جدوجهد تي مشتمل آهي، انهيءَ جدوجهد ڪهاڻي کي ليکڪ جي آتم ڪٿا به چئي سگهجي ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل مواد انهيءَ آتم ڪٿا جو وچون باب آهي، انهيءَ جدوجهد ڪهاڻي ۾ ليکڪ جيڪڏهن پنهنجي ڄمڻ کان وٺي ننڍپڻ جي سموري واقعن ۽ ماحول ۽ پرائمري اسڪول ۾ ويهڻ کان وٺي پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ تائين ۽ وري آخر ۾ وفاقي سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائرمينٽ وٺڻ کان وٺي هن وقت تائين جي زندگيءَ جي احوال جي باب جو اضافو ڪري ته هيءَ هڪ مڪمل آتم ڪٿا ٺهي ويندي، جيڪا پنهنجي نوعيت جي هڪ منفرد آتم ڪٿا هوندي.
عام طور تي جيڪي به آتم ڪٿائون لکيون ويون آهن، انهن ۾ ليکڪ گهڻي قدر پنهنجا ڪارناما ۽ پنهنجي زندگيءَ جون مثبت ڳالهيون ئي بيان ڪندا آهن، اهي پڙهڻ سان اهو ئي محسوس ٿيندو آهي ته شايد ليکڪ جي زندگيءَ ۾ ڪا به خامي ڪانه آهي، صرف ۽ صرف خوبين جي کاڻ آهي. پر انهن جي برعڪس هن ڪتاب ۾ ليکڪ پوري ايمانداري سان پنهنجي زندگيءَ جي جدوجهد ڪهاڻي بنا ڪنهن وڌاءُ جي جيئن جو تيئن پڙهندڙن آڏو پيش ڪئي آهي جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي خامين کي به جيئن جو تيئن ئي پيش ڪيو آهي. ڄامڙو صاحب هن ڪتاب ۾ پنهنجي ڪمين ڪوتاهين يا ڪمزورين تي پردو وجهڻ بدران انهن جو دليريءَ سان اعتراف ڪيو آهي، جنهن مان سندس ڪردار جي وڏائي ظاهر ٿئي ٿي. جڏهن ته انهن واقعن توڙي سندس اعتراف سبب هن ڪتاب جي اهميت ۾ به اضافو ٿئي ٿو. جنهن جو مثال ليکڪ پاران اهو به اعتراف ڪرڻ آهي ته کيس فوج ۾ سپاهيءَ طور ڀرتي ٿيڻ وقت صحيح طرح سان اردو به لکڻ نه ايندي هئي، سندس انگريزي به ڪافي ڪمزور هئي، پر انهيءَ باوجود هن سمورا چئلينج دل سان قبول ڪيا. پوءِ هن ايتري ته محنت ڪئي جو اردو سان گڏ انگريزي تي به سٺو عبور حاصل ڪري ورتائين ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو چٽا ڀيٽي وارو امتحان سي ايس ايس سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري ورتائين.
انهيءَ حوالي سان ڪتاب ۾ فوج ۾ ڀرتي واري مضمون ۾ ليکڪ لکي ٿو ته:
”1971ع فيبروري ۾ ايس وي ٽيچر جي ٽريننگ کي ڇڏي محرابپور ريلوي اسٽيشن جي ريسٽ هائوس تي پهچي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويس. 25 فيبروري 1971ع تي سگنلز ٽريننگ سينٽر ڪوهاٽ رپورٽ ڪيم. ان وقت سنڌ ۽ بلوچستان جي سگنلز ۾ اڍائي سيڪڙو ڪوٽا هئي، ان تي هميشه سنڌ ۾ آباد پنجابي ڀرتي ٿيندا هيا. اصل رهاڪو سنڌ جو سنڌي مان پهريون هيس، جيڪو ڪوهاٽ پهتم. ٽريننگ دوران ميپ ريڊنگ جو ڪلاس پئي ٿيو ۽ مونکي اردو لکڻ ڪونه پئي آئي، تنهنڪري سڀ نوٽ سنڌي ۾ پئي لکيا، جنهن وقت مون نوٽ لکيا پئي ته هڪ ڪيپٽن مٿان اچي بيٺو ۽ چوڻ لڳو ته هي ڪهڙي زبان ۾ ٿو لکين؟ مون چيو ته سنڌي ۾. ته ڪيپٽن پڇيو ته تون سنڌي آهين؟ مون چيو هائو. ڪيپٽن پاڻ بنگالي هيو، چيائين ته ڀڄي ته ڪو نه ويندين؟ مون چيومانس ته سائين مان انشاءَ الله جنرل ليفٽيننٽ ٿيندم، تنهن تي ڪيپٽن چيو ته ليفٽيننٽ جنرل چئبو آهي، نڪي جنرل ليفٽيننٽ. الله سائين جو ڪرڻ اهو ٿيو جو، مان ليفٽيننٽ جنرل ته ڪونه ٿيس پر انجي بلڪل برابر واري سول رينڪ (فيڊرل سيڪريٽري) ۾ الله سائين مونکي پهچايو.“
ساڳي ئي ڪتاب ۾ هڪ ٻئي هنڌ پنهنجي انگريزي ٻولي جي ڪمزوريءَ جو اعتراف به ڪن ٿا، گڏوگڏ ملڪي تعليم جي معيار جي به نشاندهي ڪندي لکن ٿا :
”پاڪستان ۾ معياري تعليم لاءِ گهربل مواد صرف انگلش ۾ موجود آهي، تنهنڪري انگريزيءَ تي مهارت حاصل ڪرڻ نهايت اهم آهي. انهيءَ حساب سان منهنجي انگريزي ۾ مهارت ڪانه هئي، صرف لکي وڃڻ جي حد تائين هئي. پهرئين سيمسٽر جو امتحان نه ڏئي مون ٿوري گهڻي پنهنجي انگريزي مضبوط ڪئي پر پوءِ به مون ۾ ڪافي ڪمزوري رهي.“
ٽوپي ۽ اجرڪ سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان پوري دنيا ۾ مشهور آهي. اهڙيون سهڻيون ثقافتي شيون ٻئي ڪنهن به هنڌ تي ڪونهن. سنڌ جا ماڻهو بنا ڪنهن مخصوص ڏينهن جي روزانو ٽوپي ۽ اجرڪ پائين ٿا ۽ اهو سندن روز مره جي لباس جو حصو آهن، اجرڪ ۽ ٽوپي پائڻ سان هتان جي ماڻهن کي پنهنجي ثقافت سان پيار جو کليل نموني مظاهرو ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، اهڙو ئي ثقافت سان پيار ليکڪ جي به رڳ رڳ ۾ سمايل آهي، اسلام آباد يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران اڪثر پروگرامن تي موصوف اجرڪ ۽ ٽوپي پائي پنهنجي ثقافت سان پيار جو اظهار ڪندو رهيو. مونکي اسلام آباد يونيورسٽي جي رڪارڊ جي ته ڄاڻ نه آهي پر سمجهان ٿو ته شايد ڄامڙو صاحب يونيورسٽي جو به پهريون ئي شاگرد هوندو، جنهن جي يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽ ڪارڊ جي تصوير به اجرڪ ۽ ٽوپي واري آهي، جيڪا پنهنجي ثقافت جي اٿاهه گهرائي سان پيار جي علامت آهي. يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران اسٽوڊنٽ ڪارڊ ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي واري تصوير لڳائڻ تي توڙي جو يونيورسٽي انتظاميه پاران اعتراض به ڪيو ويو، پر انهيءَ باوجود هو جدوجهد ڪري ڪارڊ ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي واري تصوير لڳرائڻ ۾ ڪامياب ويو، انهيءَ واقعي جو ذڪر ڪندي ڪتاب ۾ لکن ٿا:
”جيڏانهن به ٽوئر تي وڃڻ ٿيندو هيو ته مان هميشه سنڌي ڊريس ۾ ويندو هيس. جڏهن اسٽوڊنٽ ڪارڊ ٺهڻ لاءِ فوٽو ورتا ويا ته مون اجرڪ جي پٽڪي سان فوٽو ڏنو، يونيورسٽي ايڊمنسٽريشن وارن انهيءَ تي اعتراض ڪيو ته فوٽو ٻيو ڏي، مون به اچي ضد ڪيو ته فوٽو مان صرف اهو ڏيندس. ڪافي ڏي وٺ ٿي، آخرڪار رجسٽرار وٽ پيشي ٿي ۽ چيائين ته فوٽو توکي ٻيو ڏيڻو پوندو. جنهن تي مون ورائي چيو ته فوٽو جيڪڏهن لڳندو ته صرف اهو اجرڪ جي پٽڪي وارو لڳندو، نه ته مونکي توهان جي ڪارڊ جي ڪابه ضرورت ناهي. معاملو وري به ڪو نه نبريو، آخرڪار مان مرحومه ڊاڪٽر مس ڪنيز فاطمه جيڪا اڳ ۾ وائيس چانسلر هئي، جنهن کي ڀٽي صاحب لڳايو هيو. جنرل ضياءَ جي مارشلا اچڻ سان کيس هٽائي هڪ پٺاڻ محمد هاشم کي رکيو ويو هيو. بهرحال ميڊم مس ڪنيز فاطمه کي وڃي عرض ڪيم ته بٽ صاحب جيڪو رجسٽرار هيو، انکي چئو ته منهنجي اسٽوڊنٽ ڪارڊ تي جيڪو مان فوٽو ڏيڻ ٿو چاهيان اهو هڻي ڏئي. مرحومه کي الله جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪريس، رجسٽرار کي فون ڪيو ۽ چيائينس ته ان فوٽو هڻڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟ سنڌ کان هڪ شاگرد آيو آهي، اسان وٽ سنڌ جي نمائندگي اڳ ئي ڪانهي. مان وڃي ٻيهر رجسٽرار سان مليس، مجبورن هن ڳالهه مڃي پر ڊپٽي رجسٽرار وري انڪار ڪيو، بعد ۾ رجسٽرار هن کي سختي سان حڪم ڏنو ته هي ضدي ڇوڪرو جيڪا تصوير چوي ٿو هڻي ڏيوس. پوءِ آخرڪار اجرڪ جي فوٽو سان منهنجو يونيورسٽي سان اسٽوڊنٽ وارو شناختي ڪارڊ جاري ڪيو ويو.“
اسان وٽ پاڪستان ۾ اڃا تائين لارڊ ميڪالي جو بڻايل تعليمي نظام هلي رهيو آهي. جيڪو نظام هن وقت ماحول سان بلڪل مطابقت نٿو رکي، جنهن ڪري تعليمي نظام تيزيءَ سان تباهي طرف وڌي رهيو آهي، اسان جي تعليمي نظام جي زوال جا ڪجهه سبب آهن. ڪجهه حقيقتون آهن، جن کي لڪائي نٿو سگهجي. اسان وٽ ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، موبائل فون، ٽيليويزن ۽ ريڊيو کان اهو ڪم نه ٿو ورتو وڃي، جيڪو ٻين ملڪن ۾ ميڊيا کان تعليم لاءِ ورتو وڃي ٿو. اسان وٽ ٽيليويزن تي گانا، ڊراما پيش ڪيا وڃن ٿا. جيڪي به اڪثر غير معياري هجن ٿا. نصاب موزون نه آهي، جيڪو نين حالتن جي تقاضائن مطابق نه آهي، مدي خارج آهي، جنهن سان اسان جي نسل جي صحيح رخ ۾ رهنمائي نٿي ٿئي. تعليمي ادارن ۾ تعليمي سهولتون ميسر نه آهن. جنهن ڪري شاگرد انفرادي توجه حاصل ڪرڻ کان قاصر آهي، استاد کي ايترو وقت نه آهي ته هو شاگردن تي انفرادي ڌيان ڏي، ماحول جو وڏو اثر ٿئي ٿو، اسان وٽ ماحول تعليمي نه آهي، لائبررين جي کوٽ آهي. استادن جون مقرريون سفارش ۽ رشوت جي بنياد تي ٿين ٿيون. ان ڪري نااهل ماڻهن جي ڀرمار آهي، جيڪي ڪم چور ۽ محنت کان پري ڀڄندڙ آهن. تعليم کاتي کي ٻين کاتن جي نسبت سهولتون تمام گهٽ آهن، انهن جون پگهارون گهٽ آهن، استاد سائيڊ بزنس يا وري ٽيوشن ڏي ڌيان ڏين ٿا. استادن جون يونينون آهن، جيڪي سدائين هڙتال لاءِ تيار هونديون آهن، پهريون حربو ڪلاسن جو بائيڪاٽ هوندو آهي، انهن جا عهديدار هڪ ٻئي خلاف سازشون ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ ۾ پورا هوندا آهن. ڪاپي عام جام آهي، استاد پاڻ شاگردن کي ڪاپي ڪرائين ٿا ۽ پنهنجي من پسند شاگردن کي پوزيشنون وٺي ڏين ٿا. تعليمي بورڊن ۾ مارڪون وڪرو ٿين ٿيون، مارڪن جي وڪري جي ڪاروبار جي ڪري بورڊ جا معمولي ڪلارڪ بنگلن ۾ رهن ٿا ۽ عاليشان گاڏين ۾ گهمن ٿا. اسڪولن جا آفيسر به سفارشي ۽ نا اهل مقرر ٿين ٿا، جيڪي گهر ويٺي امتحان جون شيون صحيح ڪن ٿا. منٿليون وٺن ٿا. باقاعده ڪرسيءَ جو ريٽ مقرر آهي. اهي شاگردن جي مستقبل سان کيڏن ٿا، قوم کي تباهه ڪن ٿا. ٻهراڙيءَ ۾ اسڪولن جي جاين تي وڏيرن ۽ پوليس وارن جو قبضو آهي. اسڪول يا گودام آهن يا وڏيرن جون اوطاقون، انهن جا رکرايل آنڱوٺي ڇاپ ماستر آهن، جي انهن جا ڪمدار آهن. ڪا به مضبوط تعليمي پاليسي نٿي جوڙي وڃي، انهيءَ صورتحال ۾ شاگرد ويچارا ڪري به ڇا سگهندا. شاگرد اسڪول وڃڻ بدران اجايو گهمن ڦرن ٿا، رلن ٿا، اجايو وقت وڃائين ٿا ۽ امتحانن ۾ ڪاپي ڪري، استادن ۽ بورڊ وارن کي پئسا ڏئي پاس ٿين ٿا، پوءِ جيڪڏهن انهن مان ڪو شاگرد وري اڳتي محنت ڪري ڪنهن يونيورسٽي تائين پهچي ٿو، ان کي ڪهڙين ڪهڙين پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، انهيءَ جو اندازو ڄامڙو صاحب جي هن لکڻيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو:
”منهنجي لاءِ سڀ کان وڏي ۾ وڏو چئلينج اهو هيو ته مان ڪيئن هن يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪريان؟ ڇو ته هاءِ اسڪول کان ويندي ايل ايل بي ڪرڻ تائين مان نوڪري به ڪندو رهيس ۽ ڪڏهن به ڪاليج ۽ يونيورسٽي جو ماحول مون ڪونه ڏٺو. وري منهنجي پاڪستان جي ٽاپ يونيورسٽي ۾ داخلا به ٿي، جتي سڀ هڪ ته وڏن فيملين جا ٻار ۽ سٺن انگلش ميڊيم مان تعليم حاصل ڪيل. اها بلڪل حقيقت آهي ته مون کي پهريان ته تمام گهڻي ڏکيائي پيش آئي. هڪ ته استاد گهڻا ٻاهرين ملڪ جا، ڪجهه برطانيه ۽ جرمني جا هيا، انهن جو آواز سمجهه ۾ ڏکيو، ٻيو وري مٿان انگلش ۾ سڀ ڪجهه، پاڻ سنڌي ميڊيم جا شاگرد. مونکي پاڻ تي تعجب ايندو هيو ته يار منهنجي هتي داخلا ڪيئن ٿي. الحمدلله لکڻ واري معاملي ۾ ڪم ڪڍي ويندا هياسين پر باقي انهن جي ڳالهائڻ جي لهجي اچي اسان کي منجهايو هيو. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪم ڏاڍو ڏکيو هيو پر ناممڪن ڪو نه هيو.“
مٿين سٽن مان سنڌ جي تعليمي ماحول جي ابتري جي بهترين عڪاسي ٿئي ٿي. پر انهيءَ باوجود ليکڪ محنت کي ئي پنهنجو هٿيار بڻايو، هن ڪڏهن به محنت جو دامن نه ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ئي هن اسلام آباد يونيورسٽي مان ڊگري به حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي چٽا ڀيٽي جي سڀ کان وڏو امتحان C.S.S پاس ڪري ڊي ايم جي (District Management Group) ۾ آفيسر بڻجي ديس واسين جي خدمت ڪئي. حڪيم لقمان جون پنهنجي پٽ کي ڪيل 100 نصيحتون تمام گهڻيون مشهور آهي، پر ليکڪ جڏهن سي ايس ايس پاس ڪري آفيسر بڻيو ته والد کيس پاڻ سان گڏ ويهاري جيڪي ست نصيحتون ڪيون، اُهي به حڪيم لقمان جي نصيحتن کان گهٽ ناهن، انهيءَ حوالي سان هن ڪتاب ۾ ليکڪ لکي ٿو:
”جنهن وقت سي ايس ايس جو رزلٽ آيو ۽ مون مسڪين کي الله جي ذات منهنجي حيثيت کان وڌيڪ عطا ڪندي ڊي ايم جي (District Management Group) جي پوسٽ ڏني. اها هڪ فطري ڳالهه آهي ته منهنجي والدين ۽ ٻين گهڻگهرن کي بي انتها خوشي ٿي. منهنجي والد صاحب رات جو اڪيلو مونکي سڏي پاڻ وٽ ويهاري ڪجھه نصيحتون ڪيون، جنهن تي مون ڪوشش ڪندي اڄ تائين الحمدلله انکي پوري ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي. منهنجي والد صاحب سڀ کان پهريان اها نصيحت ڪئي ته ڪنهن به حالت ۾ دنيا ۽ طاقت جي نشي ۾ ڪنهن جي دل آزاري نه ڪجائين. اسلام جي فرض جي قضا آهي، پر انسان جي دل کي رنجائڻ جي ڪابه قضا يا ڪفارو ڪونهي. هڪ قصو بيان ڪري ٻڌايائون ته هڪ دفعي حضرت معين الدين چشتي رح جن وٽ هڪ ماڻهو پري کان پنڌ ڪري سڪ ۽ وڏي محبت سان طعام کڻي آيو، جڏهن اهو پرديسي شخص چشتي صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته اهو طعام اچي اڳيان رکيائين ۽ بار بار عرض ڪيائون، سائين هي طعام کائو، پهريان ته چشتي صاحب ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، آخرڪار ان شخص جي بار بار عرض ڪرڻ تي چشتي صاحب طعام کائڻ خاطر هٿ وڌايو جنهن تي خادمن يادگيري ڏيارڻ خاطر عرض ڪيو ته سائين توهان کي ته روزو آهي، ايئن ته ناهي جو توهان کان وسري ويو هجي. چشتي صاحب فرمايو ته مونکي بلڪل ڄاڻ آهي ته مونکي روزو آهي. اها به خبر اٿم ته روزو ٽوڙڻ جو ڪفارو آهي. پر توهان کي شايد ان ڳالهه جو اندازو ناهي ته جيڪڏهن هن پري کان آيل دوست جي جذبي جو مون خيال نه ڪيو ۽ هن جي دل آزاري ٿي ته انجو ڪوئي ڪفارو ڪونهي. جيڪو الله جي ذات کي هرگز پسند ناهي. ٻيو ڪنهن به صورت ۾ لالچ نه ڪجائين. ٽيون اهو هميشه خيال رکجائين ته هڪ ڏينهن احڪم الحاڪمين جي درٻار ۾ پيش ٿيڻو آهي. چوٿون ست فوٽ زمين جي هيٺ وڃڻو آهي اتي توکي هٿين خالي وڃڻو آهي. پنجون برڪت حلال مال ۾ آهي، حرام جي مال ۾ برڪت ڪڏهن به ناهي. انهيءَ ڳالهه کي ذهن نشين ڪجائين ته حرام جي ڪمائي مان توکي ڪڏهن به سڪون ۽ برڪت ڪين ملندي. تنهن جي ڪري آسان ۽ حرام جي ڪمائي پٺيان ڪڏهن به نه وڃجانءِ. جيڪڏهن ويندين ته الله جي رحمت ۽ برڪت تنهنجي مٿان ختم ٿي ويندي. پوءِ سڀ کان پهريان تنهنجي عزت عوام جي دلين مان ختم ٿي ويندي ۽ مجبوري جي ڪري جيڪڏهن ڪو تنهنجي عزت ڪندو ته اها صرف چاپلوسي هوندي، جيڪا بقادار هرگز ڪين ٿي سگهي ٿي. ڇهون ته ڪڏهن به پنهنجي ذات سان دوکو ڪين ڪجائين. ستون بابا گرمي سرديءَ ۾ اسان ٻهراڙيءَ جا ماڻهو گرمي جي موسم ۾ پگهر ۾ شل هوندا آهيون، پوءِ ڪير به وڏي عمر وارو اچي ته اڳ ۾ اٿي انهيءَ کي ڀاڪر پائي ملندو ڪر، انهي جو ڪڏهن به خيال نه ڪجانءِ ته تنهنجا ڪپڙا يا استري خراب ٿي پوندي. تنهنجا ڪپڙا وري استري ٿي ويندا يا ڌوپندا پر جيڪڏهن تون انهن سان ايئن نه ملندين ته هنن جي دل ٽٽندي جنهن جو ڪوئي ڪفارو نٿو ادا ڪري سگهي. جنهن وقت منهنجي والد صاحب اها مونکي نصيحت ڀريا لفظ چئي ۽ واعدو ورتو ته تون انهي تي عمل ڪندين مان دل ۽ جان سان بابي سائين سان واعدو ڪيم ۽ بابو سائين ڏاڍو خوش ٿيو ۽ الله جي درٻار ۾ هٿ کڻي منهنجي ڪاميابي ۽ عزت جي لاءِ روئي الله کان دعا گهري.“
سائين محمد جمن ڄامڙو صاحب پنهنجي سموري سروس دوران پنهنجي والد جي نصيحتن تي من و عن سان عمل ڪيو، سموري سروس دوران سندس ڪردار انسان دوستي وارو رهيو، سدائين ٻين جي ڪم اچڻ واري واٽ تي رهيو، سندس سروس جو شروعاتي دور ايم آر ڊي جو دور هو، ايم آر ڊي جو گهڻو زور سنڌ ۾ هو، ڇاڪاڻ ته ايم آر ڊي جي شروعات به سنڌ کان ئي ٿي هئي، انهن ئي ڏهاڙن ۾ محمد جمن ڄامڙو صاحب به سنڌ جي ئي نوابشاهه ضلعي ۾ پنهنجو خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. انهيءَ دور ۾ به ماڻهن سان ڀلائي ۽ همدردي وارو ڪردار ادا ڪيو. ماڻهن کي اجايو گرفتار ڪرڻ، مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ يا کين سزائون ڏيارڻ بدران انهن جي بچاءُ ۾ جيڪو به وس پڄندو هئس اهو ڪندو هو، انهيءَ دور جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”پوري ايم آر ڊي تحريڪ دوران نوابشاهه سب ڊويزن مان هرروز جلوس نڪرندا هيا، سڀني پارٽين جو مون تي ايترو ته ڀروسو ٿي ويو هيو، جو جيڪي به جلوس نڪرندا هيا ته ٽائيم ۽ روٽ منهنجي مرضي يا صلاح مشوري سان ڪڍندا هيا. اها ڳالهه انچارج برگيڊيئر فاروق صاحب کي پسند ڪونه هئي ته جلوس ڇو ٿا نڪرن. هڪ دفعي مورو مان مونکي فون ڪري چيائين ته اڄ مان سٺ ميل، دوڙ ۽ ٻانڌي کان گذريم ۽ اتي صرف پ پ پ جا جهنڊا لڳا پيا آهن، ٻن ڏينهن کان پوءِ مان وري اتان گذرندم ۽ مونکي ڪوئي به جهنڊو لڳل نظر نه اچي. ٻيو ته اهي جلوس به بند ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن اڄ کان پوءِ ڪوئي جلوس نڪري ته فورس استعمال ڪري ختم ڪر، هيءُ منهنجو توکي بلينڪ چيڪ آهي. مون کيس چيو ته منهنجو ڪم آهي امن امان قائم ڪرڻ، جيڪڏهن جلوس ۾ ڪو سرڪاري يا خانگي ملڪيت سان هٿ چراند ڪندو ته مان بلڪل فورس استعمال ڪندس، باقي جلوس ختم ڪرڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي. تيزي سان ڳالهائيندي چيائين ته اهو منهنجو حڪم آهي ته جلوس ڪين نڪري، جيڪڏهن نڪري ته اتي جو اتي فورس استعمال ڪر ۽ جيڪڏهن ڪو مري ٿو ته مان ويٺو آهيان، اهو مان توکي بلينڪ چيڪ ٿو ڏيان. مون آرام سان کيس جواب ۾ چيو ته جيستائين مان هتي ايس ڊي ايم آهيان، تيستائين مان ڪوبه فورس استعمال ڪونه ڪندس، ها البته جيڪڏهن جلوس ڪڍڻ وارن مان ڪنهن به قسم جي گڙ ٻڙ ڪئي ته مان موقعي ۽ مناسبت سان فورس استعمال ڪندس. رهي ڳالهه توهان جي بلينڪ چيڪ جي، جڏهن اهو چيڪ ڪيش ٿيندو ته انهيءَ جو ميوزڪ اسان کي ڏسڻو پوندو ۽ توهان کان ڪير به ڪونه پڇندو. ٻيو ته جهنڊا پوري سنڌ ۾ لڳل آهن، مان جيڪڏهن جهنڊا لاهيندس ته معاملو خراب ٿيندو.“
مٿئين واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڄامڙو صاحب پنهنجي سروس وارو دور صرف ”جي حضوري“ ۾ نه گذاريو، هن هر مامري کي وڏي دور انديشي ۽ ماهراڻي نموني سان ڏسي انهيءَ کي حل ڪيو، ايم آر ڊي جهڙي دور ۾ به سندس رويو انسان دوستي وارو رهيو. هن مارشل لا جي دور ۾ به ماڻهن کي قانوني ۽ آئيني دائري ۾ رهندي کين رليف ڏنو، بالا آفيسرن جي هدايتن توڙي دٻاءُ باوجود هن ناانصافي ٿيڻ نه ڏني، انهيءَ دور ۾ به هن اظهار جي آزادي واري راءِ کي طاقت سان دٻائڻ جي مخالفت ڪئي ۽ ماڻهن جي جلسن ۽ جلوسن ۾ ڪڏهن به رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جنهن مان سندس انسان دوستي وارو ڪردار نمايان ٿئي ٿو.
سياست ممڪنات جي علم کي چيو ويندو آهي،هن ۾ ڪا به شئي اڻ ٿيڻي نه هوندي آهي، ۽ نه ئي وري ڪا شئي ناممڪن هوندي آهي،سياست ۾ ڪالهه جا دشمن اڄ جا بهترين دوست به ٿي ويندا آهن ته وري ڪالهه جا بهترين دوست اڄ جا سڀ کان وڏا مخالف ۽ دشمن به ٿي ويندا آهن. هن ڪتاب ۾ به موصوف ڪيترين ئي اهڙين ڳالهين جو انڪشاف ڪيو آهي، جيڪي نئين نسل لاءِ ته بلڪل حيرانگي جوڳا آهن،ڪتاب ۾ سياست جي ڪارگذارين جي به ڳالهه ڪئي وئي آهي ته سياسي ڪردارن جي چالن تي به لکيو ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جون هن وقت واڳون سنڀاليندڙ ۽ ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بابت نئين سياسي نسل کي گهٽ خبر هوندي ته سياسي ڪيريئر جي شروعات ۾ هو انهيءَ ئي پاڪستان پيپلز پارٽي جو تمام وڏو مخالف هو. سياسي ڪيريئر جي شروعات ۾ آصف علي زرداري چوندو هو ته هڪ ڏينهن هو وڏو ماڻهو ضرور ٿيندو.آصف علي زرداري جي سياست جي شروعات، پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ ۽ پيپلز پارٽي جي مخالفت ڪرڻ جي حوالي سان هڪ هنڌ ڪتاب ۾ لکي ٿو:
”1983ع ۾ لوڪل گورنمينٽ جي اليڪشن ٿي. جيئن ته ووٽ رجسٽريشن جو ان وقت ايس ڊي ايم وٽ اختيار هيو، ۽ اليڪشن ڪميشن ووٽ رجسٽر ڪرڻ جي تاريخ به پاڻ ڏيندي آهي ته اليڪشن کان اڳ رجسٽريشن فلاڻي تاريخ تي بند ٿيندي. رجسٽريشن بند ٿيڻ جي آخري ڏينهن تي سلام خان زرداري آيو ۽ چيائين ته اسان کي هڪ ووٽ داخل ڪرائڻو آهي. مون جواب ۾ چيو ته جلدي ڪريو. ڇو ته اڄ آخري تاريخ آهي ۽ لسٽون مٿي موڪلڻيون آهن. چيائين ته مان پنجن منٽن ۾ موٽي ٿو اچان. ٿوري دير کان پوءِ هڪ نوجوان کي ساڻ وٺي آيو ۽ چيائين ته سائين ايھه اساڏي رئيس دا ٻچا هي، بس قرب ڪرو. حاضر سائين، نالو ٻڌاءِ، ايڊريس وغيره. واقفيت ڪريائون ته آصف علي ولد حاڪم علي زرداري. مون ڪارروائي ڪري چانهه پياري. ووٽ داخل ٿيڻ کان پوءِ آصف صاحب جڏهن به ڪراچيءَ کان ايندا هيا ته ملاقات ٿيندي رهندي هئي. اڪثر سياسي معاملن تي به پنهنجي راءِ ڏيندو رهندو هيو. ان وقت پ پ جو سخت مخالف هيو، پر هميشه اهو ضرور چوندو هيو ته مان هڪ ڏينهن وڏو ماڻهو ٿيندس.“
قدرت جو ڪمال ڏسو،اهو ئي آصف علي زرداري جيڪو اڳ ۾ پ پ جو ڪٽر مخالف هو، هينئر پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪرتا ڌرتا آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ مملڪت پاڪستان جو 5 سال صدر رهيو. پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ سنڌ توڙي سنڌين سان جيڪي ڪرم نوازيون ڪيون ويون آهن، اهي ڪنهن کان به ڳجهيون نه آهن، انهيءَ تي گهڻو ڪجهه لکيو به ويو آهي ۽ اڃا به لکيو پيو وڃي پر شايد انهن لکڻين جو پارٽي قيادت جي رويي يا سندس طرز حڪمراني تي ڪو به فرق نه پيو آهي ۽ نه ئي پوڻو آهي، انهيءَ دور ۾ وفاق ۾ سنڌي ڪامورن سان ڪهڙا ڪلور ڪيا ويا انهن جو اکين ڏٺو شاهد هن ڪتاب جو ليکڪ آهي.انهيءَ حوالي سان هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي سائين محمد جمن ڄامڙو صاحب لکن ٿا:
”مارچ 2008ع ۾ جڏهن سيد يوسف رضا گيلاني صاحب وزيراعظم ٿيو ته ٿوري عرصي کان پوءِ پنجويهه ٽيهه سينيئر آفيسرن جي ٻاويهين گريڊ ۾ فيڊرل سيڪريٽري جي پروموشن لاءِ لسٽ تيار ٿي، جنهن ۾ پهريون دفعو يوسف رضا گيلاني صاحب اهڙي طرح لسٽ تيار ڪرائي، جنهن ۾ پاڪستان جي سڀني صوبن ويندي اترين علائقن تائين جي ماڻهن کي پروموشن ۾ برابر حصو ڏيڻ واري منصوبي تحت ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جا پنج ڇهه آفيسر به ان لسٽ ۾ شامل هيا. جن ۾ محمد يوسف ميمڻ، شبير ڏهر، مظهر سهتو ۽ ٻه ٽي ٻيا هيا، جن جا نالا هينئر ياد نٿا اچن. جڏهن اها لسٽ مٿي منظوريءَ لاءِ زرداري ڏي کڻي ويو ته ٻيا جيڪي به ان لسٽ ۾ نالا هيا، سي وڏي واقعي سان ها ڪري منظور ڪيا ويا، سواءِ سنڌي آفيسرن جي. سنڌ جي آفيسرن متعلق زباني هدايتون گيلاني صاحب کي مليون ته مان انهن سڀني آفيسرن کي سڃاڻان ٿو، تنهنڪري انهن جي پروموشن جو فيصلو مان پاڻ سوچي سمجهي ڪندس. اهڙيءَ طرح گهڻو ڪري چوويهه يا پنجويهه آفيسر گريڊ ٻاويهين ۾ فيڊرل سيڪريٽري ٿيا، انهن مان هڪ به سنڌي ڪونه هو. “
انهيءَ کان علاوه پيپلز پارٽي جي وفاق ۾ حڪمراني واري انهيءَ دور ۾ آفيسرن جي ترقين لاءِ ڪهڙا معيار ۽ ماپا هوندا هئا، مقرريون يا بدليون ڪيئن ٿينديون هيون.اعليٰ سطحي ترقيون،مقرريون ۽ بدليون ڪنهن جي هٿ ۾ هيون ۽ ڪهڙين بنيادن تي ٿينديون هيون،اهي سموريون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ بنا ڪنهن رک رکاءُ جي ڪيون ويون آهن. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر هن وقت نيب جي احتساب کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ هن ڪتاب ڇپجڻ واري مرحلي تائين هو جيل ۾ آهن، انهن تي جيڪي نيب ۾ الزام آهن انهن کي هو عدالتن ۾ منهن ڏئي رهياآهن.سنڌ سرڪار جي ڪاروهنوار ۾ آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي سڌي مداخلت جون ڳالهيون عام ٻڌندا هئاسين پر وفاق ۾ ترقين،مقررين ۽ بدلين جي حوالي سان فريال ٽالپر جي ڪردار جو ڪتاب ۾ پڙهي ماڻهو حيران ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو اهي ڳالهيون وفاقي سطح جو سيڪريٽري پنهنجي ڪتاب ۾ ڪري رهيو آهي.هو ڪتاب ۾ لکي ٿو:
”28 جولاءِ 2012ع تي ٻئي روزي سان پهريون دفعو زرداري هائوس لاءِ اسڪيمون ٺاهي وڃي اتي پهتس. اندر داخل ٿي اڳتي ويم ته آغا صاحب مليو، جنهن مونکي ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو. ڏهن پندرنهن منٽن کان پوءِ مونکي آغا وٺڻ آيو ۽ مان سندس پٺيان هلندو ويم، هڪ ڪمري جي در تي بيهي در کي ناڪ ڪيائين، اندران اچڻ جي اجازت ملي مان اندر ويس ته خبر پئي ته ميڊم جو بيڊ روم آهي. ميڊم فريال اڳئي اتي صوفه سيٽ تي ويٺي هئي، مونکي به صوفه سيٽ تي ويهڻ لاءِ چيائين. ڊريسنگ مان لڳي پيو ته ميڊم ننڊ مان اڃان تازي اٿي هئي. آغا واپس ٻاهر هليو ويو. مون کان پڇيائين ته ڪهڙيون اسڪيمون ٺاهي کڻي آيو آهين؟ مون فائيل کولي ٻڌايو ته هيءُ هيءُ اسڪيمون آهن. پڇيائين ته انهن مان سنڌ کي ڪهڙو فائدو پوندو؟ مون ٻڌايو ته هيءُ هيءُ فائدا سنڌ کي پوندا. مونکي چيائين ٻيو سنڌ کي ڪيترو فائدو ٿيندو؟ مان وري ٻڌايو ته انهن اسڪيمن جي ڪري هيءُ هيءُ فائدا ٿيندا. مونکي چيائين جيڪڏهن تون وزيراعظم آفيس ۾ هجين ته پوءِ سنڌ جي لاءِ ڇا ڪندين؟ ۽ ڪيترو فائدو ڏيندين؟ مون چيو ته وزيراعظم جي آفيس ۾ اسپيشل سيڪريٽري ته صرف وزيراعظم جي صوابديد فنڊن جي نگراني ڪندو آهي. وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ مان اهو ڪري سگهندس ته توهان مٿان فنڊ منظور ڪرايو، باقي فنڊز سنڌ تائين پهچائڻ ۾ تقريباً هفتو لڳي ويندو. تقريباً پندرنهن ويهه منٽ انهن ڳالهين ۾ گذريا ته وري آغا اندر آيو. مان فائيل اتي ڇڏي موڪلائڻ لاءِ چيو ۽ موڪلائي واپس روانو ٿي آيس. ٻن ڏينهن کان پوءِ سانگهڙ کان دوست جو فون آيو، جنهن ٻڌايو ته توکي خبر آهي ته ڇاجي ڪري زرداري هائوس توکي گهرايو هئائون؟ مون چيو ته مون کي ميسيج مليو ته ڪجهه سنڌ جي لاءِ اسڪيمون ٺاهي کڻي اچ، جيڪي مان کڻي ويو هيس، تنهن ٻڌايو ته توکان جڏهن پڇيائون ته سنڌ کي فائدو ڇا پوندو؟ انهيءَ جو مطلب تو سمجهيو ڪونه يا اڻڄاڻ ٿي وئين؟ سڌي ڳالهه هئي انهن کي خبر پئي ته تون رٽائر ٿي رهيو آهين، ايڪسٽينشن لاءِ چوندين ۽ ”ڏيڻ“ جي ڳالهه ٻولهه تي سنڌ کي فائدو پوي ها. مون دوست کي چيو ته ڀاءُ اڄ تائين نه اهڙو ڪم ڪيو آهي، نه ئي ڪرڻ جو شوق اٿم.“
سائين محمد جمن ڄامڙو توڙي جو پاڻ رٽائرڊ ڪامورو آهي، پر انهيءَ باوجود هن ڪامورا شاهيءَ جي ڪردار ۽ ڪارگذارين تي ڪوبه ڍڪ نه رکيو آهي، هن ”ڪامورڪين ڪوڙڪين“ ته به ڀرپور لکيو آهي، انهيءَ ۾ ڪٿي به ڪابه ڪنهن سان رعايت نه ڪئي آهي، عام طور تي چيو ويندو آهي ته تيل ترين مان ئي نڪرندو آهي، اهڙو اعتراف هن پنهنجي ڪتاب ۾ به ڪيو آهي. هن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته ڪامورن پاران ضلعي ۾ ٿيندڙ ڪنهن به وي آءِ پي موومينٽ يا وري ڪنهن به پروگرام ۾ بجيٽ کان علاوه جيڪو به خرچ ڪيو ويندو آهي، انهيءَ جو بار ضلعي جي سمورن تپيدارن تي تپي جي حساب سان رکيو ويندو آهي، جيڪي وري اهو سمورو حساب آبادگارن مان ئي ڪڍندا آهن. انهيءَ حوالي سان هڪ هنڌ لکي ٿو:
”ڊسٽرڪٽ ۾ جڏهن به وي وي آئي پي ايندو آهي ته لکين روپيه خرچ ٿيندا آهن ۽ بجيٽ ۾ انهي لاءِ هڪ ٽڪو به ڪونه رکيو ويندو آهي. 1983ع ۾ جڏهن پريزيڊنٽ ضياءَ دوري تي آيو هيو، سندس ڊنر سائين نظر شاهه وٽ هو، تنهن جي باوجود هڪ لک ۽ ڪجهه هزار روپيه خرچ آيو هيو. هينئر ته سڀ شئي مهانگي ٿي وئي آهي، تنهنڪري انکان ڪافي وڌيڪ هوندو.اُهو خرچ، گاڏيون ارينج ڪرڻ، انهن جو تيل پاڻي، سرڪٽ هائوس تي شاميانا، ٿڌي مٺي پاڻي، چانهه ماني، گفٽ، سيڪيورٽي ۽ ٻين ڊيوٽين تي آيل ماڻهن جي رهڻ ۽ کائڻ پيئڻ وغيره وغيره تي خرچ ٿيندو آهي. جيئن ته سرڪار جي طرفان انهي سلسلي ۾ ڪجهه به ڪين ڏنو ويندو آهي. تنهنڪري اسين اهو ٽوٽل خرچ جوڙ ڪري تپيدارن تي تپن جي حساب سان خرچ ورهائيندا آهيون. جنهن جو بار سڌو سنئون ضلعي جي آبادگارن تي پوندو آهي ۽ اهو نظام شروع کان ايئن هلندو پيو اچي.“
انهيءَ کان علاوه هن ڪتاب ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ ۾ ڪيترائي اهم انڪشاف ۽ اهڙيون ڳالهيون، واقعا ۽ تجربا بيان ڪيا ويا آهن، جيڪي اڳ ۾ پڙهندڙن کي شايد ئي پڙهڻ لاءِ مليا هجن. هن ڪتاب ۾ ڄامڙو صاحب پنهنجي سروس جا سمورا تجربا به شيئر ڪيا آهن ته آفيسرن سان عام ماڻهن ۽ حڪمرانن جي ورتاءَ تي به تفصيلي لکيو ويو آهي. سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين ڪتاب ايم آر ڊي کان وٺي اڄ تائين جي انتظامي ۽ حڪمراني جي مشاهدي جو تفصيلي دستاويز آهي، جنهن ۾ ضياءُ الحق جي آمراڻي حڪمراني واري دور،پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي سمورن حڪمراني وارن دورن جو به جائزو ورتو ويو آهي.پيپلز پارٽي جي ٻئي حڪومتي دور جي خاتمي کان پوءِ نواز ليگ جي وفاق ۽ سنڌ ۾ حڪمراني وارن ڏهاڙن ۾ ايم ڪيو ايم کي مڪمل ڇوٽ ڏيڻ، انهن جي قيدين کي آزادي ڏيارڻ، لياقت جتوئي جي وڏ وزارت ۾ ايم ڪيو ايم جي صوبي تي حڪمراني هئڻ کان وٺي وفاق ۾ نواز ليگ جي وفاقي وزير صديق الفاروق پاران سنڌي آفيسرن کي ناپسنديده قرار ڏيڻ، سنڌي آفيسر کي ڪامرس منسٽري ۾ نه رکڻ يا وري اسلام آباد ۾ نوڪري لاءِ پنجاب جو پٽ يا نياڻو ضروري هئڻ وارن مضمونن ۾ بلڪل دليري ۽ بي باڪي سان لکيو ويو آهي.
حقيقت ۾ ”سپاهيءَ کان وفاقي سيڪريٽري تائين“ ڪتاب ملڪ جي انتظامي ۽ حڪمراني واري طرز جو هڪ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو پڙهندڙن کي شايد اڳ ۾ ڪڏهن به پڙهڻ لاءِ نه مليو هجي. هن وقت مڪمل طور تي ڊپريسڊ معاشري جي نوجوانن کي هيءَ ڪتاب پڙهڻ سان منزل طرف وڌڻ لاءِ همٿ افزائي جو ڏس به ملندو ته جدوجهد ۽ جستجو سان منزل ماڻڻ وارو خواب ساڀيان ٿيندي به نظر ايندو.آئون اهڙو ڪتاب لکڻ تي ليکڪ سائين محمد جمن ڄامڙو صاحب کي جس ڏيندس، گڏوگڏ اها به دعا ڪندس ته شال ڄامڙو صاحب جو قلم ائين ئي هلندو رهي ۽ نوجوان نسل جي همٿ افزائي ٿيندي رهي.

وهاب جروار
ڪراچي
24 آڪٽوبر 2019ع

ڪتاب جو متن

---

منهنجو خاندان

ڪافي ڏينھن کان دوستن جي طرفان ميسيج پيا ملن ته مان پنھنجي زندگيءَ جي گذريل سفر متعلق ڪجھه ٻڌايان. مونکي سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڪٿان ۽ ڪيئن شروع ڪريان. بھرحال جيڪو منھنجو حال آهي، ڪجھه هتي لکان ٿو. اميد ته توهان دوست منھنجي رهنمائي ڪندا، ڇو ته منھنجو اهڙو ڪوبه لکڻ جو تجربو ناهي.
الحمدلله مان هڪ هاري جو پٽ آهيان، پنھنجي وڏن کي ايتري زمين هئي، جو ڪنھن ٻئي جو هارپو ڪونه ڪندا هيا ۽ پنھنجي مڇي مانيءَ وارا ۽ وڏن جي اوطاق آباد هئي جيڪا اڄ تائين آباد آهي. اباڻو ڳوٺ گمبٽ شھر کان اولهه طرف اڳڙا روڊ تي 3 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ حاجي غلام جعفر ڄامڙو جي نالي سان ديھه ڄامڙا ۾ آهي. هتي منهنجو پڙڏاڏو روهڙي تعلقي جي علائقي بڪار مان لڏي آيو. بڪار ۾ اسانجي وڏن جا چار کوه هيا، پر اتان جي سيدن سان ڪنھن اڻبڻت جي ڪري هنن پنھنجو اباڻو ماڳ ڇڏيو. اسانجي پڙ ڏاڏي جو نالو لعل خان هيو ۽ ٻيو انجو ننڍو ڀاءُ ڪمال خان، انھن جي والد جو نالو نالي چڱو عرف شھزور سان مشھور هيو، ڇاڪاڻ ته پاڻ پھلوان هيا جنھن ڪري کيس شھزور سڏيندا هيا.
اسانجو پڙڏاڏو لعل خان ڳوٺ ڄامڙا ۾ اچي آباد ٿيو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ اتر طرف ويو، پوءِ خبر ناهي ته گھوٽڪي ضلعي جي ڪھڙي ڳوٺ يا شھر ۾ وڃي آباد ٿيو، انھن جو اسان سان ڪوبه رابطو ناهي. بھرحال اسان جي پڙ ڏاڏي کي چار پٽ ڄاوا، جن جا نالا هيءُ آهن.
صاحب خان، نالي چڱو، سعيد خان ۽ دوست علي عرف دوس
مان صاحب خان جي لڙيءَ مان آهيان . ڏاڏو صاحب خان 1938 ۾ فوت ٿي ويو، پنھنجي آسپاس جي سڀني برادرين سان تمام بھترين دوستي وارا ناتا هيس ۽ وڏي قدر جي نگاه سان ٺاتو سڃاتو ويندو هيو.منھنجو والد ڏاڏي صاحب خان جي ٽئين گھرواري مان هيا. ڇوته انکان اڳ اسانجي ڏاڏي جون ٻئي گھرواريون فوت ٿي ويون هيون ۽ سندس هڪ فرزند به فوت ٿي ويو هيو تنھنڪري ٽئين شادي ڪيائون . منھنجو والد حاجي غلام جعفر تقريباً 115 کان 120 سالن جي درميان واري عمر ۾ سال 2008ع مئي 25 تي اسان کي هميشه لاءِ ڇڏي اصل ماڳ ڏانھن ويا. الله سڀني جي بزرگوارن کي جنت الفردوس عطا ڪري. آمين يارب العالمين. منھنجي والد صاحب کي به پنھنجي تر ۾ وڏي عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو هيو.
منھنجي والد صاحب 2 شاديون ڪيون ۽ الحمدلله ٻارهن پٽ ٿيا. جن مان اٺن پٽن جو اولاد آهي، باقي چار فرزند پنھنجي ننڍپڻ ۾ الله کي پيارا ٿي ويا. پنج نياڻيون ٿيون، جن مان ٻن جي اولاد آهي.
مان پنھنجي ڀائرن ۾ ڇھين نمبر تي آهيان. منھنجي وڏن ڀائرن مان چئن پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي، سڀ کان وڏو ڀاءُ تعليم کان بغير رهيو. مونکان ٻنھي ننڍن ڀائرن پوسٽ گريجوئيشن ڪئي ۽ پاڪستان اسٽيل ۾ جاب شروع ڪيو.
مون پرائمري تعليم ڳوٺ وڏيرو مينھون خان ڄامڙو ۾ حاصل ڪئي، سيڪنڊري تعليم لاءِ گورنمينٽ مراد هاءِ اسڪول گمبٽ ۾ داخل ٿيس. 1970۾ ميٽرڪ پاس ڪيم.
1970ع جي جولاءِ ۾ جيئن ون يونٽ ختم ٿيو ته اسان به مئيٽرڪ پاس ڪئي هئي، تنھنڪري جن به شاگردن سيڪنڊ ڪلاس ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي هئي. انهن سڀني شاگردن کي گھر ويٺي ايس وي ٽيچر جا آرڊر اچي مليا. ان لاءِ اسان اپلاءِ به ڪونه ڪيو هيو. بھرڪيف اسان کي ايس وي ٽيچرس ٽريننگ لاءِ خيرپور وڃڻ لاءِ چيو ويو، اسان جي خوشي جي ڪا انتھا ڪانه هئي، ۽ زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ريل گاڏيءَ تي چڙهڻ جو موقعو مليو. گمبٽ، کھڙا ۽ ڀرپاسي جا تقريباً ويھارو کن دوست هرروز ريل گاڏي رستي ايندا ويندا هياسين. گمبٽ ريلوي اسٽيشن اسانجي ڳوٺ کان 6 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، سو صبح جو سوير، گھران پنڌ نڪري اچي سنگت سان اسٽيشن تي پھچندا هياسين. خيرپور اسٽيشن کان پنج گولو تائين تقريباً ٻن ڪلوميٽرن جو فاصلو پيرين پند ڪري وينداهياسين. يعني ريل گاڏي کان علاوه اسين هرروز اوٽ موٽ سورهن ڪلوميٽر پنڌ ڪنداهياسين. جنھن ۾ ڇھه ڪلوميٽر ڪچو رستو ڳوٺ کان گمبٽ تائين به شامل هيو.

فوج ۾ ڀرتي

1971ع فيبروري ۾ ايس وي ٽيچر جي ٽريننگ کي ڇڏي محرابپور ريلوي اسٽيشن جي ريسٽ هائوس تي پھچي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويس. 25 فيبروري 1971ع تي سگنلز ٽريننگ سينٽر ڪوهاٽ رپورٽ ڪيم. ان وقت سنڌ ۽ بلوچستان جي سگنلز ۾ اڍائي سيڪڙو ڪوٽا هئي، ان تي هميشه سنڌ ۾ آباد پنجابي ڀرتي ٿيندا هيا. اصل رهاڪو سنڌ جو سنڌي مان پھريون هيس، جيڪو ڪوهاٽ پھتم. ٽريننگ دوران ميپ ريڊنگ جو ڪلاس پئي ٿيو ۽ مونکي اردو لکڻ ڪونه پئي آئي، تنھنڪري سڀ نوٽ سنڌي ۾ پئي لکيا، جنھن وقت مون نوٽ پئي لکيا ته هڪ ڪيپٽن مٿان اچي بيٺو ۽ چوڻ لڳو ته هي ڪھڙي زبان ۾ ٿو لکين؟ مون چيو ته سنڌي ۾. ته ڪيپٽن پڇيو ته تون سنڌي آهين؟ مون چيو هائو. ڪيپٽن پاڻ بنگالي هيو، چيائين ته ڀڄي ته ڪو نه ويندين؟ مون چيومانس ته سائين مان انشاءَ الله جنرل ليفٽيننٽ ٿيندم، تنھن تي ڪيپٽن چيو ته ليفٽيننٽ جنرل چئبو آهي، نڪي جنرل ليفٽيننٽ. الله سائين جو ڪرڻ اهو ٿيو جو، مان ليفٽيننٽ جنرل ته ڪونه ٿيس پر انجي بلڪل برابر واري سول رينڪ (فيڊرل سيڪريٽري) ۾ الله سائين مونکي پھچايو. مان فوج ۾ سپاهيءَ جي هوندي پنھنجي پرائيويٽ تعليم جاري رکي. 1971ع جي ايمرجنسي ڪري مان فرسٽ ايئر جو امتحان ڏئي ڪونه سگھيس، پوءِ 1972ع ۾ ٻئي گڏي امتحان ڏنا ۽ الحمدلله سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿي ويس. 1973ع ۾ پاڪستان آرمي ۾ ڪميشن لاءِ ٽيسٽ ۾ ويٺم ۽ ٽيسٽ پاس ڪئي، پر اڳتي هلي ميڊيڪل گرائونڊ تي رجيڪٽ ڪيائون ته تنھنجون اکيون صحيح ناهن، جنھن تي مون اپلاءِ ڪيو ته پوءِ مونکي ميڊيڪل جي بنياد تي فوج مان رٽائر ڪيو وڃي، جنھن تي اهو جواب مليو ته تون ميڊيڪلي طور سپاهي لاءِ بلڪل فٽ آهين، صرف آفيسر جي لاءِ انفٽ آهين. 1974ع ۾ بي اي پرائيويٽ سيڪنڊ ڪلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيم. ڊسمبر 1974ع فوجي قيدي واپس اچڻ ڪري آپشن گھريا ويا ۽ مان فوج کي خدا حافظ چئي نڪري آيس.

فوجي نوڪريءَ مان موڪلاڻي

ڊسمبر 1974ع جي آخري هفتي ۾ مان ڪراچي ويس، اتفاق سان اسان جي يونٽ جا ڪجھه اين سي اوز (نان ڪمشنڊ آفيسر) ايئرپورٽ جي علائقي ۾ اين سي ٽريننگ لاءِ مقرر ٿيا هيا، سو منھنجو انھن سان ملڻ ٿيو، تن ٻڌايو ته سڀاڻي پي آءِ اي ۾ ايئر ٽڪيٽنگ سپروائيزر جي پوسٽ لاءِ آخري تاريخ درخواست وصول ڪرڻ جي آهي. مون ٻئي ڏينهن وڃي اپلاءِ ڪيو. فيبروري 1975ع ۾ پاڪستان اسٽيل ملز ۾ جونيئر ڪلارڪ جي نوڪري ملي. آفيس تنھن وقت سٽي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان اسٽيٽ لائيف بلڊنگ نمبر 2 جي 4 ۽ 5 فلورز تي هوندي هئي. آگسٽ يا سيٽمبر ۾ پي آئي اي جي پوسٽ لاءِ لکت ۾ ٽيسٽ ٿي، جيڪا مون پاس ڪئي، ڊسمبر ۾ وري انٽرويو ٿيا. ڊسمبر 1975 ۾ اسلام آباد يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ اشتهار آيو مون به اپلاءِ ڪيو. 15 جنوري 1976 تي اسلام آباد ٽيسٽ لاءِ گھرايو ويو، لکت ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويو ٿيو، واپس موٽي آيم، 25 فيبروري 1976 تي صبح جو آفيس ۾ اچي ٻه ليٽر مليا، هڪڙو پي آئي اي ۾ نوڪري جو آرڊر ۽ ٻيو اسلام آباد يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي وڃڻ جو، جنھن ۾ 200 روپيه ميرٽ اسڪالرشب سان گڏ هئي. اسٽيل مل ۾ مونکي 650 ساڍا ڇهه سو روپيه پگھار ملي پئي، پي آءِ اي ۾ اٺ سؤ رپين کان ڪجھه مٿي هئي. مون ڳوٺ وڃي بابي سائين کي چيو ته بابا مان پڙهڻ لاءِ اسلام آباد وڃڻ ٿو چاهيان. بابو سائين سوچ ويچار ۾ پئجي ويو ته اسلام آباد ۾ اتي اسانجو ڪو واقف نه وڙو، سڀاڻي توکي ڪا ڏکيائي ٿئي ته پوءِ ڇا ٿيندو. ايتري ۾ منھنجو ٻيو نمبروڏو ڀاءُ آيو، بابي سائين ادي کي چيو جمن ايئن ٿو چوي، تنھنجو ڇا خيال آهي؟ منھنجي ڀاءُ جنھن جو نالو بدرالدين آهي، تنھن چيو ته بابا جمن جيڪڏهن پڙهڻ چاهي ٿو ته موڪليوس، باقي خرچ وغيره لاءِ مان سڀ ڪجھه پاڻ ڪندس، چاهي مونکي پاڻ کي گروي رکڻو پوي ته به مان خرچ ڪندس. جيئن ته اسين سڀ ڀائر ۽ سوٽ هڪ گھر ۾ رهندا هياسين، منھنجي ڀاءُ بدرالدين ٿورو عرصو اڳ ۾ بابا کي مڃايو ته اسان ڇھن ڀائرن کي علحده ڪيو ۽ زمين وغيره ڌار ڏيو، جيڪا سڀني چاچن، ڀائرن۽ سوٽن صلاح ڪري اهو فيصلو ڪيو ته اسان ڇھه ڀائر جيڪي هڪ ماءُ مان هياسين، هڪ علحده گھر ۾ رهڻ لاءِ جڳهه ڏني وئي، باقي اوطاق وغيره هڪ جيڪا بابي سائين جي زندگي تائين هڪ رهي ۽ ٻاهر برادري ۾ ايئن هميشه هڪ سمجھندا رهيا. الحمدلله اڄ تائين به اسان سڀني ڀائرن ۽ سوٽن ۾ هڪ ڳالھه آهي. جيئن ته مان ڀاءُ بدرالدين سان هيس، تنھنڪري انھي منھنجي پڙهائي واري خواهش کي پوري ڪرڻ جي حامي ڀري. اسانجي ڏاڏي کي تقريباً چاليھه جريب زمين مال متاع جام حصي ۾ آيو، جنھن جا وارث بابو ۽ هڪ چاچو ٿيا . بابو ۽ چاچو پوءِ پنھنجي حال سارو ڪجھه زمين خريد ڪندا رهيا. اسان ڇھن ڀائرن کي ٽيويھه جريب زمين ۽ مال رزق حصي ۾ مليو ۽ اسانجي ٻن ڀائرن کي حصي کان ڇھ ست جريب وڌيڪ ملي، جو اسان جي وڏو ڀاءُ جي صحت ٺيڪ ڪو نه رهندي هئي، انھيءَ ڪري سڀني ڀائرن ۽ سوٽن اهو پاڻ ۾ فيصلو ڪيو. منھنجو والد ۽ چاچو پاڻ ۾ ڀائرن کان وڌيڪ عاشق ۽ معشوق وانگر هڪٻئي سان محبت ڪندا هيا. الله سڀني جي بزرگن کي جنت الفردوس عطا ڪري. آمين يارب العالمين.

اسلام آباد يونيورسٽيءَ ۾ داخلا

28 فيبروري 1976ع تي اچي اسلام آباد يونيورسٽي پھتاسين. جنھن وقت مان اسلام آباد يونيورسٽي آيم ته اسان پوري يونيورسٽي ۾ صرف ٻه سنڌي شاگرد هياسين. اسان کان اڳم ايڪانامڪس شعبي مان ميڊم شمشاد اختر ماسٽرس ڪئي، جيڪا بعد گورنر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ٿي. 25 ڊسمبر 1976ع تي ڀٽي صاحب اسلام آباد يونيورسٽي اچي انهيءَ جو نالو تبديل ڪري قائد اعظم يونيورسٽي رکيو.
الحمدلله هينئر قائداعظم يونيورسٽي ۾ پنج ڇھ سو سنڌي شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهن ٿيون ۽ داخلا لاءِ ڪوٽا مقرر آهي، جنھن وقت اسان آيا هياسين انوقت صرف پاڪستان ليول تي ميرٽ هئي .
الحمدلله پنھنجي نوڪري جي دوران L.L.B جي تياري شروع ڪري ڏني هئي ۽ داخلا خيرپور لا ڪاليج ۾ ورتي هئي، پر ڪلاس ڪڏهن اٽينڊ ڪونه ڪيو هيو، باقي فيس ادا ڪندو هيم. شام جو چوري S M LAW COLLEGE ۾ وڃي ڪلاس اٽينڊ ڪندو هيم ۽ هنن ڪڏهن به مونکان ڪونه پڇيو ته آيا تون هتي داخل آهين يا نه . 1976ع ۾ ايل ايل بي جو امتحان سنڌ يونيورسٽي مان ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيم.
اسلام آباد ۾ پڙهائي جي دوران اسلام آباد يونيورسٽي کي نيڌرلينڊ گورنمينٽ جي طرفان ٻه اسڪالرشپس آيون، جنھن ۾ هڪ سوشل سائنس جي اسٽوڊنٽ لاءِ، پر لا گريجوئيٽ هجڻ شرط هيو. پوري اسلام آباد يونيورسٽي ۾ مونکان علاوه ڪوئي به ايل ايل بي پاس ڪونه هيو، تنھن ڪري منھنجي نامينيشن ايجوڪيشن منسٽري ڏانهن موڪلي وئي، جنھن ۾ مان پرنسپل اميدوار ۽ ٻيو بھاءُالدين زڪريا يونيورسٽي ملتان جو الٽرنيٽ ڪينڊيڊيٽ هيو. هاڻي مون پڪو دل ۾ پھ ڪيو ته ان اسڪالرشپ کان پوءِ بار ائيٽ لا ڪندس. پر الله کي منظور ڪجھه ٻيو هيو. مان هر هفتي منسٽري ايجوڪيشن جو چڪر هڻندو هيس، اتان جو اسسٽنٽ ۽ سيڪشن آفيسر هميشه اهو دلاسو ڏيندا رهيا ته بس جيئن ليٽر ايندو توکي موڪلينداسين، خبر تڏهن پئي جو الٽرنيٽ هليو ويو ۽ منھنجي ڪنفرميشن جو آيل ليٽر پاڻ وٽ رکي، هوڏانهن جواب موڪليائون ته پرنسپل ڪينڊيڊيٽ نٿو وڃڻ چاهي لحاظ الٽرنيٽ کي قبول ڪيووڃي.
1978ع تي ڳوٺ اچڻ ٿيو، هلال پاڪستان اخبار ۾ اشتھار هيو ته سترهين گريڊ لاءِ چٽا ڀيٽي واري امتحان لاءِ درخواستون گھربل آهن. اسلام آباد اچي فارم ورتم، جنھن ۾ وڌ ۾ وڌ عمر 25 سال هئي، مان 25 سالن کان وڏو ٿي ويو هيس، تنھنڪري مونکي فوج جي نوڪري ڪري ٻه سال ملي ويا، جنھن لاءِ درخواست ڊفينس منسٽري جي معرفت موڪلڻ گھربل هئي. مان هروز لڳاتار چوڏهن ڏينھن يونيورسٽي کان روالپنڊي منسٽري ڊفينس وڃي ڪڏهن هڪڙي سيڪشن ۾ وري ڪنھن ٻئي سيڪشن ۾ آخر ڪار اهو جواب مليو ته منسٽري صرف آفيسرس کي ڊيل ڪندي آهي او آر (other ranks)کي منسٽري ڪانه ڊيل ڪندي آهي. آخر ۾ هڪ جھونو پٽيوالو اهو لڪاءُ پيو ڏسندو هيو ته سڄو ڏينھن اڃ بک تي اچي ٿو، ڪم ڪونه ٿو ٿئيس، ان صلاح ڏني ته تون وڃ ۽ ڊسٽرڪٽ آرمڊ سولجر بورڊ کان دستخط ڪراءِ هاڻي باقي هڪ ڏينھن وڃي پچيو هيو سو مون چيو ته هينئر ته ٽايئم آهي ڪونه، جو واپس وڃان خيرپور، ۽ انکان دستخط ڪرايان، وري واپس اچي فارم جمع ڪرايان تنھن تي هن صلاح ڏني ته ڪوئي فرق ڪونه ٿو پوي پنڊي واري آفيسر ڏانهن وڃ. ٻڌايائين ته گارڊن ڪاليج وٽ لياقت باغ جي سامھون آفيس آهي. مان صبح سوير وڃي پھتس ڇوته اهو آخري ڏينھن هو فارم جمع ڪرائڻ جو.

سي ايس ايس جي اِمتحان ۾ پهرين پوزيشن

ٻئي ڏينھن صبح جو سوير جڏهن مان ڊسٽرڪٽ آرمڊ سولجر بورڊ راولپنڊي آيس ته اڃان ميجر صاحب اتي ڪونه پھتو هيو. ٿوري دير کان پوءِ ميجر صاحب آيو ۽ مون وڃي کيس اچڻ جو سبب بيان ڪيو ۽ کيس آرمي جو ڊسچارج سرٽيفڪيٽ ڏيکاريو، ڪاغذ پٽ چيڪ ڪرڻ کان پوءِ پڇيائين ته تون سنڌي آهين؟ مون کيس هاڪار ۾ جواب ڏنو ته هڪدم هنجو لھجو بدلجي ويو ۽ ڀٽي صاحب جي خلاف ڳالھائڻ شروع ڪيائين. دل ۾ ته مونکي به پھريان ڏاڍو غصو آيو پر پوءِ هڪدم خيال ۾ آيو ته اڄ فارم ڀرائي جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ آهي، جيڪڏهن مون ڪوبه جواب ڏنو ته هي فارم تي صحيح ڪو نه ڪندو، تنھن ڪري بھتري انھيءَ ۾ آهي ته صُمٌّ بُكْمٌ عُمْيٌ فَهُـمْ لَا يَرْجِعُوْنَ ٿي وڃان. ٿوري دير کان پوءِ وري پڇيائين ته تون سنڌي آهين؟ مون جواب ۾ هاڪار ڪئي، وري ڀٽو صاحب کي وڌيڪ برو ڀلو ڳالھائڻ لڳو. مان خاموش جيئن ڪڪڙ مٿان پاڻي هاريو ويو هجي. اهو سلسلو ظھر نماز تائين هلندو رهيو. ڪڏهن ڀٽي صاحب تي ته وري بيگم ڀٽو صاحب تي ڇوھ ڇنڊيندو رهيو، وڏي ڳالھه ته مان به دل ئي دل ۾ هن جي هرلفظ کي هزارن سان ضرب ڏئي پنھنجي ڪاوڙ ختم پي ڪئي، آخرڪار چيائين هل نماز لاءِ، مان به ميجر صاحب جي پويان هلندو وڃي مسجد ڀيڙا ٿيس، ظھر نماز گڏ پڙهي پوءِ واپس اچي فارم وٺي صحيح ڪري ٺپو هڻي ڏنائين.
فارم کڻي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس ڏانهن ڊوڙ پاتي، انھي وقت ايف پي ايس سي جي آفيس راولپنڊي پي سي هوٽل کان ڏکڻ طرف افتخار چيمبرس ۾ هوندي هئي، آخري ڏينھن جي ڪري رش جام هئي وڃي، قطار ۾ بيٺس ۽ ٿوري دير کان پوءِ فارم جمع ٿيو ۽ يونيورسٽي واپس موٽي اچي تياري شروع ڪري ڏني، يونيورسٽي ۾ منھنجو آخري سيمسٽر هيو ۽ گڏوگڏ سي ايس ايس جي لاءِ ڪتاب ورتا، لائبرري مان ڪجھه ڪتاب ملندا هيا. تياري ٻنھي امتحانن جي لاءِ شروع ڪيم، ڇوته انوقت اهو اصول هيو ته جيڪڏهن فائينل سيمسٽر ۾ ڪن به ٻن سبجيڪٽس ۾ فيل ٿيو ته ايڊميشن ڪينسل ۽ وڃي گھر ڀيڙو ٿئي. تنھنڪري منھنجي لاءِ ضروري هيو ته ڊگري کي وڌيڪ اهميت ڏيان. اتفاق سان سي ايس ايس جي امتحان جو شيڊول ظاهر ٿيو ۽ ٻئي پاسي يونيورسٽي به امتحانن جو پروگرام پڌرو ڪيو. سنڌي ۾ چوندا آهن ته ڏٻري ڍور تي مڇربه گھڻا، پاڻ سان به اچي اهو حساب ٿيو. سومر کان ڇنڇر ڇھن ڏينھن ۾ سي ايس ايس جا ٻارهن پيپر صبح شام بغير وقفي جي ختم. وري سومر کان ايم ايس سي فائنل جا پيپر شروع، يعني صرف هڪ ڏينھن آچر جو وقفو. مان چيئرمين ڊپارٽمينٽ کي عرض ڪيو ته سائين توهان سومر واري پيپر کي ريشيڊول ڪيو ته جيئن مان سي ايس ايس جي امتحان ۾ ويھان. جنھن تي جواب بلڪل انڪار ۾ مليو، جڏهن ته اسان جي ڊپارٽمينٽ مان ٻيا به سي ايس ايس جي امتحان لاءِ ويٺا، انھن کي پيپر انھن جي مرضي مطابق ريشيڊول ڪري ڏنا ويا.
توڪل برخدا رکندي رات جو ايم ايس سي جي تياري ڪندو هيم ۽ صبح جو پيپر سي ايس ايس جو ڏئي ايندو هيم. يعني سي ايس ايس جي امتحانن واري عرصي ۾ تياري يونيورسٽي امتحان جي ڪندو هيس، باقي تجربي حاصل ڪرڻ لاءِ امتحان سي ايس ايس جو ڏيڻ شروع ڪيم. منھجي مالڪ ڪريم پنھجي فضل سان مونکي ٻنھي امتحانن ۾ ڪامياب ڪيو.
الحمدلله منھنجي اميد کان وڌيڪ مالڪ سائين ڪاميابي عطا ڪئي. سنڌ رورل مان لکت واري امتحان ۾ منھنجي پھرين پوزيشن هئي، جنھنجي مونکي خبر ڪانه هئي، پر اسان جي هڪ دوست کي خبر پئجي وئي، ڇوته هن به مونسان گڏ سي ايس ايس جو امتحان ڏنو هيو پر هن مونکي ڪڏهن به ڪونه ٻڌايو . ان وقت ڏهه سيٽون ڊي ايم جي لاءِ تجويز ھيون. مردان جي هوتي خاندان جا ٻه ڇوڪرا به امتحان ۾ پاس ٿيا هيا انھن جنرل ضياءَ کي چيو ته سيٽون وڌايو يا اسانجي ٻارن مان ڪنهن هڪ کي ڊي ايم جي ڏيو. جنرل ضياءَ هوتي جي چوڻ ڪري پندرهن سيٽون وڌرائڻ لاءِ حڪم ڪيو پر انھن جي حساب سان انھن جو معاملو صحيح نه پئي ٿيو، تنھنڪري ويھه سيٽون ڊي ايم جي جون منظور ڪيون ويون. جڏهن صرف ڏهه ڊي ايم جي جي سيٽن تائين معاملو هيو، ان وقت ان دوست منھنجي حيدرآباد ۾ انصاري جي هوٽل ۾ ماني تي گھرايو ۽ مونکي آماده ڪرڻ لڳو ته يار تون غريب گھراڻي جو ماڻھو آهين، منھنجي صلاح آهي ته تون ڊي ايم جي آپشن کي ڇڏ ۽ ڪسٽم وٺ اتي تنھنجي مالي حالت تمام سٺي ٿي ويندي وغيره وغيره. مون دوست کي جواب ڏنو ته يار پئسه يا مال منھنجي ڪمزوري ڪانھي، تنھنڪري مان پھريئن نمبر تي ڊي ايم جي رکندس باقي جيڪا منھنجي قسمت. ان وقت تائين به مونکي خبر ڪانه هئي ته ڪو مان سنڌ ۾ پھرئين پوزيشن تي آهيان. هن دوست جي پوزيش مونکان پوءِ ۾ هئي. اتفاق سان اسانجو ٽيون دوست جيڪو ٽئين نمبر تي آيو تنھن کي خبر پئجي وئي ته هوٽئين نمبر تي آهي، ڊي ايم جي جي هڪ سيٽ ۽ آپشن چينج ڪرڻ جي گنجائش هئي تنھن پنھنجو آپشن چينج ڪري ڊي ايم جي مان ڪسٽم پھرئين نمبر تي رکيو. هوتي فيملي جي ڪري ڏھ سيٽن مان وڌي ويھه ٿيون ۽ چار ٽرائبل گروپ جون، جيڪي بعد ۾ ڊي ايم جي ۾ ضم ٿي ويون. سنڌ رورل کي هڪ مان وڌي ٽي ڊي ايم جي جون سيٽون مليون، سنڌرورل جي چوٿين نمبر کي ڊي ايم جي ملي ۽ ٽئين پوزيشن واري کي ڪسٽم پوءِ ڏاڍي ڪوشش ڪيائين پر گروپ تبديل ڪو نه ٿي سگهيو. چوڻ جو مطلب آهي ته سڀ مالڪ جي مرضي آهي ته ڪنھن کي ڇا ڏئي.
پھرئين کان ڇھين ڪامن تائين پوسٽ الوڪيشن آف گروپ ٿيندي هئي، معني ايف پي ايس سي ۽ اڪيڊمي جي امتحان ٿيڻ کان پوءِ سروس گروپ الاٽ ٿيندو هيو، پر اسانجو ستون ڪامن پھريون بيچ هيو، جو پري الوڪيشن آف گروپ ٿيو. انھيءَ ڪري ستون ڪامن سول سروس اڪيڊمي ۾ ڊسمبر 1979ع جي بجاءِ 1980ع اپريل 5 تي ٽريننگ شروع ٿي.
سول سروس اڪيڊمي جو جھان به هڪ مختلف دور هوندو آهي. پوري پاڪستان کان مختلف ريجن کان اچي هڪ نئين ماحول ۾ نون دوستن سان ملڻ ۽ اڳتي جي زندگي ۾ هڪٻئي سان سھڪار ڪرڻ ۽ دوستيون پختيون ڪرڻ جو هڪ ذريعو هوندو آهي. پروبيشنرس کي رهائڻ لاءِ ڪن کي والٽن ڪيمپس تي ته ڪن کي مال روڊ تي اولڊ سي ايس ايس ڪيمپس جي هاسٽل تي رکڻو هو. ڪڻا پيا ته ڪير ڪٿي رهي، منھنجو ڪڻو اولڊ سول سروس هاسٽل لاءِ نڪتو، باقي گھڻا دوست والٽن ڪيمپس ۾ وڃي رهيا. اسين صبح جو والٽن ڪيمپس ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ هروز اڪيڊمي جي بس ۾ وينداهياسين. اڪيڊمي ۾ هر مھيني ۾ گيسٽ نائيٽ ۽ ميس نائيٽ ٿيندي هئي. جنھن ۾ ٻاهران به اڪيڊمي وارا سينيئر آفيسر ۽ انھن جون گهرواريون به اينديون هيون. گيسٽ نائيٽ جو سڄو خرچ اڪيڊمي ڪندي هئي ۽ ميس نائيٽ جو خرچ اسين سڀ پروبيشنرس ڪندا هياسين. ڊريس ڪوڊ جي پابندي هوندي هئي. اسانجو ڊي جي صاحب ڪڏهن ڪڏهن فرشي مجلس ڪرائيندو هيو، جنھن ۾ ناميارا اديب اچي انفارمل انداز ۾ ڪو ليڪچر ڏيندا هيا، جنھن لاءِ ڊريس ڪوڊ جي پابندي ڪانه هوندي هئي. هڪ دفعي شروع ۾ اشفاق احمد صاحب کي گھرايو ويو ۽ مان عادت کان مجبور شلوار ڪڙتو مٿان وري ٽوپي اجرڪ پائي ويس. مون محسوس ڪيو ته ڊي جي صاحب کي ڳالھه سٺي ڪو نه لڳي. اشفاق صاحب جي جڏهن مونتي نظر پئي ته هن جيڪو ليڪچر انائوس ڪيو هيو، ان کي پاسيرو رکي، منھنجي ٽوپي ۽ اجرڪ جي ساراهه ۾ لڳي ويو پورا ٻه ڪلاڪ انھيءَ موضوع تي ڳالھائيندي چيائين ته جنھن قوم جو پنھجي ڪلچر سان پيار هوندو آهي، اها قوم ڪڏهن به ختم ڪو نه ٿيندي آهي. انھيءَ کان پوءِ جيڪي به گيسٽ چاهي ميس نائيٽس ٿينديون هيون، جمن ڄامڙو لاءِ ثقافتي ڊريس لازم هوندي هئي. هڪ دفعي مان ميس نائيٽ ۾ سوٽ پائي ويم ته ڊي جي صاحب واپس موڪليو ته وڃ ۽ سنڌي ڊريس پائي اچ. ستر سالن جي اڪيڊمي جي رڪارڊ ۾ ايئن ڪڏهن به ڪو نه ٿيو آهي ته اڪيڊمي ۾ آفيشل ڊريس کان بغير ڪوئي فنڪشن اٽينڊ ڪري سگھي، خاص ڪري فائينل گروپ فوٽو هر حال ۾ ڊريس ڪوڊ کان بغير ڪو نه ٿيندو آهي، نڪو اڳتي ايئن ٿيندو پر انھي موقعي لاءِ به اڪيڊمي ڪيبنٽ ڊويزن گورنمينٽ آف پاڪستان کان لکت ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪرايو ته محمد جمن ڄامڙو صرف آخري گروپ فوٽو سيشن ۾ سنڌي ڊريس پائيندو ۽ الحمدلله سول سروس اڪيڊمي ۾ اجرڪ جي پٽڪي سان فوٽو صرف هن مسڪين جو اڄ به لڳل آهي.

سول سروس اڪيڊمي ۾ سنڌيءَ جا ڪلاس

سول سروس اڪيڊميءَ ۾ صوبائي زبانن ۾ ٿوري گھڻي ڄاڻ ڏيارڻ خاطر سنڌي، پنجابي ۽ پشتو ۾ پروبيشنرس جا جدا جدا ڪلاس ٿيندا آهن جن ۾ مٿين ٻولين ۾ بنيادي ڄاڻ ڏني ويندي آهي، عمومن ڪلاسز صرف سنڌي ۽ پشتو جا ٿيندا آهن. شروع ۾ خادم حسين ميمڻ جيڪو ريلوي ۾ سينيئر آفيسر هيو، اهو سنڌي پڙهائيندو هيو، پر ڪن سببن جي ڪري هو هن سيشن ۾ اچي ڪو نه سگھيو، تنھنڪري اڪيڊمي وارا ڪجھه پريشان ٿيا. سندن انھيءَ پريشاني کي دور ڪرڻ لاءِ مون وڃي چيو ته سنڌي پروبيشنرس کي مان پڙهائيندس. جيئن ته گھڻائي هميشه پنجاب وارن جي هوندي آهي تنھن ڪري اهي يا ته سنڌي جو ڪلاس اٽينڊ ڪن يا پشتو جو. پشتو جيئن ته پٺاڻن جي زبان آهي تنھنڪري سنڌيءَ جو ڪلاس اٽينڊ ڪري پئي سگھيا اهڙي طرح سنڌي زبان ڳالھائڻ وارا سنڌي جو ڪلاس اٽينڊ ڪري نه پي سگھيا. منھنجي ڪري سڀ کان گھڻا پروبيشنر منھنجا اچي شاگرد ٿيا.
هڪ دفعي اسانجي سنڌ واري دوست شرارت ڪندي ٻن پروبيشنرس کي چيو ته هي سوال پڇو. سوال هيو ته وڻ جي پاڙ کان مٿي ۽ ڏارن کان هيٺ واري حصي کي ڇا چئبو آهي؟. مون بي ڌڙڪ چيو ته ”بنڊ“. هڪدم ڪلاس ۾ عجيب قسم جي سس پس ۽ خاموشي ٿي وئي، ڇوته منھنجي ڪلاس ۾ تقريباً ويھارو کن ڇوڪريون هيون،
سول سروس اڪيڊمي ۾ گيسٽ ۽ ميس نائيٽس ۾ لاهور جي سينيئر حاظر ۽ رٽائرڊ آفيسرس ۽ انھن جي گهروارين کي هڪ خاص ۽ ڳجھي مقصد خاطر گھرايو ويندو هيو. مون جيڪو ڏٺو ته لاهور جا رٽائرڊ ۽ سينيئر آفيسرس پنھنجي بيگمات کان علاوه پنھنجون ڪنواريون ڌيئر، ڀينر ۽ ساليون وٺي ايندا هيا، ۽ نموني سان انهن جي شادي جي لاءِ راه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هيا. اتفاق سان ان سڄي ملاکڙي ۾ اجرڪ جي پٽڪي سان مان وري لکن ۾ پڌرو هوندو هيس ۽ بيگمات اچي مون سان پاڻ تعارف ڪرائينديون هيون، ته منھنجو مڙس سنڌ جي ڪنھن ضلعي جو نالي وٺي چونديون هيون اتي فلاڻي سال ڊي سي هيو، هاڻي هتي يا رٽائر آهي ۽ هي منھنجي ڌيءُ يا ڀيڻ آهي. ماشاءَ الله تعليم پوري ڪئي اٿس يا ٿيڻ واري اٿس وغيره وغيره، پوءِ ڇوڪري به هيلو هاء ڪندي هئي. اڪثر ڊي جي اچي منھنجي جان ڇڏائيندو هيو، ڪنھن طريقي سان مونکي پاڻ ڏانهن سڏ ڪندو هيو، پوءِ ٿوري دير لاءِ منھنجي جان آجي ٿي ويندي هئي. سنڌي ڊريس پائڻ جي ڪري عمومن بک تي ويلو گذري ويندو هيو. جتي رُڪيس اتي هڪدم سينيئر آفيسرن کان اڳ سندن بيگمات ۽ انھن جي ڇوڪرين جي گھيري ۾ اچي ويندو هيس ۽ ماني کائڻ جو موقعو ڪونه ملي سگھندو هيو، مامو لالو ڪاڏي وڃي.
مان ڳالھه اسلام آباد يونيورسٽي واري پوري ڪو نه ڪري سگھيس، جو سي ايس ايس جي فارم ڀرجڻ جو قصو وچ ۾ نڪري ويو تنھنڪري انھيءَ کي مڪمل ڪرڻ ضروري ٿي پيو.
جڏهن مان اسلام آباد يونيورسٽي اچي ڪلاس شروع ڪيا ته اسانجي ڊپارٽمينٽ جي سينيئر شاگردن اسان جي مان ۾ خوش آمديد پارٽي جو انتظام ڪيو. اسانجي ڊپارٽمينٽ جي اسٽوڊنٽس جي صدر هڪ ڇوڪري هئي، جيڪا هينئر آسٽريليا ۾ پروفيسر رٽائر ٿي اتي سيٽل ٿي وئي آهي. اسان نون آيل شاگردن کي اٽڪ جي پريان جتي ڪابل ندي اچي سنڌو درياء ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، انھي ٻيٽ تي پارٽي ڪئي وئي هئي، انھيءَ کي ڪنڊ ڪري چوندا آهن. آچر جو ڏينھن هيو، صبح جو هاسٽل وٽ اچي بس بيٺي مان به تيار ٿيم پينٽ وغيره پاتم. هڪدم خيال آيو ته نڪو يار شلوار قميص ۽ اجرڪ جو پٽڪو ٿو ٻڌان. مان پينٽ لاهي سنڌي ڊريس پاتي، اجرڪ جو پٽڪو ٻڌم، ڪجھه دير لڳي پر منھنجو ٻيو ساٿي نورالدين شيخ صاحب ٻئي ڊپارٽمينٽ ۾ هيو، اچي جھلڻ لڳو ته يار تون مارائيندين توکي ڇاهي؟ اچي همراهه پريشان ٿيو. مون هنجي هڪ به ڪو نه ٻڌي، مڇن کي تيل ۽ وٽ ڏئي جيئن ٻاهر نڪتس ته هڪدم هوڪرا تاڙيون ۽ سيٺيون وڄڻ شروع ٿي ويون، ٿوري دير رڪيم، سمجھه نه پيو اچي ته هاڻي ڇا ڪريان؟ مان به دير ڪانه ڪئي، هنن جي هوڪرن سيٽين جي جواب ۾ اتان بيھي هٿ سان جيئن جلسي ۾ خطاب ڪبو ته شروع ۾ پبلڪ کي هٿ لوڏي جواب ڏبو آهي، مون به اهو طريقو استعمال ڪيو. انھيءَ دوران جيڪي به هاسٽلن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هيون، شور تي اکيون مھٽيندا ڪمرن کان ٻاهر بالڪوني ۾ ڏسڻ لڳا ۽ انھي وقت پوري يونيورسٽي ۾ مان مشھور ٿي ويس.
خير بس ۾ چڙهي روانا ٿياسين، مونکي اڳئين سيٽ تي ويھارين ۽ مون سان گڏ هڪ ڇوڪري ۽ ٻيو ڇوڪرو ويٺو. اسلام آباد کان ٿيندي راولپنڊي مان گذرندي، پشاور ڏانهن گاڏي جو رخ ٿيو. ڪوهنور مل انوقت جھنگ ۾ هئي، جڏهن اتان گذر ٿيو، شرارت ڪري جيڪا منھنجي سيٽ جي پويان ويٺل ڇوڪري هئي، ان هڪ ڪينو کڻي منھنجي پٽڪي جي طري جي مٿان رکيو. گاڏي ۾ سڀ خاموش ٿي ويا، بس ۾ اسان جا استاد ۽ انھن جون گھرواريون به هيون. هاڻي سڀني جون نظرون مون ڏانهن ته منھنجو ردعمل ڇا ٿو اچي؟ ڪجھه دير مونکي سمجھه ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪريان؟ غصو به آيو پر ڪنٽرول ڪري دل ۾ سوچيم ته جيڪڏهن مان هتي چڙيم ته پوءِ ٽوڪ ٺھي ويندي، بس مون به ڪينو پٽڪي تان کڻي کل لاهي کائڻ شروع ڪيو. وري مٿان ٻيو، پوءِ ٽيون مون به لاهي پاڻ به کائڻ لڳس ۽ ٻين کي به ڏنم، وري هڪ دفعو ڪيلو رکين ان کان پوءِ کيل ختم. بس پوءِ جتي گاڏي بيـٺي ٻاهر سڀني جون نظرون مون ڏانهن.
ان کان پوءِ جيڏانهن به ٽوئر تي وڃڻ ٿيندو هيو ته مان هميشه سنڌي ڊريس ۾ ويندو هيس. جڏهن اسٽوڊنٽ ڪارڊ ٺھڻ لاءِ فوٽو ورتا ويا ته مون اجرڪ جي پٽڪي سان فوٽو ڏنو، يونيورسٽي ايڊمنسٽريشن وارن انھيءَ تي اعتراض ڪيو ته فوٽو ٻيو ڏي، مون به اچي ضد ڪيو ته فوٽو مان صرف اهو ڏيندس. ڪافي ڏي وٺ ٿي، آخرڪار رجسٽرار وٽ پيشي ٿي ۽ چيائين ته فوٽو توکي ٻيو ڏيڻو پوندو. جنھن تي مون ورائي چيو ته فوٽو جيڪڏهن لڳندو ته صرف اهو اجرڪ جي پٽڪي وارو لڳندو، نه ته مونکي توهان جي ڪارڊ جي ڪابه ضرورت ناهي. معاملو وري به ڪو نه نبريو، آخرڪار مان مرحومه ڊاڪٽر مس ڪنيز فاطمه جيڪا اڳ ۾ وائيس چانسلر هئي، جنھن کي ڀٽي صاحب لڳايو هيو. جنرل ضياءَ جي مارشلا اچڻ سان کيس هٽائي هڪ پٺاڻ محمد هاشم کي رکيو ويو هيو. بھرحال ميڊم مس ڪنيز فاطمه کي وڃي عرض ڪيم ته بٽ صاحب جيڪو رجسٽرار هيو، انکي چئو ته منھنجي اسٽوڊنٽ ڪارڊ تي جيڪو مان فوٽو ڏيڻ ٿو چاهيان اهو هڻي ڏئي. مرحومه کي الله جنت ۾ اعلي مقام عطا ڪريس، رجسٽرار کي فون ڪيو ۽ چيائينس ته ان فوٽو هڻڻ سان ڪھڙو فرق ٿو پوي؟ سنڌ کان هڪ شاگرد آيو آهي، اسان وٽ سنڌ جي نمائندگي اڳ ئي ڪانھي. مان وڃي ٻيھر رجسٽرار سان مليس، مجبورن هن ڳالھه مڃي پر ڊپٽي رجسٽرار وري انڪار ڪيو، بعد ۾ رجسٽرار هن کي سختي سان حڪم ڏنو ته هي ضدي ڇوڪرو جيڪا تصوير چوي ٿو هڻي ڏيوس. پوءِ آخر ڪار اجرڪ جي فوٽو سان منھنجو يونيورسٽي سان اسٽوڊنٽ وارو شناختي ڪارڊ جاري ڪيو ويو. 1977 جي ڊسمبر ۾ برف باري ڏسڻ لاءِ پروگرام رٿيو ويو.

ڪوهه مريءَ ۾ اجرڪ جي پٽڪي سان دورو

منھنجي اها عادت ٿي وئي هئي ته جڏهن به يونيورسٽي کان ٻاهر ڪوئي ٽوئر جو پروگرام ٿيندو هيو ته مان هميشه سنڌي ڊريس ۾ ويندو هيس. 1977ع جي ڊسمبر مھيني ۾ هنن ڄاڻي واڻي اهو پروگرام ٺاهيو ته ڪوھه مري هلون ۽ برف باري جي منظر مان لطف اندوز ٿيون. مون کي چيائون ته ٻچو ڏسون ته هاڻي ڪيئن ٿو سنڌي ڊريس پائي هلين؟ سردي ۾ سوبه ڪوھه مري. اهو واقعي هڪ وڏو چئلينج هيو.
اها هڪ حقيقت آهي ته پنھنجي ثقافت کي ٻئي هنڌ جتي انجي عزت نه هجي، انکي اتي انھن وٽ قبول ڪرائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڇو ته هو مون کي هميشه اهو چوندا هيا ته يار جڏهن به يونيورسٽي کان ٻاهر هلون ٿا ته جيئن تون هتي پينٽ وغيره پائيندو آهين، اهڙيءَ طرح اسان سان ٻاهر پاڻ کي اسان کان الڳ نه ڪندو ڪر.
مون وٽ هميشه ٻه اجرڪ ۽ هڪ ٽوپي هوندي هئي ۽ ڪوھه مري وڃڻ لاءِ اهو هڪ وڏو محاذ پار ڪرڻو هيو. مون هڪ دوست مرحوم قلندربخش ڦلپوٽو جيڪو ان وقت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي هيو، اچي ان سان مشورو ڪيو ته سيءَ به ڏاڍو آهي ۽ پاتي به سنڌي ڊريس اٿم، هاڻي ڇا ڪريان؟ اتي هڪ ٻيو انجو مھمان آيل هيو، تو وٽ اجرڪ هڪ آهي يا ٻه؟ مون کيس ٻڌايو ته ٻه اجرڪ آهن . چيائين ته هڪ رک ڪلھن تي ۽ ٻئي سان ٻن طرن وارو پٽڪو ٻڌ. چيائين ته ان سان تنھنجا ڪن ۽ لوندڙيون سيءُ کان محفوظ ٿي ويندا. ان دوست ٻن طرن وارو پٽڪو ٻڌڻ سيکاريو.
پروگرام مطابق مان به تيار ٿيم. شلوار جي اندران گرم پينٽ ۽ قميص جي هيٺان جرسي ۽ ٻه ٽي گنجيون پائي اجرڪ ڪلھن تي ٽوپيءَ مٿان ٻٺ ٻڌي اچي ميدان ۾ پھتاسين. جيئن ته هي پروگرام صرف ڊپارٽمينٽ ٺاهيو هيو ۽ استادن ۽ شاگردن وٽ پنھنجون گاڏيون هيون، تنھنڪري يونيورسٽي کان گاڏي ڪانه ورتي ۽ پنھنجي گاڏين ۾ ڪوھه مري وڃڻ جو پروگرام ٿيو. ان ڏينھن سڀني مڃيو ته يار هاڻي اسان توکي چئلينج ڪونه ڪنداسين. اٺ گاڏيون هيون، اتفاق سان جنھن گاڏي ۾ مونکي جاءِ ملي، اها شاهد خاقان عباسي جي وڏي ڀيڻ جي گاڏي هئي، جيڪا پوءِ ٻه دفعا سينيٽر به ٿي ۽ ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين مسٽر پرويز چيمه صاحب به انھيءَ گاڏي ۾ هيو. جڏهن مال روڊ ڪوھه مري تي پھتاسين ته سڀ کان اڳم اسان جي گاڏي انکان پوءِ ٻيون گاڏيون بيهنديون ويون. چڱي خاصي قطار لڳي وئي. جيئن ته چيئرمين ۽ مان اڳ ۾ لٿاسين ته ٻيا سڀ اسانجي چوڌاري بيھندا ويا. پروگرام پئي طئه ڪيوسين تي ڪٿي ڪٿي وڃون، ۽ ڪيترو وقت اتي هجون، ماني ڪٿي اچي کائون. جيڪڏهن ڪو اڳتي يا پٺتي رهجي وڃي ته ڪٿي اچي گڏ ٿيون. اڃان بيٺي ٿوري دير ٿي ته هڪ پوليس جو صوبيدار آيو ۽ ٻئي ڪنھن کي ڪجھه ڪو نه چيائين ۽ سڌو اچي منھنجي ڪنڌ تي هٿ رکيائين، ۽ عرض واري انداز ۾ چيائين ته سائين مھرباني ڪري گاڏيون هيٺ ڪٿي ٻئي هنڌ بيهاريو ڇوته ايران جو فارين منسٽر هتي آيل آهي. مون به وڏي انداز ۾ چيو ته "اچھا میں دیکھتا ہوں" .
پھريان ته پوليس واري جو مون ڏانهن اچڻ وقت ڪجھه ڀئه ٿيو ڇوته مارشلا نئن لڳل هئي ۽ مان سنڌي، پر هن اهو سمجھيو ته مان ڪو وڏو زميندار يا نواب آهيان، تنھنڪري هن اچي مونکي عرض ڪيو ته سيڪيورٽي جي ڪري گاڏيون ٻئي هنڌ بيھارڻيون آهن، بھرحال ٻيا سڀ کل ۾ ته يار گاڏيون ٻين جون ۽ وڏا ٻيا، پوليس واري اچي عرض به ان کي ڪيو جنھن وٽ پنھنجي سائيڪل به ڪانھي.
1977ع جي شروع واري زماني ۾ سائين قائم علي شاهه وزير مملڪت انڊسٽري ۽ پيداوار هو. مون ملڻ خاطر ڪيئي فون ڪيا، پر سائين جو پي اي هر دفعي چئي ته سائين مصروف آهي. هڪ دفعي فون ڪيم ته ساڳيو جواب مليو، ٿوري دير ۾ وري فون ڪيم پي اي چيو ته صاحب مصروف آهي. مون کيس چيو ته بابا نواب جي ايم جي خان ڳالھائيندو، چيائين ته مان چيڪ ڪيان. ايتري ۾ سائين قائم علي شاهه پاڻ لائين تي آيو، نواب صاحب ڪيا حال هي؟ مون چيو ته سائين ڪو ٽائيم ڏيو. چيائين سائين توهان کي جيڪو ٽائيم بھتر لڳي توهان هليا اچو. ٻئي ڏينھن ڏنل وقت تي پھتم ته پي اي صاحب آڌرڀاءُ ڪيو. ايئن اڳتي ويم شاهه صاحب ڏاڍي سٺي نموني مليو. نواب صاحب توهان ڪيئن آيا آهيو ۽ ڪٿان جا آهيو. سائين مان نواب آف نن لينڊ Nawab of none landجو آهيان. هتي قائداعظم يونيورسٽي ۾ پڙهندو آهيان. نواب صاحب نوڪري ڪيو ته اڄ ڪلهه ڪجھه آساميون خالي آهن. مان توهان کي ڊسٽرڪٽ مينيجر رائيس ڪارپوريشن ارڙهين گريڊ ۾ رکان . پھريان دل ۾ آيو ته ها ئو ڪيان پر پوءِ خبر ناهي ڇو مون انجو انڪار ڪيو ۽ چيم ته سائين توهانجي مھرباني، پر مان اڳم پنھنجي ڊگري ڪندم پوءِ جيڪو نصيب هوندو.
منھنجي لاءِ سڀ کان وڏي ۾ وڏو چئلينج اهو هيو ته مان ڪيئن هن يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪريان؟ ڇو ته هاءِ اسڪول کان ويندي ايل ايل بي ڪرڻ تائين مان نوڪري به ڪندو رهيس ۽ ڪڏهن به ڪاليج ۽ يونيورسٽي جو ماحول مون ڪونه ڏٺو. وري منھنجي پاڪستان جي ٽاپ يونيورسٽي ۾ داخلا به ٿي، جتي سڀ هڪ ته وڏن فيملين جا ٻار ۽ سٺن انگلش ميڊيم مان تعليم حاصل ڪيل. اها بلڪل حقيقت آهي ته مون کي پھريان ته تمام گھڻي ڏکيائي پيش آئي. هڪ ته استاد گھڻا ٻاهرين ملڪ جا، ڪجھه برطانيه ۽ جرمني جا هيا، انھن جو آواز سمجھه ۾ ڏکيو، ٻيو وري مٿان انگلش ۾ سڀ ڪجھه، پاڻ سنڌي ميڊيم جا شاگرد. مونکي پاڻ تي تعجب ايندو هيو ته يار منھنجي هتي داخلا ڪيئن ٿي. الحمدلله لکڻ واري معاملي ۾ ڪم ڪڍي ويندا هياسين پر باقي انھن جي ڳالھائڻ جي لھجي اچي اسان کي منجھايو هيو. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪم ڏاڍو ڏکيو هيو پر ناممڪن ڪو نه هيو.
مسٽر ڊار صاحب چيئرمين هيو، مون کي گھرائي چيائين ته ڄامڙا تون واپس وڃي سنڌ يونيورسٽي پڙهه، يا هي ڊپارٽمينٽ ڇڏي ڪنھن ٻئي ۾ داخلا وٺ. مون کيس جواب ڏنو جيڪو گھڻي وقت تائين يونيورسٽي ۾ منھنجو مثال ڏيندا هيا. مون اٿي وڏي اعتماد سان کيس چيو ته سائين مان هن ڊپارٽمينٽ مان ۽ هن يونيورسٽي مان ۽ بي گريڊ ۾ ڊگري حاصل ڪندس. هو منھنجو منھن ڏسندو رهيو.
مان پاڻ سان پڪو پھه ڪيو ته اهو ڪم ڪري ڏيکارڻو آهي. ڏينھن رات هڪ ڪئي پر جڏهن سيميسٽر امتحان ٿيڻ وارو هيو ته مون پاڻ ۾ ڀوتو ڪونه ڀانئيو ته مان امتحان پاس ڪري سگھندس، باوجود منھنجي ڏينھن رات محنت ڪرڻ جي. مون امتحان کان اڳ وڃي چيئرمين ڊپارٽمينٽ کي درخواست ڏني ته مان هن سيميسٽر جو امتحان ڪونه ڏيندس، باقي مان ايندڙ سيميسٽر ۾ امتحان ڏيندس. چيئرمين پڇيو ته ڇاجي ڪري مون کيس ٻڌايو ته سائين منھنجي تياري سٺي ناهي مرڪيو ۽ درخواست قبول ڪيائين.
انھيءَ کان پوءِ منھنجو معمول اهو هوندو هيو ته چوويھن ڪلاڪن مان تقريباً ارڙهن کان ويھه ڪلاڪ صرف پڙهائي تي ٽائيم صرف ڪرڻ لڳم ٻه ڊڪشنريون ورتم، هڪ انگلش ۽ سنڌي ۽ ٻي آڪسفورڊ جي انگلش ٽو انگلش، ڇوته منھنجي انگريزي يونيورسٽيءَ جي لحاظ کان تمام گھڻي ڪمزور هئي.

پهاڙ جيڏي محنت جي ضرورت

قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد شروع کان وٺي اڄ تائين پاڪستان جي نمبر هڪ يونيورسٽي رهي آهي. تنھن ڪري پاڪستان جي ٻين يونيورسٽين جي مقابلي ۾ تعليم ۽ ريسرچ تي ڪافي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. تنھنڪري پڙهائي جي لاءِ ماحول تمام گھڻو سازگار رکيو ويو آهي. يونيورسٽي يا ڪنھن به تعليمي اداري جو دارو مدار استادن جي قابليت ۽ محنت تي هوندو آهي. بلڊنگ ڪيتري به وسيع ۽ خوبصورت هجي پر جيڪڏهن قابل ۽ محنتي استاد ناهن ته اها خوبصورت ۽ وسيع عمارت معياري تعليم ته ڏئي ڪونه سگھندي، پر هڪ تفريح گاه ٿي سگھي ٿو.
پاڪستان ۾ معياري تعليم لاءِ گھربل مواد صرف انگلش ۾ موجود آهي، تنھنڪري انگريزيءَ تي مھارت حاصل ڪرڻ نھايت اهم آهي. انھيءَ حساب سان منھنجي انگريزي ۾ مھارت ڪانه هئي، صرف لکي وڃڻ جي حد تائين ايتري هئي، جو جڏهن داخلا لاءِ لکت ۾ امتحان ورتو ويو ته 159 مان منھنجو 9 نمبر ميرٽ تي هيو، جنھن ڪري مونکي 200 روپيه اسڪالرشپ ملي. ڪل 36 شاگرد سليڪٽ ٿيا پوري پاڪستان مان. پر جنھن وقت ميدان ۾ آيس ته منھنجي انگريزي ان معيار جي ڪانه هئي جو مان پنھنجو بقا ڪري سگھان. پھريان ڪجھه مھينا مون ڏاڍي مشڪل ۾ گذاريا. جيئن ته مان چيئرمين صاحب کي وڏي واقعي چئي چڪو هيم ته مان هن ڊپارٽمينٽ ۽ هن يونيورسٽي مان بي گريڊ ۾ ڊگري حاصل ڪندس. تنھن ڪري پھرئين سيميسٽر ۾ سخت محنت ڪرڻ جي باوجود به مان پاڻ کي انھيءَ لائق ڪري ڪو نه سگھيم جو مان امتحان ۾ ويھان.
پھرئين سيمسٽر جو امتحان نه ڏئي مون ٿوري گھڻي پنھنجي انگريزي مضبوط ڪئي پر پوءِ به مون ۾ ڪافي ڪمزوري رهي.
واقعي سياڻان سچ چئي ويا آهن ته:
پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ ۽ گھوڙي سواري ڪرڻ
ننڍي هوندي ڪو نه سکيو ته پوءِ وڏي هوندي خواري.
مان به جيئن طارق بن زياد ٻيڙيون ساڙي حملو ڪيو هيو ته جيئن ڪاميابي حاصل ڪجي، جيڪڏهن ڪاميابي نٿي ملي ته پوءِ يقينن موت. ٽيون رستو ئي ڪونه ڇڏيو ويو. انھيءَ اصول تي هلندي هڪ سيميسٽر ڇڏڻ کان پوءِ الحمد لله منزل ڏانهن پھرين رڙهندو پوءِ هلندو رهيس. پھرئين سيمسٽر ۾ منھنجون مارڪون تقريباً 52% هيون، پر گريڊ سي هيو ۽ بي گريڊ 60% کان شروع ٿيندو هيو. مارڪون ڏيڻ جو نظام تمام سخت هوندو هو جو اڌ ۽ چوٿائي مارڪ جو به حساب رکندا هيا. ٻئي سيميسٽر ۾ ٻن سبجيڪٽس ۾ بي گريڊ آيو ۽ ٻن ۾ سي گريڊ آيو. جڏهن آخري سيميسٽر آيو ته سراسري طور تي منھنجو ٻن مارڪن جي ڪري بي گريڊ ڪونه پيو ٺھي. ماسٽرس پروگرام ۾ ٿيسز لکي ۽ انھي تي اٿاريل سوالن سان پينل کي مطمئن ڪبو آهي، پوءِ اهي مارڪون شامل ڪري حتمي گريڊ جو تعين ڪيو ويندو آهي. منھنجي ٿيسز جو عنوان هيو ملٽي نيشنل ڪارپوريشنس جو ٿرڊ ورلڊ ڪنٽريز ۾ رول.
انھيءَ پينل ۾ راس مسعود صاحب 1952ع جو سي ايس پي ۽ ڊائريڪٽر جنرل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز پاڪستان کي گھرايو ويو هيو. انھيءَ سان گڏ ڊپارٽمينٽ جا ٻه فيڪلٽي ميمبر ويٺا. ٿيسز جي مختلف پھلوئن تي سوال جواب ٿيا ۽ ٿيسز تي مونکي 62% مارڪون مليون، جنھن جي ڪري الحمدلله منھنجو سراسري بي گريڊ ٿي ويو. جيڪو مون چيئرمين صاحب کي چيو هيو، اهو رب ڪريم مونکي همت ڏني ۽ ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. ڇٽيهه شاگردن مان ڪل تيرهن شاگرد ڊگري حاصل ڪري سگھيا، جن مان ٻن کي اي گريڊ ۽ باقي سڀ بي گريڊ ۾ پاس ٿياسين.

ادو عشق ۾ انڌو، ادي کي خبر نه چار

چوندا آهن ته ”ڪتي کي پڇ ۾ سور، مالڪ کي بڇ تي زور“ مونسان به اهڙو واقعو ٿيو. مونکي انگريزي جي معيار کي سڌارڻ ۽ پاڻ کي ان لائق بنائڻ جو فڪر ته جيئن مان هتان ڊگري حاصل ڪريان. ٻئي پاسي جيئن چوندا آهن ته ”ادو عشق ۾ انڌو، ادي کي خبر ڪانه چار“ انھيءَ جي ابتڙ مونسان ٿيو، مون کي ڪا خبر نه چار ادي منھنجي عشق ۾ انڌي. ٻئي سيميسٽر ۾ هياسين، ڪلاس کان ٻاهر ڪاريڊور ۾ بيٺا هياسين ۽ مون کي اچي بي ڌڙڪ چيائين جمن سائين میں آج تم سے ضروری بات کرونگی. مون چيو حکم کرو. ان وقت صرف اسان ٻئي بيٺا هياسين. چيائين ”جمن میں نے ابو امی سے بات کی ہے اور میں آپ سے شادی کرنا چاہتی ہوں“. مون چيو مانس ته ڳالھه توکي صحيح ٻڌايان يا ٻيو ڪجھه چيائين ته نه تون سچ ٻڌاءِ مونکي تنھنجي خبر آهي ته تون سڌو سنئون ڇوڪرو آهين ۽ منھنجي پيءُ، ماءُ ۽ پڦي توکي ڏسي ويا آهن ۽ اهي بلڪل مطمئن آهن صرف تون پنھنجي طرفان ها ڪر.
ڇوڪريءَ جو پيءُ ان وقت فوج ۾ ڪرنل هيو. مون کيس جواب ۾ چيو ته منھنجو پيءُ ۽ ماءُ اڻپڙهيل ۽ ٻھراڙي جا رهاڪو آهن ۽ انھن کي اردو نه ڳالھائڻ ايندي آهي، نڪي سمجھي سگھندا آهن. توهانجي ڪلچر ۽ اسانجي ڪلچر ۾ ٿورو گھڻو فرق آهي. تنھنڪري مان جيئن هاڻي اسين هڪٻئي جي عزت ڪندا آهيون ۽ دوست آهيون ايئن دوست رهنداسين پر مان تو سان شادي ڪونه ڪندم. جنھن تي ڏاڍي مايوس ٿي ۽ روئڻ لڳي. مون سندس هٿ پڪڙيو ۽ کيس پرچائڻ جي ڪوشش ڪيم. بغير ڪجھه چوڻ جي پنھنجي گھر وئي، ڇو ته هوءَ پاڻ روز راولپنڊي مان ايندي هئي يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ . مون کي به ڪجھه افسوس ٿيو ته مونکي شايد انھيءَ کي اهڙيءَ طرح جواب ڪو نه ڏيڻ کپي ها. جذباتي به ڏاڍي هئي، سو دل ۾ اچي وهم ٿيو ته متان دلبرداشت ٿي ڪو وڏو قدم نه کڻي.
ٻئي ڏينھن ڪلاس ۾ آئي مون الله جو شڪر ادا ڪيو، ٿوري دير کان پوءِ پاڻ ڏانهن متوجهه ٿي چيائين مان ڪالھه سڄي واٽ ايندي ويندي ۽ گھر ۾ تنھنجي هر لفظ کي پنھنجي ڪنن ۾ سرٻاٺ ڪندي ٻڌو پئي. هاڻي مون سان هڪ واعدو ڪر ته تون يونيورسٽيءَ مان ٻي ڪنھن ڇوڪريءَ سان شادي ڪونه ڪندين. مون چيو بلڪل اهو تو سان پڪو واعدو، باقي اسين پاڻ ۾ هڪ بھترين ڪلاس فيلو ۽ دوست ٿي رهنداسين. الحمدلله اسين پاڻ ۾ انتھائي بھترين دوست رهياسين. هن جي پوري فيملي سان اڄ تائين منھنجا بھترين لاڳاپا ۽ گھر ۾ اچڻ وڃڻ وارو رستو آهي. مان انھي فيملي جو ان کان وڌيڪ پيارو ٿي ويس ۽ انجون ڀينر ۽ ڀائر منھنجي وڏي عزت ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته اسان جي ڀيڻ تنھنجي محبوبه آهي.
1978ع ۾ اسان جي ڊپارٽمينٽ مان تقريباً ڏهه شاگرد ۽ شاگردياڻيون سي ايس ايس جي امتحان ۾ ويٺاسين، جن مان اٺ پاس ٿياسين. اسان چئن کي ڊي ايم جي، ٻن کي فارين سروس، هڪ کي او ايم گروپ مليا. چئن ڊي ايم جي ۾ اها ڇوڪري به سليڪٽ ٿي ۽ ايڪويھين گريڊ ۾ 2013ع فوت ٿي وئي. الله سائين جنت الفردوس عطا ڪريس. الحمدلله مان هروز نماز فجر کان پوءِ جڏهن مان پنھنجي والدين لاءِ دعا جا هٿ کڻندو آهيان ته مان ان محبوبه جو نالو وٺي ضرور دعا ڪندو آهيان، الله سائين جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪريس. آمين

يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد يونين جون چونڊون

1977ع جي مهيني جولاء پنج جي ڪاري ڏينھن ڪري پوري پاڪستان تي منفي اثر ٿيڻ شروع ٿيو. تنھنڪري پاڪستان جي سڀني تعليمي ادارن تي به منفي اثر ٿيو. 1976ع جي اسٽوڊنٽ يونين جي اليڪشن ۾ جميعت طلباء ڪامياب ٿي، جنھن ۾ راڻا واجد اسان جي قائد اعظم يونيورسٽي جي يونين جو پريزيڊنٽ جي چونڊ کٽي ۽ اسان جي حمايت يافته پي ايس او هار کاڌي. واجد راڻا پوءِ اسان کان اڳ هڪ سال سي ايس ايس ڪري ڊي ايم جي ۾ سليڪٽ ٿيو ۽ وفاقي سيڪريٽري فناس تان رٽائر ٿيو ۽ بعد ۾ ايف پي ايس سي جو ٽي سال ميمبر رهيو. 1976ع جي اسٽوڊنٽ يونين جي اليڪشن جي ڏينھن به روزمره وانگر ڪلاس ٿيا. اسين پاڻ ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ وڃي ووٽ ڏنو ۽ واپس اچي ٻئي ڪلاس ۾ ٽائيم تي اچي پڙهائي شروع ٿي.
اسٽوڊنٽ يونين جي اليڪشن ۾ ڪنھن به قسم جي گڙ ٻڙ جو ڪو انديشو ڪونه هيو. شام جو ڳڻپ ۽ رزلٽ انائوس ڪرڻ ۾ ٿوري دير ٿي ته جميعت جي ليڊرن ڪجھه وي سي آفيس وٽ شور شرابو ڪيو، جنھن جي اڳواڻي حفيظ الله نيازي ڪري رهيو هيو جيڪو اڄڪلهه جيو ٽي وي تي تجزيه نگار جي حيثيت ۾ ايندو آهي. باقي اسان شاگرد گروپن جو پاڻ ۾ دوستاڻو تعلق جاري رهيو. ڪوبه ڪنھن کي تنگ ڪونه ڪندو هيو.
1977ع جي مارشلا کان پوءِ شاگرد تنظيمن جي قائد اعظم يونيورسٽي ۾ ٿوري گھڻي ڇڪتاڻ شروع ٿي. جميعت وارن کي جنرل ضياءَ جي سڌي طرح سپورٽ ملي، جو ان وقت ميان طفيل جماعت اسلامي جو امير هيو ۽ جنرل ضياءَ جو چوندا هيا ته ويجھو عزيز هيو. تنھنجي باوجود به پڙهائي جي معمول تي ڪنھن به قسم جو ڪو برو اثر نه پيو. آهستي آهستي ضياءَ جي ڪوشش هئي ته قائد اعظم يونيورسٽي تي هر طرح جو ڪنٽرول جميعت جو رهي، ڇوته پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ جميعت جو مڪمل ڪنٽرول هيو ۽ ان وقت لياقت بلوچ ۽ مخدوم جاويد هاشمي ملتان وارن جو هيو ۽ ان وقت جاويد هاشمي تي اسٽوڊنٽ ايڪٽوٽي جي ڪري ڪو سيرئس ڪيس ڪورٽ ۾ هلي رهيو هو. انھيءَ کي سزا کان بچائڻ خاطر جنرل ضياءَ هاشمي صاحب کي وفاقي مملڪتي وزير مقرر ڪيو.
جنرل ضياءَ جي سپورٽ کان پوءِ جميعت پنھنجو ڪنٽرول ڪرڻ خاطر شاگردن کي ڪجھه ڌمڪيون ڏيڻ واري لھجي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڳالھه ڪندا هيا. هڪ دفعي مونکي جميعت جي ليڊر ڏاڍي پيار سان سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سائين جميعت ۾ اچو، ڪو به تنھنجو وار ونگو ڪونه ڪندو. مون کيس وراڻيو ته سنڌي ۽ جماعت اسلامي، اسين باهه ۽ پاڻي وانگر آهيون، تنھنڪري اُها اميد مون کان نه رکو، ڳالھه آئي وئي، ڪجھه ڏينھن کان پوءِ وري مليو مون ساڳيو جوابه ڏنو، پر هن کي ڳالھه ڪان وڻي ۽ ڪجھه لھجي ۾ فرق آندائين. مون صرف هن کي ايترو چيو جيڪڏهن اهڙي ڳالھه ٿي ته منھنجي هٿن ۾ ڪا ميندي ڪانھي لڳل. مان پنھنجي طرفان پنھنجي ڪمري تي ڏهه پندرهن اڌ مُني پاءُ جا پٿر ۽ ٻه لوهيون شيخون هڪ ٽن فوٽن جي ٻي ان کان ٿوري وڏي ۽ هڪ ڪنڊي جي وڻ جو ڏنڊو اڻگھڙيل پنج فوٽ کن جو هو تيار ڪري رکي ڇڏيا.
ڪجھه ڏينھن کان پوءِ هاسٽل وٽ ساڳيو دوست مليو، مان کيس ڄاڻي واڻي پنھنجي ڪمري تي وٺي آيس ته چانھه پيون، هو آيو مون چانھه تيار ڪئي مگ ۾ چانھه وجھي دوست کي به ڏنم ۽ پاڻ به پيئڻ شروع ڪئي ته سندس نظر ڏنڊي، لوهي شيخن ۽ پٿرن تي پئي. چيائين هي هتي ڇو رکيون اٿئي؟ مون کيس جواب ۾ چيو ته بابا اسان کي وڏن جو چوڻ آهي ته سنت آهي ته پنھنجي بچاءُ لاءِ هميشه هٿيار تيار رکجن سو اسان پنھنجي وڏڙن جي ڳالھه تي عمل ڪندا آهيون باقي مڙوئي خير. منھنجي لاءِ يونيورسٽي ۾ اهو مشھور هيو ته يار وڏي اثر رسوخ وارو ۽ زميندار آهي جو سنڌ کان هتي پڙهڻ آيو آهي. انھيءَ کان پوءِ ڪڏهن جميعت جي طرفان ڪا دعوت ڪونه ملي. ان وقت جميعت وارن جي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هميشه رات ٻئين يا ٽئين لڳي سوير جو جنھن کي ڪٽ ڏيڻي هوندي هين ته لاهور يونيورسٽي مان ٻه ٽي گاڏيون غنڊن جون اينديون هيون، پوءِ رات جو اتان جميعت جا ڪارڪن انھن ڪمرن جا نمبر نوٽ ڪرائي ڏيکاري پاڻ پنھنجن ڪمرن ڏانهن هليا ويندا هيا. ٿوري دير کان پوءِ لاهور مان آيل ٽولو ٻه ٻه ٽي ٿي جنھن کي ڌم ڏيڻي هوندي هئن ڪمري کي اچي ناڪ ڪندا هيا. جيئن اهو ڇوڪرو اکيون مھٽيندو در کوليندو هيو، تيئن تڪبير چئي الله اڪبر ٻه ٽي ڏنڊا هڻي هڪئي وقت پوري هاسٽل ۾ آپريشن ڪري اهي سڀ لاهور هليا ويندا هيا ۽ اتان جميعت جا ڪارڪن پھچي ملم پٽي ۽ دوا درمل لاءِ اسپتال تائين گڏ هوندا هئا ۽ افسوس ڪندا هيا. الحمدلله منھنجي ڪمري تي ڪڏهن اهڙي ارادي سان ڪين آيا ڇو ته هنن کي خبر هئي ته هيءُ هٿين خالي ناهي.
غالبن فيبروري يا مارچ 1978ع تي لاهور هاء ڪورٽ مولوي مشتاق جي سربراهي ۾ ڀٽو صاحب کي قصوري جي قتل جي ڪيس ۾ موت جي سزا ڏني، انھيءَ کان پوءِ ۾ قائداعظم يونيورسٽي ۾ پرامن فضا خراب ٿيڻ شروع ٿي، هر روز پي ايس او ۽ ايس ايس ايل وارا گڏجي يونيورسٽي ۾ توڙي يونيورسٽي کان ٻاهر جلسا ۽ گڙ ٻڙ ڪرڻ تقريباً روز جو عمل ٿي ويو. منھنجي محبوبه هميشه اڳ ۾ هوندي هئي ۽ ڀٽي صاحب سان وڏي عقيدت هوندي هيس. ڪرنل صاحب تي اچي گھڻو پريشر پيو ته پنھنجي ڌيءَ کي جھلي ته ضياءَ جي خلاف جلوس جي قيادت نه ڪري. ڪرنل هڪئي وقت ٻن مشڪلاتن ۾ اچي ويو، هڪ هتي قائد اعظم يونيورسٽي ۾ ٻي سندس ڌيءُ خيبر ميڊيڪل ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽس يونين جي پريزيڊنٽ هئي، اها اتي جنرل ضياءَ جي خلاف باهه ٻاري ڏني پئي. ڪرنل صاحب منھنجي محبوبه کي زوري گھر ويھاري بس ڪري ته وري اچي پشاور واري ڌيءُ کي وٺڻ وڃي ته جيئن ان کي گھر ويھاري. ڪرنل صاحب پشاور نڪري ته هتان واري ڌيءُ سڌي قائداعظم يونيورسٽي.
هڪ دفعي اسان جا ڪجھه ڇوڪرا راولپنڊي لياقت باغ وٽ نعرا هڻندي گرفتار ٿيا ۽ اتي جو اتي ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، پوءِ جيئن چوندا آهن ته مٽيارين جو موت ويندي جي وير.
ملٽري ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ ساڻ ڪوڙن ۽ ڦٽڪن جي سزا تيار. عين انھيءَ وقت جڏهن ملٽري ڪورٽ سزا ٻڌائي، بد قسمتي سان هڪ ميجر جنرل پنھنجي سرڪاري گاڏي ۾ يونيورسٽي ۾ پنھنجي ڌيءُ سان ملڻ پي آيو ته يونيورسٽي جي شاگردن مين گيٽ وٽ لاهي پنھنجي قبضي ۾ رکي ڇڏيو. پوءِ سرڪار ۾ اچي پريشاني ٿي هاڻي ڇا ٿئي؟ ڊسي ايس پي راولپنڊي اچي يونيورسٽي پھتا ڳالھيون ٿيون. ملٽري ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏنو اهو واپس ورتو، ڇوڪرا آزاد ٿي واپس پھتا، جنرل صاحب کي شاگردن آزاد ڪيو.
ٻئي ڏينھن شام جو هاسٽل نمبر ٽئين جي ڪامن روم ۾ سڀني تنظيمن جا شاگرد ايئن ويٺا هياسين ته اچي ذڪر ڇڙيو ته فرض ڪيو ته جيڪڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ برقرار رکي ۽ ان تي عمل ٿي وڃي ته پوءِ ڪھڙي صورتحال پيدا ٿيندي پاڪستان جي اندر.
قطار ۾ ويٺل هر ڪنھن جا مختلف خيال ڪو ڪئين پيو چوي ته ڪو ڪيئن. منھنجي پاسي ۾ ٻئي جميعت جا هيا ۽ هنن چيو ته ڪجھه ڪونه ٿيندو بس ٻه چار ڏينھن ٿورو گھڻو شور شرابو ڪندا جنھن مان ملڪ جي انتظاميه تي ڪوئي فرق ڪونه پوندو. جڏهن مونکان پڇيائون ته مان خبر ناهي ته ڇو اهڙي بي قابو واري انداز ۾ چيو ته:
جيڪڏهن ڀٽو صاحب کي ڦاسي ڏيندا ته ملڪ چڙهي منھنجي........ اتي هڪدم سڀ خاموش ٿي ويا ۽ ڪنھن به هڪ لفظ ڪونه ڪڇيو، مان ٻاهر نڪري آيس ۽ مون سان گڏ پي ايس او وارا دوست هليا آيا. اتي صرف جميعت وارا ويٺا رهيا. ٻئي ڏينھن منھجا وارنٽ آف اريسٽ نڪتا ڇو ته اهي منھنجا چيل لفظ سي ايم ايل اي جي آفيس ۾ وڃي پھتا.

گرفتاريءَ جا وارنٽ

جيئن ته جميعت کي جنرل ضياءَ هر طرح سان سپورٽ ڪري پيو ته موٽ ۾ جميعت وارا به نمڪ حلالي خاطر مارشلا جي سپورٽ ۾ پنھنجي وس آهر خدمت ڪن پيا. جيئن ته جميعت وارن کي مون خلاف ٻيو ڪو اهڙو موقعو ڪونه پئي مليو، تنھن ڪري هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيائون، هڪ ته اهو بانور ڪرائڻ ته اسين ملڪ جي نظرياتي سرحدن جي حفاظت ڪريون ٿا ۽ انھي سان گڏ پنھنجي ڪارگردي ڏيکارڻ ته جيڪي جنرل صاحب ۽ مارشلا جي خلاف آهن، هو انھن تي ڪڙي نظر رکن ٿا. مونکي ان ڳالھه جو اندازو ڪون هيو ته اهي سڀ ڪاروائي سي ايم ايل اي جي دفتر ۾ انھيءَ وقت پھچندي. اتفاق سان راولپنڊي جي هڪ ڊي ايس پي جي ڀيڻ اسان سان گڏ پڙهندي هئي. ٻئي ڏينھن ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ پوائنٽ بس ۾ واپس گھر پھتي ته اتي کيس ڀاءُ ٻڌايو ته اڄ رات اسين ريڊ ڪنداسين يونيورسٽي تي، جنھن ۾ اهو ذڪر آيو ته هڪ سنڌي شاگرد آهي جنھن لاءِ سورس رپورٽ آئي آهي ته ان پاڪستان ۽ جنرل جي خلاف ڳالھايو آهي ۽ رياست جي طرفان ڪيس داخل ٿيو آهي وغيره وغيره.
انھيءَ زماني ۾ موبائل فون جو نظام ته هيو ڪونه، نڪي ڊائريڪٽ فون هيو، هاسٽل ۾ اها اسان جي ڪلاس فيلو ڇوڪري ٻي پوائنٽ بس ۾ چڙهي يونيورسٽي واپس آئي. انھن ڏينھن ۾ پوائنٽ بس هاسٽل ون ۽ ٽو جي ڀرسان هلندي هئي. اتي پريشاني واري حالت ۾ اچي پھتي ۽ مونکي اچي چيائين ته مھرباني ڪري هينئر جو هينئر ڪجھه ڏينھن لاءِ ڳوٺ هليو وڃ، يا يونيورسٽيءَ مان غائب ٿي وڃ، ڇوته مان تنھنجي لاءِ وارنٽ آف اريسٽ ڏسي آئي آهيان. اهو ٻڌائي پاڻ وري واپس راولپنڊي گھر هلي وئي.
ٿوري دير لاءِ مون سوچيو ته ڳوٺ وڃڻ مان ڪوئي فائدو ناهي، الٽو ٿي سگھي ٿو ته وڏن کي خبر پوي يا اتي اچي پوليس ڪا ڪاروائي ڪري ۽ علائقي ۾ وڏن جي خوام خواهه ۾ بدنامي ٿئي. مون ننڍي بيگ ۾ ڪجھه ڪپڙا رکيا.
”مکڻ مولائي ميلي تي، ڏنڊو ڪونڊو ڪلھي تي“
پوائنٽ بس ۾ چڙهي آبپاره اچي پھتم، اتان سڌو ميلوڊي جي ڀرسان مرحوم محمد صديق گھانگھرو صاحب، جوائنٽ سيڪريٽري لا ڊويزن جي گھر آيم. مرحوم گھانگھرو صاحب انھيءَ وقت گھر جي اڳئين لان ۾ چانھه پي پيتي. مون کي ويھاري چانھه ۽ شامي ڪباب کارايائين. انھيءَ کان پوءِ حال احوال پڇيائين ۽ مون کيس سڄي سچي ڳالھه ٻڌائي ته ڪامن روم ۾ سڀ ويٺا هياسين ۽ انھيءَ ۾ مون اهي لفظ چيا ۽ ان جي ردعمل ۾ اهيو سڀ ڪجھه ٿيو آهي. گھانگھري صاحب پڇيو ته هاڻي ڇا ڪجي؟ مون عرض ڪيو ته سائين توهان وڏا آهيو ڪو رستو ڪڍو. چيائين ٺيڪ تون فڪر نه ڪر، تون هتي اهي ٻه ٽي ڏينھن رهه، باقي انھيءَ ڳالھه جو ڪو حل تلاش ٿا ڪيون.
تقريباً مان گھانگھرو صاحب جي گھر هفتو کن رهيس، تنھن کان پوءِ مون کي چيائين ته هاڻي تون يونيورسٽي واپس وڃ، تنھنجو مسئلو حل ٿي ويو آهي. انھن ڏينھن ۾ اي ڪي بروهي صاحب وزير قانون هيو باقي گھانگھري صاحب ڪيئن ۽ ڪھڙي ليول تي اهو مسئلو حل ڪيو انھي جي لاءِ مون کي ان درويش انسان ڪونه ٻڌايو. الله کيس جنت ۾ اعلي مقام عطا ڪريس. آمين يارب العالمين.
انھيءَ وقت واپس يونيورسٽي ويم ۽ پنھنجي پڙهائي واري عمل کي گھانگھرو صاحب جي گھر به ڪونه ڇڏيم. ڪتاب وغيره ساڻ کڻي ويو هيم ۽ جڏهن موٽي آيم ته منھنجي لاءِ ڪو پڙھائي جي متعلق خلا ڪونه پيدا ٿيو. منھنجي غير حاضريءَ جي دوران جڏهن منھنجي ڪلاس فيلو (جنھن کي انجي گھر ۾ به کيس ڀينر ۽ ڀائر جمن جي محبوبه ڪري چوندا هيا) ان کي جڏهن ان ڇوڪري ٻڌايو ته جمن کي اريسٽ ڪرڻ جا حڪم مليا آهن، پوليس وارن کي، ته هوءِ ويچاري ڏاڍو پريشان ٿي. منھنجي محبوبه جي پريشاني تڏهن ختم ٿي جڏهن مان واپس ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلاس اچي اٽينڊ ڪرڻ شروع ڪيا.
مارشلا واري دور ۾ قائد اعظم يونيورسٽي ۾ تقريباً هر هفتي خاص ڪري اسان جي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪنھن نه ڪنھن بھاني آمريڪا جي ڪنھن يونيورسٽي جا وزيٽنگ پروفيسر آمريڪا ۽ پاڪستان جي تعلقات متعلق ليڪچر ڏيڻ ايندا هيا. انھيءَ آمريڪي پروفيسر سان گڏ سول ڊريس ۾ برگيڊيئر هڪ اڌ ٻيو آفيسر به ساڻ ايندو هيو، جيڪي خاص ڪري اسان جي پڇيل سوالن تي خاص ڌيان ڏيندا ۽ رپورٽنگ ڪندا هيا. هڪ دفعي 1978ع جي شروعات ۾ واشنگٽن يونيورسٽي جو پروفيسر اسٽيفن ڪوهن آيو. جنھن جي ليڪچر جو عنوان هيو ”هندستان ۽ پاڪستان جا تعلقات“ مرڪزي نقطو ان ليڪچر جو اهيو هيو ته:
پاڪستان جو ڀئو هندستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم جزو آهي. شروع ۾ ڪجھه هن آمريڪا جي پاڪستان متعلق پاليسي تي تنقيد ڪئي .
جڏهن سوال جواب جو سيشن شروع ٿيو ته اسان جي هڪ دوست جنھن جو تعلق پنجاب سان آهي ۽ اڄ ڪلهه سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل آهي. تنھن اٿي هڪ سوال نما آبزرويشن ڪئي ته
”مان سمجھان ٿو ته هندستان اها وڏي غلطي ٿو ڪري جو پاڪستان جي ڀَوَ ۾ پنھنجي خارجه پاليسي مرتب ٿو ڪري. هندستان کي ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته پاڪستان جي فوج پنھنجي عوام کي فتح ڪرڻ جي عادي ٿي وئي آهي.“
پروفيسر جيستائين ڪو جواب ڏئي برگيڊئر صاحب باهه ٿي ويو ۽ ڌمڪي واري انداز ۾ ڇوڪري کي چيائين ته تو اهڙي جرئت ڪئين ڪئي؟ جو تون پنھنجي قومي اداري خلاف هڪ آمريڪي پروفيسر جي سامھون تنقيد ڪئي آهي. ڇوڪرو وري اٿي بيٺو ۽ برگيڊيئر کي ساڳئي ٽون ۾ جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پروفيسر اٺ ڏهه هزار ميل پري کان اچي پنھنجي ملڪ جي خارجه پاليسي تي تنقيد ڪري سگھي ٿوته اسين پنھنجي قومي اداري جي غلط عمل ۽ فيصلي تي تنقيد ڇو نٿا ڪري سگھون. شڪر ٿيو جو اهو شاگرد پنجابي پر سرائڪي هيو، جيڪڏهن سنڌي يا بلوچ هجي ها ته پوري خاندان جو ڪورٽ مارشل ٿي وڃي ها. انھي کان پوءِ ان دوست کي ڪافي تڪليفون آيون. پھرين سٽ ۾ هو مھيني کان پوءِ سمر ٽرينگ تي اوسلو اسڪالرشپ تي وڃڻو هيو، اها اسڪالرشپ ختم ٿي ويس. تمام ذهين ۽ هوشيار هيو ۽ ميرٽ تي ماسٽرس کان پوءِ ليڪچرار ٿيو، پر کيس اتي چين سان هن کي ويهڻ ڪين ڏنائون، آخرڪار نوڪري ڇڏي ايل ايل بي ڪري وڪالت شروع ڪري ڏنائين. الحمدلله اڄ هڪ سٺو ۽ سينيئر سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهي.
هر اداري جي ڪان ڪا اهڙي شئي هوندي آهي، جيڪا ان اداري جي سڃاڻپ يا ٽريڊ مارڪ ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح قائد اعظم يونيورسٽي جا ٻه ٽريڊ مارڪ تمام گھڻا مشھور هوندا هيا، پر هن وقت انھن ٻنھي مان مجيد جو کوکو سڀ کان وڌيڪ ۽ هردور ۾ مشھور آهي. اڄ به جيڪو قائد اعظم يونيورسٽي پڙهيو هوندو، جيڪڏهن ڪڏهن به ڪيتري وقت کان پوءِ به وڃڻ ٿيندس ته مجيد جي کوکي تي چانهه، ماني ضرور کائيندو. ٻيو هوندو هيو پوائنٽ بس جو ڪنڊيڪٽر راجه، قد جو پورو پنو پر دل جو درياءُ، پر هر هڪ جو پيارو. ڪنھن وقت کيسي ۾ پئسه ڪونه هوندا هيا ته هو پنھنجي طرفان پئسه ڏئي ڇڏيندو هيو ۽ اسين ٻي دفعي گذريل ڏينھن وارا پئسه کيس موٽائي ڏيندا هياسين. هر وقت پيو کلندو هو ۽ خوش مزاج هوندو هيو. انھي سان گڏوگڏ سڀني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا نالا ياد هوندا هيس.
يونيورسٽي جو پرامن ماحول ايترو ته بھترين هيو جو اسين رات جي ماني کائي ٽولين ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون يونيورسٽي جي چوڌاري پيريڦيري روڊ تي چڪر ڏئي واپس هاسٽل ڏانهن واپس ورندا هياسين، ڪنھن به قسم جو ڪو خطرو محسوس ڪونه ڪندا هياسين. وڻن جي وڻڪار ڪري اڪثر جڳھن تي انڌيرو هوندو هيو ۽ پاسن سان گدڙن جون اونائون پيون اينديون هيون.

مجيد جو کوکو

جيئن ته اسين سڀ شاگرد هميشه شام جو هاسٽل کان نڪري مجيد جي کوکي تي چانھه پيئڻ ويندا هياسين. هڪ دفعي منھنجي سينيئر ڇوڪري ٿوري ويچاري ٽنگ کي لمڪائي هلندي هئي پنھنجي منھن چپ چوريندي اهو گانو ڳائيندي پئي هلي ته چودھویں کا چاند ہو یا آفتاب ہو. مان پٺيان پي آيم ۽ هن مونکي ڪونه ڏٺو هيو ۽ ٻيو ڪو هيو به ڪونه، ته مون وراڻيو ته نه مان جمن آهيان. پٺتي نھاري چيائين تم بڑے بے شرم ہو اور بڑی خاموشی سے آ رہے ہو، تم کدھر جا رہے ہو؟ خير مون چيو ته چانھه پيئڻ مجيد جي کوکي تي. چيائين ته اڪيلو نه ويندو ڪر. مون چيو ته ڇو ته مذاق ۾ چيائين ڪوئي توکي اغوا ڪري وڃي ته پوءِ؟ مان به مذاق ۾ چيو ته مونکي ڪوئي اغوا نٿو ڪري سگھي سواءِ تنھنجي. چيائين ته سنڌي ماڻھو بدمعاش ٿي ويو آهين. اها ڇوڪري منھنجي پڙهائي جي معاملي ۾ ڏاڍي مدد ڪندي هئي. مذاق ۽ سھپ به ڏاڍي هوندي هيس.
مارشلا کي لڳي اڃان ڇهه ست مھينا مس گذريا هيا ته ڊپارٽمينٽ جي طرفان تربيلا ڊيم وزٽ جو پروگرام ٿيو. يونيورسٽي جي بس ۾ صبح جو سوير تيار ٿي تربيلا ڊيم ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين، حسب معمول اجرڪ ڪلھن تي ۽ ٽوپي پاتل هئي. يونيورسٽي جي بس پنڊي کان ٿيندي ٽيڪسيلا، واهه ڪينٽ، حسن ابدال کان ٿيندي لارينسپور کان ٿورو اڳتي هلي جي ٽي روڊ ڇڏي اوڀر طرف غازي ۽ انکان پوءِ تربيلا جي حد ۾ پھتاسين. واپڊا جي جنرل مينيجر صاحب اسان سڀني جو آڌرڀاءُ ڪيو. ڊيم جي ٽاپ تي پھچڻ بعد بس کي اتي بيھاريو ويو ۽ اسين سڀ پيادل ڊيم جي ٽاپ تي اڳتي اتر طرف هلڻ شروع ڪيو. تربيلا جي ٽنل نمبر فور وٽ پھچڻ کان پوءِ اسان سڀني کي ڦڪي رنگ جا ٽوپلا پائڻ لاءِ ڏناويا. انھيءَ کان پوءِ اسان ڏاڪڻين جي رستي هيٽ لھڻ شروع ڪيو ۽ اسان سڀني کي پاور جنريشن جي پروسيس کان آڳاهي ڏنائون ته ڪيئن ٽنيل مان پاڻي هيٺ اچي پکن کي زور سان هلائي ٿو ۽ انھي عمل سان بجلي پيدا ٿئي وغيره وغيره. اسان کي حقيقتن ڪجھه سمجھه ۾ ڪين آيو، باقي ها ۾ ها اسين به سڀني سان گڏ ملائيندا رهياسين.
انهيءَ ٽنيل نمبر فور جو افتتاح ڀٽي صاحب ڪيو هيو. صحيح ياد ناهي پر غالب امڪان اهو آهي ته شايد ڇهه يا ست سو ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هئي. باقي ٽن ٽنيلس جي متعلق چيائون سڀني جو بجلي پيدا ڪرڻ جو پروسيس ۽ پيداوار هڪ ئي آهي. اهي اسان کي پري کان اشارن سان ٻڌايائون.
واپس ورڻ مھل ڪرنل صاحب اسان سڀني لاءِ واپڊا ريسٽ هائوس تي چانھه پاڻي جو انتظام ڪيو هيو. ڪرنل صاحب جي بيگم، ڀيڻ ۽ ٽئي ڌيئر منھنجي محبوبه سميت اتي آيا ۽ اسان سڀني کي زبردست مڪمل کاڌي پر چانھه جي روپ ۾ ارينج ڪيو. ان وقت اسانجي ڊپارٽمينٽ ۾ ٽي ڪيپٽن آرمي ايجوڪيشن ڪور جا اسان سان گڏ يونيورسٽي ۾ پڙهندا هيا. اتفاق سان جڏهن هٿ ملايوسي پئي ته هرڪو پنھنجو تعارف ڪرائيندو پيو وڃي، ٽئي ڪيپٽن به هڪٻئي جي پٺيان مليا ۽ تعارف ڪرايائون ته ڪيپٽن فلاڻو فلاڻو. ڪرنل صاحب هڪدم چيئرمين چيمه صاحب کي چيو ته چيمه صاحب لڳي ٿو ته تنھنجي ڊپارٽمينٽ تي فوج جو ڪنٽرول وڌي ويو آهي. هي به آرمي جو ۽ جمن به آرمي جو. چيئرمين حيران ٿي ويو هنن جي ته مونکي خبر آهي، پر جمن جي خبر مونکي هينئر ٿي پوي ته هي به آرمي جو ماڻھو آهي.
چيئرمين وراڻيو ته ڪرنل صاحب انجو مطلب ته تنھنجي اسان جي ڊپارٽمينٽ تي تمام گھري نظر آهي، جو جنھن جي اسان کي خبرناهي ۽ توهان کي انجي خبر آهي. اتي سڀني کي محسوس ٿيو ته جمن جي ڪري اسان سڀني کي هي آڌرڀاء مليو آهي. منھنجي محبوبه جون ڀينر، پڦي ۽ ماءُ سڀ کان وڌيڪ منھنجو خيال پيا رکن. غازي ڳوٺ آهي ڪرنل صاحب جو. اهو مان واضع ڪيان ته هي سڀ ڪجھه منھنجي پنھنجي محبوبه کي شادي جي انڪار ڪرڻ کان پوءِ جو واقعو آهي.
منھنجي محبوبه جي شادي سول سروس اڪيڊمي جي دوران اسانجي بيچ ميٽ سان ٿي هئي، جنھن جو تعلق پنجاب جي اعواڻ برادري سان هيو. ان شخص مونکان پڇيو هيو ته مان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ مونکي دوستن ٻڌايو آهي اها توهان جي ڪلاس فيلو ۽ پياري آهي. مون هن کي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن مونکي شادي ڪرڻي هجي ها ته اڄ تون انکي اڪيڊميءَ ۾ ڪونه ڏسين ها. باقي جيستائين پياري هجڻ جو تعلق آهي ته هوءَ مون کي صرف پياري ناهي پر منھنجي محبوبه آهي. جيڪڏهن تون شادي ڪرڻ چاهين ٿو ته مان صرف اهو چوندم دل جي صاف ۽ معصوم آهي .جڏهن اسانجي دوست منھنجا چيل لفظ انکي ٻڌايا ته اڳيان جواب مليس ته جمن سچ ٿو چوي. پوءِ وري مون ڏي آيو ۽ چيائين ته معاف ڪجائين، مونکي ڪجھه دوستن وهم وڌو هيو، جيڪو هينئر صاف ٿي ويو. ٿوري عرصي کان پوءِ ٽريننگ جي دوران شادي ٿي وين.
منھنجي محبوبه مرڻ گھڙيءَ تائين منھنجي لائف پارٽنر ۽ منھنجي اولاد جو وڌيڪ خيال رکندي هئي. مان پنھنجي لائف پارٽنر ۽ ٻچڙن کي ٻڌائي ڇڏيو هيم ته هيءُ منھنجي محبوبه آهي. منھنجي ذاتي فيملي جا سڀ ميمبر منھنجي محبوبه سان پيار ۽ محبت وارو رشتو رکيو. منھنجي محبوبه ڪڊني فيليوئر جي ڪري پنھنجي اصل ماڳ تي پھچي وئي. الله سائين کيس جنت ۾ اعلي مقام عطا ڪريس.
ڪجھه دوستن چيو ته تنھنجي محبوبه جو آخر ڇا ٿيو؟ تنھن ڪري مون ٿورو انھي متعلق بيان ڪيم. مان صرف اهو چوڻ چاهيان ٿو ته پيار ۽ محبت جيڪڏهن ڪنھن لالچ ۽ مقصد حاصل ڪرڻ کان بغير آهي ته اها محبت ۽ عزت لازوال آهي. زندگيءَ جي هر موڙ تي صرف سچائي ۽ بي لوث محبت ڪاميابي سان همڪنار ڪندي آهي. محبت انسان جي لاءِ تمام ضرور آهي، انھي کان بغير زندگي اڌوري پر غلط مقصد واري محبت نه هجي، جيڪا انسان کي حيوان بنائي ڇڏي.
سول سروس اڪيڊميءَ ۾ شادي جا ڪيترا ئي معاملا اتي اچي طئه ٿيندا آهن ڪجھه پنھنجي بيچ ميٽ سان ته ڪجھه لاهور جا شڪاري به ميس ۽ گيسٽ نائيٽس جي موقعن تي شڪار ڪندا آھن.

سِوِل سروس اڪيڊمي ۽ لاهور جا شڪاري

لاهور جا شڪاري هميشه سول سروس اڪيڊمي جي ملھايل گيسٽ ۽ ميس نائيٽس مان ڀرپور طريقي سان پروبيشنرس تي وار ڪندا آهن ته جيئن هو پنھنجي لاءِ ڪو گھر ناٺي سليڪٽ ڪن. انھيءَ ڄار ۾ ڪيترائي شڪار به ٿيندا آهن. اتان جي ماڻھن کي آيل پروبيشنرس جي متعلق گھربل انفرميشن اتي جا ايمپلائيز پھچائي ڏيندا آهن پوءِ جيترو جنھن جو وس پھچندو آهي اهي ڪري رهندا آهن. ڪاميابي يا ناڪامي ته هر ڪنھن جي مقدر مطابق نصيب ٿيندي آهي.
جيڪي لاهوري ميس ۽ گيسٽ نائيٽ جي توسط سان پھچي ڪين سگھندا آهن ته پوءِ ڪنھن پنھنجي اعتماد واري ۽ اثررسوخ واري دوست جي مدد سان پروبيشنرس تائين پھچڻ جا رستا ڳولھي ڪڍندا آهن.
جيڪو مون سان ٿيو، مان انجو ٿورو تفصيل هيٺ دوستن لاءِ شيئر ڪريان ٿو. منھنجو هڪ دوست پنھنجي بيچ ميٽ جي ڪري ٿيو. اهو دوست پنھنجي ڀاءُ سان ملڻ هفتي ۾ ٽي چار دفعا ايندو هيو ۽ انھي ڪري اسان ٽنھي جي پاڻ ۾ سٺي دوستي ٿي وئي. اڪثر هو اسان کي شام جو ڪلاڪ اڌ لاءِ لاهور جو چڪر ڏيارڻ ۽ گڏوگڏ ڪڏهن چانھه يا قلفي وغيره کارائي موٽائي هاسٽل اچي ڇڏيندو هيو. ڄڻ ته اسانجو پاڻ ۾ بي تڪلفي وارو ماحول ٿي ويو هيو. هنن ٻنھي ڀائرن کي انھن جي دوست ڪا منھنجي لاءِ ذميواري رکي ته ڪئين به ڪري ڪو سٺو ۽ بااعتبار ڇوڪرو ڳولھن ان جي نياڻي لاء. حسب معمول هڪ ڏينھن ڪجھه وڌيڪ ٽائيم ورتن، لاهور کي گھمڻ ڦرڻ ۾ ۽ موٽ تي ان جي وڏي ڀاءُ پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي چيو ته يار واجي تو به مونکي ياد ڪونه ڏياريو فلاڻي دوست سان واعدو ڪيو هيم ته اڄ تو وٺ اچي چانھه پيئندم وغيره وغيره. واجي جو نالو اصل ۾ واجد شاهه بخاري هيس پر وڏو ڀاءُ انکي واجي ڪري سڏيندو هيس ۽ واجد شاهه کي اڄ تائين مان ڪڪڙ شاهه ڪوٺيندو آهيان.
اتي مون کي واجد شاهه جي وڏي ڀاءُ شوڪت شاهه بخاري مرحوم، الله جنت ۾ اعليٰ مقام نصيب ڪريس. چيو ته جمن سائين جيڪڏهن اجازت ڏئين ته ان دوست وٽان پنج منٽ رڳو ليئو پائي اڳتي هلون ۽ انجو گھر بس اڳئين گھٽي ۾ آهي. هاڻي سائين جمن کي هڪ مفت جي سواري مٿان گھمائن به اهي، ڪھڙو جواب ڏيندو ادا ڀلي پر يار جلدي ڪجو. مان به انھن سان گڏ هاڻي جڏهن اتي پھتاسين ته سج به لھڻ وارو هيو. اتان واري ميزبان اچي زور ڀرين ته يار بخاري هڪ ته تون گھڻي عرصي کان پوءِ آيو آهين، مٿان وري گڏ توهان سان مھمان به آهي، هاڻي ته توهان رات جي ماني کائي پوءِ وڃو. نه بخاري صاحب به گھڻي ڪئي پر ڳالھه ڦيرائي اچي مون تي بيھارن ته جيستائين جمن سائين راضي نه ٿيندو، تيستائين اسين ڪونه ويهنداسين، ڇو ته اسان جو واعدو ٿيل آهي ته صرف پنج منٽ هتي اينداسين. هاڻي هو جھونو اچي منھنجي کاڏي تي هٿ رکي ته سائين توهان ٿوري وقت جي لاءِ مھلت ڏيو، وڌ ۾ وڌ پندرهن ويهه منٽ بس ماني تيار آهي.
ڪنواري ڇوڪري وانگر آهستڙي مون به ها ڪئي. ڊرائنگ ڪمرو ڊائننگ هال هيو، پنج منٽ ڪونه گذريا ته هڪ ڪاليج ۾ پڙهڻ واري عمر جي ڇوڪري آئي ۽ سڀني کي سلام ڪيو ۽ ڊائننگ ٽيبل تي پليٽون، گلاس ۽ چمچا رکيا. ان کان پوءِ ان ڇوڪري جي ماءُ آئي ۽ ماني لڳي. چار ڄڻن ٽيبل تي گڏجي ماني کاڌي ۽ مون سان به تعارف ٿيو. پنھنجو به تعارف ڪرايائين خبر پئي ته هو ويسٽ پاڪستان جو رٽائرڊ چيف انجنيئر هيو. خير ماني کائي هاسٽل ڏانهن راهي ٿياسين. رستي ۾ ڪوبه ٻيو ذڪر ڪونه نڪتو، بس رڳو هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالھيون ڪندا اچي هاسٽل پھتاسين.
ٻن ڏينھن کان پوءِ شوڪت شاهه بخاري آيو ۽ اسان ٻنھي کي لبرٽي مارڪيٽ وٺي آيو. لبرٽي انھيءَ ڪري وٺي آيو جو واجد جي مڱ به پنھنجي ماءُ سان اتي اچڻي هئي تنھنڪري اسان به اتي آياسين. ٿوري دير کان پوءِ واجد جي مڱ آئي، منھنجو به پنھنجي مڱ سان تعارف ڪرايائين ۽ غائبانو منھنجو تعارف ساڻس اڳم ٿيل هيو. شوڪت مون کي چيو ته واجي کي ڇڏ، اهي ڀلي آئيس ڪريم کائن، اسين هن اڳئين اسٽور تي هلي فريش جوس ٿا پيئون.
فريش جوس صرف بھانو هيو، هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالھيون ڪندي چيائين. جمن سائين ڇا تنھنجو خيال آهي ان ڇوڪري جي باري ۾. مون پڇيس ڪھڙي ڇوڪري؟ چيائين ته ٽي ڏينھن اڳ رات جي ماني کاڌي هئي. مون چيو ته مان ڇوڪري کي ته ڏٺوئي ڪونه، ۽ حقيقت به اهائي هئي ته ڇوڪري جي چھري تي جيئن نظر پئي ته مان وڌيڪ ان کي ڪونه ڏٺو، باوجود ان جي ته هو اتي پنج اٺ منٽ بيٺي ٿانو ٿڦا ماني کائڻ جي ميز تي رکيا. چيائين ته ڇوڪري پنھنجي والدين کي اڪيلو ٻار آهي ۽ ملڪيت جام اٿس. مونکي اڄ ڇوڪري جي پيءُ چيو ته اسان کي قبول آهي ۽ زال مڙس ٻئي تنھنجي ڏاڍي تعريف پيا ڪن ۽ چون ٿا ته جيڪڏهن ها ڪري ته اسين کيس ٻه لک روپيه ڪيش، نئين ماڊل جي ڪرولا گاڏي ۽ بنگلو ڪراچي ۾ وٺي ڏيونس. ڇوڪري جي پيءُ جو هڪ بنگلو ڪلفٽن ڪراچي ۾ آهي جيڪڏهن اهو نه وڻي ته ڊفينس ۾ بنگلو وٺي ڏيونس. صرف تون ها ڪر.
بخاريءَ کي چيم ته مان هتان شادي ڪونه ڪندم چيائين ڇو؟ مون چيس ته منھنجي هن وقت نو سو پگھار آهي. ٻه لک منھنجي اوقات کان تمام گھڻا آهن. جنھن ڇوڪري جي ڪري مونکي ايترا پئسه، گاڏي ۽ پسند جو بنگلو به وٺي ڏين ته لازمي طور انھيءَ ملڪيت ۾ پنھنجي پيءُ ماءُ کي ويھاري يا رهائڻ لاءِ مونکي ڇوڪري جي مرضي کي ڏسڻو پوندو ۽ منھنجا والدين ٻھراڙي جا رهاڪو آهن ۽ پنجابي يا اردو ڳالھائڻ ۽ سمجھڻ هنن لاءِ وڏو مسئلو ٿيندو. تنھنڪري مان ڪنھن اهڙي گھر مان شادي ڪين ڪندس جتي منھنجي والدين کي ڪنھن به لحاظ کان ڏکيائي ٿئي.
وڌيڪ مون بخاري کي چيو ته مونکي تون اِهو ٻڌاءِ تنھنجا پيءُ ماءُ تنھنجي اتان شادي ڪرائڻ ۾ خوش ٿيندا جتي انھن لاءِ ڪلچر جي ٿوري گھڻي ڦير ڦار هجي. بخاري مونکي ڪيترا ڀيرا جھنگ شھر وٺي ويو، جتي هنن جو اباڻو گھر آهي ۽ مونکي پنھنجي حويلي ۾ رهائيندا هيا ۽ بخاري جون ڀينر ۽ والدين به مونکي اڄ تائين پنھنجي گھر جو ڀاتي ڪري سمجھندا آهن. تنھنڪري مونکي سڄي خبر هئي ته بخاري جي والدين سندس رشتو لاهور مان وٺڻ پسند ڪونه ڪيو هيو جنھنجو ذڪر بخاري جي پئ مونسان ڪيو هيو ۽ ڇاجي ڪري پسند ڪونه ڪيو هيو، اهو به مونکي معلوم هيو. بخاري خاموش ٿي ويو.
منھنجي شاديءَ لاءِ والدين پاڻ ڇوڪري سليڪٽ ڪئي ۽ بغير ڏٺي مون قبول ڪئي، ايتري تائين جو مونکي ڇوڪري ته پري جي ڳالھه پر فوٽو تائين به ڪونه ڏيکاريو ويو. شادي واري ڏينھن جيڪو روبرو ڏٺو تڏهن کان اسين ٻئي هڪ ٿي وياسين.
منھنجي والدين مونکي چيو ته تون پاڻ سليڪٽ ڪر پر صرف خيال ڪجائين ته اصلي ۽ نسلي خاندان هجن. مالي پوزيشن انھي ۾ ڪابه رڪاوٽ نه ٿئي. مون والدين کي چيو ته توهان منھنجي لاءِ ڇوڪري جو انتخاب ڪيو ۽ منھنجي والدين ٻن ميلن جي پند تي منھنجي ساٿي جو انتخاب ڪيو. ان وقت مان اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاهه هيس. ۽ الحمدلله شادي جي معاملي ۾ وڏو خوش نصيب آهيان ڇو ته منھنجي شادي ۾ والدين جي رضا ۽ خوشي هئي. منھنجا والدين ته هن وقت هن دنيا ۾ رهيا ناهن، پر انھن جي دعا مون سان هميشه همراهه هوندي آهي. الله سائين هر هڪ جي والدين کي جيڪي هتان هميشه جدا ٿي ويا آهن، انھن سڀني کي جنت الفردوس عطا ڪري .الحمدلله منھنجي والدين جي پسند ۽ چونڊ اڄ ڪلهه منھنجي لاءِ رحمت ۽ وڏو سھارو آهي.

والد جون نصيحتون

الحمدلله، مان انھن ماڻھن مان هڪ خوش نصيب آهيان، جنھن تي الله جي ذات بابرڪات منھنجي اوقات کان وڌيڪ اڻ ڳڻيا احسان آهن. جنھن وقت سي ايس ايس جو رزلٽ آيو ۽ مون مسڪين کي الله جي ذات منھنجي حيثيت کان وڌيڪ عطا ڪندي ڊي ايم جي (District Management Group) جي پوسٽ ڏني. اها هڪ فطري ڳالھه آهي ته منھنجي والدين ۽ ٻين گھڻگھرن کي بي انتھا خوشي ٿي.
منھنجي والد صاحب رات جو اڪيلو مونکي سڏي پاڻ وٽ ويھاري ڪجھه نصيحتون ڪيون، جنھن تي مون ڪوشش ڪندي اڄ تائين الحمدلله انکي پوري ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي ۽ انھيءَ جي ڪري مان اڄ تائين پرامن ۽ بغير ڪنھن پريشانيءَ جي زندگي بسر ڪري رهيو آهيان.
منھنجي والد صاحب سڀ کان پھريان اها نصيحت ڪئي ته ڪنھن به حالت ۾ دنيا ۽ طاقت جي نشي ۾ ڪنھن جي دل آزاري نه ڪجائين.
اسلام جي فرض جي قضا آهي، پر انسان جي دل کي رنجائڻ جي ڪابه قضا يا ڪفارو ڪونھي. هڪ قصو بيان ڪري ٻڌايائون ته هڪ دفعي حضرت معين الدين چشتيرح جن وٽ هڪ ماڻھو پري کان پنڌ ڪري سڪ ۽ وڏي محبت سان طعام کڻي آيو. جڏهن اهو پرديسي شخص چشتي صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته اهو طعام اچي اڳيان رکيائين ۽ بار بار عرض ڪيائون، سائين هي طعام کائو، پھريان ته چشتي صاحب ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، آخرڪار ان شخص جي بار بار عرض ڪرڻ تي چشتي صاحب طعام کائڻ خاطر هٿ وڌايو، جنھن تي خادمن يادگيري ڏيارڻ خاطر عرض ڪيو ته سائين توهان کي ته روزو آهي، ايئن ته ناهي جو توهان کان وسري ويو هجي. چشتي صاحب فرمايو ته مونکي بلڪل ڄاڻ آهي ته مونکي روزو آهي. اها به خبر اٿم ته روزو ٽوڙڻ جو ڪفارو آهي. پر توهان کي شايد ان ڳالھه جو اندازو ناهي ته جيڪڏهن هن پري کان آيل دوست جي جذبي جو مون خيال نه ڪيو ۽ هن جي دل آزاري ٿي ته انجو ڪوئي ڪفارو ڪونھي. جيڪو الله جي ذات کي هرگز پسند ناهي.
ٻيو ڪنھن به صورت ۾ لالچ نه ڪجائين.
ٽيون اهو هميشه خيال رکجائين ته هڪ ڏينھن احڪم الحاڪمين جي درٻار ۾ پيش ٿيڻو آهي.
چوٿون ست فوٽ زمين جي هيٺ وڃڻو آهي اتي توکي هٿين خالي وڃڻو آهي.
پنجون برڪت حلال مال ۾ آهي، حرام جي مال ۾ برڪت ڪڏهن به ناهي، مثال ڏيندي سمجھائين ته توکي خبر آهي ڳئون، مينھن وغيره تقريباً ڏيڍ ٻن سالن کان پوءِ هڪ ڦر ڄڻيندي آهي.ٻڪري سال ۾ هڪ کان ٻه ٻار ڄڻيندي آهي.
انھي کان علاوه تقريباً هرروز لکين ڳئون، ٻڪريون ۽ مينھون ذبح ٿين ٿيون . ذوالحج جي مھيني ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ جانور ذبح ٿين ٿا. انھي کان پوءِ به توکي ڳئن، ٻڪرين ۽ مينھن جا وڳ ۽ ڌڻ عام جام نظر ايندا.
انھيءَ جي برعڪس ڪتن ۽ ٻلن جي ڄم ۾ واڌ توکي تمام گھڻي نظر ايندي آهي، يعني ڪتا ۽ ٻلا سال ۾ ٻه ٻه دفعا ٻار گھٽ ۾ گھٽ ست اٺ ڄڻن ٿا ۽ انھن کي ڪير ذبح به ڪونه ٿو ڪري، انھي جي باوجود توکي ڪڏهن به ان حرام جانور جا وڳ ۽ ولر ڪونه نظر آيا هوندا. انھيءَ ڳالھه کي ذهن نشين ڪجائين ته حرام جي ڪمائي مان توکي ڪڏهن به سڪون ۽ برڪت ڪين ملندي. تنھن جي ڪري آسان ۽ حرام جي ڪمائي پٺيان ڪڏهن به نه وڃجانءِ. جيڪڏهن ويندين ته سڀ کان پھريان الله جي رحمت ۽ برڪت تنھنجي مٿان ختم ٿي ويندي. پوءِ تنھنجي عزت عوام جي دلين مان ختم ٿي ويندي ۽ مجبوري جي ڪري جيڪڏهن ڪو تنھنجي عزت ڪندو ته اها صرف چاپلوسي هوندي، جيڪا بقادار هرگز ڪين ٿي سگھي ٿي.
ڇھون ته ڪڏهن به پنھنجي ذات سان دوکو ڪين ڪجائين. ٻيون ڳالھيون ته مونکي سمجھه ۾ اچي ويون پر ان ڳالھه جو مونکي مطلب ان وقت سمجھه ۾ ڪين آيو ته پنھنجو پاڻ سان ماڻھو ڪيئن دوکو ڪندو ؟ دل ۾ خيال ايندا رهيا ته انھيءَ جو مطلب ڇا ٿي سگھي ٿو. آخرڪار انھيءَ جو مطلب مون پنھنجي زندگيءَ جي لاهين ۽ چاڙهين کان پوءِ جيڪو سمجھيو اهو هتي دوستن جي آڏو پيش ڪيان ٿو ۽ اهو عرض به ته جيڪڏهن اوهان دوستن مان ڪير انھيءَ جو اصل مطلب سمجھي ٿو ته ضرور شيئر ڪري.
منھنجي حساب سان ته جڏهن ڪوئي انسان ڪنھن ٻئي دوست کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ اهو سمجھندو آهي ته مان هن سان اهڙي چال کيڏي ويم، جو هن کي خبر ئي ڪانه پئي. مان هن کان وڌيڪ چالاڪ نڪتس وغيره وغيره . واقعي في الوقت مان ڪنھن کان اهڙو ڪوئي ڪم ڪڍي ويس ۽ هن شريف ماڻھو مون تي اعتبار ڪندي منھنجي مرضي مطابق ان تي عمل به ڪيو. پر جڏهن ان دوست کي اها ڄاڻ ٿي ويندي ته يار مون سان ته دوکو ڪيو اٿس. اها انسان جي فطرت ۾ آهي، جڏهن هن کي خبر پوندي آهي ته فلاڻي ماڻھو مونسان ڄاڻي واڻي دوکو ڪيو آهي. ان وٽ جيڪا ڪنھنجي لاءِ عزت هوندي آهي اها بلڪل ختم ٿي ويندي آهي. انھيءَ جو مطلب ته مون پاڻ سان دوکو ڪيو، ڪنھن ٻئي سان ڪونه ڪيو.
ستون بابا گرمي سرديءَ ۾ اسان ٻھراڙيءَ جا ماڻھو گرمي جي موسم ۾ پگھر ۾ شل هوندا آهيون، پوءِ ڪير به وڏي عمر وارو اچي ته اڳ ۾ اٿي انھيءَ کي ڀاڪر پائي ملندو ڪر، انھي جو ڪڏهن به خيال نه ڪجانءِ ته تنھنجا ڪپڙا يا استري خراب ٿي پوندي. تنھنجا ڪپڙا وري استري ٿي ويندا يا ڌوپندا پر جيڪڏهن تون انھن سان ايئن نه ملندين ته هنن جي دل ٽٽندي جنھن جو ڪوئي ڪفارو نٿو ادا ڪري سگھي.
جنھن وقت منھنجي والد صاحب اها مونکي نصيحت ڀريا لفظ چئي ۽ واعدو ورتو ته تون انھي تي عمل ڪندين مان دل ۽ جان سان بابي سائين سان واعدو ڪيم ۽ بابو سائين ڏاڍو خوش ٿيو ۽ الله جي درٻار ۾ هٿ کڻي منھنجي ڪاميابي ۽ عزت جي لاءِ روئي الله کان دعا گھري ۽ چيائين ته بابا الله ڪندو ته تون ڪڏهن به ڪنھنجو محتاج ڪونه ٿيندين.
مان اڄ تائين انھيءَ چيل نصيحت تي عمل ڪندي هيستائين پھتو آهيان ۽ اها ساڳي نصيحت مان پنھن جي نوجوان دوستن کي ٿو ڪيان، جيڪڏهن توهان سمجھو ته اها نصيحت بھتر آهي ته ان تي عمل ڪرڻ جي ضرور ڪوشش ڪندا. مون کي يقين آهي ته توهان جيڪڏهن ان تي عمل پيرا ٿيندا ته ضرور ڪامياب ٿيندا.
الحمدلله مان اها ساڳي نصيحت پنھنجي اولاد سان هروقت ڪندو رهندو آهيان. مان حيران هوندو آهيان انھن جي داشمندي ۽ عقل تي، جڏهن ته هنن ظاهري تعليم ڪان ورتي هئي. ظاهري طرح اڻپڙهيل پر ڄاڻ سان ڀريل خزانو هئا.

همتِ مردان، مدَدِ خدا

الله جي ذات بابرڪات انسان کي اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو آهي. انسان جي ناتي ڪجھه ضابطن جي هيٺ رهي ڪري پنھنجي زندگي گذارڻي آهي. جنھن لاءِ هڪ اصولن تي مبني نظام ٺاهي ڏنل آهن ته جيڪڏهن انھن مقرر ڪيل حدن جي دائري ۾ رهي ڪري زندگي گذاريندئو ته ڪاميابي نصيب ٿيندي. جيڪڏهن انھي مقرر ڪيل دائري کان ٻاهررهي ڪوئي قدم کڻندئو ته نقصان ۾ ويندئو. اهي ڪجھه اصول هي آهن،
نيت جي صفائي، محنت، سٺو ڪردار، ڪنھن جي حق تلفي نه ڪرڻ، ظلم ۽ ڏاڍ کان پاسو ڪرڻ، هر ڪنھن سان ڀلائي ڪرڻ ۽ ٻئي لاءِ سٺو سوچڻ وغيره وغيره.
جڏهن ماڻھو مٿي ڏنل اصولن تي هلڻ شروع ڪندو آهي ته مشڪلاتون ضرور اچي پاسو وٺنديون آهن پر آخرڪار فتح حق جي ٿيندي آهي.
جيڪڏهن اسين ترقي يافته دنيا کي غور سان جاچينداسين ته اهي مٿي ڄاڻايل اصول توهان کي اتي نظر ايندا. سڀ کان اول اتي ڪير ڪنھن سان زيادتي ۽ حق تلفي ڪري نٿو سگھي، ڇو ته اتي جي سوسائٽي پنھنجي رهڻ لاءِ اهي اصول ٺاهي ۽ انھن تي عمل پيرا ٿيا آهن.
سوسائٽي کي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ وارا به انسان هوندا آهن. فرق صرف ايترو هوندو آهي ته هڪڙا پنھنجي ذات سان سچا هوندا آهن ۽ ٻيا پاڻ سان سچا ڪونه هوندا آهن. جيڪي پاڻ سان سچا هوندا آهن اهي نيت جا هڪٻئي لاءِ سچا ۽ محنت ڪري اڳتي وڌڻ لاءِ هر وقت ڪوشش ڪندا آهن.
اهڙيءَ طرح جيڪي انسان ڪامياب ٿيندا آهن انھن جي لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته محنت تي گھڻو ڌيان ڏيندا آهن. محنت هڪ تمام وسيع ميدان آهي، جنھن ۾ اهي مٿي ڄاڻايل اصول تقريباً سڀ اچي وڃن ٿا. اڄ ڪلهه ڪنھن جي لاءِ سٺو سوچڻ ۽ ڪنھن سان زيادتي نه ڪرڻ لاءِ به تمام گھڻي محنت درڪار ٿئي ٿي. ڇوته اڄ ڪلهه اسين محنت گھٽ ۽ شارٽ ڪٽ جي وسيلي ٻئي جي حق تلفي ۾ مصروف گھڻا آهيون ۽ انھيءَ کي اسين برو ڪونه ٿا سمجھون. بدقسمتي سان اهڙي شارٽ ڪٽ وسيلي سان حاصل ڪيل ڪنھن حقدار سان زيادتي کي اسين هڪ برائي جي جاءِ تي ڪاميابي تصور ڪريون ٿا ۽ سوسائٽي ان عمل کي قبول ڪري ٿي، جنھن ڪري محنت ڪندڙ جي حق تلفي ٿئي ٿي جيڪا الله جي ذات کي پسند ناهي، ڇوته اها ان ڏسيل اصول جي مخالف ۽ بد نيتي تي مبني آهي جيڪا اشرف المخلوقات جي تذليل آهي. هڪ پاسي اسين پاڻ کي اشرف المخلوق سڏايون وري عمل ڪيون انجي ابتڙ ته ظاهر آهي ڪاميابي ته نصيب ڪونه ٿيندي.
جڏهن ناانصافي کي هٿي، محنت ڪندڙ ۽ حقدار جي حق تلفي عروج تي هجي، اتي يقينن پاڻ سان يا حقدار جي حق جي حمايت هڪ وڏو ڏکيو ڪم ڪري ڇڏيو آهي، انھي جو هرگز اهو مطلب ناهي ته اسين اهڙي حالت ۾ محنت ۽ مظلوم جو ساٿ ڇڏي ڏيون ۽ صرف پاڻ کي لاچار ۽ ڪمزور سمجھي همت هاري ويھي رهون.
همت مردان ته مدد خدا
بي همت مردان ته بيزار خدا.
اهي مرد هميشه تاريخ ۾ ياد ڪيا ويندا آهن جيڪي اهڙي تاريڪي جي دور ۾ انھي انسان دشمن نظام کي همت ۽ محنت سان منھن ڏيندي پنھنجي لاءِ راه ڳولھي ڪڍن ٿا. جنھن جي هن وقت سنڌ ۽ سنڌ جي ماروئڙن کي سخت ضرورت آهي. الحمدلله سنڌ ۾ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ اهڙا گھڻا مجاهد ميدان ۾ لٿل آهن، جيڪي انتهائي ۽ تاريخ جي بدترين حالتن جو مقابلو ڪندي پنھنجي لاءِ راه هموار ڪن پيا. تنھنڪري مان هينئر ڪافي حد تائين مطمئن آهيان ته سنڌ جو نوجوان باوجود زيادتين ۽ بي انصافين جي ميدان خالي ناهي ڇڏيو.
اسان جي سول سوسائٽيز ۾ به آهستي آهستي انھيءَ ڳالھه جو احساس ٿيندو وڃي پيو.
سنڌ ۾ هن وقت جيڪي وصفون هڪ انسانيت جي ناتي سان هجڻ کپن، انھن جو پري پري تائين نشان نظر نٿو اچي. سٺي ڳالھه ٿئي پئي ته هاڻي جڏهن سنڌ جو رهاڪو ڏيھه ۽ پرڏيھه ۾ وڃي رهيو آهي ته انھيءَ شئي جو احساس به ٿيڻ لڳو آهي ته جيستائين اسين محنت جي پنھنجي پاڻ ۾ عادت ڪين وجھنداسين تيستائين اسين هن برائي واري جڪڙيل نظام مان جان آزاد ڪرائي ڪونه سگھنداسين.
اسانجي ڪمزوري وسائل جي نه هجڻ ناهي. الحمدلله اسان وٽ وافر مقدار ۾ وسائل آهن، جيڪڏهن ڪمي ۽ ڪوتاهي آهي ته اسين انھن وسيلن کي پنھنجي ڀلائي خاطر استعمال ڪرڻ جي طريقن ۽ بدنيتي تي مبني جڙيل هن هٿ ٺوڪئي نظام جي آهي، جنھن کي اسين پاڻ پروان ۽ مضبوط ڪندا آيا آهيون. هاڻي اسان کي،
محنت ۽ مثبت سوچ جي سخت ضرورت آهي.

سنڌ جي وسيلن جو صحيح استعمال، هڪ وڏو چئلينج

سنڌ جي وسيلن کي صحيح نموني استعمال ڪرڻ اسان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج ٿي ويو آهي، انھيءَ جا گھڻائي مختلف پھلو آهن. پر مان ڪوشش ڪري هڪ خاص سبب جو ذڪر ڪندس. اهو آهي اسان سڀني جي ۽ خاص ڪري نوجوان ٽھيءَ جي دلچسپي نه وٺڻ. انھي لاءِ اسان جا نوجوان ته ڪجھه ذميوار آهن پر ڪجھه اسان سڀني جي به ڪوتاهي آهي. ننڊن ٻارن جا ذهن بلڪل نئين سافٽ ويئر جھڙا آهن ۽ جھڙو پروگرام ان ۾ استعمال ڪبو انھي مطابق پنھنجي آئوٽ پُٽُ ڏيندو.
سنڌ تعليمي ماحول خصوصن 1977ع کان پوءِ تيزي سان بگاڙيو ويو. هن وقت تعليم جو ماحول ايترو خراب ٿي ويو آهي جو انھي کان وڌيڪ خراب ٿيڻ جي ڪابه گنجائش ڪان رهئي آهي. گذريل تقريباً پنجٽيھه چاليھه سالن جي اندر سنڌ مان قدرتي گئس ۽ تيل ڪافي نڪرڻ شروع ٿيو. بدقسمتي سان سنڌ جي وسيلن تي منصوبي تحت قبضو ٿيندو ويو، ايتري تائين جو انھن ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس تي به سڀ غير سنڌي ويٺا آهن. گئس ۽ تيل جي پيداوار سنڌ مان ٿئي پر انھيءَ تي سنڌ جو ڪوئي حق ناهي. اها سنڌ سرڪار جي نااهلي آهي جو او جي ڊي سي ايل ۽ ٻين ادارن تي سنڌ جي نمائندگي لاءِ مرڪزي سرڪار کان پنھنجو حق وٺي ڪين سگھي آهي.
سنڌ سرڪار اڄ تائين مرڪز جي انھن ادارن ۾ سنڌ سان واسطو رکندڙ اهل ماڻھن کي ۾ ڪابه اهڙي پوزيشن وٺرائي ڏيڻ ۾ دلچسپي ڪانه ٿي رکي جنھن سان سنڌ جي مفادن جو دفاع ٿي سگھي. پاڪستان پلاننگ ڪميشن، جنھن جو ڪم آهي ته پوري پاڪستان جي ڊولپمينٽ متعلق فيصلا ڪري، جنھن ۾ هن وقت ٻارهن ميمبر آهن، پر انھن ۾ هڪڙو به سنڌي ميمبر ناهي. ڇا اهو ممڪن آهي ته ٻئي صوبي جو ماڻھو سنڌ جي حقن جي اتي ڳالھه ڪندو؟ ڇا اها سنڌ سرڪار جي ذميواري ناهي ته اهڙن مرڪزي ادارن ۾ سنڌ جي نمائندگي لاءِ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ يا ٻين مقامن تي انھي ڳالھه کي کڻي وڃي ۽ فيصلو ڪرائي؟
سنڌ جي نوجوانن جو شوق ڪاپيءَ جي زور تي ڊبل ٽرپل ايم اي ڪرڻ تي آهي، پر ٽيڪنيڪل تعليم ڏانهن لاڙو نه هجڻ جي برابر آهي، تنھنڪري اسان جو نوجوان بي روزگار ۽ غريب والدين تي ٻوجهه بڻيل آهي. انھي جي ڪري سنڌ ۾ غربت جي ڄاڻايل لڪير کان هيٺ هرروز واڌارو ٿيندو پيو وڃي. جيڪو تمام گھڻي ڳڻتي جو سبب آهي، پر اسان جي سنڌ جي سياسي قيادت انھيءَ جوابداري جو ڪوبه احساس ڪونه ٿي ڪري.
اها سنڌ سرڪار جي نھايت نا اهلي آهي، جو پنھنجي قدرتي وسيلن کي محفوظ رکڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. سنڌ سرڪار جي اها آئيني ذميواري آهي ته سنڌ جي عوام جي جان، مال، عزت، تعليم، صحت، روزگار ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جو بندوبست ڪري ڏئي.
سنڌ سرڪار جي نااهليءَ جي اها انتھا آهي جو ٽيڪنيڪل ڪاليجز ۽ ان سان لاڳاپيل ادارا قائم ڪيل آهن، پر افسوس سان چئڻو ٿو پوي اهي ادارا صرف خزاني تي ٻوجھه بڻيل آهن باقي مڙئي خير.
سنڌ وڏي خوش نصيب آهي، جو آبادي جو تقريباً اڌ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي. ضرورت انھيءَ ڳالھه جي آهي ته انھن نوجوانن کي تيار ڪري ميدان ۾ لاهجي ته جيئن اهي ٽيڪنيڪل تيار ٿيل نوجوان پاڻ سان گڏ ٻين جي لاءِ به روزگار جا دروازا کولين ته جيئن سنڌ مان بي روزگاري جو مسئلو حل ٿئي. اها سنڌ سرڪار جي نااهلي آهي جنھن لاءِ اسين سنڌ جي نوجوان کي انجو مڪمل ذميوار نٿا چئي سگھون. ان جو مطلب اهو به ناهي ته اسانجو نوجوان بلڪل ذميوار ناهي. سنڌ جي ٽيڪنيڪل ادارن ۾ بلڪل اونده به ڪانھي، پر اسانجي نوجوان جي انھيءَ ۾ دلچسپي نه هجڻ جي برابر آهي، سواءِ ڪجھه شاگردن جي، جنھن ڪري هو پنھنجي ڪم واري جاءِ تي پاڻ کي ايترو مضبوط ڪري نه سگھيا آهن،
سي پيڪ جي اچڻ جو فائدو سنڌ کي اهڙو ڪونه ٿيو، ڇو ته اسانجي سنڌ جي سياسي قيادت سنڌ جي مفاد کان وڌيڪ ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني. جيڪڏهن سنڌ سرڪار سي پيڪ مان ڪو حصوحاصل نه ڪري سگھي ته گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي نوجوانن کي ٽيڪنيڪل مھارت ڏياري سنڌ مان بي روزگاري کي پري ۽ خوشحالي جي راه کولڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھي پئي. هينئر به وقت هٿن مان ناهي نڪتو، جو اسانجو نوجوان انھيءَ ڳالھه کي دل سان هنڊائي ۽ پنھنجي لاءِ ڪو به اهڙو ٽيڪنيڪل ٽريڊ جو انتخاب ڪري پنھنجي زندگي کي آسودو گذارڻ لاءِ جدوجھد ڪري.
اسان کي جيڪڏهن اڳتي وڌڻو ۽ ترقي ڪرڻي آهي ته پوءِ هڪ ڳالھه ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته اسان جي ذهن ۾ جيڪو فتور آهي ته اسين صرف هر معاملي تي ٻين تي جائز ناجائز تنقيد ڪرڻ ۾ وقت زيان ڪندا آهيون . انھيءَ موذي مرض کان پاڻ کي ٻاهر نڪرڻو پوندو ته پوءِ ئي اسين ترقي ڪري سگھنداسين.
اسانکي اها سوچ تبديل ڪرڻي پوندي ته فلاڻي اسانجي لاءِ ڇا ڪيو، رياست اسانجي لاءِ ڇا ڪيو، پر اسانجي سوچ هجي ته مان ڇا ڪري ڏنو پنھنجي خاندان، اوڙي پاڙي وارن کي، صوبي ۽ ملڪ کي

ضلعي انتظاميه جا مسئلا

دوستن جو اصرار آهي ته ڪجھه انتظامي لحاظ سان آيل معاملن جي متعلق به لکجي ته جيئن اسان جو نوجوان جڏهن نوڪري جي ڪري ميدان ۾ اچي ته ان کي ڪجھه اڳواٽ خبر هجي ته جيڪڏهن ڪنھن اهڙي مرحلي مان گذرڻو پويس ته احسن طريقي سان اهڙي موقعي کي منھن ڏئي سرخرو ٿئي.
سڀ کان پھريان ته مان اهو عرض ڪندس ته انتظامي پوسٽ ڪا ميٿميٽڪس ناهي جو آساني سان چئي سگھي ته ٻه ۽ ٻه چار ٿيندا. انجي جي برعقس انتظامي معاملن ۾ گھڻين فيڪٽرس تي نظر وجھڻي هوندي آهي. جيئن وقت جي نزاڪت، مسئلي جي معلومات لاءِ گھربل ذريعا، عام ماڻھن جو ردعمل، عام ماڻھو تي اثر، سرڪار جي پاليسي، قانون جي دائريڪار، سياسي حالتون، مذهب، رسم ۽ رواج ٻين ڊپارٽمينٽس جي گنجائش، پبلڪ ۽ پرائيويٽ ملڪيت جو تحفظ، مسافرن جي لاءِ اچ وڃ، عام شين جي واهپي، اسپتال تعليمي ادارا ۽ ٻيون ڪيتريون ننڊيون وڏيون شيون آهن، انھن سڀني کي نظر ۾ رکندي پوءِ ڪو حتمي فيصلو ڪبو آهي ته ڇا ڪجي ۽ ڪيترو ڪجي.
سڀ کان اول ڪوشش اها هوندي آهي ته امن امان ۾ ڪنھن به قسم جي ڳڙ ٻڙ نه ٿئي. گهڻي قدر اها ڪوشش ٿيڻ گھرجي تي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌي جيترو ٿي سگھي اوترو جلد انھيءَ مسئلي کي حل ڪجي. عمومن اهڙي قسم جا مسئلا انتظاميا سان سڌو سئنون لاڳاپيل ڪونه هوندا آهن. اڪثر ڪري اهي مسئلا ٻين کاتن جي نااهلي يا ناڪامي جي سبب ڪري پيدا ٿيندا آهن.
مثال طور، ڪمند، ڪڻڪ، ڦٽي، پاڻي جي کوٽ يا مٿين پيچ وارن جي زيادتي. انھن جي اگھن، پرمٽ، پيمينٽ، باردانو وغيره وغيره . انھن جو ڊي سي يا ايس پي سان ڪنھن به طرح سڌو واسطو ڪين هوندو آهي، پر جڏهن آبادگار جلوس ڪڍندا يا رستو بلاڪ ڪندا ته مسئلو انتظاميا جو ٿي ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ضلعي جي انتظاميا کي پنھنجو رول ادا ڪرڻو پوندو آهي.
جنھن لاءِ سڀ کان پھريان ضلعي جي انتظاميا کي مسئلي جي شروعات کان انھي تي نظر رکڻ گھرجي ته جيئن مسئلي جي شروعات ۾ ان کي حل ڪيو وڃي. سڀ کان اول ڪمند جي آبادگارن جي وفد کي گھرائي انھي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ تجويزن وٺي ان تي غور ڪجي ۽ انھي مسئلي جي حل لاءِ هڪ، ٻه، ٽي، چار ترجيع وار پوائنٽس نوٽ ڪري پوءِ انھي ڏينھن يا ٻئي ڏينھن تي ڪمند مل مالڪان کي گھرائي انھن جون مجبوريون ٻڌي پوءِ تجويزن تي حل ڪرڻ لاءِ رستو ڳولھي ڪڍجي. انھيءَ کان پوءِ ٻنھي ڌرين يعني آبادگار ۽ شوگر مل ملڪان يا انجي ذميوار انتظاميه جي گڏيل ميٽنگ ڪري ٻنھي جي ڏنل تجويزن کي سامھون رکي ٻنھي ڌرين جي مرضي مطابق اگريمينٽ ڪرائي انتي عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائجي، ته جيئن اهو مسئلو اڳتي وڌڻ کان اڳ خوش اسلوبي سان حل ٿي وڃي. اهڙيءَ طرح سان باقي معاملن کي حل ڪجي.
اڪثر اوقات ڪڏهن اهڙا مسئلا بي خبرائي ۽ ضلعي جي ڪنھن به ڌر سان واسطو نه هجڻ جي باوجود به جنم وٺندا آهن. انھن مسئلن جو حل ضلعي ليول يا ڊويزن جي ليول تي به ڪونه هوندو آهي. اهڙي حالت ۾ انتھائي صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندي مسئلي کي شديد ڪرڻ جي جاءِ تي فائر برگيڊ وارو ڪم ڪبو آهي، جيئن اها باهه وڌيڪ ٻئي پاسي نه وڃي ۽ ڪوشش ڪري انھيءَ کي اتي جو اتي ڪنٽرول ڪجي. اهڙي قسم جا مسئلا خاص ڪري صوبائي يا مرڪزي سرڪار جي ڪري ٿيندا آهن. جن جو حل به انھيءَ ليول جو هوندو آهي، پر مسئلي کي منھن ڏيڻ ضلعي انتظاميه جي جوابداري ٿي ويندو آهي. تنھن ڪري اهڙي مسئلي کي منھن ڏيڻ ڪجھه وڌيڪ ڏکيو ۽ وقت جي ڪابه خبر ڪان هوندي آهي ته ڪيترو وقت انھي لاءِ درڪار هوندو. اهڙا مسئلا عمومن سياسي نوعيت جا هوندا آهن ۽ ضلعي جي انتظاميه جيڪڏهن ڪنھن به قسم جو ڪو اهڙو تڪڙو يا غلط قدم کڻندي ته اهو انتھائي ڀيانڪ ٿي ويندو آهي. تنھن ڪري هر وقت تياري جي پوزيشن ۾ رهي ۽ انھي مسئلي جي لاڳاپيل ضلعي ۾ نمائندگي ڪرڻ وارن سان رابطو ۽ جيترو ٿي سگھي اوترو وڌيڪ بھتر ۽ انھن سان وڌيڪ ميل ملاقات رکي ته جيئن اهي به ضلعي انتظاميه سان پنھنجو سهڪار ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن. يعني ضلعي جي انتظاميه ۽ واسطيدار مسئلي جي اتان جي نمائندن ۾ جيتري ويجھڙائپ ٿيندي اوترو ضلعي جو امن امان بھتر رهندو.
ڪجھه وري اهڙا مسئلا هوندا آهن جن جو ملڪ جي ڪنھن به ڪنڊ ڪڙڇ سان واسطو ڪونه هوندو آهي پر گھڻي ڀاڱي عوام جون دليون ۽ جذبا انھي مسئلي سان لاڳاپيل هوندا آهن . مثال طور ڪو به اهڙو عمل جنھن جو اسان جي مذهب سان واسطو هجي پر ٿي ڪٿي به پر انجو اثر اسان جي سرزمين تي ظاهر ٿيندو آهي. جيئن ڪڏهن يورپ ۾ پاڻ ڪريم جن جي شان ۾ ڪا گستاخي ڪري يا بيت المقدس ۾ اهڙي ڪابه ڪاروائي ٿئي انجو اثر پنھنجي سرزمين تي ظاهر ٿيڻ يقيني آهي ته اهڙي حالت ۾ صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ ۽ مذهبي اڳواڻن سان رابطو نھايت ضروري هوندو آهي.

نواب شاهه ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ

ضلعي جي انتظاميه کي مسئلي جي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪوئي به مسئلو ڪنھن به سبب جي ڪري جيڪڏهن ٿوري وقت لاءِ ٽري وڃي يا ڪجھه وقفو ملي وڃي ته ان مسئلي جي اصلي پاڙ کان کوٽي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪجي. عموماً ايئن ٿيندو آهي ته جڏهن هو آفيسر اتان بدلي ٿي ويندو آهي ساڳيو مسئلو وري ٻيھر ڪر ڪڍي بيھندو آهي، پوءِ نئين ايندڙ آفيسر کي هڪدم ڏکيائي ٿيندي آهي، ان مسئلي کي چڱي طرح سمجھي ڪين سگھندو آهي پوءِ هو ٻين يعني هيٺئن اسٽاف تي اعتبار ڪندو آهي، نتيجي ۾ ان مسئلي جي صحيح تشخيص ٿي ڪان سگھندي آهي.
هڪ ڳالھه اسان جي ايندڙ ۽ هن وقت موجود دوستن کي ياد رکڻ گھرجي ته هيٺيون اسٽاف ڪيترو به توهان سان مخلص هجي پر هو ڪنھن نه ڪنھن جو اعتبار وارو ماڻھو به هوندو آهي، جنھن جي مفادن جي هو پرگھور لھندو آهي. ضلعي اندر ڪو به اهڙو مسئلو ڪونه هوندو آهي جنھن ۾ انھن ڌرين جو سڌو يا اڻسڌو واسطو نه هجي. تنھنڪري جيترو ٿي سگھي مسئلي جي حل لاءِ معلومات جا ٻيا ذريعه به استعمال ۾ آڻجن ته جيئن صحيح نموني سان مسئلو حل ٿئي.
جيڪي مسئلا سياسي نوعيت يا ڪا تحريڪ جيڪا گورنمينٽ جي خلاف هجي انھي جي حل لاءِ مون هميشه پنھنجي طرفان ڪوشش ڪري انھن سياسي تنظيم جي هر ليول جي ماڻھو سان سڌو سئنون رابطو رکندو هيم. انھي مان مونکي اهيو فائدو پوندو هيو ته ايندڙ جلوس يا ڪنھن ٻي ڪاروائي جي اڳواٽ خبر پئجي ويندي هئي، انھن سان رابطو ڪرڻ ۾ ڪابه دشواري پيش نه ايندي هئي.
1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ جي دوران مون نوابشاهه ۾ اهيو طريقو استعمال ڪيو ۽ منھنجي لاءِ ڏاڍو آسان رهيو. الحمدلله منھنجي واحد سب ڊويزن نوابشاهه ۾ هئي، جنھن ۾ هرروز جلوس نڪرندا هيا ۽ ڪڏهن به مون کي پوليس فورس جي استعمال جي ضرورت پيش ڪان آئي. ضلعو نوابشاهه ايم آر ڊي جو ڄڻ ته مرڪز هيو. سڪرنڊ، مورو ۽ نوشھروفيروز سب ڊويزن ۾ ڪيترائي دفعا عوام ۽ پوليس فورس جون چڪريون ۽ ڪافي جاني نقصان ٿيا.
سڀ کان پھرئين ڏينھن وڏو جلوس سائين نوراحمد شاه جي قيادت ۾ نڪتو، جيڪو نوابشاهه شھر مان ٿيندو اچي ٿاڻي جي سامھون پهتو ۽ ماڻهن گرفتاري پيش ڪئي. نوابشاهه شھر ان وقت تقريباً اردو ۽ پنجابي ڳالھائڻ وارن جي گھڻائي وارو شھر هيو ۽ انھن ضياءَ حمايت تحريڪ شروع ڪئي هئي. نوابشاهه شھر جا ڪجھه علائقه اهڙا هوندا هيا جتي ٻي آبادي ڪان رهندي هئي. سائين نوراحمد شاه جو ارادو هيو ته جلوس پوري شھر مان گذري پوءِ اچي گرفتاري ڏئي. مون سندس بنگلي تي وڃي ڳالھه ٻولھه ڪئي ۽ کيس کي راضي ڪيم مھرباني ڪري هنن علائقن مان جلوس وٺي نه هلون ڇو ته اسان کي ڳجهو اطلاع مليو هيو ته ضياءَ جي حمايت وارا شرارت ڪندا. تنھنڪري منھنجي ڪوشش هئي انھن گھٽين مان جلوس نه گذري ته بھتر ٿيندو ۽ امن امان واري صورتحال خراب نه ٿئي. شاهه صاحب سان مون اهو ذڪر ڪونه ڪيو ته ڪو ضياءَ حمايت وارا ڪا شرارت ڪندا. جيڪڏهن مان ان جو ذڪر ڪريان ها ته پوءِ ضد ڪري به اوڏانهن هلن ها ۽ هنن جو شروع وارو پروگرام به ايئن هيو.
مير احمد علي جلباڻي ۽ پ پ وارن منھنجي تجويز جي حمايت ڪئي ۽ جنھن رستي سان مون چاهيو پئي انھيءَ رستي سان جلوس کي وٺي آيس سائين نور احمد شاهه، خير محمد مري ۽ ٻين گرفتاري ڏني. پوري ايم آر ڊي تحريڪ دوران نوابشاهه سب ڊويزن مان هرروز جلوس نڪرندا هيا سڀني پارٽين جو مون تي ايترو ته ڀروسو ٿي ويو هيو، جو جيڪي به جلوس نڪرندا هيا ته ٽائيم ۽ روٽ منھنجي مرضي يا صلاح مشوري سان ڪڍندا هيا.
اها ڳالھه انچارج برگيڊيئر فاروق صاحب کي پسند ڪونه هئي ته جلوس ڇو ٿا نڪرن. هڪ دفعي مورو مان مونکي فون ڪري چيائين ته اڄ مان سٺ ميل، دوڙ ۽ ٻانڌي کان گذريم ۽ اتي صرف پ پ پ جا جھنڊا لڳا پيا آهن، ٻن ڏينھن کان پوءِ مان وري اتان گذرندم ۽ مونکي ڪوئي به جھنڊو لڳل نظر نه اچي. ٻيو ته اهي جلوس به بند ٿيڻ گھرجن. جيڪڏهن اڄ کان پوءِ ڪوئي جلوس نڪري ته فورس استعمال ڪري ختم ڪر، هيءُ منھنجو توکي بلينڪ چيڪ آهي. مون کيس چيو ته منھنجو ڪم آهي امن امان قائم ڪرڻ، جيڪڏهن جلوس ۾ ڪو سرڪاري يا خانگي ملڪيت سان هٿ چراند ڪندو ته مان بلڪل فورس استعمال ڪندس، باقي جلوس ختم ڪرڻ منھنجي وس جي ڳالھه ناهي. تيزي سان ڳالھائيندي چيائين ته اهو منھنجو حڪم آهي ته جلوس ڪين نڪري، جيڪڏهن نڪري ته اتي جو اتي فورس استعمال ڪر ۽ جيڪڏهن ڪو مري ٿو ته مان ويٺو آهيان، اهو مان توکي بلينڪ چيڪ ٿو ڏيان.
مون آرام سان کيس جواب ۾ چيو ته جيستائين مان هتي ايس ڊي ايم آهيان، تيستائين مان ڪوبه فورس استعمال ڪونه ڪندس، ها البته جيڪڏهن جلوس ڪڍڻ وارن مان ڪنھن به قسم جي گڙ ٻڙ ڪئي ته مان موقعي ۽ مناسبت سان فورس استعمال ڪندس. رهي ڳالھه توهان جي بلينڪ چيڪ جي، جڏهن اهو چيڪ ڪيش ٿيندو ته انھيءَ جو ميوزڪ اسان کي ڏسڻو پوندو ۽ توهان کان ڪير به ڪونه پڇندو. ٻيو ته جھنڊا پوري سنڌ ۾ لڳل آهن، مان جيڪڏهن جھنڊا لاهيندس ته معاملو خراب ٿيندو.
اصل ۾ نوابشاهه ضلعي ۾ پنجابي ڪافي تعداد ۾ آهن، ڪجھه رٽائرڊ فوجين کي ته ڪافي 1932ع کان پوءِ سکر بئراج تي سرڪار زمينون الاٽ ڪري ڏنيون هيون تنھنڪري حاضر سروس وارا به گھڻو ڪري انھن کان رپوٽون وٺندا هيا، پوءِ جيڪا رپورٽ اهي هنن کي ڏيندا هيا ته ان تي هو وڌيڪ اعتبار ڪندا هيا. اسانجي صحيح رپورٽ کي به شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هيا.
ٻئي ڏينھن هيسباڻي برادران جي جلوس جو پروگرام هيو. ان کان هڪ ڏينھن اڳ ۾ ولي محمد شاه سٺ ميل تي وڏو جلوس ڪڍيو هيو. فيض محمد هيسباڻي جو جلوس به سٺ ميل اچڻو هيو. برگيڊيئر فاروق جو چوڻ ته جلوس نه اچي جي اچي ته فورس استعمال ڪري جلوس کي ختم ڪيو وڃي. اسان جي مشوري کان بغير ٻوڙي پوليس يعني ايف سي جون ٻه پلٽون سٺ ميل روانيون ڪيون، ۽ انھن کي حڪم ڏنو ويو ته جيڪڏهن جلوس اچي ۽ شھر جي ناڪي جي لڪير ڪراس ڪري ته سڌي گولي هلايو، بغير ڪنھن جي انتظار جي.
اسان کي اچي پريشاني ٿي، مير اڪرام صاحب ايس ڊي پي او هيو، اچي چيائين سائين اب تو مسئلا هوگيا برگيڊيئر ني ايف سي رواني ڪردي هي.
رات جا تقريباً ڏهه ٿيا هيا، هاڻي مسئلو اچي اهو ٿيو ته ڪيئن فيض محمد هيسباڻي سان رابطو ٿئي، فون جي سھولت به ڪا نه ڪا، آخرڪار محمد علي ڀرڳڙي کي ڪنھن طرح پيغام پهتو ته هينئر جو هينئر ايس ڊي ايم توکي گھرايو آهي. تقريباً ساڍي ٻارهن وڳي رات جو غريب جيپ ۾ چڙهي اچي پھتو ۽ مان ٻاهر دڪي تي ويٺي انتظار پي ڪيو. مون ڀرڳڙي صاحب سان احوال ڪيو، چيم ته هيسباڻي صاحب کي چئو ته سڀاڻي وارو جلوس هڪ ٻه ڏينھن رکي پوءِ ڪڍي ڇو ته ڪجھه حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن، جو متان ڪو جاني نقصان ٿئي.
ڀرڳڙي صاحب ويو ۽ ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ هيسباڻي صاحب سان مليو ۽ منھنجو پيغام پھچايو ۽ کيس کي جيپ چاڙهي وٺي آيو تقريباً فجر جي آذان جو وقت اچي قريب ٿيو هيو. هيسباڻي صاحب کي پوري حالات کان واقف ڪيم ۽ چيومانس ته صبح واري جلسي کي ڪجھه پٺتي ڪيو. چيائين سائين هينئر ته ماڻھو رات کان وٺي اتي پھتا آهن ۽ توهان پاڻ اهيو ٽائيم ڏنو هو، هينئر ته منھنجي لاءِ مسئلو ٿي ويو.........

سڪرنڊ جو سانحو

فيض محمد هيسباڻي چيو ته سائين، اسان کي توهان جي لاءِ عزت آهي ۽ توهان سان مشورو ڪري مون هي تاريخ رکي. سڀ کان ڏکيو مسئلو منھنجي لاءِ اهو آهي ته ٻه ڏينھن اڳ ولي محمد شاه الاهي وڏو جلوس ڪڍي سٺ ميل تي آيو. هينئر جيڪڏهن مان تاريخ وڌائي ۽ ماڻھو به پھچي ويا آهن ته مون کي سنگت ۾ منھن ڏيکارڻ ڏکيو ٿيندو. باقي رهي ڳالھه ٻوڙي پوليس آئي آهي، جنھن جي اسان کي به خبر آهي ته اها توهانجي ڪنٽرول ۾ ناهي. جيڪڏهن هنن اسان جي جلوس تي گولي هلائي ته هٿن ۾ چوڙيون ۽ پيرن ۾ ميندي اسان کي به ڪانھي لڳل. جيڪڏهن اسانجي ورڪرن مان ڪنھنجي جان وئي ته اسين به کين مئي مارائي کان بغير ڪونه ڇڏينداسين.
هيسباڻي جي ضد کي ڏسندي جيڪا هڪ هن جي مجبوري ٿي وئي هئي. هيسباڻي صاحب جو چوڻ هيو ته جلوس اسين اچي بينڪ وٽ ختم ڪيون. منھنجي ڪوشش هئي ته ناڪي وٽ هنن کي پھچڻ نه ڏيان ته جيئن امن امان جو مسئلو پيدا ڪين ٿئي. ايريگيشن جو بنگلو بلڪل ناڪي جي اتر ۾ روڊ ۽ ناڪي کان تقريباً ٽي سو گز تي هيو. منھنجي ڪوشش اها هئي ته جيئن جلوس کي تقريباً چارسو گز ناڪي کان اولهه دوڙ روڊ کان اتر طرف لاڙي سڌو ايريگيشن بنگلي تي آڻي جلوس کي ختم ڪيان. آخرڪار اسان اهو طئه ڪيو ته مان ۽ اي ايس پي مير اڪرام ٻئي اتي اچي جلوس کي روڪيون ۽ سڀني جي سامھون هيسباڻي کي چئون ته توهان جلوس اتي ختم ڪيو. هنن طئه ڪيو ته توهان جو چوڻ مطابق مڃينداسين، جلوس ۽ جنرل ضياءَ جو پتلو اتي ايريگيشن بنگلو جي احاطي ۾ ساڙي ۽ تقريرون ڪري جلوس کي ختم ڪنداسين. هيسباڻي صاحب ويو ۽ ڏنل ٽائيم تي اسان ٻئي پوليس معمول مطابق ساڻ ڪري پھتاسين. اسان جي وڃڻ کان اڳ ٻوڙي پوليس اتي پوزيشن سنڀالي ويٺي هئي. جلوس آيو ۽ مان اڳتي وڌي جلوس جي اڳيان آيم، فيض محمد هيسباڻي ۽ ٻه ٻيا اڳتي آيا ۽ اصرار ڪرڻ لڳا ته اسان کي رستو ڏيو ته اسين بئنڪ تائين هلون پنج منٽ کن ڳالھيون ڪرڻ کان پوءِ الله الله ڪري جلوس جي وڏن مڃيو ۽ اتر طرف ٿي ايريگيشن بنگلي جي گرائونڊ ۾ اچي تقريرون ڪري ۽ جنرل ضياءَ جا پتلا ساڙي خير خوبي سان روانا ٿي ويا.
ولي محمد شاهه ۽ فيض محمد هيسباڻي جي جلوسن کان اڳ ڪڏهن به جلوس وارا هٿيار پنھوار ساڻ کڻي ڪونه ايندا هيا. سڪرنڊ ۽ موري واري واقعي کان پوءِ نوابشاهه ۾ لڪ ڇپ ۾ هٿيار کڻي ايندا هئا. سليمان ميمڻ ايس ڊي ايم سڪرنڊ هيو. هڪ عمر جو پڪو ۽ مختيارڪاري مان پروموٽ ٿي آيل هيو ۽ عام پبلڪ سان گھٽ لھه وچڙ رکندو هيو. تنھنڪري اسين سڀ هن کي جسٽس ميمڻ چوندا هياسين. سڪرنڊ جو واقعو پنھل چانڊئي جي ڳوٺ جي ماڻھن سان پيش آيو. پنھل چانڊئي جي سنگت غلام مصطفيٰ جتوئي سان هئي ۽ انھيءَ ڪري هن ڳوٺ جي ڀرسان نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪري روڊ تي قرآن مجيد رکي تلاوت ڪري ڏني. جيئن ته ميمڻ صاحب جو ايترو گھڻو ماڻھن سان ميل جول ڪونه هيو ته ميمڻ صاحب ايئن ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي ويٺل ماڻھن سان قانون واري زبان ۾ ڳالھايو جيڪو موقعي جي مناسبت سان صحيح ڪين پر قانون مطابق هيو. ويٺل ماڻھن قانون جي زبان کي ڪا اهميت ڪان ڏني ۽ فوجي ٽرڪ ويٺل ماڻھن کي ڊيڄارڻ خاطر مٿان ڪاهي آيا ۽ ڳالھه خون خرابي تي اچي وئي.نتيجي ۾ ڪجھه ماڻھو شھيد ٿي ويا ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا.
سڀ کان برو اهو ٿيو، جو هڪ گرمي ٻيو جيڪي زخمي هيا تن کي فوجي ٽرڪ ۾ چاڙهي مٿان وري ترپال کي ٻڌي سڪ ڪيائون. مان ان وقت دوڙ ڏانهن وڃي رهيو هيس ته بڇيري جي ڀرسان مون کي اطلاع مليو ته سڪرنڊ ۾ هيءُ دردناڪ واقعوٿي ويو آهي، زخمي نوابشاهه اسپتال ڏانهن کڻي اچن ٿا. مان اتان موٽي سڌو اسپتال آيس ته منھنجي اچڻ کان اڳ فوجي ٽرڪون اتي پھتل هيون. مان ايمرجنسي ڏانهن ويس ته اتي ڪا پھرڪونه هئي. مان اتان وري ميڊيسن وارڊ ۽ سرجري ڏانهن ويس ته ڪوبه ڪون. مون پڇا ڪئي ته جيڪي زخمي سڪرنڊ کان آيا آهن اهي ڪٿي آهن. انھن ٻڌايو ته هتي ته هڪ به زخمي ڪونه پھتو آهي. ايتري ۾ هڪ ميجر نظر آيو، جيڪو ميڊيسن جي پروفيسر کي هدايت ڏئي پيو ته تون گھر هليو وڃ يا هنن جو علاج نه ڪر. ايتري ۾ مان اتي پھچي ويس. پروفيسر به پنجابي هيو پر ميجر جي ڳالھه مڃڻ لاءِ تيار ڪين هيو. جڏهن مان اتي آيم ته پروفيسر کي به جان پئجي وئي.
ميجر کان مان پڇيو ته زخمي ڪٿي آهن؟ چيائين ته ٽرڪ ۾ آهن . جنھن تي مون چيو ته ٽرڪ ۾ ڇو؟ اڳ ۾ ته انھن زخمين کي دوا درمل جي ضرورت آهي توهنن کي ايتري ديرٽرڪ ۾ ڇو رکيو آهي؟ چيائين ته هنن فوج تي حملو ڪيو آهي، جيڪو سنگين ڏوهه آهي. مون چيو ميجر دشمن جا جنگي قيدي به جيڪڏهن زخمي هوندا آهن ته انھن کي به اسپتال جي سھولت ڏبي آهي.
مان اتان نرسنگ جو اسٽاف وٺي سڌو ٽرڪ ڏانهن ويم. ڇا ڏسان ته زخمين جو ٻوسٽ ۾ برو حال، ترپال مٿان ڏنل، ويتر انھن لاءِ ويل. ڏسڻ سان منھنجي طبيعت خراب ٿي وئي ۽ جڏهن ميجر منھن جي خيال ۽ غصي کي ڏٺو ته خاموش ٿي پري بيھي رهيو ۽ مون پوري اسپتال ڄڻ ته ڪنٽرول سنڀالي ورتو هجي.
سڀني زخمين کي ٽرڪ مان لاهي اسپتال ۾ جن کي آپريشن، رت ۽ ملم پٽي جي ضرورت هئي، اهي سڀ ڪري پوءِ مون ڊي سي صاحب کي ٻڌايو ته هن حالت ۾ زخمين کي کڻي آيا ۽ سول ايڊمنسٽريشن کي اطلاع به ڪونه ڏنن.
ڪجھه ڏينھن کان پوءِ ايريگيشن ريسٽ هائوس تي برگيڊيئر فاروق آيو، اسان جيڪي به ميجسٽريٽ هياسين نوابشاهه، سڪرنڊ ۽ مورو جا ايس ڊي ايم، ڊي سي ايس پي، ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز. ٽيپھري جو وقت اسان سڀ اتي گڏ ٿياسين. ٻه ٽي ڪلاڪ گذري ويا اسان پڇا ڪئي ڇو ڀلا هتي گھرايو اٿو. برگيڊيئر چيو ته ريڊ تي هلڻو آهي. هلو، چيائون ته ڪجھه دير آهي. چڱو جيڪڏهن دير آهي ته اسان گھر ٿا وڃون، جڏهن تياري ڪيو ته اسان اچي وينداسين. چيائون ته هينئر ڪوئي به گھر ڪونه ويندو. آرمي جون ٽرڪون پھچي ويون. سج لٿو وري اچي عشا جي آذان آئي. اسان چيو ته اسان ماني کائي اچون ته پوءِ هلون، جواب اهيو مليو ته هتان ٻاهر ڪوئي ڪونه ويندو. رات جو ڪافي ٽائيم گذريو ته چيائون ته هاڻي هلو. مون پڇيو ته ڪاڏي هلڻو آهي. ان وقت تائين نه ڊي سي ۽ ايس پي کي خبر ته ڪٿي وڃڻو آهي. اسان کي گھر انھي لاءِ نه پيا ڇڏين ته متان اسان ڪا ڳالھه آئوٽ ڪيون. ڇو ته هو اسان کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هيا. ان وقت صرف ايترو ٻڌايائون ته قاضي احمد جي طرف. مان اتي پڙ ڪڍي بيھي رهيس ته مان قاضي احمد وڃي نٿو سگھان جو اتان جي لاءِ ميجسٽريٽ جا اختيار مون وٽ ناهن. منھنجي لاءِ صرف ميجسٽريٽ جا قانوني اختيار نوابشاهه سب ڊويزن لاءِ آهن، اهڙي طرح هتان جا ٻيا ميجسٽريٽ به نٿا وڃي سگھن. برگيڊيئر فون ڪيو ڪمشنر سکر. تڏهن ڪمشنر سکرعليڏنو پھنور صاحب هيو، انکي ٻڌايائون ته ايس ڊي ايم نوابشاهه جمن ڄامڙو هئين ٿو چوي. ڪمشنر سکر به منھنجي ڳالھه جي تائيد ڪئي ته اها ڳالھه برابر ايئن آهي. ان وقت هوم سيڪٽري گھڻو ڪري پرويز بٽ هيو ان سا ڳالھاين ۽ ڪلاڪ ٻن کان پوءِ هوم ڊپارٽمينٽ اسان کي ميجسٽريل اختيار جو آرڊر ڪڍيو.

ڳوٺ لاکاٽ جتوئي تي ڇاپو

آخرڪار رات جو ڪجھه وقت گذري وڃڻ کان پوءِ نوابشاهه کان روانا ٿياسين. قاضي احمد جي پھچڻ تائين به اسان مان ڪنھن کي خبر ڪان هئي ته ڪيڏانهن وڃڻو آهي. قاضي احمد پھچڻ کان پوءِ جڏهن لنڪ روڊ تي آياسين ته خبر ڏنائون ته لاکاٽ جتوئي ڳوٺ تي ريڊ ڪرڻو آهي. ڪجھه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ رستي ۾ اسان کي روڪي بيھاري ڇڏيائون. اسين گاڏين مان نڪري ٻاهر لھي بيٺاسين ته اسان کان سڏ پنڌ تي فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچڻ شروع ٿي ويا. تقريباً اسين ڏيڍ کان ٻه ڪلاڪ اتي بيهي رهياسين. تيستائين فجر جي آذانن جا آواز به اچڻ شروع ٿي ويا. فجر نماز جي مھل اسان اڳتي هلياسين ۽ آهستي آهستي فائرنگ جا آواز به جھڪا ٿيندا ويا. پره ڦٽي اسين ڳوٺ جي ٻاهران اچي پھتاسين ۽ فائرنگ وغيره ختم ٿي چڪي هئي. اسان ٽي چار ميجسٽريٽ هياسين ۽ اسان سان گڏ فوج ۽ پوليس جي پارٽي هئي. اسان کي تلاشي دوران اهيو ڏسڻو هيو ته ڪو هٿيار وغيره ته ناهي، باقي جيڪي ماڻھو گھربل هيا ۽ جن جي هنن کي انفرميشن ملي هئي، اهي اسان جي پھچڻ کان اڳ گرفتار ٿي چڪا هيا. ڪجھه ڪچي جو علائقو نزديڪ هجڻ سبب رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي نڪري ويا.
جنھن حصي ۾ مونکي وڃڻ ٿيو، اتي ڪجھه گھر جيڪي ڪکاوان ٺھيل هيا اهي سڙيل هيا. خبر ناهي ته ڪراس فائرنگ جي ڪري يا جيڪا فورسز سموڪ جا گولا ڇڏيا انھن جي ڪري باهه لڳي هين. جنھن لاءِ حتمي طور ڪجھه نٿو چئي سگھجي. مان جڏهن هڪ گھر مان گذريم پي ته هڪ اڌوڙٽ عمرجي مائي رڙ ڪئي ته سائين منھنجا سونا زيور تلاشي دوران کڻي ويا آهن. مان مائي کي تسلي ڏني ته جيڪڏهن ڪنھن توهان جا سونا زيور کنيا آهن ته مان توکي موٽرائي ڏيندم.
جڏهن سڀئي تلاشي واريون پارٽيون گڏ ٿيون ته مون ميجر جيڪو ڪمانڊ پيو ڪري، تنھن کي چيو ته مونکي شڪايت ملي آهي ته ڪنھن فورس جي جوان سونا زيور به کنيا آهن. مون چيو ته اسان سڀني جي حق ۾ اهو بھتر آهي ته انھي جي صفائي ٿئي. ميجر پڇيو ته توکي ڪنھن تي شڪ آهي مون چيو ته مونکي ڪوئي شڪ ناهي ته اها حرڪت ڪنھن ڪئي آهي. ميجر سمجھو ماڻھو هيو پڇيائين ته پوءِ ڇا ڪجي؟ مون تجويز ڏني ته جيڪي به هن پاڙي ڏانھن فورس جي پارٽي وئي هئي انھن سڀني جي تلاشي وٺجي. ميجر ان تجويز کي مڃيو ۽ ان پاڙي ڏانهن ويل فوج ۽ پوليس جي دستي جي تلاشي ورتي وئي. سونا زيور پڪڙيا ۽ انھيءَ جو چور پوليس جو هڪ جمعدار نڪتو.
آخرڪار اهي سڀ زيور ان مائي جي حوالي ڪياويا ۽ نيرن جي وقت اسين سڀ واپس ٿياسين.
جيئن ته ڊسٽرڪٽ جيل نوابشاهه ۾ هيو ته پوري ضلعي جا جيڪي به پارٽي جا اهم عھديدار هيا ۽ گرفتاريون ڏنيون هيون، اهي سڀ نوابشاهه ڊسٽرڪٽ جيل ڏانھن موڪليا ويا. مسٽر گلزار چنه جيل سپرنٽينڊنٽ هڪ نوجوان ۽ قرب ڀريو دوست کلڻو ماڻھو هيو. جيڪي به ايم آر ڊي جي ڪري اتي جيل ۾ آيل هيا قانون ۾ رهندي وڌ ۾ وڌ سھولتون جيڪي اتي ميسر هيون اهي قيدين کي ڏنيون.
ٿوري عرصي ۾ برگيڊيئر فاروق بدلي ٿي ويو ۽ چارج برگيڊيئر علي قلي کي ملي، جيڪو آخر ۾ ليفٽيننٽ جنرل ٿيو ۽ جنرل مشرف کان سينيئر هجڻ جي باوجود سپر سيڊ ٿي رٽائر ٿي ويو. مسٽر علي قلي هڪ باوقار ۽ عزت ڏيڻ وارو انسان هيو ۽ سندس رويو به اسان سڀني سان هڪ سٺي ڪليگ وارو هيو. هو هميشه اسان جي راء کي اهميت ڏيندو هيو.
جڏهن تحريڪ نرم ٿي ته اسان جي هفتي ٻئي هفتي گڏجاڻي ٿيندي هئي، جنھن ۾ اهو چوڻ هيو ته جيڪو خاموشيءَ سان لکي ڏئي ته هو ڪابه ڳالھه ڪونه ڪندو، تنھن کي رها ڪندا وڃو. مان حسب معمول اهي احڪامات ساڻ ڪري جيل تي ويندو هوس پوءِ سڀ اچي گڏ ٿين ۽ ٿورا گھڻا حال احوال ڪن ۽ مان انھن کي ٿوري همت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هيم. جڏهن به انھيءَ ڪم سان سرڪار موڪلي ته وڃ ۽ جيڪو لکي ڏئي ته خاموش ٿي رهندو، انھي جو نالو وغيره درج ڪري پيش ڪر. مان سڀني جي سامھون وڃي چوندو هيم ته يار جيڪو سست يا ٿڪو هجي، هٿ مٿي ڪري ته انکي رهائي ڏيون.
حقيقت اها هئي ته جيڪي به ايم اين اي ۽ ايم پي اي رهيا هيا، يا سرندي وارا هئا، اهي سڀ ٻاهر نڪرڻ لاءِ آتا هوندا هيا. باوجود سھولتون ڏيڻ جي به تيار ويٺا هيا اڄ نڪرئون سڀاڻي ٻيو ڏينھن ٿئي. سڀئي ورڪر هڪ آواز ٿي چون ته نه سائين اسين هرگز ڪونه نڪرنداسين. مان اها رپورٽ وڃي پيش ڪندو هيم ته ڪرنل وغيره ڪجھه حيران ۽ پريشان به ٿيندا هيا، ڇو ته انهن کي ڳجھيون رپورٽون انھن بند ٿيل جي مائٽن کان جيڪي وٺندا هيا، جنھن ۾ هنن کي تسلي ڪرائيندا هيا ته سائين اسين ته توهان سان آهيون. جڏهن اتي مان رپورٽ ڏيان ان ۾ ٿورا مرچ مصالا تيز ڪري ته سائين هنن کي ڪابه پرواهه ناهي ۽ چون ٿا ته اسان کي ڪوئي فڪر ناهي ڀلي اسان هتي عمر پوري هجون پر ڪنھن طرح سان سوديبازي ڪونه ڪنداسين. پوءِ اهائي رپورٽ هو مٿي پنھنجي لئنگيج ۾ موڪليندا هيا.
جنھن وقت تحريڪ ختم ٿي ۽ سڀني کي آهستي آهستي رهائي ملندي وئي. پوءِ مونکي جتي به ملندا هيا ته چوندا هيا ته يار تو اسان کي ڇھه مھينا جيل ۾ وڌيڪ رکيو. جواب ۾ مان کين چوندو هيم ته ڀائو مان ته توهان کان هر هفتي ٻئي ۾ اچي پڇندو هيم پر توهان چوندا هيا ته نه خير آهي، هي ڪني پاڻي جو ڌٻو آهي جلدي سڪي ويندو. پوءِ چوندا هيا ته يار تون اچي سڀني ورڪرن جي ساھون پڇندين ته اسين پنھنجو ڪھڙو ڪارو منھن ڪيون. اسان ويٺان هياسين بيزار، اسان کي ته جتوئي صاحب چيو ته ڪجھه ڏينھن جي ڳالھه آهي. اسان کي اها خبر هجي ته مان ڪنھن ٻئي ورڪر کي پيش ڪيان ها ۽ پوءِ ٿوري گھڻي رقم به ڏيانس ها.
1983ع ۾ لوڪل گورنمينٽ جي اليڪشن ٿي. جيئن ته ووٽ رجسٽريشن جو ان وقت ايس ڊي ايم وٽ اختيار هيو، ۽ اليڪشن ڪميشن ووٽ رجسٽر ڪرڻ جي تاريخ به پاڻ ڏيندي آهي ته اليڪشن کان اڳ رجسٽريشن فلاڻي تاريخ تي بند ٿيندي. رجسٽريشن بند ٿيڻ جي آخري ڏينھن تي سلام خان زرداري آيو ۽ چيائين ته اسان کي هڪ ووٽ داخل ڪرائڻو آهي. مون جواب ۾ چيو ته جلدي ڪريو، ڇو ته اڄ آخري تاريخ آهي ۽ لسٽون مٿي موڪلڻيون آهن. چيائين ته مان پنجن منٽن ۾ موٽي ٿو اچان. ٿوري دير کان پوءِ هڪ نوجوان کي ساڻ وٺي آيو ۽ چيائين ته سائين اي اساڏي رئيس دا ٻچا هي، بس قرب ڪرو. حاضر سائين، نالو ٻڌاءِ، ايڊريس وغيره. واقفيت ڪريائون ته آصف علي ولد حاڪم علي زرداري. مون ڪارروائي ڪري چانھه پياري.

آصف زرداري جي سياست ۾ آمد

ووٽ داخل ٿيڻ کان پوءِ آصف صاحب جڏهن به ڪراچيءَ کان ايندا هيا ته ملاقات ٿيندي رهندي هئي. اڪثر سياسي معاملن تي به پنھنجي راءِ ڏيندو رهندو هيو. ان وقت پ پ جي سخت مخالف هيو، پر هميشه اهو ضرور چوندو هيو ته مان هڪ ڏينهن وڏو ماڻھو ٿيندس.
لوڪل باڊيز اليڪشن ۾ حصو ورتائين ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين جي سيٽ غالبن ٻن يا ٽن ووٽن جي فرق تي هارائي. بھرحال مقابلو دلچسپ رهيو. جنھن ان وقت سيٽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين جي کٽي، اهو شاهه صاحب گذريل چئن پنجن دفعن کان پ پ جي ٽڪيٽ تي نوابشاهه مان ايم اين اي چونڊجي ايندو آهي .
نوابشاهه سنڌ جي جاگرافي جي حساب سان تقريباً وچ ۾ ٿئي ٿو. 12-1911ع ۾ حيدرآباد ضلعي مان ڪٽي ٺاهيو ويو هيو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ تائين شھدادپور، سنجھورو، سڪرنڊ، مورو، نوشھروفيروز ۽ ڪنڊيارو تي مشتمل هيو. شروع ۾ ٻه سب ڊويزن هيون، هڪ نوشھرو فيروز ۽ ٻيو نوابشاهه .
شھدادپور ۽ سنجھورو تعلقو سانگھڙ کي بعد ۾ ڏنا ويا. 1989ع تائين نوابشاهه، سڪرنڊ، مورو ۽ نوشھروفيروز سب ڊويزن هيون. 1989ع ۾ مورو ۽ نوشھروفيروز سب ڊويزن کي الڳ ڪري نوشھروفيروز ضلعو بڻايو ويو. هن وقت نوابشاهه باقي بچيل ٻن سب ڊويزن تي آهي ۽ ان مان ڪجھه تعلقا نوان ٺاهيا اٿن.
1983ع فيبروري ۾ منھنجي پوسٽنگ اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاهه ٿي. ان کان پھريان مان سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي سکر ڊويزن هيس. ان وقت سکر ڊويزن جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، خيرپور، نوابشاهه ۽ سکر ضلعن تي مشتمل هئي.
مان مرحوم محمد آدم قاسمي کان چارج ورتي. مرحوم تمام شريف النفس انسان هيو. الله جنت الفردوس عطا ڪريس. عبدالقادر ابڙو ڊي سي ۽ راهو خان بروهي ايس پي هيو. سب مارشلا ايڊمنسٽريٽر غالبن ليفٽيننٽ ڪرنل اجمل خٽڪ هيو. او آءِ سي انسپيڪشن ٽيم جو انچارج ميجر بٽ هيو پورو نالو ياد نٿو اچي.
سڀ کان پھريان مان ڊي سي صاحب سان مليم . ابڙو صاحب هردلعزيز ماڻھو هيو ۽ چيائين ته ڄامڙو صاحب سب ڊويزن ۽ تون، مان ڪابه انٽرفيئرنس ڪونه ڪندس، باقي ڪنھن سان ڄاڻي واڻي زيادتي نه ٿئي باقي مان ويٺو آهيان. انکان پوءِ ايس پي صاحب سان مليم. راهو خان بروهي پنھنجو مَٽُ پاڻ هيو. چيائين جمن تون سمجھه ته ايس ڊي ايم سان گڏ ايس ڊي او پي به پاڻ آهين. باقي ڪنھن سان بي انصافي نه ٿئي. انھيءَ کان پوءِ سب مارشلا ايڊ منسٽريٽر سان مليم چڱي طريقي سان مليو، بعد ۾ اچي آفيس ۾ ويٺم.
نوابشاهه ضلعي ۽ خاص ڪري نوابشاهه شھر چاهي تعلقي ۾ 1932ع کان پوءِ سکر بئراج ٺھڻ ۽ ون يونٽ واري زماني ۾ پنجاب جي آبادگارن کي ڪافي زمينون الاٽ ٿيون ڪجھه وري آرمي جي ماڻھن کي زمينون ڏنيون ويون هيون. تنھن ڪري پنجابي ڳالھائڻ ۽ شھر ۾ اردو ڳالھائڻ وارن جو چڱو خاصو انگ اتي رهي ٿو. تنھنڪري مارشلا جي وقت ۾ اهي تمام گھڻو خوش هوندا آهن. ڇو ته انھن جا هر ڪم انھي دور ۾ آساني سان ٿي ويندا آهن.
جيئن ته سائين قاسمي صاحب شريف ماڻھو هيو، تنھن ڪري او آءِ سي انچارج ميجر بٽ ڏاڍو تنگ ڪيو هيس. عمومن ڪنھن پنجابي ڳالھائڻ واري کان درخواست وٺي قاسمي صاحب کي پاڻ ڏانھن گھرائيندو هيو ۽ هي شريف ٻيا ڪم ڇڏي اوڏانهن هليو ويندو هيو. جيئن مان چارج ورتي قاسمي صاحب ٻڌايو ته يار ميجر بٽ جو خيال ڪجائين ۽ مون کي بيزار ڪري ڇڏيو اٿس. جڏهن مونکي خبر پئي ته ميجر عمومن سول ڪيس جي معاملن ۾ هروڀروو ٽنگ اٽڪائيندو هيو. ٻه ٽي ڏينھن گذريا ته هن جو فون آيو ۽ هن جي فون جي اچڻ کان اڳم ٻه ٽي خط ميجر او آءِ سي جي طرفان آيا جنھن ۾ لکيل هيو ته مونکي درخواست ملي آهي۽ تون هيڏانهن اچ. مونکي اها ڳالھه سٺي ڪونه لڳي، جو اهڙي طرح مونکي لکي. بھرحال هن فون تي ڳالھايو ۽ چيائين ته شايد توهان نوان آيا آهيو. مون جواب ۾ چيو ته شايد نه پر واقعي مان نئون آيو آهيان.
چيائين ته پوءِ توهان مون سان ڇونه مليا آهيو؟ مون جواب ۾ چيو ته مان ڊي سي. ايس پي ۽ ڪرنل سان مليو آهيان بس. چيائين ته مون توڏانهن خط لکي موڪليا آهن ڇا تو نه پڙهيا آهن ؟. مون جواب ۾ چيو ته ها مون پڙهيا آهن. چيائين پوءِ ڇو ڪين آئين؟ مون کيس جواب ۾ چيو ميجر تون پنھنجي خط جي ورڊنگ ڏٺي آهي. مان سول آفيسر آهيان ۽ تون هتي سول ايڊ ۾ آهين، مھرباني ڪري اهڙي قسم جا خط مون ڏانهن نه لکندو ڪر. جيڪڏهن ڪو تو وٽ شڪايت کڻي اچي ته کيس مون ڏانهن موڪل اهو تنھنجو ڪم ناهي.
هيڊ منشي آيو چيائين ته سائين او آءِ سي جا ٻه ٽي خط آيا آهن مون چيو ته خاموش ٿي ويھي رھ.. ٻه ڏينھن گذريا ميجر صاحب پاڻ گاڏي ۾ چڙهي اچي آفيس پھتو. پٽيوالو آچرنالو هيس ڀڄندو اندر آيو ۽ چيائين ته سائين ميجر صاحب آيو آهي . مون چيو ڀلي اچي.
سائين هو گاڏي ۾ ويٺو آهي.
مان ڇا ڪيان اچڻو اٿس ته اچي
ٿوري دير کان پوءِ گاڏي مان لھي سڌو آفيس آيو. مان اٿي کيس هٿ ڏنو ۽ مان پنھنجي ڪرسي تي ويھي هن کي چيم ته ويھو. هي بيٺو رهيو، وري ٻيھر مون هن کي چيو ته ويھو. ويٺو پر بيقراري واري حالت ۾، مون کيس چانھه لاءِ چيو، هن انڪار ڪيو. ٻيھر مون به زور ڪونه ڀريو. ڪنھن به قسم جي هن مون سان ڪابه اهڙي ڳالھه ڪانه ڪئي. صرف چيائين ته بس هتان گذريم پي سو بس خيال ٿيو ته توهان سان ملندو وڃان. مون جواب ۾ چيو ته مھرباني. ٿوري دير ۾ هليو ويو ۽ مون کيس پنھنجي آفيس جي در وٽ خدا حافظ ڪيو ۽ واپس اچي پنھنجي ڪم سان لڳي وياسين.
ميجر جي وڃڻ کان پوءِ اتي خبر پئي ته جڏهن ميجر صاحب ايندو هيو، ايس ڊي ايم صاحب هن کي گاڏي وٽ وڃي آڌرڀاءُ ڪندو هيس ۽ کيس وٺي پنھنجي ڪرسي تي ويھاريندو هيو ۽ پاڻ سائيڊ ۾ ٿي ويھندو هيو. مونکي ان ڳالھه تي تعجب به ٿيو دل ۾ غصو به آيو. اهي ڏينھن اهي شينھن وري ڪڏهن به او آءِ سي ميجر جي طرفان نڪا چٺي آئي نڪو فون.
منھنجي شادي به ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ ڊسمبر 1983ع ۾ ٿي.

جنرل ضياءَ پاران سنڌ جو دورو

اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاهه جو گھر 1914ع ۾ ٺھيو هيو، ۽ هن وقت جيڪا رينيو اسٽاف ۽ ڪجھه ڊاڪٽرز جا بنگلا آهن، اهي سڀ ان گھر جي زمين هئي. جيڪا بعد ۾ تقريباً ويهه سيڪڙو وڃي بچي آهي. جيئن ته ڀر پاسي ۾ گھر وغيره ٺھندا ويا تيئن اتي مٽي جو ڀراء پوندو ويو ۽ ڀر پاسي واريون جايون جيئن پوءِ تيئن مٿي ٿينديون ويون. پر اسسٽنٽ ڪمشنر جي گھر جي پلنٿ ليول پوءِ به ڪافي مٿي هئي ليڪن ٻاهريون ميدان هيٺ ٿي ويو هيو.
برسات وغيره جي موسم ۾ ڀرپاسي وارو پاڻي به اچي اتي منزل ڪندو هيو. ٻين جڳھن تان مينھن جو پاڻي سڪي وڃي پر هتي وارو حساب ايئن هوندو هو جيئن:
مينھن وسي ٻه پھر،
ڇنون ٽمن ڇهه پھر.
ڊپارٽمينٽ وارن کي چيم ته ڪو بلو ٿيڻ کپي. انجنيئر چيو ته سائين مينٽيننس ايندي آهي بلڊنگ جي تعمير وقت آيل رقم جو ڏهه سيڪڙو. جڏهن ته هي گھر انوقت تقريباً ٻارهن کان پندرنھن هزار روپين ۾ ٺھيو هيو تنھنڪري هزار ڏيڍ جي قريب سال ۾ الوڪيشن اچي ٿي . باقي ايندڙ بجيٽ ۾ اسپيشل رپيئر جي لاءِ تجويز ڏينداسين پوءِ اهي سڀ ڪم ڪرائينداسين. ان وقت مٽيءَ جو تخمينو تقريباً اڍائي کان ٽي سو ٽرالين جي وجھڻ جي ضرورت هئي.
مون ٽريفڪ سارجنٽ کي گھرايو ۽ چيو ته سڀاڻي کان هرورز گھٽ ۾ گھٽ پنج کان ست ٽريڪٽر چالان ڪري موڪل. پر سڀ کان پھريان اسان جي روينيو جي منسٽر سائين نظر شاهه ۽ ٻين وڏن زميندارن جا. ڪنھن به غريب غربي جو ٽريڪٽر جو چالان نه ڪجائين. ٻئي ڏينھن صبح جو يارهين وڳي سڀ کان پھريون ٽريڪٽر اسانجي روينيو جي وزير جو چالان پيش ٿيو. ڪمدار به اچي پھتو. چيائين ته سائين وزير صاحب جو ٽريڪٽر پوليس وارن چالان ڪيو آهي. مون ڪمدار کان پڇيو ته سائين جا گھڻا ٽريڪٽر آهن. چيائين ته چار پنج ٽريڪٽر اٿس. مون چيو ته ان جو مطلب ته سائين کي مٽي جون ويھه ٽراليون انھي آفيس ۽ گھر جي ميدان ۾ لاهڻيون پونديون. باقي پئسه وغيره ڏنڊ ۾ ڪونه وٺنداسين. وڌيڪ مون چيو ته مونکي هي ميدان مٿي ڪرڻو آهي، تنھنڪري مان جن به وڏن زميندارن جا ٽريڪٽر آهن في ٽريڪٽر پنج ٽراليون مٽيءَ جون لھرائيندس. چيائين ته سائين مون کي پنج منٽ ٽائيم ڏيو ته مان سائين کان انھي لاءِ پڇان، پوءِ جيڪو سائين حڪم ڪيو.
ڏهن منٽن کان پوءِ منشي سميت آيو ۽ ٻڌايائون ته سائين چوي ٿو ته في الحال ڏهه ٽراليون مٽيءَ جون لاهي ٿا ڏيون پوءِ جيڪڏهن ضرورت هوندي ته مھيني کان پوءِ ٻيون به لاهي ڏينداسين. پوري سب ڊويزن ۾ چوٻول پئجي ويو ته بھتر آهي اسين پاڻ چالان ٿيڻ کان اڳ مٽيءَ جون ٽراليون لاهي اچون. اچي پوءِ ڪو فون تي يا پاڻ اچي چون ته سائين مونکي هڪ ڏينھن مھلت ڏيو، مان هيتريون ٽراليون مٽيءَ جون لاهي ويندس، صرف توهان ٽريفڪ سارجنٽ کي چئي ڇڏيو ته منھنجا ٽريڪٽر چالان نه ڪري. هفتي ڏهن ڏينھن ۾ تقريباً ٽي سو ٽراليون مٽيءَ جون ميدان ۾ پئجي ويون ۽ ميدان مٿي ٿي ويو.
مٽي وجھڻ کان اڳ هيٺائين جي ڪري زمين ڪلراٺي ٿي وئي هئي. جيڪي وڻ پوکيندو هيم ته سڙي ويندا هيا. مٽي کان پوءِ وڻ پوکيم ته تيزي سان وڏا ۽ سرسبز ٿي ويا. الحمدلله ڪجھه سالن کان پوءِ اتان گذرڻ ٿيو ته بڙ جا ٻه ٿڙ ۽ نمون ڪافي وڏيون ۽ ڇانودار ٿي ويون هيون. هينئر جي خبر ناهي اهي وڻ اتي بيٺل آهن يا ڪپجي ويا.
ٻن ڏينھن کان پوءِ تمام سينيئر وڪيل بئريسٽر چوڌري جميل آيو چيائين ته سائين ڪورٽ جي بار روم وڪيل ٻن ڏينھن کان رڳو انھي تي صلاح مشورو پيا ڪن ته ڪئين به ڪري ٻن ٽن ڏينھن ۾ ايس ڊي ايم صاحب جي بنگلي ۽ آفيس جي ميدان ۾ مٽيءَ جون ٽراليون پھچائڻيون آهن . انھن سڀني کي خبر پئجي وئي هئي ته وڏن زميندارن جا ٽريڪٽر مٽي لاءِ چالان ٿيندا. چالان کان بچڻ لاءِ هڪ هفتي جو ٽائيم ورتو هين تنھنڪري هر هڪ کي جلدي هئي ته هفتي جي اندر مٽي جون ٽراليون پھچائي ڏيون.
1983ع جي اوائل ۾ جنرل ضياءَ جو دورو سنڌ جو هيو. جنھن ۾ پھريان سکر، لاڙڪاڻو ۽ اتان نوابشاهه اچي رات رهڻو هيو. حسب معمول جيڪي تياريون ڪرڻيون پونديون آهن، شروع ٿي ويون. سرڪٽ هائوس نوابشاهه تي رات جي رهڻ جو پروگرام هيو. سامھون روڊ جي ٻئي پاسي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ريسٽ هائوس ۾ پنڊال لڳرايوسين، ڇو ته جنرل صاحب جو چوڻ هيو ته مان ماڻھن سان ملندم. اسان لاءِ اچي مسئلو ٿيو ته وڏن زميندارن مان ڪو ملاقات لاءِ تيار ڪونه هجي. پنڊال ڀرڻ لاءِ ماڻھو ڪونه پيا اچن.
ضلعي جا سڀ تپيدار گھراياسين، ڪجھه پوليس لائين مان پوليس وارن کي سول ڊريس پارائي پنڊال ۾ ويھاريوسين ته جيئن پنڊال خالي نظر نه اچي . ڊي سي صاحب چيو ته ڪجھه ماڻھو گڏ ڪيو. جڏهن ڏٺوسين ته پنڊال اڌ کان وڌيڪ خالي آهي. ڊي ايس پي، ايس ايڇ او ۽ ٽريفڪ سارجينٽ کي گھرائي چيوسين ته هاڻي جيڪا به بس گذري نوابشاهه مان تن کي سواري سميت هيڏانهن وٺي اچو، بس اهيو خيال ڪجو جو فيملي وارن سوارين کي هيڏي نه آڻجو. ٿوري دير ۾ ٽي چار بسون ماڻھن سان ڀريل اچي پھتيون انھن کي اهڙي طريقي سان ويھارياسين جو انھن مان ڪنھن به قسم جو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي. جنرل صاحب آيو، ماڻھو ڏٺائين جيڪي ڪجھه چوڻو هيس چيائين ۽ هليو سرڪٽ هائوس ڏانهن. رات جي مانيءَ جو بندوبست سائين نظر شاهه روينيو منسٽر پنھنجي ڳوٺ ڪيو هيو. جنرل صاحب رات جي اتي ماني کاڌي، پوءِ واپس سرڪٽ هائوس نوابشاهه اچي پھتو.
جڏهن وي وي آئي پي ايندو آهي ته اسپيشل برانچ اچي سيڪيورٽي متعلق پنھنجي ڪاروائي ڪندي آهي. جنھن ۾ رهڻ جي جاءِ ۽ پوري علائقي جي تلاشي ڊٽيڪٽرس سان ڪندا آهن. سرچ جي دوران ڪنگي اتي رکيل هئي، اسپيشل برانچ وارن کان چيڪنگ ڪندي هيٺ ڪري پئي. پريزيڊنٽ، گورنر، ڊي ايم ايل اي ۽ ڪمشنر به ويا پنھنجي ڪمرن ۾، ڊي سي صاحب به روانو ٿيو پنھنجي بنگلي ڏانھن. مان مختيار ڪار ۽ ايس ڊي او پي پاڻ ۾ ويھي صبح لاءِ روٽ ۽ ٽريفڪ لاءِ پئي سوچيو، ڪنھن جي ڪھڙي جاءِ تي ڊيوٽي هوندي. ايتري ۾ جنرل صاحب ڪمري کان ٻاهر نڪري آيو. جيئن ته اسين اتي بيٺا هياسين، اسان کي پاڻ ڏانھن متوجھه ٿيندي چيائين ته هتي ڪير انچارج آهي. جيئن ته ان وقت مان هيم ته مون چيو ته مان. کمرے بڑے اچھے ہیں۔ حال بھی اچھا ہے۔ اسان چيو سائين مھرباني. پنج ست منٽ صرف انھي ۾ ته یہ بھی اچھا ہے وہ بھی اچھا ہے۔ . وڌيڪ ڪجھه ڪونه چئي مان اچي وائڙو ٿيس ته هن جو مطلب ڇا آهي. آخر ڪار چيائين بھائی اتنا بڑا اچھا انتظام ہے اگر آپ یہیں پر کنگی کا انتظام کرتے تہ کتنا اچھا ہوتا۔ مون اعتماد سان چيو ته سائين ڪنگي مون بلڪل رکي آهي ٿي سگھي ٿو ته هيٺ مٿي ٿي هجي. اچھا چلو مجهے نہيں ملتی۔ مان اندر ويم ته واقعي ڪنگي اتي رکيل نظر ڪانه آئي. مون هيٺ جاچيو ته ڪنگي هيٺ ڪريل پئي هئي. ڪنگي ملي اسين سيڪيورٽي جو عملو ڇڏي گھر روانه ٿياسين.
توهان ڏٺو هوندو ته جنرل صاحب عموماً اتي آيل ماڻھن مان ڪنھن ڪراڙي يا معذور کي پنھنجي کيسي مان پئسه ڪڍي ڏيندو هيو. اهي پئسه جنرل صاحب اسلام آباد مان کڻي ڪونه ايندو هيو، بلڪ ملٽري سيڪريٽري اچڻ شرط سان ڊي سي کان ڏهه هزار ڪيش وٺندو هو، پوءِ جيڪي جنرل صاحب سخاوت ڪندو هيو.

ايوانِ صدر ۾ افطار لاءِ معاذ ٿاڌل

ڊسٽرڪٽ ۾ جڏهن به وي وي آئي پي ايندو آهي ته لکين روپيه خرچ ٿيندا آهن ۽ بجيٽ ۾ انھي لاءِ هڪ ٽڪو به ڪونه رکيو ويندو آهي. 1983ع ۾ جڏهن پريزيڊنٽ ضياءَ دوري تي آيو هيو، سندس ڊنر سائين نظر شاه وٽ هئي تنھن جي باوجود هڪ لک ۽ ڪجھه هزار روپيه خرچ آيو هيو. هينئر ته سڀ شئي مھانگي ٿي وئي آهي، تنھنڪري انکان ڪافي وڌيڪ هوندو.
اُهو خرچ، گاڏيون ارينج ڪرڻ، انھن جو تيل پاڻي، سرڪٽ هائوس تي شاميانا، ٿڌي مٺي پاڻي، چانھه ماني، گفٽ، سيڪيورٽي ۽ ٻين ڊيوٽين تي آيل ماڻھن جي رهڻ ۽ کائڻ پيئڻ وغيره وغيره تي خرچ ٿيندو آهي. جيئن ته سرڪار جي طرفان انھي سلسلي ۾ ڪجھه به ڪين ڏنو ويندو آهي. تنھنڪري اسين اهو ٽوٽل خرچ جوڙ ڪري تپيدارن تي تپن جي حساب سان خرچ ورهائيندا آهيون. جنھن جو بار سڌو سنئون ضلعي جي آبادگارن تي پوندو آهي ۽ اهو نظام شروع کان ايئن هلندو پيو اچي. اسان انھي سلسلي ۾ ڪوششون ڪيون ته انھيءَ کي باقائده بجيٽ ۾ آندو وڃي ته جيئن ايگريڪلچر جي مٿان اڻظاهر ڪيل ٽيڪس ختم ٿئي. ۽ اها ٿيڻ به گھرجي.
جنرل ضياءَ جي زماني ۾ مان ٻه رمضان 1983ع ۽ 1984ع جا مھينا نوابشاهه ۾ هيس ۽ هر رمضان مهيني جي شروع ٿيڻ سان راولپنڊي پريزيڊنٽ هائوس مان فون ايندو هيو ته جنرل صاحب طرفان اسلامي ملڪن جي سفيرن لاءِ افطاري جو بندوبست تقريباً هر ٻئي ڏينھن ٿيندو آهي، سو مھرباني ڪري معاذ ٿاڌل جا ڏهه ڪريٽ موڪلي ڏيو، انھيءَ سان گڏ بل ضرور موڪلجو. اسين با ادب اِهو سڀ ڪري موڪليندا هياسين تيزرفتار ٽرين جي ذريعي ۽ پھچ رسيد ملي ويندي هئي، انھي کان پوءِ پئسن جي اچڻ جو انتظار ڪندا هياسين، تان جو مٿان ٻيو رمضان اچي ٽيھن ڏينھن لاءِ مھمان ٿي ايندو هيو ۽ ساڳيو حڪم وري نازل ته وارو ڪيو اسلامي ملڪن جا سفير پريزيڊنٽ صاحب افطاري لاءِ مدعو ڪيا آهن ۽ نوابشاهه جي ٿاڌل لاءِ صدر صاحب خاص تاڪيد ڪئي آهي.
جيئن فون آيو ڊي ايم ايس ڳالھايو ته مون کانئس گذريل سال جي رهت جا پئسه گھريا. چيائين ته فڪر نه ڪر مان چيڪ ڪري هن بل سان گڏ سڀ پئسه موڪلرائي ٿو ڏيان. اهي پئسه منھنجي بدلي ٿيڻ تائين ڪونه پھتا. آخرڪار سب ڊويزن جي سڀني تپيدارن تي سراسري ورڇ ڪري معاذ ٿاڌل جا بل ادا ڪياسين.
غالبن 1984ع جي شروعات ۾ ليفٽيننٽ جنرل صادق محمد رشيد عباسي جي ٽرانسفر ٿي، انھي جي جاءِ تي ليفٽيننٽ جنرل جھانداد خان مارشلا ايڊمنسٽريٽر ۽ گورنر سنڌ ٿيو. ايس ايم عباسي نھايت فھميده ۽ خانداني ماڻھو هيو ۽ سندس رويو به ڪافي اخلاق جي دائري اندر هوندو هيو. هڪ دفعي گورنر صاحب کي جيڪب آباد هارس ۽ ڪيٽل شو جو افتتاح ڪرڻو هيو. صبح سوير ڪراچيءَ کان فوڪر جي ذريعي سکر ايئرپورٽ ۽ پوءِ اتان جيڪب آباد وڃڻو هيس. ڌنڌ جي ڪري ايمرجنسي ۾ نوابشاهه صبح جو پنج يا ساڍا پنج وڳي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو، اسان کي اطلاع مليو سڀ وٺي ڀڳاسين ته جيئن گورنر صاحب اڪيلو نه هجي ۽ سيڪيورٽي جي به لحاظ ضلعي انتظاميه جي جوابداري هوندي آهي.
سکر ۽ جيڪب آباد ۾ ڌنڌ ڪافي دير تائين هليو، تقريباً اڍائي ٽي ڪلاڪ نوابشاهه ايئرپورٽ جي لائونج ۾ رهيا، ٿورو گھڻو ڊرائي فروٽ ۽ ٻيو بيڪري جو مال آندو، جنھن سان خدمت ڪئي وئي. اتي خبر پئي ته جنرل صاحب هميشه پنھنجا بوٽ پاڻ پالش ڪندو هيو. اسان ان وقت ڪرنل اجمل خٽڪ، ڊي سي، ايس پي، مان ۽ ايس ڊي پي او گورنر ۽ اي ڊي سي ست ڄڻا هياسين ۽ اسان کي اهو احساس ڪونه ٿيڻ ڏنائين ته هي ڪو گورنر ۽ مارشلا ايڊمنسٽريٽر آهي. هلڪي ڦلڪي کل ڀوڳ وارو ماحول ٺاهيون ويٺو هيو. پاڻ به وقفي وقفي سان ڪونه ڪو موقعي ۽ مناسبت سان مذاق نموني وارا ڀوڳ، ٺڪاءُ شيئر ڪندو رهيو. ڌنڌ جي جھڪي ٿيڻ کان پوءِ سکر فلائيٽ تي روانو ٿي ويو ۽ موڪلائڻ وقت اسان سڀني سان گرمجوشي سان ايئن موڪلايائين جيئن ڪو عزيز گھر کان پري پيو وڃي. اهي گھاريل گھڙيون وسرڻ جھڙيون ناهن. پاڻ ته هن جھان مان لڏي ويا آهن الله جنت الفردوس عطا ڪريس. ڪجھه سال اڳ مونکي سندس قبر تي وڃڻ جو شرف حاصل ٿيو.
جنرل صاحب قلعه دراوڙ جي ڀرسان عباسي خاندان جو قبرستان آهي، ان ۾ دفن ٿيل آهي. قلعي دراوڙ احمد پور ايسٽ کان ڏکڻ طرف تقريباً ٽيھه پنجٽيھه ڪلوميٽر جي پنڌ تي ضلعي بھاولپور ۾ آهي. قلعي جي اولھه طرف هڪ کليل قبرستان آهي، جتي چار اصحابه رسول الله ﷺ دفن ٿيل آهن. قلعي جي مرڪزي دروازي جي اوڀر طرف رياست جي شاهي خاندان جو قبرستان آهي. رياست جي نوابن جون قبرون هڪ ڊگھي مستطيل ۾ ٺھيل بند ڪمري ۾ آهن، باقي مرد جون کليل ميدان ۾ قبرون آهن ۽ عورتن جي لاءِ الڳ جڳهه رکيل آهي.
مون ڪنھن دوست کان ٻڌو ته هيءُ عباسي صاحب ضلعي شڪارپور جي لکي شھر جا اصلوڪي رهاڪو هيا ۽ دائودپوٽا برادري سان تعلق رکندڙ آهن. سنڌ جي تاريخ تي گھري نظر رکڻ وارا دوست جيڪڏهن انھي جي باري ۾ ڪو واضع ڪندا ته اسان جي علم ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. شڪارپور جو شھر انھن ٺاھيو ھيو، جن کان پوءِ ۾ ڪلھوڙن اتان دائودپوٽن کي ڀڄايو.
قلعه دراوڙ اڄ به نواب رياست جي ملڪيت ۾ آهي. 1956ع ۾ جڏهن رياستون پاڪستان ۾ ضم ٿيون ته بھاولپور به ضم ٿي ليڪن قلعي دراوڙ کي حڪومت پاڪستان جي حوالي ڪونه ڪيو. هن وقت قلعي جي زبون حالت آهي. دوست ٻڌي حيران ٿيندا ته قلعي دراوڙ ۾ ٻه ٽي طبقا ٺھيل جڳھون آهن، جنھن ۾ پوري آرمي، اسلحه ۽ خزانو زير زمين بيرڪس ۾ هيون. عباسين جي قبضي ڪرڻ کان اڳ ان قلعي مان ٻه سرنگون نڪرنديون هيون جن جو ٽانگي جي رستي بھاولپور ۽ ٻي جيسلمير تائين رابطو هيو ان وقت جو راجه ۽ ٻيا ايندا ويندا هيا.
انھن سرنگن ۾ ٻه ريلوي جي پٽڙين وانگر پٽيون هيون، جن تي ٽانگي جا ڦيٿا اهڙي طريقي سان هلندا هئا، جو اهي پٽڙي تان هيٺ ڪونه لھندا هيا. جيئن ريل گاڏي ريلوي لائين تي هلي ٿي. انھيءَ جو مطلب ته ويسٽرن دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ انڊرگرائونڊ سفر لاءِ رستا سؤ سوا سؤ سال اڳ ٺهيا جڏهن ته موجوده پاڪستان جي حد اندر اهيو نظام ڪئي سو سال اڳ موجود هيو. اتي اها خبر پئي جڏهن عباسين قلعي جو گھيرو تنگ ڪيو، راجه پنھنجي فيملي ۽ ڪجھه خزانو جيترو کڻي سگھيو ساڻ کڻي جيسلمير لاءِ ان سرنگھه رستي نڪري ويو. جنھن کان پوءِ عباسين قلعي تي قبضو ڪيو.
جنرل جھانداد خان چارج وٺڻ کان پوءِ سنڌ جو دورو شروع ڪيو.

جنرل جهانداد خان سنڌ جو گورنر مقرر

1984ع ۾ جنرل جھانداد خان جي گورنر ۽ مارشلا ايڊمنسٽريٽر سنڌ ٿيڻ کان پوءِ جلد ۾ ڪراچي کان ٻاهر نڪري پوري سنڌ گھمڻ ۽ ايريا جي واقفيت ۽ مسئلن کي سمجھڻ لاءِ پھريون سکر ڊويزن جو دورو رکيو. هڪ رات سکر ۾ گذاري ان کان پوءِ لاڙڪاڻو ۽ رات اچي نوابشاهه ۾ رهڻ جو پروگرام اچي مليو. جنرل صاحب جي دوري جي منفرد ڳالھه اها هئي ته دوري جي شيڊول سان گڏ اهي احڪامات مليا ته گورنر صاحب جي دوري جو سمورو خرچ گورنر هائوس ادا ڪندو. اسان ڏاڍا خوش ٿياسين ته گھٽ ۾ گھٽ اهيو مٿي جو سور لٿو.
گورنر سکر کان لاڙڪاڻي جھاز ۾ ويو، سردارمرحوم غلام محمد مھر جي گاڏي سکر کان نوابشاهه لاءرواني ٿي، جنھن لاءِ حڪم مليو ته گورنر صاحب گاڏي صرف سردار صاحب جي استعمال ڪندو. انھيءَ گاڏي ۾ گورنر هائوس جو بورچي به اڳواٽ نوابشاهه پھچندو ۽ ماني گورنر ۽ گورنر جي مھمانن جي اهو تيار ڪندو. اهو به هڪ وڏو مسئلو هوندو آهي ته ڊاڪٽر صاحب اڳ ۾ ماني کائي چيڪ ڪندو هيو، پوءِ اها ماني وي آء پي کي ڏبي هئي. هاڻي ته بورچي به سيڪيورٽي پاس.
حسب معمول اسان پنھنجي طرفان سيڪيورٽي ۽ ٻيا انتظام ڪيا هيا. ٻيو حڪم گورنر هائوس مان آيو ته گورنر سان ماني صرف اهي کائيندا، جن جي لسٽ گورنر هائوس مان ايندي.
منجھند جي قريب گاڏي ۽ گورنر هائوس جو بورچي صاحب نوابشاهه پھچي ويا. بورچي صاحب پھچڻ شرط سامان جي لسٽ ڏني ۽ برانڊ جانالا به مھيا ڪيا ۽ چيو ته بل ٺھرائي کڻي اچي مونکي ڏيو. اسين به خوش، چلو سامان جيترو به گھرائن پئسه انھن کي ڏيڻا آهن ته پوءِ اسان کي ڪھڙو اعتراض. ڊنر جي لاءِ سامان لسٽ مطابق وٺي بل سميت اچي بورچي صاحب کي ڏنوسين. ڊنر تقريباً اٺن ماڻھن لاءِ تيار ڪئي وئي، جنھن تي ڪچي سيدي جي ماليت ويھن هزارن جي لڳ ڀڳ هئي.
انھي ڊنر ۾ اهي ماڻھو هيا، جيڪي بعد مجلس شورا جا ميمبر ٿيا. اها ڊنر واحد هئي جنھن ۾ ڪمشنر، ڊي آء جي، ڊي سي ۽ ايس پي موجود نه هيا. ڇو ته اها ڊنر گورنر هائوس جي طرفان هئي، اسان چيو ته مڙئي خير. ڊنر ختم ٿي گورنر هائوس جي بورچي صبح جي ناشتي لاءِ هڪ ٻي لسٽ ڏني، جنھن تي مبلغ رائج الوقت سڪي جا تقريباً ڏهه هزار روپين جو سامان بل سميت بورچي صاحب جي حوالي ڪيوسين. بورچي صاحب مختيارڪار کي چيو ته يار ٻه سٺا اجرڪ ٽوپ پر سعيد آباد جا هٿ جا ٺھيل هجن ڏجائين. رات جو مختيارڪار مٽياري ۽ سعيد آباد مان اهي ٻئي گفٽ طور گھرايون پر انھي جي خبر اسان کي بعد ۾ پئي.
گورنر صاحب ڊنر مان فارغ ٿيو ۽ چيو ته مان صبح جو هلڪي کليل ڪچھري ڪندس پر ماڻھو گھڻا نه هجن. شايد اها ان کي خبر ڪونه هئي ته چڱا مٺا نوابشاهه جا جيڪي پ پ سان واسطيدار هيا، اهي اڳئي ڪونه پيا ملڻ گھرن . خير اسان ڪجھه ماڻھو گھرايا، ان ۾ مرحوم سائين امداد محمد شاهه (سائين جي ايم سيد جو فرزند) به هڪ هيو.
صبح ٿيو سرڪٽ هائوس جي لان ۾ شاميانو هڻايوسين، ڪرسيون وغيره سڀ انتظام ٿي ويو، گورنر صاحب آيو مرڪزي ڪرسي وڏي رکي وئي، جنرل صاحب جو قد مون وانگر پورو سارو، ان ۾ ڄڻ ته لڪي ويو. گورنر صاحب کي جيڪي چوڻو هيو اهو چئي پوءِ چيائين ته ڪنھن ڪجھه چوڻو هجي ته ڳالھائي. سڀ کان پھريان سائين امداد محمد شاهه اٿيو. گورنر صاحب اشارو ڪيو ته ارشاد فرمايو. سائين شروع ٿي ويو حڪومت ۽ مارشلا جي ڪجھه پاليسن جي خلاف ڳالھائي دنگ ڪيو. جنرل صاحب جا ڪن اڀا ٿيندا ويا ۽ ڊي سي صاحب کان پڇيائين ته هي ڪير آهي؟ ڊي سي صاحب ٻڌايس ته سائين جي ايم سيد جا فرزند آهن. جنرل صاحب خاموش ٿي ويو ۽ انھي کان پوءِ کليل ڪچھري بند ٿي وئي. تقريباً ڏهين يارهين وڳي حيدرآباد کان ڪراچي لاءِ روانا ٿيا. جنرل صاحب وڃڻ وقت خرچ جو پڇيو اسان کيس ٻڌايو، گورنر صاحب پنھنجي کيسي جي تلاشي ورتي ۽ سؤ سؤ روپيه جا ڏهه عدد ڪڙڪ نوٽ اسانکي سموري خرچ جا ڏئي حساب چڪتو ڪري پاڻ ڪراچي روانا ٿي ويا.
نوابشاهه ضلعي لاءِ جيڪڏهن حاجي خان خواجه جو ذڪر نه ڪجي ته اها زيادتي ٿيندي. خوجه صاحب ايڇ ايم خواجه جي نالي سان مشھور آهي، پاڻ اسماعيلي فرقه سان لاڳاپيل هيا ۽ نوابشاهه ۾ هڪ استاد جي حيثيت ۾ آيا. اصل سندن وڏا ڳوٺ جھرڪ جا هيا، اتان پوءِ حيدرآباد ضلعي ۾ آباد ٿيا پر هينئر دفن نوابشاهه ۾ پنھنجي اڏايل اسڪول جي احاطي ۾ آهن. ايڇ ايم خواجه صاحب آيو ته هڪ استاد جي حيثيت ۾ پر نوابشاهه ۾ تعليم کي عام ڪرڻ ۾ سائين خواجه صاحب جو وڏو ڪردار آهي.
خواجه صاحب نوابشاهه جا جيڪي به سرنديءَ وارا زميندار هيا انھن سڀني ڏانهن پاڻ لنگھي ويندو هيو ۽ تعليم لاءِ انھن کي صلاح ۽ مشورو ڏيندو هيو ۽ انھن کان ڪجھه رقم وٺي اسڪول تي خرچ ڪندو هيو. ڪجھه خرچ بچائي غريب ٻارن جي پڙهائڻ ۽ رهائش تي خرچ ڪندو هيو. خواجه صاحب جي اسڪول ۾ پرائمري تعليم کان ويندي ميٽرڪ تائين مختلف سيڪشن ۾ ڏني ويندي هئي. نوابشاهه جا سڀ وڏاماڻھو خواجه صاحب جي ڪري تعليم جي زيور سان آراسته ٿيا.
ڀٽي صاحب جڏهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جو بنياد رکيو ته سنڌ جي نياڻين لاءِ نوابشاهه ميڊيڪل لاڪاليج به منظور ڪيو جنھن لاءِ گھڻي ڀاڱي زمين ايم ايڇ خواجه صاحب پنھنجي اسڪول مان ڏني، جنھن تي نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج ٺھيو. باقي زمين حامد خان ڪلب جي زمين مان ڏني وئي. حامد ڪلب نوابشاهه جي پھرين ڊپٽي ڪمشنر جي نالي سان منسوب آهي.
آگسٽ 1984ع حج واري عيد هئي اسين به ڳوٺ عيد لا ويل هياسين. اتان مان سکر ويس ڪمشنر سکر سان عيد ملڻ لاءِ، مرحوم عليڏنو پنھور صاحب ڪمشنر سکر هيو ۽ ٻيا به ڪافي آفيسر آيل هيا. عيد مبارڪ ڪري نڪرڻ جي پئي ڪئي ته چيائين ٻڌون ٿا ڪجھه بدليون ٿيڻيون آهن. حالانڪ جن به اسسٽنٽ ڪمشنرس جون بدليون ٿيڻيون هيون، انھن جي بدلين جا آرڊر ڪمشنر صاحب جي کيسي ۾ هيا. مون کي به چيائين ته جمن ٻڌون ٿا چينجز اينديون. مون پڇيو ته سائين منھنجي به آهي؟ چيائين خبر ناهي پر ٿي به سگھي ٿو. خير مان واپس نوابشاهه آيس صبح جو اخبار ۾ لکيل هيو ته منھنجي بدلي شھدادڪوٽ ٿي وئي آهي، ٻئي ڏينھن چارج ڏني.

نواب شاهه ۾ نوڪري

شھدادڪوٽ وڃڻ کان اڳ ٿورو حال احوال نوابشاهه جو ڪرڻ به ضروري آهي. نوابشاهه ضلعو ڪافي سر سبز ۽ زراعت جي حساب سان ذرخيز علائقو آهي. موسم به گرمي ۽ سردي ۾ سٺي پوي ٿي. هتي اها چوڻي عام هئي ته الله سائين جيڪڏهن ”پڊعيدن هيو ته پوءِ جھنم جي ڪھڙي ضرورت هئي“. ٻيو هتي چوڻي هئي ته هڪ پڊعيدن جو ماڻھو جڏهن دوزخ ۾ ويو ته اتي هن کي سردي پئي محسوس ٿي، ڪمبل گھرائي ويڙھيائين. آبادي جي لحاظ سان به گھڻو ڳتيل ضلعي ۾ شمار ٿئي ٿو. آبپاشي لاءِ روهڙي ڪئينال سڄي ضلعي جون زمينون سيراب ڪري ٿو.
اثر رسوخ جي لحاظ کان 1983ع ۽ 1984ع ۾ سيدن، جتوئي، ڏاهري، جمالي، رند، انڙ، ڀرٽ، راڄپر، چوڌري، بھڻ، بروهي، خشڪ، ڪلھوڙا عباسي، زرداري، ميمڻ، سھته وغيره. نوابشاهه ضلعي انھن جي ڪافي اثر هيٺ هيو. ڪنھن دوست پڇيو ته زردارين جي ڇا پوزيشن هئي؟ زرداري پنھنجي مڇي ماني وارا هيا ۽ زردارين جو سردار حاجي دين محمد زرداري شريف ماڻھو، ڪڏهن ڪنھن جي لاءِ ڪونه برو چوندو هيو. رئيس حاڪم علي يا آصف صاحب ته ڪراچي ۾ رهندا هيا ۽ نوابشاهه ڪڏهن ڇٽي ڇماهي اچڻ ٿيندو هين، باقي پنھنجي زرداري قبيلي تي اثر هين.
مون جڏهن نوابشاهه جي چارج ورتي، انھيءَ وقت آفيسر سان ملڻ لاءِ پرچي موڪلبي هئي. پوءِ جڏهن صاحب گھرائي تيستائين انتظار ۾ ماڻھو ويھندا هيا ۽ جتي ڪٿي عام طور ايئن شروع کان هلي پيو. مون ٿوري انھي ۾ ردو بدل ڪئي، صرف پنھنجي آفيس لاء. جيڪڏهن ڪا ميٽنگ يا ڪو وفد وغيره نه هوندو هيو ته چٽ موڪلڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، آفيس سڌو سئنون هليو اچي. ٻيو جيڪڏهن ڪير ڪنھن کان فون ڪرائي پوءِ ايندو هيو ته انجي ڪم ۽ ملڻ ۾ وڌيڪ ٽائيم وٺندو هيس. انھي لاءِ ڪوئي به مون ڏي ڪنھن جي سفارش سان نه اچي.
هڪ دفعي شروع ۾ سلام خان زرداري چڱو زميندار ۽ لکيل پڙهيل ماڻھو آهي. رئيس حاڪم علي زرداري جيڪا پنھنجي زمين وڪي اها سڀ هن جي والد صاحب ورتي. سلام خان پاڻ بينڪ ۾ آفيسر هيو، پوءِ اها نوڪري ڇڏي پنھنجون زمينون سنڀالڻ شروع ڪيائين. هن کي پيٽرول پمپ ۽ ان جي گدامن لاءِ اين او سي گھربل هئي . ڪنھن رئيس ڏانھن ويو ۽ انھيءَ ڪم لاءِ فون ڪرائي مون وٽ آيو. مون هن کي ويھاري پڇيو ته ڇا ڪم آهي؟ ڪم ٻڌايائين . مون ھن کان پڇيو ته تنھنجي ڇا تعليم آهي؟ چيائين ماسٽرس ڪيل آهي بينڪ ۾ اوجي ٽو هيس ڇڏي زمينداري شروع ڪئي آهي. فوڊ ڊپارٽمينٽ وارن کي گدام جي ضرورت آهي، مان انھن سان معاھدو ڪندس ڪجھه سالن لاءِ ۽ منھنجي روزي روٽي سٺي نڪري ايندي.
مون هيڊ منشي کي گھرايو، انھي کي چيم ته اين او سي جلدي ۾ ٺاهي کڻي اچ ته مان صحيح ڪيان. همراهه خوش ٿيو. هيڊ منشي جي وڃڻ کان پوءِ جڏهن اڪيلو ٿيو، مون هن کي چيو ته تون هڪ لکيل پڙهيل نوجوان ۽ آفيسر رهي چڪو آهين، تون مون وٽ سڌو ڇو ڪين آئين؟ چيائين ته سائين هتي هميشه ايئن ٿيندو آيو آهي، اڳتي ايئن ڪونه ٿيندو. ٿوري دير ۾ هيڊ منشي ڪاغذ دستخط ڪرائڻ لاءِ کڻي آيو. . مون ڪاغذ سلام خان زرداري کي ڏيکاريا ته ڇا تنھنجو انھن سان ڪم هلي ويندو يا ڪجھه ٻيو به لکڻو آهي. خوش ٿي چيائين سائين بس انھيءَ سان منھنجو ڪم ٿي ويندو . مون فائيل وٺي بند ڪري چيو ته هاڻي تون وڃ، اهي ڪاغذ توکي ٽن ڏينھن کان پوءِ ملندا. ٽي ڏينھن تنھنجو ڪم پوءِ انھي ڪري ٿيندو، جو هڪ تون سفارش کڻي آيو آهين، هڪ ڏينھن اهيو، ٻيو ڏينھن پوءِ انھي ڪري جو نوجوان ٿي سڌو مون وٽ نه آئين، بلڪ تون ڪنھن جي سھاري لاءِ وقت زيان ڪيو، ٽيون ڏينھن انھيءَ ڪري جو تون آفيسر رهيو آهين نوجوان به آهين، پوءِ به وڏيري جي پٺيان لڳو آهين . همراهه خاموش ٿي ويو . چيائين هي دفعو معافي ملي، اڳتي ايئن ڪونه ٿيندو. مون کيس کتو جواب ڏنو ته ٽن ڏينھن کان پوءِ اچ ۽ پنھنجا ڪاغذ کڻي وڃ پر جيڪڏهن وري ٻيھر ڪنھن کان فون ڪرائي ته پوءِ هفتي کان پوءِ ۾ کڻي وڃجائين. همراهه واپس ويو ٽن ڏينھن کان پوءِ آيو کلندو پنھنجا ڪاغذ کڻي ويو.
منھنجي انھيءَ عمل جو عام ماڻھو کي اهيو فائدو پيو، جو بي ڌڙڪ منھنجي آفيس ايندا هيا ۽ ڪنھن زميندار جي چٺي چپاٽي جي ضرورت ڪونه پوندي هين. ليڪن اهو منھنجو عمل گھڻن کي پسند ڪونه هيو، آخرڪار هڪ ٻن چئي ڏنو ته سائين توهان آفيسر آهيو جيڪڏهن توهان ايئن ڪندئو ته هڪ ته توهان جي شان جي خلاف آهي ۽ ٻيو ته ماڻھن به اسان ڏانھن اچڻ گھٽ ڪري ڇڏيو آهي، ڇوته هنن کي هاڻي اسان جي ضرورت ناهي. اسان سياسي ماڻھو آهيون ٿوري گھڻي لاءِ ماڻھو اسان ڏانھن ايندا هيا، اسان انھن کي هڪ ٻه دفعا پنڌ ڪرائيندا هياسين ۽ اسان پوءِ انھن کي فون يا چٺڙي لکي ڏيندا هياسين. هاڻي جيڪڏهن توهان ايئن ڪندا ته پوءِ اسان جي لاءِ آساني ته ٿي پئي، پر انھي جي ڪري ايريا ۾ اسانکي سياسي طور نقصان ٿئي ٿو. مون دوست کي چيو ته سائين مان مسڪين ماڻھو آهيان ۽ مون کي دلي طور انھي ڪرڻ سان تسڪين ملي ٿي تنھنڪري مان جتي هوندس منھنجو طريقو ساڳيو رهندو. چيائين ڀاءُ توهانجو ڏوهه ناهي، جو اسان جي هلي نٿي.
مان شروع ۾ اڪثر ڳوٺن ۾ اڪيلو هليو ويندو هيس ۽ ڪنھن جي اوطاق تي وڃي ڪنھن جھوني سان ڪچھري به ڪري ايندو هيس ۽ دال ماني، ڪڏهن صرف کير سان ماني انھن جي لانڍي ۾ کائي ايندو هيم، پر اها انھن کي خبر ڪانه هوندي هئي ته مان هتي اسسٽنٽ ڪمشنر آهيان. انھن وٽ هڪ مسافر جي حيثيت سان ويندو هيس. جڏهن ماڻھن کي انھيءَ عمل جي خبر پئي ته پوءِ مان وڃڻ ڇڏي ڏنو. ڇو ته جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن ماڻھن جي ميل ملاقات ڪري سڃاڻپ وڌندي وئي، پوءِ دل کولي ڪوئي حال ڏورڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو هيو. انھيءَ عمل ڪرڻ سان ايريا جي چڱي مُٺي جي خوب خبر پئجي وئي هئي.
الحمدلله نوابشاهه سب ڊويزن ۾ ٽي روينيو جا سرڪل هيا، هڪ نوابشاهه، ٻيو ڄام صاحب، ٽيون دوڙ. مون پڙتال جي بھاني تقريباً هر هڪ سرڪل جو گھٽ ۾ گھٽ سٺ سيڪڙو پيادل گھمي ڏٺا. منھنجي هڪ ڏينھن جي وزٽ معني پڙتال تان واپسي يا رستي ۾ ٻه يا ٽي تپيدار اسپتال پھچندا هيا. مرحوم غلام محمد ميمڻ سپروائزر هيو، پڙتال تان واپس اچي رٽائرمينٽ جي درخواست ڏئي چيائين ته سائين منھنجي چار پنج سال نوڪري رهي ٿي، مان نوڪري کان بس ڪئي. خير چاچي کي راضي ڪيم ته تون ڀلي گاڏي ۾ ويھي رهندو ڪر، جڏهن ٿڪجي پوين، چيائين سائين توهان پنڌ ڪيو ۽ مان گاڏي ۾ ايئن ڪونه ٿيندو.
صبح سوير جنھن پاسي هلڻو هوندو هيو ته سج اڀرڻ سان چار پنج تپن جا تپيدار ۽ نقشو ۽ فصل جي آبادي جو رڪارڊ ڪيل بندي/ رجسٽر ساڻ کڻي نڪري پوندا هياسين ۽ ڊرائيور کي تقريباً اٺ نو ڪلوميٽر جي مفاصلي تي چوندو هيس اتي اچي بيھه.

ڳوٺ ۾ نئين گهر جي اڏاوت

فصل جي پڙتال سان چوري پڪڙڻ کان علاوه ريڪوري ۽ جمع بندي سٺي ٿيندي هئي. الحمدلله منھنجي سب ڊويزن جي بي باقي ضلعي ۾ ٻين کان اڳ ۾ ٿي ويندي هئي. نوابشاهه ۾ رهندي منھنجي بابي سائين الڳ گھر ٺھرائي ڏنو، جنھن ۾ مون کي ڪابه ڏکيائي پيش ڪانه آئي. گھر جي لاءِ زمين منھنجي سوٽ الحاج محمد افضل پنھنجي حصي مان ڏني. اسان جو ويجھو عزيز سائين امير بخش ان وقت سوئي سدرن گيس ۾ آفيسر هيو تنھن اچي بابي کي چيو ته سائين صاحب لاءِ الڳ گھر ٺاهيو. بابي سائين چيس ته امير بخش منھنجي به اها خواهش آهي پر هن وقت ايتري طاقت ناهي. امير بخش چيو ته ڊي پي سي ۽ لينٽر جي لاءِ سيمنٽ ۽ سريا منھنجي طرفان. ڪاٺ جي لاءِ مون وٽ ٽاريون بيٺيون آهن، توهان اهي ڪپرائي اچو. اتي اسان جو ماسات مرحوم فقير محمد ويٺو هيو، ان بابي کي چيو ته ماما سرن جو کورو مون هينئر پنھنجي لاءِ تيار ڪرايو آهي، اهي سڀ سرون منھنجي طرفان، ڪم شروع ڪيو. مرحوم درمحمد منھنجي سؤٽ چيو ته بنياد لاءِ پٿر مان ٿو ارينج ڪيان. اسان وٽ جاءِ جي اوساري گاري سان ٿيندي هئي. تنھنڪري سيمينٽ جي ضرورت صرف ڊي پي سي، لينٽر ۽ پلستر جي لاءِ ٿيندي آهي. مونکي انھي معاملي جي ڪابه ٻڙڪ ڪانه پئي. مان جڏهن ڳوٺ ويم ته منھنجا ڀائر ۽ سؤٽ نئين گھر جا آئرا پيا کوٽين، مون پڇيو ته هيءُ ڪنھن جي لاءِ پئي جاءِ تيار ٿئي. چيائون ته تنھنجي لاءِ، ته مون مذاق سمجھي، ايتري ۾ بابو سائين آيو ۽ چيائين ته بابا امير بخش آيو ۽ هيءُ هيءُ شيون ڏنائين ۽ چيائين ته صاحب لاءِ گھر ٺاهيو. باقي سڀني جو احوال ڪيائين ته ڪنھن ڇا ڇا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي.
مان ۽ بابو سائين ويٺا هياسين ته مون بابي کي چيو ته بابا گھر ته ٺھرايو ٿا، پر پئسه ته ڪونه آهن، جو باقي سڄي معاملي کي انجام تائين پھچائي سگھون. چيائين بابا الله تي توڪل رک، گھر اهڙي شئي آهي، جنھن لاءِ سامان سڀ جمع ڪري ڪونه ٺاهبو آهي. مون چيو ته بابا پر لوهه، ڪاٺ ۽ روف جون سرون وغيره لاءِ ته چڱو خاصو پئسو کپي. ايتري ۾ مرحوم محمد طاهر کھڙو پنھنجي تر جو سٺو زميندار آهي، ڪنھن ڪم سانگي بابي ڏانھن آيو ۽ ملاقات ٿي، بابي کي جيڪو ڪم چوڻو هيس اهو چئي بابي کي چيائين ته حاجي هاڻي وري پيري ۾ نئين جاءِ جو شوق ڪيو اٿئي. بابي سائين وراڻي چيس ته صاحب جي لاءِ گھر ٿو ٺھرايا. بابي کي چيائين حاجي صاحب مون وٽ سڪل ٽاريون ۽ نمون پيون آهن، جيتري ضرورت آهي توهان کڻائي اچو. بابي چيس ته نه مھرباني امير بخش اڳ ۾ انھي لاءِ چيو آهي. بھرحال مرحوم کھڙي صاحب ٻئي ڏينهن ٽريڪٽر ٽرالي تي ٽاريءَ جون سڪل ڪاٺيون موڪلي ڏنيون جنھن مان در دريون ۽ ٻيو سامان ٺھيو ۽ بچي به پيو، جيڪو منھنجي ڀائرن ۽ سؤٽن استعمال ۾ آندو.
ٻئي ڏينھن واپس نوابشاهه آيم، مونکي راڄپر دوست ٻڌايو ته هالاڻي جي ويجھو هڪ ماڻھو آهي، جيڪو روف جي سرن جو ڪم ڪندو آهي، مون ان دوست کي چيو ته وڃ ۽ ريٽ وغيره جي پڇا ڪر. راڄپر صاحب ويو ۽ ان سان ڳالھائي آيو، تقريباً ڍيڍ روپيه جي حساب سان هڪ سر جو سودو طئه ٿيو. اهڙي طرح منھنجي کيسي جو تقريباً لوه سميت ويھه ٻاويھه هزار روپيه خرچ ٿيو ۽ ٻھراڙي جي حساب سان سٺي عزت ڀري جاءِ جڙي راس ٿي.
دوڙ جو چوڌري محمد ايوب هڪ ڏينھن آيو ۽ مونکي چيائين ته مونکي بابي سائين توهان ڏانھن هڪ خاص ڪم لاءِ موڪليو آهي. ايوب ان وقت چيف سيڪريٽري مسعود نبي نور جون زمينون سنڀاليندو هيو ۽ پنھنجي به چڱي خاصي زمينداري هوندي هيس، هن جو والد صاحب ڏاڍو نيڪ ۽ شفيق انسان هيو. اصول جو پڪو ڪنھن سان زيادتي ڪين ڪندو هيو ۽ نه وري ڪنھن جي سھندو هيو، مون سان هن جو پيار هوندو هيو. هڪ دفعي پنھنجن پٽن کي چيائين ته هن کي پنھنجي گھر جو ڀاتي سمجھو ۽ اڄ تائين انھن جو مون سان ورتاءُ ڀائرن وارو آهي. چوڌري چيو ته بابي کي خبر پئي آهي ته تون گھر ٿو ٺھرائين. مون چيس ته هاپر بابو ٿو ٺھرائي ڏئي. چيائين ڇا کپي؟ مون وراڻيو ته ڪجھه به نه، ڪم تقريباً ٿي ويو آهي. چيائين ته سڄو لوهه بابي جي طرفان، مون چيو ته مھرباني ۽ مان هتان لوهه کڻي ڪونه ويندس، بس چاچي کي منھن جي لاءِ چوندا ته دعا ۾ ياد رکندو ڪري.
ٻئي ڏينھن حاجي صاحب پنھنجي وڏي پٽ سميت اچي آفيس پھتو ۽ مون کيس ويھڻ لاءِ چيو ته چاچو ويھي ڪونه، بيٺو رهيو. مون وري عرض ڪيم ته چاچا ويھو، چيائين ته مون سان وعدو ڪر ته منھنجو ڪم ڪندين. آخرڪار جيستائين واعدو نه ورتائين تيستائين بيٺو رهيو. ويٺو مون چانھه لاءِ آچر پٽيوالي کي چيو . مون کي چيائين پتر مينو دس تون ناراض اين؟ مون چيو نه چاچا تون حڪم ڪر چيائين ته ڪالھه مون ايوب کي موڪليو تو ان کي واپس ڇو ڪيو؟ مون چيو ته چاچا ڪم ٿي ويو آهي، جنھن ڪري ضرورت ناهي. ميري ڳل سڻ لوه ميري طرف سي هوسي. ميني اور ڪوئي ڳل نهي سڻڻي اي ميرا فيصله هڻ دس قبول هي يا نهي؟ وڏي منت ڪرڻ کان پوءِ مون چيو چاچا مان توهانجي ڳالھه مڃيان ٿو، انھي شرط تي ته توهان به منھنجي گذارش قبول ڪندا. مون کي چيائين مينو دس مون چيوته مان توهان جي حڪم جي تعميل ڪيان ٿو پر صرف ٻاهريون گيٽ توهان جي طرفان. چاچو سائين ڳالھه مڃڻ لاءِ تيار نه پيو ٿئي آخرڪار درين جي گرل ۽ مين گيٽ چوڌري ايوب جي طرفان قبول ڪيم، جيڪو اڄ تائين لڳل آهي.
ڪل آفيسر ذائقت البدلي
نوابشاهه ڇڏڻ لاءِ دل آماده ڪونه پئي ٿئي، پر حڪم جا بنده ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگھن. جيڪو نوابشاهه جي عام ماڻھن محبتون ڏنيون انھن کي وسارڻ منھنجي وس جي ڳالھه ناهي، اڄ به سانڍي رکيون آهن. الله سائين انھن سڀني ماروئڙن کي آباد رکي. آمين يارب العالمين.
آگسٽ 1984ع ۾ مان شھدادڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي چارج وٺڻ لاءِ روانو ٿيس. سڀ کان پھريان ڊي سي لاڙڪاڻو جي آفيس پھتم. خبر پئي ته اڄ ڊي سي صاحب گھر واري آفيس ۾ ڪم ڪندو، هيڏانھن اڄ پروگرام اچڻ جو ڪونھي. مرحوم محمد هاشم ميمڻ صاحب ڊي سي لاڙڪاڻو هيو. مان وڃي سائين سان مليم، ڏينھن جا تقريباً ٻارهن هڪ ٿيو پئي. ڊيوٽي جوائن ڪرڻ لاءِ چيم. سائين مرحوم محمد هاشم ميمڻ صاحب الله جنت الفردوس عطا ڪريس هڪ نھايت غريب پرور، هڏڏوکي ۽ رحمدل آفيسر هيو. مرحوم جي جيتري واکاڻ ۽ عزت ڪجي اها گھٽ آهي. چيائين ڄامڙا ماني کاڌي اٿئي مون عرض ڪيو ته سائين مھرباني. بورچي کي سڏرائي چيائين ته جيڪو تيار آهي ڄامڙو صاحب کي اڳ ۾ کاراءِ، مون ماني کاڌي پاڻ سائين ٻيڙي دکائي هڪ سوٽو هنيو. چيائين ته بابا وڃ پر ماڻھن جو خيال رکجاء.مون عرض ڪيو ته انشاءَ الله، انھي متعلق توهان کي شڪايت ڪانه ملندي. چيائين مون کي تنھنجي خبر آهي وري انسان کان غلطي ته ٿي سگھي ٿي . تقريباً ٻن ڪلاڪن کان پوءِ شھدادڪوٽ وايا قمبرعلي روانو ٿيس. ڍيڍ ٻن ڪلاڪ جي پنڌ کان پوءِ وڃي شھدادڪوٽ پھتم.

پنهونءَ جي پار ۾

الحمدلله مالڪ سائين جا اڻ ڳڻيا احسان جو پيار ۽ محبت مون کي نوابشاهه جي ماڻھن مان مليو انکان سوايو وري رب ذوالجلال منھنجي حصي ۾ شھدادڪوٽ جي دوستن ۾ اڳيئي رکي ڇڏيو هيو. جنھن ڪري مونکي شھدادڪوٽ ۾ به اهو ساڳيو سڪون قلب ملندو رهيو.
شھدادڪوٽ جي گھاريل گھڙين جي ذڪر ڪرڻ کان اڳ مان انھن دوستن جي اٿاريل سوالن جو ٿورو گھڻو ذڪر ۽ وضاحت ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان.
سنڌ جي خاص ڪري ڊگري يافته ۽ سنڌ سان محبت ڪرڻ جي دم ڀرڻ وارن جو اهيو سوال هر سنڌ جي آفيسر کان جڏهن ڪوئي فيس بوڪ يا ڪنھن به محفل ۾ چوندا آهن ته فلاڻي آفيسر پنھنجي ايريا يا قوم لاءِ ڇا ڪيو؟.ڪوئي روزگار وغيره پنھنجي ماڻھن کي ڏنو؟ پنھنجي قوم جي ماڻهن کي ڪيتريون نوڪريون ڏنيون؟ وغيره وغيره.
مان صرف اهو چوندس ته آفيسر جو ڪم عوام سان بي ريا ٿي خدمت ڪرڻ آهي. ڪنھن سان زيادتي ۽ ظلم نه ڪري. هر هڪ لاءِ سھولت پيدا ڪرڻ لاءِ وس آهر ڪوشش ڪري. ڪنھن هڪ جي ڌر نه ٿئي.
آفيسر ڪنھن جي ووٽ ڪري ڪونه ٿيندو آهي، تنھنڪري هن جو ڪوئي تڪ ڪونه هوندو آهي. پورو صوبو ۽ ملڪ انجي ايريا هوندو آهي ڇوته هو رياست جو نمائندو هوندو آهي.
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي نوجوانن وٽ پرکڻ جو معيار اهو آهي ته هنن خاطر ٻين سان زيادتي ڪري انھن جو ڪم ڪري. جيڪڏهن ايئن نٿو ڪري ته اهو بيڪار ماڻھو آهي.
هر مٽ مائٽ، ڄاڻون سڃاڻو ۽ دوست جي اها ڪوشش هوندي آهي ته هن جي ڪنھن عزيز کي نوڪري وٺرائي ڏي، چاهي اهو انجي لائق آهي يا ناهي. جيڪڏهن چئبو ته ڀائو هي ته ڪجھه ڪونه ٿو ڄاڻي ته چوندا ته پوءِ تون ڇاجي لاءِ آفيسر ٿيو آهين جو هيءُ خصيص ڪم به ڪونه ٿو ڪرين.
اهو اسانجي سنڌ جي دعويدارن لاءِ جائز ۽ معقول آهي ته انھن جو ڪم هر حال ۾ ٿئي، چاهي ڪنھن غريب مسڪين جو حق غضب ٿئي.
هاڻي توهان جيڪڏهن ڪنھن دوست کي سفارش ڪري ان جي نوڪري لاءِ چئو ۽ اهو دوست توهانجي ڪري ڪنھن اهل ڇوڪري کان ان جو حق کسي منھنجي يا ڪنھن ٻئي جي ڪري ان نالائق کي نوڪري ڏئي ته اسان جا سنڌ دوست چوندا ته سائين واهه واهه، ماڻھو ڀلو ادا، اوڙي پاڙي يا ٻيو ڪو ويو هن کي نوڪري وٺي ڏني.
ڇا اِها سنڌ جي خدمت آهي ته ڪنھن غريب مسڪين ۽ اهل جي روزگار تي لت ڏئي ٻئي نا اهل جي جھول ۾ وجھجي؟
ڇا اهو مسڪين ماروئڙو جنھنجو حق کسيو وڃي سنڌ ڌرتي جو ڄائو ناهي؟
ڇا ان مسڪين جو ڪوئي حق ناهي؟
اسان جا دوست سنڌ جا گھڻگھرا اهو ڇو ٿا سوچن ته آفيسر جو ڪم آهي ته پنھنجي ايريا ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي.
پھرئين ڳالھه ته ترقياتي ڪم ڪرائڻ چونڊيل نمائندن جو ڪم آهي، نڪي آفيسرن جو.
آفيسر ٿيڻ کان پوءِ هن جي لاءِ پورو صوبو ۽ ملڪ هن جي ايريا ۽ قوم آهي.
چونڊيل نمائندن جو ڪم آهي پاليسون ٺاهڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ. آفيسر پاپند آهي چونڊيل نمائندي جي پاليسي کي عملي جامو پھرائڻ جو.
چونڊيل نمائندو جوابده آهي پنھنجي تڪ، صوبي ۽ رياست ۽ خاص ڪري پنھنجي تڪ جي عوام جو.
جيڪڏهن عوام جو چونڊيل نمائندو ايريا جي ترقي ۽ پنھنجي تڪ جي عوام لاءِ صحت، تعليم، رستا، روزگار ۽ ٻيا ڪم نٿو ڪري ته اهو انجي اهل ناهي ته ٻيھر عوام انکي نه چونڊي.
مگر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جا لکيل پڙهيل ڪڏهن به اهو انھن نمائندن کان سوال ڪونه ڪندا ته ڀوتار اسان توکي سردي ۽ گرمي ۾ پنھنجا ٻار ٻچه بيمار، ڪراڙا ۽ نادار مائٽ اڃ ۽ بک تي وٺي پولنگ اسٽيشن تي وڃي ووٽ ڏنا، ڌڪا ٿاٻا کاڌا ۽ توهان کي ڪامياب ڪرايو، تو ڇا ڇا ڪيو پنھنجي تڪ جي عوام لاءِ؟
اسان جا دوست سنڌ جو سڄڻ چوڻ وارا اهو ڪڏهن به انھن کان سوال ڪونه ڪندا پر آفيسر جي لاءِ اها پرکڻ جي ڪسوٽي اختيار ڪندا ته آيا اهو آفيسر اهل آهي يا ناهي؟
جيڪڏهن اسانجو لکيل پڙهيل انھي منفي سوچ ۾ گرفتار آهي ته سنڌ ۽ سنڌ جو عوام ڪڏهن به ترقي ڪري ڪونه سگھندو.
منھنجي سنڌ جي خاص ڪري نوجوانن کي عرض آهي ته سڀ کان اول پاڻ ۾ اهليت پيدا ڪيو. ٻئي ڪنھن اهل جي حق تلفي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيو.
جنھنجو جيڪو ڪم آهي انھي کان پڇو، جيڪڏهن ٻئي کان پڇندا ته ڪم ڪجھه ڪونه ٿيندو. سنڌ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ پٺتي ويندي.
سنڌ کي پٺتي رکڻ ۾ صرف آفيسر ناهن، پر سڀ کان وڌيڪ توهان پنھنجا ۽ سنڌ جا دشمن پاڻ آهيو جو ڪاپي ڪلچر تي زور، ٻين جي حق کائڻ لاءِ سفارشون ڳولھيو، ووٽ ڏئي ڪنھن اهل کي ڇڏي نااهل کي پنھنجو نمائندو چونڊيو پنھنجي چونڊيل نمائندي کان سنڌ جي ڀلائي لاءِ ڪو سوال ڪونه پڇو. اسان سڀني کي ٿڌي دل سان سوچڻ گھرجي ته آيا اسان جيڪو ڪجھه چئون ۽ ڪيون ٿا، ڇا اهيو اسان جي سوسائٽي يا برادريءَ لاءِ صحيح آهي؟.
منھنجو توهان سڀني دوستن کان سوال آهي ته ڇا جيڪو اِهو چيو وڃي ٿو ته سنڌي آفيسر پنھنجي ايريا يا قوم لاءِ ڇا ڪيو؟ اهو سوال آفيسر کان پڇجي يا عوام جي چونڊيل نمائندي کان؟
ڇا آفيسر سنڌ جي ڪنھن دوست جو پٽ، ڀاءُ، ڀائٽيو، ڀاڻيجو، ماسات، ماروٽ وغيره ناهي؟ ڇا اسانجي سوسائٽي پنھنجي ذات کان علاوه سوچيو آهي؟

سنڌ جي سياسي بدحالي ۽ عوام جي سجاڳي

سنڌ جي عوام جو اِهو الميو رهيو آهي ته هميشه ڪنھن نه ڪنهن طرح اسين ڏاڍي جي لٺ هيٺان رهيا آهيون. اها لٺ ڪڏهن پراون جي ته ڪڏهن پنھنجن جي، تنھنڪري ذهني طور اسان اڃا ان لٺ جي ڊپ کان ٻاهر نڪري ڪونه سگھيا آهيون. اهڙي ماحول مان نڪرڻ لاءِ قومن کي وقت ضرور لڳندو آهي پر اسين سنڌ جا ماروئڙا ٻين جي نسبت ڪجھه وڌيڪ ٽائيم پيا وٺون.
انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هر مسئلي جي شروعات سياست کان ٿيندي آهي ۽ انجو حل به سياست ذريعي ٿيندو آهي.
دوست انھيءَ ڳالھه سان اتفاق ڪندا ته گورنمينٽ ڪرڻ، انکي صحيح هلائڻ يا خراب هلائڻ سياستدانن جو ڪم آهي. سياستدانن جي سياست جو دارومدار عوام تي هوندو آهي. عوام جنھن کي چاهيندو، اهوئي حڪومت ٺاهيندو، پاليسون جوڙيندو ته جيئن عوام لاءِ سھولتون پيدا ٿين. عوام کي سھولت جي پيش نظر هو عوام کان اڳتي جي حڪومت ڪرڻ خاطر انھن کان ووٽ وٺڻ لاءِ اچن ٿا ۽ عوام جي مرضي آهي ته ٻيھر انھيءَ پارٽي کي ووٽ ڏئي يا ڪنھن ٻئي پارٽي کي. بھرحال ووٽ عوام جنھن کي به ڏيندو، اها لازمي طور ڪا سياسي پارٽي هوندي.
جيڪا به سياسي پارٽي عوام جي ووٽ تي چونڊجي اچي ٿي، اها حڪومت ٺاهي ٿي. هاڻي سياسي حڪومت جو ڪم آهي ته عوام جي ڀلائي خاطر پاليسيون ٺاهي ۽ انھيءَ پاليسي تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ آفيسر مقرر ڪري. آفيسر جيڪا به حڪومت وقت آهي ان جي طابع آهي. جيڪڏهن ڪو آفيسر صحيح ڪم نٿو ڪري ته ان آفيسر کي جڏهن چاهي اتان هٽائي ٻئي کي رکي. سياستدان جيڪو عوام جي ووٽ تي چونڊجي آيو آهي ۽ حڪومت جي واڳ به انکي آهي ۽ آفيسر کي صحيح طور نٿو هلائي، جنھن مان عوام کي فائدو پوي ته پوءِ اها نالائقي سياستدان جي آهي، جو پنھنجي ماتحت کان عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم نٿو وٺي سگھي. گاڏي هميشه ڊرائيور هلائيندو آهي. حڪومت ڊرائيور آهي پوءِ جاڏي هلي.
مان ڪنھن به آفيسر جي وڪالت ۾ نٿو لکان، ڇو ته هر طبقي ۾ هر قسم جا ماڻھو عام ۽ جام آهن. آفيسر ڪوئي ٻي خدائي مخلوق ناهن، اهي به توهان ۽ اسانجا مٽ، مائٽ، يار دوست ۽ سنڌڌرتي جا ڄاوا آهن. سٺا ۽ مٺا هر جڳھه تي موجود هوندا آهن ۽ رهندا. جيئن چوندا آهن ته ”جر مان مڇي ختم ڪانه ٿيندي آهي.“
آفيسر ۽ ان جو ٻيو عملو سنڌ ۾ انجي بدلي، مقرري، جزا ۽ سزا جا اختيار گورنمينٽ وٽ هوندا آهن. جيڪي نوان آفيسر ڀرتي ٿين ٿا، انجو اختيار به گورنمينٽ آف سنڌ کي آهي. جيڪا سياسي پارٽي حڪومت ٺاهي ٿي ان کي عوام ٿو چونڊي.
منھنجي ان بيان ڪرڻ جو مطلب اِهو آهي ته جيڪڏهن سنڌ سرڪار جي نيت پنھنجي ووٽر ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ته آفيسر کي مجال ناهي جو عوام سان سٺي طريقي سان نه هلي، يا من مستي ڪري. جھموريت جو مطلب ڇا آهي؟
عوام جي حڪومت ۽ عوام لاءِ حڪومت.
مان وڏي دعويٰ سان چوان ٿو آفيسر ڪيترو به خر دماغ هجي ڪڏهن به گورنمينٽ کان مٿي ڪونه ٿي سگھي ٿو.
رهي ڳالھه موجوده وقت ۾ ڇو آفيسر عوام سان سٺو نٿا هلن ان جي، اسان سڀني کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته گھڻي ڀاڱي آفيسر اهي آهن جيڪي سياستدانن، گادي نشين، پارٽي عھديدارن جا رشتيدار، اقربا پروري تحت ڀرتي ٿيل، ٻيا وري قائدي اعظم جي سفارش تي، اڳ هميشه چاهي انگريز جو دور هيو يا ڪنھن ٻئي جو، تڏهن آفيسر ۽ گورنمينٽ ۾ هڪ ڀَوَ جو نظام هيو.
آفيسر جي سالياني رپورٽ اي سي آر ۾ هميشه هڪ خانو هوندو هيو جنھن جو پروموشن تي اثر هوندو هيو. ان خاني کي هن وقت بي معنيٰ ڪري ڇڏيو آهي.
آفيسر جو عام رويو، ڪرپٽ، رهڻ سھڻ جو طريقو وغيره وغيره جنھن جي ڪري آفيسر ڄاڻي واڻي ڪنھن جي چوڻ تي زيادتي يا بي انصافي ڪونه ڪندو هيو. مان نٿو چوان ته اهي سڀ فرشتا هيا، پر ايئن نااهل ۽ ڪرپٽ ڪونه هوندا هيا، جيئن اڄ ڪلھه اسين سڀ ڏسون پيا.
جتي ناني رڌڻ واري ۽ ڏوهٽا کائڻ وارا هجن ته پوءِ اسان سڀني کي ڪنھن تي الزام هڻڻ مان ڪوبه فائدو ڪونه رسندو. جيڪڏهن فائدو پوندو ته صرف عملي ڪم ڪرڻ سان پوندو. تنھنڪري جيستائين اسانجو عوام پنھنجي مدد پاڻ ڪونه ڪندو، تيستائين ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه وارو حساب رهندو.
منھنجو دوستن کي هڪ نماڻو عرض آهي ته جيڪڏهن اسانجي سنڌ حڪومت اڄ اهو فيصلو ڪري ته ڪوئي آفيسر يا ڪوئي ماتحت جيڪڏهن عوام کي ستائيندو ته انھيءَ جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ته ڇا اهي آفيسر عوام جي حق ۾ ڪم نه ڪندا؟
سنڌ جو اصل مسئلو آهي ته سنڌ جي سرڪار نه قانون ۽ ايئن مطابق پاڻ عمل ڪري ٿي، نه ٻئي کي عمل ڪرڻ ڏئي ٿي، ته پوءِ اهي سنڌ جا آفيسر چاهي انھن جا ماتحت فرعون ٿي عوام لاءِ رهندا.
هڪ ڳالھه الم نشرح آهي ته عوام حڪومت ٺاهڻ لاءِ نمائنده پاڻ چونڊيندا آهن. اهي چونڊيل نمائنده آفيسر مقرر ۽ ڀرتي ڪندا آهن. طاقت جو اصل سرچشمو عوام آهي. چونڊيل نمائنده عوام وٽ جوابده آهن، اهڙيءَ طرح سرڪاري آفيسر وقت جي حڪومت وٽ جوابده آهي. هاڻي سرڪار جي مرضي ته آفيسرن کي پنھنجي صحيح مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ ٿا استعمال ڪن يا نه.
ڪاتي ناهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ.
بحث ڪرڻ لاءِ هر هڪ وٽ مواد آهي ته هيءُ خراب آهي يا هو خراب آهي. اصل مسئلو اسان جي عوام ۾ سجاڳي جو آهي، جيستائين عوام پنھنجي چونڊيل نمائندن کان سوال جواب نه ڪندو، تيستائين اهيو رينگٽ ايئن پيو هلندو.

شهداد ڪوٽ ۾ حد دخليون

شھدادڪوٽ لاڙڪاڻي جي اهم شھرن مان هڪ شھر آهي. شھدادڪوٽ سنڌ ۽ بلوچستان جي اهڙي سنگم تي آهي، جتان بلوچستان جي قلات ڊويزنل هيڊڪوارٽر خضدار لاءِ سنڌ جو آر سي ڊي هاءِ وي کان علاوه رستو وڃي ٿو، جيڪو گوادر پورٽ وڃي ملي ٿو. بلوچستان جي ٻن ضلعن جھل مگسي ۽ خضدار جي اناج جو گھڻو حصو شھدادڪوٽ جي اناج منڊي ڏانھن اچي ٿو. انھي ڪري شھدادڪوٽ هڪ اڀرندڙ وڏي اناج جي منڊي آهي. گورنمنيٽ کي گھرجي ته شھدادڪوٽ جي اناج منڊين کي جديد سھولتن سان همڪنار ڪري، جيئن هتان جي ماڻھن ۾ روزگار ۽ خوشحالي اچي.
مان جڏهن شھدادڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي چارج وٺڻ ويم ته ان وقت اِهو پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ ته شھر جي اندران ڪو رستو ڪونه آهي. ڇو ته مونکي شھر جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پھچڻ ۾ ايترو وقت لڳو، جيترو مونکي لاڙڪاڻي کان شھدادڪوٽ شھر پھچڻ تائين لڳو. پنج کان ست دفعا ته ايئن پئي محسوس ٿيو ته ڄاڻ گڏه گاڏو منھنجي گاڏي ۾ لڳندو ۽ زخمي نه ٿي پوان، الله الله ڪري وڃي ماڳ تي رسياسين.
ٻئي ڏينھن تي صرف پٽيوالو وٺي پنڌ شھر ڏانھن جائزو وٺڻ ويس، خبر پئي ته مختلف ماڻھن رستي تي حددخليون ڪيون آهن. شھر جو روڊ ٺھيل تمام وسيع آهي، پر رستي جي ٻنھي پاسن کان دڪاندارن هڪ ريڙهي وارو بيهاري ڇڏيو آهي. ان ريڙهي جي اڳيان وري ڳوڻ پٿاري وري ڪو ننڍو سامان وڪرو پيو ڪري. يعني دڪاندار پنھنجي دڪان جي اڳيان ڪرائي تي ريڙهي وارو بيھاريو، وري ريڙهي واري ڳوڻ وڇرائي ٻئي ماڻھو کي ڪرائي تي ويھاريو. اهڙيءَ طرح رستي کي ٻنھي پاسي سوڙهو ڪري ڇڏيو هيو، جو صرف هڪ گڏهه گاڏو آرام سان گذري سگھي. جيڪڏهن آمھون سامھون گڏهه گاڏا ايندا هيا ته انھن کي به ڪافي ڏکيائي ٿيندي هئي. باقي ڪار ۽ جيپ واري جو ڇا حال هوندو، يا خدانخواست ڪٿي باهه لڳي ته فائربرگيڊ ڪيئن گذري.
ٻيو ڏينھن ميل ملاقات ۽ ملڻ ۾ گذري ويو. الحمدلله شھدادڪوٽ جا تقريباً سڀ چڱا مڙس پنھنجي برادري ۽ پاڙن ۾ چڱو اثر رکندڙ هيا. شروع ۾ جيڪي مليا انھن مان ڪجھه نالا ياد آهن جيڪي هيٺ ڏيان ٿو. نور نبي جوڻيجو، علي حسن بندراڻي بروهي، مير ڪرم خان بروهي، مير مٺل مغيري، حاجي عاشق علي مغيري، خورشيد مگسي، محمد نواز مگسي، لياقت مگسي، محمد بخش کھاوڙ، علينواز کھاوڙ، احمد بخش کھاوڙ، محمود ڀٽي جو فرزند ممتاز ڀٽو، ڊاڪٽر عبدالقادر شيخ، شنڪر لال، ڪنيولال، اسلم شيخ، جبار شيخ، جان محمد کوسو، مڱڻھار وڪيل، علي حسن چانڊيو، خداڏنو چانڊيو، امداد چانڊيو، احمد علي صابر چانڊيو ۽ ٻيا دوست.
انھيءَ کان پوءِ ميٽنگ ڪئي، ميونسپالٽي وارن ٻڌايو سائين اسان پنھنجي طرفان ڪوشش ڪئي پر ڪاميابي ڪونه ٿي سگھي. چيف ميونسپل آفيسر منور سيال هيو ۽ جوکيو ميونسپل آفيسر هيو. خورشيد مگسي چيئرمين ميونسپالٽي هيو. مون سڀني کي هڪ هفتي جو ٽائيم ڏنو ته پنھنجون حددخليون هٽايو. هفتي کان پوءِ ڀڃ ڊاهه ٿيندي ۽ پنھنجي نقصان جا پاڻ ذميوار ٿيندا. جن جا رستي تي قبضه ٿيل هيا، انھن چيو ته سائين اسان کي لکت ۾ نوٽيس ڏيو. مون کين جواب ۾ چيو ته ڇا جڏهن توهان قبضو ڪيو هيو ته توهان ميونسپالٽي يا سرڪار کي لکت ۾ نوٽيس ڏنو هيو. جواب ۾ وراڻيائون ته نه، مون کين چيو توهان چوري ويٺا هيا، تنھنڪري چور کي نوٽيس ڪونه ڏبو آهي پر پڪڙبو آهي.
هنن جي لکت ۾ نوٽيس وٺڻ جو مطلب هيو ته هو وڃي ڪورٽ کان اسٽي آرڊر وٺي اچن ها. جيڪا ڳالھه تنھن وقت سمجھي ويم. بھرحال هنن جي ڪنن تي جوء به ڪانه رڙهي، ڇو ته انھن ۾ ڪجھه پريس جانمائنده به شامل هيا. ڇنڇر جي شام جو مون پاڻ جائزو ورتو، هر شئي پنھنجي جاءِ تي قائم هئي. رات جو سي ايم او سيال کي چيو ته صبح جو سوير سج اڀرڻ کان اڳ ميونسپل جو سڄو اسٽاف ٽريڪٽر ٽرالي سميت منھنجي آفيس وٽ پھچي وڃ. مختيارڪار شبير شاه هيو تنھن کي به ساڳيو ٽائيم ۽ ايس ايڇ او فورس سميت سج اڀرڻ ٽائيم تائين اچي ويا. مون هنن سڀني کي چيو ته بسم الله گرلس اسڪول کان شروع ڪيو، وچ ۾ ڪنھن جو به دوڪان يا ٻيو ٺھيل آکاڙو ڇڏڻو ناهي، ويندي آخر تائين چاهي رات ٿي وڃي توڙ تائين رستو صاف ڪرڻو آهي.
ميونسپل جو اسٽاف، پوليس مختيارڪار جي حوالي ڪري گھر ڏانھن واپس ٿيس. ڊاهڻ واري ڪم ۾ لڳي ويا، پريس جا نمائنده آيا ته سائين غريب ماڻھن سان ظلم ۽ زيادتي آهي، توهان غير قانوني ڪم پيا ڪيو، نوٽيس به ڪونه ڏنا آهن وغيره وغيره. پريس وارا ويا لاڙڪاڻي برگيڊيئر ڏي ته اسان سان ايس ڊي ايم ناجائزي ٿو ڪري. جڏهن شروع وارا ٻه ٽي دوڪان ڊاهي پٽ ڪيا ته هر ڪنھن کي اها اميد هئي برگيڊيئر صاحب اسان جي لاءِ مدد ڪندو، ڇو ته پريس وارا هنن کي وڏا دلاسا ڏئي ويا هيا.
پريس جي نمائندن جي لاڙڪاڻي پھچڻ کان اڳ مون برگيڊيئر صاحب کي فون ڪيو ته سائين شھدادڪوٽ ۾ رستي تي حددخليون ٿيل آهن، مان اڄ انھن جي خلاف ايڪشن پيو کڻان، ٿي سگھي ٿو ته توهان ڏي روڪرائڻ لاءِ ڪجھه ماڻھو اچن. چيائين فڪر نه ڪر هيڏي آيا ته انھن کي ڇنڊ پٽي موڪلي ڇڏيندس. آرمي وارن جي اها نفسيات آهي ته جيڪو پھرئين پھتو اهو سچو، سو مون اڳ برگيڊيئر کي آگاه ڪري ڇڏيو. پريس وارا دوست وڃي برگيڊيئر وٽ پھتا، جيئن هنن احوال ڇيڙيو تيئن برگيڊيئر انھن تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو، هي اتا واپس موٽيا پوءِ سڀ دڪاندار پنھنجن ڇپرن کي پاڻ ڊاهڻ ۾ لڳي ويا. منھنجي ڏنل ٽائيم کان اڳ ۾ ڏينھن جو صفايو ٿي ويو، ايترو جو آرام سان ٻه ٽرڪون سامان سميت پيون گذرنديون هيون. انھيءَ کان پوءِ قبو سعيد خان روڊ جو وارو آيو.

شهدادڪوٽ جي صفائي

شھدادڪوٽ جي مين شھر جو رستو صاف ٿي وڃڻ کان پوءِ مون پنھنجو رخ رکيو قبو سعيد روڊ کي حددخلين کان صاف ڪرڻ جو. قبو سعيد خان روڊ هڪ انتھائي اهم روڊ آهي، سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائڻ ۽ وڻج واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ. شھدادڪوٽ کان ٻه رستا نڪرن ٿا جيڪي بلوچستان ڏانھن اچ ۽ وڃ لاءِ استعمال ٿين ٿا. هڪ قبو سعيد کان جھل مگسي ۽ خضدار. ٻيو شھدادڪوٽ کان ڳڙهي خيرو اوستا محمد ڊيره الھيار خان . انھيءَ کان علاوه شھدادڪوٽ کان سجاول، ميرو خان لاڙڪاڻو. شھدادڪوٽ کان رتوديرو لاڙڪاڻو لاءِ.
قبو سعيد رتوديرو روڊ جي ٻنھي پاسي کان حددخليون ڪرڻ وارن جي الڳ ميٽنگ سڏائي، جنھن ۾ چيئرمين، سي ايم او، مختيارڪار ۽ دوڪاندار ۽ ٻيا شامل ٿيا. مون سڀني کي واضع طور چيو ته مونکي هي اهم روڊ حددخلين کان آجو ڪرڻو آهي. دوڪاندارن ۽ ٻين جن جا قبضه ڪيل هيا، تن سڀني هڪ آواز ٿي چيو ته اسين توهان سان هر طرح تعاون ڪنداسين ۽ توهان سرزمين تي هلو ۽ پاڻ اسان کي نشان ڏيو، اسين سڀ پاڻ هڪ هفتي ۾ ميدان صاف ڪنداسين، توهان کي ڪنھن به قسم جي ڪاروائي ڪرڻ جي ضرورت ناهي. مون هنن سڀني کي چيو ته توهان سڀني کي خبر آهي ته توهان جي حد ملڪيت ڪيستائين آهي. تنھنڪري مان ڪونه ٿو هلان، پر مان توهان تي اعتبار ٿو ڪريان ته توهان سرڪاري ايراضي کي ڇڏي پنھنجي حد تائين ويندا. ميٽنگ ختم ٿي سڀ روانا ٿي ويا.
هفتي کان پوءِ واعدي مطابق ان سرزمين تي مختيارڪار ۽ حد جو سپروائيزر تپيدار وياسين ته ماڻھو پنھنجي واعدي مطابق عمل ڪري چڪا هيا ۽ يقين ڄاڻو ته جيڪڏهن مان وڃان ها ۽ انھن کي نشان ڏيان ها ته انھي کان به وڌيڪ ڏهه کان ٻارهن فوٽ پوئتي ميدان خالي ڪري ڇڏين، جو جيڪڏهن وڏو شاهي رستو ٺاهجي ته به ڪافي ايراضي بچي پوي ها. ڪافي دوست جڏهن پنھنجي شھر ٻاهر کان آيا ته انھن لاءِ هڪ اوپرو شھر پيو لڳي.
مون سي ايم او سيال صاحب کي گھرايو ۽ کيس کي چيم ته اسٽريٽ لائيٽ جو بندوبست ڪر. چيائين سائين حاظر پر سائين هڪڙي تڪليف آهي، جيڪڏهن انھي مان آزاد ڪرائيندا ته مان هڪ هفتي جي اندر اسٽريٽ لائيٽ جو انتظام ڪري ڇڏيندم. مون پڇيو ته مسئلو ڇاهي، ٻڌايائين ته ڪرنل صاحب ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. هفتي ٻئي هفتي ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنجاهه سٺ هزار جو سامان گھرائي ٿو. جيڪڏهن نٿا پھچايون ته گھرائي ۽ ٻاهر ويھاري ٿو ڇڏي. مون پڇيو ته ڇا هو تو کي لکت ۾ ڪجھه ڏئي ٿو. چيائين ته پنھنجي لکت ۾ ڪجھه ڪونه ٿو ڏئي، پر ريسٽ هائوس جي ڪيئر ٽيڪر کان شيون لکرائي موڪلي پوءِ پنھنجا آرمي جا جوان موڪلي ٿو.
مون سيال صاحب کي چيو ته اڄ کان پوءِ تون ڪابه شئي اوڏانهن ڪونه موڪليندين. جيڪڏهن ڪرنل توکي ڪجھه چئي ته تون انکي ٻڌاءِ ته ايس ڊي ايم صاحب روڪي ڇڏيو آهي ۽ چيو اٿائين ته جيڪا به شئي ريسٽ هائوس لاءِ ويندي انجي اپروول پاڻ ايس ڊي ايم صاحب ڏيندو. هاڻي جيڪا به شئي توهان کي گھرجي ايس ڊي ايم جي معرفت موڪليو.
هفتي کان پوءِ ليفٽيننٽ ڪرنل باجوه جيڪو ان وقت پنجاب ريجمينٽ جو سي او هيو، تنھن جو فون آيو ۽ چيائين ته توهان مون سان مليا ناهيو، مون کيس ٻڌايو ته اچڻ سان مصروف ٿي وياسين ۽ مان ڪجھه عرصي ۾ ايندس ۽ ملاقات ڪنداسين ۽ ڪچھري به ٿيندي پر منھنجو اصول آهي ته اڳ ۾ مان پنھنجي پوري ايريا کان واقف ٿيا، پوءِ ٻيا ڪم. باقي جيڪڏهن ڪو اهڙو تڪڙو ڪم هجي ته ٻڌايو. چيائين ته سي ايم او کي ڪجھه هدايت ڪندا ته ريسٽ هائوس لاءِ ضرور شيون آهن، اهي موڪلي ڏئي. مون ڪرنل صاحب کي چيو ته سائين ڪوئي مسئلو ناهي، توهان کي جيڪا شئي کپي توهان پاڻ لکي مون ڏانهن موڪليو، مان اڄ توهان ڏانهن ٿو روانو ڪيان. مون انکي انھي ڪري ايئن چيو جو مونکي خبر هئي ته آرمي وارا اهڙي قسم جي لاءِ لکت ۾ ڪڏهن به ڪونه موڪليندا. تنھن ڪري مون ان سان اها ٽرڪ کيڏي.
ڪلاڪ ٻن کان پوءِ هڪ فوجي ليٽر کڻي آيو. مون کولي ڏٺو ته اهيو خط ريسٽ هائوس جي ڪيئر ٽيڪر جي دستخط سان هيو، جنھن ۾ جنريٽر جي لاءِ ڊيزل، بلب، وائرنگ ۽ ٻيو باٿ روم جو سامان وغيره لکيل هيو. فوجي کان پڇيو ته هنن شين جي ريسٽ هائوس لاءِ ته ڪا ضرورت ناهي، توهان ان سامان کي ڇا ڪندا؟ چيائين ته سائين اسانکي سيڪيورٽي لاءِ جنريٽر ۽ بلب وائرنگ جي ضرورت آهي. مون پڇيس ته سيڪيورٽي ريسٽ هائوس جي يا ڪنھن ٻئي جي چيائين ته اسان جي يونٽ جي آهي، ٻھراڙي ۽ جھنگ آهي، تنھنڪري انھن شين جي ضرورت آهي.
فوجي کي چيم ته ڪوئي مسئلو ناهي، بلڪل اهي سڀ شيون توهان کي ملنديون ڇو ته توهان اسان جي مدد ۾ آهيو، صرف تون وڃ ۽ يونٽ جي طرفان ايڊجوٽنٽ کان يا ٽو آء سي کان دستخط ۽ يونٽ جي مھر سان ليٽر کڻي اچ. باقي هي ليٽر ڪنھن به ڪم جو ناهي، ڇو ته ريسٽ هائوس ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جو آهي ۽ اهي اهڙي ڪم لاءِ پئسه بجيٽ رکندا ناهن. باقي مان توهانجي ڪري جيڪڏهن چوندا ته مان ايريگيشن کاتي کي لکان ٿو پوءِ جيئن پئسه ايندا مان توهان کي اهي سڀ شيون مھيا ڪري ڏيندس.
فوجي اهو ليٽر کڻي واپس ويو، ٻئي ڏينھن صبح جو سوير ڪرنل صاحب منھنجي آفيس آيو ۽ مان اڃان گھر ۾ هيس. جوڻيجو پٽيوالو ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته سائين ڪرنل صاحب آيو آهي ۽ آفيس ۾ اچي ويٺو آهي. مان گھر کان ٻاهر نڪتس ته ڏٺم ته آرمي جا جوان آفيس جي مين گيٽ ۽ چوڌاري پوزيشن سنڀالي بيٺا آهن. گھر ۽ آفيس هڪ ئي جڳهه تي هيا ۽ بائونڊري وال به هڪ هئي. جليل بروهي سينيئر ڪلارڪ هيو، ان کي گھرائي چيو ته وڃ ۽ ڪرنل صاحب کي چئو ته جيڪي فوجي آفيس جي ٻاهران بيھاريا اٿائين، انھن کي واپس گھرائي گاڏي ۾ ويھار ۽ جيڪڏهن هتي ڪجھه به ٿيو ته اها منھنجي ذميواري آهي. اِهو ٻڌائيس ته ايس ڊي ايم صاحب تيستائين آفيس ڪونه ايندو جيستائين تون پنھنجا جوان واپس گاڏي ۾ نه ويھاريندين. ايتري ۾ جبار شيخ وڪيل آيو، جنھن اِهو ٻڌو پئي، چيائين ته سائين توهان آرمي وارن سان ڇو ٿا ٽڪر کائو؟ ايئن ڪرڻ سان نقصان ۾ ويندئو. مون جبار کي چيو ته تون فڪر نه ڪر، تون ويھي ڏس ڇا ٿو ٿئي. جليل بروهي سينيئر ڪلارڪ ويو ۽ ڪرنل صاحب کي منھنجو پيغام ڏنو ۽ ڪرنل انھي وقت سڀ پنھنجا جوان واپس گھرائي گاڏي ۾ ويھاريا ۽ انھي کان پوءِ مان آفيس آيم ۽ ڪرنل صاحب کي چانھه وغيره صلاح ڪيم، چانھه پيتائين تقريباً اڌ ڪلاڪ ويٺو ۽ سٺي دوستاڻي ماحول ۾ گفتگو ٿي. هن وري ساڳي ڳالھه ڪئي ۽ مون به هن کي پنھنجو موقف بيان ڪيو. مونکي اها خبر هئي هي ڪنھن به حالت ۾ لکت ۾ ڪونه ڏيندا، تنھنڪري مان به بال هنن جي ڪورٽ ۾ اڇلي ڇڏيو.
ڪرنل صاحب کي سمجھايو ته ايئن ڪرڻ سان فوج جي بدنامي ٿيندي ۽ توهانجو ڇا خيال آهي ته هي جيڪي شيون توهان کي ڏين ٿا، سولين کي خبر ڪونه پوندي هوندي. آرميءَ کي هر موومينٽ تي سڀ خرچ ملي ٿو، انھي کان علاوه توهان کي آءِ ايس ڊيوٽي الائونس ملي ٿو جيڪو سنڌ حڪومت ادا ڪري ٿي ۽ انھي لاءِ دستخط به اسان کي ڪرڻي هوندي آهي. توهان کي ۽ اسان کي به خبر آهي ته مارشلا آهي، پر آرمي هتي سول حڪومت جي ايڊ ۾ آيل آهي. سول حڪومت جو مطلب ته مان هتي اسسٽنٽ ڪمشنر سول جو نمائندو آهيان ۽ توهان منھنجي مدد لاءِ هتي آهيو. ڪرنل صاحب خاموش ٿي ويو، هن کي ٻيو ڪو جواب ڪونه هيو، تنھن ڪري چيائين ته مان توهان سان ملڻ آيم ڏاڍي خوشي ٿي، جڏهن توهانجو اچڻ ٿئي ته صرف اڌ منو ڪلاڪ اڳم ٻڌائجائين. بھرحال سٺي ماحول ۾ ملاقات ختم ٿي ۽ ٻيھر اهڙي قسم جو خط نه سي ايم او ميونسپلٽي ڏانھن آيو، نڪي مون ڏانھن آيو، باقي تعلقات بھتر رهيا. حددخليون ته خير سان ختم ٿي ويون.

شهدادڪوٽ ۾ لائبرري جو قيام

جڏهن حددخليون ختم ٿي ويون ته پوءِ اصل مسئلو شروع ٿيندو آهي ته ڪيئن سرڪاري ايراضي کي ايندڙ وقت لاءِ استعمال ڪجي ته جيئن عوام کي ان مان فائدو پوي. سردار محمد بخش کھاوڙ سان مون انھيءَ سلسلي ۾ گفتگو ڪئي. کھاوڙ صاحب هڪ خوبصورت تجويز ڏني ته قبو سعيد خان روڊ تي جيڪڏهن ٿي سگھي ته پبلڪ لائبرري تعمير ڪرائجي . کھاوڙ صاحب جي تجويز مونکي معقول لڳي ۽ کيس چيو ته انھيءَ سلسلي ۾ توهان ڇا مدد ڪندا. کھاوڙ صاحب پنھنجي طرفان چڱو امائونٽ ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي. مونکي هن وقت اهو امائونٽ ياد نٿو اچي، بھرحال ايترو پئسه ڏين پيا جنھن سان آرام سان ڪم جي شروعات ٿي پئي سگھي. کھاوڙ جي پيشڪش جو ذڪر وڃي مرحوم محمد هاشم ميمڻ ڊي سي لاڙڪاڻو سان ڪيم. ڊي سي صاحب چيو ته بلڊنگ جي انجنيئر کان تخمينو لڳراءِ ته ڪيترو خرچ ايندو پوءِ انھي ڳالهه کي پڄي پونداسين. مون وڃي ايس ڊي او کونھارو صاحب کي چيو ته هتي لائبريري ٺاهڻي آهي، انجو تخمينو ۽ ڊرائنگ ڪڍي ڏي. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ ڊرائنگ سميت تخمينو ڏنائين. اهي سڀ ڪاغذ کڻي ڊي سي صاحب سان مليم. راشدي پي اي هيو، ان کي گھرائي بجيٽ متعلق پڇيو. راشدي صاحب جيڪي بجيٽ جا هيڊ هيا انھن سڀني جو وچور پيش ڪيو.
ڊي سي صاحب چيو ته وڃ ۽ تياري ڪر، ٻن ڏينھن کان پوءِ مان پاڻ اتي ايندس. مان واپس وڃي انجنيئر بلڊنگ کي ڊي سي صاحب جي اچڻ متعلق ٻڌايو، ٻئي ڏينھن بلڊنگس جو انجنيئر آيو ۽ سرزمين تي پھچي چوني سان لي آئوٽ پلان ڏنو، جنھن ۾ ڪتابن رکڻ، ريڊنگ روم، آفيس ۽ ان سان لاڳاپيل جيڪي به ضروري شيون هيون، زمين تي چوني جي مدد سان تيار ڪري رکيو. جڏهن ڊي سي صاحب آيو ته سر زمين تي وٺي ويم، کھاوڙ صاحب ۽ ٻيا به چڱا مرد اچي گڏ ٿيا. ڊي سي صاحب پلان ڏسي خوش ٿيو ۽ چيو ته ڪم شروع ڪيو، باقي جيترو ڪم ٿيندو ويندو ماپ جي حساب سان پيمينٽ ٿيندي ويندي.
الله جي مھرباني سان شھدادڪوٽ جي عوام لاءِ هڪ زبردست لائبريري ٺھڻ جو ڪم شروع ٿي ويو ۽ تقريباً ڏهه يارهن مھينن ۾ لائبريري جي بلڊنگ تيار ٿي وئي. لائبريري جي اڏاوت تقريباً مڪمل ٿيڻ واري هئي ته منھنجو پروموشن ٿي ويو ۽ مان آخري اسٽيج تي ڪم پھچائي چارج ڏئي ڪراچي اچي رپورٽ ڪيو.

جنرل ضياءَ جو ريفرنڊم ۽ ٻاھرين ووٽن جي داخلا

لائبريري جو ڪم شروع ٿيو ته ٿوري عرصي کان پوءِ 19 ڊسمبر 1984ع تي جنرل ضياءَ جي ريفرنڊم جي ڪم جون تياريون شروع ٿي ويون. اسان کان رپورٽون ورتيون ويون ته جنرل ضياءَ جي ريفرنڊم لاءِ ماڻھو ووٽ ڏيندا يا نه؟ مان پنھنجي علائقي جي لاءِ چيو ته منھنجي علائقي يعني تعلقه شھدادڪوٽ ۽ ميروخان مان ووٽ جي ڪابه اميد نه سمجھي وڃي. بھرحال ڪجھه ڏينھن کان پوءِ حڪم آيو ته جيڪو ماڻھو اتان جو رهاڪو ناهي، پر اتي ڪنھن ڪم سانگي يا ڊيوٽي تي هوندو ته اهو پنھنجو ووٽ ان علائقي ۾ داخل ڪرائي سگھندو ۽ پنھنجو ووٽ اتي ڏيڻ جو اهل هوندو.
اليڪشن ڪميشن جي ان اعلان کان پوءِ ٿورن ڏينھن کان پوءِ پنجاب ريجمينٽ جي ست اٺ سؤ جوانن ۽ آفيسرن جي لسٽ ملي ته انھن جا ووٽ داخل ڪيا وڃن. اسان اهي ووٽ داخل ڪيا، ڇو ته مرڪزي حڪومت اهڙي قسم جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. تنھنڪري اسسٽنٽ ڪمشنر بحثيت رجسٽريشن آفيسر فار اليڪشن ڪميشن اسين انجا پاپند هياسين ته ووٽ داخل ڪيون.
سرڪاري ملازمن کي چيو ويو ته پنھنجو ووٽ ڏين جتي به هجن.
هڪ دفعي سي ايم او ميونسپالٽي ٻڌايو ته هن پنھنجي ڀنگين جي اسٽاف کي گھرائي پڇيو ته ڇا توهان جنرل ضياءَ کي ووٽ ڏيندا. انھن سڀني چيو ته صاحب اسين غريب آهيون پر اسان مان ڪنھن طرح اها ووٽ جي اميد نه رکجو. ٿورن ڏينھن کان پوءِ سي ايم او ٻڌايو ته لوڪل گورنمينٽ جي طرفان ميونسپالٽي جي ملازمن کي حڪم مليو آهي ته ريفرنڊم ۾ ووٽ ڏين. سي ايم او جي مطابق اسان ڀنگين ۽ ٻين سڀني کي گھرائي چيو ته جنرل ضياءَ کي ووٽ ڏيڻو آهي. ڀنگي جيڪي آيا، انھن سڀني انڪار ڪيو ته سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي جو اسين ووٽ ڏيون ضياءَ کي. سينيٽري اسٽاف جي انچارج کي چيم ته هنن کي راضي ڪر جو مٿان جو حڪم آهي. ڀنگين جي انچارج سڀني ڀنگين کي چيو ته صاحبن مٿان زور آهي ته ووٽ ڏيون. سي ايم او ٻڌايو ته ڀنگين جي اسٽاف مان هڪ جھوني پنھنجي اسٽاف کي چيو ته جنرل ضياءَ کي اڇليو کڏ ۾، صاحبن جي عزت جو خيال ڪيو.
ريفرنڊم لاءِ پولنگ اسٽيشن ۽ پولنگ اسٽاف جو حسب معمول بندوبست ڪيوسين. پولنگ اسٽاف جي ٽريننگ وغيره ٿي وئي. ٽريننگ کان پوءِ ڪرنل صاحب چيو مان پولنگ اسٽاف سان ملندم ۽ ڪجھه چوندس. شھدادڪوٽ ۾ ايترو وڏو هال ڪونه هيو، تنھنڪري هڪ سئنما ۾ سڀ پولنگ اسٽاف کي گڏ ڪيوسين. انھي گڏجاڻي ۾ ڪرنل صاحب صرف انھن کي اهيو چيو ته پولنگ جي ڏينھن اسان توهانجي سيڪيورٽي لاءِ سڀ اپاءَ ورتا آهن تنھنڪري توهان کي ڪنھن کان خوف ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. جيڪڏهن ڪوئي شخص ڪنھن به قسم جي بدتميزي يا توهانجي ڊيوٽي ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ته هڪدم انجو اطلاع اسان کي اتي ڊيوٽي تي آيل اسٽاف ميمبر کي ڏيندا.
مون اتي آيل پولنگ اسٽاف کي صرف ايترو چيو ته توهان کي ڪنھن جي طرف ناهي ڏسڻو. توهان کي صرف مٿي ڏسڻو آهي ۽ انھي سان گڏوگڏ زمين ۾ ست فوٽ هيٺ وڃڻ جو ڌيان رکڻو آهي. توهان اهو ڪجو جتي توهان جو ضمير مطمئن ٿئي. انهي کان پوءِ ٻئي ڏينھن اسٽاف پولنگ اسٽيشن ڏانھن روانو ٿي ويو. گھربل رقم اسان تائين پھچائي وئي ۽ اها سموري پولنگ اسٽاف کي حسب دستور ڏئي ۽ انجو مڪمل حساب ڪتاب خرچ سميت پورو ڏئي، حڪم جي تعميل ڪئي وئي.
عام اليڪشن ۽ ريفرنڊم ۾ فرق صرف اهو هيو ته اسان کي خرچ ڪرڻ لاءِ ڪڙڪ نوان سؤ سؤ جا نوٽ بغير ڪنھن انتظار جي مليا ۽ جنھن جيترا پئسه گھريا، انھن فيلڊ آفيسرن کي پھچائي ڏنا ويا. ٽرانسپورٽ جن کان ورتي وئي هئي انھن کي به رقم جي ادائگي بغير ڪنھن انتظار جي ڪئي وئي.
بھرحال منھنجي سب ڊويزن شھدادڪوٽ مان آرمي، ڀنگين يعني غير مسلم آبادي جنرل ضياءَ کي اسلام جي خدمت لاءِ ووٽ ڏئي ريفرنڊم ۾ ڪامياب ڪرايو.

شهدادڪوٽ جي معتبر ۽ معزز شهرين سان گڏجاڻيون

1984ع اگسٽ ۾ جيئن مون چارج ورتي، تيئن مون پوري علائقي کي گھمي نظر مان ڪڍيو. پنھنجي ماتحت اسٽاف سان ۽ علائقي جي نيڪ مردن جي ميل ملاقات مان ايريا جي حالتن کي جاچڻ جي ڪوشش ڪيم. مون ڏٺو ته جڏهن نيڪ مرد گڏ ايندا هيا ته هڪٻئي جي ڳالھه جي تائيد ڪندا هيا، پر جڏهن اڪيلائي ۾ ملندا هيا ته چوندا هيا ته سائين اسان بس زمان حال وانگر دوستي ۾ ها ڪئي پر مان ان ڳالھه جي خلاف آهيان.
مون ڏٺو ته ڪوئي نه ڪوئي ڪنھن سان دل ۾ نفرت ڪري پيو، پرجڏهن سامھون هڪٻئي جي هوندا هيا ته ٻين جي سامھون ٻٽ هوندا هيا. مون ان تي ڪافي سوچيو ۽ رکي رکي ڪنھن نه ڪنھن نموني سان ان مسئلي کي حل ڪرڻ جون تجويزون ٺاهيندو ۽ ڊاهيندو رهيس، گھڻائي پلان تيار ڪيم پر جڏهن عمل ڪرڻ جو موقعو ٿئي پيو ته مان ان تي صحيح طرح سان عمل نه پيو ڪري سگھان.
گھڻي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ هڪ ترڪيب ذهن ۾ آئي ۽ اها ڪامياب وئي. سڀ کان پھريان مون شھدادڪوٽ جي ڪلب ۾ نئين سر جان وڌي. شھدادڪوٽ ۽ ميرو خان تعلقي جا جيڪي به پنھنجي قوم ۽ قبيلي جا چڱا مرد هيا، انھن کي گھرايو جيڪي تقريباً ويھارو کن هيا. انھن سڀني کي ڪلب ۾ چانھه تي گڏجڻ جي تجويز رکي ته سائين جيئن ته توهان سڀ نيڪ مرد ۽ پنھنجي علائقي ۾ اثر رسوخ به رکو ٿا، منھنجو خيال آهي ته گھٽ ۾ گھٽ مھيني ۾ ٻه دفعا اسين سڀ گڏجي ويھون ۽ پنھنجي پنھنجي علائقي جي مسئلن تي ويھي ڳالھايون ۽ انھن جي حل لاءِ ڪوششون وٺون. منھنجي تجويز آهي توهان مان هر هڪ واري واري سان پندرهين ڏينھن هن ڪلب ۾ لنچ گڏجي ڪرڻ جو انتظام ڪري ۽ جيڪو پاڻ ايندڙ لنچ جي هام ڀري.اهو سڀني تي چئي ڇڏي ته سائين ايندڙ لنچ جي ماني منھنجي طرفان هوندي. اها تجويز سڀني قبول ڪئي.
ايئن ڪرڻ سان گھڻا قوميتن جا مسئلا خير خوبي سان حل ٿيڻ شروع ٿي ويا. عمومن هر لنچ تي ٻه ٽي سنگين ذاتين جا پاڻ ۾ ڇڪتاڻ وارا مسئلا حل ٿي ويندا هيا. اڳ انھن کي پاڻ ۾ گڏجي ويهڻ جو موقعو ڪونه ملندو هيو، تنھن ڪري اهي ننڍا ننڍا مسئلا خراب حد تائين پھچي ويندا هيا. ٻيو ته هر هڪ وٽ انا جو وڏو مسئلو هوندو هيو. ان انا واري مسئلي کي مون لنچ جي بھاني گڏ ويھاري راڄوڻي حساب سان حل ڪرايو. لنچ جي بھاني هڪٻئي سان هٿ نه ملائڻ وارا گڏ ويھندا هيا ۽ آهستي آهستي انھن جا پاڻ ۾ تعلقات بھتر ٿيندا ويا۽ ان جو ڪافي مثبت انداز ۾ سب ڊويزن ۾ اثر ٿيو.
1985ع ۾ غير جماعتي بنيادن تي جنرل اليڪشن جو اعلان ٿيو. ضلعي لاڙڪاڻو جيئن ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو آبائي علائقو هيو،، تنھن ڪري سمورو ضلعو پ پ جي اثر هيٺ هيو. پ پ جي بائيڪاٽ ڪرڻ سبب پاور جا نوان ٿنڀا ٺھيا، جن جو اڄ تائين اثر رسوخ هلي پيو.
1985ع ۾ شھدادڪوٽ ۾ سياسي طور سگھاريون شخصتيون هيءُ هيون. محمد بخش کھاوڙ، نور نبي جوڻيجو، مير مٺل مغيري، علي حسن بروهي، غلام حيدر جروار. اهي سڀ پ پ سان لاڳاپيل هيا، جنھن ڪري انھن مان ڪير به پارٽيءَ جي حڪم مطابق اليڪشن ۾ اميدوار طور ڪونه بيٺو. جنھن جي ڪري اليڪشن قوميت جي بنياد ۽ ذاتي اثر جي تحت ٿي . شھدادڪوٽ ميرو خان رتوديرو واري ايم اين اي واري سيٽ تي نادر مگسي آزاد ميمبر جي حيثيت ۾ کٽيو ۽ ايم پي اي جي سيٽ خداڏنو چانڊيو کٽي. لاڙڪاڻي مان ايم اين اي جي سيٽ تي پاشا کھڙو ڪامياب ٿيو. پاشا کھڙو ۽ نادر مگسي پاڻ ۾ رشتيدار به ٿين . نادر مگسي جي ماءُ پاشا کھڙو جي گھر واري پاڻ ۾ سڳيون ڀينر هيون ۽ ٻنھي جو تعلق پنجاب سان ھيو.
الحمدلله اليڪشن بلڪل خير خوبي سان ٿي گذري. ڪنھن به قسم جي ڪنھن به پولنگ اسٽيشن تي اهڙي صورتحال پيدا ڪانه ٿي. منھنجو لنچ تي ويھي انھن سان ايريا متعلق ڊسڪس ڪرڻ جو اهو فائدو مليو، جو جيڪڏهن ڪنھن ڪنھن کي ووٽ ڪين ڏنا تڏهن به انھن جو پاڻ ۾ ڀائپي وارو رشتو قائم رهيو. هڪٻئي جي لاءِ سھولت پيدا ڪئي، جيڪا اڳ انھن وٽ اڻ ٿيڻي ڳالھه سمجھي ويندي هئي.
محرم جو مھينو ۽ ملان ۽ مواليءَ جو تڪرار
اسين مسلمان اسلام جي نالي تي جان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهيون، پر اسلام تي عمل کان ڪوهين پري ڀڄي جان ڇڏائيندا آهيون. اهڙي طرح ملان ۽ مواليءَ جو تڪرار به ازل کان هلي پيو. محرم جو مھينو هڪ احترام ۽ ياد امام اعلي مقام جي شھادت جو مھينو آهي . اسان هر نيڪ عمل ڪرڻ کان پري هوندا آهيون باقي نعري جي پٺيان هلڻ ۾ ڪوئي عار محسوس ڪونه ڪندا آهيون. اتفاق سان هڪ مقام ۽ مسجد هڪٻئي جي ڀرسان سال جا پنجاهه هفتا کير کنڊ، باقي ٻه هفته انتظاميه لاءِ وڏو امتحان هوندو هيو. موالي سمھڻ جي وقت ڪنھن ذاڪر جي مجلس جي ٽيپ هلائي پاڻ سوٽو هڻي ڍيري ٿي پوندو هيو باقي لائوڊ اسپيڪر جو منھن مدرسي ڏي ڪري وڏو آواز ڏئي ڇڏيندو هيو. تنھنڪري ٻنھي جي پاڻ ۾ چڪريون هلنديون هيون. خاص ڪري جڏهن ماتمي جلوس نڪرندو هيو ته جلوس ڪڍڻ جو وقت اهو هوندو هيو، جنھن وقت ظھر نماز پڙهبي هئي. جلوس ۾ ڪجھه اهڙا به هوندا هيا، جو ڪڏهن ڪڏهن هو رت جا ڇنڊا مسجد جي ديوار ڏانھن اڇليندا هيا. ان کان علاوه جلوس بلڪل مسجد جي مين دروازي وٽ اچي بيھي رهي اڳتي هلڻ لاءِ جيئن چئبو هيو، تيئن اتي زور سان ماتم ڪرڻ شروع ڪندا هيا. هوڏانھن ملان به غصي ۾ اچي ويندا هيا جنھن ڪري ڏاڍي ڏکيائي درپيش ٿيندي هئي. جيئن ته منھنجي لاءِ اهو پھريون موقعو هيو، تنھن لاءِ مون ڪوشش ڪئي ته ٽائيم ۾ ٿوري ردوبدل ڪجي پر مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هيا. مون ان جو حل هيءُ ڪڍيو جو مولوي صاحب کي فون تي چيم ته اڄ منجھند جي دال ماني مان توهانجي مدرسي ۾ کائيندس ۽ ڪجھه مسئلي جي حل لاءِ ڊسڪس ڪنداسين. مولانا صاحب مڃيو ۽ مختيارڪار کي چيم ته تون هاڻي ڪيئن به ڪري نماز جي ٽائيم کان اڳ جلوس کي اتان گذاري وڃ. ٽائيم کي مدنظر رکندي مان مدرسي ڏانھن ويس ۽ هجت واري نموني سان مولوي صاحب کي چيم ته اڄ لنگر جي ماني کاراء پوليس کي مين گيٽ تي بيھاري مان مولوي صاحب سان مدرسي جي تعليمي نصاب کان ويندي ڪجھه فقهه جي مسئلن تي ڊسڪس ڪرڻ شروع ڪيو، هوڏانھن مختيارڪار ۽ پوليس پنھنجو ڪم ڏيکاريو ۽ پر امن جلوس اتان گذري ويو. مونکي خبر پئي هئي ته قمبر کان ڪجھه ماڻھو آيل آهن، جيڪي مدرسي ۾ ويٺل هيا ته جيڪڏهن ڪا گڙ ٻڙ ٿئي ته انجو ڀرپور جواب ڏين. پر اسان جي ان عمل جي ڪري ٻئي ڌريون پنھنجي پنھنجي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيون ۽ خير سان جلوس نڪري ويو.

محرم جي مهيني ۾ انتظامي مسئلا

محرم الحرام جو مھينو مبارڪ انتظاميه جي لاءِ ڏکيو وقت هوندو آهي. ڪوبه يا وقت کان اڳ يا وقت کان پوءِ اهڙو ڪوئي قدم کڄي ويو ته انجا تمام دور رس نتيجا ظاهر ٿيندا آهن. تنهنڪري جيڪو به انھن ڏينھن ۾ انتظامي لحاظ سان فيصلو ڪجي ته انھي لاءِ مڪمل مسئلي جي ڄاڻ تمام ضروري آهي.شھدادڪوٽ هجي يا پاڪستان جو ڪوئي به حصو، اسان مسلمان هميشه پنھنجي مفاد خاطر دين اسلام جو نالو استعمال ڪندا آهيون. جنھن جي ڪري دين اسلام جي ساک باقي عالم جي آڏو متاثر ٿئي ٿي. جيڪو انتھائي افسوسناڪ آهي.
1984ع ۾ محرم الحرام جي 8 اٺ تاريخ جي رات جو شھدادڪوٽ ۾ قبو سعيد خان روڊ تي ٽيليڪميونيڪيشن جي بلڊنگ ۽ مختيارڪار آفيس جي وچ ۾ تقريباً هڪ ايڪڙ سرڪاري زمين تي هڪ وڏو جھنڊو ۽ اٺ ڏهه موالي ٽينٽ هڻي اچي ويھي رهيا. صبح سوير مونکي خبر پئي ته ڪنھن سرڪاري زمين تي جھنڊو هڻي قبضو ڪيو ويو آهي. مختيارڪار شبير شاه جيڪو پاڻ به اهل تشيع سان لاڳاپيل هيو انکي گھرائي چيم ته وڃ ۽ اهو مسئلو حل ڪري اچ. مختيارڪار صاحب ويو، تنھن کي چيائون ته سائين زمين ته برابر سرڪار جي آهي پر اسان کي امام حسين عليه السلام خواب ۾ آيو ۽ حڪم ڪري ويو ته بابا هن جاءِ تي علم پاڪ هڻڻو آهي. مختيارڪار واپس آيو ۽ مونکي اهو اچي سڀ بيان ڪيائين. مون مختيارڪار کي چيو ته ان کي هيڏانھن وٺي اچ. مختيارڪار صاحب ويو ان کي گاڏي ۾ چاڙهي وٺي آيو. مون انکان پڇيو ته مسئلو ڇاهي؟ ٻڌايائين سائين مان ستو پيو هيم ته خواب ۾ پاڻ امام حسين ع حڪم ڪيو ته ٻچڙا اٿ ۽ هتي اچي جھنڊو هڻ. مون ان شخص کان پڇيو ته ٽائيم ڪھڙو هيو؟ ڪھڙا ڪپڙا پاتل هيس؟ ڪپڙن جو رنگ ڪھڙو هيو وغيره وغيره. چيائين سائين سرڪار گھوڙي تي هيا، ڪارا ڪپڙا پاتل هيس ٽائيم رات جا ساڍا ٽي بجه ٿيا هيا. مون چيو ته تون بلڪل پار پتا صحيح ڏنا آهن، ڇو ته رات جو چئين وڳي اسر مھل مون وٽ به سرڪار جي آمد ٿي . موالي ڏاڍو خوش ٿيو. وڌيڪ مون کيس چيو مون کي به هڪ حڪم ڏئي ويا آهن. موالي چيو ته ڇا چئي ويا آهن؟ مون ٻڌايو مون کي حڪم ڪري ويا آهن ته اهو موالي جيڪو جھنڊو هڻي ويٺو آهي، تنھن کي مٿي ۾ ڌوڙ وجھي ۽ جھنڊو هينئر جو هينئر پٽ. مون موالي کان پڇيو ته هاڻي ڇا ڪجي؟ چيائين ته سائين مان سرڪار جو حڪم مڃيو.
مختيارڪار چيس ته مون کي سڃاڻين ٿو؟ چيائين جي بابا تون ته بابا اهلبيت جو ٻچڙو آهين. شاهه صاحب چيس هاڻي هل واپس. شاهه صاحب واپس ويو ۽ انھن ويٺل موالين کي چيائين ته اٿو ۽ جھنڊو پٽيو. موالين چيس ته بابلا ايئن ڪيئن ٿيندو؟ مختيارڪار صاحب چين ته جھنڊو اهلبيت جي ڪري هنيو اٿو ۽ مان پاڻ اهلبيت جي اولاد آهيان، مان ٿو جھنڊي کي پٽيان ۽ توهان اٿو اهلبيت جي مدد ڪيو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ شاه صاحب آيو ۽ اهو قبضو به ختم ٿي ويو ۽ الحمدلله مسئلو به اڳتي ڪونه ٿيو.
ڪجھه عرصي کان پوءِ مختيارڪار شاهه صاحب مرڪندو آيو. مون پڇيو ته شاهه صاحب خيريت ته آهي؟ اڄ خوش پيا نظر اچو. چيائين ته سائين توهان کي ياد آهي قبضي ڪرڻ خاطر پلاٽ تي رات جي پيٽ ۾ جھنڊو هڻي ويٺا هيا. مون چيو ها پر ڇا ٿيو؟ چيائين اهو موالي ڪالھه مون ڏانھن آيو ۽ شڪايت ڪيائين سائين مون سان زيادتي ٿي آهي. مون پڇيس ته تو سان ڪنھن زيادتي ڪئي آهي؟ پوءِ موالي ويٺو حال اورڻ ته سائين مون سان جنھن واعدو ڪيو هيو اهو هينئر پئسه نٿو ڏئي، الٽو جيڪي چار پئسه ڏنا هيائين اهي به واپس ٿو گھري. چيائين ته موالي کي چيم ڳالھه ته پوري ڪر ڇاجا پئسه؟ موالي چيو سائين اهو جيڪو اسان جھنڊو هڻي ويٺا هياسين، اهو اسان ڪنھن ماڻھو جي چوڻ تي جھنڊو هنيو هيو ۽ ان وقت ڪجھه پئسه به ڏناهيائين جيڪي اسان ته نشي پتي ۾ کپائي ڇڏيا. هاڻي اسان کي ٻيا پئيسه نٿو ڏئي، الٽو چوي ٿو ته اهي پئسه به واپس ڪريو. توهان اسان سان ظلم ڪيو جو جھنڊو پٽرايو، هاڻي پئسه توهان ڏيو نه ته اسان موالي اچي تنھنجي آفيس جي آڏو اچي ويھنداسين. شاهه صاحب چيو ته پنجاهه روپيه ڏئي انھن مان جان ڇڏائي هاڻي سڌو توهان ڏانھن پيو اچان.
شاهه صاحب چيو ته مون کين چيو ته ايس ڊي ايم صاحب ڏانھن هلو ته مان ڪجھه توهان کي وٺرائي ڏيان . موالين چيو ته ايس ڊي ايم ڪٽڙو آهي، ڪجھه ڪونه ڏيندو تنھنڪري تون ڏي ورنه اسين تنھنجي دروازي تي ويھي رهنداسين. مون شاهه صاحب کان پڇيو ته ڇا اهو موالي ان بيان تي قائم رهندو؟ چيائين سائين موالي جي ڳالھه رات گئي ته بات گئي ڪو ڀروسو ناهي.

جمعو فقير

منھنجو پروموشن ٿيو ته ڊاڪٽر عبدالقادر شيخ آيو ۽ چيائين ته اچو ته هلون لاڙڪاڻي چرغو کائڻ. مان به واندو ويٺو هيم، مون به چيو ته هل. گاڏي ڊاڪٽر صاحب جي هئي ۽ لاڙڪاڻي روانا ٿياسين. رستي ۾ قمبر وٽان ڊاڪٽر ڪاڪيپوٽو به اسان سان گڏ لاڙڪاڻي لاءِ تيار ويٺو هيو، ان کي به کنيوسين. ڊاڪٽر قادر ٻڌايو ته هڪ دفعي ادا حاجي اڃان ڪارخاني تي ڪونه پھتو هيو ته سندن والد جمعه خان ڪارخاني تي ويٺو هيو. ايتري ۾ ھڪ فقير ڪارخاني تي آيو. اچڻ سان چيائين جمعه خان خير ڏي ته جمعه خان وڃي پنھنجي منزل ڏانھن. اسان جي والد صاحب چيس ته جمعه خان ويھه منھنجو پٽ رستي ۾ آهي اچي ته مان توکي خير ڏيان ٿو تون ٿورو ترس. پنج منٽ رکي جمعه فقير آيو بابا ڏانھن ۽ چيائين ته جمعه خان ڏي ته خبر، جڏهن تنھنجو پٽ ايندو ته ڇا تون مونکي ڪارخاني مان اڌ لکي ڏيندين يا انکان گھٽ حصو؟ جمعه خان ڏيندين اهو مس روپيه سو ڏئي جان ڇڏاءِ. لاڙڪاڻي جو احوال هجي ۽ ان ۾ جيڪڏهن جمعه خان جو ذڪر ناهي ته اهو لاڙڪاڻي سان زيادتي آهي.
لاڙڪاڻي پھچڻ شرط سڌو چرغي جي دوڪان تي وياسين. ڊاڪٽر قادر هيٺ لھي وڃي چرغي واري کي چيو ته ٻه چرغا ڏي پر ملان جھڙا پليل هجن، قاضي فضل الله جھڙا نه هجن.
آگسٽ 1985ع ۾ منھنجو پروموشن ٿيو ۽ شھدادڪوٽ کي نه چاهيندي به ڇڏي ڪراچي لاءِ روانا ٿياسين. شھدادڪوٽ ۾ گھاريل گھڙيون اڄ به ساه سان سانڍي رکيون آهن. الله شھدادڪوٽ جي رهواسين کي هميشه سلامت رکي. آمين يارب العالمين.

ڪراچي ڏانهن بدلي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جا دورا

آگسٽ 1985ع ۾ شھدادڪوٽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي چارج ڇڏڻ کان پوءِ پنھنجي ڳوٺ آيس. ٻه ٽي ڏينھن ڳوٺ رهي ڪراچي جي وڃڻ لاءِ تياري ڪئي. دوست کي موڪليم ته وڃ گمبٽ کان ڪراچي لاءِ ٻه ٽڪيٽون وٺي اچ. انھي دوران منھنجو وڏو سالو به اتي آيو ۽ پڇيائين ته ڪراچي ڪڏهن تياري آهي؟ مون کيس ٻڌايو ته هينئر دوست کي موڪليان پيو ريلوي اسٽيشن ته ٽڪيٽون وٺي اچي. چيائين اڃان همراهه ويو ته ناهي؟ مون چيو بس تياري ۾ آهي. چيائين منھنجو دوست غلام حيدر مھر گھوٽڪي کان نڪتو آهي پنھنجي گاڏي ۾ ماني هتي اچي کائي پوءِ ڪراچي ويندو. همراهه کي اتي روڪ بس توهان اتي هجو، گھرون گھر توهان کي گاڏي کڻي هلندي.
مرحوم غلام حيدر مھر منھنجي وڏي سالي امان الله جو ڪلاس فيلو ۽ ڀائر وانگر دوست هيو، انھي ڪري انھي گھراڻي سان منھنجو به گھرو تعلق آهي. مرحوم آيو ماني وغيره کاڌي بعد ۾ ڪراچي لاءِ روانا ٿياسين. خير سان اچي ڪراچي پھتاسين، پاڻ کي ڪو وٿاڻ ڪونه هيو، تنھنڪري سڌو سالن سڳورن جي فليٽ تي اچي لڏو لاٿوسين.
منھنجا ٻه سالا تبت سينٽر جي ڀرسان گپتا مينشن ۾ هڪ فليٽ ۾ رهندا هيا. ٻئي ڏينھن صبح جو فليٽ کان گوڏي گاڏي تي چڙهي نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ڏانھن روانو ٿيم. سنڌ سيڪريٽريٽ پھچي ايس اينڊ جي اي ۾ عتيق الرحمٰن ڊپٽي سيڪريٽري وٽ وڃي پهچ رپورٽ ڏنم. انھي کان پوءِ سيڪريٽري سروس مسٽر اي ڊبليو قاضي جي آفيس ۾ وڃي ملاقات ڪئي.
اي ڊبليو قاضي جي باري ٿورو ٻڌائيندو هلان ته قاضي صاحب 1983ع ۾ ڪمشنر سکر هيا ۽ ايم آرڊي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي. جنرل ضياءَ سکر دوري تي آيو. گورنر سنڌ به ساڻس گڏ هجي جنرل ضياءَ اتي ڪمشنر سکر تي ڪجھه ناراضگي جو اظھار ڪيو ته تنھنجي ڊويزن ۾ امن امان جي حالت خراب آهي، انھي کي ڇونه ٿا ٺيڪ ڪيو. قاضي صاحب جيڪو جواب ڏنو جنرل ضياءَ کي، اهو هڪ تاريخي جملو آهي.
اي ڊبليو قاضي صاحب جواب ۾ چيو ته ”صدر صاحب منھنجي سکر ڊويزن ۾ ڪوئي امن امان جو مسئلو ناهي. جنھن کي توهان امن امان جو مسئلو چئو ٿا، اهو هتان جي ماڻھن جو توهان لاءِ نفرت جو اظھار آهي، جيڪو ايم آر ڊي جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو آهي.
جنرل ضياءَ بلڪل خاموش ٿي ويو ۽ اتي گورنر سنڌ کي ڪن ۾ ڪجھه چيائين. ڪلاڪ اڌ کان پوءِ اڃان جنرل ضياءَ سکر ۾ هيو ته قاضي صاحب کي بدلي ڪري سيڪريٽري فنائنس سنڌ مقرر ڪيو ۽ مرحوم عليڏنو پنھور صاحب اچي صبح سوير ڪمشنر سکر جي چارج ورتي. قاضي صاحب هڪ ايماندار ۽ قابل آفيسر رهيو آهي.
مان به هر ٻئي ڏينھن گوڏي گاڏي تي چڙهي سيڪريٽريٽ ويندو هيس ته اڄ ٿي پوسٽنگ ٿئي يا سڀاڻ. آخرڪار ٻه ٽي هفتا ايئن گوڏي گاڏي تي سواري ڪندي گذري ويا. مھيني کان پوءِ قاضي صاحب سان وڃي مليم ۽ عرض ڪيو ته سائين ڪٿي به پوسٽنگ ڪيو، هينئر گذران مشڪل ٿي ويو آهي ٻه مھينا گذري ويا آهن ڏھاڙيون به ڪونه مليون آهن. جلدي ڪٿي به پوسٽنگ جا آرڊر ڏيو. قاضي صاحب چيو ته جمن توکي خبر آهي ته مونکي هڪ دفعي پورا ڇهه مھينه پگھار ڪانه ملي هئي ته به گذارو ٿي ويو هيو، ڪجھه صبر سک. مون وراڻيو ته سائين توهانجو والد صاحب ته انجنيئر هيو، منھجو والد صاحب ڪڙمي ماڻھو آهي، تنھنڪري مون وٽ ايتري سھپ ڪانھي. قاضي صاحب چيو ته منھنجو پيءُ انجنيئر ڪين هيو بلڪ چيف انجنيئر هيو. مون قاضي صاحب کي چيو ته سائين پوءِ ته توهان ڇھن مھينن کان وڌيڪ وقت به بغير پگھار وصول ڪرڻ جي گذاري سگھو ٿا. سائين مون مسڪين کي هروڀرو ساڳئي ترازو ۾ ڇو ٿا توريو.
قاضي صاحب چيو ته پروپوزل توهان جي ۽ ٻين جي پوسٽنگ جا ويل آهن. جيئن پروپوزل منظور ٿي ايندو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۾ دير ڪونه ٿيندي. مون عرض ڪيو ته سائين جيستائين پوسٽنگ جو آرڊر نڪري تيستائين اسان کي ڏھاڙيون ته ڏياريو. ڌڻي بخش ميمڻ ايس او هيو تنھن کي گھرائي چيائين ته ٻن مھينن جي لاءِ او ايس ڊي جي پوسٽ ڪريئيٽ ڪرڻ لاءِ سمري ٺاهي اچ ته جمن کي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي ٻن مھينن جي پگھار ڏيڻ جو انتظام ٿي وڃي.
هڪ ڏينھن مان سيڪريٽريٽ مان ٻاهر نڪران پيو ته گاڏي مان هڪ برگيڊيئر صاحب لٿو. مون ايترو خيال ڪونه ڪيو ته ڪير آيو آهي. برگيڊيئر صاحب لھڻ سان مونکي ڏٺو ۽ نڪري منھنجو نالو وٺي سڏ ڪري چيائين، جمن تم ادر ڪيا ڪر رهي هو؟ مون ڏٺو ته منھنجو پراڻو سي او جنھن يونٽ مان فوج کي آخري سلام ڪري الوداع چيو هيو. مان ويس ۽ ڀاڪر پائي مليم ۽ سڀني جي سامھون پورچ ۾ منھنجي ڪن کي مروڙ ڏئي پڇيو ته تون هتي ڇاٿو ڪرين. مون ٻڌايو ته مان هاڻي پوسٽنگ جو انتظار پيو ڪيان ۽ ارڙهين گريڊ ۾ پروموشن ٿيو آهي. پاڻ چيائين ته توکي خبر ناهي ته مان هتي گورنر هائوس ۾ پوسٽنگ تي آهيان. مون وراڻيون ته نه سائين. چيائين هل مون سان هتي قاضي صاحب سان ٿورو ڳالھائڻو آهي، مان برگيڊيئر تجمل صاحب سان گڏ مٿي ويم . اي ڊبليو قاضي صاحب سان جيڪو ڳالھائڻو هيس سو ڳالھائي، قاضي صاحب کي چيائين ته جمن منھنجي يونٽ جو ماڻھو آهي ۽ پوسٽنگ جي انتظار ۾ آهي ۽ هن بيوقوف مونکي ٻڌايو ڪونھي. قاضي صاحب چيس ته جمن جي پوسٽنگ جا پروپوزل گورنر هائوس موڪليل آهن.
برگيڊيئر تجمل مون کان اتي قاضي صاحب وٽ پڇيو ته جمن تنھنجي ڪا پنھنجي چوائس آهي؟ مون چيو ته منھنجي ڪابه چوائس ناهي صرف پوسٽنگ آرڊر ملي ڪٿان جو به هجي.
ٻاهر نڪري واپس پورچ ۾ آياسين برگيڊيئر تجمل صاحب مون کي پنھنجي رهائش جي ائڊريس ۽ گھر جو فون نمبر ڏنو ۽ چيائين ته شام جو چڪر هڻي وڃجائين. ٻئي ڏينھن شام جو مان سندس جي رهائشگاهه باٿ آئي لينڊ ۾ ويم. منھنجي حيثيت کان وڌيڪ منھنجو آڌرڀاءُ ڪيائين منھنجو تعارف پنھنجي بيگم صاحبه ۽ ڌي پٽ سان ڪرايائين. تقريباً ڏيڊ ڪلاڪ کن گڏ گذاري موڪلائي مان واپس وريم.
جيئن ته مان اڳ مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته مان فوج مان ڊسمبر 1974ع چار سال سپاهي رهي لائس نائڪ جي عھدي تان خير باد چيم آرمي کي. جنھن يونٽ مان مون آرمي کي خيرباد چئي انوقت ان يونٽ جو ڪمانڊنگ آفيسر ليفٽيننٽ ڪرنل تجمل صاحب هيو، جيڪو هن وقت برگيڊيئر صاحب هيو. مونکي تمام گھڻو ڀائيندو هيو، ڇو ته الحمدلله منھنجي ٽائپنگ ان وقت پنھن جي يونٽ ۾ سينئرس کان به بھتر هئي. ڪرنل صاحب کي وار ڪورس War Course لاءِ نامزد ڪيو هيو جي ايڇ ڪيو، پوءِ ڪرنل صاحب ڪتاب کڻي پڙهي ۽ جيڪي هن کي وڻندو هيو انھن سٽن کي انڊرلائين ڪندو هيو ۽ صبح جو اهو ڪتاب مونکي ڏئي چوندو هيو ته جيڪي به انڊرلائين ٿيل سٽون آهن، انھن سڀني کي ٽائيپ ڪري هڪ ٻن ڏينھن ۾ مونکي ڪتاب ۽ ٽائيپ ٿيل مواد واپس ڏجائين. مان اهو سڄو انڊرلائين ٿيل سٽون ٽائيپ ڪري صبح سوير ڪرنل صاحب جي آفيس پھچڻ کان اڳ ۾ سندس اردلي کي ڏئي واپس هليو ويندو هيس. ڪرنل صاحب کي منھنجي ٽائيپ تي ناز هوندو هيو ۽ ڪيترائي دفعا ٻين آفيسرن ۽ صوبيدار ڪلارڪن جي سامھون چوندو هيو ته مونکي جمن جي ٽائپنگ تي فخر آهي. ڪرنل صاحب جا اهي چيل لفظ صوبيدار ڪلارڪ کي ڏکيا لڳندا هئا. ڪوئيٽا ۾ هوندو هيو اسان جو يونٽ.

فوج ۾ نوڪريءَ جا ڏينهن

جيئن ته اسان جي يونٽ 1973ع ۾ ڪوئيٽا هئي ۽ ميجر کان ليفٽيننٽ ڪرنل جي پروموش لاءِ اسٽاف ڪاليج ڪرڻ لازمي هوندو آهي، تنھنڪري مختلف يونٽن کان ميجر نامينيٽ ٿي اسٽاف ڪاليج لاءِ ايندا هيا. اسٽاف ڪاليج دوران ڪيتريون ئي مختلف قسمن جون انھن آفيسرن کي اسائينمينٽس ۽ پيپرس لکڻا پوندا هيا. انھن پيپرس کي ٽائيپ ڪرائڻ لاءِ اهي ميجر صاحبان ڪنھن نه ڪنھن واقفڪار کان مدد وٺندا هيا. ڪرنل تجمل صاحب کي به ڪي دوست اچي چوندا هيا ته ڪرنل صاحب مونکي پنھنجي گاڏي ۾ ويھاري موڪليندو هيو يا ڪڏهن مونکي ساڻ وٺي ويندو هيو ته هنن جي ٽائپنگ جو ڪم مان ڪريان. ٽائپنگ جي ونگار لاءِ هميشه ڪرنل صاحب مونکي گھرائي موڪليندو هيو، پر اسانجي يونٽ جو هيڊ ڪلارڪ جيڪو صوبيدار هوندو هيو، انکي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي پر چئي ڪونه سگھندو هيو ڇو ته مان پنھنجي ڪم ۾ الحمدلله بھتر هيس، تنھن ڪري هن کي موقعو ڪونه ملندو هيو جو مون تي چڙهائي ڪري.
آرمي جي يونٽ عموماً پنجن ڪمپنين ۾ ورهايل هوندي آهي.
هيڊ ڪوارٽر ڪمپني، الفا ڪمپني، بريو ڪمپني، چارلي ڪمپني ۽ ڊيلٽا ڪمپني هر ڪمپني جو انچارج هڪ ميجر هوندو آهي. هر ڪمپني ٽن کان چئن پلاٽون ۾ ورهايل هوندي آهي. سيڪنڊ ليفٽيننٽ شروع ۾ جڏهن ڪنھن يونٽ ۾ پوسٽ ٿيندو آهي ته انکي پلٽن جو انچارج ڪندا آهن. تنھن ڪري توهان عموماً ٻڌندا هوندا ته سينيئر آرمي آفيسر جڏهن به ڪنھن جونيئر جو تعارف ڪرائيندا آهن ته هينئن چوندا آهن ته منھنجي پلٽن جو آفيسر آهي. انھي جو مطلب ته اهو سينيئر آفيسر جڏهن هنجي پھرين پوسٽنگ پي ايم اي ڪاڪول کان پوءِ ان يونٽ ۾ ٿي هوندي، تنھنڪري چوندو آهي ته منھنجي پلٽن. آرمي آفيسر هميشه ڪيترو به سينيئر ٿي وڃي پر انجي سڃاڻ ان پلٽن يعني ان يونٽ جي نالي سان هوندي آهي. تنھن ڪري هو ان يونٽ جي هر آفيسر ۽ جوان کي هڪ گھر جو ڀاتي ڪري ڏسندا آهن.
يونٽ جي ڪمانڊ ليفٽيننٽ ڪرنل وٽ هوندي آهي. ٽو آءِ سي سيڪنڊ ان ڪمانڊ هميشه سينيئر ميجر ڪندو آهي جنھن جا عمومن پروموشن جا چانس گھٽ هوندا آهن. انجو اسٽاف ڪاليج به ڪيل ڪونه هوندو آهي.
ايدجوٽنٽ ڪيپٽن هوندو آهي، جيڪو يونٽ جو سڄو ڪاروبار هلائيندو ۽ لک پڙهه جو ڪم ڪندو آهي. ڪوارٽر ماسٽر ڪيپٽن هوندو آهي جيڪو يونٽ جي سئي ڌاڳي کان ويندي لنگر تائين هر شئي جو جوابدار هوندو آهي. هيڊ ڪلارڪ هميشه ٽو آءِ سي جي هيٺان هوندو آهي، باقي هر ڪمپني ۾ هڪ کان ٻه نائڪ يا حوالدار ڪلارڪ هوندو آهي.
منھنجي پوسٽنگ ڪوئيٽا ۾ 48 ڪمپوزٽ سنگلز يونٽ جي بريو ڪمپني ۾ لائنس نائڪ جي حيثيت ۾ هئي. ڪرنل صاحب مونکي پنھنجي دوستن وغيره جي ٽائپنگ لاءِ هميشه موڪليندو هيو. ويندو ته مان هڪ يا ٻن جي ٽائپنگ لاءِ هيم پر اڪثر چار کان پنج ميجر صاحبان پنھنجا پيپر تيار ڪري ويٺا هوندا هيا، مجبوراً سڀني جو ڪم ڪري پوءِ واپس يونٽ ورندو هيم. ڪرنل صاحب جو حڪم هوندو ته جيڪڏهن ليٽ اچين ته پھريان ٻه پيرڊ ڊيوٽي معاف . هڪ دفعي چار پنج ميجر صاحبان پنھنجو پنھنجو ڪم ڏئي پاڻ ويا ته ٿوري کان پوءِ انھن مان هڪ ميجر واپس آيو ۽ چيائين ته مھرباني ڪري منھنجا هي چار پنج پنا آهن ٽائيپ ڪري ڏي. ان ميجر جي نالي جي ته مونکي خبر ڪونه هئي، پر بيج تي ريجمينٽ جو نالو لکيل هيو. ريجمينٽ جو نالو لکيل هيو . اي ڪي آر ايف معني آزاد ڪشمير ريجمينٽل فورس، جيڪو بعد نالو تبديل ٿي صرف اي ڪي معني آزاد ڪشمير پيو. ٻه ميجر صاحب آيا هڪ آرٽلري ۽ ٻيو پنجاب ريجمينٽ جو، مون کان اچي پڇيائون ته هي ڪنھن جا ڪاغذ ٿو ٽائيپ ڪرين ته مون شرارتن چيو ته سائين نالي جي ته خبر ناهي ته پڇيائون بيچ تي ڇا لکيل هيو، مون چيو ته سائين انتي لکيل هيو
”آئو کائو راشن فري“ ٿورو هي وائڙا ٿي ويا ته چيائون هي تون ڇا ٿو چئين. مون چيو ته سائين اي ڪي آر ايف. سائين پوءِ کل ۾ اونڌا هجن، ٻاهر وڃي ٻين کي به ٻڌاين ٻيا اٺ ڏهه ميجر اچي گڏ ٿيا پوءِ ته هن غريب جي ڪٽ لڳي وئي. خير مان اهو ڪم ڪري واپس آيس.
ٻن ڏينھن کان پوءِ وري اسٽاف ڪاليج ۾ ٽائپنگ جي ونگار تي ويم، ٽن ميجر صاحبان جي ٽائپنگ جو ڪم هيو. انھن ميجرن ۾ هڪ سنڌي ميجر هيو، جيڪو آرٽلري ريجمينٽ سان وابسطه هيو جنھن اسٽاف ڪاليج پاس ڪيو پر ڪرنل جي پروموشن کان محروم رهيو. انجو نالو هيو ميجر عبدالغفور پيرزاده، جيڪو ڀاءُ هيو عبدالحفيظ پيرزاده جو. مسٽر عبدالغفور پيرزاده ان وقت ليفٽيننٽ ڪرنل پروموٽ ڪونه ٿي سگھيو، جڏهن ڀٽو صاحب وزيراعظم ۽ عبدالحفيظ پيرزاده صاحب وفاقي وزير هيو.
1981ع ۾ منھنجي ملاقات ٿي هئي عبداالغفور پيرزاده صاحب سان، جڏهن مان اسسٽنٽ ڪمشنر انڊرٽرينگ هيم، شڪارپور ۾ اها به رستي ويندي ملاقات ٿي هئي. تنھن وقت هي شايد پنھنجي زمينن تي وڃي پيو، سکر شھر کان ٻاهر آباد جي ويجھو ۽ مان وڃان پيو شڪارپور. هاڻي خبر ناهي ته ڪٿي آهن. بھرحال جٿي به هجن الله جي امان ۾ هجن. ميجر عبدالغفور پيرزاده صاحب هڪ باوقار ۽ پرخلوص ماڻھو هيو جنھن مان خانداني ماڻھائپ پري کان پڌري هئي. مان اهڙا انسانيت سان ڀرپور انسان گھٽ ڏٺا آهن.
1974ع ۾ اسانجي يونٽ ڪوئيٽا کان ڪراچي اچي وئي ۽ انھي سان گڏ ايڪسٽرا ٽائپنگ جي ڦٽينگ به ختم ٿي وئي. ڊسمبر 1974ع ۾ مان به آرمي کي خير باد چئي ڳوٺ هليو آيس. ليڪن آرمي سان گذاريل وقت اڄ به ياد آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته مان آرمي مان گھڻو ڪجھه سکيو ۽ حاصل ڪيو. جيڪو ڪجھه اڄ آهيان اهو آرمي جي چار سال سروس جي عيوض، جيڪي مونکي ٻه سال عمر ۾ رعايت ملي ورنه مان Overage ٿي ويو هيم ۽ سي ايس ايس جي امتحان ۾ ويھڻ جي لائق ڪونه هيم. آخر گوڏي گاڏي جي سواري ۽ جتي جي کسي وڃڻ بعد منھنجي پوسٽنگ اي ڊي ايم ڪوٽڙي ٿي.

ڄامشوري ۾ مقرري

ٻئي ڏينھن ڪراچي کان بس تي چڙهي حيدرآباد پھتم. حيدرآباد ۾ منھنجو دوست غلام عباس لغاري مونکي بس اسٽينڊ تان کڻڻ آيو. مان جڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاهه هيم ته لغاري صاحب به اتي ايس ڊي او ايريگيشن هيا. بس اسٽينڊ کان سڌو شھباز بلڊنگ حيدرآباد ويم. ڪمشنر حيدرآباد مسٽر علي محمد شيخ صاحب هيو، جيڪو انوقت ميٽنگ ۾ مشغول هيا.
مون ڪمشنر صاحب جي پي اي سان پنھنجو تعارف ڪرايو ۽ ٻڌاين ته ميٽنگ ختم ٿيڻ واري آهي پوءِ مان ڪمشنر صاحب کي اطلاع ڪريان ٿو ۽ توهان ويٽنگ روم ۾ ويھو. مان ويٽنگ روم ۾ وڃي ويٺس ته پٽيوالو آيو ۽ چانھه جو پڇيو. ٿوري دير چانھه ۽ بسڪيٽ کڻي آيو. چانھه پي مس پوري ڪئي ته ڪمشنر صاحب جي ميٽنگ ختم ٿي ۽ مونکي سڏ ڪرائي گھراين. مان وڃي شيخ صاحب سان مليم، ڏاڍي پيار سان مليا. سائين علي محمد شيخ صاحب ڏاڍا بردبار ۽ ٿڌي طبيعت جا مالڪ هيا ۽ جيڪا خوبصورت ڳالھه مونکي شيخ صاحب جي لڳي ته هو مسئلي جي تھه تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪندا هيا ۽ مٿان جو بار ڪڏهن به جونئيرن ڏانھن منتقل ڪونه ڪندا هيا، جنھن جي ڪري جونيئر آفيسرن کي مسئلي جي حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي هئي.
شيخ صاحب مون کي ويھاري ڪافي آرام سان گائيڊلائين ڏني ۽ چيو ته ڪنھن به معاملي ۾ تڪڙ نه ڪجائين ۽ جتي تون سمجھين ته ڪوئي قدم کڻڻ بھتر آهي ته کڻي ڇڏجائين ڇوته سرزمين تي تون هوندين ۽ حالات کي تون بھتر سمجھندو هوندين. اسان کي به جيڪو قدم کڻڻو هوندو، اهو به تنھنجي رپورٽ جي حساب سان کڻنداسين. باقي مان ويٺو آهيان. شاگردن جي مسئلن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪجائين. ڇوته سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جا مسئلا قدري هڪجھڙا آهن ۽ شاگردن جون واڳون به مختلف ليڊرن جي هٿ ۾ رهنديون آيون آهن تنھن ڪري يونيورسٽي ۾ جيڪو به مسئلو ٿيندو آهي، انھيءَ جا اثر ٻاهر به ظاهر ٿيندا آهن.
ڪمشنر صاحب کان گائيڊ لائين وٺي ڪوٽڙي ويم، جتي مرحوم رشيد عباسي صاحب انتظار ۾ ويٺو هيو، ڇو ته عباسي صاحب کي ڊي سي لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو هيو. پھچڻ شرط اي ڊي ايم ڪوٽڙي جي چارج ڏئي عباسي صاحب لاڙڪاڻو روانو ٿي ويو. مرحوم عباسي صاحب سٺن آفيسرن ۾ شمار ٿيندو هيو. الله کيس جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري. آمين يارب العالمين. عجيب اتفاق وري 1987ع ۾ لاڙڪاڻي ڊي سي جي چارج به مون مرحوم رشيد عباسي صاحب کان ورتي.
اي ڊي ايم ڪوٽڙي کي سرڪار جي طرفان جي او آر حيدرآباد ۾ C5 نمبر گھر الاٽ ٿيل هيو. کٽ ۽ هنڌ جو بندوبست ڪري ٻئي هفتي وڃي ڪراچي مان پنھنجي من جي منٺار محبوبه کي وٺي آيس. سرڪار جي طرفان شراڊ ڪار اي ڊي ايم کي مليل هئي.
چارج وٺڻ کان پوءِ ٻئي ڏينھن مان سنڌ يونيورسٽي وڃي وائيس چانسلر سائين مظھرالحق صديقي صاحب سان ملاقات ڪئي. سائين صديقي صاحب وڏي پيار ۽ پاٻوه سان ڀاڪر پائي مليو. صديقي صاحب جھڙو قدآور پاڻ، اهڙي سندن دل ۽ جذبو. جڏهن مان صديقي صاحب کي ڀاڪر پاتو ته مان ايئن غائب ٿي ويس جيئن چوزا ڪڪڙ جي پرن ۾ لڪي وڃن. سائين جي ڀاڪر ۾ مونکي پنھنجائپ محسوس ٿي. الحمدلله اڄ تائين مان صديقي صاحب جي عزت ۽ احترام پنھنجي والد صاحب وانگر ڪندو آهيان. صديقي صاحب به مونکي پنھنجي ٻچن وانگر ڏسندو آهي. الله سائين مظھرالحق صديقي کي ڪنھن جو محتاج نه ڪري ۽ ايمان جي سلامتي سان هميشه هلائي. آمين يارب العالمين.
مظھرالحق صديقي صاحب مونکي يونيورسٽي جي ورڪنگ ۽ شاگردن جي مسئلن متعلق ڪافي ڪجھه سمجھاڻي ڏني. لاشاري صاحب رجسٽرار يونيورسٽي هيو، انکي گھرائي چئي ڇڏيائين ته ڄامڙو صاحب نئون اي ڊي ايم ٿي آيو آهي، تنھن ڪري هرممڪن ساڻس تعاون ۽ مدد ڪندا. مهراڻ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس افيئر لاءِ منظور پنھور صاحب مقرر ٿيل هيو . رجسٽرار کي چيائين پنھور صاحب کي چئو ته سڀاڻي اي ڊي ايم صاحب سان وڃي آفيس ملي ۽ جيڪي مسئلا آهن انھن متعلق وڃي ڊسڪس ڪري.
سنڌ يونيورسٽي جو ٿورو چڪر ڏئي سرزمين کان واقفيت ڪيم، اتان کان پوءِ مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي جي وائيس چانسلر صاحب سان ملڻ ويم. ايس ايم قريشي صاحب وائيس چانسلر هيا، تمام سٺي انداز ۾ مليا ۽ آڌرڀاءُ ڪيو. قريشي صاحب پنھنجي يونيورسٽي جي شاگرن متعلق مسئلن کان اگاهي ڏني.
مظھرالحق صديقي صاحب ۽ ايس ايم قريشي صاحب ۾ مون اهو فرق محسوس ڪيو ته صديقي صاحب جيڪو ڪجھه چوڻ چاهيو اهو کلي ڳالھايو، پر قريشي صاحب ڪنھن به طرح کلي ڳالھائڻ کان لھرائن پيا. جنھن ڪري اها ڏکيائي محسوس ٿئي ته قريشي صاحب جي ان مسئلي تي ها سمجھان يا انڪار سمجھان. ڳالھه کي مبھم ڪري ڇڏيندا هيا. خير وائيس چانسلر مھراڻ يونيورسٽي سان ملڻ بعد واپس گھر ويس ڇوته آفيس ٽائيم ختم ٿي چڪو هيو.
لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال محمد حسن ميمڻ صاحب ٻن ڏينھن جي موڪل تي حيدرآباد کان ٻاهر ويل هيو، تنھن ڪري ايل ايم سي جي پرنسپال سان ٻئي هفتي ملاقات ٿي، ميمڻ صاحب تمام شريف انسان ۽خدمت خلق سان سرشار هيو. ميمڻ صاحب سان ملاقات ٿي ۽ پروفيسر ظفرالله صديقي، لطيف سومرو صاحب ۽ خليق صاحب سان ايل ايم سي متعلق اسٽوڊنٽس جي مختلف مسئلن تي ڏي وٺ ٿي. انھن مسئلن کي حل ڪرڻ جي طور طريقن تي غور ويچار کاان بعد مان آفيس موٽي آيم.
اي ڊي ايم ڪوٽڙي جو فنڪشن صرف ڄامشورو ۾ تعليمي ادارن جي امن و امان برقرار رکڻ تائين محدود هيو. ڊي سي دادو جو ڪنھن به طرح اي ڊي ايم ڪوٽڙي سان انتظامي لحاظ سان ڪوئي تعلق ڪونه هوندو هيو. اي ڊي ايم انتظامي لحاظ سان سڌو ڪمشنر حيدرآباد جي ماتحت هيو.

سنڌ يونيورسٽيءَ جو نظارو

سنڌ يونيورسٽيءَ جو تعليم جي لحاظ کان سڄي سنڌ (سواءِ ڪراچي شھر جي) لاءِ تمام اهم ڪردار رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽي جو وجود ته پھريان ڪراچي جي شھر ۾ ٿيو، پر 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي خاص منصوبي تحت ڪراچيءَ مان ڪڍيو ويو. انھيءَ عمل جي ڪري معاشي ۽ سماجي طور سنڌ جي ماروئڙن تي ڪافي دير تائين منفي اثر ٿيندو رهيو. سڀ کان ترت جيڪو سنڌ جي گاديءَ واري شھر تي پيو، جو جيڪي تعليمي ادارا ڪراچي شھر ۾ هيا، انھن مان آهستي آهستي سنڌي ٻوليءَ جي تعليم کي ختم ڪندي انھي جي جاءِ تي اردو کي رائج ڪندا ويا، جنھن جي ڪري سنڌ دائمي طور شھري ۽ ٻھراڙي ۾ ورهائجي وئي.
سنڌيونيورسٽي ڪراچيءَ مان منتقلي کانپوءِ پھريان حيدرآباد شھر ۾ اچي پاڙ کوڙي، پوءِ ڄامشوري موجوده هنڌ تي هميشه جي لاءِ مضبوط ٿي، سنڌ جي سجاڳي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو انشاءَ الله رهندي دنيا تائين تعليم جي نور سان منور ڪندي رهندي.
سنڌ تي آيل هر ڏکئي دور ۾ سنڌ يونيورسٽي سنڌ لاءِ گھگھه اونداهيءَ ۾ ڏيئي جي لاٽ وارو عمل ڪيو آهي. چاهي اهو ڪراچي شھر کي سنڌ کان زبردستي ڇني مرڪز جي حوالگي هئي، چاهي سنڌ صوبي جي سڃاڻپ کي ختم ڪري ويسٽ پاڪستان بنائي ون يونٽ ٺاهي سنڌ جي هر شئي تي فاتحاني انداز ۾ ڳڙڪائي ڇڏڻ وارو عمل هجي.
ون يونٽ جي دور ۾ جيئن ته سنڌ صوبو پنھنجي سڃاڻپ وڃائي چڪو هيو، تنھن ڪري جيڪو ڪجھه سنڌ لاءِ آواز گوجندو هيو، اهو صرف سنڌ يونيورسٽي جي طفيلي هئي. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جون ون يونٽ جي خلاف هلايل قربانيون وسارڻ جھڙيون ناهن. مارچ جي مھيني ۾ 4 مارچ 1967ع تي ڪيل جدوجھد اڄ به سونھري اکرن ۾ لکيل آهي. سنڌ يونيورسٽي جو هڪ پنھنجو منفرد ڪردار رهيو آهي. ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ ۾ هراول دستي وانگر سنڌ جا اديب ۽ شاگرد نمايان رهيا آهن. انھن سرگرمين کان علاوه به سنڌ يونيورسٽي جو تعليم جي لحاظ کان معيار قابل تعريف رهيو آهي.
1970ع جي ڏهاڪي کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليم جو معيار ڏينھون ڏينھن تنزلي جو شڪار ٿيندو ويو ۽ شاگردن جون مختلف تنظيمون ٺھنديون ويون ۽ انھن شاگردن جي تنظيمن تي يونيورسٽي کان ٻاهر ويٺلن جو اثر وڌندو ويو، جنھن ڪري هر تنظيم پنھنجي طاقت کي وڌائڻ لاءِ مختلف هٿڪنڊا استعمال ڪيا، جنھن ڪري شاگردن جو هڪٻئي خلاف محاذآرايون وڌنديون ويون، جنھن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ سنڌ جي تعليمي معيار تي اثر پيو ۽ انھي سان گڏوگڏ تشدد جون ڪاروايون روز جو معمول بڻجي ويون. انھيءَ تشدد ڪرائڻ ۾ انوقت جي سياسي قيادتن جو به هٿ رهيو آهي. سنڌ جي سياسي قيادت پنھنجي پنھنجي منشور جي آڙ ۾ شاگردن کي خوب پنھنجي مطلب خاطر استعمال ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽي جون شاگرد تنظيمون آسانيءَ سان انھن سياسي قيادتن جو هٿيار ٿي استعمال ٿينديون ويون. انھن شاگرد تنظيمن پنھنجو پنھنجو دائريڪار کي وڌايو. جنھن جو سڌو سنئون برو اثر ڪاليج جي ڪچي ذهن جي ٻالڪن تي پيو ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو ويو.
سياسي قيادت پنھنجي اثر کي مختلف شاگرد تنظيمن ۾ وڌائي پنھنجو مطلب ته حاصل ڪيو پر جيڪو ٻڌي ۽ اتحاد سنڌيونيورسٽي جي شاگردن ۾ هيو اهو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويو. سنڌجو سگھارو آواز هڪٻئي جو ويري ٿي پيو، جنھن جو سنڌ جي مخالف قوتن ڀرپور فائدو ورتو، جيڪو اڄ تائين ڪينسر وانگي وڪوڙي ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جو آواز جيڪو 1960ع واري ڏهاڪي ۾ تخت لاهور تي اثر انداز ٿيندو هيو، اڄ اهوئي آواز ٻين جي ڪنٽرول ۾ هليو ويو آهي، نتيجي ۾ افرا تفري وارو ماحول تيار ٿي ويو.
سنڌ ۾ تعليمي ادارن جو ڄار ڄامشوري کان نڪري باقي سنڌ ۾ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿيو. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نواب شاهه، شاهه لطيف ڪيمپس خيرپور، ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام، مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو وغيره وغيره.
تعليمي ادارا ته سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ وجود ۾ اچي ويا، پر شاگرد تنظيمن جي طاقت هڪٻئي جي خلاف پنھنجو ڄار وڇائيندي وئي ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن مان تعليم وارو ماحول برباد ٿيندو ويو.
سنڌ جي تعليمي ادارن جي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ اها حالت هئي، جو مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي اسان جي هاءِ اسڪول جي ديوار جي اندران اسڪول ٽائيم دوران پوليس وارو يونيفارم پاتل صرف وچ مان گذريو هيو ته اسڪول جي هيڊماسٽر مختيار ڪار ۽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي گھرائي ايترو بيعزتو ڪيو، جو انھن آفيسرن معافي وٺي جان ڇڏائي. هينئر انجي برعڪس اڄ هاءِ اسڪول چاهي مڊل اسڪول ۾ جيستائين پوليس کي هيڊماستر نٿو گھرائي تيستائين امتحان شروع ڪونه ٿو ٿئي.
ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ ته استادن جي عزت ۽ احترام ايترو ته خراب ٿي ويو، جو استاد پاڻ انھن شاگرد تنظيمن جي آڏو بي وس ٿي ويا. جنھن وقت اهڙو ماحول عام جام ٿي ويو ته لاچار حڪومت کي امن ۽ امان قائم رکڻ لاءِ اپاءُ وٺڻا پيا. ڄامشورو جيئن ته هڪ قسم جو تعليمي لحاظ سان هڪ وڏو حب ٿي ويو هيو ۽ سپر هاءِ وي جو گذر به سنڌيونيورسٽي جي حد مان ٿئي ٿو، تنھن ڪري حڪومت کي آمدورفت کي جاري رکڻو هوندو آهي. تنھن لاءِ جوڳا انتظام ڪرڻا پوندا آهن. ڄامشورو تنھن وقت دادو ضلعي ۾ هيو ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽر تقريباً ٻن کان اڍائي ڪلاڪن جي مفاصلي تي هجڻ سبب ڄامشورو جي تعليمي ادارن ۾ امن و امان رکڻ لاءِ ڊي سي دادو ٽائيم ڏئي ڪين پئي سگھيو، تنھن ڪري 80ع اسي واري ڏهاڪي ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ميجسٽريٽ جي ارڙهين گريڊ ۾ پوسٽ ڪريئيٽ ڪئي ته جيئن ڄامشورو جي تعليمي ادارن ۾ امن امان تي خاص ڌيان ڏئي، امن وارو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري.
جڏهن مون اي ڊي ايم ڪوٽڙي جي چارج ورتي . ان وقت جيڪو ماحول يونيورسٽي جي اندر چاهي ٻاهر هيو، اهو شاگرد تنظيمن جو پاڻ ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول هيو. مون پھريون دفعو ڪوٽڙيءَ ۾ اچي ٻڌو ته هتي شاگردن ۾ ٻن قسمن جا گروپ آهن.
هڪڙا هڙتالي
ٻيا کڙتالي.
انھن ٻنھي گروپن جي وچ ۾ ڦاٿل ويچارا پڙهاڪو نوجوان هيا.

شاگرد تنظيمن جي ليڊرشپ کي مون ڪيئن ڏٺو

جڏهن مون اي ڊي ايم ڪوٽڙيءَ جي چارج سنڀالي، ان وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ جيڪي حالتون هيون انھن کي سمجھڻ لاءِ وقت گهربل هيو، تنھن ڪري مون ڪوشش ڪئي ته بجاءِ ٻين جي بيان ڪيل ڳالھين تي هلجي، مان پاڻ جيترو ٿي سگھي اوترو گھٽ وقت ۾ تمام گھڻن ذريعن کان معلومات حاصل ڪريان ۽ انھي جي لاءِ ڪوشش شروع ڪري ڏني. مختلف ذريعن کان معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ باهمي اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ نھايت ضروري هوندو آهي، تنھن ڪري مون انھيءَ فارمولا تي عمل ڪرڻ لاءِ پنھن جي قوت صرف ڪرڻ شروع ڪئي.
ڪوٽڙيءَ ۾ مون سان گڏ ايڊيشنل سپرنٽينڊنٽ آف پوليس مسٽر غلام اصغر شيخ صاحب، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس سيد خداڏنو شاه ڄاموٺ هيا. اسسٽنٽ ڪمشنر مرحوم قبول شيخ هيو. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج رحمت الله جعفري صاحب هيا، جيڪو بعد ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج ٿيو ۽ نوازشريف جي خلاف غداريءَ وارو ڪيس ان ھلايو.
جيئن اڳم ذڪر ڪري چڪو آهيان، اي ڊي ايم ڪوٽڙي جي پوسٽ صرف ڄامشورو ۾ تعليمي ادارن جي امن امان کي قائم رکڻ لاءِ ٺاھي وئي هئي، تنھن ڪري منھن جو بحيثيت اي ڊي ايم اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي سان ڪنھن به طرح انتظامي طور ڪوئي واسطو ڪونه هيو، بلڪ روينيو جو مڪمل کاتو ڊي سي دادو جي انتظام ماتحت هيو.
مان اڄ تائين ان ڳالھه کي سمجھي ڪونه سگھيو آهيان ته ڇو صرف سنڌ جي وڏي تعليمي ڪامپليڪس ۾ اي ڊي ايم جي پوسٽ ڪريئيٽ ڪئي وئي، جڏهن ته لاهور ۾ پنجاب يونيورسٽي جتي جميعت ۽ ٻين شاگردن تنظيمن جو پاڻ ۾ سنگين قسم جي ڇڪتاڻ وارو ماحول هميشه رهيو آهي. اتي اهڙي قسم جو انتظام ڇو ڪين ڪيو ويو؟ انھيءَ جي مقابلي ۾ ڄامشورو جي تعليمي ادارن ۾ ايتري گھڻي ڇڪتاڻ ڪانه رهي آهي. جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي اتي هر وقت سڏ پنڌ تي موجود هوندو آهي. اميد رکان ٿو ته ڪجھه ڄاڻو دوست انھي معاملي تي ڪجھه روشني وجھندا.
بھرحال مون پنھنجي طرفان ڪوشش ڪري مختلف شخصيتن سان ميل جول وڌائڻ شروع ڪيو. استادن ۽ شاگردن کان ويندي پٽيوالي سان بي تڪلف ٿي حال و احوال وٺندو هيم. انھي عمل ڪرڻ سان مون وٽ معلومات جو چڱو خاصو ذخيرو ڪٺو ٿي ويو. جيڪڏهن مان انھيءَ گڏ ڪيل معلومات جي ذخيري کي ٻن اکرن ۾ بيان ڪيان ته حاصل مطلب اهو ٿيندو ته هڪ ئي تنظيم جا شاگرد هڪٻئي سان سچا ڪونه هوندا هيا. ٻيو انھن کي اها خبر به ڪانه هوندي هئي ته ٻين شاگرد تنظيمن سان ڪھڙو فرق آهي. ٽيون هر ڪو اهو چاهيندو هيو ته مون کي ٻئي جي نسبت وڌيڪ اهميت ملي.
تنظيم سان وابستگي صرف ڏيکاءُ ۽ شاگردن تي رعب تاب وغيره لاءِ هوندو هين. گھڻي ڀاڱي تنظيم جي اڳواڻن کي تنظيم جي مول ۽ متن کان به واقفيت ڪونه هوندي هئي. باقي نعريبازي تي زور هوندو هيو.
جيڪو نظريو هو پنھنجي لاءِ عظيم سمجھندا هيا، ان تي عمل ۽ پروان چڙهائڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي يا طريقيڪار ڪونه هوندو هين صرف اهو چوندا وتندا هيا ته وطن يا ڪفن. جيڪڏهن پڇندو هيم ته ايئن چوندا هيا، جيئن ننڍن ٻارن کي سيکاربو آهي ۽ ٻار اهو سڀ چوندو آهي، جيڪو هن کي سيکاريو ويندو آهي پر جيڪو هو چوندو آهي انجي معني ۽ مقصد کان اهو ٻار بيخبر هوندو آهي. اهڙيءَ طرح مون يونيورسٽي جي ھڪ تنظيم جي عھديدارن کي ڏٺو، جيڪو چوندا هيا انجي مقصد کان هو پاڻ به واقف ڪونه هوندا هيا.
عمومن تنظيمن جا عھديدار هڪٻئي جي تنظيم ۾ فرق ٻڌائڻ کان به واقف ڪونه هوندا هيا. مخالفت جو مقصد صرف پسند ۽ ناپسند جي حد تائين محدود هيو. مونکي ڪنھن به گروپ جي اڳواڻ ۾ نظريو بامقصد نظر ڪونه آيو، پر دعويٰ هميشه اها ڪندا هيا جنھن مان سنڌ هڪ خوشحال رياست ٿيندي. مان جڏهن انھن کي چوندو هيم ته ڀاءُ قومن جي ترقيءَ جو دارومدار تعليم جي معيار تي آهي، جيڪڏهن توهان تعليم کي ترجيح نه ڏيندا ته سنڌ ۾ خوشحالي واري ڳالھه صرف خواب ۽ خيالي پلاءُ واري هوندي. جنھن جو جواب هميشه ڏيڻ کان لنوائيدا هيا. اهي چئي ڳالھه ختم ڪندا هيا ته توهان سامراجي قوتن جا نمائندا آهيو.
جيئن ته مان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهيو ڪين هيم، تنھن ڪري منھنجي ذهن ۾ اڳ انھن اسٽوڊنٽس تنظيمن جي لاءِ سوچ هئي ته هي جيڪو چون ٿا، اهو واقعي حقيقت جي ويجھو آهي، ڇو ته اهڙن تجربن مان لنگھيا هياسين، پر جڏهن سڌو سنئون واسطو پيو، تڏهن خبر پئي ته هاٿي جا ڏند ڏيکارڻ لاءِ هڪڙا کائڻ لاءِ ٻيا آهن وارو حساب نظر آيو.
هڪ دفعي 1986ع ۾ وزير اعظم پاڪستان مرحوم محمد خان جوڻيجو سيوهڻ قلندر جي ميلي جو افتتاح ڪرڻ آيو. ضلعي دادو جو سمورو سپاه اوڏانھن ويل هيو. ايل ايم سي جي چوٿين پروفيشنل جي امتحانن خاطر شاگردن جي لاءِ خاص ڪلاسن جو بندوبست ڪيل هجي. رات جو هڪ شاگرد تنظيم جي اڳواڻن ڪلاس جي تالن ۾ ميجڪ وجھي ڇڏي ۽ پرنسپال کي ڌمڪي ڏنائون ته جيڪڏهن فلاڻي ۽ فلاڻي تنظيم جا شاگرد ڪلاس ۾ ايندا ته امتحان نه ٿيندا.!!!

ڊاڪٽر قادر مگسيءَ سان ڪچهري

صبح سوير پروفيسر ظفرالله صديقي فون ڪري چيو ته سائين ڪجھه ڪيو، جو ڪجھه شاگردن شرارت ڪندي تالن ۾ ميجڪ وجھي ڇڏي آهي ۽ گڏوگڏ ڌمڪي به ڏني آهي ته جيڪڏهن سپاف ۽ ايس ايس ٽي جا شاگرد ايندا ته رتوڇاڻ ٿيندي وغيره وغيره. مون پروفيسر صاحب کان پڇيو ته انھن شاگرد دوستن سان ڪوئي ڪانٽيڪٽ وغيره ٿي سگھي ٿو؟ ٿوري وقت کان پوءِ گھڻو ڪري عبدالحميد ميمڻ يا ڳاهوٽي صاحب جن فون تي رابطو ڪيو ۽ ساڳي ڳالھه ورجائي. مون کين چيو ته توهان منھنجي آفيس اچو، پوءِ جيڪي توهان جا مسئلا آهن انھن تي ڳالھايون ٿا ۽ حل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪنداسين. ڊاڪٽر قادر مگسيءَ سان به رابطو ٿيو، مون کيس چيو ته توهان اچو منھنجي آفيس. مگسي صاحب چيو ته مون تي مارشلا ڪورٽ جي سزا لڳل آهي ۽ مان توهان جي آفيس ڪونه ايندس، باقي توهان ايل ايم سي ۾ اچو ته ڳالھايون ٿا.
ٻئي ڏينھن مان اڪيلو بغير ڊرائيور جي ايل ايم سي ويس. ايل ايم سي جي انٽرنس ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ هڪ ئي رستو هوندو هيو. گھر کان نڪرڻ مھل صديقي صاحب اچڻ جي تصديق ڪرڻ لاءِ فون ڪيو، مون کيس ٻڌايو ته تقريباً اڌ ڪلاڪ ۾ مان ايل ايم سي پھچي ويندس. صديقي صاحب ٻڌايو ته فرسٽ فلور تي پروفيسر ريڊيولاجي واري آفيس ۾ ملاقات لاءِ دوست هوندا، توهان به اتي اچو. جڏهن مان اتي پھتم ته پروفيسر صاحب اتي مين گيٽ وٽ ڪونه هيو، مان پڇائيندي وڃي پھرئين منزل تي ڏسيل آفيس ۾ پھتس. جڏهن مان اتي پھتس ته پروفيسر ڏاڍو پريشانيءَ واري حالت ۾ هيو ۽ ڳالھائي ڪونه پيو سگھي. مون در کولي اندر وڃڻ سان سلام ڪيو، مگسي صاحب ۽ ٻيا سڀ سٺي نموني مليا. يونيورسٽي جي شاگرد اڳواڻن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جڏهن به مليو ته عزت سان ملندو هيو، بنسبت ڪجھه ٻين ڪامريڊ دوستن جي.
جڏهن مان اندر ويس ته انھن دوستن مان هڪ ڄڻي اٿي دروازو بند ڪيو. مون نظر ڦيرائي ڏٺو اتي آيل سڀ دوست اسلحي سميت آيل هيا. جنھن جي ڪري پروفيسر پريشان هيو ته متان ڪو ڪم خراب نه ٿئي. مون ويھڻ شرط قادر مگسي کي ڪجھه رعبدار انداز ۾ چيو ته قادر تون ڇا ٿو سمجھين ته توهان جيڪي هي من مستي انھي اسلحي جي زور تي ٿا ڪيو. يا اهو سڀ ڪجھه اسان جي ڍرائي جي ڪري؟ پھرئين ته اهو ٻڌاءِ مان هتي مھمان ٿي توهان جي سڏ تي آيو آهيان. ڇا اها سنڌ جي روايت ۾ آهي ته ڪنھن کي گھر گھرائي پوءِ اسلح ڏيکارجي؟ سڀني چيو ته سائين نه اسان ته صرف پنھنجي دفاع خاطر کنيو آهي. مون وراڻي چيو ته ڇا توهان کي اها خبر ڪانه هئي ته مان اڪيلو ۽ هٿين خالي پيو اچان. چيائون سائين اسان کي خبر آهي ته توهان هميشه اڪيلا ۽ بغير باڊي گارڊ جي ايندا آهيو. مون چيو ته پوءِ هي ڇا آهي جو سنڌ ثقافت جي لتاڙ ڪئي آهي توهان؟
چوڻ لڳا ته سائين اسان جي غلطي . مون سڀني کي چيو ته اها غلطي ناهي ۽ توهان ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو ته جڏهن مون چاهيو ته توهان مان ڪنھن کي به گرفتار ڪرڻو آهي ته مان ڪري سگھان ٿو. ڇو ته مونکي اها سڀني جي باري ۾ خبر آهي ته توهان گذريل پندرهن راتيون ڪھڙي ڪھڙي ڪمري ۾ هيا؟ ۽ اها به خبر اٿم ته توهان ايندڙ پندرهن ڏينھن ڪھڙن ڪمرن ۾ رهندا. وڌيڪ مون چيو هڪ ته توهان جا سٺ سيڪڙو کان وڌيڪ ڪامريڊ ايجنسين جي پي رول تي آهن ڇا مون کي اها ڄاڻ نٿي ملي سگھي ته توهان ڪٿي ۽ ڪھڙي حال ۾ آهيو؟ سڀني ويٺل دوستن مان ڪنھن هڪ به اهو ڪونه چيو ته سائين توهان اسان تي اهو بھتان ٿا هڻو. سڀ خاموش ٿي ويا.
انھيءَ کان پوءِ مون انھن کان پڇيو ته تالن ۾ ميجڪ توهان ڇو وڌو آهي. چوڻ لڳا اهي ٻئي تنظيمون اسان جي منشور مطابق سنڌ دشمن آهن، تنھن ڪري اسين انھن کي امتحان ۾ ويھڻ ڪونه ڏينداسين. مون چيو ته ان جو مطلب ته توهان جنرل ٽڪا خان جي راهه تي ٿا هلو، جيئن ان اوڀر پاڪستان ۾ چيو ته مونکي زمين کپي، مونکي ماڻھن سان ڪوئي واسطو ناهي. امن کپي صرف امن. جنھن جو نتيجو سڀني جي سامھون آهي.
ايل ايم سي سنڌ جي رهاڪن لاءِ ادارو ٺھيو آهي ته جيئن سنڌ جا ماڻھو تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن. اهو ڪٿي لکيل آهي ته جيڪو توهان جي تنظيم سان لاڳاپيل ناهي، ان کي پڙهڻ جو حق ناهي ۽ اهي سنڌي ناهن؟. جڏهن ته توهان اين ايس ايس او نيو سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي حمايت ڪندي انھن کي امتحان ۾ ويھڻ لاءِ سھولت ڏيو ٿا ۽ انھن کي توهانجي مطابق سنڌ جا سڄڻ قرار ڏيو ٿا. جڏهن ته سپاف ۽ ايس ايس ٽي جي لاڳاپيل شاگردن کي توهان سنڌي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيو. انھيءَ جو مطلب ته توهان جي واڳ انھن وٽ آهي، جنھن اين ايس ايس او ٺاهي. چوڻ لڳا ته سائين ايئن بلڪل ناهي وغيره وغيره ته مون کين چيو جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ تالا کوليو. چوڻ لڳا ته سائين ڪاليج جي انتظاميه وڃي تالا کولي اسان ڪنھن به قسم جي مزاحمت ڪونه ڪنداسين. مون چيو ته نه جيئن تالن ۾ توهان ميجڪ وڌي آهي اهڙيءَ طرح تالا به توهان پاڻ کوليندا.آخر انھيءَ ڳالھه تي آماده ٿيا ۽ تالا پاڻ وڃي ٽوڙي کوليائون.
انھيءَ کان پوءِ ملاقات ختم ٿي پروفيسر جي جان ۾ جان آئي ۽ ٻاهر مون سان گڏجي آيو ۽ رستي ۾ چيائين ته سائين مان ڏاڍو پريشان هيس ته متان هي ڪا بدتميزي ڪن ۽ مونکي به ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ ڪونه پيا ڏين، جو مان توهان کي مين گيٽ تائين واپس وڃڻ لاءِ چوان ها. پر الحمدلله منھنجي توقع کان وڌيڪ ڀلو ڪم ٿي ويو، جو امتحان ۾ ڪنھن به قسم جي گڙٻڙ ڪانه ٿيندي.
منھنجي عادت هوندي هئي ته مان هميشه پوري ڄامشوري ڪيمپس ۾ بغير پوليس ۽ ڊرائيور جي گاڏيءَ ۾ گھمندو هيس. ڪنھن وقت صرف ڊرائيور هوندو هيو پر تمام گھٽ.
سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن خاص ڪري انٽرنيشنل هاسٽل ۾ ٻه ٽي ڌاڙيل رهندا هيا، جيڪي ٻاهران واردات ڪري هاسٽل ۾ اچي رهندا هيا. بقادار شاهه، صدورو شيخ عرف ڪشمير ۽ جانو آرائين ته تقريباً شاگرد اڳواڻن سان گڏ رهندا ۽ سپر هاءوي تي ڪارگذاري ڪندا هيا.
هڪ دفعي مان وي سي صاحب سان ملاقات ڪري واپس آيم پئي، جڏهن آرٽس فيڪلٽي ۽ زولاجي ڊپارٽمينٽ وٽان گذران پيو ته پنج ست ڪامريڊ گاڏي جي اڳيان اچي بيٺا، مون گاڏي روڪي. مون کي چوڻ لڳا ته هيڏي ڪاڏي ٿا وڃو، هي ته اسان جي حد آهي. مون چيو اها مون کي خبر ناهي ته اها توهان جي حد آهي پر سنڌ سرڪار مونکي اها حد ڏني آهي. چيائون ته اسين سنڌ سرڪار کي ڪونه ٿا مڃيون. مون پڇيو ته ان جو مطلب ته توهان هن حد جا مالڪ آهيو. چوڻ لڳا ته بلڪل، مون چيو چلو انجو مطلب ته مان توهان جي حد ۾ آهيان. چوڻ لڳا ته توهان بلڪل صحيح سمجھيو. مون چيو ته جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ ڀلا جيڪڏهن ڪو توهان جي حد ۾ مھمان اچي ته انکي چانھه ۽ ماني جي صلاح به ڪونه ڪندا آهيو. چوڻ لڳا ته سائين ايئن ڳالھه ناهي، مون چيو ته هلو مونکي چانھه پياريو مان توهان جو مھمان آهيان. چيائون ته سائين هلو، مان انھن سان گڏ هاسٽل ڏانھن ويس. انٽرنيشنل هاسٽل جي سامھون ٻاهر مون گاڏي روڪي ۽ ٻاهر گاڏي مان لھي آيس، مون حجائتي انداز ۾ چيو ڀائو چانھه پياريو پر ڪڙڪ چانھه هجي. سڀني جو زور هيو ته هاسٽل جي اندر هلو مون کين چيو ته وڻ جي ڇانو ڏاڍي سٺي آهي، اتي ڪجھه ڪرسيون پيون هيون مان اتي ويھي رهيس. اڌ ڪلاڪ انھن سان ڀوڳ ٺڪاءُ ڪري روانو ٿي ويس.
1986ع ۾ ڪمال راهمون نالي ايل ايم سي جو شايد سيڪنڊ يا ٿرڊ پروفيشنل جي اسٽوڊنٽ جو ڪاليج اندر قتل ٿيو، انھي کان پوءِ ڄامشورو ڪيمپس جي جملي هاسٽلن تي چوديواري ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو. چوديواري جو مسئلو اڳئي زيرغور هيو پر انکان پوءِ ترت فيصلو ٿيو.چوديواريءَ جي ڪري گھٽ ۾ گھٽ ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري ماڻھن جو رهڻ مشڪل ٿي ويو.

يونيورسٽيءَ جي ھاسٽلن کي ديوارون ڏيارڻ جو فيصلو

جنھن وقت هاسٽلن کي ديوارن ڏيڻ جو فيصلو ٿيو ته شروع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي ڪجھه نمائندن وڏي زور شور سان مخالفت ڪئي. ٻه ٽي دفعا ذوالفقار منگي نياپو موڪليو ته ديوارون ڏيڻ جي توهان کي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، جيڪا ايتري آسان توهان ڏئي ڪونه سگھندا. بھرحال مون انھن نياپن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هاسٽلن جي ديوارن جي ڪم شروع ڪرڻ کان هفتو ڏهي ڏينھن بعد صدورو عرف ڪشمير شيخ جي طرفان نياپو آيو ته ديوارون ڏيڻ وارو ڪم روڪيو، نه ته انجا توهان کي ڪنڊا ڪڍڻا پوندا. بھرحال اسان هاسٽلن جي چوڌاري ديوار ڏيڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ سان گڏوگڏ سيڪيورٽي جو انتظام اڳي کان وڌيڪ مضبوط ڪيو، ته جيئن ٺيڪيدار ۽ مزدورن کي ڪا ڏکيائي پيش نه اچي.
الحمدلله ٽائيم جي اندر ديوارن جو ڪم مڪمل ٿي ويو. جيڪا شروع ۾ ڪجھه شاگردن جي مفاد پرست اڳواڻن ڏکيائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اها پنھنجي موت پاڻ مري وئي. ديوارن جي تيار ٿيڻ کان پوءِ مين گيٽ تي داخلا جي لاءِ نظام سخت ڪيو ويو جنھن جي ڪري جيڪي ڌاڙيل ۽ ڦورن جو ٽولو يونيورسٽي کي پناه جي جاءِ ٺاهي ويٺو هيو، اهو سلسلو ختم ٿي ويو ۽ عام شاگردن کي پنھنجي تحفظ جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ آهستي آهستي بدمعاشي وارو عنصر ڪافي قدر جھڪو ٿيندو ويو، انجو اهو اثر ٿيو جو 1987ع کان ساليانا امتحان وقت سر ٿيڻ شروع ٿيا.
ديوارن جي اچڻ کان اڳ تقريباً هفتي ۾ ٽي کان چار دفعا سپر هاءِوي تي ڦر جا واقعا ٿيندا هيا. انھن سمورن ڦر جي وارداتن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڪجھه شاگرد اڳواڻ شامل هوندا هيا، خاص ڪري ذوالفقار منگي ۽ انجا ساٿاري. ديوارن جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ يونيورسٽي جي مجموعي صورتحال بھتر ٿيڻ لڳي. آهستي آهستي امن امان جي حالت به بھتر ٿيڻ لڳي. ڌاڙيل ۽ ڦورو هتي پنھنجي لاءِ رهڻ محفوظ ڪين سمجھڻ لڳا، نتيجي ۾ شريف ۽ پڙهاڪو شاگردن لاءِ ماحول سازگار ٿيندو ويو. ديوارن جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٿوريون گھڻيون شاگرد اڳواڻن جون پاڻ ۾ چڪريون هلنديون هيون، پر انھن جي اها سنگين صورتحال واري پوزيشن ڪانه هوندي هئي جھڙي اڳ ۾ هوندي هئي. باقي ٿوري گھڻي ميوزڪ جا اسين به عادي ٿي ويا هياسين.
صدوري شيخ جيڪا مون کي ڌمڪي ڏني هئي، انجو ان عملي مظاهرو به ڪيو هيو. ٿيو ايئن هو جو يوسف ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ مرحوم محمد يوسف عارفاڻي مون کي پنھنجي ڳوٺ ۾ هڪ پلاٽ ڏنو هيو. محمد يوسف ۽ مان گڏ 1975ع ۾ اسٽيل مل ۾ ڪلارڪ هياسين. انھي کان وٺي اسانجي پاڻ ۾ ڀائرن وانگر گھاٽائي هوندي هئي. ڪافي عرصي کان پوءِ ملاقات ٿي ٻڌايائين ته مون به 1977ع ۾ نوڪري ڇڏي ڪاروبار شروع ڪيو ۽ ڳوٺ لاءِ عبدالحفيظ پيرزاده جي معرفت سرڪاري زمين 1974ع ۾ الاٽ ڪرائي هئي. ٻيا دوست جيڪي ان وقت اسٽيل مل ۾ گڏ هياسين، تن کي به گھرن ٺاهڻ لاءِ پلاٽ ڏنا آهن ۽ مون کي به چيائين ته تون به اچي هتي گھر اڏاء ته جيئن سڀ پراڻا دوست ويجھا هجون. مون چيو ته يار پلاٽ جي ته مھرباني پر اصل مسئلو آهي گھر ڪئين ٺاهجي، تنھن لاءِ مون وٽ طاقت ناهي. محمد يوسف چيو ته ڀائو اهو ڪو مسئلو ناهي، انھي جو به انتظام ٿي ويندو. مون پڇيو ته ڪيئن ٿي ويندو، مونکي پنھنجي حيثيت جي خبر آهي ته مون وٽ ڪيتري طاقت آهي. يوسف چيو ته مان توکي هڪ پلاٽ جي جاءِ ٽي چار پلاٽ ڏيان ٿو، پوءِ انھن مان هڪ يا ٻه وڪڻي پنھنجي ڪم کي هلاءِ، جيڪڏهن توکي وڌيڪ ضرورت پئي ته مان ويٺو آهيان. چيائين ته مونکي خبر آهي ته تون ڪڏهن به گھر ٺاهڻ جھڙو ڪونه ٿيندين. اسان جي دل به ان ڳالھه تي اچي وئي ته خير پنھنجو پراڻو دوست آهي. منھنجو ننڍو ڀاءُ ان وقت فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ سپروائيزر هيو، اهو به ساڻ هيو تنھن چيو ته ادا مان هتي ڪراچيءَ ۾ فيڊرل بي ايريا ۾ رهان ٿو. ڳوٺ مان پنھنجون مينھون ڪاهي ٿا اچون، مان پاڻھي ان ڪم کي سنڀاليندس. محمد يوسف چيو ته بس ڳالھه ختم هاڻي جمن تنھنجو مسئلو ناهي، منھنجي ڀاءُ جو نالو صاحب خان هيو. صاحب خان آهي، توکي ڪھڙي تڪليف. تون متان سمجھين ته مون کي تنھنجي سرڪاري پوزيشن ۾ ڪا لالچ آهي. يقين ڄاڻ ته مان ڪڏهن به تو وٽ ڪنھن به ڪم لاءِ ڪونه ايندس. باقي جيڪڏهن زماني آهر ڪنھن دوست جو ڪم ڪوئي جائز سمجھيم ته پوءِ توکي چوندس، پوءِ تون سمجھين ته هن جو حق آهي ته جائز مدد ڪجاء، باقي ڪل پيران دا خير. محمد يوسف منھنجي دوران سروس ڪڏهن به ڪنھن ڪم لاءِ ڪونه آيو. ڪجھه عرصو اڳ الله کي پيارو ٿي ويو آهي، الله جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪريس.
مرحوم محمد يوسف مونکي وڏا پلاٽ 100 باءِ 100 جا چار پلاٽ ڏنا جيڪي برساتي نالي جي ڀڪ ۾ هيا. انھن پلاٽن ۾ هڪڙي پلاٽ تي هڪ ڪمرو ورانڊو ۽ ٿورو ڪوٺو ٺھيل هيو. اتي ڪافي پراڻا بلاڪ پيا هيا، چيائين ته اهي توکي آيا. منھن جو ننڍو ڀاءُ ڳوٺ ويو تنھن وڃي ڳوٺ مان هڪ مونکان وڏو ڀاءُ حاجي محمد انور عرف مير ۽ ٻه ٻيا ڳوٺ مان همراهه وٺي آيو. زمين کي ليول ڪري ڪجھه ڏينھن کان پوءِ پنھنجي مينھن مان هڪ ٽرڪ مال جي ڪاهي آيا.
اتفاق سان انھن ڏينھن ۾ جڏهن منھنجا ڀائر پلاٽ سڌا ڪري مينھون ڪاهڻ ڳوٺ ويا هيا، صدوري شيخ کي ڪٿان خبر پئجي وئي هئي ته هيءُ منھنجا پلاٽ آهن، سو رات جو اتي اچي ان ٺھيل ڪمري تي فائرنگ ڪري اچي مرحوم محمد يوسف کي ڌمڪي ڏئي ويو ته جيڪڏهن ڄامڙو صاحب هتي رهندو ته اسان جا هٿ تو ۾ هوندا. مان انھن پلاٽن تي قبضو ڪندس، پوءِ ڏسان ته ڄامڙو مون کان قبضو ڇڏائي. ٻئي ڏينھن صبح جو مونکي مرحوم سڄو واقعو ٻڌايو، مون وراڻي چيو ته ڀاءُ توهانجي ملڪيت آهي، مون کي ڪوبه اهڙو لاچار ڪونھي، جو هروڀرو توهان کي منھنجي ڪري ڪا پريشاني ٿئي. مرحوم يوسف چيو ته هرگز نه، اهي پلاٽ تنھنجا، باقي تنھنجي مرضي باقي مون بندوبست ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن آيو ته مان پاڻھي منھن ڏيندومانس.
مان اها ڳالھه پنھنجي ڀائرن يا ڪنھن سؤٽ سان ڪانه ڪئي ته متان پريشان ٿين. گل ڄامڙو چار پنج سال اڳ فوت ٿي ويو آهي، مون ان کي گھرايو ۽ پوري حقيقت ڪئي، سڄي ڳالھه ٻڌي مون کي چيائين ته تون فڪر نه ڪر ۽ ڪنھن ٻئي کي نه چئو. صدوري شيخ جي مونکي خبر آهي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي پاسي جو آهي. اتي ٻن قبيلن جو پاڻ ۾ جھڳڙو هيو ۽ هي ڪنھن هڪ قبيلي جي طرفان وڙهيو ۽ بعد ۾ ان سردار سان به جھڳڙو ٿيس، جنھن جي طرفان هي وڙهندو هيو، تنھن کان پوءِ اتان ڀڄي ويو گھوٽڪي. انکان پوءِ سپرهاءِ وي ۽ نوري آباد جي علائقي ۾ ڦرلٽ ڪندو ۽ يونيورسٽي ۾ اچي پناهه وٺندو هيو.

قوم پرست تنظيمن جا خيال ۽ ڌاڙيلن جي هاسٽلن ۾ رهائش

هڪ دفعو ٻيھر صدورو شيخ آيو، پر مرحوم محمد يوسف هن جو جوان مرديءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ڳوٺ جا ماڻھو نڪري آيا، آخر ۾ ڀڄي ويو، انھيءَ کان پوءِ وري ڪڏهن هن يوسف ڳوٺ جو پاسو ڪونه ورتو. جيڪي مونکي مرحوم پلاٽ ڏنا ۽ ٻي جيڪا زمين برساتي نالي جي ڀڪ ۾ هئي ان تي ٽريڪٽر هلرائي زمين هموار ڪرايم. انھيءَ عمل ڪرڻ سان زمين ٻيڻ کان به وڌيڪ ٿي وئي. مون اها سڀ زمين پنھنجن ڀائرن، سوٽن، ڀاڻيجن، ماروٽن ۽ ٻين سڀني کي ورهائي ڏئي ڇڏي، جن پنھنجا گھر ٺاهيا. ڪي اتي نوڪري جي سانگي رهن پيا ڪن پنھنجا گھر ٺاهي مسواڙ تي ڏنا آهن، مون پنهنجي لاءِ اتي هڪ فوٽ زمين جو ڪونه رکيو. باقي منھنجي لاءِ ايئن، جيئن چوندا آهن ته ڪڪڙ ڪورين جي نالو وڏيري جو.
مون بحيثيت ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ميجسٽريٽ ڪوٽڙيءَ ۾ جيڪو تجربو يا مون محسوس ڪيو، ان کي مان ڪوشش ڪري چند سٽن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندم. اهو منھنجو ذاتي حيثيت ۾ مشاهدو آهي، اختلاف رکڻ جو هر هڪ کي اختيار آهي.
منھنجو تقريباً ٻه سال جو عرصو ڪوٽڙيءَ ۾ تعليمي ادارن جي هر شعبي زندگي سان واسطو پيو ۽ مختلف موقعن تي گھڻن موضوعن تي گفتگو ۽ بحث مباحثو به ٿيو. انھن بحثن دوران ڪيتريون ئي نيون ڳالھيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. مون جڏهن ڪامريڊن جي رهڻي سھڻي ۽ طريقيڪار ڏٺو ته سوچيندو هيم ته هنن دوستن وٽ ته نه ڪو تعليم جو شوق آهي، نڪي جيڪي چون ٿا انھي تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪو رستو، پوءِ هو ڪيئن ڪاليج جي ٻالڪن کي پنھنجي پروگرام ۾ شامل ڪن ٿا ۽ هڙتال جي سڏ تي انھن سان گڏ آهن. مون ڪامريڊ دوستن سان جڏهن به ڳالھايو ته انھن جو چوڻ مطابق ته اسان جوهڪ نظريو آهي، جيڪو مان هيٺ لکان ٿو:
1. پاڪستان اسان سان دوکو ڪيو، سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي ته سنڌ پاڪستان ۾ رياست هوندي، جيڪا ڪنفيڊريشن جي اصول مطابق هوندي.
2. پنجاب جي پوري ملڪ تي حاڪميت آهي.
3. پنجاب سنڌ جي سمورن وسيلن تي قبضو ڪيو آهي.
4. فوج سڄي پنجاب جي آهي جنھنڪري سنڌي کي فوج ۾ صحيح مقام نٿا ڏين، ڇو ته فوج تي سڄو ڪنٽرول پنجاب جو آهي.
5. پنجاب هميشه پنھنجي مفاد کي پاڪستان کان مٿانھون رکيو آهي.
6. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ شرط پنجاب جو ڪنٽرول سمورو ملڪ اچي ويو، ڇو ته فوج ۾ اڪثريت پنجاب جي هئي.
7. جڏهن گڏيل پاڪستان هيو، تڏهن پنجاب پنھنجي حاڪميت کي قائم رکڻ لاءِ هڪ ماڻھو هڪ ووٽ قبول ڪونه ڪيو. اوڀر پاڪستان جي آبادي 54% هئي ان کي تسليم نه ڪيو.
8. 1973 ع جي ايئن کي انھيءَ اصول جي خلاف قبول ڪيو، يعني آبادي جي تناسب سان ملڪ جي وهنوار ۾ ڀائيواري. ڇو ته هينئر پاڪستان جي آبادي جو 57 سيڪڙو پنجاب جي آبادي آهي.
9. 1954 ع کان پوءِ ون يونٽ قائم ڪري صوبن جونالو ۽ نشان ختم ڪرڻ لاءِ هيلا هلايا ته جيئن پاڪستان ٻن صوبن ۾ برابري جي حساب سان هلي. انھي جي باوجود اوڀرپاڪستان کي هلڻ نه ڏنو ۽ پنجاب پنھنجي طابع رکيو، جنھن ڪري اوڀرپاڪستان مان بنگلاديش ٿي ويو.
10. پنجاب هينئر به اسان سڀني صوبن کي پنھنجي ڪالوني مطابق هلائي ٿو. تنھن ڪري بنگلاديش واري نموني سنڌ کي مجبور ٿو ڪري ته سنڌوديش ٺاهي.
11. پنجاب ڪنھن سان سچو ناهي، ڀٽي صاحب کي استعمال ڪري 1973ع وارو ايئن پنجاب پنهنجي مفاد ۾ ٺھرايو ۽ ملڪ تي پورو قبضو ڪري پنجابي جنرل جي معرفت ٽشو پيپر وانگر استعمال ڪري ڀُٽي کي ڦاسي تي چاڙهي ڇڏيو.
12. پاڻيءَ جي ورهاست ۾ سنڌ جو حق کاڌو وڃي ٿو.
13. بيورڪريسي ۾ ٽوٽل پنجابي قابض ٿي ويٺو آهي. ڊي سي، ايس پي، ڪمشنر، ڊي آءِ جي، آءِ جي، سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري سڀ پنجابي.
14. پنجابي ڊي سي هميشه پنجاب جي ماڻھن کي ڪوڙا ڊوميسائيل سنڌ مان اشو ڪن ٿا، جيڪي سنڌ جي ڪوٽه تي مرڪز ۽ سنڌ صوبي ۾ نوڪريون حاصل ڪن ٿا.
15. سنڌ جي بئراجن جون زمينون پنجابين کي ورهائي ڏئي ڇڏيون آهن.
16. پنجاب پنھنجا آبادگار سنڌ ۾ سيٽل ڪري زمينون ڏئي اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.
17. گئس ۽ تيل جا ذخيره سنڌ مان لڌا ويا آهن، انھن تي قابض پنجاب ٿي ويٺو آهي، جو هتان جي مقامي ماڻھو کي نوڪري ته پري جي ڳالھه پر رستي سان به گذرڻ ڪونه ٿا ڏين.
18. اوجي ڊي سي ايل ۽ ٻين ادارن ۾ سنڌ جي ڪابه نمائندگي ناهي. وغيره وغيره.
اهي مٿيون پوائنٽون هيون، جيڪي سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد ۽ ٻيا چوندا هيا. مون تڏهن سمجھيو ته اهي ڪيئن ڪاليج جي ننڍن ذهنن تي حاوي ٿي پنھنجو ڪن ٿا ۽ انھيءَ ۾ ڪوئي شڪ ناهي، انھن سڀني ڳالھين ۾ پنھنجي جاءِ تي وزن ضرورآهي، جنھن ڪري شاگردن جا ڪچا ذهن هنن جي نعره سان متفق ٿي ويندا هيا.
مان انھن کان اهو ورائي پڇندو هيم ته انھي لاءِ ڪھڙو ڪامياب طريقو ٿي سگھي ٿو ته توهان پنھنجو حق حاصل ڪيو. هو هڪدم چوندا هيا ته وطن يا ڪفن، ٻيو ڪوبه طريقو ڪونه آهي.
مان هميشه انھن کي چوندو هيس ته بابا سڀ ڪجھه توهان حاصل ڪندا صرف معياري تعليم جي آڌار تي، باقي توهانجا سڀ وهم ۽ خيالي پُلاءَ آهن. توهان تعليم تي زور ڏيو جيئن يھودين ڪيو. دنيا ۾ سڀ کان ٿوري قوم يھودين جي آهي، پر هر طرح پوري دنيا ۾ يھودين جو سڪو هلي ٿو ۽ اهو صرف معياري تعليم جي ڪري. جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اوهان ترقي ڪيو ۽ سنڌ خوشحال ٿئي ۽ ڪير اوهان جي ڳالھه ٻڌي ته پوءِ صرف ۽ صرف تعليم هڪ واحد ذريعو آهي، جنھن سان پاڪستان ته ڇا پر پوري دنيا توهان کي سلام ڪندي.
منھنجو ان ڳالھه تي زور ڏيڻ ته تعليم کي اهميت ڏيو، ڇو ته اسان ۽ توهانجي وڏڙن لڱ اگھاڙا پٺي تي صرف گنجي ۽ گوڏ پائي گذران ڪيو پر توهان کي سکيو رکڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ سڄي زندگي پتوڙيندا رهيا، انھيءَ آسري تي ته منھنجو ٻچڙو پڙهي پوي ۽ سکي زندگي گذاري. توهان گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي وڏڙن جي آسيس لاهڻ لاءِ ڪجھه محنت ڪيو ته جيئن انھن ٻڍڙن جو اميدون پوريون ٿين. جڏهن به زور ڀريندو هيم ته چوندا هيا سائين اڄ تائين ڪنھن قوم تعليم جي ڪري آزادي حاصل ناهي ڪئي. هميشه قومن هٿياربند ٿي آزادي ورتي آهي. تنھن ڪري اسان صرف ۽ صرف جدوجھد وارو رستو اختيار ڪنداسين. مان وري به چوندو هيو مان ته ڀائو توهان غلط راهه ڏانھن گامزن آهيو، جنھن جو نتيجو خراب ٿيندو ۽ توهان جا وڏڙا ۽ مٽ مائٽ پريشان ٿيندا. گھڻا دوست ان ڳالھه کي صحيح سمجھندا به هيا ۽ پڙهڻ ڏانھن لاڙو به ٿيندو هين، وري جڏهن ٻيھر ملندا هيا ته ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه.
وري پڇندو هيم ته ڪجھه محنت ڪيو ٿا؟ ڀائو وري ساڳيو راڳ ته اسان کي پنجاب جي غلاميءَ مان هڙ حاصل ڪانه ٿيندي ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن تي پنجاب جو قبضو ٿي ويو آهي سنڌ کي اقتصادي طور غلام پيو ڪندو وڃي ۽ توهان ٿا چئو ته تعليم، تعليم ۽ تعليم. سائين لتن جا جن پيار سان ڪونه ڀڄندا آهن. گھڻا دفعا مون کين چيو ته ڀائو سياڻا ٿيو، توهان جن کي مڃيو ٿا، انھن توهان کي ٽرڪ جي بتي پٺيان لڳائي ڇڏيو آهي. ٽرڪ جي ڳاڙهي بتي انڌيري ۾ توهانکي ويجهي لڳي ٿي پر ٽرڪ نڪري ويندي ۽ توهان زپڙاٽ ڪري ڪري پوندا. جڏهن ته توهان جا ڀوتار انھن سان ٻٽ ويٺا آهن. سائين ايئن نه چئو، اسان جا وڏا پنجاب جي حاڪميت خلاف آهن ۽ اسان جو انھن سان سر بازي جو وچن ٿيل آهي. ڀائو اهو وقت ٻڌائيندو ته ڪير توهانجو سڄڻ ۽ ڪير توهانجو دشمن آهي، هينئر توهان ڳالھه نٿا سمجھو وقت ايندو ته توهان پاڻ پڇتائيندا.
پنج ست سال اڳ مان اسلام آباد سيڪريٽريٽ ۾ ڪنھن دوست جو انتظار پئي ڪيو ته ٻه همراهه آيا ۽ نوڙي مليا. مون سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سڃاڻي ڪونه سگھيس. مون کي چيائون ته سائين توهان ڄامڙو صاحب آهيو؟ مون چيو ته هائو، وري ٻيھر پيرن تي هٿ رکڻ لاءِ اڳتي وڌيا، مون کين روڪيو ۽ پاڻ ٻڌائڻ لڳا ته سائين واقعي توهانجون ڳالھيون ان وقت يونيورسٽي ۾ زهر لڳنديون هيون. پر جيڪو ڪجھه چوندا هيا اهو بلڪل سچ هيو، پر اسان انڌي گھوڙي تي چڙهيل هياسين. سچ پڇو ته اسان کي رولي ڇڏين. اسين ڌوٻيءَ جي ڪتي وانگر نه گھر جا رهياسين نه گھاٽ جا. ڀلو ٿئي اسان جي تر جي زميندار جو، بابي سائين تي ترس کائي ماستري وٺي ڏنائين، جو هاڻي اڇا ڪپڙا پائڻ جھڙا ٿيا آهيون. مون چيو پوءِ انھن معصو ٻارن جو خير ناهي، جو توهان انھن کي به اهوئي سبق ڏيندا هوندا ته پنجاب جي غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، تنھن ڪري پڙهڻ مان ڪوئي فائدو ڪونھي. چيائون ته سائين هاڻي اسان جي ڦٽن تي لوڻ نه ٻرڪيو نه، بس اسان پنھنجي وڏڙن جي عزت ڪانه ڪئي. اسان ڪامريڊن جي دوکي ۾ اچي وياسين. واقعي تعليم کان بغير ڄڻ انڌي وانگر آهي ماڻھون. تعليم کان بغير قوم تباهه آهي سائين جيئن اسان ٿي وياسين. مون چيو ته پوءِ نئين جنريشن جي پارت اٿو. چيائين سائين اسان اسڪول جي ٻارن تي ڏنڊو کنيو آهي ته بابا اڳتي وڌڻ لاءِ صرف تعليم ٻيو سڀ ڪوڙ. اسان اڳئي گھڻو تباه ۽ برباد ٿي ويا آهيون، انھن ڪوڙن دلاسن ۽ دوکي جي ديوار کي ڪيرائڻ ۾. آڪٽوبر 1987ع ۾ منھنجي پوسٽنگ ڊائريڪٽر سازدا نارا ويلي ٿي وئي.

سازدا خيرپور ۾ پوسٽنگ ۽ عمارتن جي نقشن ۾ تبديليون

آڪٽوبر 1987ع ۾ منھنجي بدلي ڊائريڪٽر نارا ويلي سازدا خيرپور ٿي وئي. ان وقت ڊائريڪٽر جنرل مرحوم محمد هاشم ميمڻ هيو، جنھن منھن جي بدلي چيف سيڪريٽري کي چئي ڪرائي هئي. منھنجو سازدا ۾ نوڪري ڪرڻ جو وقت ته تمام ٿورو هيو، جو تقريباً ويھن ڏينھن کان پوءِ منھنجي اچانڪ بدلي ٿي وئي ڊي سي لاڙڪاڻو. جيڪي ڏينھن منھنجا سازدا سان لاڳاپيل هيا، اهي تمام خوبصورت يادگيرين وارا هيا. ڇو ته محمد هاشم ميمڻ جھڙو انمول هيرو باس هجي ته ان سان گڏ جي ڪم ڪرڻ جو مزو پنھنجو هوندو آهي.
ڊائريڪٽر نارا جي چارج وٺڻ کان پوءِ حسب معمول پنھنجي عادت مطابق پنھجي ايريا کي ڏسڻ خاطر دوري تي نڪتس ته جيئن ڪنھن به فيصلي ڪرڻ کان اڳ مان پاڻ سرزمين گھمي ڏسان ته جيئن ان ايرا مطابق ڪنھن فيصلي کي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. پھريون دورو مون ميرپور ماٿيلي جي ايريا جو رکيو، انھيءَ کان پوءِ مان گھوٽڪي ڏانھن ٿر وارو علائقو ڏسڻ ويس. مرحوم ولي محمد شيخ ڊپٽي ڊائريڪٽر انجنيئرنگ هيو. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پٺاڻ صاحب هيو. گھوٽڪي کان اوڀر بارڊر کان ٿورو ويجھو بيس آفيس جي پي سي ون تيار ٿيل هئي ۽ انجي لاءِ اي ڊي پي ۾ پئيسا به رکيل هيا ۽ ڪم شروع ٿيڻ وارو هيو. مرحوم ولي محمد شيخ آيو ۽ ٻڌايائين ته هن سال جي بجيٽ ۾ ٻه بيس اسٽيشن ٺھنديون ۽ اڳئين سال ٻه ٻيون به بيس اسٽيشن ٺھڻ لاءِ پروپوزل موڪليو آهي.
مون وڌيڪ پڇيو ته سازدا جي اسڪيمن جو ڪنسلٽنٽ ڪير آهي؟ جنھن ڊرائنگ وغيره تيار ڪيون آهن يا توهان پاڻ انھن جا نقشا تيار ڪيا آهن.
خبر پئي ته هيڊ آفيس ڪنسلٽنٽ ۽ ڊرائنگ لاءِ نيسپاڪ کي هائر ڪيو آهي، باقي اسين صرف ان تي عمل ڪنداسين. مون ڏٺو ته نقشا ته خوبصورت ٺھيل پيا ڏسجن، پر زمين جي مواقفت سان ٺيڪ نه پيا لڳن. مون مرحوم کي چيو ته هل ته هلون هينئر سرزمين تي ۽ نقشه وغيره مون کي زمين تي لي آئوٽ ٺاهي ڏيکار، چيائين ته سائين هينئر ته دير ٿي وئي آهي، تنھن ڪري صبح سوير هتان نڪري هلون ته جيئن وقت سرزمين تي پھچي مان توهان کي لي آئوٽ پلان ڏيکاريان. ٻئي ڏينھن صبح جو سوير ڳوٺ کان خيرپور آفيس پھچي، مرحوم ولي محمد شيخ صاحب کي ساڻ کڻي سرزمين ڏسڻ ۽ ميدان تي هلي لي آئوٽ پلان ڏسي پوءِ اڳتي ٻيو قدم کڻڻ خاطر نڪري پياسين. گھوٽڪي، عادلپور ۽ خانپور کان اڳتي تقريباً پنجويھه کان ٽيھه ڪلوميٽر وارياسا دڙا پار ڪري وڃي سرزمين تي پھتاسين.
جڏهن اتي پھتاسين ته تقريباً ٻارهن وڳي ٽائيم ٿي ويو هيو. مون اتي ڏٺو ته نجي واري جا دڙا هيا ۽ پري پري تائين ڪٿي ڪنڊي جاوڻ ۽ لَوَن جا وڻ نظر آيا پئي. باقي ويھڻ لاءِ ڪٿي اهڙو ڇانودار وڻ ڪونه هيو، جتي ماڻھو ڇانو ۾ ويھي جھٽ آرام ڪري. جڏهن مون زمين جي حالت ڏٺي ۽ نقشي ڏانھن نظر ڦيرائي ڏٺم ته مان اچرج ۾ پئجي ويس. مون مرحوم شيخ صاحب کان پڇيو ته ڇا نيسپاڪ وارا ڪڏهن هتي سرزمين ڏسڻ لاءِ آيا آهن يا نه؟ جواب ۾ چيائين ته سائين اسان ته ڪڏهن انھن کي ڏٺو به ڪونھي.
نيسپاڪ وارن جيڪا ڊرائنگ تيار ڪئي هئي اها هن طرح هئي:
گريڊ ارڙهين جي آفيس ۽ گھر اهڙيءَ طرح ڊزائين ڪيل هيو جيئن ڪلفٽن يا گلبرگ جي ايريا ۾ آفيس ۽ گھر هجي. جتي بجلي ۽ پاڻيءَ جي ڪابه کوٽ نه هجي. زمين جي قيمت آسمان سان ڳالھيون ڪندي هجي.
10 باءِ 15 فوٽن جو آفيس لاءِ ڪمرو، ڇت RCC. ورانڊه 8 فوٽ، ڊيگهه 10 فوٽ. وارياسي علائقي ۾ اڏوهي جو وڏو مسئلو هوندو آهي، انھيءَ جي لاءِ ڪوبه بندوبست ڪونه ڪيل هيو. اتي ٺيڪيدار آيل هيو ته انجنيئر صاحب نشان ڏيندو ته هو ڪم شروع ڪندو. مون اتي انجنيئر ۽ ٺيڪيدار کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ته هيءَ ڪال ڪوٺڙيون ٺاهڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. مون اتي چيو ته جيڪڏهن بيس اسٽيشن ٺھندي ته صرف سرزمين جي حالتن مطابق ٺھي، نه ته اهڙي آفيس ٺھڻ جو ڪوئي فائدو ناهي.
انجنيئر صاحب پڇيو ته سائين پوءِ توهانجي ذهن ۾ ڇاهي ته ڪئين ٺھڻ کپي. مون وراڻيو ته پھريون نمبر مان اهو چاهيندس ته آر سي سي اسٽرڪچر سان هتي ڪابه جڳهه نه ٺھي، ٻيو ته ڇت جي هائيٽ گھٽ ۾ گھٽ پندرهن فوٽ هجي، جنھن ۾ روشندان هجن. ورانڊو گھٽ ۾ گھٽ پندرهن فوٽ هجي ته جيئن سج جي تپش کي گھٽائي سگهجي. پلنٿ ليول گھٽ ۾ گھٽ زمين کان چار کان پنج فوٽ هجي، جو هوا تي واري اندر نه اچي . آفيس جي مھاڙ سج کي پٺي ڏنل هجي.
چوڌاري وڻن جو بندوبست ٿيل هجي، جو گرمي جي تپش کي گھٽائي. انجنيئر صاحب چيو ته سائين هاڻي ڪم جو ٽينڊر ٿي چڪو، ٺيڪو به ٺيڪيدار کي ملي ويو، هاڻي ڪيئن ان جو حل ڪجي. مون وراڻيو ته ڪم کي تيستائين روڪيو جيستائين مان ٻيھر سرزمين تي نه اچان ۽ انشاءَ الله مان اها ڊزائين چينج ڪرائي ايندس. شيخ صاحب چيو ته سائين نيسپاڪ وارا اسان جي ڳالھه ڪونه مڃيندا. مون وراڻي چيو ته ڪم کي روڪي رکو، مان انجو حل ڳولي ڪڍندس. شام جو واپس ورياسين، سڌو گھر ڏانھن راهي ٿياسي. ٻئي ڏينھن آفيس پھچي سائين محمد هاشم ميمڻ صاحب کي فون ڪري حقيقت ڪيم . ميمڻ صاحب چيو ته تنھنجي ڳالھه صحيح آهي، ايئن ته اسانجو اسٽاف سڙي ڪوئلو ٿي ويندو. چيائين ته پنج منٽ بيھه ته مان نيسپاڪ وارن سان ڳالھايان. تقريباً ڏهن منٽن کان پوءِ ميمڻ صاحب جو فون آيو ۽ چيائين ته مون نيسپاڪ وارن سان ڳالھايو آهي. تون وڃ ۽ انھن کي پنھنجي مرضي مطابق ويھي ڊرائنگ تيار ڪرائي پوءِ واپس اچ.
نيسپاڪ جي ڪراچيءَ ۾ ريجنل آفيس هئي، ايف ٽي سي بلڊنگ جي ويجھو رومي مسجد کان شارع فيصل ڇڏي ٿورو اندر جي طرف آفيس هئي. مان اتي ويم، ڊاڪٽر علوي صاحب جيڪو شايد بعد ۾ وائيس چانسلر مھراڻ يونيورسٽي به ٿيو هيو. ريجنل آفيس جو هيڊ هيو. مون وڃي ساري حقيقت ڪئي ۽ چيو ته سائين توهان ته هر پاڪستان جي ڪنڊ کي ڪلفٽن ۽ لاهور جو گلبرگ سمجھيون ويٺا آهيو ته شايد هر جڳهه کي ساڳي سھولت هوندي. خدا ڪجھه خوف خدا ڪريو، جو ايئرڪنڊيشن آفيس ۾ ويھي ٿر جي لاءِ به ساڳي ڊزائين رکي جتي پاڻي پيئڻ لاءِ ڪونھي. بجلي ڏسڻ لاءِ ڪانھي، وڻ جي ڇانو اڻلڀ آهي.
علوي صاحب انھي ڳالھه کي مڃيو ته واقعي اها اسان جي اسٽاف جي غلطي آهي. چيائين تون ويھه مان ٻه انجنيئر تنھنجي حوالي ٿو ڪريان تون صرف اهو ڪجھه لکاء جيڪا تنھنجي ضرورت مطابق هجي. مون انھن انجنيئرن سان سڄو ڏينھن گذاري رات جو دوست وٽ رهي پيم، ٻئي ڏينھن صبح جو اٺين وڳي آفيس پھچي ويم، اڃا ان وقت پٽيوالا پھچڻ شروع ٿيا ئي مس هيا. انجنيئر صاحب آفيس آيا وري انھي ڊرائنگ کي چينج ڪرڻ ۾ لڳي ويا، شام جو منھنجي صلاح موجب ڊزائين جوڙي ڏنائون، تنھن وقت مون ميمڻ صاحب کي فون تي مڪمل تفصيل ڏنا ۽ ميمڻ صاحب ڏاڍو خوش ٿيو.
جڏهن منھنجو گھوٽڪي جي ائيرڊ زون واري علائقي ڏانھن وڃڻ ٿيو ته مرحوم سردار غلام محمد مھر جي بنگلي ۽ سندس ڳوٺ کان وڃڻ ٿيو. انجنيئر صاحب ٻڌايو ته هتي سردار صاحب جو حڪم آهي هن پاسي جيڪو ايندو، ماني انھيءَ کي سردار مھر صاحب جي کائڻي پوندي نه ته سردار صاحب انھيءَ ڳالھه کي تمام برو سمجھندو آهي. تنھن ڪري توهان کي هتي ماني کائڻي پوندي. منھنجو پنھنجو ارادو هيو ته عادلپور کان پوءِ قاضي واهه وٺي مرحوم الحاج عطا محمد مھر جي اوطاق تي ماني به کائيندس ۽ ڪچھري به ٿي ويندي. ڇو ته انھن سان منھنجا ڪافي پراڻا دوستاڻا تعلقات هيا. غلام حيدر مھر جو فون آيو ته ڪٿي آهين مون ٻڌايو مانس مان هينئر توهانجي سردار صاحب جي ڳوٺ جي ڀرسان اڳتي وڃان پيو. مرحوم غلام حيدر ٻڌايو ته ايڏانھن وڃڻ کان اڳ هيڏانھن ٿيندو وڃين ها ته دال ماني به گڏجي کائون ها. پر هاڻي اسين بي وس آهيون ڇو ته جڏهن سردار صاحب کي خبر پوندي ته منھنجي ڳوٺ کان گذريو ۽ ماني ٻئي وٺ وڃي کاڌي اٿس ته ڏمرجي پوندو. توهان ماني سردار صاحب وٽان کائي پوءِ اچجو. جيڪو مون اتي ٻڌو ۽ صرف انوقت ڏٺو ته واقعي مھر صاحب وڏو مهمانواز آهي. هينئر ڇا حالات آهن سردار صاحب جي مھمانوازي جا، انھيءَ جي ڪابه خبر ناهي.

سردار غلام محمد مهر جي مهمان نوازي

مھمان نوازي سردار مرحوم غلام محمد مھر جي پنھنجو مٽ پاڻ هئي. اتي مون اهو عام ماڻھن جي زباني ٻڌو ته مھر صاحب وٽ جڏهن به ڪوئي وڏي ليول جو مھمان ايندو هيو ته ننڍي کان وڏي ماڻھو تائين صبح سوير پاڻ ذاتي طور ويندو هيو ۽ انھن جي خدمت ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏيندو هيو. ٻي جيڪا مون ماڻھن جي زباني ٻڌي ته سردار صاحب کي هندستان ۽ پاڪستان جي بارڊر جي ٻنھي پاسن کان هر ڳوٺ جي چڱي مٺي جي خوب خبر هوندي هئي. جڏهن به اليڪشن ٿيندي هئي، چاهي اها لوڪل گورنمينٽ جي هجي يا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي. سردار صاحب کي مڪمل ڄاڻ هوندي هئي ته ڪھڙي ڳوٺ ۾ ڪنھن جي مڃوتي آهي ته صرف انھي کي پاڻ وٺ گھرائيندو هيو ۽ اهڙيءَ طرح بندوبست ڪندو هيو جو سردار صاحب 1988ع جي جنرل اليڪشن کان علاوه ڪڏهن به ڪين هارايو. مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته اسي واري ڏهاڪي ۾ سردار صاحب وزير زراعت هيو ۽ سکر ۾ گورنر ايس ايم عباسي کي اتي اچڻو هيو ۽ محب الله شاهه ڪمشنر سکر هيو، اتي ڪنھن صحافي سردار مھر صاحب کان سوال ڪيو ته سردار صاحب توهان پڙهيل ناهيو، پوءِ به وزير آهيو. سردار صاحب جواب ڏيندي چيس ته ها برابر مان پڙهيل ناهيان پر اڻڄاڻ به ناهيان. ڄاڻ تعليم جي محتاج ناهي. صحافي جواب ٻڌي خاموش ٿي ويو.
گھوٽڪي ۾ هڪ مھر مھربان دوست هيو، چيائين ته سائين گھوٽڪي آيا آهيو ۽ جيڪڏهن هتان جا پيڙا نه کاڌا ته ڄڻ توهان گھوٽڪي آيائي ڪون. خير پيڙا پر ڪنگ سائيز وارا پيڙا، جو ماڻھو ٻن کان وڌيڪ کائي ڪونه سگھي، کاڌاسين ڏاڍا لذيذ ۽ مناسب مٺا هيا. مھر دوست چيوته سائين توهان کي خبر آهي مھر لاءِ؟ مون چيو ته ٿوري خبر آھي ڪا خاص ڳالھه آهي ته ٻڌاءِ، چيائين ته سائين ؛-مھر، صبح جو مھر، شام جو زهر، رات جو قھر.
سازدا جي متعلق اڃان پوري خبر به حاصل ڪانه ڪئي هئي ته منھنجي ٽرانسفر ڊي سي لاڙڪاڻي طور ٿي وئي. نومبر 1987ع جي ٻئي هفتي ۾ پنھنجي ڳوٺ گمبٽ جي ٻاهران ننڊ ۾ پيو هيس ته تقريباً رات جو ٻاريهن وڳي مختيارڪار ۽ ايس ايڇ او گمبٽ اچي ڳوٺ پھتا ۽ پيغام مليو ته صبح سوير توهان کي ڪمشنر سکر گھرايو آهي. مون انھن کان پڇڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇا مسئلو آهي چيائون ته اسان کي ڪابه خبر ناهي ته توهان کي ڇاجي لاءِ گھرايو اٿن.

ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو واري مقرري

صبح جو سوير ڪمشنر سکر صاحب جي آفيس پھچي ويم . ان وقت روشن ضمير ڪمشنر سکر هيو، اڃا گھر واري آفيس ۾ هيو اتان پيغام ڏنو ته فلحال تون اتي ترس ته مان اچان ٿو. ٿوري دير کان پوءِ وري ڪمشنر صاحب جو فون آيو ته مونکي اچڻ ۾ ڪجھه دير آهي، تون ڀلي وڃ. ڇاجي لاءِ گھرايو اٿائون؟ ڇا مسئلو آهي؟ ڪابه خبر ڪانه پئي پوي. ايستائين جو ايڊيشنل ڪمشنر کي به خبر ڪانه هئي. مان اتان واپس خيرپور آفيس لاءِ روانو ٿيس. اڃان خيرپور آفيس پھتس ئي مس ته ڊيوٽي ڪلارڪ گاڏي ڏسندي ٻاهر ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته سائين ڪمشنر آفيس مان چار پنج دفعا فون آيو آهي ۽ چيو اٿن ته ڄامڙو صاحب کي چئو ته جلدي سکر اچي ڪمشنر سان ملي. مان اتان واپس سکر لاءِ روانو ٿيس. خيرپور ڦاٽڪ بند هيو ۽ ٽريفڪ جي وڏي قطار ٻنھي طرف بيٺل هئي. تقريباً ويھارو منٽ اتي ٽريفڪ ۾ ڦاٿل رهيم، خير اڌ ڪلاڪ مني ڪلاڪ کان پوءِ ڪمشنر آفيس وڃي پھتم. ڪمشنر ٿورو اڳ ۾ آفيس کان گھر ڏانهن روانو ٿي ويو. اي سي جي صاحب انتظار ۾ ويٺو هيو، تنھن ٻڌايو ته ڪمشنر صاحب توهان جو شدت سان انتظار پيو ڪري. اي سي جي ڪمشنر صاحب کي فون ڪري ٻڌايو ته جمن ڄامڙو اچي ويو آهي ڇا حڪم آهي. چيائين ته جمن کي فون ڏي، مون فون تي ڳالھايو، ڪمشنر چيو ته جمن هينئر وڃ ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو جي چارج وٺ. مون چيو ته سائين هينئر شام ٿي وئي آهي ۽ لٽا ڪپڙا به ساڻ ڪونه آندا آهن، مان ڳوٺ وڃي صبح جو لاڙڪاڻي وڃان. سڀاڻي سازدا جي چارج به ڇڏيان ۽ ڊي جي صاحب کي به ٻڌايان. روشن ضمير صاحب چيو جمن ڳالھه سمجھه ۽ هينئر وڃي لاڙڪاڻي جي چارج وٺي اڄ رپورٽ ڪر، لٽا ڪپڙا پوءِ گھراءِ ۽ ڊي جي صاحب کي به اتي پھچي پوءِ اطلاع ڪر. مون چيو ته ٺيڪ آهي سائين. ڪمشنر صاحب جيئن فون رکيو مون ڊي سسي لاڙڪاڻو مرحوم عباسي صاحب کي فون ڪيو ته ڀائو مون کي هي احڪامات مليا آهن، ڇا توکي انھي جي خبر آهي؟ چيائين ته جمن تون جلدي پھچ ۽ مان پنھنجو سامان ٻڌي صبح کان تنھنجي انتظار ۾ ويٺو آهيان.
مان تقريباً ٽي ساڍا ٽي وڳي سکر کان لاڙڪاڻو روانو ٿيس. تقريباً شام جو پنجين وڳي لاڙڪاڻو پھتم عباسي صاحب کان ڊي سي لاڙڪاڻي جي چارج ورتم. عباسي صاحب چيو ته جيڪڏهن اجازت ڏيو ته مان اڄ رات اتي رهان ۽ صبح جو روانو ٿي وڃان. مون چيو ڪوئي مسئلو ناهي، مان اڄ رات سرڪٽ هائوس ۾ ٿو رها، صبح جو ناشتو گڏ ڪنداسين پوءِ جيئن توهانجي مرضي. مان رات سرڪٽ هائوس وڃي رهيس. صبح جو مون سرڪاري گاڏي عباسي صاحب کي ڏني ته جيئن ڪراچي تائين پھچائي اچي. مان سازدا واري گاڏي ڳوٺ موڪلي ته جيئن منھنجي من ٺار محبوبه کي لاڙڪاڻي وٺي اچي.
ڳوٺ ڪافي دير ٿي وئي، مان واپس ڪونه وريم، ڳوٺ وارن کي پريشاني ٿي ته ڇاجي ڪري ڳوٺ ڪونه پھتو آهي. ان وقت موبائل فون ته هيا ڪونه ڪي جو ماڻھو پنھنجي باري ۾ ڪجھه ٻڌائي ته مان ڪٿي آهيان. خير دير سان مختيارڪار گمبٽ سان رابطو ٿيو ۽ گذارش ڪئي ڳوٺ وڃي ٻڌائي ته مان اڄ لاڙڪاڻي جي ڊي سي جي چارج ورتي آهي ۽ مونکي هنگامي حالتن ۾ موڪليو ويو آهي. ڊي جي سازدا صاحب کي لاڙڪاڻي مان فون ڪري ٻڌايم ته مان لاڙڪاڻي پھچي ويو آهيان. ميمڻ صاحب خوش ۽ صرف ايترو چيائين چڱو الله ڀلي ڪندو.
لاڙڪاڻي جي چارج وٺڻ کان ترت پوءِ سڀني ادارن سان ملي بريفنگ ورتي ته هن وقت ڪھڙا ڪھڙا ٻرندڙ مسئلا درپيش آهن. مختلف ڊپارٽمينٽ جي ضلعي جي نمائندن سان ملي ڪري انھن جي مسئلن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيم.
ٿورن ڏينھن کان پوءِ 1987ع جي لوڪل گورنمينٽ جي اليڪشن ڪرائڻ واسطي تيارين ۾ شروع ٿي وياسين.
ضلعي انتظاميه لاءِ لوڪل گورنمينٽ جي اليڪشن وڌيڪ ڏکيائي پيدا ڪندي آهي. ڇوٽ لوڪل گورنمينٽ جي چونڊن ۾ گھر گھر جي ماڻھن جي هڪٻئي سان ذاتي دلچسپي جي ڪري جھڳڙي ۽ فساد جا امڪان تمام گھڻا هوندا آهن، بنسبت قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اليڪشن جي. مون سڀني اي سيز جي ميٽنگ سڏائي ۽ امن امان جي صورتحال تي غور و فڪر ڪري اها ڪوشش ڪئين ته ڪٿي، ڪھڙي پولنگ اسٽيشن تي ڪنھن ڪنھن ڌر ۾ ڪا ذاتي دشمني يا ڪا ٻي اهڙي ڳالھه ته ناهي، جنھن جي ڪري حالات بگڙي سگھن ٿا. حالتن جي خرابي واري صورتحال ۾ ڪيئن انھي مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪري سگھجي ٿو؟ اهڙيون ڪهڙيون پولنگ اسٽيشنز آهن جن کي هينئر ڏکيائي پيدا ڪندڙ پولنگ اسٽيشن جي لسٽ ۾ شامل ڪجي؟ ٻيو ته ٻيون اهڙيون ڪھڙيون پولنگ اسٽيشنز آهن جن ۾ خراب صورتحال پيد ٿي سگھي ٿي؟ ڇاجي ڪري خراب صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي؟ ڪير اهي ماڻھو ٿي سگھن ٿا جيڪي اهڙي افراتفري پيدا ڪري سگھن ٿا؟ ضلعي جي نقشي تي پولنگ اسڪيم نروار ڪري پوءِ پاڻ ۾ خوب غور ۽ ويچار ڪرڻ کان پوءِ ايريا جي حالتن مطابق پولنگ اسڪيم کي مختلف ڪيٽگريز ۾ ورهائي پوءِ انتظامي طور انھن ڪمزورين کي دور ڪرڻ خاطر پولنگ اسٽيشنز کي مختلف گروپن ۾ ورهائي انجو انتظام سنڀالڻ لاءِ مختلف ماڻھن جون ڊيوٽيز لڳائي ۽ ٻه ٽي ريهرسل ڪرائي تسلي ورتم ته هر ماڻھو پنھنجو ڪردار بھتر نموني سان ادا ڪري سگھندو. تنھن کان پوءِ وڃي پولنگ اسڪيم کي فائينل ڪري عام ڪري ڇڏي ته جيئن ڪنھن ماڻھو کي ڪنھن به قسم جي پريشاني نه ٿئي. جيڪڏهن ڪنھن کي ڪو اعتراض آهي ته ان جي تفصيل وٺي جيڪو مناسب قدم کڻڻو هيو اهي سڀ اپاءُ وٺي آخر ۾ پولنگ اسٽيشنز کي پبلڪ لاءِ جاري ڪرڻ جا انتظام ڪري امن و امان جي صورتحال کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون.

بلدياتي چونڊن جو انتظام

پولنگ اسڪيم کي فائنل ڪرڻ کان اڳ جن پولنگ اسٽيشنز تي گڙٻڙ ٿيڻ جا چانس هيا، اتي سرزمين تي وڃي انھن جو جائزو ورتو ته جيئن پولنگ واري ڏينھن ڪنھن کي ڏکيائي پيش نه اچي. پوري ضلعي ۾ تقريباً پنجويھه ٽيھه اهڙيون پولنگ اسٽيشنز هيو، جتي قبيلن جا پاڻ ۾ سخت اختلاف يا ڪجھه دشمنيون هيون، جنھن جي ڪري انديشو هيو ته متان اتي امن امان جي صورتحال خراب ٿي پوي. سڀ کان پھريان انھن پولنگ اسٽيشنز جي علائقي ۾ رهندڙ چڱن مڙسن کي گھرائي شوئرٽي باند لکائي ورتا ته اهي ڪنھن به قسم جي اهڙي حالت پيدا نه ڪندا جو امن امان جو مسئلو پيدا ٿئي. اهڙيءَ طرح ٻن ڏينھن ۾ مون سڄي ضلعي جو مڪمل جائزو ورتو.
اهڙيءَ طرح ايس پي صاحب به پنھنجو هوم ورڪ ڪيو ته جيئن اليڪشن ۾ ڪو امن امان جو مسئلو پيدا نه ٿئي.
انھيءَ هوم ورڪ ڪرڻ کان پوءِ ايس پي ۽ مان ويھي صلاح مشورو ڪيو. پاڻ ۾ صلاح ۽ مشوري کان پوءِ اسان هڪ جامع قسم جو حڪم نامو جاري ڪري هر سب ڊويزن ۽ تعلقي جي حساب سان اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊي ايس پي کي پنھنجي ايريا جو انچارج بڻايو، اهڙيءَ طرح انھن ٻنھي ويھي پنھنجي ماتحتن سان گڏيل انتظام لاءِ بندوبست ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان پولنگ اسٽيشن جي حالات مطابق فورس رکيو. هر ڏهه کان ٻارهن پولنگ اسٽيشن گروپ ٺاهيا، ان لاءِ هڪ جدا ڪنھن مرڪزي جاءِ تي اضافي فورس رکيو ته جيڪڏهن انھن پولنگ اسٽيشنز ۾ ڪابه اهڙي امن امان جي حالت پيدا ٿئي ته اهي اتي جلدي پھچي حالتن تي ڪنٽرول ڪن. جيڪڏهن انھيءَ فورس جي موڪلڻ جي باوجود به صورتحال خراب رهي ته انھيءَ لاءِ هر تعلقي تي هڪ ٻيو رزرو فورس رکيل هيو، جيڪو اوڏانھن موڪلڻ لاءِ تيار بيٺو هيو. خدا نه خواسطه اڃا به صورتحال خراب ٿئي ته ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ چار پنج فورس جا دستا تيار پوزيشن ۾ حڪم جي دير تي سرزمين تي پھچي وڃڻ لاءِ تيار هيا.
اليڪشن کان اڳ ٻه ڏينھن مون پنھنجي پي اي کي سختيءَ سان منع ڪري ڇڏيو ته مونکي صرف فون جيڪڏهن ڪمشنر ۽ چيف سيڪريٽري ۽ وزير اعليٰ جو اچي ته ملائي ڏجائين. باقي وزير، ايم اين اي، ايم پي اي يا ڪنھن سياسي ليڊر جو فون ملائي ناهي ڏيڻو. خير سان اليڪشن جو ڏينھن به اچي پھتو، پولنگ اسٽاف ۽ مٽيريل روانو ڪيوسين. اها خيريت جي رپورٽ مٿي موڪلي ڇڏي ته خيريت سان سڀ ڪجھه بغير ڪنھن مشڪلات جي پولنگ اسٽيشنز تي اسٽاف پھچي ويو. اليڪشن واري ڏهاڙي غلام اصغر شيخ ايس پي صاحب ۽ مان پنھنجي گھر واري آفيس ويھي رهياسين. پي اي جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي ته هر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ واري واري سان اسسٽنٽ ڪمشنر سان ملائي ڏي. اهڙيءَ طرح وائرليس جي ذريعي هر پولنگ اسٽيشن سان مسلسل رابطي ۾ رهياسين. تقريباً ڏينھن جي ٻارهن وڳي تائين ڪٿا به اهڙي ڪا صورتحال پيدا ڪانه ٿي جو ڪنھن به رزرو فورس کي موڪلڻ جي ضرورت پوي. هڪ وڳي جي قريب ڊرگھه ٿاڻي جي حد ۾ هڪ پولنگ اسٽيشن تي ماڻھن پاڻ ۾ ڏند چڪ ڏنا ۽ اسان پنجن منٽن ۾ رزرو فورس کي روانو ڪيو، جيڪو ٻٽي منٽن ۾ پھچي ويو ۽ صورتحال هر طرح سان قابو هيٺ رهي. ٽين وڳي جي قريب خيرپور جوسو جي ڀرسان ۽ ٻيو باقراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڪجھه ماڻھن هڪٻئي کي ڌڪا ڏنا، پر اسان جي رزرو فورس هڪدم پھچي وئي ۽ پولنگ تي ڪنھن به قسم جو اثر نه پيو. پولنگ ٽائيم جي ختم ٿيڻ کان اڌ منو ڪلاڪ اڳ ٺوف چوسول، رتيديري، وارهه ۽ ڏوڪريءَ جي حد ۾ ڪجھه گروهن جي پاڻ ۾ منھن ماري ٿي پر هڪدم اسان اتان جي ڀر پاسي واري فورس کي روانو ڪيو جنھن اتي پھچي هڪدم صورتحال کي ڪنٽرول ڪيو. الحمدلله پوري ضلعي ۾ ڪٿي به پولنگ پنج منٽ به ڪونه رڪي.
ساڍي چار وڳي ايڊيشنل سيڪريٽري سلمان فاروقي پرائيم منسٽر هائوس، اسلام آباد مان فون ڪيو ته امن امان جي حساب سان ڪٿي پولنگ اسٽيشن جو ڪم رڪيو ته ناهي. مون جڏهن فاروقي صاحب کي ٻڌايو ته الحمدلله لاڙڪاڻي پوري ضلعي ۾ ڪٿي به ڪنھن قسم جي اهڙي صورتحال پيدا ڪانه ٿي جو پولنگ رڪي. فاروقي صاحب چيو ته سنڌ ۾ هيءُ پھريون ضلعو آهي جتي هر ڪم خير خوبي سان پيو هلي. نه ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪٿي چار، پنج يا ان کان وڌيڪ اهڙيون پولنگ اسٽيشنون آهن جتي پولنگ جو عمل رڪيل آهي.
پولنگ جي ڏينھن مون ۽ ايس پي صاحب گھر جي آفيس کان ٻاهر ليئو پائي سج به ڪونه ڏٺو. پولنگ ٽائيم ختم ٿي ويو، انھي کان پوءِ ڳڻپ وارو مرحلو شروع ٿيو. اسان اڳئي پنھنجي فورس کي هدايتون ڏي ڇڏيون هيون ته جنھن وقت رزلٽ انائونس ڪيو ته ڪوشش ڪري ٻنھي گروپن کي ڌار بيھاري ۽ وچم پنھنجي پوزيشن سنڀالي پوءِ ڪجو ته جيئن ڪنھن به قسم جي گڙٻڙ نه ٿئي. عموماً پولنگ واري ڏينھن ووٽ ڏيڻ کان پوءِ کٽيل ۽ هارايل گروپن جو پاڻ ۾ جهيڙي جا چانس ٿيندا آهن. هڪڙا نعره هڻندا ۽ دهل وڄايندا ته ٻيا انکي پنھنجي بيعزتي سمجھندا آهن، نتيجي ۾ جھيڙو ٿي پوندو آهي. الحمدلله اسان جو اهو پلان ڪامياب ويو ۽ پوري پولنگ جي عمل ۾ ڪٿي به جھيڙو جھٽو ڪونه ٿيو.
خير سان اليڪشن ٿي وئي، انھيءَ کان پوءِ ٽئين چوٿين ڏينھن سکر ڊويزن جي ڊي سي صاحبن جي واري واري سان ميٽنگ گھرائي جنھن ۾ اليڪشن ۾ آيل مشڪلاتن جي روشنيءَ ۾ ايندڙ اليڪشن لاءِ تجربن جي بنياد تي ڪا ايس او پي تيار ڪجي. پھرين گڏجاڻي ۾ جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي ڊي سي کي گھرايو ويو. مرحوم الحاج محمد هارون ميمڻ صاحب جيڪب آباد، لياقت آرائين شڪارپور ۽ مان لاڙڪاڻي جو ڊي سي گڏجاڻي ۾ آياسين. سڀ کان پھريان حاجي هارون صاحب کان شروعات ٿي، هن ٻڌايو ته مان اهي ٽي چار ڏينھن گھر ڪڏهن رات جو ٻارهين وڳي ته ڪڏهن ٻِين وڳي ايندو هوس ۽ گھمي گھمي ساڻو ٿي پيو آهيان، تنھنجي باوجود به ٻه چار پولنگ اسٽيشن تي پولنگ رڪيل رهي. تقريباً اڌ ڪلاڪ حاجي صاحب شام غريبان بيان ڪئي. انھيءَ کان پوءِ لياقت آرائين پندرهن ويھه منٽ لڳايا پر ڏکيائي واري داستان هئي، جنھن ۾ جتوئي ۽ مھرن جي پاڻ ۾ جھيڙي ۽ پولنگ جي رڪجڻ جا تفصيل بيان ڪيا. جڏهن منھنجو وارو آيو ته مون چيو ته سائين اليڪشن کان هڪ ڏينھن اڳ ۽ اليڪشن واري ڏينھن مان پنھنجي گھر واري آفيس کان ٻاهر نه نڪتو هيس، بلڪه سج جو پاڇو به ڪونه ڏٺو. حاجي هارون چوڻ لڳو، ڄامڙا صاحب ڇا ٿو چئين تون گھر جي آفيس کان نڪتو ئي ڪونه آهين. مون وراڻيو ها حاجي صاحب. وڌيڪ مون چيو ته جنرل ٽيڪ هيڊڪوارٽر مان ويھي وار آپريشن هلائيندو آهي. فيلڊ تي ڪم ڪرڻ ڪمانڊر ۽ جوانن جو هوندو آهي جنرل جو نه . مون چيو ته جيڪڏهن مان فيلڊ تي وڃان ته انھيءَ جو مطلب ته آپريشن جي ڪمانڊ مان ڪنھن ٻئي جي حوالي ڪئي ۽ منھنجي پوزيشن ان وقت جنرل واري نه پر فيلڊ ڪمانڊر واري ٿيندي. جيڪڏهن خدانخواسطه اهڙي صورتحال پيدا ٿئي جتي صرف احڪامات مونکي ڏيڻا آهن ته پوءِ معاملو خراب ٿي وڃڻ جا چانس وڌي وڃن ٿا انھيءَ ڪري مان صرف آپريشن روم ۾ ويھي سڄي ضلعي تي احڪامات ڏيندو رهيس ۽ جتي مون کي پاڻ ڳالھائڻو پيو، مون آپريشن روم ۾ ويھي ڳالھايو. عمر تجربي جي حساب سان مرحوم الحاج محمد هارون ميمڻ صاحب سينيئر ۽ تجربيڪار هئڻ سان گڏوگڏ شفيق انسان به هيو. بھرحال سڀني دوستن شاباش ڏني ۽ تسليم ڪيائون ته اهو طريقيڪار بلڪل صحيح آهي.
ڪمشنر صاحب پوءِ مون کان تفصيل پڇيو ته تو انکي ڪيئن آپريٽ ڪيو؟ مون سڀ ڪجھه اهو بيان ڪيو جيڪو مٿي لکي چڪو آهيان.
انھيءَ کان پوءِ ضلعي چيئرمين جي اليڪشن جو مرحلو آيو. جيڪو هيو ته صرف هڪ پولنگ اسٽيشن تي، جنھن جو پرزائڊنگ آفيسر مونکي بحيثيت ڊي سي انجام ڏيڻو هو. ضلعي چيئرمين جي اليڪشن ۾ وڏن وڏن ڊنگن جون نظرون هيون ته رزلٽ ڇا ٿو اچي.
ڊسٽرڪٽ چيئرمين لاءِ ٻه مضبوط اميدوار هيا. پ پ پ جي طرفان حاجي غلام حسين انڙ صاحب جيڪو انوقت ايم پي اي به هيو، مسلم ليگ جي طرفان مسعود احمد کھڙو صاحب، مرحوم شاه محمد پاشا وفاقي وزير جو ڀاءُ ۽ مرحوم خان بهادرمحمد ايوب کھڙو سابق وزير اعلي سنڌ
جڏهن ريزرو سيٽن جي اليڪشن ٿي ته ان وقت پ پ جو پلڙو ڀاري هيو. ڇوته مرحوم اختر قاضي جي هٿ تي اليڪٽ ٿيل واره ۽ نصيرآباد سان واسطو رکندڙ ڇھه ووٽ هيا، جن پ پ جي اميدوار کي ووٽ ڏياريا. قاضي اختر جي ڪري پ پ جي پوزيشن بھتر هئي. جڏهن ته قاضي اختر مسلم ليگ ۾ سائين غوث علي شاهه جي ڪيبنٽ ۾ منسٽر تعليم هيو. شايد کھڙن جڏهن شاهه صاحب وزير اعليٰ کي چيو ته وزير هوندي به ووٽ مخالف پارٽي کي ڏنا اٿس. قاضي اختر جڏهن ظاهر ٿي پيو ته اچي کھڙو شاه محمد پاشا کي چيو ته مون انڙ ۽جوڻيجي ڏوڪري جو زميندار هيو، انجي چوڻ سان انھن کي اهي ڇهه ووٽ ڏياريا جو اڳتي اليڪشن ۾ منھنجي مدد ڪندا پر هينئر منھنجا ووٽ تنھنجي حوالي. بھرحال شايد شاه محمد پاشا مرحوم قاضي اختر کي چيو هجي ته اسان کي ڪيئن پڪ پوي ته تنھنجي انھن ڇھن ووٽن اسانجي حق ۾ ووٽ ڏنا. بھرحال انھن جو پاڻ ۾ ڇا طئه ٿيو، ليڪن مونکي تڏهن محسوس ٿيو جڏهن انھن ڇھن ميمبرن اليڪشن رولز جي تحت جيڪڏهن ڪو ووٽر پاڻ ڪنھن به طرح سان معذور آهي ۽ مدد وٺڻ چاهي ٿو ته پرزائيڊنگ آفيسر قانون تحت پابند آهي ته انھن جي ووٽ واري عمل ۾ مدد ڪري. انھن ڇھن ميمبرن سڀني جي سامھون اچي چيو ته سائين منھنجي نظر خراب آهي براءِ مھرباني منھنجي مدد ڪيو. مان پرزائيڊنگ آفيسر انھن سان گڏ وڃي بيلٽ پيپر تي جتي انھن چيو مون انھن جي سامھون انھن جي چيل نشان تي ٺپو هنيو.
ووٽنگ جو مرحلو جڏهن پورو ٿيو ته مون چٽ موڪلي اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو مسٽر ايوب شيخ ڏانھن ته امن امان جي حالتن تي ڪڙي نظر رک، ۽ ٻنھي ڌرين جي حمايتن کي هڪٻئي کان پري بيھاريو ته متان ڳڻپ کان پوءِ ڪو امن امان جو مسئلو پيدا نه ٿئي. ڇو ته اطلاع مليو هيو ته ڳجھي نموني سان ٻنھي ڌرين هٿياربند ماڻھو تيار رکيا هيا. مگسي قبيلي جا ماڻھو مسعود کھڙو جا حمايتي هيا ته ٻئي طرف انڙ جا ماڻھو پ پ لاءِ هيا.
خير اليڪشن ٿي وئي ڳڻپ جو مرحلو شروع ٿيو، ايجنٽ ٻنھي ڌرين جا مون سان گڏ ويٺل هيا. ايجنٽن جي ۽ سڀني ڊسٽرڪٽ ميمبرن جي روبرو ڳڻپ ٿي. گھڻو ڪري ٻن يا ٽن ووٽن جي مارجن تان مسٽر مسعود کھڙو پ پ جي اميدوار غلام حسين انڙ کان اليڪشن کٽي ويو.
مسعود کھڙي کٽيو انھن ڇھن ووٽن جي ڪري جيڪي قاضي اختر جا ماڻھو هيا. قاضي اختر جي ڇھن ووٽن جي ڦيري سبب غلام حسين انڙ اليڪشن هارائي. ٻيو ته مسعود کھڙو غلام حسين جي مقابلي ۾ شريف ۽ رحمدل انسان آهي .
جيئن ته پ پ ۽ لاڙڪاڻو هڪ جسم ۽ جان وارو حساب هيو تنھن ڪري اهو ڪير سوچي به ڪونه پئي سگھيو ته پ پ جو اميدوار هارائيندو. تنھن ڪري بي بي شھيد کي ماهوٽو صاحب ۽ ٻين وڃي چيو ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين شپ ڊي سي کٽي آهي مسعود کھڙو ناهي کٽي، جنھن جو ذڪر بي بي شھيد راڻي ڊاٽر آف ايسٽ ۾ به ڪيو. حالانڪ اصل حقائق ٻڌائڻ جي بجاءِ بي بي شھيد راڻي سان هنن ڪوڙ ڳالھائي وقتي پنھنجي عزت بچائي ۽ ڊي سي جي ڪلھي تي بندوق رکي ڇڏي.

سائين جي ايم سيد کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

پاڪستان ۾ اليڪشن هميشه متنازع رهيون آهن ۽ رهنديون. هاريل پارٽي يا گروپ ڪڏهن به پنھنجي ناڪاميءَ کي قبول ناهي ڪندو. سنڌ ۾ 1937ع جي اليڪشن کان وٺي اڄ تائين ڪنھن نه ڪنھن طرح سان انھن ۾ ڪڏهن وٽ کوٽا ته ڪڏهن ترازو ٽيڙو رهيو آهي. ڏاڍي جي لٺ کي هميشه ٻه مٿا رهيا آهن ۽ رهندا، جيستائين هي دنيا قائم آهي. ڪير ڪيتري به پنھنجي طرفان ايمانداري يا غير جانبداري ڏيکاري، هو ڪنھن نه ڪنھن لاءِ ته جانبدار نظر ايندو.
اهڙيءَ طرح مون تي به اهو الزام مڙهيو ويو ته ٻه فون ڪال آيون جن کي مون ٻڌو، هڪ پرائيم منسٽر صاحب جي ته ٻي چيف منسٽر صاحب جي. مونکي ڪائي ضرورت ناهي مان ڪجهه پنھنجي صفائي ۾ چوان. ليڪن رڪارڊ جي درستگي لاءِ صرف ايترو چوندس ته اليڪشن واري سموري ڏينھن ۾ مون کي نه پرائيم منسٽر صاحب فون ڪيو نه وري وزير اعليٰ سنڌ فون ڪيو. جيئن اڳ ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته ڳڻپ کان اڳ مون چٽ لکي موڪلي هئي اسسٽنٽ ڪمشنر کي ڳڻپ شروع ٿيڻ واري آهي، تنھنڪري سيڪيورٽي جي انتظامن کي سخت ڪن ته جيئن ڪنھن به قسم جي امن ۽ امان جي ڪا خراب صورتحال پيدا نه ٿئي. جيڪو دروازي تي آيو ۽ انتظامن متعلق اچي ٻڌايو.
مان رڳو واضع ڪرڻ لاءِ چوندس ته کٽڻ واري اميدوار جا ٽي ووٽ وڌيڪ هيا ۽ خراب ووٽ صرف ٻه هيا، جن تي ڊبل ڪراس ٿيل هيا. يعني ڪن ٻن ڪائونسلرن ٻنھي کي هڪٻئي وقت ووٽ ڏنا هيا. جيڪڏهن اهڙي حالت هجي ها ته هارايل پارٽي هر حال ۾ ڪورٽ جو دروازو کٽڪائي ها. رد ووٽ صرف ٻه هيا، جڏهن ته کٽڻ واري جا ٽي ووٽ وڌيڪ هيا. جيڪڏهن فرض ڪيون ته اهي ٻه رد ڪيل ووٽ هاريل پارٽي جا ھجن ھا ته به ٽن ووٽن جي بجاءِ هڪ ووٽ تان هارائي ها. جيئن اڳ عرض ڪري چڪو آهيان ته قاضي اختر صاحب جي ڇھن ووٽن جي ڪري اهو رزلٽ ايئن آيو.
ٻيو ته جيڪي دوست ڪنھن وقت پرزائيڊنگ آفيسر رهيا هوندا، انھن کي چڱيءَ طرح خبر هوندي ته جنھن پولنگ اسٽيشن تي سخت قسم جو مقابلو هوندو آهي، اتي جيڪي ايجنٽ ويھندا آهن اهي سڀ کڙپيل ۽ تجربيڪار ماڻھو ويھندا آهن. ڇا اهو ڪير سوچي سگھي ٿو ته ڳڻپ ۾ ڪا هيرا ڦيري ٿي سگھي ٿي. تنھن ڪري منھنجو دوستن کي صرف ايترو چوڻ آهي ته ان حالت ۾ پاڻ کي ان پوزيشن ۾ رکي پوءِ سوچن ته واقعي اهڙي صورتحال ۾ ڪير پنھنجي پير تي ڪھاڙو هڻي سگھي ٿو.
جيئن ته ڪن دوستن (ڊاٽر آف ايسٽ ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو جي متعلق لکيل آهي) مون کان پڇيو ته توهان ٻئي ڪمري ۾ ٻه دفعا وڃي وزير اعظم ۽ ٻيو وزير اعلي سنڌ جوفون ٻڌو. فرض ڪريو ته مان فون اٽينڊ ڪيو. جيڪو مون ڪونه صرف مفروضي جي بنياد تي مون ٻڌو. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا مان بيلٽ پيپرن جو دٻو به ساڻ کڻي ويس جو وڃي اتي مان بيلٽ پيپر ڪڍي ۽ رزلٽ پرائيم منسٽر ۽ وزير اعلي سنڌ جي منشا مطابق ڪري ڇڏيو. ڇا اهو ممڪن آهي ته ٻنھي ڌرين جا ايجنٽ بيلٽ پيپرن جو دٻو کڻي وڃڻ لاءِ راضي ٿي ويندا؟. ڇا اهو ٿي سگھي ٿو ته ٻنھي ڌرين جا ايجنٽ، جيڪڏهن مان بيلٽ پيپرن جو دٻو کڻي وڃي پنھنجي مرضي ڪيان ته اهي منھنجي ڪيل ناانصافي تي راضي ٿي صحيح ڪندا؟. ڇا اهو ممڪن آهي بيلٽ پيپرن جي سيل مون ٽوڙي ان ۾ پنھنجي مرضي جا ووٽ وڌا هجن ۽ پولنگ ايجنٽ ان تي صحيح ڪن؟. ڇا اهو ممڪن آهي ته جيڪڏهن هارايل پارٽي ڪنھن به قسم جي هينڪي ڦينڪي ٿئي ۽ اهو خاموش ٿي ويھي.
ٻئي تي آڱر کڻڻ کان اڳ اهي نڪتا ضرور ذهن ۾ رکي پنھنجي دل سان فيصلو وٺي ته آيا اهو ايئن ٿي سگھي ٿو يا صرف تھمت آهي؟
وڌيڪ مان ان تي ڪجھه بحث نٿو ڪرڻ چاهيان، باقي پڙهڻ وارن تي ڇڏيان ٿو جيڪي هو پنھنجي دل ۽ عقل سان فيصلو ڪن. منھنجو ضمير مطمئن آهي.
1987ع ڊسمبر جي 25 يا 27 تاريخ تي رات جو تقريباً اٺ ساڍا اٺ وڳي ڪمشنر سکر روشن ضمير صاحب جو فون آيو ته ايس پي ۽ توهان ٻئي هينئر سکر اچو. اسان رات جو تقريباً نائين وڳي لاڙڪاڻو کان سکر روانا ٿياسين. ساڍا ڏهه جي قريب وڃي ڪمشنر هائوس سکر پھتاسين. ڪمشنر صاحب هيٽر ٻاري ويٺو هيو، اسان وڃي السلام عليڪم چيو. ڪمشنر صاحب چيو ته ڪم ڪرڻو آهي، پر انھيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي غفلت يا ڪوتاهي نه ٿيڻ کپي. مون عرض ڪيو ته سائين ٻڌايو، جيڪڏهن ڪرڻ جو آهي ته هينئرئي اسين واعدو ٿا ڪريون، ايئن ٿيندو. بھرحال اسان کي هڪ فائيل ڏنائين. چيائين ته اڄ رات ٻِين وڳي رپورٽ کپي ته ڪم ٿي ويو. فائيل کولي ڏٺوسين ته جي ايم سيد جي لاءِ وارنٽ آف اريسٽ هجن. چيائين ته توهان کي خبر آهي ته عاشق ميمڻ ڊي سي دادو اريسٽ نه ڪرڻ جي ڪري سسپينڊ ٿيو هيو.
مون چيو ته سائين اريسٽ ته ٿيندو پر جيڪو ٽائيم توهان ٿا چئو ان مطابق ڪونه ٿيندو. ڇو ته ان وقت اريسٽ ڪرڻ سان جاني نقصان ٿيڻ جا انديشا آهن، باقي صبح جو سوير عمل ٿي ويندو. وڌيڪ مون چيو ته جي ايم سيد صاحب ممتاز ڀٽي جي بنگلي تي رهيل آهي. ٻيو ته ممتاز ڀٽو پاڻ ڪراچي آهي. ٽيون ته انڌيري رات آهي، جيڪڏهن رات جو هڪ وڳي يا انجي لڳ ڀڳ ممتاز ڀٽو جي بنگلي تي وڃي ريڊ ڪبو ته خو نريزي جو خطرو ٿي سگھي ٿو، باقي صبح پنج وڳي جي قريب ماڻھو نماز لاءِ اٿن ٿا ۽ ٿورو سوجھرو به ٿي ويندو ته ڳوٺاڻن کي پڪ ٿيندي ته پوليس آهي خير ٿي ويندو.
ڪمشنر صاحب کي چيو ته اڄ رات ڇو؟ جڏهن ته جي ايم سيد صاحب ته هفتي کان لاڙڪاڻو ۾ مختلف علائقن ۾ پنھنجي هم خيال دوستن سان مليو ۽ صبح جو سوير هو شڪارپور ناشتي جي ماني لاءِ مولا بخش سومرو صاحب وٽ وڃڻا آهن ۽ ٻيو منھنجي ضلعي اهڙي قسم جي ڪابه اهڙي گڙ ٻڙ ڪانه ڪئي اٿن، تنھن ڪري مونکي نٿو جڳائي ته مان اريسٽ ڪريان.
شڪارپور ۾ ان وقت ڊي سي لياقت آرائين هيو. بھرحال اسان اهو وارنٽ آف اريسٽ کڻي روانا ٿياسين لاڙڪاڻي. رستي ۾ مون غلام اصغر شيخ کي چيو ته ڀائو اريسٽ ٻي وڳي ڪونه ڪنداسين، باقي صبح پنجين وڳي لاڙڪاڻي کان روانا ٿينداسين، ڇھين وڳي جي قريب پنھنجي پوزيشن سنڀالي پوءِ وڃي ڳوٺاڻن کي ٻڌائينداسين ته ڊي سي ۽ ايس پي صاحبان آيا آهن ۽ اميد ته ڪنھن به قسم جي گڙٻڙ ڪانه ٿيندي. خير سکر شھر ڇڏڻ کان ٿورو بعد وائرليس تي پوليس کي ڊي سي هائوس تي گھرايوسين. تقريب ٻارهين ساڍا ٻارهين وڳي رات جو لاڙڪاڻي اچي پھتاسين. فورس کي هدايتون ڏنيوسين ته صبح سوير پنجين وڳي هتان رتيديرو روانا ٿينداسين.
مون هوم سيڪريٽري مرحوم عبدالله ميمڻ صاحب کي فون ڪئي ته سائين ٻه وڳي رات واري جاءِ تي صبح جا پنج وڳي صحيح ٿيندو. مون فون ڪيو ته ميمڻ صاحب انتظار ۾ ويٺو هيو ته رپورٽ ملي ته وڃي ننڊ ڪري. عبدالله ميمڻ صاحب هڪ هردلعزيز ۽ ۽ شفيق انسان هيو، الله تعاليٰ جنت الفردوس عطا ڪريس. مون عرض ڪيو ته سائين رات جي ٻِين وڳي غلط ٽائيم آهي، باقي صبح سوير عمل ٿي ويندو. مرحوم اهڙي ته ڇنڊ پٽي جو منھنجا ڪن به ڳاڙها ٿي ويا. بس پوءِ ته مون حاظر سائين جي رٽ لائي ڏني، جڏهن فون ختم ٿيو ته مون ايس پي کي چيو ته نڪرنداسين صبح پنج وڳي، هاڻي ڪجھه تون به آرام ڪر ته ڪجھه مان به اک مان دونھون ڪڍان. اڃان ڪلاڪ کن ننڊ مس ڪئي ته پي اي اٿاريو ته ڪمشنر صاحب آفيس ۾ اچي پھتو آهي. هوم سيڪريٽري منھنجي ڳالھائڻ کان پوءِ ڪمشنر کي فون ڪري لاڙڪاڻي روانو ڪيو. مان ڪچي ننڊ مان اٿي اکيون مھٽيندو سڌو گھر واري آفيس ويس ته ڪمشنر صاحب ويٺو هيو. مان وڃي مليم پوءِ ڪمشنر صاحب چيو ته ڇا تياري آهي؟ مون ڪمشنر صاحب کي ٻڌايو ته سائين اسان پنھنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري ڇڏيو آهي ۽ صبح جو پنج وڳي اسين هتان فورس کڻي نڪرنداسين ۽ جنھن وقت اسين ممتاز ڀٽو صاحب جي بنگلي تي پھچنداسين، تيستائين صبح جي ٻانگ جو وقت هوندو ۽ ماڻھو به سجاڳ ٿي نڪرندا ۽ پنھنجي جڏهن انھن ڳوٺاڻن سان سڃاڻپ ٿيندي ته ڪنھن به قسم جو خون خرابو يا فائرنگ وغيرهه نه ٿيندي. ٻيو ته ممتاز ڀٽو صاحب پاڻ هتي ڪونه آهي، بلڪه ڪراچي ويل آهي. تنھن ڪري مناسب ناهي ته اويلي وقت وڃي ريڊ ڪريون.
ڪمشنر صاحب کي جڏهن مون ٻڌايو ته سائين جي ايم سيد ممتاز ڀٽو جي بنگلي ۾ رهيل آهن ۽ ڀٽو صاحب پاڻ هتي ڪونھي. وڌيڪ مون کيس ٻڌايو ته ٻه هفتا اڳ مان ممتاز ڀٽو صاحب سان ملاقات سندس بنگلي تي ڪئي هئي، 1977ع جي مارشلا وقت ممتاز ڀٽو صاحب جي بنگلي تي آرمي ريڊ ڪيو هيو، جنھن دوران ڪجھه گوليون هليون هيون ۽ بنگلي تي انھن گولين جا نشان اڃان تائين لڳل آهن ۽ ملاقات دوران مون کي چيائين ته انھن گولين جي نشانن کي ايئن ئي رهڻ ڏيندس. تنھن ڪري ايئن ممڪن آهي اسان ٻين وڳي اتي وڃون ۽ بي خبرائي ۾ ٻنھي طرفن کان گولي به هلي سگھي ٿي. بھتر ايئن ٿيندو ته صبح پنجين وڳي نڪري هلون. ڪمشنر صاحب به انھي ڳالھه تي متفق ٿيو.
صبح سوير پنجين وڳي ڪمشنر صاحب، مان ۽ ايس پي فورس سميت روانه ٿياسين. جڏهن اتي پھتاسين ته فجر جي ٻانگ اچڻ شروع ٿي وئي ۽ ڳوٺاڻا به گھرن کان ٻاهر نماز لاءِ نڪتا پئي ته ممتاز ڀٽو صاحب جي بنگلي جي مين گيٽ جي ڀرسان اچي پھتاسين. بنگلي تي جي ايم سيد جي دستي مان آيل ڪجھه هٿياربند به ساڻ هيس جيڪي صرف اتي رات ڏينھن پھري لاءِ هيا. هڪ ڳوٺاڻي کي موڪليوسين جنھن وڃي پھري تي بيٺل ٻن ڪارڪنن کي ٻڌايو ڊي سي صاحب آيو آهي. اهي ٻئي ٻاهر نڪري آيا ۽ اچي اسان سان مليا. تعارف ٿيو ۽ مون کين ٻڌايو سائين جي ايم سيد سان ملڻو آهي. اهي دوست ويا ۽ سيد سڳوري کي ٻڌايائون ته ڊي سي صاحب آيو آهي.
سيد سونھاري چين ته ڊي سي صاحب کي وٺي اچو. ڪمشنر، مان ۽ ايس پي اندر وياسين. جي ايم سيد اسانجي پھچڻ تي چيو ته توهان ليٽ آيا آهيو، توهانکي ته اڌ رات ۾ اچڻو هيو. مون چيو ته سائين اسان توهانجي آرام جو خيال ڪيو. وري چيائين ڀلا مان شيوو وغيره ڪري وٺان ته پوءِ هلان ٿو. پڇيائين ته وارنٽ آندا اٿو؟ مون فائيل اڳتي ڪري ڏنو. وارنٽ ڏي ڏسي چيائين ڊي سي صاحب چئبو ته هي وارنٽ به توکي مٿان مليا آهن. وري چيائين جيڪڏهن تنھنجي آفيس مان نڪتل هجن ها ڊي ايم جي سيل لڳل هجي ها. سائين جي ايم سيد شيو ڪري بس ڪئي ته چيائين ته اجازت ڏيو ته مان ناشتو به ڪيان، بلڪل ناشتو وغيره ڪيو. ناشتي ڪرڻ کان پوءِ چيائين ته مون سان گڏ ٽي چار ڄڻا ڏيندا ته مون سان گڏ هجن. ڪوئي مسئلو ناهي، توهان جيڪي ٽي چار رکڻ چاهيو ٿا اهي توهان سان گڏ هوندا. سائين حفيظ قريشي ۽ ٻه ٻيا انھن کي سڏ ڪري چيو ته ابا اٿو هلو ۽ ٻين سڀني کي سختيءَ سان منع ڪيائين ته ڪنھن به قسم جو شور شرابو نه ٿئي.
ڊي سي جي گاڏيءَ ۾ سائين جي ايم سيد کي ويھاريو ۽ گڏ حفيظ قريشي پوئين سيٽ تي ويٺا، مون پاڻ گاڏي هلائڻ لاءِ اسٽيئرنگ پڪڙيو، اڳئين سيٽ تي ايس پي ويٺو زماني جون ڳالھيون ڪندا اچي لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ جيل تي پھتاسين ۽ مٿي رپورٽ موڪلي، پر اهو ان وقت ڪنھن نه پڇيو ته ٻين بجي ڇو ڪين ۽ دير ڇو ڪئي؟
ڪمشنر صاحب مٿي رپورٽ ڏني ۽ هوم سيڪريٽري کي ٻڌايو ته ڊي سي بھترين نموني ڪم سرانجام ڏنو.

سائين جي ايم سيد سان سفر دوران ڪچهري

جڏهن سائين جي ايم سيد، حفيظ قريشي، مان ۽ غلام اصغر شيخ صاحب گڏ ممتاز ڀٽي جي بنگلي مان نڪتاسين ته رستي ۾ شيخ صاحب سيد سڳوري کان هڪ سوال ڪيو ته اهو عام تاثر آهي ته توهان پنجابين جي خلاف آهيو. ڇا صحي ڳالهه آهي؟ جواب ۾ جي ايم سيد وراڻيو ته اهو بلڪل غلط آهي ته مان ڪو پنجابين جي خلاف آهيان. مان صرف سامراجي قوتن جي خلاف آهيان، جن ننڍن صوبن جو استحصال ڪيو آهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان استحصالي ٽولي جي سربراهي ڪندڙ پنجابين جو هڪ طبقو آهي.
اردو پريس شروع کان وٺي منھنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پنھنجي مقصد لاءِ استمال ڪيو. جيئن ته سنڌي پريس ايتري مضبوط ڪانه هئي جو انھيءَ جي مقابلي ۾ پنھنجو موقف ڏئي. جيئن ته اردو پريس جي پھچ پوري پاڪستان تائين هئي ۽ سنڌي پريس جي صرف سنڌ تائين محدود هئي، جنھن ڪري اردو پريس منھنجي لاءِ اهڙو نقشو ٺاهي تيار ڪيو، جيئن منھن جو نالو کڄي ڄڻ ته پاڪستان کي گار ڏني. ۽ اهو دنيا جو دستور آهي ته جڏهن به ڪو ڪوڙ بار بار ٻڌايو وڃي ۽ ان جو ڪوئي جواب عوام تائين نه پھچي ته ڪوڙ هڪ طاقتور ۽ مضبوط هٿيار ٿي ويندو آهي. پنجاب جي عوام کي اردو پريس اهڙيءَ نموني منھنجي بيانن کي استعمال ڪيو، ڄڻ ته مان پاڪستان کي ختم ڪرڻ ٿو چاهيان. اهڙيءَ طرح هر ماڻھو کي ايئن ڏسيو ۽ ٻڌايو ويو ته سنڌي سڀ پاڪستان جا مخالف آهن ۽ انھن جو صرف مان هڪ اڪيلو ليڊر آهيان، جيڪو حقيقتن جي مڪمل برعڪس آهي. غلطيون مون کان به ٿيون، جن جي ڪري سنڌ اڄ عذاب ۾ آهي.
وڌيڪ چيائين ته پنجاب پنھنجي مرڪزيت ڪونه ڇڏيندو. جھڙيءَ طرح اوڀر پاڪستان کي مجبور ڪيو ته هو ڀڄي جان ڇڏائي. اوڀر پاڪستان کي پنجاب هميشه پاڻ تي ٽوٽ سمجھندو هيو، تنھن ڪري ان کي ديوار سان لڳائي ڇڏيائين. جنھن وقت سمجھيائين ته وقت اچي ويو ته موقعي جي مناسبت سان ڀٽي صاحب کي استعمال ڪري پنھنجي اصل نمائندن جي معرفت تختدار تي پھچائي بعد ۾ پنھنجي ڀٽي مان جان آزاد ڪرائي ڇڏي. پنجاب پنھنجي مقصد مطابق ايئن ٺھرائي سڄي ملڪ تي حاڪميت وارو سلسلو جاري رکيو. پنجاب 1973 ع واري ايئن کي اهڙيءَ طرح ٺھرائي پاس ڪيو، جو سنڌ جي قدرتي وسيلن تي ايئن مطابق ٺيڪيدار بڻجي ويٺو آهي.
پنجاب ڪڏهن به نه چاهيندو ته ننڍا صوبا پنھنجو حق وٺن. جيڪڏهن ڪوئي به فرد يا پارٽي پاڪستان ۾ رهندي پنھنجي حق جي ڳالھه ڪندو ته انھي کي ڪچلڻ خاطر ڪيترائي طريقا استعمال ڪندا. اهوئي طريقو سامراجي قوتون استعمال ڪنديون آهن ته جيئن ڪوئي محڪوم سندن غلاميءَ کان ٻاهر نه نڪري وڃي.
مون سائين کان پڇيو ته آخرڪار انهي جو حل ڇا هئڻ گھرجي؟ چيائين ته انھي جو سڄو دارو مدار پنجاب جي رويي تي آهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پنجاب پنھنجي فوج جي طاقت تي صرف پنھنجي ڳالھه مڃرائي ٿو، باقي ننڍن ڀائرن سان پنجاب جو ڏاڍائي وارو سلوڪ آهي جيڪو ملڪ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو.
جڏهن اسان پڇيس ته سائين پوءِ توهان جنرل ضياءَ سان ته دوستاڻي واري ماحول ۾ ميل جول رکي؟ چيائين ته هو هڪ شريف ۽ بيوقوف انسان آهي. زماني آهر جيڪو گھر اچي تنھن کي عزت ڏبي آهي.
جڏهن اسان پڇيس ته سائين توهانجي شاگرد تنظيم ۾ ڪجھه ڌاڙيلن سان گڏ ساٿاري به آهن توهان انھن کي ڇونه ٿا روڪيو؟ چيائين ته اهي به انسان آهن، نانگ ناهن جو مٽي کائي گذارو ڪن. مون سائين جي ايم سيد کان پڇيو ته ڇا جي ڪري توهان کي لاڙڪاڻي مان وڃڻ وقت گرفتار ڪرايو ويو؟ جڏهن ته ناشتي کان پوءِ توهان کي شڪارپور ۾ حاجي مولا بخش سومرو وٽ مانجھاندي لاءِ وڃڻو هيو ۽ توهان پنج ڇھه ڏينھن لاڙڪاڻي ضلعي جي سڀني تعلقن جو چڪر به هنيو ۽ اسان توهان جي دوري ۾ ڪنھن به قسم جي رنڊڪ پيدا ڪانه ڪئي. جتي توهان چاهيو اتي ويا ۽ امن امان برقرار رهيو.
چيائين ته اڄ وزير اعظم ڪٿي آهي؟ مون وراڻيو ته ملڪ کان ٻاهر دوري تي ويل آهي ۽ اڄ شام تائين واپس پاڪستان موٽي ايندو. چيائين ته بس اهو سبب آهي اڄ گرفتار ڪرڻ جو. مون چيو ته سائين جوڻيجو صاحب جو ان ڳالھه سان ڪيئن واسطو ٿيو؟ چيائين ته تون ٻار آهين ڪونه سمجھندين. مون وراڻي چيو ته توهان بلڪل صحيح ٿا چئو. چيائين ته بابا مولا بخش سومرو کي مون فون ڪري چيو ته مان تو وٽ ايندس، سومرو صاحب ها ڪئي ۽ مانجهاندي لاءِ به چيائين ۽ مون قبول ڪيو. سومرو صاحب شايد نه پيو چاهي ته مان انجو مھمان ٿيان تنھن ڪري جنرل صاحب کي چئي مون کي شڪارپور اچڻ نه ڏنائين. جيئن ته وزير اعظم اڄ شام پاڪستان پھچي پيو، تنھنڪري جوڻيجو صاحب منھنجي گرفتاري لاءِ آماده ڪونه ٿئي ها. ٻيو ته شڪارپور ۾ ڊي سي پنجابي آهي، جيڪڏهن شڪارپور پھچڻ تي گرفتار ڪن ها ته انھن جي خيال ۾ ته پنجاب لاءِ سنڌ ۾ نفرت وڌي وڃي ها، تنھن ڪري تنھنجي ڪلھي کي استعمال ڪيو ويو. چيائين ته مونکي رات جو نائين وڳي خبر پئجي وئي هئي تنھنڪري تنھنجي اچڻ کان اڳ مان تيار ويٺو هيس.
جڏهن لاڙڪاڻي شھر جي ويجھو ٿياسين ته مون هوم ڊپارٽمينٽ سان رابطو ڪيو ته هاڻي ڇا حڪم آهي سائين کي سن پھچائڻو آهي يا ڪراچي؟ حڪم آيو ته في الحال ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻو ۾ رکو پوءِ وڌيڪ ٻڌائينداسين. ڊسٽرڪٽ جيل اڃان نئون ٺھي تيار ٿيو هيو ۽ جيل کاتي وارن قبضو ورتو هيو باقي جيڪي ٻيا انتظام ڪرڻا هوندا آهن جيئن ته اسٽاف جي پوسٽنگ وغيره يعني اڃان فنڪشنل ڪونه ٿيو هيو. جيل ۾ ٻه ڪمرا صاف ڪرائي رهڻ لائق بڻائي واپس موٺي گھر آياسين. پوليس جي نفري اتي رکي ڇڏي ته جيئن ڪير ٻيو اتي نه اچي سگھي.
فوڪر جھاز پي آءِ اي جو موئن جي دڙو ايئرپورٽ ايندو هيو ۽ پي آءِ اي لاڙڪاڻو بُڪنگ وارا هميشه ٻه سيٽون ڊي سي صاحب لاءِ رکندا هيا. جيڪڏهن ضلعي مان ڪنھن آفيسر کي ڪراچي تڪڙ ۾ وڃڻو هوندو هيو ته اهي سيٽون انھي لاءِ ڪم اينديون هيون. پي آءِ اي جو بُڪنگ اسٽاف آخر ۾ جڏهن بُڪنگ بند ڪندو هيو ته پڇندو هيو ته سائين ڪو ماڻھو وڃڻ وارو آهي يا اسان ڪنھن ٻئي کي ڏئي ڇڏيون. ان ڏينھن به آخر وقت تائين ضلعي مان ڪنھن کي وڃڻو ڪونه هيو ۽ اسان پي آءِ اي وارن کي چئي ڇڏيو ته توهان ڀلي ٻئي سيٽون ڏئي ڇڏيو.
1987ع ۾ موئن جي دڙو ايئرپورٽ تي نائيٽ لينڊنگ جي ڪابه سھولت ڪانه هئي مطلب ته سج بيٺھي جھاز اڏام ڪري ته ٺيڪ نه ته رات جھاز کي ايئرپورٽ تي گذارڻي پوندي. ڊسمبر جي آخر ۾ سج به تقريباً پوڻي ڇھين وڳي شام جو لھي ويندو آهي. جڏهن جھاز ايئرپورٽ تي پھچي ويو ۽ بورڊنگ جي تياري شروع ٿي وئي هئي ته هوم سيڪريٽري جو فون آيو ته جمن هن فلائيٽ ۾ سائين جي ايم سيد کي ڪراچي چاڙهي موڪليو. مون عرض ڪيو ته سائين جھاز ته هينئر اڏام لاءِ تيار بيٺو آهي، مشڪل ڪم آهي چيائين ته اهو تنھنجي مٿي جو سور آهي، سيد سڳورو انھيءَ فلائيٽ ۾ ڪراچي کپي. مون فون رکي ڊي ايس پي سومرو ڏوڪري کي فون ڪيو، اتفاق سان اهو اتي ايس پي وٽ ويٺو هيو مون انکي هڪدم پنھنجي آفيس پھچڻ لاءِ چيو ۽ ايس پي صاحب کي ٻڌايم ته ابا هي نادري حڪم آيو آهي تياري ڪر.
ڊي ايس پي عنايت سومرو آيو مون کيس چيو ته ايئرپورٽ تي ايس ايڇ او کي سپاهي ساڻ روانو ڪر چيائين ته ايس ايڇ او ته وڃي پر اتي وڃي ڇا ڪري ايئرپورٽ وارن جي سيڪيورٽي جو نظام پنھنجو هوندو آهي. مون ڊي ايس پي کي چيو ته گڏيل هندستان ۾ انگريز ڊي سي دادو ريلوي اسٽيشن تي وائسراءِ هند جي گاڏي روڪي هئي جيڪا سڄي رات اتي بيٺي رهي. اڄ ڊي سي لاڙڪاڻو جھاز کي ايئرپورٽ تي روڪي رکندو، جيستائين پي آءِ اي وارا نو سيٺون نه ڏيندا. چيائين ته پوءِ ڪيئن ٿيندو مون چيو ته باڊھ، ڏوڪري ۽ باقراڻي ٿاڻي جي پوليس کي ايئرپورٽ روانو ڪر ۽ ايئرپورٽ جنھن ٿاڻي جي حد ۾ آهي انھي کي چئو ته نوٽيس ڊسٽرڪٽ ميجسٽريٽ جي طرفان لکي جنھن ۾ اهو چيل هجي ته مخفي اطلاع مليو آهي ته جيڪڏهن ايئرپورٽ تان جھاز اڏام ڪندو ته جھاز کي نقصان پھچندو. جيستائين اسين سڄي علائقي جي سرچ مڪمل نه ڪيون تيستائين جھاز هتان ڪونه وڃي سگھندو. جيڪڏهن پي آءِ اي جھاز کي اڏاريندي ته اها انھن جي پنھنجي جوابداري هوندي اسانجو انھي سان ڪوبه واسطو ڪونه هوندو.
پي آءِ اي وارن کي فون ڪياسين ته ڀائو قرب ڪيو اسان کي نَوَ سيٺون ڏيو جو ايمرجنسي آهي. هڪ به ڪانه ٻڌن چيائون ته جيڪڏهن سي آر معني سينٽرل رزرويشن چاهي ته ٿي سگھندو، باقي اسان جي هٿ ۾ بلڪل ناهي. بورڊنگ پاس جاري ٿيڻ شروع ٿي ويا، ايتري دير ۾ ٽنھي ٿاڻن جي پوليس پھچي وئي، ايئرپورٽ مينيجر کي نوٽيس ڏئي ڊائري ٿي ويو پوليس سڌو جھاز جي چوڌاري پھچي باقي رن وي جي آس پاس جھڙتيون هڻڻ شروع ڪيون. بورڊنگ پاس ڏيڻ وارو عمل معطل ٿي ويو. جڏهن ايئرپورٽ مينيجر پي آءِ اي هيڊڪوارٽر ۾ رپورٽ مٿي موڪلي ڏني ته اتي هلچل شروع ٿي وئي. ٿوري دير کان پوءِ پي آءِ اي هيڊ آفيس مان فون جون گھنٽون وڄڻ شروع ٿي ويون، انھن کي اهو اندازو ٿي چڪو هيو ته سيٽون نه ڏيڻ جي سبب اها ڪاروائي ٿي آهي. پي آءِ اي وارن چيو ته سائين ڇھه سيٽون ڏيون ٿا مھرباني ڪري، ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ته سج بيٺي جھاز پرواز ڪري مون کين چيو ته نو سيٽون ڪري ڏيو آخرڪار اٺ سيٽون پي آءِ اي ڏيڻ تي راضي ٿي ويا. ايس پي صاحب ايئرپورٽ تي پھچائڻ لاءِ سيڪيورٽي جو انتظام ڪيو ۽ سائين جي ايم سيد کي ڊسٽرڪٽ جيل مان گاڏي تي چاڙهي روانو ڪيوسين. سائين جي ايم سيد جي پھچڻ کان پوءِ پوليس رپورٽ موڪلي ته پوري ايئرپورٽ ۽ ڀرپاسي جي مڪمل تلاشي ڪئي وئي آهي هوائي جھاز ڀلي پنھنجي اڏام ڪري سگھي ٿو. انھي رپورٽ جي آڌار تي سيڪيورٽي ڪليئرنس جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري سج بيٺي فوڪر جھاز پرواز ڪري ڪراچي ڏانھن روانو ٿي ويو.

لاڙڪاڻي شهر ۾ ناجائز تجاوزات جو خاتمو

1987ع نومبر مهيني جي 15 تاريخ تي مون لاڙڪاڻي جي چارج ورتي ته سڀ کان پھريون ٻن ڳالھين جو مشاهدو ٿيو، شھر ۽ روڊ تي لڳل اسپيڊ بريڪر گھٽ پر ڪار بريڪر گھڻا، ڪٿي ته ڳاٽي ڀڄڻ وارا بريڪر هر محلي يا وڏي روڊ تي لڳل هئا، ٻن گھرن وارن به پنھنجي مرضي سان پڪي سرون کڻي ٿورو سيمنٽ ڪنھن جو کڻي ٺاهي ڇڏيا. جنھن جي ڪري هڪ ته اچڻ وڃڻ وارن کي تڪليفده سفر کي منھن ڏيڻو پوندو هيو، ٻيو جيڪڏهن ڪنھن سيريس مريض کي ڪا سواري کڻي گذرندي هئي ته انکي سخت تڪليف پھچندي هئي.
شھر ۾ گھر جي آڏو ڏيڍي ڏئي رستي کي سوڙهو ڪرڻ يا دڪيون ڏئي رستي کي تنگ ڪرڻ ۽ ڪٿي وري گندي نالي جي مٿان ڪاڪوس خانه ٺاهي رستي جي ايندڙ ويندڙ لاءِ بدبوء سان گڏ گھٽي کي سوڙهو ڪرڻ، جيڪڏهن مين روڊ گذري ٿو ته انھيءَ جي ٻنھي پاسن کان جيڪڏهن هوٽل وارو آهي ته ڇنڪار ڪري شام جو ڪرسيون ٽيبلون هڻي حد جي پوليس ۽ ميونسپل جي اسٽاف سان ملي آهستي آهستي ٿورو ٿورو وقت گذرڻ سان پڪو اسٽرڪچر تعمير ڪري شاهي رستي کي سوڙهي گلي ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. لاڙڪاڻو به انھيءَ موذي مرض جو بيمار هيو.
انھيءَ وقت رتوديرو، لاڙڪاڻو شھر، نصيرآباد وٽ خاص ڪري مين روڊ هڪ گلي جھڙي صورتحال ۾ هيو. قمبر شھر مان شھداد ڪوٽ ڏانھن ويندڙ رستي جو برو حال هيو. مون پھرئين هفتي ۾ انھن مٿي ذڪر ڪيل براين جو صفايو ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو تقريباً ٻن هفتن اندر سموري ضلعي مان اهي سڀ حددخليون هٽائي ڇڏيون.
1987ع ڊسمبر ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ هائوس جاب ڊاڪٽرن هڙتال ڪئي هئي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن به بک هڙتال ڪئي هئي ته اسان کي پھرين سال جي ايناٽامي پيپر ۾ ڪاپي ڪرڻ ڏني وڃي ۽ انھن جي سپورٽ ۾ ٻين ڪاليجن جا شاگرد به انھن جي مدد ۾ آيا، خاص ڪري ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، جيڪو ميڊيڪل ڪاليج سان ڀت سان ڀت مليل آهي. انھي بک هڙتال تي ويٺل سڀني کي پھريون پيار سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پوءِ سختي ڪئي ته جلد بک هڙتال ختم ڪري ويا.
جڏهن ته هائوس جاب ڊاڪٽر ايڪشن ڪاميٽي جنھن جي سربراهي گھڻو ڪري برڪت الله شاهه ڪري رهيو هيو، جنھن کي سياسي پٺڀرائي هئي، تنھن ڪري پرنسپال ڊاڪٽر اڪبر سومرو ڏاڍو بيزار هيو. پروفيسر اهو به اکين جو ڊاڪٽر انتظام رکڻ جو ڀڙ هيو پر برڪت الله شاهه کان ڏاڍو تنگ هيو، مون وٽ آيو ۽ سڄي حقيقت بيان ڪيائين. پوري ڳالھه ٻڌي پوءِ مان ميڊيڪل ڪاليج ويس ڏٺو ته ڊگري ڪاليج ۽ ميڊيڪل ڪاليج کي جدا ڪرڻ واري ديوار هنڌان هنڌان ڀڳل هئي، جنھن ڪري جڏهن به ڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿوري شاگردن ۾ اڻبڻت ٿيندي هئي ته ڊگري ڪاليج جا شاگرد اتي وڃي معاملي کي وڌيڪ خراب ڪندا هيا.
آفيس موٽي اچي بلڊنگ جي انجنيئر کي گھرائي بجيٽ جو پڇيو جنھن ٻڌايو ته رپيئر جي مد ۾ فنڊز آهن، مون چيو ته سڀ کان پھريان ته ڊگري ڪاليج جي ديوار کي هنگامي بنيادن تي رپيئر ڪر ۽ ٻه فوٽ وڌيڪ مٿي ڪر، جو ماڻھو ٻئي پاسي ڪنھن به صورت ۾ وڃي نه سگھي. خير سان ٿوري عرصي ۾ ديوار جو ڪم مڪمل ٿي ويو. انھي کان پوءِ مون پرنسپال صاحب کي پاڻ وٽ اچڻ لاءِ چيو، تيستائين هائوس جاب جي ڊاڪٽرن ڏاڍو تنگ ڪيو هيو پرنسپال صاحب کي. پرنسپال صاحب پورو قصو ٻڌايو. مون ڊاڪٽر اڪبر سومرو صاحب کي چيو ته مان هڪ شرط تي اهو معاملو حل ڪندس، جيڪڏهن سڀاڻي وري برڪت الله شاه جي سفارش لاءِ نه ايندين. سومرو صاحب چيو ته سائين مان ايترو بيزار آهيان جو اڄ معاملو حل ٿئي سڀاڻي ٻيو ڏينھن نه ٿئي. مان وري ڪيئن هن جي سفارش لاءِ ايندس. مون چيو ته ٺيڪ هاڻي توهان وڃي آرام ڪيو، مان معاملي کي ڏسان ٿو. مون پوليس کي گھرائي چيو ته برڪت الله شاهه کي اريسٽ ڪري ڪنھن پري واري ٿاڻي تي عزت سان رکو ڪنھن به قسم جي بدتميزي ٿيڻ نه ڏجو. ليڪن ڪنھن به طرح سان ملاقات ٿيڻ ناهي ڏيڻي. ٻن ڏينھن کان پوءِ مان وڌيڪ ٻڌائيندس ته ڇا ڪرڻو آهي. شاهه صاحب کي ڊرگهه ٿاڻي ڏانھن کڻي وڃڻ لاءِ چئي ڇڏيو.
جڏهن برڪت الله شاهه کي پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ وئي، شاهه ڪنھن به قسم جي مزاحمت ڪانه ڪئي پر اتي هائوس جاب ڊاڪٽرن کي چيو ته توهان گھٻرايو نه مان جلدي موٽي ٿو اچان ۽ جيڪي بوسڪي جا ڪپڙا پاتل آهن انھن جي استري به خراب ڪانه ٿيندي. مان اوھان وٽ هوندس. برڪت الله شاهه کي سياسي طاقت تي گھڻو گھمنڊ هيو. جيئن پوليس شاهه کي گرفتار ڪري کڻي وئي ته اڌ ڪلاڪ کان پوءِ پھريون فون وفاقي وزير مرحوم مير هزار خان بجاراڻي صاحب جو آيو ته ڀاءُ شاهه صاحب جي پارت هجيو. مون مير صاحب کي پوري ڳالھه ٻڌائي. مير صاحب هڪ ٿڌي طبيعت جو مالڪ ۽ شفيق انسان هيو. ڳالھه کي سمجھي ويو چيائين ته بس مڙئي هلڪو هٿ رکجوس. ٿوري دير کان پوءِ مملڪتي وزير اسلام الدين شيخ جو فون آيو ۽ چيائين ته سائين شاهه صاحب کي توهان ناحق بند ڪيو آهي ۽ شاهه صاحب جا عزير ۽ مائٽ مون وٽ ويٺا آهن. شيخ صاحب وڌيڪ چيو ته توهان کي خبر هوندي ته منھنجو ڀاءُ ميئر سکر جو اميدوار آهي ۽ شاهه صاحبن جا چار پنج ڪوئونسلرن جا ووٽ آهن. تنھن ڪري مھرباني ڪري اڄ ئي کيس آزاد ڪيو. مون شيخ صاحب کي چيو ته توهان ٿوري دير ڪئي آهي، جيڪڏهن ٿورو اڳ ۾ چئو ها ته بھتر هيو، ڇو ته هينئر اسان برڪت شاهه جي والد ۽ ڀاءُ جا به وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ ته هنن ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ وقت گارنٽي ڏني هئي ته اسان جو ڇوڪرو ڪنھن به قسم جي اهڙي ايڪٽوٽي ڪونه ڪندو جنھن جي ڪري تعليمي اداري ۾ امن امان جي صورتحال پيدا ٿئي. جيئن ته هن اسپتال ۽ ڪاليج جي ماحول کي خراب ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري پيو، تنھن ڪري برڪت الله جي والد ۽ ڀاءُ جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، پوليس پارٽي انھن کي اريسٽ ڪرڻ لاءِ رواني ٿي چڪي آهي.
اسلام الدين شيخ چيو ته ڊي سي صاحب برڪت الله کي کڏ ۾ وجھه، بس قرب ڪر اهي وارنٽ ۽ پوليس پارٽي کي روڪيو ته جيئن هو انھن کي اريسٽ ڪرڻ نه اچن، ٻن ڏينھن کان پوءِ ميئر جي اليڪشن آهي. مون ورائي چيو ته مان ڪوشش ڪيان ٿو، جيڪڏهن پوليس پارٽي نڪتي ناهي ته مان توهانجي ڪري ان کي اليڪشن تائين روڪيان ٿو. تقريباً اڌ ڪلاڪ کان پوءِ وري اسلام الدين شيخ جو فون آيو ته سائين برڪت الله جا مائٽ پريشان ويٺا آهن ۽ چون ٿا ته مھرباني ڪري پوليس اسان جي گھرن تي نه اچي، باقي برڪت الله کي قانون مطابق ۽ جيترو ٿي سگھي ته هٿ هلڪو رکندا ته جيئن شاهه صاحب جو مستقبل خراب نه ٿئي. مون شيخ صاحب کي ٻڌايو ته پوليس پارٽي نڪتل آهي، اميد ته ٿوري دير انھن تائين منھنجو پيغام ملي ويندو ۽ پوليس پارٽي واپس اچي ويندي.
ٿوري دير کان پوءِ پرنسپال اڪبر سومرو صاحب آيو ۽ چيائين ته سائين هائوس جاب وارا ڊاڪٽر اسٽرائيڪ به ختم ٿا ڪن ۽ پنھنجي ڊيوٽي تي ويندا، هاڻي مھرباني ڪري شاهه صاحب کي آزاد ڪيو. مون پرنسپال کي پنھنجو واعدو ياد ڏياريو ته توهان ته واعدو ڪيو هيو ته مان وچ ۾ نه ايندس. چيائين ته سائين هو زور ڏئي بيٺا آهن ۽ مون ڏانھن هلي آيا آهن ته اسان بس ڪئي. وڌيڪ سومرو صاحب چيو ته ٻيا دوست وغيره به ڪافي سفارشون کڻي اچي پھتا آهن. بس هاڻي مھرباني ڪيو.
ٻه ڏينھن شاهه صاحب ڊرگھه ٿاڻي تي هيو، اتان مون واره ٿاڻي جي حوالي ڪيو ته صرف ملاقات بند، باقي ٻي سڀ سھولت هجيس. ٻئي ڏينھن پرنسپال آيو چيائين ته سائين بس هاڻي برڪت الله موٽايو، مون چيو خير برڪت الله ايندو پر توهان کي لکت ۾ ڏئي ته اڳتي اهڙي قسم جي ڪابه حرڪت ڪونه ڪندو. شام جو برڪت الله جو لکيل معافي نامو ڊي سي جي نالي کڻي آيو. مون چيو ته نه اهو قابل قبول ناهي. معافي نامو پرنسپال جي نالي ايندو ته مان هينئر کيس آزاد ڪرائي ڏيان ٿو. صبح سوير پرنسپال صاحب برڪت الله جو هٿ لکيل پرنسپال جي نالي سان معافي نامو کڻي آيو.جنھن ۾ لکيل هيو ته مان برڪت الله شاهه چيئرمين ايڪشن ڪاميٽي ڊاڪٽر هائوس جاب پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان معافي ٿو وٺان ۽ اڳتي ڪنھن به قسم اهڙي ايڪٽوٽي ۾ حصو ڪونه وٺندس. مون پرنسپال صاحب کي چيو ته هي معافي نامو صحيح ناهي. چيائين ته پوءِ ڇا لکي ڏئي. مون چيو ته لکي ڏئي ته مان برڪت الله شاهه ڊاڪٽر هائوس جاب لکت ۾ معافي ٿو گھران سائين پرنسپال ڊاڪٽر اڪبر سومرو صاحب کان، باقي سڀ صحيح آهي. شام جو پرنسپال صاحب آيو چيائين ته سائين هي نئون معافي نامو چيائين ته سائين هاڻي ته منھنجا پير پٽي ڇڏيا اٿن، گيدوڙي واري گِگِ ٿي ويا آهن، اڳ هٿ ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونه هيا، هاڻي ته منھن جي بوٽ تي مٽي به ڪونه ٿا سھن. خير پوليس کي چيو ويو ته شاهه صاحب کي لاڙڪاڻو پھچايو. شاهه صاحب واپس پھچي سومرو صاحب وٽ اچي پھتو ۽ برڪت الله شاهه هڪ فرمانبردار هائوس جاب ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ ۽ انھي کان پوءِ وري لاڙڪاڻي جي ڪنھن به ڪاليج ۾ ڪوئي اڻوڻندڙ واقعو پيش ڪونه آيو.
اهي سڀ ڪم انتظامي لحاظ سان ڪرڻا پوندا آهن ته جيئن ڪنھن بدمعاش کي ايتري ڍر نه ملي، جو غريب ۽ مسڪين جي حالت زار ٿي وڃي. انتظامي حساب سان لچ ۽ بدمعاش کي جيترو سوڙهو ڪبو، اوترو علائقي ۾ امن ۽ امان بھتر رهندو. پاڻ وٽ چوڻي آهي ته: ”هيڻو حاڪم رعيت لاءِ وبال“.
الحمدلله منھنجي طبيعت ايتري ڪڏهن به سخت ناهي رهي، ليڪن انتظامي حساب سان ڪڏهن به ڏاڍي کي پنھنجي وس آهر ڪنھن غريب تي زيادتي ڪرڻ ڪونه ڏني.

ڌاڙيلن جي سرپرستي

1988ع وارو سال پوري سنڌ لاءِ امن و امان جي لحاظ کان خراب ترين سال هيو. ڌاڙيلن جون ڪاروايون عام و جام هيون، ڪوئي به پاڻ کي پنھنجي جاءِ تي محفوظ ڪونه پيو سمجھي. اهڙي حالتن ۾ پوليس فورس مفلوج ٿي چڪي هئي. گھڻو ڪري هر هڪ قبيلو پھنجي مدد پاڻ تحت پنھنجو دفاع پيو ڪري. لاڙڪاڻو ضلعو به ان باهه کان ٻاهر ڪونه هيو. گھڻن ڳوٺاڻن پنھنجا ڳوٺ ويران ڪري شھرن جو رخ ڪيو. سنڌ جي سماجي ۽ اقتصادي حالت ابتر کان ابتر ٿيندي وئي. زراعت تي تمام گھڻو برو اثر پيو. سنڌ جا ٻيلا تباهه ڪيا ويا. جنھن جي ڪري دريا جي سون واري ذرخيز زمين سنڌ جي وڏن زميدارن ۽ گادي نشينن جي قبضي هيٺ اچي وئي. زميندارن ۽ گادي نشينن جي قبضي ۾ ڪچي جي زمين اچڻ ڪري ڌاڙيلن کي پناهه گاهون ملنديون ويون. يعني اها حالت ٿي وئي هئي جو جيترو وڏو پاٿاريدار اوترو وڏو معتبر هيو. ڇوته جيڪڏهن ڪو اغوا ٿي ويندو هيو ته پوليس هميشه انھن وڏن معتبرن جي معرفت ڀُنگ ڏيڻ ۽ وٺڻ جو ڪم ڪندي اغوا ٿيل ماڻھو واپس موٽرائيندي هئي. انھن وڏن معتبرن جي رسائي وري ملڪ جي وڏن تائين هوندي هئي. جنھن ڪري انھن معتبرن ۾ ڪوئي هٿ ڪونه وجھندو هيو.
لاڙڪاڻي شھر ۾ عموماً رات جو سنجھي وقت بجلي ٿوري دير لاءِ غائب ٿيندي هئي ته هڪدم چار پنج وچ شھر ۾ ڦر جون وارداتون ٿي وينديون هيون. مون پنھنجا جيڪي به ذاتي دوست هيا ۽ سورس رپورٽن ذريعي معلوم ٿيو ته پير شھمير روڊ يا پير شير روڊ تي لاڙڪاڻو کان اوڀر طرف هڪ جتوئي صاحب آهي، جيڪو انھن وارداتن جو اڳواڻ آهي. نالو مونکي ياد نٿو اچي پر گھڻو ڪري نالي جي اڳيان پھريون لفظ غلام سان ايندو هيو. انھي جي ماڻھن جي واپڊا جي لائين مين سان سيٽنگ ٿيل هئي ته جيئن هي انھيءَ ڪاروائي لاءِ لاڙڪاڻو پھچن، تيئن اهي لائين مين يا لائين سپرنٽينڊنٽ شھر جي ان حصي مان اڌ مني ڪلاڪ لاءِ غائب ڪري ڇڏيندا هيا. جتوئي جا ماڻھو پنھنجي ڪاروائي لاءِ اڳ تيار ويٺا هوندا هيا، پنھنجي ڪاروائي ڪري نڪري ويندا هيا. اڪثر اهڙي قسم جي ڪاروائي انھي وقت ڪندا هيا جنھن وقت لا اينڊ انفورسمينٽ جا آفيسر انھن وٽ دعوت کائيندا هيا.
مان واپڊا جي انجنيئر کي گھرائي چيو ته جيڪڏهن رات جي وقت لاڙڪاڻو شھر مان بجلي غائب ٿي ۽ انھي دوران جيڪڏهن ڪوئي ڏوهه ٿيو ته مان سڌو تنھنجي خلاف نالي سان ايف آءِ آر داخل ڪندس. پھريان ته انجنيئر صاحب چيو ته لوڊشيڊنگ ۽ انجي مئنيجمينٽ اسان وٽ ناهي. مون سختيءَ سان چيو ته جيڪو به توکي ڪرڻو آهي اها لوڊشيڊنگ ڏينھن جو جيترو وقت ڪرين مونکي ڪوئي اعتراظ ناهي، باقي رات جي وقت نه ٿيڻ کپي.
هڪ شام جو قاضي منظور ۽ مان سرڪٽ هائوس تي بيڊمنٽن راند پئي کيڏي، بجلي غائب ٿي وئي، مون انھيءَ وقت ايس ڊي ايم ۽ ايس ايڇ او کي چيو ته واپڊا جي انجنيئر کي گرفتار ڪر ۽ ايف آء آر داخل ڪريس، ڇوته ٿوري دير ۾ ٻٽي ڦر جون وارداتون ٿيون ۽ رپورٽ ڪٽي وئي. انجنيئر واپڊا کي خبر پئجي وئي ٿوري دير ۾ ايس اي واپڊا جو فون آيو، چيائين ته سائين هي دفعو معافي ڏيو، باقي لاڙڪاڻو شھر ۾ رات جو ڪڏهن به لوڊشيڊنگ ڪونه ٿيندي اها منھنجي ذميواري . مون ايس اي واپڊا جو چوڻ مڃيو ۽ وارننگ ڏئي مون چيو خير آهي جيڪڏهن لاڙڪاڻي مان رات جو بجلي نه ويندي ته مان به اهڙو قدم ڪونه کڻندس. واقعي ايس اي واپڊا پنھنجو واعدو وفا ڪيو، جيستائين مان لاڙڪاڻي ۾ ڊي سي هيس، تيستائين رات جو بجلي ڪڏهن به لاڙڪاڻو مان غائب ڪونه ٿي سواءِ ڪو اهڙو مٿان فالٽ پيو هجي. يا وري ڪنھن فيڊر جي مرمت وغيره وارو معاملو نه هجي. اهڙي حالت ۾ اڳواٽ ٻڌائيندا هيا ته فلاڻي ٽائيم کان فلاڻي ٽائيم تائين بجلي بند هوندي.
مون ايس پي صاحب کي چيو ته ان جتوئي کي اندر ڪر، چيائين ته سائين مان پاڻ چاهيان ٿو پر توهان جي مدد کپي، مون چيو ته ڪوئي مسئلو ناهي، تون گرفتار ڪريس باقي منھنجو ڪم . جتوئي گرفتار ٿي ويو جيل ۾ موڪلي ڏنو. جتوئي جا واهرو اچي پھتا ته سائين هي ته اسانجو ماڻھو آهي ۽ اسان کي هن جي معرفت خبر ملندي آهي. هي اسانجو اعتماد وارو سورس آهي. مون چيو ته ماڻھو ته ڪوئي ڍنگ جو رکو، جنھن جو ڪردار سٺو هجي. چيائين ته ”لوہے کو لوہا ہی کاٹتا ہے“
شريف ماڻھو ڪنھن جي لاءِ ڪھڙي خبر ڏيندو. مون چيو منھنجي سورس مونکي ٻڌايو آهي ته هي شخص جڏهن شھر ۾ وارداتون ڪرائيندو آهي، عين انھي وقت توهان ۽ ڪجھه توهانجا دوست ان وقت جتوئي جا مھمان هوندا آهيو. مون چيو ته اهڙي قسم جا ماڻھو ڪنھن به رحم جوڳا ناهن، باقي ڪورٽ جو ڪم آهي جيڪو چاهي اهو ڪري مان مطمئن آهيان هن کي گرفتار ڪرڻ، باقي مان توهان جي ڪري هڪڙو ڪم ڪري سگھان ٿو جيڪڏهن توهان اهو لکي ڏيو ته هي شخص توهان جو اهم سورس آهي ته پوءِ ڪوئي مان انھي لاءِ رستو ڳولھي ڪڍان.
انھي کان پوءِ نه انھن لکي ڏنو، نڪو مون ڇڏيو. باقي ڪورٽ منھنجي وڃڻ کان پوءِ ڇا ڪيو انجي مونکي ڪابه خبر ناهي. جتوئي جي گرفتاري سبب شھر لاڙڪاڻو ۾ ڏوهن ۾ ڪافي فرق پيو.
سليم عباس جيلاني چيف سيڪريٽري هيو. لا اينڊ آرڊر جي ميٽنگ سڏائي، ڪراچي ۾ اسين سڀ وياسين گھڻو ڪري ان وقت ٻه ڌاڙيل گھڻو مشھور هيا نادر جسڪاڻي ۽ ٻيو گھڻو ڪري ڪو ڊيپراڻي هيو، يا ڪو ٻيو پر هيو چانڊيو جي ڪنھن پاڙي مان. چيف سيڪريٽري ٺيڪ ٺاڪ اسان جا ڪن مروڙي ڳاڙها ڪيا. اسان سڀ موٽي اچي ضلعي جي سڀني برادرين جي چڱن ۽ سردارن کي گھرائي چيو ته اسان کي هر حال ۾ امن امان قائم ڪرڻو آهي، تنھنڪري توهان به پنھنجو انھيءَ سلسلي ۾ رول ادا ڪيو. نواب سلطان احمد چانڊيو ان وقت ايم اين اي هيو، ٻيا باقي سڀ پنھنجي پنھنجي قبيلي جا چڱا مڙس هيا. نواب صاحب چيو ته اڄڪلھه جا لوفر هر برادري ۾ آهن ۽ اسان جي ٻڌن ڪونه ٿا. تنھن ڪري اسان بي وس آهيون. مون چيو ته نواب صاحب اها ڳالھه مڃڻ جھڙي ناهي ته توهانجا ماڻھو ۽ توهان جي ڳالھه نه مڃن. چيائين ته سائين جڏهن گڏه گابي جي چوري ڪندا هيا ته اسان کان ڊڄندا هيا، هينئر اهي لوفر اسان کان زور ٿي ويا آهن. مون ٿورو ڪجھه سختي واري انداز ۾ چيو ته نواب صاحب مان مڃيان ٿو ته ضلعي ۾ لوفر گھڻا آهن پر هڪ ڳالھه توهان سڀ ٻڌي ڇڏيو ته ضلعي ۾ چيف هڪڙو ٿي سگھي ٿو ۽ اهو چيف صرف ڊي سي هوندو آهي. جڏهن ڪوئي چيف کان مٿي ٻيو چيف ٿيو ته ضلعو ڪونه هلندو آهي. تنھن ڪري توهان پاڻ سمجھي سگھو ٿا. نواب سلطان احمد چانڊيو صاحب چيو ته سائين بس اسان کي ٻه ڏينھن ڏيو. مون چيو ته ٺيڪ آهي . نواب صاحب ميٽنگ کان پوءِ پنھنجي پٽ علينواز کي چيو ته مان ڊي سي صاحب جون اکيون ڏٺيون آهن، تون يا ته اهي همراهه پيش ڪراءِ يا وري ضلعي لاڙڪاڻي مان نڪري وڃ. علينواز چانڊيو صاحب انھي وقت دادو ضلعي جي حد ۾ پنھنجي زمينن ڏانهن هليو ويو ۽ نواب صاحب ڪراچي هليو ويو. ٻئي صاحبان تيستائين لاڙڪاڻو ڪونه آيا جيستائين منھنجي پوسٽنگ لاڙڪاڻو ۾ رهي. ليڪن ڏوهن ۾ ڪجھه گھٽتائي ضرور آئي.
وزيراعظم پاڪستان جوڻيجو صاحب پنھنجي دور ۾ ديھي ترقي خاطر پنج نڪاتي پروگرام شروع ڪيو هيو، جنھن کي پ پ پ به جاري رکيو، نالو مٽائي پيپلز پروگرام جي نالي سان، بھرحال انھي سان ٻھراڙي ۾ آمدورفت جون ڪافي سھولتون پيدا ٿيون.
جوڻيجو صاحب غريب ماڻھن کي زڪوات جي فنڊ مان هر زڪوات ڪائونسل ۾ ٻه ٻه گھر ٺھرائي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. انھي سڄي پروجيڪٽ جو ڪنسلٽنٽ نيسپاڪ هيو. نيسپاڪ ڪمپيوٽر تي خوبصورت ڊزائين جي ڊرائنگ ڪڍي وزيراعظم کي خوش ڪيو ۽ هر گھر جي قيمت رکي وئي پنجويھه هزار روپيه. تقريباً لاڙڪاڻي جي حصي تيرهن چوڏهن سو گھر آيا. بلڊنگ ڊپارٽمينٽ کي ضلعي ليول تي ڪم ڪرڻو هيو ۽ گڏوگڏ ڊي سي کي به چيو ويو ته انھن زڪوات جي گھرن ٺاهڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. زڪوات جي گھر جي ڊزائين اهڙي هئي جو ٻھراڙي جي عوام لاءِ قابل قبول ڪونه هيو، تنھن ڪري اڄ انھن گھرن ۾ رولو گڏه ۽ ڪتا ٿا ڦرن. شھري علائقي ۾ مڙئي ڪم هلڻ واري ڳالھه هئي. بلڊنگ جي انجنيئر ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪو ٺيڪيدار ٺاهڻ لاءِ تيار ڪونه هجي. سڀ ٺيڪيدار اچي بيٺا ته سائين انھي رقم ۾ انھي ڊزائين مطابق گھر ٺھڻ ناممڪن آهن سواءِ شھري علائقي ۾، جتي هڪ جاءِ تي پندرهن ويھه گھر هجن. باقي هر زڪوات ڪائونسل ۾ ٻه گھر ۽ انھيءَ لاءِ سامان کي آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ ڪوئي الائونس وغيره ڪونھي، سو اسان ڪونه ڪنداسين . اسان ڪوشش ڪري ايس اي بلڊنگ کي انھي کان پوءِ چيف انجنيئر بلڊنگ سان ميٽنگ ٿي، انھن سڀني چيو ته سائين اهي گھر انھيءَ رقم ۾ ٺھڻ ناممڪن آهن. بلڊنگ ڊپارٽمينٽ پنھنجي ايسٽيٽمينٽ ٺاهي ڏنا ته گھر جي قيمت ڪنھن زڪوات ڪائونسل ۾ اٺاويھه هزار ته ڪٿي وري ٽيھه هزار کان مٿي پئي اچي. جيترو زڪوات ڪائونسل روڊ ۽ شھر کان پري هئي، اوترو وڌيڪ مھانگي هئي. بھرحال اسان زور ڏنا پر ٺيڪيدار تيار ڪونه پيا ٿين. ٺيڪيدارن چيو ته سائين جيڪڏهن هجي ها هڪ اڌ ته نقصان ۾ به ٺاهيون ها، پر ايترا سارا مشڪل آهن جو اسان ايترو نقصان برداشت ڪيون.
چيف سيڪريٽري سکر ڊويزن جي ڪمشنر، ڊي سي، چيف انجنيئر، ايس اي، انجنيئر بلڊنگ ۽ نيسپاڪ جي ٽيم جي بلڊنگ ڊپارٽمينٽ جي چيف انجنيئر جي آفيس ميٽنگ ڪئي.
پھريان چيف انجنيئر بلڊنگ بريفنگ ڏني چارٽ وغيره تيار ڪيل هيا، جنھن چيف انجنيئر چيو ته سائين پنجويھه هزار ۾ اهي گھر ٺھڻ نا ممڪن آهن. انھي کان پوءِ نيسپاڪ جي ٽيم انچارج بريفنگ ڏني، ان چيو ته ها اهو بلڪل ممڪن آهي ته پنجويھه هزار روپيه ۾ اهي گھر ٺھي سگھن ٿا. انھي کان پوءِ ڊي سي جيڪب آباد مرحوم الحاج محمد هارون ميمڻ صاحب ٻڌايو ته سائين بلڊنگ ڊپارٽمينٽ وارن سان مان پاڻ ملي ڪوشش ڪئي پر ٺيڪيدار تيارئي ڪونه ٿا ٿين، تنھن ڪري ڪٿي ٻه ڪٿي چار پج هزار روپيا وڌائڻ کان بغير ڪم ڪونه ٿيندو. انھي کان پوءِ ڊي سي شڪارپور لياقت آرائين صاحب به تقريباً ساڳئي ڳالھه ڪئي. اتي چيف سيڪريٽري ڪنڌ مٿي ڪري ٽيبل تي مڪ هڻندي چيو ته ڇابه ٿئي، اهي گھر انھيءَ قيمت ۾ ٺاهڻا آهن.
اسانجي حيرانگي جي انتھا ٿي وئي، جڏهن چيف انجنيئربلڊنگ چيو ته سائين ها بلڪل ٺھي سگھن ٿا، هاڻي اسان نان ٽيڪيڪل بلڊنگ ڊپارٽمينٽ جي ڏسيل راهه تي پيا هلون. هڪدم اسان جي هلندڙ راه ۾ کنڊ پئجي ويو، جيڪو اسانجي لاءِ قلعو هيو سو ٽٽي پيو. شڪارپور کان پوءِ منھنجو وارو هيو، جڏهن ڏٺوسين ته هتي ڀڄي جان ڇڏائڻ کان ٻيو ڪو چارو ڪونھي مون انجنيئر بلڊنگ عزيز شيخ صاحب کان پڇيو ته هاڻي ڇا ٿيندو؟ آهستي چيائين ته سائين هاڻي ھا ڪرڻي آهي. چيف سيڪريٽري پڇيو جمن ڇا پروگريس آهي، مون ڪوڙ ڳالھائيندي چيو ته سائين ساڍا تيرنهن سو يونٽ ٺھڻا آهن، جن مان ست سو جا ٺيڪا ٿي ويا آهن باقي ٻئي ڏينھن تي ٽيندر رکيل آهن اهي به ٿي ويندا

نصرت لوپ بند

1988ع مئي يا جون مھينو هيو، ايريگيشن انجنيئر پريشاني واري حالت ۾ آيو ۽ چيائين ته سائين مان ڏاڍو پريشان آهيان، مونکي ڳالھه سمجھه ۾ نٿي اچي ته مان هاڻي ڇا ڪيان. مون ويھاري چيم فڪر نه ڪر، اڳ ۾ پاڻي پي سامت ۾ اچ ته تنھنجي ڳالھه کي سمجھي ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. انجنيئر صاحب جو نالو ياد نٿو اچي پر ذات جو ڪلر يا ڪليري هيو.
مون آرام سان ويھڻ کان پوءِ کائنس پڇيو ته مسئلو ڇا آهي؟ چيائين ته سنڌو دريا ۾ هن سال پاڻي جھجو ايندو ۽ ٻوڏ جو خطرو آهي. نصرت لوپ بند وٽ دريا کاڌ ٿو ڪري، تنھن ڪري مان جنوري مھيني کان فلڊ ڪميشن وارن کي لکي لکي ٿڪجي پيو آهيان پر انھن کي ڪابه پرواه ناهي ۽ هاڻي پئسه سينڪشن ڪيا اٿن، جيستائين پئسه پھچندا فنانشل ييئر جون ٽيھن تي ختم ٿي ويندو، پئسه وري ليپس ٿيندا ۽ نصرت بند جي حالت تمام خراب آهي. جيڪڏهن ترت انتظام نه ٿيو ته تباهي اچي ويندي.
ڳالھه تمام گھڻي فڪر جي هئي، مون ٻيا ڪم روڪي کيس چيم ته هلي مون کي سرزمين ڏيکار. لاڙڪاڻو کان نئون ديرو رستي وٺي نئون ديرو شھر ڪراس ڪري ٿاڻي کان ٿورو اڳتي هلي اوڀر طرف دريا سنڌ تي نصرت لوپ بند تي وڃي پھتاسين. سرزمين تي بيھي مون کي سمجھايائين ته سکر کان جيڪو پاڻي جو وهڪرو ايندو، اهو سڌو اچي هن لوپ بند سان ٽڪرائبو، انھي کان پوءِ ڏکڻ طرف پاڻي جو رخ ٿيندو، تنھن ڪري اهو لازمي آهي ته جتي پاڻي اچي ٽڪرائبو ۽ جيڪڏهن هي لوپ بند مضبوط نه هوندو ته لوپ بند ٽٽي پوندو ۽ رائيٽ بينڪ جو سڄو ايريگيشن نظام ۽ باقي تمام گھڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو. ڳالھه ڪافي سنجيده هئي، مون پڇيو ته مان ان ۾ تنھنجي ڪيئن ۽ ڪھڙي طريقي سان مدد ڪري سگھان ٿو؟ چيائين ته سائين مونکي اسي لک روپئه کپن ته جيئن مان ايمرجنسي ۾ مٽي ۽ اسٽون پچنگ ڪرائي مضبوط ڪيان. مون چيو ته ڀاءُ اهو ڪيئن ٿيندو؟ چيائين ته سائين توهان ڊي سي طور او ڊي جي اٿارٽي ڏيو، جيستائين ارسا جي طرفان پئسه اچن، تيستائين مان لاڙڪاڻو ٽريزري جي معرفت پئسه ڪڍرايان ۽ فنڊز جي پھچڻ شرط مان ٽريزري ۾ جمع ڪرائي ڇڏيان. مان اچي ٻن باهين ۾ ڦاٿس.
هڪ جيڪڏهن پئسن جو انتظام نٿو ٿئي ته به سڀاڻي خدانخواسطه ڪوئي نقصان ٿي پوي تڏهن به مان باهه ۾، ڇو ته سرڪار مون کي ذميوار قرار ڏيندي ته انجنيئر ته پنھنجي مجبوري ڊي سي صاحب کي بيان ڪئي، هاڻي انجنيئر ڇٽو ڳالھه ڊي سي جي ڳچي ۾.
جيڪڏهن مان ٽريزري جي معرفت پئسه ڏيان ٿو ۽ جيڪڏهن پئسه نه آيا، تڏهن به ڳالھه ڊي سي جي ڳچي ۾ پاڻ سان معاملو اچي ٿيو ڀانڀڻ سان واٽ ويندي وارو.
آفيس اچي عيد محمد فنانس جي قانون جو ابو. اها منھنجي خوش قسمتي هئي جو عيد محمد جھڙو قابل ۽ ايماندار آفيسر خزاني تي نانگ بڻيو ويٺو هيو. مان اڄ تائين عيد محمد جھڙو ٽريزري لاءِ اٿارٽي ڪونه ڏٺو. عيد محمد کي چيم ته هي مسئلو آهي ۽ مسئلي جو حل ڪڍي ڏي. پڇيائين ته اها ڪيتري پڪ آهي مھيني يا ٻن مھينن ۾ پئسه ايندا؟ مون چيو مان هينئر انجنيئر کي گھرايان ٿو ۽ وڌيڪ توهان پاڻ ڪنفرم ڪريو ۽ انھي کان پوءِ ڪوئي رستو ڳولھي ڪڍ. مون عيد محمد کي چيو ته مان سرزمين ڏسي آيو آهيان، جيڪي خطرناڪ آهي اها ته سنڌودريا جي پاڻي جي ليول نصرت لوپ بند وٽ لاڙڪاڻو شھر کان چاليھه فوٽ اونچي آهي. خدانخواسطه انھي جاءِ کان دريا بي قابو ٿي ويو ته نئون ديرو، رتوديرو، ميروخان، قمبر ۽ لاڙڪاڻو جي عوام کي چرڻ به ڪين ڏيندو، تنھن ڪري رستو ڪڍ. عيد محمد چيو ته سائين توهان جي پريشاني جو مونکي اندازو آهي. چيائين ته انھي جو حل آهي.
ايتري ۾ انجنيئر به اچي ويو، ٽريزري آفيسر عيد محمد صاحب انجنيئر کان جيڪو پڇڻو هيس اهو پڇي پوءِ انجنيئر صاحب کي ٻڌايائين ته اهڙي طرح سان ليٽر لکي کڻي اچ. ليٽر سڄو ڊرافٽ به عيد محمد صاحب پاڻ ڪيو ۽ مونکي به ٽريزري رولز جي هڪ پيرا ڏيکاري جنھن ۾ اهو لکيل هو ته ڊسٽرڪٽ ٽريزري آفيسر هنگامي حالتن ۾ بجيٽ ۾ وقتي پئسه نه هجڻ جي ڪري به ڪنھن ڊپارٽمينٽ کي اٿورائيز ڪري سگھي ٿو ته اهو ڊپارٽمينٽ هنگامي صورتحال ۾ خرچ ڪري.
الله جي آسري تي مون ناچيز انھيءَ وقت اسي لک خرچ ڪرڻ لاءِ انجنيئر جي نالي اٿارٽي جاري ڪئي ۽ وقتي پريشاني ختم ٿي وئي. انھي کان پوءِ منھنجو سڄو ڌيان انھي نصرت لوپ بند کي مضبوط ڪرڻ ڏانھن ٿي ويو. ايريگيشن کاتي وارن به سنڌ سرڪار کي لکيو ۽ مون به ايريگيشن جي سيڪريٽري سان فون تي رابطي رهيس. گھڻو ڪري ان وقت سيڪريٽري ايريگيشن مزمل صاحب هيو. مان هر ٻئي ٽئين ڏينھن ڪم جي رفتار کي ڏسڻ ويندو هيس ته جيئن مونکي تسلي ٿئي ته ٻوڏ جي سيزن کان اڳ اهو لوپ بند مضبوط ٿي وڃي.
الحمدلله وقت سر نصرت لوپ بند تيار ٿي ويو. مٿي رپورٽ موڪلي ڇڏي. آگسٽ جي پنجين تاريخ تي منسٽر ايريگيشن مسٽر رحيم بخش سومرو صاحب هيلي ڪاپٽر ۾ آيو، انھي سان گڏ ٻئي هيلڪاپٽر ۾فلڊ ڪميشن ارسا ۽ گورنر سنڌ جي انسپيڪشن ٽيم آئي. ٻئي هيلي ڪاپٽر انھيءَ نصرت لوپ بند تي اچي لٿا. ضلعي انتظاميا ۽ چيف انجنيئر سکر بئراج، سيڪريٽري ايريگيشن سڀ هيا گھمي ڦري ڏٽوسين ۽ سڀني کي اطمينان ٿيو ته همت ڪرڻ سان ڪم سٺو مضبوط ٿيو ۽ سڀڪو واپس هليو ويو. مون انجنيئر صاحب کي چيو ته هتي مضبوط ٽيم ويھار، جيڪا سڄي بند تي گھمي ڦري، ايئن نه ٿئي جو پاڻي ڪٿان سيمو ڪري ٻاهر نڪري اچي. خير انجنيئر صاحب اتي رهيو اسان به واپس موٽي واپس لاڙڪاڻو پھچي وياسين.
06 آگسٽ 1988ع ڇنڇر جو ڏينھن هيو، آسمان تي ڪڪر هيا ۽ ٿوري ٿوري بوندا باندي ٿئي پئي. منجھند جو ٻارهن وڳي چاليھه يا ٻائيتاليھه منٽ تي شيخ زيد هاسپيٽل کان فون آيو ته توهان کي مبارڪ هجي پٽ ڄائو اٿو. اڃان ٽيليفون رکيو ته ٻيو فون آيو ته سنڌو دريا نصرت لوپ بند تي خطرناڪ ۽ ڀرپورحملو ڪري ڏنو آهي. فون رکي هڪدم گاڏي ۾ چڙهي سڌو نصرت لوپ بند ڏانھن روانا ٿياسين ۽ سڄي رستي ۾ درود پاڪ ۽ الله جي ذات بابرڪات کي عرض ڪيوسين، يا باري تعالي پنھنجو ڪرم ڪر. اسان جي عيبن ۽ خطائن کي نه ڏس، تون پنھنجي ڪريمي کي ڏس. خير پنجويھه کان ٽيھن منٽن ۾ اتي سرزمين تي وڃي پھتاسين. چيف انجنيئر سکر ۽ ٻيو ايريگيشن جو عملو بلڊوزن سميت اتي موجود هيو.
جڏهن لوپ بند تي پھتاسين ته ڪالھه وارو بند جو ڏيک غائب هيو. جنھن جاءِ تي ٻه هيلي ڪاپٽر لٿا ۽ اڏاميا ان جاءِ تي هڪ ڪار جي گذرڻ جيترو به بند مشڪل سان بچيو بيٺو هيو. سنڌو دريا به پنھنجي اوج ۾ پئي ڳاٽ اچو ڪري هليو. اسانجي حالت اها هئي جو جيترو سنڌو دريا جو ڳاٽ اوچو اوترو اسان جو ھانءُ خالي ۽ دل ننڍي ٿيندي پئي وڃي. سنڌو دريا صرف ٽريلر طور اسانجي انتظامن کي ڏٺو. چيف انجنيئر ٻڌايو ته جنھن وقت مان هتي آيس ته بند جيئن اسان ڪالھه ڏٺو اهڙي ٺاٽ باٽ ۾ هيو. منھنجي بيٺي سامھون ايئن پاڻي گھمري ڏني، جو پنجن سيڪنڊن ۾ بند ايئن چڪ هڻي کڻي ويو ڄڻ ته هتي ڪابه شئي ڪانه هئي. مون چيو ته سائين بلڊوزرن کي اڳتي ڪيو ته جيئن رهيل بند کي مضوط ڪن. چيائين ڄامڙا صاحب هي سنڌو دريا آهي، جنھن کي انگريز به مائٽي انڊس ڪوٺيندا هيا. هيئنر صرف جيڪڏهن بچاء ٿيندو ته صرف مالڪ ڪائنات جي ڪرم ۽ فضل سان باقي خير. مون چيف انجنيئر کان پڇيو ته ڇا اهڙي خطري جي ڳالھه ته ناهي جو ايمرجنسي ڊڪليئر ڪيون، ڇو ته خدانخواسطه سنڌو دريا بي قابو ٿيو ته عوام ڏاڍو پريشان ۽ نقصان به ايترو جو جنھن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل هوندو. چيائين ته جيڪڏهن درياءَ انھي حالت هلندو رهيو ته پريشاني ضرور آهي خطرو ناهي. وڌيڪ چيائين ته اسين هن پاڻي سان هلون پيا ۽ انھي جي نفسيات کان باخبر آهيون جيڪڏهن دريا ٻيھر هيڏي موٽ ڪئي ۽ هوا به دريا کي ساٿ ڏنو ته سنڀالڻ محال ٿي پوندو پر جيڪو هينئر وهڪرو آهي، انھي جي ڪابه خبر نٿي پوي ته ڪھڙو رخ ڪندو.
مان چيف انجنيئر سان بيٺو ڳالھايان پيو ته مون ڏٺو هڪ مزدور جي ميرن جھڙن ڪپڙن ۾، اڇي ڏاڙهي سان ماڻھو اچي انھي جاءِ تي بيٺو، جنھن جاءِ تي سنڌودريا حملو ڪري نصرت لوپ بند کي شديد زخمي ڪيو هيو. ان همراهه اتان ٻه ٽي مٽي جا ننڍڙا ڀتر کنيا ۽ انھن تي ڪجھه پڙهي ڦوڪ هڻي پاڻيءَ ۾ اڇليا. ٿوري دير ۾ اتي بيٺا هياسين ته اچي اولھه جي طرف کان هوا لٿي ۽ پاڻي کي اوڀر طرف ڇڪي وئي ۽ لوپ بند تان زور ختم ٿي ويو.
مون ان مزدور ٽائيپ ماڻھو کي ڳولھڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو شخص هڪدم خبرناهي ته ڪيڏاهن غائب ٿي ويو ۽ الله ڪريم جا اڻ ڳڻيان احسان جو خطرو هڪدم لھي ويو. انھيءَ کان پوءِ اتي آيل مشينري کي حرڪت ۾ آڻي ڇڏيو.
جڏهن اسان رسو کڻي پٿر ٻڌي اتي پاڻيءَ ۾ هيٺ اڇليو ته رسو جنھن جي ستر فوٽ ڊيگهه هئي کٽي پيو پر جر اڃان به هيٺ هيو. دريا جو وهڪرو اهڙي طريقي سان بند کي چڪ هڻي مٽي ۽ پٿرن کي الائي ڪاڏي کڻي ويو جو خبر ئي ڪانه پئي.
جڏهن اتان پاڻي جي ليول چيڪ ڪئي وئي، پاڻي جي ليول لاڙڪاڻو شھر جي ليول کان تقريباً پنجيتاليھه فوٽ مٿي هئي. ان مان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته جيڪڏهن خدانخواسطه نصرت لوپ بند وٽان دريا بي قابو ٿي ٻاهر اچي ها ته ڪيترو وڏو سانحو ٿئي ها. الحمدلله رب ڪائنات پنھنجو خاص ڪرم ڪيو.

شاهه محمد پاشا، ممتاز ڀٽو ۽ قاضي اختر سان ڪچهريون

1987ع ۾ جڏهن مان لاڙڪاڻي ۾ ڊي سي پوسٽ ٿيو هيس ته ان وقت مرحوم شاهه محمد پاشا کھڙو صاحب وزير اعظم مرحوم محمد خان جوڻيجو جي ڪيبنٽ جو ميمبر هيو ۽ سندس پورٽ فوليو ليبر اينڊ مين پاور هيو. نھايت شريف النفس انسان هيو. جڏهن به لاڙڪاڻو ايندا هيا ته خبر ڪانه پوندي هئي ته ڪڏهن آيا ۽ وري ڪڏهن ويا. منھنجي پوري ٽينوئر ۾ شايد ٻه يا ٽي دفعا ڪنھن ڪم لاءِ فون ڪيو هوندن. هڪ دفعي مون کي فون ڪري چيائون ته ڄامڙو صاحب جڏهن فارغ ٿيو ته مون وٽ اچو ۽ چانھه گڏجي پيون. مان تقريباً مني ڪلاڪ کان پوءِ فارغ ٿي کھڙا هائوس تي ويس. ان وقت ٻه ٽي ماڻھو ويٺل هيا هڪ خورشيد جوڻيجو، ممتاز ڀٽو ٺوف چوسول جو چيئرمين محمود آباد وارو هڪ ٻيو ڪو چانڊيو هيو نالو ياد نٿو اچي. ٻين سڀني کي ٻاهر روانو ڪيائين سواءِ ممتاز ڀٽو جي. ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ لڳو پي ته ممتاز جي پاشا صاحب سان تمام گھڻي گھرائي ۽ پراڻي دوستي پر ڀائرن کان وڌيڪ حجت وارو رشتو محسوس پئي ٿيو.
جيئن ته منھنجي ٻي ملاقات هئي پاشا صاحب سان، تنھن ڪري بي تڪلفي واري ڳالھه ڪانه هئي. مون ڏٺو ته پاشا صاحب ٿورو ڳالھائيندو هيو ۽ ڪم جي ڳالھه کان وڌيڪ ڪونه چوندو هيو. مونکي چيائين ته مونکي خوشي آهي جو جيڪو به دوست مون سان ملڻ آيو آهي، تنھن توهانجي تعريف ڪئي آهي ۽ مونکي ڪنھن دوست اهو ناهي چيو ته سائين ڊي سي کي فون ڪيو يا چٺي لکي ڏيو. انھيءَ کان اڳ صرف نوٽ لکڻ واسطي ٻه همراهه ويھندا هيا ۽ رڳو صحيحيون ڪرڻ ۾ پورو هوندو هيس ۽ هينئر مون وٽ اچن ٿا پر اهي اهڙي قسم جي ڪابه فرمائش ڪونه ٿا ڪن. جڏهن به انھن آيل دوستن کان پڇيو آهي ته اهي سڀ خوش ۽ راضي هيا توهانجي ڪم مان. اڄ به ڪافي دوست ملڻ آيا جن سڀني توهان جي باري ۾ سٺا لفظ چيا، تنھن ڪري منھنجي دل گھريو ته مان اڄ توسان گڏ چانھه پيان. ممتاز ڀُٽي چيو ته پاشا صاحب شھدادڪوٽ ۽ ميرو خان جا ماڻھو ڄامڙو صاحب کي ڏاڍو ڀائيندا آهن ۽ هينئر به ياد ڪندا اٿس. ايتري دير ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل مسعود کھڙو به اچي ويو.
مون ڏٺو ته مسعود صاحب هڪ کلڻو ۽ هروقت منھن تي مرڪ، سڌا سٻاجھڙو ۽ شريف النفس انسان، هر هڪ جو هڏڏوکي. پاشا صاحب جيئن ته وڏو ڀاءُ هيس تنھنجو ڪافي ادب ڪري پيو. پر انجي مقابلي ۾ ممتاز ڀٽو پاشا صاحب سان وڌيڪ حجائتو نظر پئي آيو. ممتاز ڀٽو اڄ ڪلھه تقريباً ويھن سالن کان آمريڪا ۾ پنھنجي فيملي سميت رهي ٿو. تقريباً اڌ منو ڪلاڪ اتي گڏ هياسين مان موڪلائي اٿيس ته پاشا صاحب چيو ته ڄامڙا صاحب، اچڻ جي مھرباني ۽ ڪو ڪم ڪار هجي ته ضرور ٻڌائيندا.
ممتاز ڀٽو ۽ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر لياقت عمومن مھيني ۾ ٻه ٽي دفعا مون وٽ ايندا هيا شھدادڪوٽ جڏهن مان ايس ڊي ايم هيس. ممتاز ڀٽو صاحب دل جو صاف ڀوڳ ٺڪاء ۽ دوستن سان سچو ۽ مخلص ماڻھو، ڊاڪٽر لياقت وڏو ڀاءُ هجڻ جي باوجود به ممتاز جو گھڻو خيال رکندو هيو ۽ اڄ تائين به ممتاز جو وڏو خيال ڪندو آهي.
ممتاز ڀٽو پاشا صاحب کي هجت ۽ انگل ڪيو ته پاشا صاحب، ڄامڙو صاحب کي مان سڃاڻان توکي ڪم لاءِ ڪونه چوندو، باقي مان ٿو توکي چوان ته منھنجي ڀاءُ تي جيئن مھرباني ڪئي اٿئي. اهڙيءَ طرح ڄامڙو صاحب جا ٻه ڀائر آهن، هڪڙي نوڪري اي او بي آءِ ۾ ڏيو. مون چيو اهڙي ڪابه ڳالھه ناهي، الله مالڪ آهي جتي انھن جو نصيب هوندو اتي ٿي ويندو. پاشا چيو ته ڄامڙو صاحب پنھنجي ڀائرن جا ڪاغذ مون ڏانهن موڪل يا ممتاز کي ڏي مون چيو ته سائين مھرباني پر منھنجي دل اڃان نٿي مڃي. منھنجو ننڍو ڀاءُ مرحوم صاحب خان ايم اي ايڪانامڪس پاس هيو، ٻيو ننڍو ڀاءُ ڪماالدين بي اي پاس هيو مون ڪنھن جا ڪاغذ وغيره ڪونه موڪليا ٻن ڏينھن کان پوءِ ممتاز صاحب آيو ۽ چيائين ته هڪ ڀاءُ جا ڪاغذ ڏي.
مون چاهيو پي ته منھنجو مامو جيڪو ايريگيشن ۾ بيلدار هيو، ان جي وڏي پٽ محمد رمضان کي نوڪري وٺرائي ڏيان. ڇوته هڪ غريب به هيو ۽ انھيءَ کي پڙهائڻ ۾ به مون ڪافي مدد ڪئي هئي. منھنجو مامو به پنڌ ڪندو هيو ته بابا هاڻي رمضان جو ڪو بلو ڪر هاڻي انھيءَ جي شادي به ڪرائي اٿم. مامو پنھنجي ڀيڻ يعني منھنجي امان کي اچي چوندو هيو ته جمن کي چئو ته رمضان کي نوڪري وٺي ڏي. ڳوٺ اچان ته گھر پھچڻ کان اڳ رمضان جي ماءُ ۽ گھر واري اچي منھنجي گھر واري کي تنگ ڪن ته ادي تون جمن کي چئو منھنجي پٽ کي نوڪري وٺي ڏئي، ڏاڍو گذر تنگ آهي. منھنجي به اهائي خواهش هئي ته اڳم مامي جي پٽ کي ڪٿي سيٽ ڪجي.
ممتاز کي چيو ته مان پنھنجي ڀائرن جي بجاءِ منھنجو مامو بيلدار ۽ مسڪين حال آهي، ان همت ڪري پٽ پڙهايو ۽ وري مٿان پرڻايو به اٿس ان جا ڪاغذ وٺ. ممتاز چيو ته پاشا صاحب تنھنجي ڀاءُ لاءِ چيو آهي ٻئي ڪنھن لاءِ ڪونه مڃيندو. مون چيو ته پاشا صاحب جي مھرباني ٿيندي جيڪڏهن مامي جي پٽ لاءِ نوڪري ڏئي. باقي مان پنھنجي ڀاءُ لاءِ ڪاغذ ڪونه ڏيندس. ڪجھه ڏينھن گذري ويا وري ممتاز صاحب آيو ۽ چيائين ته نٿو مُڙين ته پاشا صاحب چيو آهي ته پنھنجي مامي جي پٽ رمضان جا ڪاغذ ڏي. خير مون رمضان جا ڪاغذ ڏنا ۽ رمضان کي چيو ته وڃ اسلام آباد، پاشا صاحب سان ملاقات به ڪر ۽ آرڊر به وٺ.
ڪجھه ڏينھن اندر محمد رمضان ايگزيڪيٽو آفيسر سورهين گريڊ ۾ اي او آءِ بي ۾ مقرر ٿي ويو. هاڻي ماشاءَ الله مامي سائين جي فرزندن وٽ ٻه ٽي پيٽرول پمپ ٽن تعلقن گمبٽ، صوڀو ديرو ۽ ڪوٽڏجي ۾ زمينون ۽ ديھه ڄامڙا ۾ سڀ کان وڌيڪ زمين جا مالڪ آهن. انھي کان علاوه ڪراچي، اسلام آباد، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين هنڌن تي ڪيترائي بنگلا، فليٽ ۽ پلاٽن جا مالڪ آهن. ڳوٺ ۾ به عاليشان بنگلو ٺھرايو اٿس جنھن تي تقريباً اڍائي ٽي ڪروڙ روپئه خرچ ٿي ويا آهن. صرف پروموشن جي معاملي ۾ پٺتي رهجي ويو، جو اڄ تائين سترهين گريڊ کان اڳتي وڌي ڪونه سگھيو. جڏهن ته ان دور ۾ سورهين گريڊ وارا اڻويھين گريڊ تائين ترقي ڪري ويا آهن.
مٿين ملڪيت ته رمضان جي پنھنجي جاءِ تي اهو ان جو پنھنجو ذاتي عمل آهي. مون کي صرف اها خوشي آهي ته رمضان پنھنجي نياڻين جي تعليم تي محنت ڪئي، جو الحمدلله اڄ رمضان جي هڪ نياڻي اي ايس پي حيدرآباد آهي، ٻي نياڻي به سي ايس ايس ۾ سليڪٽ ٿي سول سروس اڪيڊمي ۾ زير تربيب آهي، ٽين نياڻي ڊاڪٽر صاحبه آهي. هڪ ڀاءُ انڪم ٽيڪس ۾ سينيئر آفيسر ۽ ٻيو نيشنل بينڪ ۾ سينيئر آفيسر آهي.
1988ع ۾ ضياءَ جوڻيجو صاحب جي حڪومت اٺونجاهه بي تحت ختم ڪرڻ کان پوءِ جنرل اليڪشن جو اعلان ڪيو. اليڪشن کان اڳ جنرل ضياءَ الحق بھاولپور کان واپس ورندي وهاڙي ضلعي جي ميلسي تعلقي ۾ جھاز جي حادثي ۾ مري ويو، جنھن کان پوءِ چيئرمين سينٽ محمد اسحاق خان صدر پاڪستان ٿيو ۽ جنرل اسلم بيگ مرزا چيف آف آرمي اسٽاف ٿيو. جنرل اليڪشن جي شيڊول کي برقرار رکيو ويو. سنڌ ۾ انوقت قاضي اختر سينيئر وزير هيو پر پاور سڀ وزير اعليٰ وارا هيس. آگسٽ مھيني جي شايد ٻئي هفتي ۾ مون کي ڪراچي وزيراعليٰ هائوس ۾ سڏ ڪرايائين. منھنجي پھچڻ کان اڳ سيڪريٽرين سان گڏجاڻي هيس، جنھن ۾ قاضي صاحب حسب عادت چيو ته آفيسر بي ايمان آهن وغيره وغيره، مرحوم سائين عبدالله جي ميمڻ صاحب انھن لفظن جي چوڻ تي احتجاجن استعيفا لکي تنھن وقت ئي قاضي اختر جي اڳيان ڏئي، ٻاهر وڃڻ جي ڪئي پر شايد ڪنھن جي چوڻ ڪري رڪيو ۽ قاضي اختر ڪجھه پريشان ٿيو پر ميمڻ صاحب پنھنجي استعيفا اتي واپس ڪانه ورتي.
ڪافي دير کان پوءِ مونکي قاضي صاحب پنھنجي آفيس ۾ گھرايو. ضلعي جي باري هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالھيون ڪيون ۽ آخر ۾ پڇيو ته اليڪشن جي باري تنھنجي اسيسمينٽ ڇا آهي؟ مون عرض ڪيو ته ڳالھه صحيح ٻڌايان يا توهان جي دل خوش ڪيان. چيائين ته نه تون بلڪل سچي ۽ حقيقت بيان ڪر. مون چيو ته سائين گھڻو ڪري توهان وارهه نصيرآباد واري تڪ مان بيھندا. چيائين ته بلڪل صحيح. مون چيو ته سائين جيڪڏهن چولياڻي چانڊيه، ڪلھوڙا، مغيري ۽ ٻيون ٻه ٽي برادريون توهان کي مڪمل ووٽ ڏين ته پوءِ توهان اليڪشن ۾ بيھو، نه ته توهان جو کٽڻ مشڪل آهي. قاضي صاحب ڪجھه گرم ٿي ويو مون عرض ڪيو ته سائين توهان مونکي چيو سچي ڳالھه ٻڌاءِ مان توهان کي ٻڌائي، باقي توهانجو پنھنجو فيصلو آهي جيڪو ڪرڻ چاهيو. چيائين ته مون انھي علائقي ۾ ڪم ڪيا آهن ۽ امداد چولياڻي کي ڪھڙي طاقت جو مونکي ووٽ نه ڏياري. مون چيو ته اهو توهان سياستدانن جو پنھنجو مسئلو آهي، باقي جيستائين منھنجي معلومات آهي تيستائين امداد چولياڻي نثار کھڙو صاحب جي ويجھو آهي، تنھن ڪري توهان کان وڌيڪ کھڙي صاحب جي ٻڌندو.
آخر ۾ چيائين ته تون ڇا ڪندين؟ مون عرض ڪيو ته سائين هاڻي اهو ون يونٽ وارو دور ڪونھي جو ڊي سي صاحب ڪنھن قبيلي جي سردار يا ان ڳوٺ جي مکيه ماڻھو کي گھرائي ۽ چوي ته ووٽ هيڏي ڪرڻا آهن يا هوڏي ڪرڻا آهن. ٻيو ته پولنگ اسٽيشنون صرف ميرٽ تي هونديون سواءِ انھن اسٽيشن جي، جتي واقعي جھيڙي ٿيڻ جو انديشو هوندو. پوءِ اها پولنگ اسٽيشن مان توهان جي مرضي سان ڪندس، باقي آهي پولنگ اسٽاف انھي ۾ مان توهانجي مدد ڪري سگھندس باقي خير توهان جي سر جو. چوڻ لڳو ته اهي ماستر انھن جو ڪو دين نه ايمان ڪونھي، سڀ بي ايمان آهن وغيره وغيره. منھنجي ڳالھه قاضي صاحب کي پسند ڪانه آئي، چيائين ته ٺيڪ توهان هلو، مان پوءِ تو سان ڳالھائيندس. شام ٿي وئي هئي تنھنڪري رات ڪراچي ۾ ترسي صبح سوير لاڙڪاڻي روانا ٿي ويم.
تقريباً ٻن يا ٽن ڏينھن کان پوءِ لالو رائنڪ جو مغيري صاحب آيو. قاضي اختر ان جي ڪافي ويجھو هيو ۽ سندس پٽ کي ايڪسائيز ۾ انسپيڪٽر ۽ ٻه ٽي ٻيون به نوڪريون ڏنيون هيس. مونکي اها خبر هئي ته مغيري صاحب قاضي صاحب جي ويجھو ۽ اعتماد وارو اماڻھو آهي. نالو مونکي هينئر ياد نٿو اچي، باقي ڏاڙهي کي ميندي هڻندو هيو. چيائين ته قاضي صاحب مونکي موڪليو آهي. مون چيو ته حڪم ڪيو، چيائين ته حڪم وغيره ڪونھي، مونکي قاضي صاحب ڪراچي گھرايو هيو ۽ خبر ناهي تو ڇا چيو اٿس پريشان هيو سو مون کي خاص انھيءَ ڪري موڪليو اٿس ته پنھنجي رويي ۾ لچڪ آڻي ۽ تون مھرباني ڪري ها ڪر، باقي منھنجو ڪم. مون وراڻي چيو ته چاچا توکي خبر آهي ته مان ڳالھه جيڪا ڪندو آهيان ان تي عمل ڪندو آهيان، چيائين برابر انھي ڪري ته قاضي صاحب پريشان آهي. مون پڇيو ته قاضي صاحب ڪھڙي حساب سان لچڪ چاهي ٿو، چيائين پولنگ اسڪيم ۾. مون چيو انھيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي لچڪ ڪونه ٿيندي، باقي قاضي صاحب جي مرضي. چيائين ته نه ۽ اسين چاهيون ٿا ته سائين توهان اتي رهو. چڱو ٻن ڏينھن کان پوءِ مان وري ايندس يا رابطو ڪندم. مغيري صاحب جي گفتگو مان مون کي اندازو ٿي ويو ته ڪل آفيسر ذائقه بدلي وارو مرحلو ويجھو آهي، هاڻي صرف ڪوئي بھانو کپي.

ڳڙھي خدا بخش جون ڳالهيون

06 آگسٽ 1988ع تي ڇنڇر جي ڏينھن تقريباً ٻارنهن لڳي چاليھه منٽن تي شيخ زيد هاسپيٽل مان فون آيو ته االله سائين پٽ عطا ڪيو آهي. اڃان فون رکيو مس ته انھيءَ وقت ٻيو فون آيو ته نصرت لوپ بند تي سنڌو دريا بادشاهه ڀرپور حملو ڪري بند کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو آهي. بھرحال نصرت لوپ بند جو مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان.
سنڌو دريا بادشاهه ۽ نصرت لوپ بند جي سيز فائر ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي لخت جگر ۽ پھرين اولاد کي ڏسڻ لاءِ هاسپيٽل ويم جتي مون پنھنجي محبوبه ۽ اسان ٻنھي جي اکين جو ٺار کي ڏسي واپس گھر واري آفيس ۾ پھتس، باقي جيڪو رهيل ڪم هيو اهو اڪلائي پوءِ ٻيھر هاسپيٽل وڃڻ ٿيو. هفتي يا ڇھن ڏينھن کان پوءِ حسب معمول نئين آيل مھمان جو آڌرڀاءُ ڪري نالو تجويز ڪبو آهي. اهڙيءَ طرح مون به پنھنجي نئين آيل مھمان جو آڌرڀاء ڪرڻ خاطر دوست ۽ احباب گھرايا ۽ مھمانوازي ڪئي ۽ نالو تجويز ڪيوسين. محمد زوهيب جمن ڄامڙو. اڄڪلھه ماشاءَ الله اسلام آباد ۾ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. انھيءَ موقعي تي وڊيو به ٺھي. حالانڪ منور سيال منع ڪئي ته سائين وڊيو نه ٺھرايو پر اسان خوشيءَ جي انڌي گھوڙي تي سوار هياسين، تنھن ڪري اسان سيال صاحب جي ڳالھه کي وزن ڪونه ڏنو.
منھنجي اها عادت رهي آهي ته هميشه ڪڏهن به هڪ ڪاغذ ٽيبل تي ڇڏي ڪونه اٿندو هيم، چاهي اڌ رات ڇونه گذري وڃي. خاص ڪري ڊوميسائيل ۽ پي آر سي تي مان خود دستخط ڪندو هيس.
04 اپريل 1988ع تي ڳڙهي خدا بخش ۾ ڀٽو صاحب جي ورسي هئي. برگيڊيئر قريشي صاحب جو فون آيو ته ڄامڙو صاحب گھڻا ماڻھو شريڪ ٿيا هوندا. مون چيو ته صحيح اندازو اڍائي ٽي وڳي کان پوءِ پوندو، هينئر جيڪا به فگر ايندي اها صحيح ڪانه هوندي. برگيڊيئر صاحب چيو ته مون پنھنجا مختلف ٻه سورس استعمال ڪيا آهن، پر انھن ٻنھي جي انگن ۾ فرق ٿو اچي تو وٽ ڇا انگ ماڻھن جي اتي اچڻ متعلق آهي؟ مون پڇيس ته گھڻو فرق آهي؟ چيائين ته ٻنھي جي انگن ۾ چار کان پنج هزار جو فرق ٿو اچي. مون پڇيو ته تو وٽ گھڻو ۾ گھڻو انگ ڪيترو رپورٽ ٿيو آهي؟ جيڪو هن انگ ٻڌايو مون چيو ته توهانجي ٻڌايل انگ کان مون کي جيڪا رپورٽ ملي آهي اها تقريباً اٺ کان ڏهه هزار وڌيڪ آهي. مون اهو ڪوڙ ڳالھايو ڇو ته مون اڃان ڪابه رپورٽ نه ورتي هئي نه آئي هئي مون صرف اهو تاثر ڏيارڻ لاءِ ڪوڙ هيو ته جيئن ڀٽي صاحب جي مقبوليت جي اهميت باري ۾ خبر هجين ته هو ڪيترو عوام ۾ اڄ به دلين تي راڄ ٿو ڪري.
برگيڊيئر صاحب پريشان ٿيو ته مٿان هر هر رپورٽ پيا وٺن ته ڪيترا ماڻھو گڏ ٿيا آهن ۽ هن کي ٻنھي سورسن کان مختلف خبر پئي پوي، وري مون کان خبر ورتائين اها انھن کان مختلف هئي. پڇيائين ته هاڻي ڇا ڪجي؟ مون چيو ته هل ته هلون نئون ديرو شگر مل جي ريسٽ هائوس پوءِ اتان ويھي قابل اعتماد رپورٽ وٺي پوءِ اڳتي ڏيون ٿا. برگيڊيئر صاحب کي صلاح وڻي منھنجي آفيس آيو. اسان ٻئي گڏ نڪتاسين. گاڏي مون پاڻ هلائي، اڳيئن سيٽ تي برگيڊيئر صاحب ويٺو، ٻي گاڏي منھنجي گاڏي جو ڊرائيور، برگيڊيئر جي گاڏي ۽ فوج جي هڪ پڪ اپ. اسان جڏهن ماهوٽا کان گذرون پيا ته پنجاب کان ٻه ٽي جيالن جون گاڏيون رستو ڀلجي نئون ديرو کان لاڙڪاڻو طرف اچي رهيون هيون. جڏهن انھن فوج جون ٻه گاڏيون ڏٺيون ته نعره هڻڻ شروع ٿي ويا. ڪيپٽن، ڪرنل ۽ جنرل ٺا. ڪيپٽن، ڪرنل ۽ جنرل مرده باد. برگيڊيئر چيو ته يار تم ني مروا ديا.
مون چيو ته ڇو؟ چيائين تو نعره ڪونه ٻڌا . مون چيو ته مون نعره ٻڌا پر هنن توهان لاءِ ته ڪجھه ڪونه چيو. انھن صرف ڪيپٽن، ڪرنل ۽ جنرل جي ڳالھه ڪئي، توهان ته برگيڊيئر آهيو. توهان لاءِ ته هنن ڪونه چيو، خاموش ٿي ويو. خير نئوديرو شگرمل جي ريسٽ هائوس مان ويھي امن وامان جي صورتحال کي مانيٽر ڪيو جنهن کانپوءِ پوري صورتحال جي خبر مٿي موڪلي.

ماستر ڪلهوڙو ۽ غلام حسين اُنڙ

ماستر ڪلھوڙو باقراڻي شھر جو رهاڪو هيو، جنھن کي ٻه سو ايڪڙ يا ٻه سو جريب زمين هئي. غلام حسين انڙ انجي سموري ملڪيت تي قبضو ڪري گھر کان بي گھر ڪري ڇڏيو. ويچارو پنھنجي ملڪيت هجڻ جي باوجود ٻارن ٻچن سميت ڪڏهن سيالن وٽ ته ڪڏهن غلام مصطفيٰ جتوئي محراب پور واري وٽ رهندو هيو. غلام مصطفيٰ جتوئي هڪ باوقار شخصيت جو مالڪ هميشه دستار مبارڪ سر تي پاتل هوندي هيس، هڪ سلڇڻو، سٻاجھڙو، شريف النفس انسان ۽ غريب پرور ٿڌي طبيعت جو مالڪ، هميشه منھن تي مرڪ رهندي هيس.ڪلھوڙو صاحب مون وٽ آيو ۽ سڄي حال حقيقت ڪيائين، مون فوري طور غلام حسين انڙ کان قبضو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ قبضو ختم ڪرائي ڪلھوڙي صاحب کي باقراڻي شھر جي اوڀر ۽ اتر طرف ۾ جيڪو گھر هيس، اهو به زمين ۽ باقراڻي شھر جي اوڀر ۽ ڏکڻ طرف وڏو انبن جو باغ هيو، اهي سڀ واپس وٺرائي ڏنا. ٿوري عرصي کان پوءِ پنھنجي گھر ۾ ڪلھوڙو صاحب تي انڙ حملو ڪرائي ڪلھوڙي صاحب جو نوجوان پٽ مارائي ڇڏيو. ايف آءِ آر داخل ٿي، جنھن ۾ غلام حسين، سندس فرزند ۽ ٻياماڻھو ڄاڻايا ويا. گرفتاري جي لاءِ پوليس تي زور ڀريو ته جيڪي ظالم آهن، انھن کي گرفتار ڪيو، چاهي انکي ڪنھن جي به پٺڀرائي هجي. بھرحال ڪجھه گرفتاريون ٿيون جنھن ۾ انڙ صاحب جو فرزند به گرفتار ٿيلن ۾ شامل هيو ۽ پاڻ غلام حسين لاڙڪاڻي کان ٻاهر ڀڄي ويو.
1988ع سيپٽمبر مھيني جي شايد پھرئين يا ٻئي هفتي ڪمشنر سکر فون ڪري چيو ته مان ماڻھو موڪليان ٿو ۽ انھي کي ڪجھه ڪاغذ آهن، انھن جي پاڻ ذاتي جاچ وٺي هفتي جي اندر رپورٽ ڪر. تقريباً اڍائي ٽن ڪلاڪن کان پوءِ اهو ماڻھو آيو ۽ بند لفافو اچي مونکي ڏنائين. مون اهو لفافو کولي ڏٺو ته ٻه ٽي پنا هيا، جنھن مان پھرئين پني تي ڪمشنر سکر جو هٿ اکرين نوٽ لکيل هيو ته سرزمين تي پاڻ وڃي جاچ ڪري هفتي ۾ رپورٽ موڪل. جڏهن مون پڙهڻ شروع ڪيو ته ان درخواست ۾ لکيل هيو ته ڊي سي آفيس لاڙڪاڻو ۾ هڪ اي ڊي ايم ديھه لکمير تعلقو ڏوڪري ۾ ٻه سؤ ايڪڙ يا جريب زمين آهي، جنھن جا کاتا تپيدار سان ملي فراڊ ڪري اي ڊي ايم صاحب پنھنجي نالي يا ڪنھن ٻئي جي نالي ڪوڙو ڪليم ٺھرائي زمين انھي فرضي ڪليم کان خريد ڪري پنھنجي قبضي ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح ٻين ڪيترن ديھن جا نالا پڻ هيا، جيڪي مختلف ديھن ۽ تعلقن ۾ ساڳئي نموني سان زمين ڪوڙا ڪليم ڪنھن فرضي ماڻھو جي نالي ٺاهي، انھي کان ڪاغذن تي خريد ڄاڻائي پنھنجي کاتي ڪرائي قبضو ڪري ويٺو آهي.
جيئن ته اها ايراضي ۽ زمين مختلف ديھن ۽ تعلقن ۾ هئي، تنھن ڪري صحيح طرح ان تي رپورٽ ڪرڻ لاءِ ڪجھه وقت درڪار هيو. مون نه پئي چاهيو ته هروڀرو ڪنھن جي خلاف صرف ڪنھن جي چوڻ تي رپورٽ موڪليان، مون ڪمشنر صاحب کي فون ڪيو ته سائين هن ڪم لاءِ مونکي تقريباً ٻه ٽي هفته کپندا ته جيئن توهان کي مان مڪمل ۽ حقيقي پوزيشن ٻڌائي سگھان، انھي لاءِ رڪارڊ سان گڏ سرزمين تائين جاچڻو پوندو ضروري ناهي ته جيڪو ڪجھه درخواست ۾ لکيل آهي اهو سؤ سيڪڙو سچ هجي. تنھن ڪري مونکي ٿوري مھلت ڏيو ته مان اطمينان سان جاچ جوچ ڪيان، چيائين ته ٺيڪ آهي پر ٻئي ڪنھن کي خبر نه پوي.
مون ٻئي ڏينھن تي اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو بابلاڻي کي گھرائي چيو ته ديھه لکمير ڪٿي آهي؟ ۽ انھي جو تپيدار ڪير آهي؟ مون چيو ته سڀاڻي موڪل به آهي، اوڏانهن هلبو. تپيدار کي چئو ته ديھه جو نقشو ۽ رڪارڊ به کنيو هلي. اڌ منو ڪلاڪ کان پوءِ اي ڊي ايم آيو پر ٿورو پريشان هيو، چيائين ته سائين ٻڌو آهي ته ڪنھن سرزمين تي وڃو ٿا. سائين توهان نه وڃو مان مختيارڪار کي موڪليان ٿو، پاڻ وڃي سرزمين ڏسي اچي رپورٽ ڪندو. سائين جيڪڏهن ڊي سي صاحب رڳو سرزمينون ڏسندو ته هتي ٻيا ڪم ڪير ڪندو وغيره وغيره. اي ڊي ايم جي ڳالھائڻ ۾ پريشاني جو عنصر تمام گھڻو واضع هيو. مون چيو ته اهڙي ڪابه ڳالھه ناهي، سڀاڻي موڪل به آهي ٿورو ضلعي جي ايريا جي واقفيت به ٿي ويندي. چيائين ته واقفيت لاءِ صرف هڪ تپو ڇو ٿا وڃو گھمڻ، باقي توهان مرضي جا مالڪ آهيو. مون چيو ته ڇا ڊي سي ڪنھن هڪ تپي نٿو وڃي سگھي ڇا؟. نه سائين توهانجي مرضي جڏهن ۽ جٿي وڃڻ چاهيو وڃي سگھو ٿا بس مون ته انھيءَ ڪري پئي چيو ته سائين جيڪڏهن ڪا سرزمين ڏسڻي آهي ته هيڊمنشي يا مختيارڪار کي موڪلي به رپورٽ وٺي سگھجي ٿي، توهان جي معيار مطابق اهو ڪم ناهي. بھرحال ڳوٺ ڏانهن ڪو ڪم ٿي پيو، تنھنڪري انھيءَ هفتي سرزمين ڏسي ڪونه سگھيس.
اي ڊي ايم صاحب هڪ ڏينھن موڪل گھري ته مونکي ڳوٺ راڌڻ ۾ ضروري ڪم آهي. مون موڪل ئي مان ڳوٺ ويس ٻئي ڏينھن واپس لاڙڪاڻو موٽي آيس. اي ڊي ايم ۽ غلام حسين انڙ جو رابطو قاضي اختر صاحب سان هيو. غلام حسين انڙ، اڪبر جوڻيجو ڏوڪري جو ۽ اي ڊي ايم صاحب منهنجي پٽ جي ڇٺي واري وڊيو کڻي سي ايم هائوس ويا. قاضي اختر کي اليڪشن ۾ هر مدد جي آڇ ڪين، جيڪا قاضي اختر صاحب قبول ڪئي. قاضي اختر صاحب جو فون آيو، هڪ لاڙڪاڻو شھر جو ديوان ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هيا، پھريان انجي باري ۾ پڇيائين ۽ هڪدم غصي واري لھجي ۾ چوڻ لڳو ته توهان ڪجھه ڪونه ٿا ڪيو، ماڻھو ڏينھن ڏٺي جو اغوا ٿين ٿا ۽ توهان کي ڪا پرواه ناهي توهانکي رڳو سھولتون کپن. فون بند ڪري ڇڏيائين. منھنجي اطلاع مطابق انڙ ۽ ٻيا سڀ دوست انھيءَ وقت قاضي اختر سان گڏ ويٺا هيا.
ٿوري دير کان پوءِ چيف سيڪريٽري جي آفيس مان فون آيو ته توکي سسپينڊ ڪري اي ڊي ايم لاڙڪاڻو کي چارج ڏني وئي آهي.
سسپينڊ انھيءَ ڪري ڪيو ويو آهي ته تو فوڊ آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪئي آهي. يعني مھمانن کي صرف هڪ ڊش کارائڻي هئي تو هڪ کان وڌيڪ ڊشز کارايون آهن.
بدلي جي ته مونکي قاضي اختر صاحب جي موڪليل مغيري صاحب جي ڳالھائڻ مان اندازو ٿي ويو هيو ته ڪنھن وقت به ڪل آفيسر ذائقه البدلي ٿيڻي آهي. پر سسپينڊ ٿيڻ جو مونکي ڪوئي گمان ڪونه هيو. بھرڪيف جيڪو ٿيندو آهي، انھيءَ ۾ الله سائين جي حڪمت هوندي آهي. تنھن ڪري مونکي ڪنھن به قسم جو رنج و غم ڪونه ٿيو. مونکي الله سائين مشڪل وقت کان بچايو. اڌ ڪلاڪ اندر چارج ڇڏي مان ڳوٺ ويس. ڇو ته اي ڊي ايم انوقت ڪراچي ايئرپورٽ تي هيو، پويان اچي اي ڊي ايم چارج وٺي ڪم شروع ڪيو.

لاڙڪاڻو ساھه سيباڻو

الحمدلله! لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو کان جسماني طور ته مان سيپٽمبر 1988ع ۾ جدا ٿي ويس پر روحاني رشتو اڄ به برقرار آهي ۽ جيستائين حياتي آهي اهو رشتو رهندو. ڀلا مان لاڙڪاڻي کي ڪيئن وساريان جڏهن منھنجي پھرين اولاد ميڊ ان لاڙڪاڻو هجي.
اڄ صرف مان چاهيندس ته لاڙڪاڻو جو ٿورو گھڻو حال احوال ونڊيان جيڪو مون پسيو. ضروري ناهي ته هر ڪو انھيءَ سان متفق به ٿئي. اختلاف راءِ رکڻ هر ڪنھن کي حق آهي. منھنجو پنھنجو تجزيو ڪنھن ٻئي دوست جي تجزيي کان ضرور مختلف هوندو.
منھنجو رشتو لاڙڪاڻي سان 1984ع کان جڙيو جڏهن مان بطور اسسٽنٽ ڪمشنر شھدادڪوٽ پوسٽ ٿيو هيس. اهو رشتو 1987 ۽ 1988 ۾ مضبوط ٿي هميشه لاءِ وڌي وڻ ٿي ويو، جيڪو هر موسم گرمي ۽ سردي جي پرواهه کان بغير وڌي رهيو آهي.
لاڙڪاڻي ضلعي جي پاڪستان ۾ هڪ وڏي اهميت آهي. لاڙڪاڻو جو سياست ۽ زيتون ڏيھه پرڏيھه مشھور آهن. لاڙڪاڻي جي سياست تي پھريون کھڙا ۽ پوءِ ڀٽا خاندان ڇانيل رهيا آهن.
سر شاهنواز ڀٽو، سندس لخت جگر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بي بي شھيد جو اهم رول رهيو آهي. ممتاز ڀٽو صاحب جي حيثيت به ڀٽو خاندان ۾ رهي آهي. پر جيستائين ڳڙهي خدابخش جا مداح آهن اوستائين لاڙڪاڻي جي اهميت رهندي. سياسي حساب سان ڀٽو خاندان پنجاهه سالن کان پاڪستان جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو آهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته شھيد راڻي سان گڏ ڀٽو صاحب جي سياسي اصولن کي ڊسمبر 2007ع ۾ دفن ڪري عوام جي دلين مان ايئن ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي، جيئن مکڻ مان وار ڪڍجي. هاڻي مجبوري ۾ ڀٽو خاندان جو ويس آهي پر ان ويس جو پاتل جسم سان ڪنھن به قسم جو واسطو ڪونھي.
محمد ايوب کھڙو صاحب پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ بعد هڪ وڏي سياسي شخصيت ٿي گذريو آهي. کھڙو صاحب جو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ وزيراعليٰ سنڌ طور تمام بھترين ۽ ساراهه جوڳو ڪردار رهيو آهي. خاص ڪري سنڌ جي اهم شھر ڪراچي کي مرڪز جي حوالي نه ڪرڻ ۽ انتظامي طور جڏهن 1948 ۾ گرومندر وٽ فساد شروع ٿيو، جنھن کي وزيراعظم پاڪستان لياقت علي خان جي آشيرواد هئي ۽ هاشم رضا ڪراچي سول انتظاميه جو ۽ هاشم رضا جو ڀاءُ ڪاظم رضا ڪراچي پوليس انتظاميه جا سربراهه هيا. جڏهن هاشم رضا کھڙو صاحب کي ڪوئي مثبت جواب ڪين ڏنو ته هن پاڻ وڃي انھيءَ فساد کي روڪرايو، جنھن جي ڪري لياقت ۽ کھڙو صاحب ۾ اختلاف زور وٺي ويا. پر ست اٺ سالن بعد ون يونٽ واري ڪردار کھڙو صاحب کي هيرو مان زيرو ڪري ڇڏيو. پر سندس اولاد هڪ شريف النفس ۽ ڪنھن کي ڏکوئڻ وارا ناهن. جھڙي طرح بي بي شهيد پنھنجي والد صاحب جي ورثي کي کڻي اڳتي هلي اهڙي طرح کھڙو خاندان هلي ڪونه سگھيو.
قاضي فضل االله جو ڄم پڻ جي ڪري لاڙڪاڻي سان ڪوئي واسطو ڪونھي پر. اڪثر رهائش عبدالحميد جتوئي جي لاڙڪاڻي واري بنگلي ۾ ٿي، تنھن ڪري انھي سبب سان قاضي صاحب جو به ٿورو گھڻو واسطو ۽ اثر رهيو آهي. قاضي صاحب دنيا ۾ جيئن آيو وري واپس به ايئن ٿيو.
عبدالمجيد سنڌي به لاڙڪاڻو مان اليڪشن کٽي.
انھيءَ کان پوءِ ٻير واري بزرگ عبدالڪريم قريشي صاحب ۽ انھيءَ جي ڪري جميعت علماء اسلام لاڙڪاڻي ۾ چڱو خاصو اثر رکندڙ جماعت ٿي اڀري آهي.
باقي چانڊيه ۽ مگسي هميشه پاڻ ۾ ٺري ڪونه کاڌو اٿن. جيڪڏهن ڪنھن قبيلي جي حساب سان ڏسبو ته چانڊيه ٽرائيب سڀني کان تعداد ۾ گھڻو آهي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو نالو به چانڊيه پرڳڻي جي ناتي سان آهي.
سياسي اثر جي لحاظ کان سنڌ جي ٿورن ضلعن مان لاڙڪاڻو ضلعو آهي، جتي سيد ذات سياست تي حاوي ناهي. انھيءَ حساب سان لاڙڪاڻو وڏو خوشنصيب آهي پر اوترو وري مولانا صاحب جي گرفت ۾ آهي، تنھن ڪري ادو ڄائو ادي مئي اسين اوتري جا اوترا.
جيئن ته هينئر لاڙڪاڻو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي، تنھن ڪري سياست جا کيڏاري به قبيلن جي آڌار تي مضبوط آهن. جيئن قمبر شھدادڪوٽ ضلعو هاڻي چانڊيه، مگسي، مغيري، بروهي، اسراڻ ۽ ٻين ننڍين ذاتين تي مشتمل آهي. حالانڪ بروهي ڪا ذات ناهي پر بروهڪي ٻولي ڳالھائڻ وارو صرف بروهي چوندو آهي ورنه انھن ۾ ڪي مينگل، زهري، لھڙي، محمدحسني، ساسولي، بنگلزئي، بزنجه، پندراڻي وغيره قبو سعيد ۽ آس پاس ۾ آهن.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڀٽو، کھڙو، ٻگھيو، سيال، جتوئي، انڙ، ڪلھوڙا عباسي، شيخ ۽ ٻيون برادريون سياسي لحاظ کان اهم آهن.
مونکي هڪ قصو قمبر شھر سان لاڳو ياد اچي ويو. جيڪو مان توهان سان ونڊ ڪيان ٿو ۽ انهيءَ مان اندازو لڳائي سگھندا ته مولوي صاحبان دين اسلام کي ڪيئن ذاتي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا.
هڪ دفعي قمبر شھر جي مدرسي جو مولوي صاحب آيو. مدرسي جو تعلق ٻير واري بزرگ سان لاڳاپيل هيو. مونکي چيائين ته سائين مدرسي جي بجلي واپڊا وارا ڪٽي ويا آهن، سو مھرباني ڪري ايس ڊي او واپڊا قمبر واري کي چئو ته بجلي هڻي ڏئي، باقي جيڪا رهت آهي ان متعلق پوءِ مان وڃي ڳالھائيندو مانس. مولوي صاحب حجت واري انداز ۾ چيو، مون واپڊا واري ايس ڊي او کي فون ڪيو ته مولوي صاحب هتي مون وٽ آيو آهي ۽ توهان بجلي جي ڪنيڪشن بحال ڪري ڏيو. چيائين ته سائين توهان جو حڪم سر اکين تي پر مدرسي وارن ڏانھن ڪافي ساري رهت ٿي وئي آهي ۽ پئسه پيارن ڪونه ٿا مٿان اسان کي ٽيٽڪ چڙهيل آهي. مھرباني ڪري مولوي صاحب کي چئو ته مون وٽ اچي پوءِ مان ٻه ٽي قسطون ڪري ڏيانس ٿو. مولوي صاحب چيو ته سائين توهان جي مھرباني، ڀلا مان جيڪڏهن ايس ڊي او جي آفيس وڃي ڪنھن به طريقي سان بجلي بحال ڪرايان ته توهان ته ڪجھه نه چوندا. مون چيو ته مدرسي جا کتابي وٺي ڪو حملو ڪرائيندين ته پوءِ قانون حرڪت ۾ ايندو. مولوي صاحب چيو ته سائين اهڙو ڪوبه ڪم ڪونه ڪندس باقي مان ڄاڻان ۽ ايس ڊي او واپڊا. مون چيو ته مونکي ڪوئي اعتراض ناهي، جيڪڏهن ڪو امن امان جو مسئلو پيدا نٿو ٿئي ته. چيائين سائين ٺيڪ ڏسو ته اڄ شام کان اڳ ڪيئن بغير پيمنٽ جي ايس ڊي او واپڊا بجلي بحال ٿو ڪري.
مون وٽان مولوي صاحب موڪلائي ويو سڌو وڃي ايس ڊي او واپڊاجي قمبر آفيس ۾، ۽ اتان مولوي صاحب نڪري پنھنجي مدرسي پھچي چيائين ته سائين بجلي بحال ٿي وئي. مون پڇيو ڪجھه پيمنٽ بل ڪيو؟. چيائين ته سائين ڇاجي پيمينٽ، ايس ڊي او صاحب سان مليم، ٻيا به ڪجھه ماڻھو ويٺا هيس مون وڃي چيس ته ايس ڊي او صاحب توهان سان تمام ضروري ۽ ترت اڪيلائي ۾ ڳالھائڻو آهي. اڪيلائي ۾ ايس ڊي او واپڊا کي چيم ته سڀاڻي جمعو آهي ۽ مون کي پڪي سورس کان خبر پئي آهي ته تون قادياني آهين. انھي ڪري تو مدرسي جي بجلي ڪٽي آهي. مان صرف تو کي ٻڌائڻ آيو آهيان ته مان هينئر وڃي ٿي لائوڊ اسپيڪر تي ٻڌايان ته تون قادياني آهين ۽ تون واجب القتل آهين، باقي پاڻ ڄاڻ. مولوي صاحب چيو ته ايس ڊي او اچي پريشان ٿيو ۽ مونکي زوري ويھارڻ لاءِ چئي ۽ قسم قرآن کڻڻ لڳو ته اهو ڪنھن مون تي بھتان هنيو آهي، اهڙي ڪابه ڳالھه ناهي، مھرباني ڪري اهڙي قسم جو اعلان نه ڪر، باقي بجلي تنھنجي مدرسي پھچڻ کان اڳ بحال ٿي ويندي. مولوي صاحب ٻڌايو ته مان مدرسي پھتم ته بجلي اڳئي بحال هئي.
1988ع جي شروع ۾ ممتاز ڀٽو صاحب فون ڪيو ۽ ڏاڍي پيار سان ڳالھايائين ۽ چيائين ته ڄامڙو صاحب منھنجو فرزند اميربخش لنڊن کان واپس پيا اچن ۽ شڪار لاءِ مون بندوق گھرائي آهي، جيڪڏهن قرب ڪري آرم لائسنس جاري ڪندا ته مھرباني ٿيندي. مون عرض ڪيو ته سائين الله سائين اکيون ڏسڻ لاءِ ڏنيون آهن، انھيءَ ۾ مھرباني واري ڳالھه نه ڪيو اهو منھنجو فرض آهي ته وڏن جي تعظيم ڪجي. توهان مھرباني ڪري لائسنس جي فارم تي دستخط ڪري موڪليو ۽ گڏ شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ڏياري موڪليندا. ڪلاڪ کن کان پوءِ فوٽو، شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ۽ لائسنس فارم تي صحيح ٿيل هئي کڻي آيو. لائسنس في چالان ڀرائي همراهه جي هٿ ۾ ڏنو، اڌ ڪلاڪ کن جي اندر بينڪ ۾ چالان پياري کڻي آيو، ايتري ۾ مون آفيس وارن کي چيو ته جلدي ۾ آرم لائسنس تيار ڪرائي کڻي اچو. تقريباً ڪلاڪ ٻن جي اندر سڄو پراسس پورو ڪري لائسنس ٺاهي ممتاز ڀٽو صاحب جي ماڻھو کي ڏنو، جيڪو واپس کڻي وڃي صاحب کي ڏنائين، شڪريه ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ فون ڪين. صلاح ڪين ته ڄامڙو صاحب جڏهن توهان کي موقعو ملي ته اسانجي غريب خاني تي پير گھمائي وڃجو. مون عرض ته سائين انشاءَ الله. مھيني اڌ کان پوءِ منھجو رتوديرو وڃڻ ٿيو ته وڃڻ کان اڳ مون پڇا ڪرائي ته جيڪڏهن ممتاز صاحب آهن ته ملاقات ڪندا وڃون. اتفاق سان ڳوٺ ۾ هيا. مان ويس وڃي ملاقات ڪئي، ڏاڍي پيار سان مليا. ديوارن ۽ بنگلي جي ڊرائنگ روم ۾ ڪجھه گولين جا نشان هيا. جڏهن منھنجو ڌيان انھن نشانن ڏانھن ويو ته پاڻ چيائين ته ڄامڙا صاحب اهي گولين جا نشان ڏسين ٿو؟ مون عرض ڪيو جي سائين چيائين ته اهي نشان 1977ع جولائي پنج جا آهن جڏهن آرمي جي ماڻھن هن بنگلي تي ريڊ ڪيو ۽ فائر ڪيا. مان انھن نشانن کي نٿو مٽائڻ چاهيان. مان انھن کي ساڳئي حالت ۾ رکندس ته جيئن مونکي اهو وقت به ياد رهي.
ممتاز ڀٽو صاحب سان ملڻ وقت ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ ته مان هن جي آڏو ڪجھه به ناهيان. هشمت ۽ دٻدٻو قدرتي طور موجود هين، جيڪو تمام ورلي ماڻھن ۾ موجود هوندو آهي.
اتفاق سان منھنجي بي بي شھيد سان ذاتي طور ملاقات ڪانه ٿي سگھي، جو گھڻو وقت لاڙڪاڻو کان ٻاهر ڪراچي يا پرڏيھه ۾ رهندي هئي. مان سمجھان ٿو ته ٻه دفعا انھي پيرڊ ۾ آئي پر ان وقت مان لاڙڪاڻي کان ٻاهر هيس، تنھن ڪري ملاقات ٿي نه سگھي. باقي بي بي شھيد ته سنڌ ته ڇا پر پوري دنيا عالم جي راڻي هئي، الله ڪريم جنت الفردوس عطا ڪريس. اهڙيون شخصتيون قومن کي ورلي ملنديون آهن. الله انھن ظالمن کي تباه و برباد ڪري جن جو به بي بي جي شھيد ڪرائڻ ۾ ڪوئي به ڪردار آهي
جڏهن مون لاڙڪاڻي جي چارج ڇڏي ته اضافي چارج محمد ايوب شيخ کي ڏني وئي جيڪو انوقت اي ڊي ايم لاڙڪاڻو هيو.
دعا آهي الله سائين لاڙڪاڻي سميت پوري عالم تي پنھنجو فضل و ڪرم ڪري. آمين يارب العالمين.

لاڙڪاڻي کي الوداع

لاڙڪاڻي کي خدا حافظ چئي ڳوٺ ويم. ٻه ٽي ڏينھن ڳوٺ رهي ڪراچي لاءِ روانو ٿيس. ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ رپورٽ ڪئي.
ڪراچي ۾ رهڻ لاءِ رهائش جو مسئلو هيو. تنھن ڪري ڪجھه پريشاني ٿي ته هينئر ڪٿي وڃي رهجي؟ محمد صديق ڄامڙو سپرٽينڊنٽ انجنيئر ايريگيشن هيو، انهي پڇيو ته ڪراچي ۾ رهڻ لاءِ ڪو انتظام آهي؟ مون چيو ته في الحال ته ڪوئي ناهي، باقي الله مالڪ آهي، جنھن هيستائين آندو آهي اڳتي به اهو بندوبست ڪندو. چيائين دادا ڀائي وارن جو هڪ پروجيڪٽ العائشه منزل جي نالي سان گزري ۾ منھنجو ٻن ڪمرن وارو فليٽ بڪ ٿيل آهي ۽ مون قسطون سڀ ادا ڪري ڇڏيون آهن، باقي شايد انھن جون يوٽلٽيز جي مد ۾ ڪجھه رهتون هونديون. پروجيڪٽ تيار آهي، پزيشن ورتي ناهي، جيڪڏهن تون چاهين ته انھي فليٽ جي پزيشن وٺي ۽ جيڪا ٿوري گھڻي بقايا آهي اها ادا ڪري ۽ تون وڃي ره. پزيشن وٺڻ لاءِ مان توکي اٿارٽي ليٽر ۽ پنھنجي شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ڏيان ٿو. مون چيو ته انڌو هڪ اک گھري مونکي ٻئي اکيون ٿيون ملن، مون مرحوم محمد صديق جي آفر قبول ڪئي.
ڪراچي پھچي داداڀائي وارن جي آفيس ويم، جيڪا ان وقت بلوچ ڪالوني واري چوڪ تي شارع فيصل تي هئي. مون وڃي پڇا ڪئي ته هي فليٽ بڪ ٿيل آهي، جنھن جي پزيشن وٺڻ لاءِ آيو آهيان. انھن کي مون پزيشن وٺڻ لاءِ اٿارٽي ليٽر ڏنو. انھن مونکي ويھڻ لاءِ چيو مان اتي ٿوري دير ترسمِ ته فائيل ڪڍي آيا، جنھن ۾ قسطون سڀ ادا ٿيل هيون سواءِ هڪ قسط جي جيڪا ڇھه هزار روپين جي لڳ ڀڳ هئي. انھيءَ سان گڏ يوٽلٽيز سڀ ملائي تقريباً ڏهه ٻارهن هزار روپيه جو بل ٺاهي ڏنن، جيڪو مان ادا ڪيو. انھي کان پوءِ داداڀائي جي ڪمپني جو ماڻھو ساڻ هليو ۽ فرسٽ فلور تي ٻن ڪمرن وارو فليٽ جي چاٻي وغيره ڏئي فليٽ منھنجي حوالي ڪيو.مون فليٽ وٺي صفائي وغيره لاءِ اتي موجود چوڪيدار کي چيو، جنھن ٻه ٽي مزدور آڻي فليٽ کي ڌوئي صاف ڪري ڏنو. هاڻي رهڻ لاءِ نرسري وڃي ٻه پلنگ ۽ هڪ صوفه سيٽ آڻي رهڻ جھڙو بڻائي ٻارن کي ڳوٺ مان وٺي آيس.
هفتي اڌ کان پوءِ علي اڪبر سيال آيو جيڪو انوقت فيڊرل ڊرگ انسپيڪٽر هيو ۽ چيائين ته سائين دروازي جي ٻاهران گرل ضرور لڳرايو، هيءُ ڪراچي آهي. مون چيس ته سائين الله مالڪ آهي اسان فقيرن کي ڪھڙو خطرو؟ چيائين نه سائين اهو تمام ضروري اٿو. مون چيو ته خير ان ڳالھه کي پوءِ ڏسنداسين. علي اڪبر کي مذاق ۾ چيو ته يار جيترو هي سمورو فليٽ آهي، اوترو ته لاڙڪاڻو ڊي سي هائوس جي باٿ روم ۽ انجو گارڊ روم هيو. سيال صاحب چيو ڀائو هيءُ ڪراچي آهي بس مڙئي مٿي ڇانو هجي. مون چيو ته الحمدلله اهو منھنجي مالڪ سائين جو ڪرم آهي، جتي به رکيو اٿس پنھنجو ڪرم ۽ قرب منھنجي مٿان هميشه رکيو اٿس ۽ اڳتي به الله سائين بھتر ڪندو.
ٻن ڏينھن کان پوءِ علي اڪبر سيال صاحب آيو، ساڻ هڪ همراهه به هيس، چيائين ڄامڙو صاحب توکي ڪراچي جي حالتن جي خبر ناهي، تنھن ڪري گرل نٿو هڻائين. مان هي همراهه وٺي آيو آهيان جيڪو هن مين انٽرنس جي دروازي جي ٻاهران ماپ وٺي ۽گرل ٺاهيندو ۽ مون هن کي رقم ادا ڪري ڇڏي آهي ٻن يا ٽن ڏينھن ۾ گرل ٺاهي اچي فٽ ڪندو. مون کائنس پئسن بابت پڇيو ته گھڻا ڏنا اٿو ۽ مان توهان کي پئسه ڏيان، چيائين ته هر گز نه، هي منھنجي طرفان گفٽ آهي.
هفتي کان پوءِ منھنجو وڃڻ سکر ٿيو، اتي مير مٺل مغيري شھدادڪوٽ وارو مليو. ماني گڏ کاڌي انھي کان پوءِ پڇيائين ته ڇا ٿيو مون کيس ٻڌايو ته في الحال رپورٽ ڪري آيو آهيان. بھرحال جڏهن موڪلائڻ جو وقت آيو ته مونکي چيائين ته اسين هلون ٿا، پر اڳ ۾ مان توهان کي گاڏي تائين ڇڏي اچان، مون گھڻو گسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر آخرڪار زور ڀرڻ تي مون کيس ٻڌايو ته مون وٽ گاڏي ڪانھي، دوست اڳتي ويل آهي اهو ايندو ته مان ان سان گاڏي تي چڙهي ويندس، تنھن ڪري توهان وڃو. چيائين ته سائين توهان اسان جا ڊي سي رهيا آهيو ۽ مان ايئن وڃان.

چيف سيڪريٽري سان ملاقات ۽ ابراھيم حيدري ۾ سمنڊ جي مڇيءَ جو شڪار

21 سيپٽمبر 1988ع تي ايس اينڊ جي ڊي وارن پيغام موڪليو ته چيف سيڪريٽري توکي گھر واري آفيس ۾ صبح نائين وڳي گھرايو آهي. اها ساڳي تاريخ آهي جنھن ڏينھن بلاول زرداري ڄائو هيو. مان صبح سوير چيف سيڪريٽري هائوس ڪراچي پھچي ويس. پوري نائين وڳي سليم عباس جيلاني صاحب چيف سيڪريٽري هيو مون کي گھرائي پڇيائين ته قاضي اختر صاحب ڇاجي ڪري ناراض ٿيو تو تي؟ مون چيو ته سائين مون کي ڪا خبر ناهي ته ڇاجي ڪري ناراض ٿيا آهن، البته ڪجھه عرصو مون کي سي ايم هائوس ۾ گھرايو هين ۽ اليڪشن جي سلسلي ۾ پڇيو هين، جنھن جي ڪري ٿورو نارضپو ڏيکاريو هين، باقي ته خبر خاوند کي.
چيف سيڪريٽري صاحب چيو ته مونکي تنھنجي لاءِ ڪابه شڪايت موصول ناهي ٿي. انھي ڏينھن قاضي صاحب کي تڪڙ ڏاڍي هئي، جو اڌ ڪلاڪ ۾ ٽي دفعا فون ڪرائي پڇيائين ته آرڊر اڃان ڪونه پھتو. جيستائين سسپينشن جي آرڊر جي ڪاپي فيڪس ڪري ڪونه موڪلي، تيستائين بي چين هيو. هڪ دفعو مون چيو ته سائين سسپينڊ ڪرڻ لاءِ ڪجھه چارج شيٽ ڏبي، انھي لاءِ ڪو مواد ڳولھيون. بھرحال فوڊ آرڊيننس جي خلاف ورزي وارو جواز به قاضي صاحب پاڻ تجويز ڪيو. هاڻي مون ايس اينڊ جي ڊي وارن کي چئي ڇڏيو آهي ته انڪوائري لاءِ ڪمشنر لاڙڪاڻو کي مجاز آفيسر مقرر ڪن ۽ ٽيھن ڏينھن ۾ رپورٽ ڪن. رپورٽ اچي، پوءِ انھي مطابق ڪوئي فيصلو ڪنداسين.
جيستائين مان ڊي سي لاڙڪاڻو هيس، ان وقت لاڙڪاڻوڪمشنر سکر ۾ هيو. منھنجي وڃڻ کان پوءِ لاڙڪاڻو ڊويزن ٿي ويو ۽ ڪي بي رند صاحب پھريون ڪمشنر لاڙڪاڻو مقرر ٿيو. جيئن ته لاڙڪاڻو نئون ڊويزن ٺھيو هيو، تنھن ڪري گھڻيون شيون پروسس ۾ هيون. مسٽر قلعي بخش رند ڪمشنر لاڙڪاڻو منھنجو استاد به هيو. 1981ع ۾ سائين قلعي بخش رند صاحب ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور هيو ۽ مان اتي شڪارپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر انڊرٽريننگ هيس. اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالوحيد پيرزاده صاحب هيا. اي ڊي ايم انصاري صاحب هيا.
ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪي بي رند صاحب قانون مطابق چارج شيٽ ڏني ته تنھنجي مٿان الزام آهي ته تو پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ فوڊ آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ڇونه تنھنجي خلاف قانون جي ڀڃڪڙي جي ڏوهه ۾ قانون مطابق ڪاروائي ڪئي وڃي.
فوڊ آرڊيننس تحت مھمان کي ڪنھن دعوت ۾ هڪ کان وڌيڪ ڊشز کارائڻ قانون جي خلاف ورزي تصور ڪئي وئي هئي. مون ان جي جواب ۾ لکيو ته مان فوڊ آرڊيننس جي ڪابه خلاف ورزي ڪانه ڪئي آهي، اهو منھنجي مٿان ڪوڙو الزام آهي. مان انھيءَ خاطر اهي ماڻھو پيش ڪري سگھان ٿو، جيڪي ان ڇٺي جي فنڪشن ۾ مھمان طور آيل هيا. سڀ کان پھريان مسٽر نظر محمد شيخ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو پنھنجي سرڪاري پيڊ تي لکي ڏنو ته مان خود انھي ڇٺي واري فنڪشن ۾ مھمان طور مدعو ٿيل هيس. مون ڪابه فوڊ آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪانه ڏٺي ۽ اهو غلط الزام هنيو ويو آهي محمد جمن ڄامڙو تي. اهڙيءَ طرح ڪجھه ٻيا به دوست جيڪي ڇٺي جي فنڪشن ۾ آيل هيا، انھن سڀني لکي ڏنو ته ڇٺي جي موقعي تي ڪابه فوڊ آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪانه هئي.
ڪمشنر لاڙڪاڻو مسٽر ڪي بي رند صاحب پنھنجي قانوني تقاضائن کي پورو ڪرڻ خاطر مختلف ماڻھن کان پڇاڳاڇا ڪئي، جتان تقريباً سڀني هڪئي ڳالھه ڪئي ته پٽ جي ڇٺي جي موقعي تي اسان کي فوڊآرڊيننس جي ڪابه خلاف ورزي ڪيل نظر نه آئي.
انھي دوران نئين جنرل اليڪشن ٿي ۽ پوري ملڪ ۾ پ پ پ کي سوڀ نصيب ٿي ۽ ڊسمبر 1988ع جي پھرئين هفتي ۾ بي بي صاحبه پھرين مسلم خاتون بطور وزير اعظم حلف کنيو. سنڌ ۾ سيد قائم علي شاهه جيلاني وزير اعلي مقرر ٿيو. 1988ع جي جنرل اليڪشن ۾ وڏا وڏا گادي نشين ۽ ڊنگ زميندار عام ماڻھن جي مقابلي ۾ هارائي ويا ۽ گھڻن جون ته ضمانتون به ضبط ٿي ويون.
31 ڊسمبر 1988ع تي مرحوم محمد يعقوب عارفاڻي ابراهيم حيدري واري چند دوستن جي مڇي پڪڙڻ واري لانچ ۾ مڇي کائڻ جي دعوت ڪئي. اسين اٺ نو فيمليز ان لانچ ۾ چڙهي سمنڊ جي ڀرپاسي سان هلندا رهياسين. مڇي پڪڙڻ واري ٽولي به ساڻ هئي تنھنڪري اهي سمنڊ مان مڇيون وٺندا ويا ۽ مڇي کي مختلف قسمن ۾ پچائڻ وارا هيا، جن وڏي مھارت سان مڇيون پچايون . مڇي جي پچائڻ جو انداز بلڪل نرالو ۽ دلڪش هيو. جڏهن شام جو اچي ابراهيم حيدري واپس موٽي آياسين ته ٻه خوشخبريون مليون.
پھرئين خوشخبري ته تنھنجي سسپينشن ختم ۽ توکي ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه مقرر ڪيو ويو آهي.
ٻي خوشخبري اها هئي ته منھنجي ننڍي ڀاءُ صاحب خان کي پٽ ڄائو آهي. جنھنجو نالو جليل احمد رکيو، جيڪو اڄ ڪلھه اسلام آباد ۾ سترهين گريڊ ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڪم پيو ڪري.

نوابشاهه ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جا پروٽوڪول

مونکان اڳ نوابشاهه جو ڊي سي غلام علي شاهه پاشا هيو. غلام علي شاهه پاشا اسان پاڻ ۾ بيچ ميٽ به آهيون. شاهه صاحب فون ڪري چيو ته مھرباني ڪري توهان 03 جنوري 1989ع تي اچي مونکان چارج وٺو، مون چيو ته ٺيڪ آهي. مان جنوري 03 تي وڃي ڊي سي نوابشاهه جي چارج وٺي ڪم شروع ڪيو. نوابشاهه منھنجي لاءِ ڪو نئون علائقو ڪونه هيو، تنھن ڪري مونکي علائقي جي ضرورتن ۽ مسئلن کي سمجھڻ ۾ ڪا دير ڪانه لڳي. نوابشاهه سان پراڻي وابستگي جي ڪري ڪافي دوست ملڻ لاءِ آيا. پھرين ٻن ڏينھن ۾ تقريباً ضلعي جي گھڻن دوستن سان ملاقات ٿي، جنھن ۾ احمد علي جلباڻي، شوڪت شاهه، چوڌري جميل بئريسٽر، سلام خان زرداري، غريب نواز زرداري، خان محمد جمالي، غلام مصطفيٰ جمالي، آفتاب شاهه، فيض محمد هيسباڻي، محمد علي ڀرڳڙي، چوڌري محمد ايوب، رحيم بخش جمالي، اصغرعلي رند، مير ڪرم جمالي، ولي محمد شاهه، غلام سرور شاهه، عبدالستار راڄپر، امان الله ڏاهري شاهه پور چاڪر کان، عطا محمد ڏاهري، سمون خان ڏاهري، وڪيل علي محمد ڏاهري، عبدالله چانڊيو، عبدالستار ڪيريو، سيد جيئل شاهه، رئيس رضا محمد ۽ مٺل ڏاهري، غلام الرسول زرداري، چوڌري عبدالطيف، پھلوان غلام محمد شر، جسٽس علي محمد بلوچ، چوڌري غلام نبي، عنايت رند، ڊاڪٽر عمر ڏاهري، شبير سھتو ۽ ٻيا شامل هئا.
هفتي کان پوءِ رحيم بخش جمالي جيڪو انوقت ايم پي اي هيو تنھن فون ڪيو ته سائين ضلعي نوابشاهه جو سپاف جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري مون وٽ ويٺا آهن، جيڪڏهن فرصت آهي ته مان هينئر اچان يا توهان جڏهن ٿورو فارغ ٿيو ته فون ڪجو. مون چيو ته ڀلي هليا اچو، ٿوري دير کان پوءِ رحيم بخش جمالي ۽ ٽي چار سپاف جا ضلعي عھديدار آيا. جنوري جو ٽيون هفتو هيو، سردي به جام هئي. سپاف جي صدر جي قميص جا سڀ بٽڻ کليل هيا. مون جڏهن ڏٺو ته سپاف جي صدر جا بٽڻ کليل ۽ ڪرسي تي ويھڻ جو طريقو وڏائي سان ڀرپور هيو. سپاف جي صدر پنھنجو تعارف ڪرائڻ شروع ڪيو ته مون انکي اتي روڪي چيو ته اڳ ۾ ٻاهر وڃ ۽ قميص جا سڀ بٽڻ بند ڪري پوءِ آفيس ۾ اچي ويھه. پھريان ته هن کي اها ڳالھه سٺي ڪونه لڳي، پر رحيم بخش چيس ته صاحب صحيح ٿو چوي، ٻاهر وڃ ۽ بٽڻ بند ڪري اچ. ٻاهر وڃي بٽڻ بند ڪري آيو پر نفسياتي طور پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪرڻ لڳو.
رحيم بخش جمالي صاحب چيو ته سائين اسانجي نوجوانن جي ڪجھه ٻڌو. مون چيو ته ڀائو ٻڌايو ڇا مسئلو آهي؟ سپاف جو صدر شروع ٿي ويو ته سائين ڪنڊيارو، نوشھروفيروز ۽ هڪ ٽئين ڪاليج جي پرنسپالن اسان سان جنرل ضياءَ جي دور ظلم ۽ زيادتيون ڪيون آهن. سپاف جي ڪيترن ئي شاگردن کي ڪاليج کان نيڪاليون ۽ جٺيون ڪيون آهن. هينئر اسان جي حڪومت آئي آهي ۽ اهي سڀ پرنسپال اتي اڃا تائين ويٺا آهن. ٽن ڏينھن کان پوءِ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا پيپر ٿيڻا آهن. هاڻي اسان اهو ٻڌائڻ آيا آهيون ته جيڪڏهن اهي پرنسپال انھن ڪاليجن ۾ هوندا ته اسان امتحان ٿيڻ ڪونه ڏينداسين.
مون چيو ته بس يا ڪو ٻيو مسئلو به آهي؟ چيائون ته بس اسان جو اهو چوڻ آهي. مون انھن جي سامھون پنهنجي پي اي کي چيو ته مونکي سڀئي ايس ڊي ايمز ملائي ڏي. هڪ هڪ ڪري ايس ڊي ايم ملائيندو ويو ۽ سپاف جي عھديدارن ۽ رحيم بخش جمالي جي سامھون مون سڀني کان پڇيو ته هينئر جيڪو امتحان ٿيڻو آهي، انھي لاءِ ڇا انتظام ڪيا اٿو. سڀني ٻڌايو ته قلم 144 لڳل آهي، فوٽو اسٽيٽ ڪرڻ واريون سڀ مشينون امتحان جي وقت بند ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. مون ورائي سڀني کي چيو ته ڳالھه چڱي طرح ٻڌو ته امتحان جي مرڪز کان ٽي سو گز جي پنڌ تائين ڪنھن کي به اچڻ نه ڏجو، چاهي اهي ڪير به هجن. يا ڪي شاگرد تنظيمن جا عھديدار هجن، چاهي اها سپاف هجي، جئي سنڌ هجي يا ڪا ٻي، جيڪڏهن ڪنھن به طرح قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪن ته اتي جو اتي ٻڌي قانون جي حوالي ڪيو، ڪنھن به قسم جي رعايت ناهي ڪرڻي.
سپاف جي صدر اتي چيو ته سائين اها ته اسان جي بيعزتي آهي ۽ حڪومت به اسانجي ۽ اسين خاموش ٿي ويھون. اسان پنھنجي طرفان ڪوشش ڪري امتحانن ۾ گڙ ٻڙ ڪنداسين. مون چيو ته بابا توهان پنھنجو ڪم ڪيو، اسين پنھنجو ڪم ڪنداسين، جيڪڏهن توهان امتحان جي سينٽرن جي ڀرپاسي به ويا ته اسين قانون مطابق امن و امان قائم ڪرڻ لاءِ سڀ اپاءُ وٺنداسين. رحيم بخش جمالي ۽ سپاف جا دوست آفيس کان ٻاهر نڪري ويا. رحيم بخش جمالي خاموش رهيو ڪنھن به قسم جو ردعمل ظاهر ڪونه ڪيو. امتحان جي موقعي ته پوري ضلعي ۾ ڪٿي به سپاف يا ڪنھن ٻئي شاگرد تنظيم ڪنھن به قسم جي ڪا اهڙي ڳالھه ڪانه ڪئي، جو امتحان ۾ ڪا رنڊڪ ٿي ۽ امتحان خير خوبي سان ٿي ويا.
1989ع جنوري جي آخر يا فيبروري جي پھرئين هفتي ۾ عبدالستار ڪيريو آيو ته ۽ چيائين ته سائين منھنجي سؤ ايڪڙ زمين سڪرنڊ بڇيري باءِ پاس تي قاضي احمد روڊ وٽ آهي. مان اها زمين چاهيان ٿو ته توهان نوابشاهه پبلڪ اسڪول لاءِ تجويز ڪيو. مون چيو ته مان سرزمين ڏسي تنھن کان پوءِ حتمي ٻڌائيندس ته آيا اُها زمين پبلڪ اسڪول لاءِ موزون آهي يا نه. انھن ڏينھن ۾ عبدالستار ڪيريو صاحب سڪرنڊ شگر مل جي ٺھرائڻ ۾ اڳيان هيو ۽ زرداري صاحب جي ويجھن دوستن ۾ شمار ٿيندو هيو. سرزمين مون ڏٺي پبلڪ اسڪول لاءِ موزون هئي، مون کي ڪيريو صاحب چيو ته زمين جي قيمت هڪ لک روپيه توهان تجويز ڪيو. مون چيو ته سائين منھنجا ايتري ته پوري پروجيڪٽ جي به قيمت ڪانه ٿيندي جيتري توهان جي زمين جي ٿيندي. تنھنجي غيرآباد زمين آهي اٺ کان نو هزار کان مٿي جي قيمت ڪانه ٿيندي، انھي جي جاءِ تي توهان ايتري قيمت چئو ٿا سا ته مان ڪنھن به حالت ۾ تجويز ڪونه ڪندس. ڪيريو صاحب چيو ته توهان کي هڪ لک روپيه في هڪ ايڪڙ جي قيمت تجويز ڪرڻي پوندي ۽ تڪڙ ۾ ٻاهر نڪري ويو. انھي وقت سٺي زمين جي قيمت به ڏهه ٻارهن هزار کان وڌيڪ ڪانه هوندي هئي.
عبدالستار ڪيريو صاحب هفتي کان پوءِ وري فون ڪري ٽائيم وٺي آيو ۽ چوڻ لڳو ته منھنجي اوطاق تي هلو ۽ چانھه پيو. مون چيو ته ڀائو اتي آهيون، ڪنھن موقعي تي اتان گذرڻ ٿيو ته چانھه اچي پيئنداسين. زور ڀرڻ لڳو ته نه هاڻي، مون چيو هينئر ته مان ڪونه هلندس. وري چيائين منھنجو هڪ ذاتي ڪم آهي اهو ڪيو. مون چيو ته ٻڌايو، چيائين ته ايس پي کي چئو ته عبدالله چانڊيو کي گرفتار ڪري. مون چيو ته ڇاجي ڪري عبدالله کي گرفتار ڪري؟ چيائين ته هن ڏانھن منھنجا حساب ڪتاب رهيل آهن. مون چيو ته پوءِ انھي لاءِ سول ڪيس ڪيو، جيڪڏهن توهان جو پاڻ ۾ ڪنھن حساب ڪتاب جو ڪو معاملو آهي باقي منھنجو اهو ڪم ناهي ته مان ڪنھن کي بغير ڪنھن ڏوهه جي گرفتار ڪرايان. بھرحال هي ڪافي مايوس ٿي واپس ويو. جيستائين مان نوابشاهه ۾ هيس تيستائين مون عبدالله کي گرفتار ڪرڻ ڪونه ڏنو، ڇوته هن جو ڪوئي قصور ڪونه هيو. عبدالله چانڊيو ۽ عبدالستار ڪيريو جي اڳ پاڻ ۾ گھاٽي ياراني هئي پوءِ ڇاجي ڪري هڪٻئي سان بگڙيا اهو چئي نٿو سگھجي.
مون نوابشاهه وڃڻ شرط اهو طئه ڪيو هيو ته جيترو ٿي سگھي اوترو ضلعي جي عوام کي سھولت ڏجي. انھيءَ ڪري مون هفتي ۾ ٻه ڏينھن رکيا هيا، جنھن لاءِ مان نوشھروفيروز وڃي مورو، نوشھرو فيروز ۽ ڪنڊيارو تعلقه جا روز مره جا معاملا اتي وڃي مسئلن کي ٻڌي ۽ جيڪو منھنجي حساب سان صحيح هوندو هيو ڪندو هيس. روينيو ڪيسن جي انھن تعلقن متعلق اتي وڃي فيصلو ڪندو هيس. ڊوميسائيل ۽ پي آر سي به اتي وڃي صحيح ڪندو هيس. منھنجي اها عادت رهي آهي ته ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ ۽ پي آر سي هميشه مان پنھنجي دستخط سان جاري ڪندو هيس. انھي ڪري گھڻو ڪري ڊوميسائل وٺندڙ کي گھڻو وقت ڪونه لڳندو هيو. مون کي ياد ناهي جو ڪڏهن به ميز تي ڪوئي فائيل اڪلائي بغير سمھيو هجان.
مارچ جو مھينو هيو، صبح سوير مان گھر واري آفيس ۾ ويٺو هيم ته مرحوم پنھل چانڊيو جو پٽ نالو هينئر ياد نٿو اچي، گھڻو ڪري غلام عباس نالو هيس. آيو ۽ چيائين ته ادا ٻاهر گاڏي ۾ ويٺو آهي. مون چيو ته ڀلي هليا اچن. وري چيائين ته سائين ٻاهر گاڏي ۾ ويٺل آهي. مون چيو ته ڀاءُ هليو اچي ڪنھن به قسم جي روڪ ٽوڪ ڪانھي. وري چيائين ته ڊي سي صاحب هو سنڌ سرڪار جو ايڊوائزر آهي. مون چيو ته پوءِ مان ڇا ڪيان؟ چيائين ته سائين هو ٻاهر گاڏي ۾ ويٺو آهي. نيٺ سنڌ سرڪار جو ايڊوائزر صاحب آيو ۽ اچڻ سان چوڻ لڳو ته اهو ڪھڙو طريقو آهي جو مان ٻاهر آيو آهيان ۽ توهان آڌرڀاء لاءِ نٿا ٻه قدم ڀري ٻاهر اچو. مون چيو چانڊيو صاحب اهو ٻڌاءِ ته توهان ڪڏهن سنڌ سرڪار جا ايڊوائزر ٿيا آهيو. چيائين ته ڪالھه، مون چيو ته توهان وٽ سنڌ سرڪار جي نوٽيفڪيشن آهي چيائين ته نه. مون چيو حضرت اهو ٻڌاءِ ته مونکي ڪيئن خبر پوي ته توهان ايڊوائزر آهيو. مون چيو ته آرام سان ويھه ۽ مونکي اهو ٻڌاءِ ته تو مونکي فون ڪري ٻڌايو ته مان اچان ٿو ۽ فلاڻي تاريخ يا ٽائيم تي. چيائين ته نه، مون چيو ته اهو ڪھڙو طريقو آهي جو منھنجي آفيس اچڻ کان پوءِ چوين ٿو ته ”جاڙا خان ڪتو جھل ته مان اچان“.
چوڻ لڳوته پروٽوڪول منھنجو حق آهي. مون چيو ته بادشاهه پروٽوڪول وٺڻ لاءِ به طريقيڪار مقرر آهي، جيڪڏهن توکي پروٽوڪول جو ايترو شوق آهي ته اڳم پروٽوڪول کي سمجھه ۽ ان مطابق اچ ته انھي حساب سان جائز پروٽوڪول ملندو. پنھنجي ڀاءُ کي ٻاهر ڪڍي چيائين ته تون ٻاهر هل مونکي ڊي سي صاحب سان ٿورو ڳالھائڻو آهي. چيائين ته ڄامڙو صاحب توهان ته منھنجي ڦوري لاهي ڇڏي، يار گھٽ ۾ گھٽ تون مونکي منھنجي ڀاءُ جي سامھون ايئن نه چئين ها. چيائين ته همراهه کي شوق هيو ته مان ايڊوائيزر ٿيو آهيان ته ڊي سي ۽ ايس پي تي رعب ٿيندو. مون چيس ته جيڪڏهن توکي پروٽوڪول کپي ته ڪراچي کان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ پنھنجي سيڪريٽري جي معرفت ليٽر لکندو ڪر ته ايڊوائيزر صاحب فلاڻي ڏينھن تاريخ تي هن ٽائيم تي ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ ايندو، ڪٿي ويندو ۽ ڇالاءِ ٿو اچي، ٿورو تفصيل ڏياري موڪليندو ڪر ته پوءِ اسين توهان جو استقبال اچي ڪنداسين. چيائين سائين مھرباني اڳتي مان ايئن ڪندس.

نوابشاهه ۾ مقرري ۽ زرداري

هڪ دفعي چيف سيڪريٽري سنڌ مونکي ٻڌايو ته نوابشاهه ۾ توکي زرداري صاحب پاڻ رکرايو آهي. ليڪن زرداري صاحب مونکي ڪڏهن به پنھنجي زبان سان اهو نه چيو، نڪي وري منھنجي ڪم ۾ ڪنھن به قسم جي رڪاوٽ سڌي طرح وڌي. ٻه ٽي دفعا اهڙا موقعا به آيا، جڏهن مون ڪنھن معاملي تي ڳالھه صاف ٻڌائي ته انجي حمايت ڪيائون. هڪ دفعي مونکي مرحوم غلام مجتبيٰ جتوئي فون ڪيو ته زرداري جا ماڻهو منھنجي قاضي احمد روڊ تي نوابشاهه ۾ پلاٽ تي قبضو ڪري ويھي رهيا آهن. مان صرف توکي انھي ڪري ٿو چوان جو توهان ضلعي جا ڊي سي آهيو. سڀاڻي ايئن نه چئو ته مونکي توهان ٻڌايو ڪونه. اهو به مان سمجھان ٿو ته توهان ڪجهه ڪري به ڪونه سگھندا ڇو ته زرداري وزيراعظم هائوس ۾ ويٺو آهي. باقي قبضو مان پاڻ ڇڏائيندس ۽ مونکي قبضو ڇڏائڻ ايندو آهي. مون جتوئي صاحب کي صرف ايترو چيو ته سائين توهان مونکي هينئر چئو پيا، ۽ تقريباً ٽائيم ساڍا ڏهه صبح جا ٿيا آهن، مان توهان سان ڪلاڪ اڌ کان پوءِ ڳالھائيندس. تيستائين توهان ڪنھن ٻئي کي ڪين چوندا.
مون انھيءَ وقت زرداري صاحب ڏانھن اسلام آباد فون ڪيو. مون زرداري صاحب کي چيو ته سائين غلام مجتبيٰ جتوئي صاحب جو فون آيو هيو ۽ جتوئي صاحب هي چيو آهي. مون وڌيڪ چيو ته سائين هڪ سج به پاڇا ٿيندا آهن ۽ توهانجي لاءِ اهو بھتر ڪونه ٿيندو جو سڀاڻي توهان لاءِ ايئن خوامخواهه ڳالھيون هلن. چيائين ته مونکي اها خبر ناهي، باقي ڪجھه خاصخيلي مون وٽ آيا هيا ۽ ايئن چيو هين ته سرڪاري پلاٽ آهي ۽ اسين مسڪين ماڻھن کي رهڻ لاءِ جاءِ ڪانھي، مون چيو ته ڀلي توهان وڃي ويھو. مون چيو ته سائين اهو سرڪاري پلاٽ ناهي، بلڪه جتوئي صاحب جو آهي. چيائين ته انھن کي هينئر وڃي اٿارين. مون انھيءَ وقت فون ڪيو مختيارڪار نوابشاهه کي ته قاضي احمد روڊ تي جتوئي صاحب جو پلاٽ آهي، اتي جيڪي به ماڻھو ويٺا آهن، اڌ ڪلاڪ ۾ اٿاري مونکي رپورٽ ڏي. مختيارڪار سرزمين تي ويو ۽ اچي چيائين ته سائين اهي ته زرداري صاحب لاءِ ٿا چون ته اسان کي مالڪ اجازت ڏني آهي. مون وراڻي پڇيو ته اهو پلاٽ ڪنھن جو آهي؟ چيائين ته اتي ماڻھن ٻڌايو ته جتوئي صاحب جو آهي. مون چيو ته هينئر وڃ ۽ مونکي ٻارهن وڳي کان اڳ اچي ٻڌاءِ ته ڪوئي ماڻھو اتي ڪونھي ۽ انھيءَ کان پوءِ مان پاڻ اچي سرزمين ڏسندس. مختيارڪار ويو انھن جيڪي ڪچا پکا اڏيا هئا انھن کي اتان ٻاهر ڪڍي اچي رپورٽ ڏني ته هينئر پلاٽ بلڪل خالي پيو آهي. مون انھي وقت جتوئي صاحب کي فون ڪري چيو ته توهان جو پلاٽ خالي ٿي چڪو آهي ۽ گھٽ ۾ گھٽ توهان انکي چوڌاري ديوار ڏياري ڇڏيو. چيائين ته ڄامڙو صاحب ڇا ٿو چوين هينئر پلاٽ خالي ڪرائي ڇڏيو آهي توهان؟ مون چيو ته بھتر ٿيندو ته توهان ڪنھن پنھنجي ماڻھو کي موڪلي تصديق ڪيو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جتوئي صاحب جو وري فون آيو ته ڄامڙو صاحب مان توهان جو صرف شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ فون ڪيو، جو اسان کي گھڻي جنجھٽ کان بچائي ڇڏيو ۽ توهانجي وڏي مھرباني.
زرداري صاحب چيو نوابشاهه لاءِ ڪجھه ترقياتي اسڪيمون تجويز ڪري موڪل. نوابشاهه کي خوبصورت بنائڻ لاءِ اڳئي پنھنجي ليکي مون ڪجھه اسڪيمون ٺاهيون هيون، هاڻي وڌيڪ انھن کي سينگاري ٺاهي مان هيٺيون اسڪيمون رئيس حاڪم علي زرداري صاحب جي طرفان ٺاهي مسٽر سلمان فاروقي ايڊيشنل سيڪريٽري پي ايم سيڪريٽريٽ وٽ کڻي ويس. جنھن تي فاروقي صاحب چيو ته حاڪم علي جي نالي سان اسڪيمون نه هجن، بلڪ تون ڊي سي جي حيثيت ۾ اهي سڀ اسڪيمون تجويز ڪر. مون چيو ته سائين مان هن وقت صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ آهيان ۽ مان سڌو مرڪز کي لکي ڪونه ٿو موڪلي سگھان. تنھنڪري ڪنھن نه ڪنھن سياسي ماڻھو يا ڪنهن ٻئي جي نالي موڪلي سگھندس. چيائين ته نه تون پاڻ ڊي سي جي حيثيت ۾ موڪل. مون چيو ته هڪ صورت ٿي سگھي ٿي ته توهان مونکي ليٽر لکو، پوءِ انھي جواب ۾ مان توهان ڏانھن سڀ اسڪيمون روانيون ڪيان. چيائين ته تون ڳالھه ڪونه سمجھندين. مون چيو ته سائين اها منھنجي پراڻي بيماري آهي. خير مون رئيس حاڪم علي جي نالي سان هيٺيون اسڪيمون تجويز ڪيون؛-
ريلوي مٿان اورهيڊ برج: ايئرپورٽ جي ٽرمينل کي اولهه طرف ڪرڻ ۽ ٽرمينل تائين روڊ کي ويڪرو ۽ ٻه طرفو ڪرڻ. فور اسٽار هوٽل، لا ڪاليج روينيو ڪالوني۽ پبلڪ اسڪول.
روينيو اڪيڊمي: سنڌ ۾ روينيو اڪيڊمي جي نه هجڻ سبب سنڌ جا پي سي ايس آفيسر عمومن پشاور ٽرينگ لاءِ ويندا هيا، منھنجي خواهش هئي ته روينيو اڪيڊمي سنڌ ۾ ٺھي ۽ منھنجي حساب سان نوابشاهه پوري سنڌ جي تقريباً سينٽر پوائنٽ ٿئي ٿو.
لکمير ديھه کي سڪرنڊ تعلقي مان ڪڍي نوابشاهه تعلقي ۾ ڪرڻ. ڇوته نوابشاهه ايئرپورٽ جي حد ٻن ضلعن ۽ ٽن تعلقن ۾ ورهايل هئي. ايئرپورٽ جي اوڀر ڏکڻ ضلعي سانگھڙ ۾ ايندو هيو. ايئرپورٽ جي مين گيٽ کان ٿورو اڳتي هلڻ کان پوءِ نوابشاهه تعلقو ختم ۽ سڪرنڊ تعلقو شروع ٿي ويندو هيو.
نوابشاهه لاءِ واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج، شھر جي اندر مختلف رستا، نوابشاهه سڪرنڊ روڊ کي ويڪرو ۽ ٻه طرفو ڪرڻ وغيره وغيره. فاروقي صاحب پوءِ مونکي زرداري صاحب سان ملاقات ڪرائي. چڱي نموني سان خوش خرابت ٿي. پوءِ چيائين ته ڪوئي تنھنجو ذاتي ڪم؟ مون عرض ڪيو ته سائين مھرباني، جيڪڏهن ٿي سگھي ته اسان کي ڪنھن فارين ٽريننگ لاءِ نامزد ڪرايو. انھي وقت فاروقي صاحب کي چيائين ته نوٽ ڪر، ڪنھن ٽرينگ لاءِ اي اي ڊي وارن کي چئو. انھي کان پوءِ مان موٽي واپس نوابشاهه آيس.
هڪ دفعي سائين ظفر علي شاهه فون ڪيو ته فلاڻو تپيدار آهي، هن منھنجي مخالفت ۾ جتوئي صاحب جي گروپ کي ووٽ ڪرايا آهن ۽ انھي کي هينئر جو هينئر سسپينڊ ڪر. مون چيو ته سائين سسپينڊ ڪرڻ لاءِ ڪوئي جواز کپي، صرف انھي چوڻ تي ته مان هڪ تپيدار کي سسپينڊ ڪو نه ڪندس، ته هن توهانجي مخالفت ڪئي آهي. چوڻ لڳو ته ان تپيدار جتوئي صاحب جي طرفان ٿي ڇھن پولنگ اسٽيشن تي نه صرف مخالفت ڪئي آهي پر انھن ڇھن پولنگ اسٽيشن جو سڄو خرچ به انھي تپيدار ڪيو آهي. هوڏانھن تپيدار کي به ڪٿان ڀڻڪ پئجي وئي ته ظفر علي شاهه هن جي پٺيان هٿ ڌوئي پئجي ويو آهي. سائين ظفر علي شاهه جي خوبي آهي ته جنھن ڪم جي پٺيان پوندو آهي، تيستائين آرام سان نه ويھندو آهي، نڪي ڪنھن کي ويھڻ ڏيندو آهي، جيستائين انکي توڙ تائين نه پھچائي. سائين ظفر علي شاهه سان ويساري جي به ماڻھن کي شڪايت رهندي آهي پنھنجي علائقي ۾، پوءِ خبر ناهي اها ڄاڻي واڻي ڪندو آهي يا واقعي ايئن آهي.

تپيدار ۽ ايس ايڇ او کي هٿ ناھي لائڻو

ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ پي ايم سيڪريٽريٽ مان فون آيو ته تپيدار کي هٿ ناهي لائڻو، اهو اتي ئي رهي جنھن پوزيشن ۾ آهي. سائين ظفر علي شاهه هر ٻئي ٽئين ڏينھن فون ڪري تپيدار جي خلاف شروع ٿي وڃي. جڏهن مان چوان ته سائين ڪجھه ثبوت ته ڏيو ته چوندو هيو ته مان جو ٿو چوان، سائين توهانجو چوڻ صحيح پر ڪجھه ته لکت ۾ ڪو جواز هجي. تپيدار اتي جو اتي رهيو، سائين لکت ۾ يا ڪوئي ثبوت ڪونه پيو ڏئي ڳالھه آئي وئي. پوءِ خبر پئي ته ان تپيدار ٻن گھوڙن تي شرط رکي هئي، هڪ هارائي ويو ٻيو کٽي ويو.
الحمدلله ڊسٽرڪٽ ۾ منھنجي ۽ ايس پي صاحب جي پاڻ ڪافي هم آهنگي رهي آهي. ڪيترائي دفعا جيڪڏهن ڊي ايس پيز کي ايس پي صاحب جي نوٽيس ۾ ڳالھه نه ايندي هئي ۽ مان ڪوئي حڪم پاس ڪري ڇڏيندو هيس، جيڪو ايس پي جو ڪم هوندو هيو پر مان چئي ڇڏيندو هيس ته جيڪڏهن ڊي ايس پي فون ڪري ايس پي جي نوٽيس ۾ ڳالھه آڻيندو هيو ته ايس پي صاحب هميشه پنھنجي ماتحتن کي چوندو هيو ته ڄامڙو صاحب جيڪو چيو آهي، اهو منھنجي طرفان چيل سمجھو، اهڙي طرح ايس پي صاحب جيڪڏهن روينيو جي ڪنھن به آفيسر کي چوندو هيو ته منھنجو به ساڳيو چوڻ هوندو هيو. پر جيڪڏهن اسان مان ڪنھن کي ان ڳالھه تي اتفاق نه هوندو هيو ته اسين پنھنجي ماتحتن کي ڪڏهن به ڪونه جھليندا هياسين، جيستائين اسين پاڻ ۾ اهو مسئلو ڊسڪس ڪري ان حڪم کي تبديل ڪريون ۽ تبديل ڪرڻ لاءِ به ساڳيو آفيسر چوندو هيو ايئن ناهي جيڪڏهن ايس پي چيو منھنجي ماتحتن کي وري به ايس پي صاحب انھي حڪم ۾ ردوبدل ڪري چوندو هيو ته جيئن هيٺين وٽ اهو تاثر نه وڃي ته ٻنھي وڏن جي وچ ۾ ڪوئي انھيءَ ڳالھه تي اختلاف آهي.
علي اڪبر بنگوار ۽ مان گڏ نوابشاهه هياسين ۽ اسان جي ايتري ته هم آهنگي هوندي هئي، جو ڪڏهن مان ڊي سي به ته گڏوگڏ ايس پي به هوندو هيس، اهڙي طرح بنگوار صاحب ايس پي سان گڏوگڏ ڄڻ ڊي سي به هوندو هيو. پر بنگوار صاحب ۾ اها خوبي هوندي هئي ته هو هميشه مونکي وڌيڪ اهميت ڏيندو هيو. هڪ دفعي نه پر ڪيترائي دفعا اسان ٻنھي کي مختلف سورس کان اطلاع مليو ته ايس ايڇ او ٺارو شاهه ڏوهارين سان مليل آهي. اسان ٻنھي ان علائقي ۾ اوپن ڪچھري جو پروگرام رکيو ۽ ڪجھه اهڙا ماڻھو هيا، جن ايس ايڇ او جي خلاف ڳالھه ڪئي ۽ اسان کي مليل رپورٽ جي تصديق ٿي، جيئن ته اسان ٻنھي کي تسلي ٿي ته جيڪا رپورٽ ملي آهي سا سچي آهي، مون ۽ ايس پي صلاح ڪري اتي جو اتي ايس ايڇ او کي سسپينڊ ڪري لائين موڪلڻ جو اعلان ڪيو. اوپن ڪچھري ختم ٿي اسان ٻئي گڏ هڪ گاڏي ۾ موٽياسين. گاڏي مون پئي هلائي ۽ بنگوار صاحب گڏ واري سيٽ تي ويٺو هيو. اسان جڏهن ٺارو شاهه کان مورو جي ڀرسان پھتاسين ته سي ايم هائوس کان وائرليس تي ميسيج آيو ته ٺاروشاهه جي ايس ايڇ او کي ري انسٽيٽ ڪري ساڳئي ٿاڻي تي ايس ايڇ او ڪري رکو. ايس پي مون ڏانھن ڏٺو، چيائين ته سائين هاڻي ڇا چئون. مون چيو ته اسان جي طرفان انڪار . خير اسان انڪار ۾ جواب موڪليو ته اسان انھي کي ري انسٽيٽ ڪري ساڳئي ٿاڻي تي ايس ايڇ او ڪري ڪون رکنداسين. جڏهن اسان اڳتي دولتپور ۽ قاضي احمد جي تقريباً وچ تي پھتاسين ته ٻيھر سي ايم هائوس ڪراچي کان ميسيج آيو ته نه ۽ توهان انکي ري انسٽيٽ ڪري ٺارو شاهه ٿاڻي تي ايس ايڇ او ڪري رکو.اسان ٻنھي ساڳيو جواب موڪليو ته اسين ايئن ڪونه ڪنداسين. اڃان اسان قاضي احمد کان نوابشاهه لاءِ لڙياسين ته هڪ ڀيرو ٻيو ميسيج آيو، جيڪو هوم ڊپارٽمينٽ جي طرفان باقائده آرڊر هيو ته هوم ڊپارٽمينٽ جي آرڊر نمبر فلاڻو ۽ فلاڻي رولز جي تحت هوم ڊپارٽمينٽ ان سسپينڊ ٿيل ايس ايڇ او کي ري انسٽيٽ ڪري ٺارو شاهه ٿاڻي تي ايس ايڇ او مقرر ڪري ٿو.
اسان ٻئي هڪٻئي جو منھن ڏسندا رهياسين پوءِ اسانکي ان ٿاڻي ڏانھن وڃڻ جي همٿ ڪانه ٿي. ڇو ته جڏهن توهان بيوس ٿي وڃو ۽ ڪري به ڪجھه نه سگھو ته اتي وڃڻ وڌيڪ بيعزتي جي ڳالھه هوندي آهي. ٻيو ته پوءِ اهو ماتحت توهان جي حڪمن کي ٺڪرائي، انھيءَ جي حڪمن جي پوئواري ڪندو آهي جنھن هن کي ضد ۾ اچي مٿان کان ڪم ڪرائي اتي رکرايو ۽ ان جو ناجائز تحفظ به ڪري. جڏهن اهڙي قسم جي مداخلت انتظاميه ۾ اچي ويندي آهي ته پوءِ انتظاميه جو الله حافظ.
انھن ڏينھن ۾ گورنر سنڌ مسٽر جسٽس فخرالدين جي ابراهيم ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ٻنھي گڏجي نوابشاهه جو دورو ڪيو. اسان امن امان جي حساب سان بريفنگ ڏني، جنھن ۾ اسان واضح طور چيو ته سائين ڊي سي ۽ ايس پي توهان ڪنھن کي به رکو، تيستائين امن و امان قائم ڪونه ٿيندو جيستائين توهان جنھن کي جوابداري ڏيو ۽ ان جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪندا. اسان جنھن کي ڪجھه ڪيون ٿا ته توهان اهو چئي معاملو خراب ٿا ڪيو ته بابا هي اسان جو پراڻو ورڪر آهي، هن اسان جي ڪري جيل کاڌا آهن. ڀلي اهو ماڻھو جيل ۾ پنھنجي ڪرتوتن جي ڪري ڇونه ويو هجي. جنھن کي به رکو انکي پنھنجي ايريا ۾ خودمختيار ڇڏيو ته هو پنھنجو ڪم ڪري، پوءِ جيڪڏهن رات جو ڪير ڪمزور ترين ماڻھو سون کڻي وڃي ۽ انکي ڪجھه ٿئي ته پوءِ ان ضلعي جي ڊي سي ۽ ايس پي جي جوابداري آهي، باقي ايس ايڇ او کي شڪايتن تي سسپينڊ اسين ڪيون ۽ توهان اسانجي ڳالھه کي وزن به نه ڏيو ۽ ذميوار به اسان کي ڪيو ته بھتر ته توهان ڪنھن کي به رکو، اسان کان ايئن ڪم ڪونه ٿيندو. جسٽس فخرالدين جي ابراهيم ان ڳالھه جي تائيد ڪئي پر سي ايم صاحب سياسي مصلحت جو شڪار اسين به بيڪار.
سرڪٽ هائوس ۾ سي ايم صاحب کي ورڪر اچي وڪوڙين ۽ درخواستن تي نوٽ هڻندو به وڃي، ورڪر سائين کي سوڙهو ڪندا وڃن، اسان جيڪڏهن ڪنھن کي چئون ته ٿورو پٺتي هٽو ۽ لائين ۾ اچي درخواست تي نوٽ هڻايو. تڏهن سائين چئي ابا نه چئو انھن کي، اچي ورڪرن ڌڪا ڏيڻ شروع ڪيا، هڪٻئي کي اسان جھليون ته اسان تي غصو ڪري، آخر ڪار سائين هڪ ڪمزور جسم جو مالڪ سائين اچي هيٺ پيو، تڏهن به اسان کي جھلي ته ابا نه چئون. ورڪرن هڪٻئي کي ڌڪا ڏئي دروازا ٽوڙي ڇڏيا اتي رکيل هر شئي ڊانوانڊول ٿي وئي، سائين پاڻ ڌڪن ۾ ڪڏهن اوڀر طرف ڪري ته ڪڏهن اولھه طرف.

سنڌ ۾ لئنڊ ريفارمس جو قصو

تقريباً مارچ جي پھرئين هفتي ۾ بورڊ آف روينيو کان هدايتون مليون ته لينڊ رفارمس جا جيڪي به ڪيس پينڊنگ ۾ پيا آهن، اهي سڀ جلد کان جلد ڊسائيڊ ڪري رپورٽ ڏيو. مون پنھنجي آفيس مان چيڪ ڪرايو ته جيڪي اهڙا ڪيس آهن اهي پيش ڪيو. ان وقت صرف هڪڙو ڪيس فيڊرل لينڊ ريفارمس متعلق پينڊنگ پيو هيو. مان هتي هڪ ڳالھه گوش گذار ڪندو هلان ته سنڌ هجي يا پاڪستان جو ڪھڙو به علائقو. زميندار وڏا ماهر هوندا آهن، پنھنجي زمين جي رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ ۾. حالانڪ اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته فلاڻي زميندار جي قبضي هيٺ هزارين ايڪڙ هوندي آهي. پر سندن نالي هڪ ويسو زمين سرڪار طرفان ڪيل ريفارمس کان وڌيڪ ڪين هوندو اٿن. پوءِ به هزارين ايڪڙن جا مالڪ هوندا آهن. مون سميت اڪثر سڀ ڄاڻيندا هوندا ته پنھنجي نالي کان علاوه جيڪا انھن جي قبضي هيٺ زمين هوندي آهي اها انھن وٽ عمومن نوانوي سال مقاطعي ليز تحت پنھنجي نوڪرن چاڪرن، غريب عزيز اقارب ۽ دوستن جي نالي سان ھوندي آهي. اهڙيءَ طرح قانون جي تقاضائن جي مد نظر هو هميشه سرخرو ٿي بچي ويندا آهن.
فيڊرل لينڊ ڪميشن جي طرفان جيڪو ڪيس رهيل هيو، جنھن جي متعلق ڪوئي فيصلو ڪونه ٿيو هيو اهو هو، مرحوم رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي جو. ڪيس کي هلرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري تاريخ مقرر ٿي. رئيس غلام مصطفيٰ جي طرفان ڪريم بخش يا عبدالڪريم جي نالي هڪ پيرسن اچي پيش ٿيو ۽ پنهنجو رئيس جو انڪل طور تعارف ڪرايائين. ٻه ٽي حاضريون هليون، تپيدارن اچي لينڊ رڪارڊ پيش ڪيو. جڏهن سموري رڪارڊ جي جاچ پڙتال ختم ٿي ته رئيس جي نالي تي زمين بلڪل فيڊرل لينڊ ريفارمس مطابق پوري هئي. تنھن ڪري ان پيش ڪيل رڪارڊ جي روشني ۾ فيصلو ڪيو. جيئن ته پيشي تي ايندڙ پيرسن بيماري ۽ وڏي ڄمار جي ڪري گھڻو وقت بيھي پنھنجي ڪيس جو تفصيل ٻڌائي ڪين پي سگھيو ته مون کي چيائين ته سائين جيڪڏهن اجازت ڏيو ته مان ڪرسي تي ويھي تفصيل ٻڌايان. مون کيس اجازت ڏني، جيڪا ڪجھه ماڻھن کي ڳالھه ڪانه وڻي. بھرحال مون هڪ انسانيت جي ناطي اهو عمل ڪيو. فيصلو به قانون جي دائري اندر ڪيو. جنھن کان پوءِ مان ان ڪيس متعلق سڄو رڪارڊ ڪمشنر سکر ڏانھن روانو ڪيو ته جيئن هو اتان بورڊ آف روينيو ڏانھن ارسال ڪري.
اپريل 1989ع ۾ ابوبڪر زرداري ضلعي نوابشاهه جا ٻه نقشه ٺھرائي کڻي آيو. اچڻ سان چيائين ته مونکي رئيس حاڪم علي موڪليو آهي ۽ هن نقشي مطابق نوابشاهه مان ٻه ضلعا ٺاهڻا آهن. هڪ ضلعو نوابشاهه، ٻيو ضلعي نوشھرو فيروز.
مون چيو ڀاءُ مون ڏانھن ته اهڙو ڪوبه سنڌ سرڪار خط ناهي موڪليو، جنھن ۾ اها تجويز ڏجي ته ضلعي نوابشاهه کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪرڻو آهي. مونکي جيستائين سنڌ سرڪار بورڊ آف روينيو جي معرفت خط لکي ڪنهن پروپوزل لاءِ نه چوندي تيستائين مان ڪنھن به قسم جي تقسيم جي تجويز مان ڪونه ڏيندس. چيائين ته سائين اهو به توهان کي خط اچي ويندو ته پوءِ چيو ته مان پوري رڪارڊ کي جانچي جوچي ضرور تجويز ڪندس. ابوبڪر زرداري جو ضد ته نه اهو توهان ڏانھن خط جيستائين اچي توهان صرف هن نقشي تي دستخط ڪري اسٽيمپ هڻي ڏيو، جو رئيس کي تڪڙ آهي. مون چيو ته سائين اهي ڪم ايئن ڪونه ٿيندا آهن، جيئن توهان ٿا چئو. ضلعي جي تقسيم لاءِ صرف سياسي گھرج نه هوندي آهي، اهي سڀ عوام جي سھولت ۽ ضلعي کي هلائڻ خاطر روينيو ۽ باقي سھولتن جي موجود ڪري ڏيڻ لاءِ بجيٽ وغيره کي ڏسي پوءِ فيصلو ڪبو آهي ته آيا اها ايراضي جيڪڏهن انھي کي الڳ ڪرڻو آهي ته ان سان عوام کي ڪھڙو سک پھچندو ۽ ڪيتري عوام ان مان سھولت حاصل ڪندي وغيره وغيره. ابوبڪر زرداري صاحب جو ضد ته نه توهان هاڻي هن تجويز ڪيل نقشي تي دستخط ڪري مونکي هينئر جو هينئر ڏيو، جو مونکي ڪراچي واپس وڃڻو آهي. مون چيو ته ڀاءُ جيڪڏهن جمن ڄامڙو جي حيثيت ۾ دستخط کپي ته مان ڏهه صحيحون ڪري ڏيان ٿو. باقي ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه جي حيثيت سان انهن نقشن تي مان دستخط ڪونه ڪندس. ڇوته ڊي سي جي حيثيت ۾ مان ضلعي جو ڪسٽوڊين آهيان ۽ مونکي پنھنجي مختص ڪيل ايراضي جي هر حال ۾ سنڀال ۽ حفاظت ڪرڻي آهي. چيائين ته وري به سوچيو، مون چيو ته منھنجا ڀاءُ منھنجو اهو جواب سوچيل ۽ سمجھيل آهي ۽ ان تي مان قائم آهيان ۽ قائم رهندس، باقي توهان جي مرضي.
خير ابوبڪر زرداري واپس ويو اهي نقشا اتي رکي ۽ چئي ويو ته متان توهان کي بعد ۾ دستخط ڪرڻا پون.
نقشي جي صورتحال هن طرح هئي:
نوشھروفيروز ضلعي لاءِ، مورو، نوشھرو فيروز، ڪنڊيارو، پڊعيدن محراب پور، مورو تعلقي مان جھانيان ڪڍي باقي سمورو، باقي جيڪو علائقو بچيو اهو نوابشاهه ضلعو.
نوشھرو فيروز لاءِ ٽي سب ڊويزن تجويز ڪيل هيون، مورو صرف تعلقو، نوشھروفيروز ۽ ڪنڊيارو تعلقو، پڊعيدن ۽ محرابپور تعلقو.
منھنجو زور هيو ته جيڪڏهن نوشھرو فيروز ضلعو ٺھي ته پوءِ پڊعيدن جي جاءِ تي ڪنڊيارو سب ڊويزن ۽ هالاڻي کي تعلقو ڪيو وڃي. باقي ٻيو پنھنجي جاءِ تي. تنھن تي ابوبڪر زرداري چيو ته تون هالاڻي منظورشاهه جي ڪري ٿو چوين، مون چيو ته ڀاءُ ڪنھن شخصيت جي صورت جي وڻڻ يا نه پسند جي ڪري انتظامي حدون ڪونه بدلائبيون آهن. ٿي سگھي ٿو ته اڄ جنھن جو چھرو توهان کي پسند ناهي، سڀاڻي اهو توهانجو ويجھو دوست ۽ ساٿاري ٿي سگھي ٿو . هالاڻي هڪ پراڻو ۽ تاريخي شھر آهي ۽ محرابپور لاءِ به هالاڻي بھتر ٿيندو. تنھن ڪري مان چاهيندس ته محربپور، گل شاهه ء هالاڻي سپروائيزنگ تپن تي هالاڻي تعلقو ڪري ڪنڊيارو سب ڊويزن سان ملائي ڇڏيو ۽ عوام لاءِ سھولت ٿيندي ۽ انتظامي حساب سان بھتر ٿيندو. باقي منھنجي حساب سان پڊعيدن کي نوشھروفيروز مان ڪڍي تعلقو ٺاهڻ صحيح فيصلو ڪونه ٿيندو.
هفتي کان پوءِ ٻيھر آيو، چيائين ته سرڪار جي طرفان جلد خط پھچندو، مگر توکي تجويز جيئن اسان نقشو ڏنو آهي انھي مطابق ڪرڻو آهي. مون وراڻي چيو ته سائين مان توهان کي اڳ به واضح ڪيو هيو ته پڊعيدن سب ڊويزن جي لائق ناهي ۽ محراب پور جي بجاءِ هالاڻي تعلقو بھتر ٿيندو ۽ ڪنڊيارو کي سب ڊويزن ڪيو . چيائين ته تون ڪونه مڙسين.
اپريل جي آخري هفتي هڪ بينڪ جو مينيجر آيو، چيائين ته سائين پبلڪ اسڪول جي زمين لاءِ قيمت تي ڪجھه لچڪ آڻيو ۽ ڪيريو صاحب جيئن چوي ٿو ايئن ڪيو ته بھتر ٿيندو، ڇوته هو مٿي هڪ آهي ۽ توهان جي لاءِ ڳالھين ۾ مرچ مصالا ملائي صلاحون ۽ تجويزون ڏئي ٿو. مون وراڻي چيو ته زمين جي قيمت اٺ نو هزار روپيه ايڪڙ کان وڌيڪ آهي ڪانه، ۽ مان هڪ لک في ايڪڙ ڪونه ڪندس، چانڊيو کي مان ڇو گرفتار ڪيان جڏهن مون وٽ ڪوئي انھي متعلق ڪرمنل رڪارڊ ڪونھي، باقي جي حدود ۾ ردوبدل ٿينديون آهن پر اهي انتظامي حساب سان، نڪي صرف سياسي حساب سان. باقي منھنجي مالڪ جيڪو نصيب منھنجي لاءِ جتي لکيو آهي اهو مونکان ڪير ڇني ڪونه ٿو سگھي، جيڪو منھنجي نصيب ۾ ناهي، اهو ڪير ڏئي ڪونه ٿو سگھي. اڄ تائين منھنجي الله سائين نگھباني ڪئي آهي اهو منھنجو هميشه ڪارساز رهندو.
مونکي ڪنھن دوست ٻڌايو ته برگيڊيئر مرحوم ٽي ايم شاهه ڪمانڊو هيو، ان ڪيريو صاحب کي جهليو ته اهو تون چڱو ڪونه ٿو ڪرين ۽ ڄامڙو صاحب ڪم سھي ٿو ڪري. اهو تنھنجو چوڻ ته ڄامڙو صاحب جتوئي جو ماڻھو آهي، اهو غلط ٿو مٿي رپورٽ ڪرين. باقي توهان سياسي ماڻھو آهيون جيڪو توهان سوچيو توهانجو حق آهي
بھرحال مئي جي پھرئين هفتي منھنجي خير سان نوابشاهه مان ٽرانسفر ٿي ۽ منھنجي پوسٽگ ٿي ڊپٽي ڊائريڪٽر ريجنل پلاننگ آرگنائزيشن پي اينڊ ڊي سنڌ، ڪراچي.
الله سائين جا شڪر ڪري اسان اتان نڪري اچي ڪراچي پھتاسين ۽ چارج مسٽر آفتاب ميمڻ جي حوالي ڪئي.

ريجنل پلاننگ آرگنائيزيشن ھڪ ڪاغذي اِدارو

ريجنل پلاننگ آرگنائيزيشن جو ادارو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ سنڌ انھي لاءِ جوڙيو هيو ته اهو ادارو سنڌ جي ٻھراڙي لاءِ ترقياتي پلان ٺاھڻ لاءِ هوم ورڪ ڪري سڀ ڊيٽا تيار ڪري پي اينڊ ڊي کي موڪلي ته جيئن سنڌ جي ڏتڙيل ۽ ترقي کان وانجھيل علائقن جا ترت ترقياتي جا ڪم ڪرائي انھن پٺتي پيل علائقن کي جديد سھولتون مھيا ڪجن. شروع واري وقت ۾ آر پي او تمام سٺو ڪم ڪيو، جنھن جي ڪري روڊ رستا، پليون، بجلي، اسڪول، اسپتالون، واٽرسپلاءِ جون اسڪيمون وغيره وغيره سنڌ جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ پنھنجي سالياني ترقياتي بجيٽ ۾ منظور ڪرائي ٻھراڙي وارن علائقن تائين ترقياتي ڪمن جو آغاز ڪيو. انھي آر پي او جي محنت جو ثمر هيو جو ٻھراڙي وارن علائقن ڏانھن اڻلڀ سھولتن پير پاتو، جنھن جو ان کان اڳ ڪوئي تصور به ڪونه پيو ڪري سگھي ته پڪا رستا ۽ بجلي به ٻھراڙي ۾ ايندي، جو سنڌ جا ماروئڙا انھن ترقياتي ڪمن مان مستفيض ٿيندا.
1977ع کان پوءِ ڄاڻي واڻي آر پي او کي ڪاغذن ۾ ادارو رهڻ ڏنو ويو، جيڪو سراسر سنڌ سرڪار جي خزاني تي بار هيو. ڇوته جنھن مقصد لاءِ هي ادارو وجود ۾ آيو هيو، انھيءَ کان ڪوئي ڪم ڪونه پيو ورتو وڃي. پريڪٽيڪل اهو هڪ ناڪاره بڻجي چڪو هيو، جنھن جي ڪابه افاديت ڪانه هئي. 1985ع کان پوءِ سنڌ جي ترقياتي جي ڪمن جو محور صرف اسيمبلي جي چونڊجي آيل ميمبرن جي ڏنل اسڪيمن کي اهميت ملڻ شروع ٿي، جنھن ڪري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ادارو وڃي هڪ پوسٽ آفيس وارو ڪم ڪرڻ لڳو، جيڪو هينئر ته پي اي ڊي رڳو پوليٽيڪل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ بڻجي ويو آهي. جنھن جي ڪري نه آر پي او جو نڪي وري پي اي ڊي جو ڪوئي ڪردار رهيو آهي. تنھن ڪري ترقياتي اسڪيمون ڪڏهن به نه ٽائيم تي مڪمل ٿين ٿيون نڪي اهي اسڪيمون عام ماڻھن جي مفاد کي نظر ۾ رکي جوڙيون وڃن ٿيون. تنھن ڪري ترقياتي ڪمن لاءِ جيتري بجيٽ مختص ڪئي وڃي ٿي انھي جو زيان گھڻو آهي، باقي عوام جي بجاءِ خاص شخصيتن کي گھڻو فائدو آهي.
جڏهن مون آر پي او جوائن ڪيو ته هڪ قسم جي Paid Leave پيڊ ليو هئي. ڇوته انھيءَ وقت او ايس ڊي جو ڪلچر ايترو گھڻو ڪونه هيو، تنھن ڪري اهڙي قسم جا ادارا زندهه رکيا ويا هيا ته جيئن وقت جي سرڪار لاءِ ڪارآمد ٿين. بھرحال الله جا احسان جيڪو منھنجو هميشه ڪارساز رهيو آهي، تنھن ڪري مون کي ڪڏهن به اهيو احساس ڪونه ٿيو ته ڪو مون سان زيادتي ٿي آهي. پر مان هميشه اهو تصور ڪندو هيس ته انھيءَ ۾ منھنجي رب ڪائنات ڪا ضرور ڀلائي رکي آهي. تنھن ڪري وڏي سڪون ۽ تحمل سان آفيس ۾ ايندا هياسين چانھه وغيره پي وقت جو انتظار ڪري گھر ڀيڙا ٿيندا هياسين، الله الله خير سلا.
ڪجھه ڏينھن کان پوءِ اسان جو پيارو دوست بينڪ مينيجر جيڪو نوابشاهه ۾ هيو، تنھن جو پروموشن ٿيو، ڪراچي ۾ پوسٽنگ مليس. فون ڪري ٻڌايائين ته ڀائو منھنجو پروموشن گھڻي عرصي رڪيل هيو، الحمدلله ٿي ويو آهي ۽ ڪراچي ۾ پوسٽنگ ٿي آهي. مون کيس پروموشن ۽ ڪراچي پوسٽنگ ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ هفتي کن جي اندر سندس آفيس وڃي ڀاڪر پائي ملڻ ٿيو. چانھه وغيره کان پوءِ سائين چيو ته ڀائو ماني کائو مون چيو ته بلڪل کائينداسين به ۽ کارائينداسين به، پر اڄ نه، پوءِ پاڻ ۾ ڪو وقت مقرر ڪنداسين انھي لاءِ. انھي کان پوءِ چيائين ته يار مونکي سٺو ڪونه ٿو لڳي جو تو جھڙو دلبر ماڻھو ايئن سکڻو وقت گذاري. مون چيو ته ڀائو انھي به يقينن ڪا الله سائين جي حڪمت هوندي. چيائين نه ڀائو منھنجي ڳالھه مڃيو مان ماني جو بندوبست ڪيان ٿو، ۽ ڪيريو صاحب کي به انھي ماني تي مدعو ڪيان ٿو پوءِ اتي مان پاڻھي معاملي کي ٺاهي وٺنداسين. مون سائين کي عرض ته ڀائو هرگز ايئن ڪين ٿيندو.
ڀلي بک ڀرم، شل ۾ وڃي شان.
جولاءِ مھيني ۾ جنھن لاءِ مون اسلام آباد ۾ زرداري صاحب کي چيو هو ته جيڪڏهن ٿي سگھي ته مونکي فارين ٽريننگ لاءِ نامينيٽ ڪرائجو. پي اي ڊي وارن جي طرفان ليٽر آيو ته ڏهن هفتن لاءِ آمريڪا ۾ هڪ ڪورس لاءِ توهانجي اي اي ڊي نامينيشن ڪئي آهي تنھن ڪري توهان آگسٽ جي ٽئين هفتي ۾ وڃڻ جي تياري ڪيو. پاسپورٽ لاءِ ڪاغذ ٺھرايا ۽ جيڪو هفتي اندر ملي ويو. انھي کان پوءِ ويزه جو مرحلو هيو، سو ڪورس جي نامينيشن ليٽر جي ڪاپي ويزه اپليڪيشن سان لاڳاپيل ڪري آمريڪن قائونصليٽ ڪراچي ۾ هاليڊي ان جيڪو هاڻي ميريٽ هوٽل نالي ٿي ويو آهي، ان جي ڀڪ ۾ هوندو هو، وڃي ڪاغذ پٽ جمع ڪرايا ٽن چئن ڏينھن جي تاريخ ڏنائون. مون سان گڏ ٻه ٻيادوست به هيا، طفيل جماڻي ۽ مظھر سومرو، جيڪي ساڳي ڪورس ۾ وڃڻا هياسين. ڪورس جو نالو هيو اپليڪيشنس آف ڪمپيوٽر ان مينيجمنٽ، ڪورس ٿيڻو هيو، يو ايس ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ واشنگٽن.
الحمدلله بيروني سفر ڪرڻ لاءِ ضروري ڪاغذ پٽ مڪمل ٿي ويا، ڪجھه ڏينھن کان پوءِ اسان کي حڪم مليو ته ميٽروپول هوٽل ۾ هڪ ٽريول ايجنسي سان رابطي ۾ اچو ته جيئن توهان کي ٽڪيٽ ٺاهي ڏين. ٽريول ايجنسي جو نالو ياد ناهي، باقي هئي سنڌ ڪلب جي طرف ڏانھن. اسان ٽئي ڄڻا وڃي حاضر ٿياسين، اسان کي ٽڪيٽون ٺاهي ڏنائون ۽ وڌيڪ ٽريول ايجنسي واري چيو ته جيڪڏهن توهان کي آمريڪا گھمڻ جو شوق هجي ته هتان کان توهان ٽريول ڪوپن وٺو ۽ هر ڪوپن جي قيمت ساڳي هوندي، يعني سو ڊالر پوءِ ڪيترو به پري ڇونه هجي پنڌ. مون انکان ٻه ٽريل ڪوپن ورتا هڪ ميامي، ميامي کان واشنگٽن، ان وقت ڊالر جي قيمت تقريباً نو روپيه هئي.
مون ڪورس ختم ٿيڻ کان پوءِ هڪ مھينو ايڪس پاڪستان ليو گرانٽ ڪرائي ته جيئن ملڪ کان مان ٻاهر پھريون دفعو پيو نڪران ته دل جي خواهش هئي ته ڪجھه ٻاهرين دنيا کي به ڏسون. تنھنڪري مون وڃڻ کان اڳ برطانيه، فرانس، ڪيناڊا، سئٽزرلينڊ ۽ سعوديه جا ويزا به هڻائي ڇڏيا. واپسي جي اچڻ جي ٽڪيٽ اهڙي طرح ٺھرائي جو آمريڪا کان هيٿرو ايئرپورٽ برطانيه، هيٿرو کان جده سعوديه ۽ جده کان ڪراچي.
دل گھريو پئي ته ٿورو گھڻو گھمجي، پر ان لاءِ پئسه ڪونه هيا تنھنڪري شاهد جتوئي انڪم ٽيڪس ۾ آفيسر هيو، مان ان وٽ ويم ته يار مان آمريڪا وڃان ٿو ڪجھه مدد ڪر چيائين ته يار مان صرف پنج هزار روپيه ڏيڻ جو واعدو ڪري سگھان ٿو، مون چيو ته يار ٺيڪ آهي. انھيءَ سان گڏوگڏ مون محمد رمضان ڄامڙو کي چيو ته ڀائو ڪجھه اوڌر ڪندين، چيائين هائو مان تو وٽ سڀاڻي ڪجھه رقم کڻي ايندس. مون چيو ته ٺيڪ آهي، ٻن ڏينھن کان پوءِ مون فون ڪري پڇيس ته توکي ڪالھه اچڻو هيو، خير ته هيو ڪونه آئين، چيائين مان اڄ اچان ٿو خير وڃڻ کان هڪ ڏينھن آيو، مون پڇيو ته خير ته هيو جو دير ڪيئي؟ چيائين ته مان پئسه کڻي توڏانھن اچان پيو ته هاڪس بي تي مون پلاٽ ورتا هيا، انھن جي قسطن لاءِ فون آيو ته اڄ آخري تاريخ آهي، تنھن ڪري مان اتان اوڏانھن ويس ۽ قسطون جمع ڪرائي آيس ۽ منھنجا ڪجھه يئسه کٽا پئي اهي به ڪنھن دوست کان وٺي قسطون جمع ڪرائي سڌو تو وٺ پيو اچان. مون چيو ته خير پر تون مونکي ڪالھه ٻڌائين ها ته مان ڪو ٻيو بلو ڪيان ها. شاهد جتوئي صاحب پنج هزار ڏنا ۽ ڪجھه ٻيا ملائي تقريباً ست اٺ سو ڊالر مان پاڻ سان پنھنجي طرفان کڻي ويس.
جيئن اسان کي هدايت مليل هئي ته ڪورس شروع ٿيڻ کان ٻه ڏينھن اڳ ۾ پھچڻو آهي. تنھن ڪري انھي حساب سان ٽڪيٽ ورتل هئي ۽ انھيءَ جو اطلاع يو ايس ڊي وارن کي اي ايڊي گورنمينٽ آف پاڪستان ڏئي ڇڏيو هيو. اسان کي به سڀ ڊٽيل مليل هيا ته ڪٿي ۽ ڪئين پھچڻو آهي. تنھن ڪري اسان کي منزل تي پھچڻ ۾ ڪابه ڏکيائي پيش ڪانه آئي. اسان خير سان واشنگٽن ۾ هڪڙو ڪمرو ورتو، جنھن ۾ اسان ٽي ڄڻا هياسين. شام جو اسان هيٺ لٿاسين ته جيئن شھر جي رونق ڏسي دل پشوري ڪريون. مان دوستن کان ٿورو اڳتي نڪري ويس ته ڏسون اڳتي ڇا آهي. ٿورو اڳتي ويم ته هڪ رستي وارو ريسٽورنٽ نظر آيو، پاڻ کي چانھه جي ٻاڙ لڳي، سو مون وڃي پڙهيو ته لکيل هيو ته آئيس ٽي ته مون سمجھيو ته اها به ڪولڊآئيس ڪريم جي طرز تي چانھه هوندي. مان وڃي قطار بيٺس، جڏهن منھنجو وارو آيو ته هڪ ڊالر ڏئي ڪائونٽر تان ٺوٺ جيترو وڏو گلاس ٽري ۾ کڻي اچي ڪرسي تي ويٺس ڏسان ته سليماني چانھه ۽ ان ۾ برف جا ڳڙا پيا آهن. کڻي جو چپ تي رکان ته ٿڌو پاڻي ٿوري چانھه پيل مٿو ته ويو ڦري، دل ۾ چيم يار منھنجو هڪ ڊالر زيان ٿي ويو. بھرحال ان گلاس کي ڪنڊ ۾ ڪچري لاءِ رکيل ڌٻي ۾ اڇلي خير سان واپس اچي هوٽل پھتاسين.

آمريڪا ۾ سنڌي دوستن سان ڪچهريون

ٻئي ڏينھن صبح جو نائين وڳي تيار رهڻ جو حڪم مليل هو، سو اسان صبح جو سوير تيار ٿي ويٺاسين ته ڄاڻ سڏ ٿيو ته اسين وڃي پروگرام ۾ شامل ٿيون، نون ۾ ٻه منٽ هيا ته ڪاري ڏاند جا مالڪ پھچي ويا. هڪ بس ۾ چاڙهي اسان سڀني کي هڪ حال ۾ ويھارين. سئنيما جي اسڪرين تي اسان کي ٽي چار مختلف پڪچرس ۽ وڊيوز ڏيکاريائون جن جو وقت تقريباً اڌ منو ڪلاڪ کن هيو. انھن وڊيوز کي ڏسي پوءِ هڪ گانو ياد اچڻ لڳو.
دل کے ارماں ادھورے رہ گئے۔
وارو حساب ٿي ويو. هر هڪ وڊيو ۾ ايترو ته انسان جي دل کي ڏهڪائي ڇڏين، جو سمورو وقت اسانجو حال وڃي اهڙو ٿيو، جيئن چوندا آهن، مٺي به ماٺ وارو حساب هجي. جيئن پھرين وڊيو هلائي اسان کي ايڊز جي معلومات ڏيڻ لڳا تيئن تيئن اسان جي جان مان سيسراٽيون پيون نڪرن. توبھه زاري واري لات پيا سڀئي دوست لنون ته الله اسان کي پنھنجي حفظ و امان ۾ رکي.
ٻئي ڏينھن جڏهن ڪلاس ۾ وياسين ۽ سڀني جو هڪٻئي سان تعارف ٿيو ته اتي وڻ وڻ جي ڪاٺي جمع ٿيل هيا. ڪوئي سائوٿ آمريڪا کان ته ڪوئي آفريڪا کان ته ڪوئي فار ايسٽ کان ته ڪوئي سائوٿ ايسٽ ايشيا کان، ته ڪوئي مڊل ايسٽ کان، ڪي وري يورپ کان. اسان کي ڪلاس ۾ هڪ زال مڙس پڙهائڻ ايندا هيا. ٻنھي جو پاڻ ۾ سخت مقابلو هلندو رهندو هيو. جيڪڏهن هڪ ڏينھن ان مائيءَ جو مڙس بيڪري تان ڪجھه شيون اسان لاءِ کڻي ايندو هيو ته ٻئي ڏينھن هر حال ۾ انجي زال پنھنجي مڙس جي آندل کائڻ جي شين کان وڌيڪ آڻيندي هئي.ڪافي اتي هر وقت موجود هوندي هئي جنھن کي وڻي اهو پاڻ اٿي کائڻ ۽ پيئڻ جون شيون کڻي اچي ويھي کائي.
اسان کي پھرئين ڏينھن پڙهائڻ جي لاءِ ايترو ته مواد ڏنائون، جو موالي جي چوڻ مطابق لھڻ سان تار. اسان ڪوشش ڪئي ته واشنگٽن ۾ ڪو سستو رهائش لاءِ ٺڪاڻو ڳولھيون. اتان جي دوستن اسان جي مدد ڪئي، جو اسان کي واشنگٽن جي ڀرسان ورجينيا ۾ ڪليرينڊين يا ان سان ملندڙ نالو هيو هڪ هوٽل جو، جنھن ۾ اسان ٽنھي هڪ ڪمرو ورتو. اصل مقصد هوندو هيو ته يار ڪئين به ڪري ڏکيو سکيو وقت گذاري ايترا پئسه بچن جو باقي علائقو گھمي سگھون. اسان جي لاءِ تمام موزون ماحول هيو، اسين هر هفتي وڃي سپر اسٽور تان هفتي لاءِ کائڻ پيئڻ جون شيون وٺي ايندا هياسين. اسانجو ساٿي طفيل جماڻي ڪڪڙ جي ڀاڄي پچائڻ جو ماهر هوندو هيو. ڪمري ۾ ڪڪنگ رينج ۽ فرج وغيره جي سھولت هوندي هئي. ڀرپاسي ۾ هڪ انڊين اسٽور هوندو هيو، جتان اسين پڪي پڪائي روٽي جا ٻه چار بنڊل وٺي ايندا هياسين صرف سيڪو ڏيڻ جي دير، ماني کائڻ لاءِ تيار.
صبح جو سوير اٿي تيار ٿي سڏ پنڌ تي انڊرگرائونڊ ٽرين جي ذريعي پوٽامڪ رور کي ڪراس ڪري وڃي ڪيپيٽل هل جي ڀرسان واري اسٽيشن تي لھي سدا ڪلاس ۾ ويندا هياسين. يو ايس ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ڪيپيٽل هل جي ويجهو هوندو هيو، تنھن ڪري ڪانگريس ۽ سينٽ جي ڪارروائي ڏسڻ جو موقعو ملي ويندو هيو. ڪنھن به قسم جي ڪا جھل پل ڪانه هوندي هئي. وائيٽ هائوس به گھڻو پري ڪونه هوندو هيو، تنھن ڪري اوڏانھن به ڦيراٽڙيون پائڻ ويندا هياسين. وائيٽ هائوس جي ٻاهران آمريڪا جا سڀ صدر صاحبان قطار ۾ بيٺا هوندا هيا ۽ جيڪو چاهي انھن سان هٿ ملائي فوٽو ڪڍرائي، ڪنھن کي به ڪنھن قسم جي منع ڪانه هئي.
وائيٽ هائوس جي اندر وڃي گھمڻ لاءِ سال ۾ ٻه دفعا عوام کي ڇڏيندا آهن، هڪ دفعي وائيٽ هائوس جو اوڀر پاسي وارو اڌ ته ٻئي دفعي اولھه وارو اڌ. اسان کي به موقعو مليو ته اسان به وائيٽ هائوس جو اولھه وارو اڌ حصو وڃي گھمي ڏٺو، جنھن بيڊ روم ۾ آمريڪا جا صدر صاحب رهندا هيا ۽ ان سان گڏ گھر واري آفيس، لائبرري، ڊرائنگ روم باٿ روم گھمي ڏٺا، جيڪي سادا، پروقار ۽ صاف سٿرا هيا.
وائيٽ هائوس جي پوري دنيا ۾ اهميت آهي. هڪ دفعي مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب وزير خارجه هيو ۽ آمريڪا جي هردلعزيز، مشھور، خوبصورت ۽ نوجوان صدر جان ايف ڪينيڊي ڀٽو صاحب کي چيو ته مسٽر ڀٽو تون هن وقت دنيا جي طاقتور هائوس ۾ بيٺو آهين. ڀٽو صاحب وراڻي چيو ته مسٽر پريزيڊنٽ ها مونکي خبر آهي ته هي دنيا جو طاقتور هائوس منھنجي پيرن جي هيٺان آهي.
اسان کي پھريان ته ڪمپيوٽر جي ڇو ضرورت آهي ۽ انجي مختلف پرزن جي نالن جي ڄاڻ ڏنائون ۽ انھي سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر جي اسيمبلنگ سيکاريائون، اسان هڪ هفتي ۾ ايترا ته لائق ۽ فاضل ٿي وياسين جو پاڻ کي وڏا اڪابر سمجھڻ لڳاسين.
يو ايس ڊي وارا اسان کي هڪ دفعو بالٽي مور وٺي ويا، جيڪو هڪ سامونڊي بندرگاه به هيو. اتي گھمندي گھمندي هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ وياسين ۽ ونڊو شاپنگ ڪئي، ٿوري ٽائيم کان پوءِ باٿ روم جي ضرورت محسوس ٿي ته مون اتي دڪاندار کان پڇيو ته باٿ روم يا واش روم ڪٿي آهي؟ چوڻ لڳو ته هتي ته باٿ روم ڪونھي، حالانڪ هر ڪنڊ تي نشان ۽ تير جو رخ هيو جنھن ۾ لکيل هيو ته ريسٽ روم، پر اسان جو اوڏانھن ذهن ڪونه پيو وڃي ته ريسٽ روم کي هتي باٿ روم جي نالي سڏيندا آهن. پوءِ هڪڙو سک نظر آيو، جنھن کان پڇيو سردار جي باٿ ڪٿي اي؟ سک چيو اي جھڙا لکيا پيا ريسٽ روم توسان اندر لنگ جاءِ ايوئي باٿ روم هي. خير اسان جو مسئلو حل ٿي ويو.
هفتي ۾ هڪ دفعو پاڪستان جي سفارتخاني ويندا هياسين. انوقت سليم گل شيخ انفارميشن ڪائونسلر هيو. شيخ صاحب جو تعلق سنڌ جي قديم پئرس شڪارپور شھر سان آهي. سليم شيخ صاحب سان منھنجي پراڻي دعا سلام هئي، جڏهن مان قائداعظم يونيورسٽي ۾ پڙهندو هيس. انوقت شيخ صاحب ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ ۾ سينيئر آفيسر هئا. انھي کان علاوه شيخ جي گھرواري منھنجي ڪلاس فيلو به هئي. شيخ صاحب مڙئي ڪڏهن رات جي ماني يا وري چانھه سموسن تي به گھرائيندو هيو. شيخ صاحب نھايت سلڇڻو، سٻاجھڙو، ٿڌي طبيعت ۽ هميشه منھن تي مرڪ سان سرشار رهندو هيو. الحمدلله سليم شيخ صاحب به فيڊرل سيڪريٽري رهيا ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ اسلام آباد ڊفينس ۾ گھر اڏائي اتي رهائش پذير ٿي ويا آهن.
سليم شيخ کان علاوه اتي انوقت سائين رسول بخش بلوچ صاحب به ايگريڪلچر ڪائونسلر هيا. سائين بلوچ صاحب جو تعلق به ضلعي شڪارپور سان آهي. سائين بلوچ صاحب 1983ع واري ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڊي سي نوابشاهه هيا ۽ هڪ شفيق ۽ مھربان باس کان علاوه باصلاحيت، ايماندار، کل مک پر ٿورو ڳالھائڻ وارا آفيسر رهيا آهن. تنھن ڪري اسان کي پاڪستان جي سفارتخاني ۾ اچ وڃ ۾ ڪابه ڏکيائي ڪونه محسوس ٿيندي هئي. بلوچ صاحب به اڪثر ڪو اهڙو موقعو ٿيندو هيو ته ضرور اسان کي مدعو ڪندو هيو. ٻيو نه ته هر جمعي جي نماز تي ملاقات ٿيندي هئي ڇو ته جمعي نماز سفارتخاني جي ويجهو هوندي هئي ۽ اسان کي به ويجھي اهائي پوندي هئي. سائين رسول بخش بلوچ صاحب فيڊرل سيڪريٽري رهيا ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪراچي ۾ رهائش پذير آهن.
سائين سليم گل شيخ صاحب ۽ رسول بخش بلوچ صاحب جي ڪري اسان جي ملاقات گھڻن دوستن سان ٿيندي هئي، پر ڪي اهڙا دلدار دوست ٿي ويندا آهن، جن سان روح جا پڪا ۽ مضبوط رشتا قائم ٿي ويندا آهن، انھن ۾ سائين علينواز ميمڻ صاحب ان وقت ورلڊ بينڪ ۾ سينيئر پوزيشن ۾ هيا، جيڪي هر وقت سنڌ ۽ سنڌ جي رهواسين لاءِ دل جي اڪير سان سرشار هوندا هيا. ميمڻ صاحب جو جنم ته شڪارپور جو آهي پر بچپن لاڙڪاڻي ۾ گذريو ۽ ڦوهه جوانيءَ کان اڄ تائين آمريڪا ۾ گذاري اٿن. پر مارئي وانگر تانگهه ۽ اڪير صرف سنڌ سان اٿن. ميمڻ صاحب جي سٻاجھڙي طبيعت، انسانيت سان ڀرپور، هڏڏوکي انسان تمام ورلي ملندا. مان پاڻ کي خوشنصيب سمجھندو آهيان، جو مون کي سائين ميمڻ صاحب جھڙو دلبر دوست مليو. ميمڻ صاحب اڄ تائين رابطي ۾ آهن ۽ جڏهن به پاڪستان ايندا آهن ته ملاقات جي مھرباني به ڪندا رهندا آهن. الله سائين ميمڻ صاحب کي پرڏيھه ۾ پنھنجي حفظ و امان ۾ رکي.
منھنجو ويجھو عزيز سائين غلام حسين ڄامڙو ڪينيڊا ۾ 1967ع کان رهائش پذير آهن. نھايت گھٽ ڳالھائڻ ۽ سٻاجھڙي طبيعت جا مالڪ ۽ انسان دوست آهن. جڏهن انھن کي خبر پئي ته اسين آمريڪا ۾ آهيون ته پاڻ ٽورنٽو جي ڀرسان سنڊاس ۾ رهندا هيا، ملڻ لاءِ پاڻ واشنگٽن آيا ۽ ٻه ٽي ڏينھن اسان کي خوب سير ڪرايائون. هڪ دفعو واشنگٽن کان ورجينيا اسٽيٽ جي رچمانڊ واري علائقي ۾ وٺي ويا، جتي جو نظارو به واهه جو نظارو هيو جيڪو اڄ تائين ياد آهي. آمريڪا هڪ سرسبز ته آهي پر جيڪو انھن پنھنجي علائقن جي اصل سونھن کي سنڀالي رکيو آهي انھي جو ڪو مثال ناهي. انھي سفر دوران مونکي زراعت ۽ چوپائي مال کي سنڀالڻ جا وڏا وڏا فارم ۽ دلڪش منظر هينئر به دل تي اڪريل آهن. ايئن چئو جيئن ڊول فقير ڳائيندو هيو ته
عمر مون کان نٿا وسرن ويڙيچن جا واڙا،
ڀڄي ڀور ٿيندئي ڪنجيون ڪلف تاڙا.

رچمانڊ کان واپس اچي ڪليئرنگنٽن پھتاسين جتي هوٽل هيو.

واشنگٽن شهر جي سيڪيورٽي ۽ سنڌ جي بجيٽ

سائين غلام حسين ڄامڙو واپس ڪينيڊا هليا ويا. اسين به روزمره جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ياسين. يو ايس ڊي اي وارا اسان کي هفتي ۾ هڪ ڏينھن ڪنھن نه ڪنھن اداري ۾ مشاهدو ڪرڻ لاءِ وٺي ويندا هيا. واشنگٽن جو سير سفر به ڪراين. هڪ دفعي اسان کي ان اداري ۾ وٺي ويا جنھن جي ذميواري هئي ته هو شھر جي سيڪيورٽي لاءِ بھتر کان بھتر نموني جا اپاءَ وٺن. ايئن سمجھو ته ضلعي جي پوليس جو ذميوار آفيسر. پوليس آفيسر اسان کي بريفنگ ۾ اهو ٻڌائيندو ويو ته اسان جي سيڪيورٽي جو نظام پوري دنيا ۾ سڀ کان بھترين آهي. اسان وٽ جيڪڏهن ڪوئي ڪرائيم ٿي وڃي ته اسين انکي جديد طريقا استعمال ڪري ڳولھي ڪڍندا آهيون وغيره وغيره. بجيٽ جا انگ اکر جڏهن ٻڌايائين ته مٿو چڪرائجي ويو. يعني هڪ شھر واشنگٽن جي صرف سيڪيورٽي جو خرچ تقريباً پوري سنڌ جي بجيٽ جيترو هيو. انھن کي هيلي ڪاپٽر کان ويندي سئي ڌاڳي تائين هر چيز جديد مليل هئي.
واشنگٽن شھر جي امن امان تي روشني وجھندي ٻڌايائين ته ٻين ڏوهن کان علاوه رات جو ڦر ۽ خونريزي جا واقعا ڪافي ٿين ٿا. جڏهن اسان اتي دنيا جي ڪيپيٽل سٽي جي ڪرائيم جي انگ اکرن کي ڏٺو ته حيران ڪندڙ ڳالھه اها ظاهر ٿي ته سڀني ملڪن جي گادي واري شھرن مان وڌيڪ خون جا ڪيس هن شھر يعني واشنگٽن ۾ ٿين ٿا. وڌيڪ ٻڌايائين ته اسٽريٽ نمبر فلاڻي کان جيڪڏهن توهان مان ڪوئي اڪيلو گھمي ته انھيءَ کي گھرجي ته کليل ڊالر پنج، ڏهه، پندرنهن ضرور رکي ۽ جيڪڏهن ڪوئي ڪارو ان جي سامھون اچي ۽ ڪا حرڪت ڪري ته توهان خاموشي سان کيسي مان پنج ڏهه ڊالر ڏئي بغير ڪنھن چون چران جي اتان نڪري وڃو. جيڪڏهن توهان ڏانھن هٿ ڊگھيرڙو ڪن ته انھي جو مطلب ته توهان انھن کي پئسه ڏيو، جيڪڏهن پئسه نه ڏيندا يا مزاحمت ڪندا ته پوءِ توهانجي جان کي خطرو به ٿي سگھي ٿو.
مون جڏهن اهو هنن جي واتان ٻڌو ته دل ۾ چوڻ لڳس ته يار هتي ته اڇي پڳ اندر مڙئي اڳڙيون لڳيون پيون آهن. هيتري ساري بجيٽ ۽ جديد قسم جا اوزار، تنھن جي باوجود به ايترو سنگين ڏوهه، جتي هي ايترو بي وس آهن جو خبر هوندي به فلاڻي علائقي ۾ ڦر ۽ خون خوار قسم جون وارداتون ٿين ٿيون، بجاءِ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ جي اسان کي نصيحت ٿا ڪن ته ڀاءُ گھمڻ آيو آهين هن شھر کي ته ڪجھه رضا خوشي اسان جي ڏوهارين سان وهندو وڃ. مون جڏهن هن کان پڇيو ته ڇاجي ڪري توهان انھن کي ايتري ڍر ڏيو ٿا، جو هو ايترو سارو ڏوهه ڪن ۽ توهان انھن علائقن کان واقف به آهيو؟ جواب صرف ڪنڌ کي هلائي ۽ مرڪي ڏنائين، باقي هڪ لفظ ڪونه چيائين. مون انکي صرف اتي ايترو چيو ته ڀائوجيڪڏهن جيڪي وسيلا تو وٽ آهن، انھن جو مونکي صرف چوٿون حصو ڏيو، پوءِ جيڪڏهن هن شھر ۾ ڪوئي ڏوهه ڪھڙي به ڪنڊ ۾ ٿئي ته منھنجي ذميواري. انھيءَ تي به صرف ڪنڌ کي لوڏي ۽ مرڪي ڏنائين، باقي زبان سان ڪجھه هڪ لفظ به ڪونه چيائين ته اسان جون ڪھڙيون مجبوريون آهن جو انھن مخصوص علائقن ۾ پنھنجي سيڪيورٽي نظام کي بھتر بڻائي سگھون.
خير سان ٽرينگ جو مرحلو پورو ٿيو ۽ اسان کي هڪ تقريب ۾ ڪورس جي مڪمل ٿيڻ جا سرٽيفڪيٽ ڏنائون. اتي جيڪي زال مڙس اسان کي پڙهائڻ ايندا هيا ته سائوٿ آفريڪا جي هڪ ڇوڪري انھن کان هڪ سوال ڪيو ته آمريڪا جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو مسئلو ڇا آهي؟ انجي جواب ۾ پروفيسر صاحب چيو ته آمريڪا جو سڀ کان وڏو مسئلو عورت کي آزادي ڏئي هينئر اسين پنھنجو مٿو پٽيون پيا.
وڌيڪ چيائين ته آمريڪا ۾ انھيءَ ڳالھه جو احساس آهي ته عورتن کي وڌيڪ آزادي جي ڪري اسانجي سوسائٽي خراب ٿي وئي آهي ۽ چيائين ته انھي آزاديءَ جي باوجود آمريڪا ڪڏهن به ملڪ جي صدر عورت ڪونه منتخب ڪندو. ٻيو چيائين ته آرٿوڊيڪس ۽ عورت کي آمريڪا جو صدر ٿيڻ ڪڏهن به قبول ڪونه ڪندي، باوجود انھي جي هو ڪيترا به اهل هجن. آمريڪا جي تاريخ ۾ پروفيسر جي چوڻ مطابق هڪ صدر آرٿوڊيڪس ٿيو، تنھن کي ادارن خاموشي سان زمين دوز ڪري ڇڏيو. پروفيسر جي ڳالھه سان ڪير اتفاق ڪري يا نه ڪري، اهو ته هر هڪ جو پنھنجو فيصلو آهي.
منھجي لاءِ اهي ٻئي ڳالھيون اچرج جھڙيون هيون ته دنيا ۾ ته اهو چيو وڃي ٿو ته آمريڪا سيڪيولر ۽ لبرل آهي پر هتي ته حساب ٻيو پيو هلي.
یہ موسم یہ دوری
محبوبن جي سڪ ۽ اڪير روز بروز وڌندي وڃي. اتان ڳالھائڻ وڏو جھاد وارو ڪم هوندو هيو. پاڪستان ۾ فون جو نظام انوقت ايترو سٺو ڪونه هوندو هيو. ٽيليفون بوٿ تي وڃون ۽ ڪوارٽر جا سڪا ساڻ کيسي جام وجھي وڃون . ٿيندو ايئن هو جڏهن اتان واشنگٽن کان فون گھمايون پاڪستان ته ايئن ٿيندو هو جيئن
“آسمان سے گرا اور کھجور میں اٹکا”
پاڪستان ۾ پھريون پالو پوندو هيو گيٽ وي جي آپريٽر سان، هڪ ته گھڻي دير کان پوءِ فون اٽينڊ ڪندو، پوءِ وري جتي ڳالھائڻو آهي، اهو نمبر وٺندو ۽ اتان اهو نمبر ملائي ڏيندو، وري اتان ڪڏهن ڪو فون جي ويجھو هوندو ته جلدي يا دير سان کڻندو وري جيڪڏهن ڪنھن ٻئي فون کنيو ته اڳ ۾ اهو وري پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائيندو انھي کان پوءِ جيڪڏهن قسمت ساٿ ڏنو ۽ محبوبه اتي آهي ته ڳالھائڻ ٿيندو، نه ته عمومن ايئن ٿيندو هيو ته بس ٿوري دير بيھه، پاڙي وارن ۾ ڪو ڪم ڪار هيو يا ڪو فنڪشن اوڏانھن ويل آهن. تيستائين هر اڌ منٽ ۾ ڪوارٽر جو سڪو وجھندا وڃون، ڪڏهن کيسو خالي پر محبوبن جو آواز ٻڌڻ نصيب ڪونه ٿئي. پوءِ ميلي تان ڦريل ماڻھو وانگر آڱرين مان ٺڪاءُ ڪڍندو واپس.
ڪورس ختم ٿيڻ تي دوست واپس پاڪستان ڏانھن وريا ۽ اسان دل پشوري ڪرڻ ۽ گھمڻ خاطر آمريڪا جي شھر ميامي ڏانھن وياسين. ميامي جي آب و هوا ايتري ٿڌي ڪانه هئي جيتري واشنگٽن ۾ هئي. سامونڊي پٽي کي خوب سنواريو اٿن، بيچز کي صاف سٿرو رکيو اٿن، جنھن ڪري دلڪش ۽ نظر کي وڻندڙ لڳن پيا. باقي جيڪو ڪجھه بيچز تي اتي ٿئي پيو، اهو به عجيب نظارو هيو
هڪڙي پاسي سمنڊ جون ڇوليون ته ٻئي طرف مچوليون. مان بيچ کان واپس آيم پي ته جنھن پل جي مٿان گذري وياهياسين ڏٺم ته پل غائب آهي ۽ ٻنھي پاسي گاڏين جون قطارون لڳي ويون.
مونکي سمجھه ۾ ڪونه پيو اچي ته هن پل کي ڇا ٿيو. ٿوري دير ۾ جتي پل غائب ٿي وئي هئي، اتان اچي هڪ وڏو سامونڊي ٻيڙو گذريو. جيئن سامونڊي ٻيڙو گذريو تيئن ٻن منٽن جي اندر پل پنھنجي جاءِ تي اچي بيٺي. يعني جڏهن ڪوئي سامونڊي جھاز گذرڻو هوندو آهي ته اها لوهي پل هڪدم فولڊ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ گڏوگڏ گھنٽي جو آواز اچڻ شروع ٿي ويندو آهي، انھيءَ جو مطلب ته هاڻي توهان اتي بيھي رهو ٻئي حڪم تائين. وري جڏهن بحري جھاز اتان لنگھي ويندو آهي ته ٻيھر اها پل انفولڊ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ گرين لائيٽ ٻرندي آهي، جنھن جو مطلب ته هاڻي توهان هن پل جي پٽي مٿان چڙهي ٻئي پاسي ڏانھن وڃو.
ميامي کان پوءِ ڊزني ورلڊ گھمڻ لاءِ ويس. جتي مون گھمڻ ۾ پورا ٻه ڏينھن لڳايا، پر کٽڻ جو نالو ڪونه وٺي. ڪنھن دوست ٻڌايو ته اڃان ٻيا ٻه ٽي ڏينھن گھمندين ته شايد پوري ڊزني ورلڊ ڏسي سگھين، بھرحال ماحول شانتي ۽ امن وارو هيو، گھمڻ لاءِ دل ڍاپي ڪانه پئي، پر مونکي ان کان پوءِ واشنگٽن ۽ اتان کان ٽورنٽو ڪينيڊا ڏانھن وڃڻو هيو، جتي سائين غلام حسين منھنجو انتظار پيو ڪري. آمريڪا هڪ سرسبز شاداب علائقي سان گڏوگڏ اتي هر ڪنھن کي آزادي آهي ته ڪير ڇا ٿو ڪري ۽ ڇوٿو ڪري. ڪنھنکي ڪنھنجو فڪر ڪونھي، پاڻ ڪمايو ۽ پاڻ کائو جيڪا هڪ جانور واري سوچ جو انداز آهي. جانور هميشه پنھجي پيٽ ڀرڻ جي لاءِ سوچيندو آهي، باقي وڳ جي هن کي ڪا پرواهه ڪانه هوندي آهي. ماڳھين پاڻ کان ڪمزور جانور جو گاهه به زوري کائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پوءِ صرف ڌنار ان ڪمزور کي گاهه کارائڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
مان مياميءَ کان واپس واشنگٽن ۽ اتان ٽورنٽو ويس. مياميءَ جي مقابلي ۾ ٽورنٽو ڪافي ٿڌو هيو ۽ آڪٽوبر جو مھينو شروع ٿي چڪو هيو. سائين غلام حسين اڳئي اتي آيل هيو، مان جيئن ايئرپورٽ تان نڪتس ته سائين ڄامڙو صاحب ٻاهر بيٺو هيو، سامان گاڏي ۾ وجھي سڌو پنھنجي گھر وٺي آيو. سائين غلام حسين جي هڪ شادي ڳوٺ ۾ ٿيل هئي، جيڪا سندس گھرواري هينئر فوت ٿي وئي آهي ۽ ٻي اتي هڪ جرمن خاتون سان شادي ڪئي. گھر تمام عاليشان ۽ بھترين جڳهه تي هيو. اسان جي ڀاڄائي ماشاءَالله هڪ سلڇڻي ۽ رسم و رواج ۾ سنڌ سان گھڻي مشابھت رکندڙ ۽ شفيق عورت آهي. اسان ٽنھي گڏجي ماني کاڌي ۽ ڪافي عرصي کان پوءِ گھر جي ماني نصيب ٿي هئي، سو خبر ناهي ته ڪيتريون مانيون سٽي ويم. ماني کائڻ کان پوءِ ٻئي ڏينھن لاءِ پروگرام ٿيو ته صبح جو گھر کان نڪري شھر ٽورنٽو گھمڻ هلنداسين، اتان پوءِ سي اين ٽاور تي چڙهي ڏسي پوءِ ناگرا فال هلنداسين.

ناگرا فال ۽ ايبٽ آباد فال ۾ هڪ جهڙائي

ٻئي ڏينھن صبح جو ناشتو ڪري سنڊاس شھر کان ٽورنٽو لاءِ روانا ٿياسين. رستي ۾ هڪ وڏي قدرتي ڍنڍ نظر آئي، جنھن جو نظارو به ڏاڍو خوبصورت هيو. سج جي ڪرڻن تي عجيب قسم جي ريفليڪشن ٿئي، جيڪا ڏاڍي من موهيندڙ هئي. اڳتي وري جيئن هلياسين ته وڏو شھر به ڪونه هيو، روڊ جي ڪناري تي وڏو شاپنگ مال هيو. اهڙا ۽ ايترا وڏا شاپنگ مال ته مون اسلام آباد، ڪراچي يا لاهور ۾ ڪونه ڏٺا آهن، جيترا شاپنگ مال اتي ڪينيڊا جي ٿوري آبادي واري علائقي ۾ هيا. تقريباً ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ ٽورنٽو پھتاسين. روڊ رستا پار ڪندي مختلف شاپنگ مال مان گذرندا وڃي سي اين ٽاور وٽ پھتاسين. ڪجھه ماڻھو قطار ۾ بيٺل هيا، اسين به وڃي قطار ۾ بيٺاسين. تقريباً پنجن منٽن ۾ اسانجو به وارو اچي ويو. ٽڪيٽ وٺي لفٽ جي انتظار ۾ وڃي بيٺا سين ته لفٽ جو دروازو کليو ۽ اسين ٽڪيٽ ڏيکاري لفٽ ۾ چڙھياسين. لفٽ ڇٽيھه سيڪنڊن ۾ هڪ سؤ چار منزلون طئي ڪري منزل تي پھتي . لفٽ جي تيز رفتاري ايتري جو اکين کي اعتبار ڪونه پيو اچي ته ڪو اسين هڪ سو چار منزلون صرف اک ڇنڀ ۾ ڪري مٿي پھتاسين.
مٿي پھچڻ کان پوءِ هڪ چوڌاري اسٽيل جي گرل لڳل هئي جنھن جي سھاري اتي چوطرف گھمي پري پري تائين نظارو ڏٺوسين. اتان ناگرا فال وڃڻ وارو رستو به پڻ نظر پيو اچي. ٽورنٽو جو سڄو شھر قدمن هيٺان پيو محسوس ٿئي. لنچ اتي ريسٽورنٽ ۾ ڪري پوءِ اتان ناگرا فال ڏسڻ وياسين. ٽورنٽو کان اوڀر طرف گاڏي جو رخ ٿيو ۽ چار پنج ور وڪڙ مس ڪٽياسين ته وڃي ناگرا فال تي پھتاسين. اسان کان اڳ ئي اتي ماڻھن جا ميڙ بيٺا هيا. اسان به چڱي پنڌ تي گاڏي بيھاري وڃي ماڳ تي پھتاسين. ناگرافال وٽ پاڻي جيڪو اچي پيو، اهو آمريڪا جي بفيلو شهر ۽ نيويارڪ اسٽيٽ کان آيو پئي ۽ پاڻي جيڪو هيٺ ڪري پيو اهو ڪينيڊا جي حد هئي. پاڻي جي ڪرڻ جو نظارو سج جي ڪرڻن ۽ روشني جي ڪري تمام دلڪش، من موهيندڙ ۽ خوبصورت هيو. پاڻيءَ جي ڪرڻ ڪري ايئن پيو لڳي ڄڻ ته چوطرف انڊلٺ وانگر رنگ برنگي ڪيتريون ساريون انڊلٺيون ٺھيون بيٺيون آهن. هر هڪ ماڻھو جي ڪوشش هئي ته انھن خوبصورت نظارن کي پنھنجي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪري ڇڏي. ساڳي طرح پاڪستان جي ايبٽ آباد ۾ به هڪ جاءِ آهي، جتي ناگرافال کان گھڻو اوچائي تان پاڻي هيٺ ڪري ٿو پر اسان پنھنجي ماڳن کي ڪا اهميت ڪونه ٿا ڏيون . جيڪڏهن ايبٽ آباد واري ان اسپاٽ کي ترقي وٺرائي باقي ايندڙ ويندڙ ماڻھن لاءِ ضروري سھولتون مھيا ڪجن ته ماڻھو ان مان ڪافي لطف اندوز ٿي سگھن ٿا ۽ انھيءَ سان گڏوگڏ ٻاهريون ناڻو به ڪمائي سگھجي ٿو.
ناگرا فال کي ڏسڻ بعد واپس سنڊاس جي طرف روانا ٿياسين. گھر وڃي ماني ٽڪي کائي ٻئي ڏينھن ڪينيڊا جي گادي واري شھر اٽاوا ڏانھن رخ ڪيوسين. رستي تي هڪ هنڌ رات گذاريسين. رستي جي چوطرف سرسبز ۽ اکين جا راحت بخش نظارا هيا. ٻئي ڏينھن اٽاوا شھر پھتاسين. اٽاوا جي پارليامينٽ جي اوڀر اتر ۾ هڪ وڏو شاندار هوٽل هيو، جنھن کي ڏسڻ سان اکين کي ڏاڍو خوبصورت نظارو وڻيو. سامان هوٽل ۾ رکي هلڪي ڦلڪي پيٽ پوڄا ڪري شھر گھمڻ لاءِ پند نڪتاسين . سج جو آخري پھر هيو شھر جي خوبصورتي پنھنجي جاءِ تي، جيڪو سج لھڻ جي ڪري ان خوبصورت شھر ۾ دلڪش نظارو هيو تنھن جو بيان ڪرڻ مونکي نٿو اچي. رستا ويڪرا سجايل ۽ من موهيندڙ نظارو هيو. جڏهن منھنجي اتي جي وڻن تي نظر پئي ته بي ساخته چيم ته انھن وڻن جا ٻارڙا ته اسان جي گادي واري شھر اسلام آباد ۾ به رهن ٿا. انھيءَ وقت اسلام آباد جي ڪانسٽيٽيوشنل اوينيو تي اهي وڻ اڃان ٻچڙا هيا. ماشاءَ الله هينئر اهي وڻ به اسلام آباد ۾ ڍڳ جوان ٿي پوئينر ٿيندا پيا وڃن. خير شھر جون پارڪون اورانگھيندا واپس اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. بھرحال اٽاوا دنيا جي خوبصورت شھرن مان هڪ شھر آهي پر جيڪڏهن ڀيٽ ڪبي ته ان وقت اسلام آباد اٽاوا کان وڌيڪ خوبصورت شھر هيو.
ٻئي ڏينھن شھر جو گاڏيءَ ۾ نظارو ڪندا واپس ورياسين، ٽورنٽو جي طرف ته جيئن ٻئي ڏينھن مان اتان نيويارڪ وڃان. واپس موٺي اچي سنڊاس ۾ رات گذاري صبح جو ٽورنٽو روانا ٿياسين.
ڪينيڊا ۽ آمريڪا جي ترقي جو معيار مونکي تقريباً ساڳيو نظر آيو. لڳي ايئن پيو ته ملڪ ٻه آهن پر زندگي جي رهڻ جو معيار ۽ خوشحالي ساڳي آهي. آمريڪا ۾ ڪاري چمڙي وارا ماڻھو عام جام نظر اچن ٿا پر انجي مقابلي ۾ ڪينيڊا ۾ گھٽ. ڪاري چمڙي جي مقابلي ۾ گندمي رنگ جا ماڻھو آمريڪا کان هتي وڌيڪ نظر پي آيا. ڪينيڊا ايراضي جي پکيڙ ۾ آمريڪا کان وڏو پر آبادي جي حساب سان آمريڪا کان گھٽ آهي.
خير سان سائين غلام حسين ۽ ڀاڄائي کان موڪلائي نيو يارڪ روانو ٿيم. چڱي جھٽ کان پوءِ جي ايف ڪينيڊي ايئرپورٽ تي اچي پھتاسين. ڇهه ست ڪلاڪ جو ٽائيم باقي هيو، انگلينڊ وڃڻ واري فلائيٽ ۾. سو مان سامان اتي جمع ڪرائي ٻاهر نيو يارڪ شھر گھمڻ ويس. نيويارڪ جون ڊگھيون جڳھون ۽ ڪاري چمڙي جي ماڻھن جي اتي اچ وڃ ڪجھه سرس هئي، تنھن ڪري مونکي گھمڻ ۾ سڪون ڪونه آيو، ايئن پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ مان ڪراچي جي شھر ۾ پيو گھمان. فرق صرف صفائي جو هيو، باقي خوف واري ڪيفيت ساڳي هئي. تنھن ڪري ٽوئن ٽاور جيڪو ٻه هزار هڪ ۾ يھودين زمين دوز ڪيا اتان واپس وريم.
ايئرپورٽ واپس اچي فلائيٽ جو انتظار ڪيم. تقريباً ٻن ڪلاڪن کان پوءِ فلائيٽ جي انائوسمينٽ ٿي ۽ پاڻ وڃي قطار ۾ لڳا سين، ايمگريشن ڪرائي بورڊنگ ڪارڊ وٺي پيسينجر لائونج ۾ ويٺاسين. لائونج جو نظارو به زبردست هيو. جھاز رن وي تي ايئن چڙهيا ۽ لٿا پئي جيئن ڪنھن وڏي شھر جي بس اسٽاپ تي بسون هڪ ٻئي جي پويان قطار ۾ بيٺيون هونديون آهن. صرف سيڪنڊن جو وقفو هيو ٻن جھازن جي لھڻ ۽ چڙهڻ ۾، تمام بزي ايئرپورٽ هيو. خير سان اعلان ٿيو ته لنڊن لاءِ فلائيٽ تيار آهي، وڃي قطار ۾ بيٺس ٻن ٽن منٽن ۾ جھاز جي اندر پھچي پنھنجي سيٽ تي اچي ويھي رهيس. رات جا تقريباً ڏهه يارهن وقت ٿيو هيو، جڏهن لنڊن هيٿرو ائيرپورٽ تي پھتاسين ته صبح جو سج ڪافي مٿي اچي چڪو هيو.
مرحوم مظفر ميمڻ يونائيٽيڊ بينڪ ۾ سينيئر آفيسر هيو، اهو مونکي ايئرپورٽ تان وٺڻ آيو هيو. مان جيئن ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتس ته اخبارن جو اسٽال نظر آيو ۽ وڏي سرخي سان خبر شايع ٿيل هئي ته اڄ برلن وال ختم ٿي هميشه لاءِ زمين دوز ٿي وئي. اڄ کان وٺي جرمني جو اوڀر ۽ اولھه وارو نالو ختم. ميمڻ صاحب اڳئي مونکي وٺڻ لاءِ بيٺو هيو، ڀاڪر پائي ملياسين، سامان گاڏي ۾ رکي پنھنجي گھر وٺي آيو. ميمڻ صاحب جو تعلق ڀريا سٽي نوشھروفيرز سان آهي. ميمڻ صاحب هڪ ملنسار ۽ قربدار دوست ۽ انسانيت جو هڪ شاهڪار آهي. گھر ماني ٽڪي کائي چيائين ته ڪجھه آرام ڪر ته پوءِ شھر جو ڦيرو هڻڻ هلون ٿا. پلنگ تي ليٽڻ سان ننڊ اهڙو ته حملو ڪيو، جو خبر ئي ڪانه پئي ته ڏينھن ڪاڏي گذري ويو. وچ ۾ ميمڻ صاحب آيو پر مونکي ننڊ جي آغوش ۾ ڏسي موٽي ويو.
رات ٿي چڪي هئي، تنھن ڪري شھر جي روشني تي چمڪ ڌمڪ وڌيل هئي، هيڏانھن گھمي اچي دير سان رات گھر موٽي اچي سمھي پياسين، صبح جو تازه توانا ٿي شھر گھمڻ نڪتاسين ۽ شھر جون جيڪي مشھور جڳھون هيون اهي گهمياسين. برطانيه جو پارليامينٽ هائوس، راڻي جي رهڻ وارو محل، وچ شھر ۽ اهم عمارتن جي ڀرسان پاڻي سان ڀريل وهندڙ ندي جا دلڪش نظارا ڏسندي پارڪ گھمندي سڄو ڏينھن گذري ويو. ميمڻ صاحب کي مون چيو ته فرانس جي گادي واري شھر پئرس لاءِ ڪو پيڪيج وٺون ته جيئن اتي گھمڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي. لنڊن مان پئرس گھمڻ لاءِ ٻن ڏينھن جو پيڪيج ورتو ۽ ٻئي ڏينھن پئرس شھر گھمڻ لاءِ ٽرين ۾ چڙهي اچي سمنڊ جي ڪناري ڀرسان لھي اچي سامونڊي جھاز تي چڙهياسين، اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ فرانس جي حد ۾ پھتاسين ايميگريشن وغيره ٿيو، پوءِ اتان وري ٽرين ۾ سوار ٿي پئرس ڏانھن روانا ٿياسين. پنج ڇهه ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ پئرس شھر پھچي اسٽيشن کان سڏ پنڌ تي بيل ايئر هوٽل ۾ بڪنگ ٿيل هئي اتي پھچي روم جي چاٻي وٺي ڪمري ۾ سامان رکيو، جيڪو هڪ بريف ڪيس ۾ هيو، باقي سڄو سامان ميمڻ صاحب جي گھر لنڊن ۾ هيو. شام ٿي چڪي هئي تنھنڪري شھر جو ويجھو حصو گھمڻ لاءِ هوٽل واري کان شھر جو نقشو ورتو، جنھن ۾ سڀ انفارميشن هئي ته ڪھڙي پوائنٽ تي پھچڻ لاءِ سواري جا ڪھڙا ذريعا آهن ۽ ڪيتري مفاصلي تي آهن. نقشي جي مدد سان مون ٻه چار پوائنٽ گھمڻ جو ارادو ڪري ٻاهر نڪتس. گھمندي گھمندي مختلف عمارتن کان گذرندو جڏهن بک ورايو، تڏهن هڪ ريسٽورنٽ جو رخ ڪيم. هوٽل تي اڃان ويھڻ ٿيو مس ته هڪ خوبصورت ڊگھي قد واري ڇوڪري آئي. اچڻ سان هاءِ ڪري پنھنجي لاءِ ٻڌائڻ لڳي ته مان نيدرلينڊ کان ۽ اڪيلي گھمڻ لاءِ آئي آهيان. جيڪڏهن اجازت ڏيو ته شيمپين ۽ ماني گڏجي کائون. ايڏي وڏي قد ۽ خوبصورت هرڻي جي چال واري ڇوڪري ڏسي دل ته ڏاڍي چوي پئي ته جيڪر هائو ڪيانس پر آمريڪا جون شروع واريون ڏٺل وڊيوز هڪدم سامھون اچي ديوار وانگر بيھي رهيون. دل تي پٿر رکي الله جي خوف کان نه پر وڊيوز جي ڊڄائڻ ڪري چيم ته فقيراڻي اڳتي ڪنھن ٻئي جو پاسو وٺ. لڳي پيو ته ارمان ٻنھي کي ٿيو. جو هڪٻئي جي ڳالھه ڪونه مڃي سين. ماني کائي هوٽل تي اچي سمھي پيم، جيئن اکيون بند ڪيان ته نيڌرلينڊ جي هرڻي اڳيان پئي ڦري، آخر لڇ پڇ ۾ ڪھڙي وقت ننڊ آئي خبر ناهي. صبح جو هوٽل سان پيڪيج ۾ ناشتو شامل هيو، ڀرپور پيٽ ڀري شھر گھمڻ ويس. واقعي جيئن چوندا آهن ته پئرس جو شھر ايئن صاف سٿرو آهي، جو روڊن تي به پنھنجي شڪل نظر ايندي آهي. سڄو ڏينھن شھر گھمي مختلف عمارتن جو ديدار ڪندي ايفل ٽاور کان گذرندي شام ٿي وئي. هوٽل تي پھچي اچي سمھي پيم، ننڊ ايئن وٺي وئي ڄڻ ته منھنجي انتظار ۾ بيقرار ويٺي هئي. موالي وارو ته سمھڻ سان تار.
صبح جو اٿي ناشتو ڪري منجھند تائين گھمي ڦري پئرس جي ريلوي اسٽيشن تي آيس. ريلوي جا پليٽ فارم ڳڻڻ کان گھڻا جيستائين نظر وڃي پئي تيستائين رڳو پليٽ فارم هجن. منھنجو اندازو آهي ته چاليھه پنجاهه پليٽفارم هوندا. اچي مسئلو ٿيو مونکي ڪھڙي پليٽ فارم واري گاڏي ۾ وڃڻو آهي، جنھن کان پڇ جواب صرف فرينچ ۾ ڏئي، باوجود انھي جي ته انگريزي به هو ڄاڻن پيا پر جواب فرينچ ڏين. باقي قربائتا ڏاڍا، ليڪن جواب هر ڳالھه جو فرينچ ۾ ڏيندا، باقي وڌيڪ سمجھائڻ لاءِ بين الاقوامي ٻولي جو استعمال ڪندا هيا، جنھن مان خبر پوندي هئي ته هن ڀوتار جي چوڻ جو مقصد هي آهي، يعني اشارن جي زبان جنھن جي ڪري گھمڻ ۾ آساني ٿيندي هئي.
پئرس جون جايون ۽ رستا ايترا ته صاف ۽ سٿرا هيا ٻن ڏينھن جي لڳاتار گھمڻ جي باوجود منھنجي بوٽ کي پئرس جي مٽي نصيب ڪانه ٿي.

پئرس کان لنڊن روانگي ۽ مديني جا نظارا

پئرس ريلوي اسٽيشن تان ريل گاڏي جي سيڪنڊ ڪلاس دٻي ۾ سوار ٿي لنڊن لاءِ روانو ٿيس. فرانس جي ايميگريشن پوانٽ تي پھچي برطانيه جي وڃڻ لاءِ قطار ۾ وڃي بيٺس. جڏهن ايميگريشن لاءِ حاضر ٿيم ته مونکي اهو چئي واپس ڪين ته برطانيه جي لاءِ تو وٽ ويزه ناهي. مون چيو ته مان انگلينڊ کان ته فرانس ويو هيس ۽ سڀاڻي منھنجي لنڊن کان جده لاءِ ٽڪيٽ به اوڪي آهي. چيائون ته توکي يو ڪي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سنگل انٽري واري ويزه هئي، سا تو استعمال ڪري ڇڏي، تنهنڪري توکي واپس پئرس وڃي ٻيھر برطانيه ۾ داخل ٿيڻ جي ويزه وٺڻي پوندي، تنھن کان پوءِ توهانجي برطانيه ۾ انٽري ٿيندي ڏاڍا ايلاز منٿون ڪيون پر هڪ به ڪانه ٻڌن. منھنجي کيسي ۾ ڪل هڪ سئو ويھه يا پنجويھه ڊالر هيا. مايوس ٿي واپس ريلوي اسٽيشن تي آيم. ٽائيم ٽيبل ڏٺم ته آخري ٽرين پئرس ڪھڙي ويندي پئرس ته جيئن رات ان ۾ گذري ته جيئن هوٽل جو ڪرايو بچي پوي. افسوس جو آخري ٽرين جو ٽائيم تقريباً سج لھڻ جي ٽائيم تي هيو، سو مجبوري طور انھيءَ ريل گاڏي جي ٽڪيٽ وٺي وڃي رات جو تقريباً يارهين وڳي پھتس.
ريلوي اسٽيشن تان سڌو ساڳي هوٽل ۾ ويس ۽ ڪائونٽر تي ويم ته ساڳيو همراهه ويٺو هيو. تنھن مونکي انھيءَ ساڳي ڪمري جي چاٻي ڏني مان وڃي سمھي پيس. اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ رسيپشن تان فون ڪري چيائين ته جينٽل مين هي ڪمرو ته اسان ڪنھن ٻئي کي الاٽ ڪري چڪا آهيون، تنھنڪري تون ويھه انتظار ڪر ته توکي ٻيو ڪمرو ڏيون. مون ننڊهارڪي آواز ۾ چيو ته برادر مان ڏاڍو ٿڪل آهيان ۽ ننڊ ۾ آهيان، مھرباني ڪري انھيءَ کي ڪو ٻيو ڪمرو ڏي. چيائين اوڪي. مان سمھي پيم. مون صبح جو رسيپشن واري کي ٻڌايو ته يار مون سان هي واقعو ٿي ويو آهي، اڄ رات منھنجي فلائيٽ آهي سعوديه لاءِ، ۽ مون وٽ ڪل کيسي ۾ هڪ سؤ ۽ ڏهه ڊالر آهن. هن مونکي هڪ سو ڊالر جي بدلي ٽي سو ويھه يا پنجويھه فرينڪ ڏنا ۽ هوٽل جي ڪرائي ۾ رعايت ڪيائين. ڪمري جي ڪرائي جا هن هڪ سؤ فرينڪ ورتا. باقي مون وٽ ٻه سو ۽ ويھه فرينڪ بچيا ڪوشش هئي ته صبح سوير جيئن ايمبيسي کلي تيئن برطانيه جي ايمبيسي وڃي ويزه هڻائي لنڊن روانو ٿيان. ٽيڪسي ورتم چڙهي روانو ٿيس ٽيڪسي جيڪڏهن رش سبب ڪٿي بيھي ته به ميٽر ساڳي رفتار سان ڀڄي پيو. جيئن ميٽر جي رفتار تيز ٿيندي پئي وڃي ايتري رفتار ۾ منھنجي دل سست ٿيندي پئي وڃي، خير سان ايمبيسي جي در تي لاٿائين مان پھريون شخص هيس جيڪو اسٽاف کان علاوه اتي پھتو هيس. ويزه لاءِ پاسپورٽ اڳتي ڪيم ته ويزه آفيسر منھنجي مٿان بم جو ڌماڪو ڪيو. چيائين ته هڪ سو اسي فرينڪ سروس چارجز جمع ڪراءِ . منھنجي کيسي ۾ ڪل هڪ سو سٺ فرينڪ ويھه ٻاويھه ڊالر هجن. خير ايمبيسي وارن کي سو سٺ فرينڪ ۽ ڇھه ڊالر ڏنا ويزه لڳي مليو. هاڻي مون وٺ ڪل پندرهن سورهن ڊالر هجن، جڏهن ته پئرس کان پورٽ تائين هڪ سو ويھه فرينڪ ريل گاڏي جو ڪرايو هيو. مون پاڪستان ايمبيسي فون ڪيو. اتان جواب مليو ته توهان ايمبيسي اچو. ٻيو مون فون ڪيو يونيسڪو UNESCOجي آفيس ۾، اتي ڊاڪٽر اعجاز حسين پاڪستان جو نمائندو هيو. ڊاڪٽر اعجاز منھنجو استاد هيو، قائد اعظم يونيورسٽي ۾ ۽ اسان کي انٽرنيشنل لاءِ پڙهائيندو هيو. ڊاڪٽر صاحب ڏانھن فون ڪيم ته خوش قسمتي سان ملي ويو، مون کيس ٻڌايو ته مان هتي پئرس ۾ آهيان ۽ اڄ منجھند کان پوءِ لنڊن ويندس چيائين ته جلدي اچ ۽ پوءِ ڪنھن ٻئي پاسي وڃ. يونيسڪو جي آفيس ويجهي هئي، پاڪستان جي ايمبيسي جي مقابلي ۾ سو سڌو ڊاڪٽر صاحب ڏانھن ويس. ڊاڪٽر صاحب مليو پڇيائين ته ماني کاڌي آهي؟ مون چيو ته نه، چيائين هل ته ڪنٽين تي هلون ماني به کائون ٿا ۽ حال احوال به اتي ٿا ڪيون. سڀ کان اڳ ۾ کائڻ لاءِ گاه کنيوسين انکان پوءِ وڃي ڪجھه چانور ۽ شوربو چانورن تي وجھي اچي ٽيبل تي ويٺاسين. ماني کائيندي مون سڄو تفصيل سائين کي ٻڌايو، چيائين فڪر نه ڪر، تو کي گھڻا پئسه کپن؟ مون چيو ته صرف ريل جو ڪرايو ۽ برطانيه جي حد ۾ به ريل گاڏي جو ڪرايو. انھيءَ بلڊنگ ۾ هڪ جاءِ ريل گاڏي جي بڪنگ جي آفيس هئي اتي وڃي ٽرين جي بڪنگ ڪرائي اطمينان سان واپس موٽياسين. ڊاڪٽر صاحب کان موڪلائي برطانيه روانو ٿيس. خير سان ريل گاڏي رستي سي پورٽ وٽ ايميگريشن ڪرائي، بحري ٻيڙي تي سوار ٿي برطانيه جي حد ۾ داخل ٿياسين. اتان ٽرين جي ذريعي لنڊن پھتس ته ميمڻ صاحب وٺڻ لاءِ اتي پھچي چڪو هيو، ڇوته جڏهن مان ايميگريشن ڪرائي فارغ ٿيم ته اتان ميمڻ صاحب کي اطلاع ڏئي ڇڏيو هيم. رات جي ماني کائي ايئرپورٽ ڏانھن راهي ٿياسين.
لنڊن کي ڏسڻ وارو ڏينھن ۽ رات ٻاهر گذري ويو، جو صحيح طرح لنڊن ڪونه گھمي سگھيس. منھنجي پروگرام مطابق مان آخري هڪ ڏينھن لنڊن جي گھٽين ۽ پارڪن ۾ گذارڻ جو هيو، انھيءَ ۾ الله سائين جي ڪا حڪمت هوندي جو ايئن ٿيو.
رات جو تقريباً ڏهه وڳي سعوديه ايئر لائين جي ذريعي جده لاءِ روانگي ٿي. صبح جو سج مٿي چڙهي آيل هيو، جو جده ايئرپورٽ پھتاسين. هڪ بروهي دوست کي چيل هيو جنھن ايئرپورٽ جي ٻاهران پئي انتظار ڪيو. ايميگريشن جي قطار ۾ وڃي بيٺاسين، مون کان اڳ ۾ صرف اٺ ڄڻا هيا ۽ منھجو نائون نمبر هيو. ايميگريشن تي اسٽاف انسان دشمن ويٺو هيو، قطار مان اڳئين ماڻھو کان پاسپورٽ وٺي اتي پاسپورٽ رکي ڀرواري ساٿي ڏانھن ويو ۽ پاڻ ۾ گپ شپ ڪرڻ ويھي رهيا. ٿوري دير کان پوءِ چانھه يا ڪھوه گھرائي پيتن، وري پاڻ ۾ کل ۾ اونڌا. تقريباً مني ڪلاڪ کان پوءِ واپس آيو، ٻن يا ٽن جي ايميگريشن ڪري ٻئي همراهه کان پاس پورٽ وٺي وري اٿي هليو ويو، ويھن پنجويھن منٽن کان پوءِ واپس اچي وري به ڀر واري ايميگريشن اسٽاف وٽ اچي مزي سان ويھي رهيو. پندرهن ويھه منٽ گذرڻ کان پوءِ واپس آيو، آخر منھنجو به پاسپورٽ ورتائين، ڏسي ٺپو هڻي پاسپورٽ ڏنائين. مونکان پوءِ باقي وڏي قطار هئي اهي ڪڏهن فارغ ٿيا خبر خدا کي، باقي مونکي اتي پوڻا ٻه ڪلاڪ بيھڻو پيو. اڳيان وري ڪسٽم وارا ته صفا حضرت عزرائيل جا ڪي ويجھا مائٽ لڳا پيا هيا. مونکان اڳ واري ماڻھو چاٻي ڳولھڻ ۾ ٿوري دير ڪئي ته ڇريءَ سان سڄي سوٽ ڪيس کي چيري ڦاڙي سامان هيڏي هوڏي اڇلي چيڪ ڪرڻ لڳا، جيئن پوليس ڪنھن گھر جي جھڙتي وٺندي آهي، پوءِ غريب جي مال کي لاپرواهي سان اڇليندا آهن.
جل تون جلال تون، آئي بلا ٽار تون.
مون جڏهن پنھنجو سامان اڳيان رکيو ته بغير کولڻ جي چاڪ سان نشان ڪري اڳتي اڇلائي ڇڏيائين، سامان کڻي ٻاهر نڪتس ته بروهي صاحب بيٺو هيو چيائين ته واجه انت حالي.
يار بس هاڻي جلدي ڪر هتان نڪري هلون ڏاڍو بيھاري بيھاري ٿڪايو اٿن، مون چيو ته جيڪڏهن هتي مڪو ۽ مدينه نه هجي ها ته مان ڪڏهن به هيڏانھن منھن به ڪونه ڪيان پر يار ڇا ڪجي، ڪنين جي ڪاڻ ڳئون چاريم ڳوٺ جون.
خير اتان ايئرپورٽ مان نڪري مڪي مبارڪ ڏانھن روانه ٿياسين. جده جي ٻاهران هڪ مسجد هئي ۽ چيائين ته هتي لھو ۽ احرام ٻڌو. احرام اتان بروهي صاحب خريد ڪري آيو ۽ احرام ٻڌي لبيڪ جا نعره هڻندي مڪي ڏانھن روانا ٿياسين. پاڪستان هائوس وياسين ته ڪو ڪمرو وٺون. جڏهن ڪمري جا ريٽ ٻڌايا ته دوست چيو ته ڇڏ پاڪستان هائوس کي، ان کان ته سستا هوٽل آهن. اتان واپس وڃي هوٽل ڪرائي تي وٺي جيڪو پاڪستان هائوس کان ڪافي سستو هيو. سامان رکي وضو تازو ڪري ڪعبته الله شريف جي حاضريءَ لاءِ پيادل روانو ٿيم. الحمدلله عمرو نصيب ٿيو، الله جي در جي حاضري ڀري ٻه ٽي ڏينھن اتي رهي. مڪه مبارڪ جون زيارتون جبل نور، جنت الموليٰ ۾ امھات المومنين حضرت بي بي خديجت الڪبريٰ جي آخري آرامگاه آهي۽ عرفات اهو مقام آهي جتي حاجين جو حج قبول پوندو آهي، انھي کان علاوه اتي جبل رحمت آهي، جنھن جاءِ ڏاڏو آدم ۽ ڏاڏي حوا ٽي سو سال جدائي کان پوءِ ميدان عرفات ۾ هڪٻئي سان مليا، آخري خطبه حج پاڻ ڪريم جن جبل رحمت وٽ اٺ تي ويھي امت کي ڏنو. مزدلفه اهو مقام آهي، عرفات کان حاجي مغرب آذان وقت مغرب نماز بغير پڙهي نڪري مزدلفه ڏانھن ويندا آهن ۽ جھڙي وقت پھچن اتي اڳ ۾ نماز مغرب ادا ڪري پوءِ نماز عشاء پڙهندا آهن، فجر نماز کان پوءِ وڏي شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ هتان کان پٿريون کڻي ويندا آهن، پوءِ منيٰ ۾ قرباني ڪري مٿي جا وار ڪوڙائي تڙ ڪري احرام لاهيندا آهن. منيٰ جتي حج جا پانڌيئڙا اٺ ذوالحج جو اچي اتي رهندا آهن ۽ ٻارهين يا تيرهين تائين اتي قيام ڪندا آهن. منا ۾ قيام ڪرڻ وقت هڪ دفعو ڪعبته الله وڃي عمره ادا ڪندا آهن، پھرين ڏينھن وڏي شيطان ۽ عمره ڪرڻ کان پوءِ ٻئي ڏينھن ٽنھي شيطانن کي پٿريون هڻندا آهن. انھن سڀني مبارڪ جاين جا ديدار ڪري پوءِ يثرب جي والي شھنشاهه مدينه جي در جي حاضري لاءِ روانو ٿيم. مالڪ ڪريم جا اڻڳڻيا احسان جو مدينه المنوره ۾ حاضري نصيب ٿي . 1989ع ۾ مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي جي توسيع ڪانه ٿيل هئي، ان وقت مسجد الحرام جي ٻاهران روڊ هيو، جنھن تي ٽريفڪ هلندي هئي. جتي هينئر وڏو ٽاور آهي، اتي ترڪ بادشاهن جو قلعو تعمير ڪيل هيو، جيڪو اتي قائم هيو. جتي هينئر ڪنگ فھد جي نالي وارو گيٽ آهي، اتان پڪو رستو گذرندو هيو. ايترا وڏا هوٽل ڪونه هوندا هيا.
اهڙيءَ طرح مسجد نبوي به ايتري وڏي ڪانه هئي، جتي هينئر اتر طرف ڇٽيون لڳل آهن، اتي هوٽل هيا، جن ۾ اسان رهياسين ۽ اتي ڀرپاسي ۾ بازار هئي. مسجد نبوي صرف اندر لڳل ڇٽين جي پويان باب مجيد تائين هئي ۽ ان جي اتر طرف ٽين جون ڇتيون هيون .
الحمدلله منھنجي پھرين حاضري وڃي رياض الجنته ۾ ٿي. انوقت رات جو ٻارهين وڳي مسجد نبوي جا دروازه بند ٿي ويندا هيا ۽ تھجد جي ٽائيم دروازا کلندا هيا. جنت البقيع به سادو سودو هيو پر پُر وقار زيارتون ڪرڻ جو خوب موقعو مليو. مسجد قباء، مسجد جمعه، مسجد ستين جنگ خندق جي وقت جنھن جاءِ تي اصحابي سڳورن نمازون ٽوليون ڪري پڙهيون هيون، انھن جاين تي ست مختلف نالن سان مسجديون هيون، جيڪي هينئر شھيد ڪري حڪومت وڏيون مسجديون تعمير ڪيون آهن. مسجد قبلتين، جتي نماز پڙهڻ لاءِ ڪعبته الله ڏانھن رخ ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم ٿيو. انھي کان اڳ بيت المقدس ڏانھن نماز پڙهڻ لاءِ رخ ڪيو ويندو هيو. جبل احد ۽ اها جاءِ جتي پاڻ ڪريم جن شديد زخمي ٿيا هيا ۽ احد پھاڙ تي ٿورو مٿي وڃي ٽيڪ ڏئي آرام فرمايو هين. جبل احد کان ڏکڻ طرف باغ ۽ کوهه جيڪو حضرت عثمان غني يھودي کان خريد ڪري مسلمانن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. اڄ تائين انھيءَ باغ جي جيڪا آمدني ٿيندي آهي اها حضرت عثمان غنيؐ جي هلندڙ اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندي آهي. ٻه ٽي سال اڳ مونکي دوست ٻڌايو ته هن وقت حضرت عثمان جي اڪائونٽ ۾ ستر ملين ريال آهن، جن مان حڪومت سوچي پئي ته ان رقم مان ڪو هوٽل تعمير ڪري اهي پئسه استعمال ڪن. مسجد قبه جي اوڀر ڏکڻ ڪنڊ تي هڪ کوهه هيو، جنھن ۾ نبي سائين جي نالي واري مھر ان کوهه ۾ ڪري پئي هئي، جيڪا پاڻي ڪڍڻ کان پوءِ به ڪانه لڌي. ان کوه جي اوڀر طرف اهو مقام هيو، جتي حضرت علي سائين جن جي ٽيپھري جي نماز جو وقت قضا ٿيو، جو پاڻ ڪريم جن سندن سٿر مبارڪ تي مٿو رکي آرامي ٿيا هيا، جنھن جي ڪري نماز نه پڙهي سگھيان . جڏهن پاڻ ڪريم جن آرام مان اٿيا ته حضرت علي سائين جي پريشاني کي محسوس ڪندي پڇيو ته ڇاجي ڪري پريشان آهيو؟ چيائون ته نماز پڙهي ڪين سگھيس ۽ نماز جو وقت گذري ويو. جنھن تي پاڻ ڪريم جن حضرت علي سائين جي خواهش مطابق سج کي واپس ٽيپھري جي نماز تي گھرائڻ لاءِ رب ڪائنات کي عرض ڪري سج واپس گھرايو ۽ حضرت علي ڪرم الله وجه وقت جي نماز ادا ڪئي.
انھي جاءِ کان اوڀر ڏکڻ طرف يھودي جو قلعو هيو جنھن کي قتل ڪيو ويو هيو، جيڪو نبي سائين جي شان ۾ گستاخي ڪندو هيو. ان قلعي جي اتر ۾ تقريباً ميل ڏيڍ پنڌ تي اهو باغ هيو، جتي حضرت سلمان فارسي غلام هيو، يھودي وٽ ۽ يھودي شرط رکي هئي ته مان تڏهن حضرت سلمان فارسي کي آزاد ڪندس، جڏهن هي باغ پوکيندو ۽ انھن کجين جو پڪل ڦل مان کائيندس. جيڪا نبي سائين شرط قبول ڪئي ۽ پاڻ ڪريم جن ان يھودي کي چيو ته کجيءَ جون چڪيون کڻي اچ ۽ اسين اهي کجيون پوکينداسين. جيڪي نبي سائين پنھنجي هٿن مبارڪن سان اهي کجين جون چڪيون پوکيون ۽ صبح جو الله جي حڪم سان انھن پوکيل نئين کجين ۾ پڪل کارڪون ٿيون ۽ واعدي مطابق حضرت سلمان فارسي کي غلاميءَ مان آزادي ملي ۽ حضرت سلمان پوءِ هميشه جي لاءِ نبي سائين جي قرب ۽ صحبت جو غلام ٿي ويو. ۽ اهي کجيون 1989ع به موجود هيون جن جو مونکي ديدار نصيب ٿيو. دل هميشه ايئن چوندي آهي؛-
الا مونکان نٿا وسرن، مديني جا نظارا.

ڀلي پار ڏانهن سفر

مدينة النبيﷺ جي ديدار جو شوق هر مسلمان کي رهيو آهي ۽ هميشه رهندو. انھيءَ ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته حج يا عمري جو ڪوئي اهڙو ارڪان ڪونھي، جنھن جو واسطو مدينته المنوره سان هجي. ليڪن جيستائين مسلمان حج يا عمره کان اڳ يا بعد ۾ محبوبِ خدا جي شھر ڏانھن رخ نٿو رکي، تيستائين سندس دل بيقرار رهندي. مڪي ۽ مديني جي مزاج ۾ وڏو فرق آهي. بيت الله ۾ جلال آهي، تنھن ڪري مڪه مبارڪ جي رهائش پذير ماڻھن ۾ سختي آهي. مدينته المنوره رحمت العالمين جو شھر آهي، اتي ماڻھن ۾ نرم دلي ۽ رحم واري ڪيفيت آهي. رحمت جو نزول ڪعبته الله آهي، ان رحمت کي ورهائڻ وارو مديني جو مير آهي. ايئن چئو ته رحمت جو جنريٽر مڪي ۾ آهي انھيءَ رحمت جي ڊسٽريبيوشن يا گرڊ اسٽيشن مديني ۾ آهي.
منھنجو ذاتي مشاهدو آهي ته مڪه مبارڪ ۾ توهان گرم موسم ۾ ڪٿان به ڪعبته الله شريف ڏانھن ايندئو ته توهان جي جسم ۾ پگھر اچي ويندو. مديني جي مير جي حاضري لاءِ توهان شھر جي ڪھڙي پاسي کان ويجھو يا پري کان اچو توهان جي جسم تي پگھر ڪونه ايندو.
الله جي باري ذات کي اهو پسند آهي ته سندس ٻانھو پگھر جي بدبوءِ سان ان جي گھر حاضري ڏيڻ اچي ته انکي قبول آهي. پر ساڳيو ٻانھو جيڪڏهن الله جي محبوب جي حاضري لاءِ وڃي ته الله سائين اهو نٿو برداشت ڪري ته منھنجو ٻانھو منھنجي حبيب وٽ وڃي ۽ جسم تي پگھر جي بدبوء کڻي وڃي. تنھنڪري رب ڪائنات پنھنجي ٻانھي تي پگھر کي اچڻ جي اجازت نٿو ڏئي، جنھن ڪري الله جي محبوب جي حاضري وقت اسان جي جسم تي پگھر نٿو اچي.
اهو گھٽ ۾ گھٽ مون سان ته ايئن ٿيندو آهي، باقي دوست جيڪي ويا هوندا انھن جو پنھنجو تجربو آهي، جيڪي هو پاڻ سمجھندا هوندا. جيڪو ڪجھه مون مٿي ذڪر ڪيو آهي انجو واسطو منھنجي ذاتي ڪيفيت سان آهي. مان نه اهو ڪٿي پڙهيو نه ئي وري ٻڌو آهي.
مون کان ڪنھن پڇيو ته اهو ائين ڇو آهي ته مديني جي مير کي الله جي ذات پنھنجي گھر کان پري رکيو آهي؟ انھي جي ڇا حڪمت آهي، اهو مالڪ ٿو ڄاڻي يا حبيب خدا ٿو ڄاڻي، ليڪن جيڪو منھنجو خيال آهي ته جيڪڏهن حبيب خدا آخري آرام گاه مدينه کان علاوه هجي ها، يعني مڪه مبارڪ ۾ ته پوءِ شايد اسين ان سڪ ۽ اڪير سان شايد حبيب خدا ڏانھن نه وڃون ها، جھڙي طرح هينئر وڃون ٿا. ٻيو اهو به ٿي سگھي ٿو ته الله سائين پنھنجي حبيب جي شان کي وڌائڻ ۽ عوام کي ٻڌائڻ لاءِ ايئن ڪيو آهي ته جڏهن منھنجو ٻانھو ڪعبته الله ۾ آهي ته ان وقت انجو سڄو ڌيان صرف مون الله ڏانھن هئڻ گھرجي. جنھن جو مطلب ته اسان کي الله جي ذات کان علاوه ڪنھن ٻئي جي حاضري صرف نالي ماتر ٿيندي، تنھن ڪري الله جي ذات بابرڪات چاهيو ته جڏهن منھنجو ٻانھو منھنجي حبيب جي حاضري ۾ وڃي ته ادب ۽ احترم سان وڃي، جيڪڏهن بي ادبي ڪندو ته مان الله انجي اعمالن کي ضايع ڪري ڇڏيندس، انھيءَ ڪري پنھنجي حبيب جو شان وڌائڻ خاطر پنھنجي حبيب کي ٻئي شھر ۾ نمبر ون جي حيثيت ۾ رکڻ لاءِ مدينه المنوره کي پسند ڪيو. الحمدلله رب ڪائنات جا اڻ ڳڻيا احسان جو مونکي انھي کان پوءِ ٻه دفعه حج ۽ پنج ڇھه دفعا عمره جي نعمت سان مالامال ڪيو آهي، جنھن لاءِ مون مسڪين وٽ الفاظ ناهن جو احسان کي مان ڳڻائي سگھان.
هن وقت ڪجھه حالتون صحيح ناهن، ڇوته ڪجھه پاڪستان جا ٽريول ايجنٽ ماڻھن کي بي وقوف بڻائي ڏکيائي ۾ وجھن ٿا. تازو هاڻي منھنجي هڪ دوست سان واقعو ٿيو آهي، جنھن سان ٽي ڏينھن اڳ ملتان ۾ مليس. هي دوست ملتان کان ٻن هفتن جي پيڪيج تحت حرمين شريفين ويو. پھريان مدينه المنوره انھيءَ کان پوءِ مڪه مبارڪ ۾، مديني ۾ ته الحمدلله سڀ خير خيريت سان گذري ويو. مڪه مڪرمه ۾ هن کي ڪجھه ڏينھن کان پوءِ هوٽل جي اٺين منزل تي يرغمال ڪري بند ڪيو ويو. چار ڏينھن هن کي حرم پاڪ تائين وڃڻ ڪونه ڏنائون ۽ ٻاهران بند ڪري چار پنج همراهه پھري تي ٻاهران ويٺا هوندا هيا. سي سي ٽي وي جو نظام صرف ان اٺين فلور جو مڪمل طور بند، باقي سڀني منزلن تي سي سي ٽي وي ڪم ڪري پئي. ساڳئي فلور تي ٻين ڪمرن ۾ به ماڻھو يرغمال بڻايل هيا. دوست ٻڌايو ته ڪمري ٻاهران پاڻ ۾ ايتري تيز آواز ۾ ڳالھائن پيا جو مان سڀ ڪجھه ٻڌي ۽ اندران ڏسي سگھان پيو. هڪٻئي کي اهو چون پيا ته نه اسان پٺيان پاڪستان مان ڪنفرم ڪرايو آهي ته هيءُ ماڻھو آساني سان پنجاهه لک ڏئي سگھي ٿو. جيڪڏهن هي انھي لاءِ تيار ناهي ته پوءِ هن جو پٽ فلاڻي اسڪول ويندو آهي، انکي اتان ٿا گم ڪرايون. دوست کي جنوري جي ٽئين هفتي واپس ملتان پھچڻو هيو. بھرحال فلائيٽ تائين وڃي ڪونه سگھيو، تنھن ڪري ٽڪيٽ به زيان ٿي ويئي. چئن پنجن ڏينھن کان پوءِ پنج ئي ڄڻا پاڻ ۾ مشورو پيا ڪن ته هن فلاڻي ڪمري واري کي ڪنھن بدو جي حوالي ڪري ڏيون ته سٺا پئسه ملي ويندا. ڳالھائڻ کان پوءِ چار هليا ويا ۽ هڪ ڄڻو ڪرسي تي ٽيڪ ڏئي اکيون ٻوٽي ويٺو ته دوست آرام سان اندران تالو کولي ٻاهر نڪري آيس، هو جيئن ننڊهارڪو ويٺو هيو، تنھن کي ڳلي کان وٺي ڪجھه چماٽون ۽ لتون هڻي زخمي ڪيم. انھي دوران هن جو رڙ ڪئي ته هڪ ٻيو به پويان آيو، جنھن کي مون ڪونه ڏٺو پويان اچي اهڙي ڪا شئي مٿي ۾ هنيائين جو مان بيھوش ٿي ڪري پيم. سواءِ پاسپورٽ جي سڀ ڪجھه کڻي ويا، مونکي صرف شلوار قميص ۾ ويل چيئر تي کڻي ڪعبته الله جي در جي ڀرسان ٻاهر ڇڏي هليا ويا. پاسپورٽ تان ٽريول ايجنٽ جو اسٽيڪر به لاهي ويا ته جيئن اها خبر نه پئي ته هيءَ ڪنھن ٽريول ايجنسي موڪليو آهي. چيائين ته مان ان بيھوشي واري حالت ۾ ٽي ڏينھن اتي رهيس. جڏهن مونکي هوش آيو ته ان وقت منھنجي ياداشت ختم هئي، مونکي اها خبر نه پئي پوي ته مان ڪير آهيان ڪٿي آهيان. وضو ڪري جيئن تيئن ويل چيئر تان لھي نماز پڙهڻ ويس جڏهن سجدو ڪيم ته مٿي جي پوئين حصي ۾ سور ٿيڻ لڳو. سور ٿيڻ جي ڪري منھنجي ياداشت بھتر ٿيندي وئي. ٻه ٽي ڏينھن ٻيا به گذريا ته چيائين مون ڪعبه کي پڪڙي الله جي ذات کي واسطي نبي پاڪ ۽ حضرت ايوب انصاري جي مھمانوازي جي صدقي عرض ڪيم ته هاڻي منھنجي واهر ڪر. چيائين ته آب زم زم پئ مان اچي ڪعبته الله شريف ڏانھن توجھه سان ڏسڻ لڳس. ٿوري دير هڪ انڊونيشين آيو، پھريان ڪنھن زبان ۾ ڳالھايائين، انھي کان پوءِ پڇيائين ته آر يو هنگري. مون چيو ته نو آءِ ايم ناٽ هنگري؟ ٿوري دير کان پوءِ ڪجھه کائڻ لاءِ ڏئي هليو ويو ڪجھه مون کاڌو باقي اتي ويٺل ماڻھن کي ڏنو.
اڃان اتي ويٺو اکين مان ڳوڙها وهن پيا ته هڪ ماڻھو آيو، جنھن پڇيو ته آپ ڪيون رو رهي هو؟ چيائين ته هنجو اهو پڇڻ پوءِ ته آواز سان روئڻ شروع ٿي ويس. ان ماڻھو مونکي تسلي ڏيندي چيو ته سعوديه ۾ ڪوئي آهي توهان جو؟ جيڪڏهن ڪنھن کي فون ڪرڻو اٿي ته هي فون وٺ ڳالھاء. چيائين ته مون پنھنجو موبائيل فون انھي وقت ڀڃي پرزا ڪري هوٽل ۾ ڦٽو ڪيو هيو ته جيئن هي موبائيل سيٽ انھن جي هٿ نه چڙهي جو ان مان منھنجي گھر ڀاتين جي ڊيٽا هنن جي قبضي ۾ نه وڃي. منھنجي ياداشت ٿوري بحال ٿي هئي پر ڪمزوري ڏاڍي ٿي وئي هئي. ذهن تي زور ڏيڻ کان پوءِ ننڍي ڀاءُ ياسين جو نالو ۽ نمبر ياد اچي ويو، مون اهو نمبر ان همراهه کي ڏنو، ان منھنجي ڀاءُ سان ڳالھايو ته توهان جو ڀاءُ لاپته ٿي ويو هيو، سو هينئر مون وٽ ويٺو آهي ۽ ڳالھايو. مون فون وٺي ياسين کي چيو ته هن نمبر تي فون ڪري ڀاءُ فون ڪيو پنھنجي ڀاءُ ۽ هن کي ٻڌايو ته مان هينئر خانه ڪعبه ۾ ويٺو آهيان .پھريون سوال مون پنھنجي ڀاءُ کان پڇيو منھنجو وڏو پٽ ڪٿي آهي؟ چيائين گھر ۾ آهي ۽ سڀ خيريت آهي، بس الله جوشڪر تون ملي وئين. ڀاءُ چيو ته توهان اتي ويھو فون بند ڪري، اسان جي ڀاڻيجي جو مڙس رياض شھر ۾ سعوديه جي سيڪيورٽي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندو آهي. پنجن منٽن کان پوءِ انجو فون آيو، جنھن چيو ته بس تون فڪر نه ڪر، انھيءَ جاءِ تي رهجان اسين پھچون ٿا. جنھن شخص جو فون هيو، اهو ماڻھو جيڪب آباد جو مگسي هيو ۽ فون منھنجي حوالي ڪري پاڻ اتي سمھي پيو. پنجن ڇھن ڪلاڪن کان پوءِ ڀاڻيجي جو مڙس ۽ ان سان گڏ پندرنهن ويھه ٻيا ماڻھو جن مان هڪ کي سرڪاري يونيفارم پاتل هيو، باقي بغير يونيفارم اچي پھتا، مونکان پڇي ڳاڇي هوٽل تي آيا، اچي سي سي ٽي وي جو رڪارڊ گھرائي پڇا ڳاڇا ڪئي، جنھن ۾ سڀني جا بيان مختلف هيا، انھن مان ٽن چئن کي گرفتار ڪري اتي ڪاروائي شروع ٿي وئي ۽ مونکي چين ته هاڻي تون هتي ڪجھه ڏينھن آرام ڪر. مون چيو ته نه منھنجهي ماءُ ڪراڙي آهي، سڀ پريشان آهن، مونکي جلدي ملتان پھچايو. مونکي اتان سڌو جده ايئرپورٽ وٺي آيا ۽ اتفاق سان ڪلاڪ کان پوءِ سعوديه ايئرلائين ملتان لاءِ تيار هئي. مونکي سيڪيورٽي وارن پاڻ سان گڏ وٺي جھاز ۾ ويھاريو. جيڪڏهن سيڪيورٽي وارا نه هجن ها ته مونکي جھاز ۾ سوار ٿيڻ ڪونه ڏين ها، ڇوته منھنجي گمشده جي درخواست پاڪستان جي سفارتخاني جي معرفت سعوديه جي ادارن کي مليل هئي.
منھنجو دوست السجده ٽريول ايجنسي ملتان جي معرفت ويو ۽ هوٽل بيلورا التاج مڪه مڪرم ۾ رهيو.
اهڙي قسم جون ڪاروايون عمومن انھيءَ ماڻھو سان ٿين ٿيون جيڪو اڪيلو يا وڌ ۾ وڌ هڪ ٻيو ماڻھو ساڻ اٿس. گروپ جي شڪل ۾ اهو ڪم انھن لاءِ آسان ناهي. دوست جي چوڻ مطابق انھيءَ هوٽل جي اٺين منزل تي انھن کي ڪمرا ڏيندا آهن، جيڪي گروپ وارا ناهن ته جيئن انھن کي آساني ٿئي. مون سان گڏ اتي ٻين ڪمرن ۾ ڪجھه ڪراچيءَ جا ماڻھو به هيا جن کي هنن يرغمال بڻايو هيو جيڪي
سونري اورسيز جي نالي سان ٽريول ايجنسي ڪراچي جي آهي.
دوست جي چوڻ مطابق جڏهن مان واپس ملتان موٽي آيس ته پوءِ مونکي خيال ٿيو ته جيڪب آباد واري همراهه کي فون ڪري شڪريو به ادا ڪيان ۽ گڏوگڏ جيڪب آباد جي ائڊريس وٺي کيس گفٽ وغيره به موڪليان.جڏهن انھي ساڳئي نمبر تي فون ڪيو ته اتي ڪو ٻيو شخص هيو . مون کائنس پڇيو ته ڀائي جيڪب آباد واري همراهه سان ڳالھائڻو آهي، چيائين ته ڀاءُ هن نمبر تي ڪوئي جيڪب آباد جو مگسي ناهي توهان ڀليا آهيو. مون چيو ته ڀائي چار پنج ڏينھن اڳ ۾ هي نمبر ان دوست وٽ هيو، چيائين ته هي نمبر مون وٽ گذريل ڏهن سالن کان آهي. پوءِ مون سمجھيو ته اهو سڀ غيبي مدد هئي.
هي مون صرف انھيءَ ڪري لکيو آهي ته جيڪو دوست عمري لاءِ وڃي ته خيال سان وڃي.
خير عمرو ڪرڻ کان پوءِ واپس ڪراچي پھچي گورنمينٽ آف سنڌ کي رپورٽ ڪيم ته جيئن هو مونکي ڪٿي پوسٽ ڪن. رپورٽ ڪرڻ کان پوءِ تقريباً ڇهه ست هفتا گذري ويا پر پوسٽنگ جو ڪو نالو نشان ڪونه پئي نظر آيو. انھي دوران ٻه ٽي دفعه چيف سيڪريٽري سان ملاقات ٿي، آخرڪار منھنجي پوسٽنگ ٿي ڊپٽي سيڪريٽري ايڊيوڪيشن . ٿوري عرصي کان پوءِ وري اتان منھنجي ٽرانسفر ڊپٽي سيڪريٽري سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ٿي . اتي به اڃان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته فنائنس ڊپارٽمينٽ ۾ ٽرانسفر ڪيو ويو.
ڄام صادق علي وزيراعليٰ هيو، ڪنھن دوست چيو ته سائين نوابشاهه جي لاءِ تياري ڪر. مان سمجھي ويس ته نوابشاهه مونکي ڇو ٿا موڪلڻ چاهن، مون آزي نيازي ڪئي ته سائين منھنجو هڪ اصول آهي ته جتي مان سروس ڪري ايندو آهيان، اتي ٻيھر ساڳي حيثيت ۾ مان وڃڻ هرگز ڪونه چاهيندس. چيائين ته توکي خبر آهي ڄام صاحب کي جواب ڏيڻ ڪيترو مھانگو پوندو آهي. مون چيو ته ڀائو الله وڏو آهي، جيڪو منھنجي تقدير ۾ لکيل آهي، انھي کي مان ٽاري ڪونه ٿو سگھان. مون ان دوست کي صاف انڪار ڪيو ته سائين هرگز نوابشاهه يا لاڙڪاڻو وڃڻ ڪونه چاهيندس، چاهي مونکي انجي قيمت ادا ڪرڻي پوي مان اها قبول ڪندس. ڇو ته مان ٻنھي جاين تي رهي چڪو آهيان.
بھرحال ڪوئٽه هڪ دوست جي شادي سانگي وڃڻ ٿيو ۽ مون اتي ڪوشش ڪئي ته جيئن منھنجي ٽرانسفر بلوچستان ٿي وڃي. احمد بخش لھڙي منھنجو ڀائرن وانگر دوست ۽ بيچميٽ به آهي، تنھن کي چيم ته يار ڪا مدد ڪر. لھڙي صاحب مونکي جان محمد جمالي ڏي وٺي هليو. جمالي صاحب انوقت ايس اينڊ جي اي ڊي جو منسٽر هيو. جمالي صاحب انھيءَ وقت سيڪريٽري ايس اينڊ جي اي ڊي مسٽر قاسم کي گھرائي چيو ته ڄامڙو صاحب بلوچستان اچڻ چاهي ٿو ۽ پاڻ کي آفيسرن جي ضرورت به آهي. اڄ مرڪزي سرڪار کي خط لکو. مسٽر اي زيد ڪي شيردل چيف سيڪريٽري هيو، انھي ڏينھن مرڪزي سرڪار کي خط لکڻ لاءِ اپروول وٺڻ خاطر فائيل موڪليو، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ سي ايس فائيل تي اپرووڊ لکي موڪلي ڏنو ۽ ٻئي ڏينھن صبح جو بلوچستان سرڪار پاڻ وٽ گھرائڻ لاءِ مرڪزي حڪومت کي لکي موڪليو. مان واپس ڪراچي موٽي آيم ۽ هفتي کن ۾ منھنجي سنڌ کان بلوچستان ۾ سروس ڪرڻ جا اسٽيبلشمينٽ آرڊر ڪڍيا.

تربت بلوچستان ۾

1992ع جو سال منھنجي لاءِ وڏو يادگار سال آهي. مئي چوويهه تي رب ڪائنات مونکي رحمت سان نوازيندي هڪ پري جھڙي ڌيءَ عطا ڪئي، جيڪا الحمدلله اڄ ٽن ٻارن جي ماءُ آهي. ٻه پٽ ۽ هڪ اَدڙي.
سيپٽمبر 1992ع ۾ منھنجي ٽرانسفر سنڌ کان بلوچستان ٿي.
آڪٽوبر 1992ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر تربت، ڪيچ مڪران ٿي.
نومبر 1992ع ۾ اڻويھين گريڊ ۾ پروموشن ٿيو.
مير تاج محمد جمالي وزيراعلي بلوچستان هيو. تاج محمد جمالي فرزند آهن مير جعفر خان جمالي جا ۽ سوٽ آهن مير ظفرلله جمالي جا. جوگيزئي صاحب گورنر بلوچستان هيو. اي زيڊ ڪي شيردل چيف سيڪريٽري بلوچستان هيو. سيپٽمبر 1992ع ۾ سنڌ گورنمينٽ مان رليو ٿي ڪراچي کان ڪوئٽه روانگي ٿي. ڄام صادق علي وزير اعلي سنڌ هيو. سيد سردار احمد چيف سيڪريٽري سنڌ هيو، جيڪو هن وقت ايم ڪيو ايم جو ليڊر آهي.
بلوچستان گورنمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ کان پوءِ تقرين هفتي جي اندر ڪافي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگز ٿيون. چيف منسٽرمرحوم تاج محمد جمالي ڏانھن مختلف پروپوزل کڻي ويو ۽ انھن جي اپروول ڏئي صبح جو روڊ رستي ايران هليو ويو. مرحوم تاج محمد جمالي هوائي سفر کان لنوائيندو هيو. ڪوشش ڪري روڊ رستي سفر ڪندو هيو.
مان سي ايس ڏانھن ملاقات لاءِ ويس، حسب معمول ملاقات ٿي ۽ اتان مان تربت روانو ٿي ويس. انوقت اتي عبدالحڪيم تارن صاحب ڪمشنر مڪران هيو. تربت جو ڊي سي گھڻو ڪري سراج قاضي صاحب هيو، جنھن کان مون چارج ورتي.
تربت جي ايراضي ڪافي وڏي هئي ۽ سنڌ جي مقابلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي حيثيت ۾ وڌيڪ اختيارات هئا، بنسبت سنڌ ۾ ڊسٽرڪٽ ميجسٽريٽ جي. تربت ضلعو انتظامي حساب سان ٻن ايريائن ۾ ورهايل هيو، هڪ اي ايريا ۽ ٻيو بي ايريا.
تربت جو اي ايريا صرف تربت جي شھر جي حد تائين هيو، باقي سڄو علائقو بي ايريا هئي.
اي ايريا جو ڪنٽرول پوليس کي هيو، باقي بي ايريا ليويز جي حوالي هئي. اي ايريا ۾ صرف هڪ ٿاڻو هوندو هيو.
بي ايريا جنھن کي عرف عام ليوي جو علائقو چيو ويندو آهي، انھي جو مڪمل ڪنٽرول ڊي سي وٽ هوندو آهي. ليوي عمومن لوڪل قبيلي جي ماڻھن تي مشتمل هوندي آهي. مختيارڪار تعلقي ۾ مختيارڪار کان علاوه هڪ قسم جو ايس ايڇ او به هوندو آهي. ٿاڻي جي ليول تي جمعدار جي نالي سان آفيسر انچارج هوندو آهي، جيڪو سب انسپيڪٽر جو رينڪ رکندو آهي. اهڙي طرح پورو بلوچستان اي ۽ بي ايرياز ۾ ورهايل هيو. پوري بلوچستان ۾ 1992ع ۾ لسٻيله، ڊيرا الله يار، ڊيرا مراد جمالي اهي سڀ علايقا اي ايريا هوندا هيا ۽ اتي بي ايريا ڪونه هوندي هئي. باقي بلوچستان جو پورو علائقو اي ۽ بي ايرياز ۾ تقسيم ٿيل هوندو هيو.
بلوچستان ۾ مين اپوزيشن پارٽي ان وقت بلوچستان نيشنل موومينٽ هئي، تربت ۾ سڀ چونڊيل نمائندا بي اين ايم جا هيا.
مون جڏهن تربت جي چارج ورتي انھي وقت شھرتربت تي ڊرگ مافيا جو سڪو هلندو هيو ۽ پوليس انھن جي آڏو ڪا معنيٰ ڪونه رکندي هئي. شھر ۾ عام جام سمگلرن جا ماڻھو بازار ۾ ايندا هيا ۽ ڏينھن ڏٺي جو جيڪي وڻندو هين ڪري گذرندا هيا. ڪوئي روڪ ٽوڪ ڪانه هوندي هين. مون ايريا جو جائزو ورتو، اسٽاف ۽ ماڻھن کان علائقي جي معلومات ورتي. ايس پي قاضي واحد هيو، انکان پڇيم ته ڇاجي ڪري تون هن شھر تي ڪنٽرول نٿو ڪري سگھين؟ ايس پي صاحب ڪي مجبوريون ڏيکاريون. سڄو ڏينھن ۽ رات سوچي سوچي مونکي هڪ ترڪيب ذهن ۾ آئي. ترڪيب اها هئي ته سواءِ يونيفارم جي ڪوئي مجاز آفيسر يا آفيشل هٿيار کڻي گھمندو نظر نه اچي شھر ۾. مان آفيس وڃي آفيس سپرنٽينڊنٽ دشتي صاحب کي گھرائي هڪ آرڊر جار ڪيو ته پوري ضلعي ۾ ڪوئي ماڻھو سول ڊريس ۾ هٿيار کڻي نه گھمي. پوري ضلعي ۾ سڀني آفيسرن کي چئي ڇڏيو ته جيڪڏهن پوليس يا ليوي جو ماڻھو يونيفارم کان بغير هٿيار کڻي گھمندي نظر آيو ته انتي سختي سان ڪاروائي ڪئي ويندي.
ٻن ڏينھن کان پوءِ مان آفيس کان گھر ڏانھن وڃان پيو ته رستي ۾ هڪ موٽرسائيڪل تي سوار سول ڊريس ۾ رائفل ڪنڌ ۾ وجھيو گاڏي کان گذري ويو، مون ڊرائيور کان پڇيو ته ان کي سڃاڻين ٿو ڪير آهي؟ ڊرائيور ٻڌايو ته ها سائين هي پوليس جو جمعدار ۽ ڪمشنر صاحب جو باڊي گارڊ آهي. مون ٻڌي چپ ڪئي، گھر پھچي دشتي کي فون ڪري چيم ته مان پاڻ آفيس کان گھر ويندي ڏٺو ته ڪمشنر صاحب جو باڊي گارڊ بغير يونيفارم جي ڪنڌ ۾ رائيفل وجھي ڪمشنر صاحب جي گھر ڏانھن ويو پئي. هينئر جو هينئر ان جمعدار کي سسپينڊ ڪري آرڊر جي تعميل ڪرائي مونکي رپورٽ اچي ڏي. چيائين ته سائين اهو ته ڪمشنر صاحب جو باڊي گارڊ آهي ۽ جيڪڏهن ٿي سگھي ته ڇڏي ڏيو. مون چيو ته مون توکي ڇا چيو؟ ته چيائين سائين هينئر مان آرڊر جي تعميل ڪرائي رپورٽ ڏيان ٿو. جنھن وقت ڪمشنر جو باڊي گارڊ صرف انھيءَ ڪري سسپينڊ ٿيو جو هو بغير يونيفارم جي رائيفل کڻي هليو پئي. انھيءَ ڪرڻ سان ايترو انھن ماڻھن ۾ خوف ۽ حراس ٿيو انھن ماڻھن کي جيڪي سڄي شھر جا سڀ ڪجھه پاڻ کي سمجھندا هئا.
ڪمشنر صاحب جو باڊي گارڊ پورو مھينو سسپينڊ رهيو، انھي ڪري ڪوئي به ماڻھو شھر ۾ هٿيار کڻي ڪونه گھمندو هيو. شھر ۾ امن ٿي ويو، مافيا جي ڇاڙتن شھر ڇڏي ٻھراڙين ۽ ڳوٺن ۾ ديرو ڄمايو.
ڊرگ مافيا انھي ڪري شھر ڇڏي هليا ويا، جو هڪ ته انھن جي ماڻھن تي اها پابندي هئي ته اهي هٿيار کڻي پوري ضلعي ۾ ڪونه گھمندا. ٻيو وري مان هفتي ڏهين ڏينھن رات جو سمھڻي جي وقت اي سي کي فون ڪري چوندو هيس ته ضلعي جي فورس تيار ڪر ڇاپو هڻڻو آهي. ڪلاڪ اڌ ۾ اچي ٻڌائيندو هيو ته سائين فورس تيار آهي، پر سائين هلڻو ڪٿي آهي. مان چوندو هيس ته سورس صرف ڪنفرم ڪرڻ جي انتظار ۾ آهي، جيئن هو ڪنفرم ڪندو مان ٻڌائيندس ته ڪٿي هلڻو آهي.
انھي سان ايئن ٿيندو هيو جوا سمگلر جيڪي افغانستان کان مختلف رستن کان نڪرندا هيا اهي هر حال ۾ تربت ضلعي جي حد مان گذرندا هيا. سمگلرن جا انفارمر هر جاءِ فٽ ٿيل هوندا آهن. جڏهن فورس جي چرپر ٿيندي هئي ته انھن جا انفارمر انھن کي هڪدم ٻڌائيندا هيا ته خبردار هيڏانھن نه اچو، ڊي سي صاحب فورس تيار ڪيو آهي، متان توهان جي ڪنھن ماڻھو ڊي سي صاحب جي سورس کي ٻڌايو هجي. اسسٽنٽ ڪمشنر کي تربت ۾ ناظم چوندا هيا. ناظم صاحب پريشان ته الائي ڪڏهن ۽ ڪھڙي طرف هلڻو آهي. سڀني طرفن وارن کي پريشاني وٺي ويندي هئي، مان ناظم کان اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ فون تي پڇندو هيم ته فورس گھڻو آهي؟ هٿيارن ۾ ڇا ڇا کنيو اٿو. ٻين اي سي صاحبان کي تيار رهڻ لاءِ چيو اٿئي انھن ڇا تياري ڪئي آهي؟ پي اي کي چئي ڇڏيندو هيس ته تون فون تان اٿي وڃ ۽ لائين ڊائريڪٽ مونڏانھن ڪري ڇڏ. رات جو دير اڌ رات کان پوءِ ناظم کي فون ڪري ڌٻڙاٽ پٽيندو هيم ته ڪنھن ڳالھه ليڪ ڪئي آهي ته فورس تيار ٿيو آهي. انھيءَ جي جاچ ڪري مونکي سڀاڻي رپورٽ ڏي. ناظم صاحب قسم کڻندو هيو ته سائين مان ڪنھن به طرح ناهي چيو وغيره وغيره. جڏهن مان پي اي کي چوندو هيم ته فون مون ڏانھن ڊائريڪٽ ڪري ٻاهر هليو وڃ، انھي وقت انھن وٽ اها سس پس لڳي پئي هوندي هئي، ته يار ڊي سي صاحب جا ڪي انفارفر الائي ڪيترا ۽ ڪير آهن؟ تنهنڪري ڊرگ مافيا ۽ انهن جا ڇاڙاتا سڀ پريشان ٿي ويندا هيا.
وزير اعليٰ بلوچستان مرحوم تاج محمد جمالي. هڪ دفعي امن و امان جي ميٽنگ ڪوئيٽا ۾ سڏائي. سڀ ڊي سي، ڪمشنرس، آء جي ۽ چيف سيڪريٽري صاحب. هر هڪ کان ضلعي جي متعلق بريفنگ وٺي پيو. جمالي صاحب آئيس ڪريم وڏي شوق سان کائيندا هيا، هلندي ميٽنگ ۾ آئيس ڪريم به کائي ۽ بريفنگ به ٻڌي رهيو هيو. ڊي سي پنجگور بريفنگ ڏيندو ٻن ڌرين جي معاملي تي ٻڌائي رهيو ۽ هلندي ڊي سي صاحب چيو ته سائين مسئلو ڪافي ڳنڀير هيو، پر مون پنھنجو دماغ استعمال ڪندي هي ايڪشن کنيو. جمالي صاحب اتي وڏي آواز سان چيو ته انھيءَ جو مطلب ته تون دماغ به استعمال ڪندو آهين. جمالي صاحب ۽ سڀ حاظرين کل ۾ پئجي ويا. چيائين ته هاڻي ميٽنگ ختم نه ڪجي، جو ڊي سي صاحب دماغ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. بھرحال ميٽنگ ۾ آرام وارو ماحول رکندو هيو. ميٽنگ ۾ سڀني کي چيائين ته ڀائي ڳالھه ٻڌو، مان سياسي ماڻھو آهيان ۽ مان ڪھڙو به آرڊر ڪري موڪليان، ضروري ناهي ته توهان انتي عمل ڪيو. جيڪڏهن رولز جي دائري اندر آهي ته عمل ڪجو . باقي مون تي سياسي ماڻھن جو زور هوندو آهي مان دستخط ڪري ڏيندو آهيان، چاهي اهو منھجو پنھنجو ڊيٿ وارنٽ ڇونه هجي.
بلوچستان جو وزير مال محمد علي رند سي ايم کان آرڊر ڪرائي کڻي آيو ته تربت ۾ پراڻو ناظم هائوس زبيده جلال کي اسڪول کولڻ لاءِ الاٽ ڪيو وڃي ٿو، تنھن ڪري ڊي سي تربت جلدي انجو قبضو ۽ لينڊ روينيو رڪارڊ ۾ تبديلي ڪري ڏي. ليٽر بورڊ آف روينيو بلوچستان جي آفيس مان اشو ٿيل هيو. مان پنھنجي آفيس ۾ ويٺو هيس ته ڪمشنر صاحب مونکي گھرائي چيو ته هل گوادر هلون. گوادر ۾ جان محمد دشتي ڊي سي هيو. مان ۽ ڪمشنر صاحب اتي ويٺا هياسين ته اهو مٿيون خط اچي ڪمشنر کي مليو. خط کولي پڙهي ڏٺوسين، جنھن ۾ مٿي بيان ڪيل الاٽمينٽ آرڊر هيو. ان پراڻي ناظم هائوس لاءِ بورڊ آف روينيو سان خط و ڪتابت هلندڙ هئي، ڊي سي آفيس جي.
ڪمشر صاحب مونکي چيو ته توکي ان ڳالھه جي خبر ناهي، تنھن ڪري مان توکي ٿورو ٻڌايان ته پراڻو ناظم هائوس معنيٰ اسسٽنٽ ڪمشنر جو پراڻو گھر. چيائين ته ناظم هائوس وچ شھر ۾ ۽ قيمتي به پڻ آهي. تنھن ڪري انھيءَ پلاٽ تي گھڻن جون اکيون آهن. اسان هتان مخالفت ۾ لکي موڪليو هيو پر وزير صاحب لڳي ٿوته زوري سي ايم کان دستخط ڪرائي آيو آهي. هاڻي وڌيڪ تنھجي مرضي. مون چيو ته مان ڪيئن پنھنجي پراپرٽي ڪنھن پرائيويٽ ماڻھو جي حوالي ڪندس. ڪمشنر صاحب پنھجي پي اي مومن علي کي چيو گاڏي ۾ ٽائيپ رائيٽر ۽ ڪجھه ڪاغذ کڻي پوئين سيٽ تي هلي ويھه. مومن حڪم موجب گاڏي ۾ ٽائيپ رائيٽر کڻي هلي ويٺو. تربت کان تقريباً سو ڪلو ميٽر ٽوٽلي ڪچو رستو. نسان جيپ هئي، جڏهن تربت شھر کان ٻاهر نڪري هلياسين ته ڪمشنر صاحب اهو بورڊ آف رينيو کان آيل ليٽر کيسي مان ڪڍي مومن کي ڏنو. مومن خط پڙهيو ۽ پڇيائين ته ها ڪرڻي آهي يا نه. اسان چيو ته نه. ڪمال جي ڳالھه اها جو نه فائيل ان ڪيس متعلق نڪي ٻيا ڪاغذ ۽ نه وري ڪمشنر جو سبجيڪٽ. ڪيس سڄو ڊيل ٿئي پيو ڊي سي آفيس ۾، هي ته رڳو ڪمشنر جو پي اي هيا. گاڏي هلندي رهي مومن خط بورڊ آف روينيو کي نه واري انداز ۾ لکڻ شروع ڪيو. تقريباً اڌ پند ڪيوسين ته پورا ٻه صفحه ليٽر ٺاهي ڏنو ته دستخط ڪيو. ڪمال جو هن مرد مومن کي، جيڪي ليٽر اڳ هتان ويا يا اتان هيڏانھن آيا، انھن سڀني جو ذڪر تاريخن سميت اتي لکيل هيو. منھنجو ته مٿو چڪرائجي ويو ته ڇا هي انسان آهي. مومن ڏسڻ ۾ صفا هلڪي باڊي جو، جيڪڏهن واچوڙو اچي ته هن کي کڻي الائي ڪاٿي ڦٽو ڪريس باقي هيو هلندڙ ڦرندڙ ڪمپيوٽر. اهڙا قابل شخص مون تمام گھٽ ڏٺا آهن. ٽائيپ تي ويھندو هيو ته ڪڏهن ڊرافٽ ڪونه لکندو هيو ڊائريڪٽ فيئر خط لکندو هيو، صرف ٻڌائبو هيس ته مومن ها ۾ لکڻو ته انھي کي جسٽيفاء ۽ اهڙا ته پاورفل آرگومينٽ لکندو هيو، جو چئي چپ ڪر. هيو ميٽرڪ پاس . مومن جي پي آر جو ته ڪوئي جواب ناهي. ڪھڙي به شئي چئوس دنيا جي ڪھڙي ملڪ مان، اها شئي توهان کي ٻن ڏينھن ۾ اتي ملي ويندي.
هڪ دفعي مونکي ڳوٺ وڃڻو پئجي ويو، ٽڪيٽ ڪانه پئي ملي مومن کي گھرائي چيم ته سکر تائين جھاز ۾ سيٽ کپي اتي چيائين ته ها ملي ويندي . پندرنهن منٽن کان پوءِ آيو پرنٽ هٿ هجيس، چيائين ته سائين توهان جي ڪنفرم سيٽ تربت کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان سکر.
ڪن ماڻھن جي عادت هوندي آهي ته هرڳالھه تي نه ڪندا، ڪي وري اهڙا ٿيندا آهن جيڪي هر ڳالھه تي ها ڪندا آهن. اهڙي طرح ڊي سي آفيس تربت جو او ايس مسٽر دشتي هر وقت نه ضرور چوندو، چاهي انھيءَ ۾ دشتي جو ذاتي فائدو ڇونه هجي. مان ۽ ڪمشنر صاحب گڏ ويٺا هياسين ته چيائين تو وارو دشتي هر ڳالھه ۾ نه ڪرڻ انجي عادت آهي ۽ مومن هر ڳالھه ۾ ها. ڪمشنر دشتي کي گھرائي چيو ته دشتي سرڪاري خرچ تي حج ڪرڻ ويندين. دشتي چيو ته نه سائين نه، پوءِ اتي جو اتي وري چيائين ته ها سائين ها. اتان بزر ڏئي مومن کي چيائين ته آمريڪا جي صدر سان ڳالھه ڪراءِ چيائين حاضر سائين، بزر ڏئي ڪمشنر صاحب کي چيائين ته سائين آمريڪا جو صدر هينئر مصر جي صدر سان ٿو ڳالھائي، ڳالھه پوري ڪري ته ملائي ٿو ڏيان.
هر علائقي ۾ ڪونه ڪو اهڙو اشو هوندو آهي، جتي گروهه بنديون يا ڌڙيبازي ٿيندي آهي. مڪران ۾ ذڪري ۽ نمازي جي هجڻ ڪري خاص ڪري رمضان جي مھيني ۾ امن و امان جو خاصو مسئلو ٿيندو آهي.

پنهونءَ جي پار ۾

ضلعي جي انتظام تي فورس جي قيادت ۽ فورس جي عام اهلڪار جي مورال جو وڏو دارومدار هوندو آهي. جيڪڏهن ضلعي جو فورس ۾ اهليت جي باوجود خوداعتمادي واري فضا موجود نه هوندي ته اهو فورس امن امان قائم رکڻ ۾ ڪوئي اهم ڪردار ادا نٿو ڪري سگھي. تنھنڪري اهو اشد ضروري هوندو آهي ته جيڪڏهن پنھنجي علائقي ۾ تعين ڪيل فورس جو جذبو هيڻو ۽ ڪمزور آهي ته سڀ کان پھريان انھن اسبابن جو گھرو مطالعو ڪجي، ايريا جي مروج رسم و رواج کي مدنظر رکندي انھيءَ فورس جي ڪمزورين کي دور ڪرڻ لاءِ ضروري اپاءُ وٺجن ته جيئن توهان فورس کي فعال بڻائڻ لاءِ جيڪي قدم کڻو اهي پائيدار ٿين. هر علائقي جي پنھنجي نفسيات ۽ ضرورت هوندي آهي. هر جڳهه تي ساڳيو نسخو ڪامياب ڪونه ويندو آهي. تنھنڪري حالتن کي نظر ۾ رکندي اپاءُ وٺڻا پوندا آهن.
مان جڏهن تربت ۾ ويس ته مون مشاهدو ڪيو ته ڊسٽرڪٽ جو ليوي فورس بلڪل مختلف برادري ۽ علائقائي هيو، جنھن جو پاڻ ۾ ڪوبه ربط ڪونه هيو. نڪي هڪٻئي تي ڪو اعتماد هيو. مٿان به انھن اهلڪارن کي ايريا جي سردار جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو هيو. جيڪڏهن ڪوئي ليوي جو اهلڪار چاهيندو هيو ته خودمختيار ٿي ڪم ڪري ته هنکي مٿان ڪابه سپورٽ ڪونه ملندي هئي.
انھن ڳالھين کي نطر ۾ رکندي مون سڀ کان پھريون بلنگور ۾ ضلعي جي پوري فورس کي اهو پيغام ڏنو ته توهان تي جيڪڏهن ڪو ايڪشن کڄندو ته توهانکي ڪوئي واجه يا سردار ڪونه بچائيندو. يا جيڪڏهن ڪنھنجو پروموشن ٿيندو ته ان ۾ به ٻئي ڪنھن جو ڪوئي ڪردار ڪونه هوندو. ٽيون جيڪڏهن ڪنھن به طرح سان توهانکي ڊيوٽي سرانجام ڏيندي تڪليف ايندي ته انھي لاءِ توهانجي پرگھور لھڻ جي ذميواري مٿي ويٺل سينيئر آفيسرن جي آهي. جڏهن مون پريڪٽيڪلي انھن سان ڪيو. جيئن سينيئر کي جونيئر جي هيٺان انھيءَ ٿاڻي رکيو ۽ جونيئر کي سينيئر واري چارج ڏني. زخمي اهلڪارن کي ترت ميڊيڪل سپورٽ مھيا ڪئي. اهي سڀ اهڙا ڪم هيا، جيڪا انھيءَ کان اڳ انھن اهلڪارن جي وهم وگمان ۾ به ڪونه هيا انھيءَ ڪري ليوي فورس کي پنھنجي طاقت ۽ اهليت تي خوداعتمادي پيدا ٿي. جڏهن فورس کي خوداعتمادي ٿي ۽ يقين ٿيو ته جن کان اڳ هي ڊڄندا ۽ لھرائيندا هيا، اهي هاڻي ليوي فورس کان ڊڄڻ شروع ٿي ويا. جڏهن اها فورس ۾ ڪيفيت پيدا ٿي ته پوءِ مون فيصلو ڪيو ته هاڻي پيراملٽري فورس کي ذڪري ميڙاڪي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. اهوئي سبب هيو، جو مون پوري ضلعي جي رستن گشت جي ذميواري ليوي جي حوالي ڪئي ته جيئن زائرين کي اچڻ وڃڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿئي، باقي شھر ۽ شھر ۾ موجود مدرسن ۽ ٻاهران ڪوه مراد جي سيڪيورٽي پوليس جي حوالي ڪئي.
مون اڳ به اهو ذڪر ڪيو هيو ته تربت جي جاگرافي حدود اهڙي طرح پکيڙيل آهي، جو سمنڊ ڏانھن افغانستان کان ايندڙ ويندڙ شئي جو رستو تربت مان گذرندو هيو. تربت جو ڳچ بارڊر ايران سان به ملي ٿو تنھنڪري ايران کان پاڪستان ايندڙ شين جو رستو نوشڪي دالبدين کان آهي يا وري مند تربت ضلعي کان. تربت ضلعي ۾ صرف اٽو پاڪستان جو کاڌو ويندو آهي، باقي سڀ ميوا ويندي ڀاڄي ڀتي، تيل پيٽرول، ڪراڪري، ڪمبل ۽ ٻيون ڪيتريون ساريون شيون ايران کان اينديون آهن. جانور ۽ اٽو وغيره مند کان ايران ويندو آهي.
پاڪستان ۽ ايران جي بارڊر جي ڀرپاسي وارن علائقن توڙي تربت جا بلوچ ورهايل آهن. مون ڪٿي پڙهيو ناهي جو تصديق سان چوان، باقي تربت جي عوام ۾ اهو تاثر آهي ته صدر ايوب ضلعي تربت جي پنج هزار اسڪائر ميل ايراضي ايران جي حوالي ڪئي، جنھن جي ڪري تربت جا هزارين خاندان هڪٻئي کان وڇڙيل آهن.
انھيءَ ڪري تربت جي ڊپٽي ڪمشنر کي اختيارات آهن ته هو ضلعي تربت جي عوام کي پاسپورٽ اشو ڪري ۽ راهداري ڏئي ته جيئن هو ايران جي حد ۾ تقريباً سٺ ميل بارڊر کان اندر اچن ۽ وڃن.
ڊي سي تربت جي دستخط سان پاسپورٽ جاري ڪيل ۽ راهداري کي ايراني حڪومت قبول ڪندي هئي ۽ انھن کي اجازت ڏيندي هئي ته اهي وڃي پنھنجي مٽن ۽ مائٽن سان ملي اچن.
گلف ملڪن جي آرمڊ فورسز ۾ گھڻو ڪري مڪران جا ماڻهون عام جام آهن. شعور ۽ تعليم جي لحاظ کان مڪران پورو سڄي بلوچستان کان اڳي آهي. بليده ۽ سنڊسر جي علائقن ۾ ون يونٽ واري زماني ۾ بقول تربت عوام جي ته برٽش آئل ڪمپنيز اچي ڊرلنگ ڪئي هئي ۽ تيل به ڪافي مقدار ۾ مليو، پوءِ وري انھن کي اتي بند ڪري ڇڏيو. بند انھي ڪري ڪيو ويو، جو جنھن آئل ڪمپني هتي اچي ڊرلنگ ڪئي هئي انھن جو اڳ ۾ ايران ۾ به تيل جو ڌنڌو هيو. شھنشاهه ايران انھن مالڪن کي گھرائي پڇيو ته جيڪڏهن توهان اتان تيل ڪڍندا ته توهان کي ڏهن سالن ۾ ڪيترو فائدو رسندو. جيڪو انھن ڪمپنين ٻڌايو انکان وڌيڪ شھنشاهه ايرن انھن ڪمپنين کي رقم ڏئي اهو پروجيڪٽ اهو چئي ختم ڪرايو ته فزيبل ناهي. مون جڏهن اتان جي ماڻھن کان پڇيو ته انھي ۾ ايران جو ڪھڙو نقصان ٿئي ها جيڪڏهن هتي تيل ۽ گيس نڪري ها. وراڻي چين ته سائين ايران کان اسان هيٺ آهيون ۽ مٿانهين کان پاڻي يا تيل هيٺانهين ڏانھن ويندو آهي. جيڪڏهن هتي تيل نڪرڻ شروع ٿئي ها ته ايران جي تيل ۾ ڪمي ٿئي ها ۽ ايئن به ٿي سگھي ٿو ته سڄو تيل جو وهڪرو هيڏانھن ٿي پوي ها ۽ ايران وٽ تيل اڻلڀ ٿي وڃي ها.
پوءِ مون به سوچيو ته واقعي پاڻي گھڻي قدر ايران جي حد مان نڪري تربت ۽ پنجگور ڏانھن ايندو آهي. تربت جي ڀرسان دشت واري علائقي ۾ جيڪو ميراڻي ڊيم ٺاهيو ويو آهي،انھيءَ ۾ گھڻي قدر پاڻي ايران جي ايريا کان هيڏانھن ايندو آهي.
1993ع ۾ نيسپاڪ وارن گورنر بلوچستان مسٽر جوگيزئي صاحب کي فون ڪري شڪايت ڪئي ته بلوچستان سرڪار اسان کي ميراڻي ڊيم جي ڪنسلٽنٽسي جي رهيل رقم نٿي ڏئي، سو مھرباني ڪري اها رقم وٺرائي ڏيو. گورنر صاحب نيسپاڪ وارن کي چيو ته چڱو مونکي ميراڻي ڊيم تي بريفنگ ڏيو ته پوءِ مان بلوچستان سرڪار کي چوان ٿو. نيسپاڪ وارن کي کٽي کنيو. چيائون ته حاضر، جڏهن ته گورنر صاحب چيو ته سڀاڻي اچو تربت مان به اتي ايندس. نيسپاڪ وارن گورنر صاحب کي چيو ته سائين ٻه ڏينھن ڏيو. اسان کي پيغام مليو ته گورنر صاحب ايندو ۽ نيسپاڪ وارا ميراڻي ڊيم متعلق بريفنگ ڏيندا، گورنر صاحب کي. اسان حسب معمول پي ٽي سي ايل ۽ ٻين ادارن کي پابند ڪيو ته ڪوئي ڪاڏي نه وڃي. پي ٽي سي ايل کي چيوسين ته گورنر صاحب اچي ٿو، فون وغيره اچي هڻو. پي ٽي سي ايل وارن جواب ۾ لکي موڪليو ته پي ٽي سي ايل ڪمپني آهي، جيڪا مرڪزي سرڪار جي ماتحت آهي ۽ صوبائي سرڪار جو اسانجي مٿان ڪوئي اختيار ناهي، لحاظه ٽيليفون هڻڻ لاءِ اڳ ۾ ڊيمانڊ نوٽ ڀريو ته پوءِ ٽيليفون هڻي ڏينداسين. منھجي لاءِ اها نئين ڳالھه هئي، اڳ اسين هميشه گورنر يا وزير اعليٰ ايندو هيو ته صرف خط لکي موڪليندا هياسين ته ٽيليفون جو سڄو سسٽم پاڻ هڻندا ۽ نگراني به ڪندا هيا. مون پي ٽي سي ايل جي انجنيئر صاحب کي چيو ته يار هينئر بينڪ ٽائيم به ختم ٿي چڪو، صبح جو گورنر صاحب اچي ٿو هن دفعي هڻ، اڳتي ان ڳالھه کي ذهن ۾ رکنداسين. انجنيئر صاحب چيو ته سائين سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي، اڳ ۾ ڊيمانڊ جا پئسه جمع ڪرايو انھيءَ کان پوءِ فون لڳندو. جڏهن انجنيئر صاحب ضد ڪيو، تڏهن مون پڇيس ته تنھنجي آفيس مرڪزي سرڪار جي آهي، تنھنڪري اتي قانون به مرڪزي سرڪار جو هلندو. چيائين ته بلڪل. مون چيو ته انھيءَ جو مطلب ته جتي جنھن جي سرڪار اتي انھي جو قانون هلندو؟ چيائين ته بلڪل درست ٿا چئو، مون چيو ته انجو مطلب ته تون هينئر گورنمينٽ آف تربت جي حد ۾ آهين. مون چيس مان توسان ايتري رعايت ڪريان ٿو ته تون گورنمينٽ آف تربت جي حد مان گذري وڃي مرڪزي سرڪار جي حد ۾ پھچ. جيڪڏهن تون گورنمينٽ آف تربت جي حد ۾ پير رکيو ته مان توکي گرفتار ڪندس ته تو ڇو بغير اجازت جي گورنمينٽ آف تربت جي حد ۾ پير رکيو. انجنيئر صاحب پنجاب جو رهاڪو هيو، سو همراهه هڪدم وائڙو ٿي ويو. انجنيئر صاحب جي ويٺي مون مختيار ڪار چيو ته ليوي وٺي پي ٽي سي ايل بلڊنگ جي ٻاهران بيھار، جيڪو بلڊنگ کان ٻاهر پير رکي تنھن کي گرفتار ڪري ٽريس پاس جو ڪيس داخل ڪيو. مون انجنيئر صاحب کي هٿ ملائي چيو ته توهان ڀلي وڃو. همراهه وڃڻ جي ڪونه ڪري. آخرڪار منھنجي آفيس کان نڪتو وڃي پي اي سان ويٺو، اتان ويھي اي اي اين کي فون ڪري چيائين ڀائي وڃو ۽ پنجن منٽن ۾ فون هڻي مونکي اچي رپورٽ ڪيو. انھيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي ڪوتاهي نه ٿيڻ کپي. سيٽ وغيره سڀ نوان کڻي وڃو.
ڏهن منٽن کان پوءِ ڪيئر ٽيڪر سرڪٽ هائوس تان فون ڪيو ته سائين ٻن وي آئي پي ڪمرن ۾ نوان فون هڻي ويا آهن ۽ پڇن ٿا ته ڇا ٻين ڪمرن ۾ به فون هڻڻا آهن؟
شام جو نيسپاڪ لاهور وارا هيڊڪوارٽر کان ڪراچي رستي تربت ايئرپورٽ تي اچي پھتا. مان سرڪٽ هائوس ويس،نيسپاڪ جا اعلي عھديدار مليا. بريفنگ لاءِ سيٽنگ شروع ٿي وئي نيسپاڪ وارا پاڻ سان پروجيڪٽر وغيره ساڻ کڻي آيا هيا. نيسپاڪ جي انچارج آفيسر مونکي چيو ته سائين هڪ مھرباني ڪيو، مون چيو ته حڪم ڪيو چيائون ته صبح سوير گورنر صاحب پھچندو، تنھنڪري اسان کي موقعو ڪونه ملندو ته اسين ميراڻي ڊيم جي ايريا ڏسي اچون. تنھنڪري اسانکي پنھنجي اسٽاف مان ڪو اهڙو ماڻھو ڏيو، جيڪو ڊيم جي پوري علائقي کان واقف هجي، ته ڪٿي ڊيم ٺھندو ۽ ڪيترو ۽ ڪيستائين علائقو ڊيم ۾ ايندو. مونکي اچرج ٿي ته يار هي هيڏو وڏو ادارو ۽ ايترو وڏو پروجيڪٽ جي فيزيبلٽي ۽ ڪنسلٽنٽي جو ڪم هنن وٽ آهي ۽ ايراضي جي ڪابه خبر ڪانه اٿن. مون انھن کان پڇيو ته جيڪڏهن توهان علائقو ڏٺو ناهي ته پوءِ ڪئين ڊيم جي ڊزائننگ ٺاهي اٿو. چيائون ته اسان سروي جنرل آف پاڪستان کان ليٽيسٽ مئپ وٺي، انھيءَ جي مدد سان اسان اهي سڀ نقشا ۽ ڊيزائن تيار ڪئي آهي. مون به چئي ڏنو ته توهان پنجابين ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪيو آهي. پندرهن ڪروڙ توهان في ٿا وٺو انھن نقشن ٺاهڻ جي، جن جو حقيقت سان ڪو واسطو ڪانھي. مون چيو اڳ به توهان نيسپاڪ وارن اسان کي خوار خراب ڪيو، جو زڪوات هائوس جي گهرن جي ڊزائن ٺاهي وزيراعظم پاڪستان کي ڪوڙا فگر ڏئي گھر ٺھرائي قومي خزاني جو نقصان ڪيو. اڄ انھن گھرن ۾ موالي ۽ گڏهه ٿا پيا هينگون ڪن. سنڌ ۾ سازدا جي آفيسن جي ڊزائن اهڙي ٺاهي موڪلي ڄڻ گلبرگ ۾ اهي آفيسون ۽ گھر ٺھندا هجن. مون چيو ته ڪجھه خدا جو خوف ڪيو، ٻين ننڍن صوبن جي وسيلن تي رڳو ڦر مار ڪئي اٿو. مون چيو جيڪڏهن توهان کي پنجاب ۾ اهڙو ڪو پروجيڪٽ ٺاهڻو هجي ها ته ڇا توهان سروي جنرل آف پاڪستان کان نقشا وٺي ٺاهيو ها؟
بھرحال گورنر صاحب آيو، نيسپاڪ وارن بريفنگ ڏني ۽ فيزيبلٽي تي نظرثاني لاءِ نيسپاڪ کي چيو ويو، پوءِ ڇا ٿيو خبر ناهي سواءِ ان ڳالھه جي ته جڏهن ميراڻي ڊيم ٺھيو ته ڪامياب پروجيڪٽ ڪونه ٿي هليو.
پي ٽي سي ايل وارا ٽيليفون ڪنيڪشن واسطي عوام کي ڏاڍو خوار ڪندا هيا. شڪر جو اڄ ڪلھه سيل فون پي ٽي سي ايل کان پنھنجون ڪسرون ڪڍي ڇڏيون. توهان ان ڳالھه مان اندازو لڳايو ته سيشن جج جو نئون سرڪاري گھر ٺھيو، جج صاحب شفٽ ٿيڻو هيو جو اڳ ڪرائي جي مڪان ۾ پئي رهيو. سيشن جج آفيس ڊيمانڊ نوٽ سڀ جمع ڪرائي ڇڏيا، پوءِ به چون ته سائين اڃان ان طرف وائر ڪانه وئي آهي، جيتوڻيڪ ان علائقي ۾ ڪافي آبادي رهي پئي ۽ فون به هين. مينگل صاحب سيشن جج هيو، مونکي چيائين ته سائين جڏهن ٽائيم ملي ته مون سان ملندا وڃو. سيشن جج جي آفيس رستي ۾ هئي، سو مون چيو ته آفيس کان گھر ويندي اڄ توهان وٽ سوير ايندم، چيائين ته مان توهانجو انتظار ڪندس. ملاقات ٿي چوڻ لڳو ته يار فون وارن ڏاڍو تنگ ڪيو آهي ۽ مان سڀاڻي شفٽ ته ٿيندس سرڪاري گھر ۾، پر اتي فون جي سھولت ڪانھي. مينگل صاحب مون سان سنڌيءَ ۾ ڳالھائي پيو. مون مينگل صاحب کي چيو ته فون ته توهانجي گھر توهانجي پھچڻ کان اڳ لڳي ويندو، پر پوءِ توهان پي ٽي سي ايل جي انجنيئر جي سفارش نه ڪندا. چيائين ته ان مونکي ذليل خوار ڪيو آهي، گھر ۾ جھيڙو لڳو پيو آهي، مان انجي ڪابه سفارش ڪونه ڪندس. مون چيو ته ٺيڪ. چانھه وغيره پي مان گھر ڏانھن روانو ٿيس، گھر پھچي پي اي کي فون ڪري چيو ته پي ٽي سي ايل جي انجنيئر کي فون ڪري چويس ته سيشن جج صاحب جي سرڪاري گھر تي فون هڻي اچي جڏهن ته ڊيمانڍ نوٽ به جمع ٿيل آهي. ٿوري دير ۾ پي اي چيو ته سائين انجنيئر صاحب ٿو چوي ته انھي پاسي دبلي ناهي، لڳل اهي مھيني کن ۾ اينديون پوءِ اسان فون هڻي ڏينداسين. مون اهو جواب ٻڌي اسسٽنٽ مختيارڪار کي چيوته تنھنجي آفيس جي ڀرسان ٽي اينڊ ٽي جي بلڊنگ آهي، تون وڃ ٻه ٽي ليوي جا ماڻھو ساڻ ڪري صرف انجنيئر صاحب کي چئو ته سيشن جج صاحب تنھنجي ڊي سي صاحب کي شڪايت ڪئي آهي. هاڻي جيستائين تون مرڪز جي حد ۾ آهين تيستائين ڪجھه ڪونه چيو ويندو، باقي تربت جي حد ۾ پير پاتو ته گرفتار ٿيندين. ڏهن منٽن کان پوءِ مينگل صاحب جو فون آيو ته سائين مان ڏاڍو مجبور ڪيو ويو آهيان ته مان پنھنجو واعدو ٽوڙيان. مون چيو ته سائين خير ته آهي؟ چيائين ته سائين فون ته گھر لڳي ويو آهي پر دوستن ۽ انجنيئر صاحب مونکي مجبور ڪيو آهي ته هاڻي توهان کي چوان ته پي ٽي سي ايل جي انجنيئر کي ڍر ڏيو. بھرڪيف مونکي ڪوئي انجنيئر صاحب سان ذاتي جھيڙو ته هيو ڪونه، پر هو عوام کي خوام خواهه تنگ ڪندو هيو. انھيءَ کان پوءِ اهو پنجاب کان آيل انجنيئر صاحب ماڻھن سان بھتر هلڻ شروع ٿي ويو.

ڪيچ مڪران ۽ سنڌ

ڪيچ ۽ مڪران سنڌ جي عوام لاءِ ڪو نئون نالو ناهي. شاهه عبدالطيف ڀٽائي سر سسئي ۾ ڪيچ جو گھڻو ۽ واضح ذڪر ڪيو آهي. ڪيچ جي گذرسفر جون راهون به سنڌ سان ازل کان وٺي اڙيل آهن. ڪيچ جي شھزادي پنھون جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪري ڀٽائي صاحب هميشه جي لاءِ امر ۽ لازوال ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن به سسئي جو ذڪر ايندو ته پنھون به پاڻھي اچي ٺھڪو ڪندو آهي. ايئن ڪونھي جو سسئي جو ذڪر اچي ۽ ڪيچ جو ذڪر نه ٿئي. نينھن نڀائڻ جو وقت اچي ته سسئي به جبل ۽ ڏونگر ڏاريندي نظر ايندي. جڏهن تڪليف ۽ جبل جھاڳڻ جو وقت اچي ٿو ته سسئي ڪنھن کي انھي ڪري ساڻ نٿي کڻي ته متان ڪا تڪليف، بک، اڃ ۽سفر جي مشڪلاتن سبب پنھون جي شان ۾ ڪو گٿو لفظ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ صرف زبان تي نه اچي وڃيس. تنھنڪري اهڙي اڻ سڃاتل رستي ۽ گس کي وٺي پنھون پنھون ڪندي نڪري پوي ٿي، ۽ آخر اهو احساس ٿو ٿئيس ته اهي ڏک ۽ مشڪلاتون ته صرف هڪ بھانو آهي ۽ پنھون ته مان پاڻ آهيان.
مون جڏهن تربت جي چارج ورتي ته منھنجي من اندر تانگهه هئي ته مان جلد کان جلد پنھونءَ جا ويڙها ڏسان. پڇا ڪئي ته پنھون جو گھر گھاٽ ڪٿي آهي؟ سو مون به چاهيو ته ڪجھه اڳڀرو ٿيان متان چئي هوت بلوچ ته سسئي جي ڏيھه کان آيو آهي ۽ منھنجي سار به ڪانه لڌي اٿس. سڀ کان پھريون جيڪو شھر کان ٻاهر نڪتس، اهو صرف پنھون جا پير کڻي تربت شھر کان اتر اولھه طرف مند جي رستي سان تقريباً ست اٺ ڪلوميٽر پنڌ تي جتي پنھون جو ماڳ هيو، جيڪو سار سنڀال نه لھڻ سبب رڳو کنڊر لڳو پيو هيو، ان ڏانھن ويس. جڏهن مون رستي کان ڏکڻ طرف رخ ڪيو ته سڏ پند تي هڪ مٽي جو ڌڙو نظر آيو ۽ پري کان بلڪل موئن جي ڌڙي واري اسٽوپا وارو ڏيک هيس. آخرڪار وڃي اتي پھتس ته واقعي جھڙو پري کان ڏيک هيس، اهڙوئي ويجھو نظر آيو. پنھونءَ جو ڪچو قلعو هڪ خشڪ ندي جي ڪناري تي آهي. وقت جي بيدرد ۽ ناقابل برداشت حالتن جي سبب قلعي جو حال ايئن وڃي ٿيو آهي جيئن چوندا آهن ته:
”کنڊرات مان معلوم ٿئي ٿو ته عمارت عظيم هئي.“
بھرحال آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪاسائي وانگر تکي ڪاتي هٿ ۾ مڏي سان مارڻ وارا هر جاءِ تي هڪجھڙا آهن. مون پڇا ڪئي ته ڪو اھڙو خاندان آهي، جنھن جو سڌو سنئون تعلق پنھون جي پيڙهي سان هجي، پر مون کي ان باري ۾ ڪا ڪل ڪانه پئجي سگھي. ٿي سگھي ٿو ته پنھل جي پيڙهي مان ڪو هجي.
تربت ۾ جيڪا پوک وغيره ٿئي ٿي انجي لاءِ پاڻي پري جبلن جي نئين مان ڪاريز جي ذريعي اچي ٿو. سنڌ ۾ ته واٽر ڪورس هوندا آهن جي شاخن مان نڪرندا آهن. بلوچستان ۾ باقاعده ڪوئي ايريگيشن جو نظام ڪونھي سواءِ پٽ فيڊر ء نواب سيف الله مگسي واهه جي.
ڪاريز زير زمين سرنگ ٺاهي پري کان پاڻي ڪاهي اچي آبادي ڪبي آهي. ٻيو جتي زمينون سڌيون ۽ پٽ هوندا آهن، برسات جي موسم ۾ چوڌاري مضبوط بند ٻڌي بارش جي پاڻي کي اتي جمع ڪيو ويندو آهي. ان جمع ٿيل پاڻي جي ڪري زمين جي اڃ مري ويندي آهي، جڏهن هر جي لائق ٿيندي آهي ته بوسي پوک پوکيندا آهن ۽ فصل چڱا موچارا ٿي پوندا آهن. ميراڻي ڊيم جي ڪري دشت جي علائقي جون زمينون باقائده آبادي هيٺ اچڻ شروع ٿي ويون آهن.
باغات ۾ جھڙيءَ طرح خيرپور ميرس کجي جو ڳڙهه آهي، اهڙيءَ طرح بلوچستان ۾ کجي لاءِ تربت ۽ انکان پوءِ پنجگور ۾ کجي وڏي مقدار ۾ ٿئي ٿي. 1993ع ۾ تربت ۽ پنجگور جي علائقي ۾ هڪ سو پندرهن قسم کجين جا ٿيندا هيا. سنڌ جي کجين ۾ جھڙيءَ طرح اصيل کجي سڀني کجين کان بھتر سمجھي ويندي آهي، اهڙيءَ طرح تربت ۽ پنجگور ۾ موضاتي ۽ بيگم جنگي کجي سڀني کان بھتر سمجھي وڃي ٿي.
جيڪڏهن کجي جي پيداوار کي ڏٺو وڃي ته تقريباً پاڪستان ۾ کجي جي پيداوار جو اڌ حصو تربت ۽ پنجگور واري علائقي ۾ ٿيندو آهي. ٻھراڙي جي تقريباً اڌ آبادي جو ذريعومعاش کجي تي آهي. تربت ۽ پنجگور جي کجي جي مالڪن کي ايترو فائدو انھي ڪري نه پيو ٿئي، جو کجي کي مارڪيٽ تائين پھچائڻ تمام گھڻو دشوار ۽ مھانگو ڪم آهي پر هينئر جيئن ته گوادر ڪراچي ڪوسٽل هاءِ وي ۽ موٽروي جي اچڻ ڪري تربت ۽ پنجگور جي کجي کي مارڪيٽ تائين آسان رسائي ٿي پوندي، ۽ کجي جي باغات مان سٺي آمدني جي توقع آهي. مڪران جي علائقي ۾ هڪ اهڙو قسم کجي جو آهي، جيڪو ڊسمبر جي مھيني ۾ به ڏنگ ڏيندو آهي. مون پاڻ ڊسمبر جي مھيني ۾ مند وٽ کجي مان ڏنگ پٽي کاڌا.
تربت گرميءَ جي موسم ۾ انتھائي گرم ٿي ويندو آهي، ان سان گڏوگڏ گهميل آب و ھوا آهي، تنھنڪري گرميءَ جي باوجود هتي ماڻھن کي سن اسٽروڪ وغيره ڪونه ٿيندو آهي. ڏينھن جو ڪيتري به گرمي هجي پر رات جي وقت ٽيمپريچر ڪافي گھٽ ٿي ويندو آهي ڇو ته سمنڊ جي هوائن جو اثر رات جي وقت جھجو ٿيندو آهي.
تربت جي هر خوشحال گھر ۾ ٻي گھرواري ايراني نسل جي هوندي آهي، جيڪا مڪران جي باقي عورتن کان ڏيک ويک ۾ پڌري هوندي آهي.
مڪران پاڪستان جو واحد علائقو آهي، جتي عورتن کي وڌيڪ حق ۽ آزادي آهي. 1993ع تائين جي ٿاڻي جي انگ اکرن موجب گذريل سؤ سال ۾ مڪران جي علائقي ۾ ڪارو ڪاري وارو ڪوئي ڪيس رجسٽر ناهي ٿيو. ڪاروڪاري وارو معاملو گھڻي ڀاڱي سنڌ ۽ بلوچستان جي بارڊر سان جھجهو آهي، جنھن جو گھڻي ڀاڱي معاملو ڏيتي ليتي ۽ لالچ تي مبني هوندوآهي. جيڪو نسورو ناحق ۽ ظلم آهي. باقي پاڪستان جي علائقي مان مڪران جي عورت کي ايترو حق حاصل آهي، جو جڏهن چاهي تڏهن نڪاح ختم ڪرائي سگھي ٿي. سون پائڻ جو رواج سڀ کان وڌيڪ مڪران ۾ آهي. نڪاح جي وقت چڱو خاصو مقدار سون جو ڏنو ويندو آهي جيڪو سرنديءَ واري لاءِ ڪيترائي ڪلو جو مقدار هوندو آهي. ولائتي پاڻي جو واپرائڻ هتي باقي پاڪستان جي علائقن کان ججهو آهي. جيڪڏهن ڪير ڪنھن کي رات جي مانيءَ لاءِ مدعو ڪندو آهي ته اهو مھمان ميزبان کان پڇندو آهي ته سائين ڊنر آهي يا خيرات؟ تنھن ڪري مڪران جو ماڻھو ڊنر کي وڌيڪ پسند ڪندا آهن بنسبت خيرات جي. ڪيچ مڪران جا ماڻھو ڪوئيٽا وڃڻ جي بنسبت ڪراچي ڏانھن وڃڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن. مڪران جي عوام جو ذهني ۽ معاشي لاڙو سنڌ ڏانھن وڌيڪ آهي. مڪران جا رهواسي شعوري طور بلوچستان جي باقي علائقي کان تمام گھڻو اڳتي ۽ پرامن رهڻ وارا آهن. شدت پسند ناهن، امن ۽ ڀائيچاري سان رهڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏيندڙ آهن.
تعليم جي لحاظ کان مڪران باقي بلوچستان جي مقابلي ۾ اڳتي آهي. ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي داخلا وقت ڊي سي ميمبر هوندو آهي، جنھن ۾ ڊوميسائل ۽ پي آر سي جي جاچ وغيره اتي جو اتي ڊي سي ڪنفرم ڪندو آهي ته واقعي هي منھنجي ضلعي جو شاگرد آهي. 1993ع جي داخلائن خاطر ميٽنگ هجي ۽ مان به اتي داخلا ڪاميٽي جي ميمبر واري حيثيت سان هيس. تربت جا ٻه شاگرد جن جا مائٽ نوڪري سانگي گڊو ٿرمل جي ڪالونيءَ ۾ رهندا هيا. ٻنھي شاگردن جو رزلٽ به بھترين هيو، جنھن جي ڪري انھن جي داخلا يقيني هئي جڏهن شاگردن ڪاميٽي جي سامھون ڪاغذ پيش ڪيا ته ميٽرڪ ۽ انٽر جا سرٽفڪيٽ سکر بورڊ جا هيا. مونکي تڏهن شرمندگي ٿي جڏهن انھي ڪاميٽي ڏٺو ته سکر بورڊ جا سرٽيفڪيٽ آهن ته شاگردن کان وٺي رديءَ جي ٽوڪري ۾ ڦٽا ڪيا ۽ چيو ته توهان ڪاپي ڪري يا پئسه ڏئي سرٽيفڪيٽ وٺي آهيا هوندا. انهيءَ ڪري سکر بورڊ جي جاري ڪيل تعليمي سرٽيفڪيٽ جي ڪا به اهميت ناهي.
سنڌ جي تعليمي معيار کي بلوچستان به مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هيو. هاڻي جي خبر ناهي ته بلوچستان سنڌ جي تعليمي بورڊن جي جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ کي ردي جي ٽوڪري ۾ ٿو اڇلي يا قبول ڪريٿو.
الله سنڌ جي حاڪمن کي هدايت ڏئي جو سنڌ جي تعليم تي ڪو ڌيان ڏين، ۽ سنڌ جو عوام به سجاڳ ٿي پنھنجي ايندڙ نسل جو مستقبل برباد نه ڪن. جيستائين ڪاپي ڪلچر جو خاتمو ڪونه ٿيندو، تيستائين سنڌ کي تباهي کان ڪوئي روڪي نٿو سگھي.
اپريل 1993ع جي مھيني تقريباً وچ واريون تاريخون هيون. عمر موريو بلوچستان جو ريجنل ڊائريڪٽر نارڪوٽڪس هيو، ڪوئيٽا کان فون ڪيائين ته پارٽنر جيڪڏهن اسانجي عزت رکي سگھين ته اڄ ڪجھه ڪري ڏيکار. مون پڇيو ته مسئلو ڇاهي؟ چيائين ته جيڪو سال اڳ پاڪستان جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو چرس وغيره تربت جي علائقي مان پڪڙيو ويو هيو، اڄ هڪ سال ڪيس جي نه هلڻ سبب هاءِ ڪورٽ ضمانت کڻي ويٺي آهي ۽ اهو ڪنفرم آهي ته جوابدار نڪرڻ شرط ملڪ کان ٻاهر هليا ويندا، جو انھن جا ويزه سڀ ڪجھه تيار آهن. ٿوري دير کان پوءِ وفاقي وزير نارڪوٽڪس راڻو چندر سنگهه جو فون آيو. چيائين ته ڄامڙو صاحب موريو صاحب توهان سان ڳالھايو هوندو، جيڪڏهن اهي جوابدار جيل کان ٻاهر نڪري ويندا ته ملڪ جي بدنامي ٿيندي، تنھن ڪري ڪو قرب ڪر. مون چيو ته سائين مان ڏسان ٿو ۽ ڪوشش ڪندس ته قانون جي دائري ۾ رهي ڪو انجو حل ڪڍون.
فون رکي مون پڇا ڳاڇا ڪئي ته واقعي اهو شخص انھيءَ ڪم ۾ حقيقي جوابدار آهي يا ڪنھن جي انتقام جو شڪار ٿيل آهي. جنھن جنھن کان پڇيو تن سڀني اهو چيو ته سائين اهي واقعي وڏا اسمگلر ۽ انھيءَ ڌنڌي ۾ ماهر آهن. مون ناظم يعني اسسٽنٽ ڪمشنر کي فون ڪيو، ڏي خبر تو وٽ ڪا کليل ايف آءِ آر آهي. چيائين ته مان چيڪ ڪري ٻن منٽن ۾ ٻڌايان ٿو. ٿوري دير ۾ ٻڌايائين ته ٻه ايف آءِ آر آهن جن ۾ گنجائش آهي. پڇيائين سائين خير ته آهي. هڪ ۾ شايد ڪلو اڌ چرس جي ايف آءِ آر هئي ٻي شايد ٻه اڍائي ڪلو چرس جي هئي. ڊسٽرڪٽ جيل تي فيڪس جي ذريعي بيل جو قبول ٿيل آرڊر کڻي وڃي پھتا ۽ ان جي لاءِ گاڏيون تيار هيون ته جيئن ان کي اتان ٻاهر ڪڍي وڃن. مون ناظم کي چيو ته جلد ڪر جيل تي پھچ ۽ اھي ڪنھن به هڪ اوپن ايف آءِ آر ۾ جيل ڪسٽڊي وٺ ته جيئن اهي همراهه جيل کان ٻاهر پير نه پائن. جيل سپرنٽينڊنٽ کي فون ڪري پڇيو ته ڇا اهي ماڻهو ضمانت تي ٻاهر نڪتا آهن؟ چيائين ته سائين پنجن، ڏهن منٽن ۾ ٻاهر نڪرندا، بس ڪجھه ڪاغذي ڪاروائي رهي ٿي. مون چيو ته ناظم اچي پيو يا پھچڻ وارو آهي، انھن کي ٻاهر ناهي ڇڏڻو، چيائين سائين ٺيڪ آهي. ايتري ۾ ناظم وڃي اتي جيل تي پھتو ۽ جڊيشل ريمانڊ وٺي هٿيڪو ڪري آيو. جنھن ڪيس ۾ جڊيشل ريمانڊ ورتو، اهو ضمانت جوڳو ڏوهه هيو. اچي زور بار شروع ٿيا، مون ناظم کي چيو خبردار جو بيل قبول ڪيو اٿي. ناظم وٽ پھتا ته ضمانت تي ماڻھو کي رها ڪيو، ان چيو ته جيستائين ڊي سي صاحب نه چوندو تيستائين مان ضمانت منظور ڪونه ڪندس. ڪمشنر صاحب ڏانھن ويا، انھيءَ به هنن کي جواب ڏنو ته مان ڊي سي صاحب کي ڪونه چوندس. پوءِ انھن اچي منھنجي دوستن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ته توهان چئو ڊي سي صاحب کي. آخرڪار رات جي پيٽ ۾ ڪراچي کان هڪ دوست کي وٺي آيا، جيڪو مونسان مليو ۽ پوري ڳالھه ڪيائين ته مان مجبور ٿي آيو آهيان منھنجو تو تي ڪوئي زور ناهي. مان صرف انھيءَ ڪري آيو آهيان جو ٻين دوستن مونکي مجبور ڪيو، باقي منھنجو هنن سان ڪنھن به قسم جو واسطو ناهي، نڪو مان هنن کي سڃاڻان. تون هنن کي وڌيڪ سڃاڻين ٿو، تنھنجي فيصلي ۾ منھنجو ڪجھه به نه وڃي، مونکي خبر آهي ته تون اهو ڪندين جيڪو تنھنجي ذهن ۾ هوندو. باقي مونکي هنن الائي ڪيتريون آفرس ڪيون آهن. صرف توکي ٻڌائڻ لاءِ ته هي توکي ٻه ڪروڙ ۽ هڪ بنگلو ڪراچيءَ ۾ وٺي ڏيڻ لاءِ تيار آهن. مون چيو ته ڀاءُ مھرباني مان ڪڙمي جو پٽ آهيان. منھنجي ايتري اوقات ڪانھي جو مان ڪروڙ وٺان. هڪ ته ايترا پئسه مونکان هضم ڪونه ٿيندا، ٻيو ته پئسن جي ڪري مان پنھنجي عزت ڪونه وڃائيندس. الله اهي پئسه انھن کي بخشي، مان ان حال ۾ ڀلو آهيان. آخرڪار جڏهن انھن همراهن زور ڏئي ڍوءُ ڪيو، پوءِ انھن ٻيو طريقو استعمال ڪيو. مونکي تصديق ناهي پرڳالھه آهي سچ ته هنن مٿي اسي لک روپيه ڏئي منھنجي اتان مئي 1993ع ۾ ٽرانسفر ڪرائي ڊپٽي ڪمشنر خضدار. صبح جو اخبار ۾ پڙهيو ته منھنجي بدلي خضدار ٿي وئي آهي ۽ منھنجي جاءِ تي ڊي سي خضدار مقرر ٿيو آهي.

خضدار ڏانهن بدلي

ڪل آفيسر ذائقة البدلي وارو پيغام اخبار ۾ پڙهيو ته مون ڊي سي خضدار کي فون ڪيو ته حضرت توهان اڳ ۾ هت ايندا، يا مان تربت جي چارج ڇڏي اچي توهان کان چارج وٺان؟ چيائين ته توهان اچي مونکان چارج وٺو! تيستائين مان ڪجھه ضروري ڪم اڪلائي وٺان. مون ايس اينڊ جي اي ڊي فون ڪري نوٽيفڪيشن فيڪس ذريعي گھرائي چارج ڇڏي وڃي ڪمشنر صاحب سان الله حافظ ڪرڻ لاءِ ملاقات ڪئي. ڪمشنر صاحب چيو ته هينئر نه وڃ، صبح سوير وڃ رات مون سان گڏ ماني کائو. مون ڪمشر صاحب جي چوڻ کي مان ڏنو ۽ ٻئي ڏينھن صبح جو سوير خضدار ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪيو. آواران جي ڊي سي صاحب جو فون آيو ته سڀاڻي منجھند جو مانجهاندو هتان ڪندا پوءِ اڳتي وڃو. منھنجي لاءِ آوارن اڌ پنڌ تي هيو، خضدار وڃڻ لاءِ، سو مون مانجھاندي جي دعوت قبول ڪئي. آواران اڃان نئون ضلعو ٿيو هيو، اڳ ۾ اهو علائقو خضدار ضلعي ۾ هيو. تنھن ڪري آواران ۾ ڊي سي جي آفيس يا گھر اڃان تائين تعمير ڪونه ٿيو هيو تنھن ڪري هڪ ريسٽ هائوس مان گھر ۽ آفيس وارو ڪم ورتو پئي ويو. گھڻو ڪري محمد افضل صاحب ڊي سي آواران هيو.
آواران ضلعي هيڊ ڪوارٽر بلڪل تربت ضلعي جي اوڀر طرف بارڊر کان سڏ پنڌ تي هيو. آوارن شھر ۾ ان وقت تائين ڪوبه پڪو رستو ڪونه هيو نه وري بجلي جو نظام هيو. جنريٽر جي ذريعي روشنيءَ جو ڪم هليو پئي. آواران شھر جي انوقت ايتري آبادي به ڪانه هئي، ايئن لڳو پي ڄڻ ڪو وڏو ڳوٺ هجي. رات جي ماني مون ڪمشنر صاحب جي گھر کاڌي ۽ صبح جو سوير نڪرڻ کان اڳ سمورو اسٽاف اچي گھر جي ٻاهران گڏ ٿيو. گھر کان نڪرڻ کان اڳ مان انھن سان وڃي پنج منٽ ويٺس ۽ سڀني کان موڪلائي هلڻ جي تياري ڪئي. ليوي جي جوانن ڪافي جذباتي انداز ۾ ٿي موڪلاين. مان، منھنجي محبوبه، پٽ ۽ ڌيءُ اسان گاڏي ۾ سوار ٿياسين. ليوي جي گاڏي منھنجي گاڏي پٺيان هلڻ شروع ڪيو. ضلعي تربت ۽خضدار ٻئي هڪٻئي سان بارڊر ملندڙ ضلعا آهن ۽ وچم تقريباً ٽي سو يا سوا ٽي سو ڪلوميٽر جي فاصلو ٿيندو، ٻنھي ضلعي هيڊ ڪوارٽر جو رستو سڄو ڪچو. هينئر الحمدلله موٽروي ۽ ٻيا ڪافي رستا ٺھي ويا آهن، تنھن ڪري اچ ۽ وڃ آسان ٿي پئي آهي. تربت کان هوشاب جو تربت جي سب تحصيل هئي، انوقت تقريباً ڏيڍ سو ڪلو ميٽر اوڀر طرف آهي جنھن کان پوءِ اوڀر اتر تي خضدار ضلعي جي حد ملي ٿي ۽ هوشاب کان اوڀر ۾ آوارن ضلعي جي حد ملي ٿي. تقريباً ٻارهن هڪ وڳي جي قريب آوران پھتس جتي اڳ ڊي سي آوارن مسٽر محمد افضل صاحب انتظار ۾ هيو. ريسٽ هائوس ڪم ڊي سي آفيس ۽ گھر تي اچي گاڏيءَ مان لھي هٿ منھن ڌوئي ماني ٽڪي کائي خضدار ڏانھن راهي ٿياسين. تقريباً ڪلاڪ جو بريڪ آواران ۾ ٿيو. هوشاب کان پوءِ مون زوري ليوي وارن کي واپس ڪيو نه ته انھن جو ارادو هيو ته خضدار تائين اسين گڏ هلون. بھرحال تقريباً ٻن اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ نال کان گذرڻ ٿيو جيڪو آبائي گھر آهي مرحوم غوث بخش بزنجو جو. نال کان پوءِ تقريباً هڪ ڪلاڪ کان پوءِ اچي خضدار شھر پھتاسين. ڊي سي خضدار جا ٻار ڪوئيٽا ۾ رهندا هيا، تنھن ڪري وڃڻ سان ڊي سي هائوس منھنجي حوالي ڪيائين. رات جي ماني ڪمشنر قلات جي گھر تي هئي جتي پنھنجي ملاقات ڊي سي صاحب سان ٿي. ڪمشنر قلات جوهيڊڪوارٽر خضدار ۾ آهي. ڪمشنر قلات ان وقت احمد بخش لھڙي صاحب هيو.
تربت کان خضدار پھچڻ لاءِ مونکي تقريباً ڏهه يارنهن ڪلاڪ لڳا. ڇو ته رستو سڄو ڪچو، تنھن ڪري گاڏي جي رفتار ڪٿي ڪٿي ته ڍڳو پير پيران وارو حساب هيو، ته ڪٿي وري چڱي ڍڳي جي ڍڳ واري رفتار هئي.
صبح جو تيار ٿي آفيس ويس اتي ڊي سي صاحب آيو، سڄي اسٽاف سان تعارف ڪرايائين چانھه وغيره پي هڪٻئي کي چارج ڏئي مونکي ڊي سي جي ڪرسي تي ويھاري پاڻ تربت ڏانھن وڃڻ جي تياري ڪيائين. جنھن گاڏي ۾ مان آيو هيس انھي گاڏي ۾ چڙهي پنھنجي منزل ڏانھن راهي ٿيو.
بلوچي ۽ براهوي ۾ خوضدار چوندا آهن اردو ۽ انگريزي ۾ خضدار. خضدار جا چار تعلقه آهن: خضدار، نال، وڍ، زهري. مشھور قبيله: زهري، مينگل، بزنجو، ساسولي، عمراڻي، احمدزئي، ريڪزئي، محمد حسني، جتڪ، زرڪزئي وغيره وغيره. خضدار بلوچستان جو ٽيون نمبر تي وڏو شھر آهي، ڪوئٽيه، تربت، خضدار.
ايراضي ۾ سنڌ جي چوٿين حصي جيترو وڏو ضلعو آهي. ڪل سنڌ جي پکيڙ تقريباً هڪ لک چاليهه هزار ڪلو ميٽر آهي ۽ موجوده خضدار جي ايراضي تقريباً ڇٽيھه هزار اسڪائر ڪلو ميٽر آهي. جڏهن آواران خضدار جو حصو هيو، انوقت چوهٺ هزار مربع ڪلو ميٽر ايراضي هئي تقريباً سنڌ جو اڌ. خضدار سطح سمنڊ تقريباً چار هزار فوٽ بلندي تي آهي. موسم خوشگوار سرديءَ ۾ سردي جام پوندي آهي.
1955ع کان وٺي جڏهن بلوچستان ڪمشنريٽ وجود آيا ته ڪمشنر قلات جو هيڊڪوارٽر خضدار ۾ رکيو ويو.
ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ آر سي ڊي هاءِ وي خضدار شھر مان لنگھي ٿو. خضدار هڪ براهوي علائقو آهي جنھن ۾ براهوي کان علاوه بلوچي ۽ سنڌي عام ڳالھائي ويندي آهي. خضدار کي سنڌ جو ويجھو وڏو شھر شھداد ڪوٽ آهي. شھداد ڪوٽ هينئر جڏهن موٽروي تيار ٿي ويو آهي ته ڪلاڪ کن جي پنڌ تي آهي، جڏهن پڪو رستوڪونه هيو، تڏهن تقريباً ٽن ڪلاڪن جو ٽائيم لڳي ويندو هيو.
خضدار جي اتر ۾ قلات ضلعو، اولھه اتر ۾ خاران، اولھه ۾ پنجگور اولھه ڏکڻ ۾ آواران، ڏکڻ ۾ لسبيلو، اوڀر ۾ دادو ۽ قمبر شھدادڪوٽ ۽ اوڀر اتر ۾ ضلعو جھل مگسي.
جنھن وقت مون خضدار جي چارج ورتي، انھيءَ وقت نصير مينگل بلوچستان جو نگران وزير اعليٰ هيو.
گورنمينٽ جي مخالفت ۾ اختر مينگل، ثناءُ الله زهري ۽ بزنجو ۽ ٻيا هيا.
رياست قلات جي زماني ۾ به اهم شھر رهيو آهي. خان آف قلات جي ساڄي پاسي واري ڪرسي تي چيف آف جهلاوان ۽ کٻي پاسي چيف آف ساروان هوندو هيو. چيف آف جھلان والان زهري صاحب خضدار ۾هوندو هيو، ۽ چيف آف ساروان رئيساڻي مستونگ ۾ رهندو هيو.
خضدار جي سرڪٽ هائوس جو خرچ ۽ سنڀال سرڪار ڪندي هئي پر قبضو زهري برادري جو. جيڪڏهن ڪوئي سرڪاري مھمان ايندو هو ته زهري برادرس جي ننڍي ڀاءَ جي مرضي هوندي هئي ته ڪنھن کي رهڻ جي اجازت ڏئي يا نه ڏئي. صبح جو سوير اٿڻ سان پھاڙ جي طرف رڳو فائرنگ هلندي هئي. مون ٻئي ڏينھن آفيس پھچي پڇا ڪئي ته هي صبح جو ڇاجي فائرنگ ٿيندي آهي؟ ٻڌايائون ته زهري صاحب جو ننڍو ڀاءُ هٿيار هلائڻ جي پريڪٽس ڪندو آهي. مون پڇيو ته رهندو ڪٿي آهي؟ ٻڌايائون ته سائين سڄو سرڪٽ هائوس ان جي حوالي آهي.
اسسٽنٽ ڪمشنر خضدار کي گھرايو ۽ چيو ته اڄ توکي صرف ٻه ڪم ڪرڻا آهن، چيائين جي سائين.
هينئر ۽ اڄ سرڪٽ هائوس ۾ جيڪي به ماڻھو قبضو ڪيون ويٺا آهن، انھن سڀني کي ٻاهر ڪڍ ۽ صفائي وغيره ڪرائي مونکي ٻارنهن وڳي اچي ٻڌاءِ، ان کان پوءِ مان پاڻ هلي چيڪ ڪندس ته سرڪٽ هائوس لاءِ ڪھڙي شئي جي ضرورت آهي يا نه.
ٻيو صبح جو جيڪا پھاڙن ۾ فائرنگ ٿئي ٿي، انھيءَ کي بند ڪراءِ. جيڪڏهن فائرنگ ڪير ڪري ته انھيءَ تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪريس. اي سي خضدار ويو ۽ ڪلاڪ کن ۾ سڄو سرڪٽ هائوس خالي ڪرائي انھي جي صفائي شروع ڪرائي ڏني. الحمدلله ٻئي ڏينھن صبح جو فائرنگ جو سلسلو بند ٿي ويو.
خضدار شھر ۾ وڏا دڪان عمومن هندو برادري وارن جا هيا. خضدار جي تقريباً سڀني سردارن جا ڀلاوڻا هندو هوندا هيا. حليه اهڙا هوندا هئن جو تون ڪڏهن به ڪونه سڃاڻيندين ته ڪي هي هندو برادري سان واسطو اٿن. ڏاڙهي مڇ کي وٽ پٽڪو ٻڌل، ڪلھي تي بندوق. جيڪڏهن نالو نه ٻڌائن تي ڪير چئي ڪونه سگھندو ته ڪو هي هندو برادري مان هوندو. ذات پڇبي ته ٻڌائيندا نالو ڪوڏومل مينگل، زهري، ساسولي مطلب ته جھڙي علائقي هوندو، اتان واري ذات سڏائيندا.
شھر ۾ پوليس بي وس هوندي هئي. ڪيترو به ڏوهاري هوندو هيو ۽ ٿاڻي تي به ڪم ڪار سان ايندو هيو ته به گرفتار ڪرڻ جي همت پوليس وارا ڪونه ڪندا هيا.
هڪ دفعي ڪو ماڻھو آيو، جنھن ٻڌايو ته سائين منھنجو ڀاءُ ٻن ڏينھن کان ٻانھن کڏ کوٽي انھيءَ ۾ پيل آهي ۽ اڃ ۽ بک تي بيحال ٿي ويو آهي. مون کي ڳالھه سمجھه ڪونه آئي ته هن جي چوڻ جو مطلب ڇا آهي. مون چيو ته ڀائي پوءِ انھي کي ماني ٽڪي کارايو ۽ ٻانهن ڪڍوس. چيائون ته سائين اهو ته ظلم آهي جو اسان کي اجازت ناهي ته ڪو اسان انکي ڪجھه کائڻ پيئڻ لاءِ ڏيون. مون پڇيو ته ڪير نٿو ڏئي؟ چيائين ته سائين سردار زادو. مون پڇيو ته مونکي ڳالھه سمجھه ڪونه آئي، ڇاجي ڪري هو توهانجي ڀاءُ کي اڃ ۽ بک تي رکيو اٿس؟
ان ماڻھو ٻڌايو ته سائين ڪنھن ماڻھو اسان تي الزام هنيو ۽ سردارزادي اسان کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ فيصلو ڪيو. جنھن اسان تي ٻه اڍائي لک ڏنڊ وڌو. هاڻي جيترو به ڏنڊ وڌو ويو، انجو چوٿون حصو فيصلي ڪندڙ جو ٿيندو آهي. ٻيا ڏنڊ جا پئسه ڏيڻ ۾ ڪجھه وقت ڏيندا آهن، باقي فيصلي ڪرڻ واري جي چوٿائي ڏنڊ جي هو اتي جو اتي ڀري پوءِ ٻاهر ويندو. جيستائين ڏنڊ جي چوٿائي نه ڏيندو تيستائين ان همراهه جو هٿ زمين ۾ سوراخ ڪري مٽيءَ سان بند ڪري ڇڏيندا آهن. منھنجي لاءِ اها نئين ڳالھه هئي. بھرحال مون ان سردار زادي کي چورائي موڪليو ته هينئر کان پوءِ اها مستي هتي ڪونه هلندي. جيڪڏهن اهڙي قسم جي ڪا واردات ٿي ته قانون پنھنجي حرڪت ۾ اچي ويندو.
الحمدلله انھي کان پوءِ مان جيستائين خضدار ۾ رهيس نه فائرنگ جي گرجڻ ٻڌڻ ۾ آيو، نڪي وري ڪنھن ماڻھو جي ٻانھن کي ڍري ۾ پوريل جي شڪايت آئي. سرڪٽ هائوس به صرف سرڪاري مھمانن لاءِ کليل رهيو. فيصلي جي چوٿائي وٺڻ فيصلي ڪندڙ لاءِ ڪو رواج ناهي، پر ڪٿي ڪٿي هلندڙ هيو، جنھن جي باري ۾ ڪا شڪايت موصول ڪانه ٿي، باقي خبر خداوند کي ته انھيءَ ۾ ڪيتري سچائي آهي.

خضدار ۾ قبائلي نظام

1993ع مئي مھيني ۾ خضدار جي چارج ورتي، حسب معمول علائقي جي واقفيت لاءِ دوري ڪرڻ جو پروگرام رٿيو. منھنجي هميشه ڪوشش هوندي آهي ته سڀ کان پري واري علائقي جي خبر چار لھجي. آفيس سپرنٽينڊنٽ کي چيو ته خضدار ضلعي جو نقشو کڻي اچ ته جيئن مان ڏسي پوءِ اهو فيصلو ڪريان ته علائقي کي ڏسڻ ۽ ان جي درپيش مسئلن ۽ انجي جي حل لاءِ ترڪيب ڳولھي ڪڍجي. جنھن وقت ضلعي جو نقشو کڻي آيو ته مون ڏٺو ته پنڌ جي حساب سان سڀ کان پري ۽ مشڪل علائقو سارونا آهي. هيءُ اهڙو علائقو آهي جيڪڏهن ضلعي هيڊ ڪوارٽر کان سارونا وڃڻو هجي ته واپسي ٻن ڏينھن کان پوءِ ۾ ٿيندي آهي.
مون خضدار ضلعي ۾ ايريا جي واقفيت لاءِ پھريون دورو سارونا جو ڪيو. سارونا وڃڻ لاءِ خضدار کان لسبيله ڪراس ڪري سنڌ ۽ بلوچستان بارڊر وٽ پھچي پوءِ اتر طرف سؤ ڏيڍ سؤ ڪلو ميٽر ڏنگي ۽ اڙانگي رستي کان ٿيندو، جئي جبل ۾ شاهه نوراني کان گذرندي پوءِ وڃي سارونا تائين پھتس. جڏهن مان اتي پھتس ته پري پري تائين آبادي نظر ڪونه پئي آئي. سارونا دنيا جي سھولتن جي لحاظ کان تمام گھڻو پٺتي پيل علائقو هيو، جتي نه رستي جي سھولت نڪي پيئڻ جو صاف پاڻي، صحت ۽ تعليم جون سھولتون بلڪل نه هجڻ جي برابر.
مونکي موقعو ملي ويو هڪڙي پيرسن سان ڳالھائڻ جو، پھريان ته ڪجھه هچڪچاهٽ هيس، پوءِ مون کيس آهستي آهستي ان جي اندر همت واري ڪيفيت پيدا ڪئي. ٿوري دير ۾ پاڻھي بي تڪلف واري انداز ۾ ڳالھائڻ شروع ٿي ويو. مون سان سڄو وقت سنڌي ۾ ڳالھايائين. جڏهن مون ڏٺو ته بابو هاڻي بي تڪلف ٿي ويو آهي ته مون ٻئي اسٽاف کي چيو ته توهان پري وڃي ويھو، مان چاچي سان دل وندرايان. آهستي آهستي چاچو کلي ڳالھائيندو ويو. جيڪا چاچي ڪم جي ڳالھه ڪئي اها هئي ته چيائين ابا ڪراچي کان جيڪي به گاڏيون چوري ٿينديون آهن، اهي سڀ هن رستي کان گذري پوءِ مختلف روٽ سان ويندي وڃي چمن دنگ ڪنديون آهن. مون وڌيڪ پڇيو ته بابا پوءِ انھن جي پٺيان ڪا واهر به ايندي آهي يا نه؟ چيائين ته بابا گاڏي چوري ڪندڙ ڏاڍا تيز آهن ۽ اهي پوليس جي مدد کان سواءِ اهو ڪم ڪري ڪونه ٿا سگھن. مون کي چيائين ته سائين منھنجي هينئر عمر تقريباً سٺ سال کن هوندي، اسان جي علائقي ۾ ڪڏهن به ڪا چوري جي واردات ناهي ٿي ۽ هيءُ جيڪي سنڌ مان گاڏيون چوري ٿي هتان گس وٺي وڃن ٿيون، اهو اڳي ڪڏهن به ڪونه هيو پر اهو هاڻي پنج ست سالن کان هلي پيو، ۽ اسين سمجھون ٿا ته بابا انھن سان پوليس شامل آهي. مون کان سوال واري انداز ۾ پڇيائين ته سائين آفيسر ماڻھو آهيو، ڀلا اهو ٻڌايو ته حب کان پوليس جي چيڪنگ به ٻنھي پاسي آهي، پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته ڪراچي يا ڪراچي کان ٻاهر سنڌ جي ڪنھن به حصي مان گاڏي چوري ٿئي ٿي، پوليس کي اطلاع به ملي وڃي ٿو ۽ پوءِ به آرام سان ايترو سارو رستو عبور ڪري گاڏي ڪاهي گذري وڃن ٿا. سائين بس مڙئي پوليس ان سان ٻٽ لڳي پئي آهي.
مون چاچي کي چيو ته بابا ڪو اهڙو ڪم ڏس، جنھن تي ڪو ترت عمل ٿي وڃي. چيائين ته بابا اسان ته اڻپڙهيل آهيون بس ڪوئي اسڪول ويجھو هن ڳوٺ لاءِ ٿي وڃي ته جيئن اسان جا ٻچڙا ٻه اکر پڙهي سگھن. مون چيو ته بابا بلڪل انهيءَ جو سد باب ڪريون ٿا. مون چيو ته بابا توهان منھنجي هڪڙي مدد ڪريو، جيستائين سرڪار طور تي بلڊنگ ٺھي، تيستائين ڪچو پڪو اجھو هجي جتي ٻار گرمي سردي ۾ پنھنجو مٿو لڪائي سگھن. چيائين ته بابا اهو ڪم اسان ڳوٺاڻا ڪنداسين مون چيو ته بابا پوءِ سڀاڻي کان توهانجي ڳوٺ ۾ استاد پھچي ويندو. مون انھي وقت ڊي اي او اسڪول کي چيو ته هن ڳوٺ ۾ استاد جو بندوبست ڪر ۽ اسڪول جي بلڊنگ لاءِ بجيٽ ۾ پروپوزل ڏياري موڪل. صحت جي لاءِ سارونا لاءِ ڊي ايڇ او کي چيو ته ضروري دوائن لاءِ انتظام جلد کان جلد ڪر. جيڪو اتي صحت جي لاءِ انتظام هيو، اهو نه هئڻ جي برابر هيو.
سارونا کان موٽندي مون رات وڃي ڪراچي گذاري، صبح جو ڪراچي کان خضدار لاءِ روانو ٿيس. ٻئي ڏينھن تي بلڊنگ انجنيئر صاحب آيو ته سائين ضلعي جي لاءِ نئون جيل ٺاهي تيار ڪيو آهي، جيڪڏهن چاهيو ته هڪ نظر مان ڪڍي ڇڏيو. مون پڇيو ته جيل سپرنٽينڊنٽ ڏٺو آهي؟ چيائين ته ها سائين. مون چيو ته چڱو جيل سپرنٽينڊنٽ کي گھرايو ته هلون ٿا. غالبن خضدار شھر جي اوڀر اتر طرف سڏ پنڌ تي نئين بلڊنگ ٺھيل نظر آئي، ٻڌاين ته اها جيل جي نئين عمارت آهي. خير سان اتي وڃي پھتاسين بلڊنگ اينڊ روڊ جي انجنيئر ٻڌائڻ شروع ڪيو ته اسان هي بلڊنگ تمام سٺي نموني سان ٺاهي آهي ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ به ڏاڍي تعريف پئي ڪئي ته جيل جي عمارت تمام سٺي ٺھي آهي ۽ مان ڪم جي حساب سان مطمئن آهيان. بلڊنگ مون پوري گھمڻ شروع ڪئي، انجنيئر صاحب ٻڌائيندو پيو هلي ته هي ڪمره فلاڻي ڪم لاءِ آهن ۽ هي آفيس بلاڪ آهي هي قيدين جي رڌ پچاءُ جي جاءِ آهي. هتي ملاقاتي ايندا وغيره وغيره مطلب اهو جيل هڪ بھترين ۽ مضبوط ٺھيل آهي. شايد ٻن سو ماڻھن لاءِ قيدخانه هوندو. مونکي جڏهن قيدين جي بيئرڪ ڏيکاري وئي ته مون جيل سپرنٽينڊنٽ کان پڇيو ته آيا هي بيئرڪ صحيح تعمير ٿيل آهي؟ چيائين ته سائين زبردست.مون وري به پڇيو ته وري سوچ مونکي ان ۾ غلطي نظر اچي ٿي.چيائين ته نه سائين بلڪل درست ٺھيل آهي.
جيل سپرنٽينڊنٽ کي مان جنھن ڳالھه ڏانھن متوجه پيو ڪيو، هو انھي ڳالھه کي سمجھي ڪونه پيو. هيو ايئن ته قيدين جي بيئرڪ کي بند ڪرڻ لاءِ هميشه ڪڙو ۽ ڪنڍو ٻاهران هوندو آهي، پر ان بيئرڪ کي ڪڙو ۽ ڪنڍو ٻنھي پاسن کان هيو. مون سوال ڪندي جيل سپرنٽينڊنٽ کان پڇيو ته جيڪڏهن فرض ڪيو ته قيدي ڪنھن ڳالھه تان پاڻ ۾ وڙهي ٿا پون، ڪنھن قيدي جي حالت خراب آهي ۽ جيڪڏهن بيئرڪ کي اندر کان ڪڙو ۽ ڪنڍو لڳل آهي ته تون جيل سپرنٽينڊنٽ ان قيدي کي ڪيئن ڊاڪٽر تائين پھچائيندين. چيائين ته بيئرڪ ۾ بند قيدين کي چوندس ته ڪڙو ۽ ڪنڍو کوليو. مون چيو اهو ته تڏهن جڏهن حالتون نارمل هجن. مون چيو ته هي ڏس قيدين جي بيئرڪ کي ٻنھي پاسن کان ڪڙو ۽ ڪنڍو آهي، اهو بلڪل غلط آهي صرف ٻاهران ڪنڍو ۽ ڪلف جو حساب هجڻ کپي.
گھمندي گھمندي مون ڏٺو ته بجلي جي فٽنگ غلط ٿيل هئي، مون جيل سپرنٽينڊنٽ کان پڇيو ته جيڪا هي بجلي جي فٽنگ ٿيل آهي اها صحيح آهي؟ چيائين ته سائين پاڻ ڏسي چيڪ ڪيو آهي ته مٽيريل اي ون آهي. مون چيو ته سائين منھنجا مان جيڪو پڇڻ چاهيان ٿو انجو ٻڌاءِ. مون وري چيو ته فٽنگ به غلط ٿيل آهي! چيائين ته سائين اهو وري ڪيئن؟ مون جيل سپرنٽينڊنٽ کان پڇيو ته ڇاتوڪڏهن ٻڌو آهي ته ڪنھن قيدي پنھنجو پاڻ کي بجلي جي ڪرنٽ سان ماريو هجي. چيائين اهڙا کوڙ سارا واقعا ٿيا آهن. مون چيو ته پوءِ به تون چوين ٿو ته بجلي جي فٽنگ صحيح ٿيل آهي. چيائين ته ها سائين. مون چيو ته بنده خدا توهان بيئرڪ جي فٽنگ ڪرائي ۽ انجو ڪنٽرول توهان قيدين جي حوالي ڪيو آهي. نه توهان بجلي جو بلب ٻاري سگھو، نڪي وسائي سگھو. بجليءَ جي فٽنگ ڪري سوئچ بورڊ اندر سائيڊ کان رکڻ انتھائي نقصانده آهي. سوئچ بورڊ کي ٻاهران رکو ته جيئن انجو ڪنٽرول قيدين وٽ نه هجڻ کپي. انھيءَ کان پوءِ واچ ٽاور ڏيکاريائون مون ڏسي جيل سپرنٽينڊنٽ کان پڇيو ته آيا تون هن برجي مان مطمئن آهين؟ چيائين ته سائين بلڪل اوچو به آهي ٻه ٽي ماڻھو گڏ بيهي ۽ ويھي به سگھن ٿا. انھيءَ جو مطلب ته بلڪل ٺيڪ آهن. مون جيل سپرنٽينڊنٽ کان سوال پڇيو ته جيئن هي واچ ٽاور ٺھيل آهي ۽ ڪوٽ جي ٻاهران واچ ٽاور تي چڙهڻ لاءِ ٻاهران کولڻ ۽ بند ڪرڻ لاءِ تالو هڻڻ جو انتظام ٿيل آهي ۽ اندر کان ڪوئي ڪڙو ڪنڍو ڪونھي، ڇا اهو واچ ٽاور حملي ڪندڙ جي حق ۾ سٺو ثابت نه ٿيندو. مون چيو ته ڪجھه عقل ڪر! واچ ٽاور ۾ ماڻھو هڪ ڊيوٽي ڏيندو يا ٻه هجن. حملي آور گھڻا آهن ۽ چوري ۽ بي خبرائي ۾ واچ ٽاور جو ٻاهريون ڪنڊو کولي ٽاور تي مٿي اچي تنھنجي ان بيٺل سپاهي تي ڪنٽرول ڪرڻ کان پوءِ جيل جي سيڪيورٽي ڪنھن جي رحم ۽ ڪرم تي هوندي. مون چيو هي جو ٽاور جي اچڻ وڃڻ لاءِ سڄو ڪنٽرول ٻاهر واري ماڻھو کي ڏنل آهي، تنھنڪري انھن واچ ٽاورن جي کولڻ ۽ بند ڪرڻ جو نظام اندر کان هجڻ کپي نڪي ٻاهران. مون اهي تجويزون انھن کي ڏئي واپس آفيس جي لاءِ روانو ٿيس.
جيل جي بلڊنگ جي دوري ڪرڻ کان پوءِ جڏهن شھر مان گذران پيو ته رستي ۾ پوليس اسٽيشن هئي. مان گاڏيءَ کي ٿاڻي جي اندر هلڻ لاءِ چيو. جڏهن ٿاڻي اندر ويس ته مونکي ڪنھن به طرح ٿاڻي واري حالت نظر ڪانه پئي اچي. ٿاڻوائين پي لڳو ڄڻ ته پورهيت مزدوري ڪرڻ کان پوءِ ٿڪل ٽٽل مزدور گھر اچي پھتا آهن . ٿاڻي جي هڪ هيبت هوندي آهي، جنھن جي ڪري ڏوهاري هميشه ٿاڻي کان ڊڄندو وتندو آهي. اها جدا ڳالھه آهي جو اڄ ڪلھه شريف ۽ معتبر ماڻھو ته ٿاڻي کان ڊڄندو آهي ۽ لوفر کان ٿاڻي وارا ڊڄندا آهن. مون پڇا ڪئي ته ايس ايڇ او ڪٿي آهي؟ ڏسان ته سول ڊريس ۾ هڪ ماڻھو ٿاڻي جي اندران ٻاهر تيز رفتار سان آيو. اچڻ سان چيائين ته سائين مان هن ٿاڻي جو ايس ايڇ او آهيان. مون پڇيو روز نامچو ڪٿي آهي؟ رجسٽر کڻي آيو. مون پڇيو ته اڄ جي آخري انٽري ڪھڙي آهي، مونکي ڏيکار؟ همراهه چوڻ لڳو ته سائين وه سائين وه مون چيو ڪجھه ڪڇ، ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ چيائين ته سائين روزنامچو ته ڪافي ڏينھن ٿي ويا آهن، اسان انتي ڪابه انٽري ڪانه ڪئي آهي. مون پڇيو ته تنھنجي ٿاڻي جا گھڻا ماڻھو ايبسڪانڊر آهن انھن جو رجسٽر يا ڪوئي رڪارڊ ڏيکاريو. مون پڇيو ته تنھن جي ٿاڻي جا گھڻا اهڙا ڪيس آهن جن جو اڃان جڊيشل ريمانڊ نه ٿيو آهي؟ ايبسڪانڊر گھڻن ڪيسن ۾ ايبسڪانڊر ڏيکاريل آهن؟ توهان وٽ اهڙا ڪيترا ڪيس آهن جن جا چوڏھن ڏينھن ٿي ويا آهن پر اڃان تائين ڪيس ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ناهي ٿيو؟ ايس ايڇ او سھڪڻ شروع ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته سائين بس، مون ٿوري ايس ايڇ او کي رهڙ ڏني، پرمون ڏٺو پئي ته همراهه ڪري نه پوي. مون چيس ته مان آفيس هلان ٿو تون ۽ محرر ٻئي اهو رڪارڊ کڻي اچي مون کي اڄ ئي ڏيکاريو، جنھن ۾ اها مٿي ڄاڻايل معلومات هجي.
منھنجي آفيس پھچڻ کان ٿوري دير ۾ ايس ايڇ او ۽ هيڊ محرر رڪارڊ کڻي اچي پھتا. رڪارڊ جون پٽارڪ ڀريل هجي جنھن کي جاچڻ لاءِ هفتا لڳي وڃن، مون چيو ته مون کي صرف لسٽ ٺاهي ڏي جنھن ۾ ڪيس جو نمبر، واردات جي نوعيت، ماڻھو گھڻا نامينيٽ ٿيل آهن، انھن مان گھڻاگرفتار ٿيا، ڪھڙي ڪورٽ ۾ ڪيس ويو، انت ڪيس جو ڇا ٿيو. ايبسڪانڊر گھڻا آهن، ٿاڻي ڪھڙي انھن خلاف ڪاروائي ڪئي آهي. ايس ايڇ او ۽ هيڊ محرر ٻئي هڪا ٻڪا هڪٻئي کي پيا ڏسن ته ڪھڙو جواب ڏيون. آخرڪار ڏڪندي ايس ايڇ او چيو ته سائين مونکي ٻه ڏينھن ڏيو. مون چيو ته خير آ توکي ٻه ڏينھن پورا پر ٻن ڏينھن ان کان پوءِ اهو سڄو رڪارڊ کڻي ايندين.

سنڌ جون چوري ٿيل گاڏيون بلوچستان ۾...

سارونا کان منهنجي واپسي بعد جلد گهرو کاتي پاران هوم ڊپارٽمينٽ پاران هڪ امن و امان جي لحاظ کان گڏجاڻي سڏائي وئي وئي، جنھن ۾ سڀ ڪمشنر، ڊي آءِ جيز ۽ ڊي سيز شريڪ هيا. گڏجاڻي خاص ڪري ايندڙ اليڪشن 1993ع متعلق هئي ته ڪھڙيون ۽ گھڻيون پولنگ اسٽيشنون هونديون، جتي گڙ ٻڙ ٿيڻ جو انديشو آهي. جنرل اليڪشن جو شيڊول اڃان جاري ڪونه ٿيو هيو، پر توقع هئي ته ڪجھه ڏينھن ۾ اليڪشن ڪميشن شيڊول جاري ڪندي. انھي لاءِ تياري ڪافي اڳ ۾ ڪرڻي هوندي آهي. خير مون ميٽنگ جي دوران ٻين ڳالھين کان علاوه سنڌ مان گاڏين جي چوري ٿيڻ ۽ چمن ڏانھن رستي بابت ڳالھه ڪئي. هوم سيڪريٽري ٻڌايو ته انھي لاءِ اڳ به ڪجھه اهڙيون رپورٽون مليون آهن پر اڃان انجي تصديق ڪانه ٿي آهي.
ڪوئيٽا کان واپسي تي ايس ايڇ او ۽ هيڊ محرر کي گھرايو ته لسٽون کڻي اچو. لسٽون کڻي آيا مون ڏٺو ته ڏوهه ڪرڻ وارن جي پٺ ايتري مضبوط آهي، جو اڄ تائين ڪڏهن پوليس اها جرئت ڪانه ڪئي جو انھن ۾ هٿ وجھي. ايئن کڻي چئو ته جيڪي ڏيک ويک ۾ وڏا معتبر آهن اوترا وڏا ڏوهاري. جڏهن مون ايس ايڇ او کان پڇا ڪئي ته ڇاجي ڪري پندرنهن ويھه سال گذري وڃڻ جي باوجود مڪمل چالان ڪورٽ ۾ پيش نه ڪيا آهن؟ چيائين ته سائين جوابدار ملن ڪونه ٿا، تنھن ڪري جاچ ٿي نه سگھي آهي، انھيءَ ڪري پورو چالان ڪورٽ ۾ پيش ڪري نه سگھيا آهيون. مون پڇيو ته جوابدار ڪٿي ضلعي کان ٻاهر آهن؟ چيائين ته سائين نه، مون چيو ته پوءِ ڪھڙو مسئلو آهي؟ همراهه پريشان پر ڪجھه چوڻ لاءِ تيار ڪونه هيو.
آخرڪار مون ان لسٽ تي انسپيڪشن نوٽ هڻي آرڊر ڪيو ته جيڪي به هن لسٽ ۾ جوابدار آهن، انھن کي فوري گرفتار ڪري مونکي ٻن هفتن ۾ رپورٽ ڏي. وڌيڪ مون لکيو ته جيڪڏهن جوابدار بي ايريا ۾ رهن ٿا ته مان ليوي فورس کي حڪم ٿو ڪيان ته جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ هرممڪن مدد ۽ ڪوشش ڪندا. جيڪڏهن ڪنھن به ليوي فورس جي اهلڪار پوليس جي مدد نه ڪئي ته انجي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. نوٽ هڻي ايس ايڇ او کي چيو ته جيڪڏهن هاڻي ڪنھن به قسم جي ڪوتاهي ٿي ته پوءِ تون ٻاهر ڪونه گھمندين، بلڪ تنھنجي مٿان نالائقي ۽ نااهل اهلڪار ڄاڻائي قانون مطابق ڪاروائي ٿيندي. همراهه اڌ جيئري ماڻھو وانگر لڙکڙائيندو روانو ٿيو. منھنجي ٽرانسفر کان پوءِ آفيس سپرنٽينڊنٽ ٻڌايو ته سائين جڏهن ايس ايڇ او توهانجي آفيس کان ٻاهر آيو ته اچي ٻه منٽ مون وٽ ويٺو، ۽ چيائين ته پاڻي جلدي ۾ پيار. پاڻي پيئڻ کان پوءِ گھٻرايل ۽ پريشان هيو ۽ وڏو شوڪارو ڀري چيائين ته ڊي سي صاحب ته ڪو جلاد آهي. مان ته ٻن باهين ۾ اچي ڦاٿو آهيان جيڪڏهن انھن جوابدارن کي گرفتار ٿو ڪيان ته منھنجو جيئڻ جنجال ٿي ويندو. جيڪڏهن گرفتار نٿو ڪيان ته منھجي نوڪري تيل ٿي ويندي.
ان لسٽ ۾ ٻيا ته ڪافي شرفاء هيا پر ان لسٽ ۾ موجوده ڪيئر ٽيڪر وزير اعليٰ صاحب جي ڀاءُ جو نالو به هيو. ٻن ڏينھن کان پوءِ پرنسپل سيڪريٽري وزير اعليٰ جو فون آيو ته ڄامڙو صاحب هي تو ڇا ظلم ڪيو آهي. مون چيو ته سائين ڇا ٿيو. چيائين ته توهان وزير اعليٰ صاحب جي ڀاءُ کي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي. سي ايم صاحب ٿو چوي ته يار جڏهن اسين اپوزيشن ۾ هياسين، تڏهن به اسان جي گھر جي ڀاتي کي گرفتاري جو ڪنھن حڪم ڪونه ڏنو. هينئر ته مان سي ايم آهيان ۽ منھنجي ڀاءُ جي گرفتاري جا احڪامات توهان جاري ڪيا آهن. چيائين ته هاڻي سي ايم صاحب جي ڀاءُ جي گرفتاري جو حڪم واپس وٺي ڪينسل ڪر. مون چيو ته سائين سي ايم صاحب جي ڀاءُ کي چئو ته اچي پيش پوي، انھيءَ کان پوءِ رعايت ملندي باقي مان جيڪي آرڊر ڪيو آهي انھيءَ کي ڪينسل ڪونه ڪندس. چيائين ته توکي خبر آهي ته انھيءَ جي ڪري سي ايم صاحب ڇا ڪري سگھي ٿو؟ مون عرض ڪيو ته سائين منھنجي بيگ تيار آهي، مون کي جيڪو حڪم ملندو، مان ان لاءِ تيار آهيان.
ٻئي ڏينھن منھنجي پڦي فوت ٿي وئي، مان ٻن ڏينھن لاءِ ڳوٺ شھدادڪوٽ کان ٿيندو ويم. ڳوٺ کان موٽي خضدار پھتم. اليڪشن ڪميشن جون جنرل اليڪشن جو شيڊول ڏيڻ خاطر اسلام آباد ۾ ميٽنگ هلن پيون. بلوچستان گورنمينٽ آگسٽ 1993ع ۾ ڪافي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ ڪيون ۽ منھنجي بدلي ايڊيشنل سيڪريٽري زراعت بلوچستان ٿي. آگسٽ جي يارهين تاريخ تي مون ڊپٽي ڪمشنر خضدار جي چارج ڏئي ڪوئيٽه روانو ٿي ويم.

تربت ۽ خضدار جي ماڻهن ۾ فرق

تربت ۽ خضدار جي علائقي جي ماڻھن ۾ جيڪو فرق مونکي محسوس ٿيو، اهو هيءُ آهي:
هڪ ته سياسي شعور ۽ تعليم جي لحاظ کان مڪران جو عام ماڻھو به خضدار کان ڪافي اڳتي نظر آيو.
ٻيو مڪران جو ماڻھو سردار جي ڪنٽرول ۾ ناهي، خضدار جو عوام ان جي مقابلي ۾ سردارن جي ڪنٽرول ۾ آهي.
ٽيون اقتصادي ۽ معاشي طور مڪران جو ماڻھو وڌيڪ آسودو آهي، بنسبت خضدار جي ماڻھن کان.
چوٿون قبائلي جھڳڙا مڪران جي علائقي ۾ ڪونه آهن، جڏهن ته خضدار ۾ قبائلي جھڙا جھٽا عام آهن.
پنجون مڪران جا ماڻھو نوڪري سانگي گلف اسٽيٽس ۾ ڪافي تعداد ۾ آهن، جڏهن ته خضدارجا ماڻھو پنھنجي سردار جي رحم ۽ ڪرم تي آهن. معدنيات جي لحاظ کان ٻئي ضلعا مالامال آهن. زراعت منھنجي خيال مطابق مڪران ۽ خضدار ۾ تقريباً برابر آهي. مڪران جي ماڻھن لاءِ کجي جا باغ وڏي آمدنيءَ جو ذريعو آهن جڏهن ته خضدار جي ماڻھن جو گذارو گھڻي قدر مال مويشي ۽ ماربل تي آهي.
ڇھون تربت شھر جي آبادي خضدار جي مقابلي ۾ گھڻي آهي، پر خضدار شھر تربت کان وڌيڪ منصوبابندي سان ٺھيل آهي.
ستون تربت ۾ گھڻي قدر عام واهپي جون شيون ايران مان اسمگلنگ ٿي اچن ٿيون، جڏهن ته خضدار ۾ اسمگلنگ جو سامان گھڻي قدر چمن باڊر جي معرفت اچي ٿو.
اٺون مڪران جو ماڻھو سوچ ۾ ڪافي آزاد آهي، بنسبت خضدار جي ماڻهو کان.
نائون ملڪي سطح تي سياست ۾ خضدار مڪران کان اڳتي آهي.
ڏهون ٻنھي ضلعن جو عوام پيار ڪرڻ وارو سٻاجھڙو آهي.

خضدار کان ڪوئيٽا لاءِ روانه ٿياسين، رستي ۾ منگوچر جو علائقو ڪافي سرسبز آهي. اسان سوچيو ته ٿوري بريڪ وٺي پوءِ اڳتي هلون. منگوچر سرسبز هئڻ جي ڪري اکين لاءِ وڻندڙ نظارو هيو سو اسان ارادو ڪيو ته ڪنھن ڊرائيور هوٽل جي چانھه پي پوءِ اڳتي هلون. ڊرائيور کي چيو ته هوٽل واري کي چئو ته بغير کنڊ جي چار چانھيون ڪڙڪ ٺاهي. چانھه ٺاهي کڻي آيو ته چانھه مٺي هئي. اسان چيو ته بابا اسان ته توکي گذارش ڪئي ته بغير کنڊ جي چانھه ڏي هي ته ڄڻ صرف کنڊ ۾ چانھه تيار ڪئي آهي. هڪ چانھه ۾ کنڊ وجھبي آهي هي ته ڄڻ کنڊ ۾ چانھه وجهي کڻي آيو آهين. چيائين ته سائين چانھه ته بلڪل بغير کنڊ جي ٺاهي آهي . اسان پڇيو ته پوءِ هي ڪيئن مٺي ٿي آهي جڏهن تو ان ۾ کنڊ به ڪانه وڌي آهي؟ چيائين ته کوچا چانھه ٺاهڻ وارو پتيلو ساڳيو آهي، جنھن ۾ عام چانھه ٺاهيندو آهيان. باقي ولله ڪوئي کنڊ ناهي وڌو.
چانھه هتي ايتري ته مٺي پيئندا آهن، جنھن جو مثال ملڻ محال آهي، جيڪا اسان لاءِ چانھه ٺاهي آندي صرف جيڪا پچيل چانھه پتي ٻاٽي ۾ رهيل هئي، ان ۾ ايترو ته مٺاس هيو جو بغير کنڊ وجھڻ جي به چانھه مٺي ٿي وئي.
آفيس ٽائيم کان پوءِ اچي ڪوئيٽه پھتاسين، سيڪريٽريٽ بند ٿي چڪو هيو. هڪ دوست کي چيو جنھن اسان جي رهڻ جو بندوبست ڪيو. ٻئي ڏينھن بلوچستان سيڪريٽريٽ پھچي ايڊيشنل سيڪريٽري زراعت جي چارج ورتي. ايڊيشنل سيڪريٽري جي پوسٽ بلڪل نئين ڪريئيٽ ڪئي وئي هئي تنھنڪري بلوچستان زراعت کاتي جو پھريون ايڊيشنل سيڪريٽري مقرري منھنجي ٿي.

بلوچستان جي زراعت

آگسٽ 1993ع ۾ پھريون دفعو بلوچستان سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو. پهرئين ڏينهن جڏهن منھنجو وڃڻ ٿيو ته مونکي ايئن لڳو ته مان بلوچستان ۾ نه پر پنجاب جي ڪنھن ماتحت اداري ۾ آيو آهيان. چيف سيڪريٽري کان ويندي ڊپٽي سيڪريٽري جي پوسٽن تي گھڻائي پنجاب جي آيل آفيسرن جي هئي. جھڙيءَ طرح ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ ۾ هوندو هيو. بلوچستان ۾ انوقت صوبائي سيڪريٽرين جو سٺ ستر سيڪڙو آفيسر پنجاب جا هيا، باقي پٺاڻ ۽ ڏهه سيڪڙو مس بلوچ هيا. بلوچستان جي ڇھن ڊويزن مان چار ڪمشنر پنجاب سان لاڳاپيل هيا. اهڙيءَ طرح ڊپٽي ڪمشنرن مان سٺ ستر سيڪڙو پنجاب جا آفيسر هيا. باقي بلوچستان جا پٺاڻ، هزاره ڪميونٽي جا ۽ بلوچ هيا. اهڙيءَ طرح پوليس جا اسي پنجاسي سيڪڙو آفيسر پنجاب جا هيا.
سيڪريٽري زراعت پنجابي ڳالھائڻ وارو پر ڪوئيٽا جو رهاڪو ٿي چڪو هيو ۽ سندس ٻيو ڀاءُ سيڪريٽري هوم هيو، جنھن کي سڀ چاچا غياث ڪري چوندا هيا. ٻئي ڀائر تمام اخلاق جا اعليٰ مثال هيا. ٻئي ڀائر تمام همدرد ۽ هڏڏوکي ۽ هر ڪنھن جي مدد ڪرڻ ۾ وسان ڪين گھٽائيندا هيا. اها منھنجي خوش نصيبي هئي جو مونکي آفيسر بالا نھايت همدرد ۽ شفيق ملي ويو. ڏاڍي سٺي انداز سان مليو ۽ چيائين ته گھٻراءِ نه، تو جيڪو ڪيو اهو بھتر ڪيو، انھيءَ جي سڀني کي خبر آهي. بھرحال اهو وقت به گذري ويندو. چيائين ته بلوچستان ۾ ايگريڪلچر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ گھڻو ڪجھه آهي، پر هتي سياسي قيادت ڪم ڪرڻ ڪونه ڏيندي. تنھن ڪري تون هتي آرام سان ويھي نوڪري ڪر. وڌيڪ چيائين ته چيف سيڪريٽري صاحب مونکي هفتو اڳ ۾ گھرايو ۽ چيائين ته ڊي سي خضدار ڄامڙو تي سي ايم ناراض ٿيو آهي، تنھنڪري انھيءَ کي هتي تو وٽ رکڻو آهي ۽ آفيسر ڪم وارو آهي. چيائين ته تون ايڊيشنل سيڪريٽري جي پوسٽ ڪريئيٽ ڪرڻ لاءِ سمري ٺاهي موڪل. ٻڌايائين ته مون سمري ٺاهي موڪلي ۽ ٻن ڏينھن کان پوءِ پوسٽ ڪريئيٽ ٿي آئي، ۽ ٻئي ڏينھن تنھنجي پوسٽ هتي ايگريڪلچر ۾ ٿي آهي. هاڻي پوسٽ ته اچي وئي پر ڪم توکي ڇا ڪرڻو آهي، انھيءَ جي لاءِ رولز آف بزنس ۾ تبديلي ايندي، تنھن کان پوءِ تون باقائده ويھي ڪم ڪر، تيستائين ايندو ڪر چانھه گڏجي پيئنداسين.
مون عرض ڪيو ته جيڪا سرڪار جي مرضي اسين حاضر. پر سائين جيستائين ڪو سرڪاري گھر جو انتظام ٿئي تيستائين ڪو اهڙو معقول گھر هجي ۽ ڪرايو به پھچ ۾ هجي، انھيءَ سلسلي ۾ ڪا مدد ڪيو. ٿوري دير سوچي پنھنجي پي اي کي چيائين ڊي جي ايگريڪلچر چوڌري ذوالفقار ملائي ڏي. پنجابي ٻولي ۾ ڊپارٽمينٽ جا حال احوال وٺي چيائينس ته ايگريڪلچر ڪالوني ۾ ڪو ٻن ڪمرن وارو گھر آهي. چوڌري صاحب ٻڌايس ته هڪ گھر آهي، پر اهو اسان جيڪي ڊپارٽمينٽ جا مھمان وغيره ايندا آهن انھن کي اتي رهائيندا آهيون، باقي ٻيو اهڙو ڪوبه گھر خالي ناهي. سيڪريٽري صاحب چيس ته چڱو انھيءَ گھر کي صاف ڪر ۽ منھنجو مھمان ايندو، جيڪو ڪجھه عرصي لاءِ اتي اچي فيملي سان رهندو. ڪلاڪ اڌ کان پوءِ ڊي جي ايگريڪلچر جو فون آيو، سيڪريٽري صاحب کي ٻڌايائين ته سائين گھر تيار آهي مھمان کي موڪليو. سيڪريٽري صاحب مون کي گھرائي چيو ته ايگريڪلچر ڪالوني ۾ هڪ ٻن ڪمرن وارو گھر آهي، وڃي تون اتي ٻارن سان رهه پوءِ ڏسون ٿا ته ڪوئي سرڪاري گھر ملي، جيڪو اڄ ڪلھه ملڻ ڏکيو آهي. مان زرغون روڊ سان سرياب روڊ ڏانھن وڃڻ شروع ڪيو. ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪري اڳتي هليس ته سڄي پاسي وڏي ڊگھي ديوار نظر آئي، ڊرائيور کان پڇا ڪيم ته هي ڇا آهي؟ ٻڌايائين ته سائين هي خان آف قلات جو اندر محلات ٺھيل آهي جنھن ۾ آفيسون ۽ گھر اٿس. ٿورو اڳتي هلياسين ته رستي جو وڪڙ ختم ٿيو سڏ پنڌ تي وري ساڄي پاسي ٻي ڊگھي ديوار نظر آئي. ڊرائيور کان پڇا ڪئي ته هي ڇاجي ديوار آهي؟ ٻڌايائين ته هي رئيساڻي صاحب جو گھر آهي. جڏهن اسان رئيساڻي جي گھر جي سامھون پھتاسين ته کٻي پاسي هڪ ڊگھي ديوار نظر آئي مون پڇيو ته هي ڇاجي ايڏي ڊگھي ديوار آهي؟ ڊرائيور ٻڌايو ته هيءُ بلوچستان جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن جي ڪالوني ۽ آفيس آهي. ڪالوني کي سرياب روڊ تي ٻه وڏا گيٽ هيا. جتي ايگريڪلچر ڪالوني ختم پئي ٿي، انکان ٿورو اڳتي سڄي پاسي ذوالفقار مگسي جو گھر هيو.
ايگريڪلچر ڪالونيءَ جي پھرئين گيٽ ۾ داخل ٿي چڱو پنڌ اڳتي وياسين ته ڪنڊ تي ٽي چار ماڻھو بيٺا هيا. اسان کي انھن اتي روڪيو ۽ پڇيو ته سيڪريٽري صاحب جا مھمان آهيو؟ ڊرائيور ٻڌاين ته ها. جتي روڊ سڄي پاسي مڙي پيو، انجي کٻي پاسي تي شروع وارو پھرين گھر جو گيٽ کولي اسان کي اندر وٺي ويا. اسان کي ڪمرا کولي ڏنائون ۽ پوءِ اتان هليا ويا. ٻه ڪمرا، ڪچن ۽ سامھون ڏکڻ طرف ڪجھه کليل ميدان هيو.
مون گھر جو جائزو ورتو ۽ الله سائين جو شڪر ادا ڪيو ته رهڻ لاءِ اجھو ملي ويو. گھر جون چاٻيون هٿ ڪري مان وڃي پنھنجي محبوبه کي چيو ته تياري ڪريو، الله سائين گھر ڏنو آهي. جيڪو سامان هيو گاڏي ۾ وجھي اسين سڀ ايگريڪلچر ڪالوني ڏانھن راهي ٿياسين. آگسٽ جو مھينو هيو، موسم سٺي هئي گرمي ڏينھن جو ٿورو گھڻي هئي، پر جيڪڏهن ماڻهو ڇانو ۾ ويٺو هوندو ته گرميءَ جو ڪوئي احساس ڪونه ٿيندو هيو. مھينو اڌ اتي رهي پوءِ ڳوٺ ڏانھن چڪر هڻي اچڻ جو ارادو ڪيو، ڇوته اڃان تائين رولز آف بزنس ۾ تبديلي جي لاءِ چيف سيڪريٽري ميٽنگ طلب ڪانه ڪئي هئي. تنھن ڪري ڪو خاص ڪم ڪونه هوندو هيو، باقي ڪڏهن ڪڏهن سيڪريٽري صاحب ڪجھه ڪيس ريفر ڪندو هيو. سيڪريٽري صاحب کي عرض ڪيو ته سائين هفتي جي لاءِ موڪل کپي. سيڪريٽري صاحب چيو ته ٻه ڏينھن بيھه پوءِ وڃ. ٻن ڏينھن کان پوءِ سيڪريٽري صاحب پاڻ گھرايو ۽ چيو ته تون هاڻي پنھنجي ڳوٺ وڃ، ۽ اها گاڏي انھي لائق ناهي جو ڊگھي سفر تي وڃي. جيئن ته تون فيملي سان ويندين تنھن ڪري مون ايگريڪلچر ايڪسٽينشن وارن کان تنھنجي لاءِ گاڏي گھرائي آهي، تون انھيءَ ۾ هليو وڃ. جيڪا گاڏي اڳ ۾ ڏني هئي سيڪريٽري صاحب سان واپس ڪري ٻي گاڏي ورتي ۽ گھر اچي ٻئي ڏينھن ڳوٺ وڃڻ جي تياري ڪئي.
عبدالاحد تارن ڪمشنر تربت جو ننڍو ڀاءُ هيو ۽ ڪوئيٽا ۾ انسپيڪٽر پوليس هيو. اهو مون سان ملڻ ايندو هيو ۽ ڪم ڪار وغيره جو پڇي ويندو هيو. جنھن ڏينھن مونکي ڳوٺ وڃڻو هيو، انکان هڪ ڏينھن اڳ آفيس آيو مون کيس چيو ته اڄ شام اچجانءِ ته ڪجھه ڊراءِ فروٽ وٺڻو آهي سو گڏ هلنداسين. خير اسان پاڻ ۾ پروگرام رکيو ته مغرب جي نماز وقت مان مارڪيٽ ۾ ايندس مقرر ڪيل جاءِ اچي بيھندس ۽ احد اچي اتي مون سان ملندو. رش ڏاڍي هئي انسپيڪٽر احد صاحب اڳ اچي اتي پھتو مان ٽريفڪ ۾ بيٺو هيس ته منھنجي بيٺل گاڏي کي رڪشه ڊرائيور پٺاڻ اچي رڪشه ٽڪرايو. پٺاڻ رڪشه مان لھي منھنجي گاڏي وٽ آيو ۽ چيائين ته ‘‘کوچا تم نے ہماری گاڑی کا ناک توڑ دیا تم تو بڑی گاڑی میں ہو، تم لوگوں کو کوئی احساس ہی نہیں اب آپ ہمیں اس کے پئسے دو۔’’ مون چيو ته خان صاحب گاڏي تو اچي پٺيان هنئي آهي، پئسه ته توکي ڏيڻ گھرجن. خان صاحب کي چيو ته چڱو هل ٿاڻي تي، پوءِ جيڪو انھن فيصلو ڪيو. ايتري ۾ احد تارن به اچي پھتو، مون هن کي ٻڌايو ته رڪشه خان صاحب پاڻ اچي هنيو آهي، هاڻي وري چوي ٿو ته خان صاحب جي گاڏي جو نڪ ڀڄي پيو آهي، انھيءَ جا پئسه ڏي. تارن صاحب هن سان پشتو ۾ ڪجھه ڳالھايو رڪشه ڊرائيور وري مون ڏانھن آيو. چوڻ لڳو ‘‘کوچا ہم کو معاف کردو واللہ آج کوئی پیسینجر نہیں ملا، بس اب ہم کو معاف کردو.’’ مون چيو ته لاڪا خير آهي. انسپيڪٽر صاحب ٻڌايو ته هتي اهو ڪم هيءُ رڪشه ڊرائيور ڄاڻي واڻي ڪندا آهن.، چيائين ته جيڪڏهن اڃان ٿورو وقت گذري ها ته پنج ست رڪشه ڊرائيور اچي تو وٽ گڏ ٿين ها، ۽ توکي مجبور ڪن ها ته ڪجھه نه ڪجھه رقم ڏئي انھن مان جان ڇڏائين ها. انھيءَ کان پوءِ احد تارن جي واقف دڪاندارن وٽ وياسين ۽ ٿورو گھڻو ڊراءِ فروٽ ورتوسين.
ٻئي ڏينھن صبح جو خير سان ڪوئيٽا کان روانو ٿيم، گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪئي. تقريباً ڪچڙي منجھند جو ڍاڍر ۽ سبي جو وچ تي هوٽل تي اچي چانھه وغيره پيتي ۽ ڪجھه ڄنگھن کي ڊگهو ڪري پيل کٽ تي پٽي کي سڌو ڪيو. چانھه وغيره پي وري اتان روانو ٿيم شام جي وقت اچي جيڪب آباد پھتم. مير انور رند اڳئي ماني تيار ڪرائي ڇڏي هئي، سو ٿوري دير کان پوءِ ماني ٽڪي کائي ڳوٺ ڏانھن وڃڻ جي تياري ڪئي. اٽڪل سان مير صاحب گاڏي جي چاٻي ورتي ته گاڏي کي ڪجھه هٽائي بيھارڻو آهي. گاڏي جي چاٻي وٺي پاڻ وٽ رکي چيائين ته هاڻي رات اتي رهو ۽ رستو صاف ناهي. خير مجبور ٿي اتي رات گذاري، صبح جو نيرن ڪري ڳوٺ ڏانھن نڪري پياسين. منجھند ڌاري وڃي ڳوٺ پھتاسين وڃي ابو ۽ امان جي پيرن تي هٿ رکي ملياسين. مونکي پاڻ وٽ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ دعائن جا دروازا کولي ڇڏيائون. هفتو ڳوٺ رهي واپس اچي آفيس پھتاسين.
1993ع جي جنرل اليڪشن ٿي وئي ۽ نواب ذوالفقار مگسي وزير اعليٰ بلوچستان چونڊجي آيو ۽ مرڪز ۾ شھيد راڻي وزير اعظم جي ڪرسي تي ٻيھر اچي ويٺي. بلوچستان اسيمبلي ۾ سٺ پنجھٺ ايم پي ايز هيا، جن مان تقريباً پنجونجاهه کن ڪيبنٽ ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرح سان ميمبر هوندا هيا. اپوزيشن ۾ تقريباً ست اٺ ميمبر هيا. ”گڏيل“ حڪومت هئي، جنهن ۾ شامل سڀ ڪا سياسي جماعت پاڻ کي وزير اعليٰ کان گھٽ ڪونه سمجھندي هئي. تنھنڪري حڪومتي وهنوار ڏانھن توجهه نه هجڻ جي برابر هوندو هو. هر پارٽي پاڻ کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل هوندي هئي.

بلوچستان ۾ ڪرپشن ۽ اقربا پروري

1994ع ۾ بلوچستان ۾ اقربا پروري، بد انتظامي، ڪرپشن ۽ نااهليءَ جي اهڙي صورتحال هئي، جيئن اڄ ڪلھه سنڌ ۾ آهي. جيڪا صورتحال 1994ع ۾ بلوچستان جي هئي، اها هينئر سنڌ ۾ آهي. 1994ع ۾ بلوچستان ۾ ”گڏيل“ حڪومت هئي جڏهن ته سنڌ ۾ گذريل يارهن سالن کان هڪ پارٽي جي حڪومت آهي. بلوچستان ۾ هميشه کان ”گڏيل“ حڪومت اينديون رهيون آهن، تنھن ڪري هر سياسي پارٽي اتي پنھنجو اثر وڌائڻ ۾ مصروف هوندي آهي. سرڪاري ڪاموري کي اتي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جي جرئت ٿي ڪانه ٿي سگھي. سي ايم بلوچستان جي پوزيشن ڏاڍي ڪمزور رهندي آهي، جنھن ڪري سرڪاري مشينري هميشه سياسي قيادتن جي موافقت موجب هلندي آهي. تنھنڪري سرڪاري ڪامورو گھڻو وقت اتي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جي پوزيشن نٿو رهي.
بلوچستان ۾ انوقت سي ايم پوسٽنگ ۽ ٽرانسفر جي لاءِ مجبور هوندو هو، ٻين سياسي قيادت جي سربراهن وٽ. ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري کان ويندي آفيس اسسٽنٽ جي ٽرانسفر وزير جي مرضي مطابق ٿيندي هئي. تنھن ڪري سرڪاري ڪامورو اتي صرف روبوٽ ٿي هلندو ته ٺيڪ، نه ته ٻئي ڏينھن پوسٽنگ جي انتظار ۾، پوءِ چاهي سال گذري وڃي.
بلوچستان ۾ ايگريڪلچر، پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ، خزانو، ڪميونڪيشن ايند ورڪس ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ تي هر ننڍي وڏي سياسي پارٽي جي ڪوشش هوندي هئي ته اهو ڊپارٽمينٽ ان جماعت جي ميمبرن کي ملي. ڇو ته هر اسيمبلي ميمبر چاهيندو آهي ته جيترو پئسو اليڪشن ۾ لڳايو آهي، اهو تمام ٿوري عرصي ۾ گورنمينٽ مان ميڙي وٺي. انھيءَ لاءِ هو ڇا ڪندو آهي ته پنھنجي ايريا جي ماڻھن جي نالي بلڊوز اورس الاٽ ڪرائيندو هيو ته هو پنھنجي تڪ جي ماڻھن جي مالي حالت بھتر بڻائڻ لاءِ ناهموار زمين کي هموار ڪري فصل پوکي هاري خوشحال ته ملڪ خوشحال واري نعري هيٺ. سرڪار بھادر کان عوام جي ڀلائي خاطر هزارين بلڊوز ڪلاڪ وٺي پوءِ انھن ڪلاڪن ۾ جيترو ڊيزل استعمال ٿيندو آهي اها ڊيزل وڪڻندا هيا، يا وري ڪنھن ٺيڪيدار سان اڳ ۾ ئي ڳالھه ٻولهه ٿيل هوندي هئي. حالانڪه بلوچستان ۾ ايگريڪلچر ايترو ناهي جيترو انھي لاءِ بجيٽ رکي ويندي هئي. جنھن وٽ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جو محڪمو هوندو آهي، اها پارٽي پاڻ کي خوشقسمت سمجھندي آهي.
پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ محڪمي وارو اڃان وڌيڪ خوشقسمت سمجھندو هيو پاڻ کي. ڇو ته جنھن ميمبر کي وڌيڪ پئسه ڪمائڻا هوندا آهن ته اهو ٺيڪيدار کان ترقياتي اسڪيم وٺندو هيو، ۽ انکان پئسه وٺي انکي اها ترقياتي اسڪيم ڏئي ڇڏيندو هيو، پوءِ اها اسڪيم ٺھي يا نه ٺھي، پر اڳتي هلي اها بارش يا ڪنھن ٻئي سبب لڙهي ويندي هئي، پر ڪاغذن ۾ ايئن پوري ڄاڻائي ويندي هئي، جيئن گذريل يارنهن سالن ۾ سنڌ جي اسڪيمن سان ٿيندو رهي ٿو. اسيمبلي جي ميمبرن جي گھڻو ڪري اسڪيم اها هوندي هئي، جنھن ۾ ڪچي رستي تي گريڊر هلائي رستي کي سنئون سڌو ڪيو ويندو هيو، جيڪو عمومن ٿوري ٽريفڪ هلڻ سان پاڻمرادو اسڪيم رپيئر جي لاءِ تيار ٿي ويندي هئي.
الحمدلله هينئر ته بلوچستان ۾ ته پڪن رستن جو ڄار وڇائجي ويو آهي، تنھن ڪري اهڙيون اسڪيمون شايد هن وقت گھٽجي ويون هونديون. اهڙي ترقياتي اسڪيم مان پي اينڊ ڊي، ورڪس ۽ خزاني جو منسٽر ۽ عملو، اسيمبلي جي ميمبر جو ايترو حصو هوندو هيو، جو ٺيڪيدار به خوشحال ٿي ويندا هيا. تنھن ڪري هر سياسي پارٽيءَ جي نظر انھن محڪمن تي هوندي هئي.
ٻه مھينا گذري ويا ته رولز آف بزنس جي ميٽنگ ڪانه سڏائي وئي، تنھنڪري باقائده ڪوئي خاص ڪم ڪونه هوندو هيو.
عطا جعفر ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پي ايند ڊي هيو تنھن اچي سيڪريٽري ايگريڪلچر کي چيو ته مونکي سيڪريٽري امپليمينٽينشن جي لاءِ جمن ڄامڙو جي ٻانھن ڏي. ڊسمبر 1993ع ۾ منھنجي پوسٽنگ ٿي وئي سيڪريٽري امپليمينٽيشن پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بلوچستان. پھرئين هفتي ۾ اي سي ايس چار پنج اسڪيمون موڪليون ته سائيٽ ڏسي ۽ رپورٽ ڪر.
هڪڙي اسڪيم هئي ڊلي ايڪشن ڊيم، جنھن جي لوڪيشن هئي ڪڇي ضلعو ۽ ٻي هئي مستونگ ضلعي ۾.
مون پھريون ڪڇي ضلعي واري اسڪيم لاءِ پروگرام رکيو ۽ پروگرام مطابق ڍاڍر اچي پھتس. مون کان اڳ ۾ انجنيئر ۽ انجو ٻيو عملو به پھتل هيو. لھي چانھه وغيره پيتي، مون چيو ته هلو ته اسڪيم ڏسي اچون. همراهه بھانا بڻائڻ شروع ڪري ڏنا ته سائين رستو ڏکيو ۽ هموار ناهي، ڪافي پري آهي، جيڪڏهن هينئر هلنداسين ته ٿي سگھي ٿو ته اتي پھچڻ کان اڳ سج رستي ۾ لھي ويندو، سياري جي رات آهي، ڪو ٻيو ٽائيم رکو، جو رات اچي سبي يا ڍاڍر ۾ رهجي ۽ صبح جو سوير هلون. مون چيو ته خير پوءِ جيڪڏهن ايئن آهي ته اڄ رات اتي ٿا گذاريون، صبح جو هلنداسين. انجنيئر صاحب جي ڪوشش هجي ته مان ڪيئن به ڪري اڄ واپس وڃان. بھرحال رات گذاريم، صبح جو انجنيئر صاحب جي منشا خلاف اسڪيم ڏسڻ نڪتاسين. ڪنور ڀگت وارو قافلو ساڻ ڪري نڪتاسين. هل هلان نه پنڌ کٽي نه انجنيئر جي جان ڇٽي! نيٺ چار پنج ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هڪڙي پاسي مڙيا، جتان برساتي نالو گذريو پي. نقشو ساڻ ڪري وڃي نالي تي پھتاسين ته اتي ته ڪاريءَ وارا ڪک هيا. انجنيئر ۽ ايس ڊي او هڪٻئي تي ڳالھه اڇلي ته ڪھڙي جاءِ تي اسڪيم آهي. ٿوري دير کان پوءِ چيائون ته سائين هتان جا رستا ڪچا ۽ ڦٽل آهن، تنھن ڪري رستو ڀلجي ويا آهيون. آهي هن برساتي نالي تي، پر ٿورو اڳتي آهي. مون چيو ته هلو اتي وري اڌ منو ڪلاڪ گاڏي هلي، وري برساتي نالي ڏانھن وياسين ته اتي به ڪجھه ڪون. وري انجنيئر صاحب هڻي ايس ڊي او تي ۽ ايس ڊي او هڻي سرويئر تي، پر ان وقت سرويئر اتي هجي ڪون.
اصل ۾ اسڪيم ته هئي صرف ڪاغذن ۾، جيئن سنڌ ۾ ڪيتريون شاخون ۽ واهه پڪا ٿي ويا آهن ڪاغذن ۾، اهڙيءَ طريقي سان اڄ کان پنجويھه سال اڳ بلوچستان ۾ به ايئن اسڪيمون پايه تڪميل ٿي وينديون هيون. آخرڪار انجنيئر صاحب اچي پريشان ٿيو ته سائين سرويئر صاحب جي گھر ۾ ناچاقائي هئي، تنھن ڪري هو ڪوئيٽا ويو آهي، سائيٽ تي اهو هوندو آهي، مھرباني ڪري ٻي ڪا تاريخ رکو ته جيئن سرويئر اچي. مان سائين هر طرح توهان جي خدمت ڪندس. توهانجو ٻچو آهيان وغيره وغيره. مون چيو ته پھرئين ڳالھه ته تون انجنيئر آهين، ڪروڙ کان وڏي اسڪيم آهي ۽ تو سائيٽ ڏٺي ناهي ۽ نه وري تنھجي ايس ڊي او باقي صرف سرويئر ڏٺي آهي، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ مون چيو ته مان ته اها سڀ حقيقت رڪارڊ ڪري نوٽ مٿي موڪليندس. چوڻ لڳو ته سائين منھنجا ننڍا ننڍا ٻچا آهن، بس ڪجھه رحم ڪريو، بس توهان مھرباني ڪري ٻن هفتن کان پوءِ اچو. دل ۾ مون سوچيو ته چلو ٺيڪ آهي، جيڪڏهن ٻن هفتن ۾ ڪم ڪرائي ٿو ته گھٽ ۾ گھٽ اسڪيم ته ٺھندي ۽ ايريا جي آبادگارن کي فائدوپوندو. ٻيو ته مونکي به خبر هئي توڙي مان رپورٽ ڪيان به تڏهن جيڪي بلوچستان ۾ حالتون آهن، هن کي ٿيندو ڪجھه به ڪونه، سواءِ انھي جي جو ڪو عوامي نمائندو هن کان پئسه وٺي ڇڏيندو، ۽ ڳالھه آئي وئي. مون انجنيئر صاحب کي چيو ته ٺيڪ آهي مان توکي ٽي هفتا ٿو ڏيان، انکان پوءِ مان ايندس. انجنيئر صاحب جي پيٽ ۾ ساهه پيو ۽ مان واپس ڪوئيٽه پھچي ويم. ٻئي ڏينھن مون اي سي ايس کي پوري ڳالھه ٻڌائي. عطا صاحب مرڪيو ۽ چيائين ته ڄامڙو صاحب اڃان تون نئون آهين. ايترو چئي وري موضوع ڪنھن ٻي ڳالھه ڏانھن ٿي ويو.
ٽن هفتن کان پوءِ مون وري تياري ڪئي ته وڃان ۽ اسڪيم ڏسي اچان. اي سي ايس جوانٽرڪام تي فون آيو ته هاڻي انھيءَ اسڪيم کي ڏسڻ لاءِ نه وڃ.
انھيءَ کان پوءِ اهو چيو ويوته ڪنھن به اسڪيم کي وڃي ڏسڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، پاڻھي ڊپارٽمينٽ رپورٽ موڪليندو، الا الاخير صليٰ! پوءِ ڊپارٽمينٽ جيڪا به رپورٽ موڪلي سيڪشن جو چيف انھيءَ موڪليل رپورٽ کي بجيٽ بڪ ۽ رپورٽ ڪيل پروگريس تي نوٽ ٺاهي موڪليندو هيو ته سائين اسڪيم جو ڪاٿو هيترو، ٺيڪو هيتري ۾ ويو، هيترا پئسه رليز ٿيا ۽ هيترا خرچ ٿيا. فزيڪل پروگريس هيتري ۽ فنانشل پروگريس هيتري. اها رپورٽ هيٺان ايندي هئي ۽ اسين اکيون بند ڪري مٿي موڪلي ڏيندا هياسين، جيڪا سراسر زيادتي هئي، پر ڪري ڪجھه ڪونه پيو سگھجي، جو وزيراعليٰ منسٽرن وٽ مجبور هوندو هيو ۽ اسين سي ايم وٽ. سو اسان جي پوزيشن هئي غلامن جي غلامن جا غلام.
بلڪل اهڙيون حالتون جھڙيون اڄ ڪلھه سنڌ ۾ آهن، صرف فرق اهو آهي ته پنجويھه سال اڳ بلوچستان ۾ ننڍن ننڍن صوبائي جماعتن جي گڏيل حڪومت هئي، ۽ سنڌ ۾ هڪ جماعت جي حڪومت آهي.
ڪالھه مونکي ڏاڍي شرمندگي ٿي، جڏهن ٻيا به دوست هيا، هڪ سينيئر سپريم ڪورٽ جي وڪيل زيد اي خالد چيو ته سنڌي ڪرپٽ آهن، جو پئسي کان بغير ڪم نٿا ڪن، جنھن تي مون چيو ته اهو غلط آهي. وڪيل صاحب چيو ته جمن تون ڇا ٿو ڳالھائين؟ مان سينيئر وڪيل آهيان، مان ثبوت کان بغير ڪونه ٿو چوان. چيائين ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي روبرو پيٽيشن هئي، سپريم ڪورٽ ۾ مان ان ۾ وڪيل هيس. وڌيڪ چيائين منھنجي آفيس ۾ ستر اسي ڪميشن پاس سنڌي ڇوڪرا آيا، جن ڪلمو پڙهي ڳالھه ڪئي ته سائين اسان ته تباهه ٿي وينداسين، اسي پنجاسي لک روپيه نوڪرين لاءِ ڏنا آهن جيڪي اسان قرض کڻي ڏنا آهن.
مون ڪوشش ڪئي ته بلوچستان مان ٻاهر نڪرجي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ دوستن کي چيو ته جواب مليو ته سرڪار جي پاليسي آهي ته ٽن سالن کان اڳ ٽرانسفر ڪونه ٿيندي. پراڻي پگھار تي ڪم ڪرڻو پئجي ويو. 1994ع جي آخر ۾ منھنجي ٽرانسفر ٿي ڊائريڪٽر جنرل انوائرنمينٽ بلوچستان. مون سوچيو ته ٿي سگھي ٿو ته هتي ڪجھه ڪم ڪجي، پر اتي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪا بجيٽ ڪانه، صرف اسٽاف جون پگھارون ۽ بلڊنگ جو ڪرايو. جيڪا بجيٽ مختص ڪيل هئي، اها ڊپارٽمينٽ سڄي وزير جي حوالي ڪري ڇڏي. 1995ع جي شروع ۾ انوائرنمينٽ تي ٽن ڏينھن لاءِ ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، پشاور ۾ انوائرنمينٽل ڊپارٽمينٽ وارن طرفان. مسٽر فريد الله ڊي جي هيو انوائرنميٽ جو. مان به ان ڪانفرنس ۾ ويس. جڏهن مان پشاور ويم ته دل چيو ته هتان ڪوهاٽ به وڃجي. ڇوته ڪوهاٽ ۾ مان 1971ع سگنل ڪور ۾ سپاهي ڀرتي ٿي آيو هيس ۽ ٽرينگ به ڪوهاٽ ۾ ٿي هئي. جڏهن مون اتا پڇا ڪئي ته ڪوهاٽ جو جي او سي ڪير آهي ته خبر پئي فاروق صاحب اتي ميجرجنرل آهي. ميجر جنرل فاروق صاحب سان منھنجي واقفيت 1980ع کان وٺي هئي، جنھن وقت فاروق صاحب 31 پنجاب ريجمينٽ ۾ ميجر هيو ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل سليم حيدر هيو، جيڪو بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل ڪور ڪمانڊر ڏهه ڪور چڪلالا هيو. منھنجي ٽن مھينن لاءِ سول سروس اڪيڊمي کان پوءِ آرمي اٽيچمينٽ انھيءَ يونٽ سان هئي. ٻيھر فاروق صاحب ۽ مان گڏ رهياسين. جڏهن هي برگيڊيئر لاڙڪاڻو ٿي آيو ۽ مان ڊي سي لاڙڪاڻو هيس.
مون ميجرجنرل فاروق صاحب کي فون ڪيو ته مان پشاور آيل آهيان، ۽ ٻه ڏينھن هتي هوندس. مونکي چيائين ته گاڏي آهي تو وٽ؟ مون چيو آهي ڪانه پر ٿي ويندي. چيائين مان سڀاڻي پنھنجي گاڏي موڪليندم ۽ توکي کڻي ايندي، ڪنھن کي چوڻ جي ڪا ضرورت ناهي. مون چيو ته ٺيڪ. مون ڊي جي فريدالله کي ٻڌايو ته سڀاڻي منھنجو هيءُ پروگرام هوندو، چيائين ته ٺيڪ، باقي گاڏي جو ڪوئي مسئلو ناهي، چيائين ته منھنجي گاڏي ڪاهي وڃ، مون چيو بس هاڻي گاڏي اچي ٿي. مان رات جو پنھنجي قائد اعظم يونيورسٽي واري محبوبه جي گھر رهيل هيس، جيڪا انوقت پشاور ميونسپالٽي جي ايڊمنسٽريٽر هئي. الله جنت الفردوس عطا ڪريس. صبح جو ڏهين وڳي جنرل صاحب جي گاڏي آئي، مان ڪوهاٽ ڏانھن روانو ٿيس. رستي ۾ ڪوهاٽ جو سگنل ٽريننگ سينٽر ۽ رڪارڊ ونگ جو سڄو نظارو اکين جي آڏو پئي ڦريو، آخرڪار دره آدم خيل کان گذرڻ ٿيو جتي دنيا جو هر هٿيار ٺھندو آهي. دل جي ڌڙڪن تيز ٿيندي پئي وئي آخرڪار سگنل سينٽر جي ٽريننگ ايريا نظر آئي. جيڪي انوقت ننڍڙا ننڍڙا وڻ هيا، اهي سڀ جواني ماڻي موٽ واري منزل ڏانھن گامزن هيا.

ڪوھاٽ ۾ ڪچهريون

تقريباً يارهين وڳي جي قريب وڃي ڪوهاٽ جي قلعي جي دروازي تي گاڏي اچي پھتي، دروازو کليو ۽ گاڏي وڃي اندر بيٺي. مان گاڏي مان لھي ٻاهر آيس، جنرل صاحب جو آرڊرلي اڳئي مونکي وٺي وڃڻ لاءِ آتو ويٺو هيو، سو مون کي اسڪارٽ ڪري مٿين منزل تي وٺي ويو، جتي جنرل صاحب اس سيڪڻ خاطر ٻاهر تڙڪي تي ويٺو هيو. وڏي سڪ ۽ اڪير سان مليو. خوش خرابت ٿيڻ کانپوءِ ڪافي ۽ ڪڪڙ جا پيس روسٽ ٿيل هيا، اهي اچي بٽ مين اسانجي اڳيان رکيا. ڪافي کي چسڪي ڏيڻ شروع ڪئي. جنرل صاحب چيو جمن توکي خبر آهي پاڻ واري پلٽن به اڄ ڪلهه ڪوهاٽ ۾ آهي. 31 پنجاب ريجمينٽ جي سي او کي فون ڪري چيائين ته جلدي اچ ۽ پنھنجي پلٽن جو سولين آفيسر آيو آهي ۽ مون وٽ ويٺو آهي.
پندرهن ويھه منٽن کانپوءِ ليفٽيننٽ ڪرنل اچي حاضر ٿيو. ٽين ڪرسي گھرائي ڪرنل صاحب کي ويھاريو ۽ تعارف ڪرايائين ته هي سول آفيسر آهي ۽ هن جي 1980ع آرمي اٽيچمينٽ ٽن مھينن لاءِ پنھنجي پلٽن سان ٿي هئي، انوقت مان ميجر هيم. ڪرنل صاحب جي اچڻ کان اڳ مون ميجرجنرل فاروق صاحب کي چيو ته يار جيڪڏهن ٿي سگھي ته مان اڄ سگنل ٽريننگ سينٽر گھمندو وڃان. مان هن سينٽر ۾ 25 فيبروري 1971 کان 4 آگسٽ 1972 تائين سپاهي ٿي رهيو آهيان. جنرل صاحب چيوته ڪوئي مسئلو ناهي. سگنل ٽريننگ سينٽر جي ڪمانڊنٽ برگيڊيئر کي فون ڪري چيو ته منھنجو اسپيشل مھمان تنھنجو سينٽر گھمڻ ايندو. برگيڊيئر صاحب چيو ته سائين اسانجي اکين تي توهانجو مھمان، ۽ اسان توهانجي مھمان جو آڌرڀاءُ ڪنداسين.
جنرل صاحب ڪرنل کي چيو ته جمن کي تون پنھنجي پلٽن ۾ به وٺي وڃ، ۽ پھريان سگنل ٽريننگ سينٽر ۾ ڪمانڊنٽ سان ملاءِ، پوءِ پلٽن ڏانھن. جنرل صاحب چيو ته تون وڃ، موٽي اچي منجھند جي ماني کائي پوءِ تون پشاور وڃ. ڪرنل صاحب ۽ مان قلعي کان هيٺ لٿاسين. ڪرنل صاحب جي گاڏي ۾ سوار ٿيس ۽ ڪرنل صاحب پاڻ گاڏي هلائي. پنج ست منٽن ۾ وڃي ايس ٽي سي جي مين گيٽ تي اچي پھتاسين. برگيڊيئر صاحب اڳئي گيٽ تي ماڻھو بيھاري ڇڏيا هيا. اسين جيئن ڪمانڊنٽ جي آفيس ڏانھن وڌياسين ته برگيڊيئر صاحب پنھنجي آفيس کان نڪري ساڻ هڪ فل ڪرنل به هيس، اڳتي وڌي منھنجو استقبال ڪيو. مون دل ۾ الله سائين جي بيشمار احسانن جي لاءِ شڪر ادا ڪرڻ لڳس. برگيڊيئر صاحب مونکي آفيس ۾ سائيڊ تي صوفه سيٽ تي ويھڻ لاءِ چيو، مان اتي ويٺس ۽ گڏ پاڻ برگيڊيئر صاحب ۽ سنگل صوفه تي ڪرنل صاحب ويٺو. تعارف وغيره ٿيو.
1995ع جنوري ۾ سردي جي موسم هئي، برگيڊيئر صاحب ڪافي ۽ پڪوڙا ان سان گڏ چڪن جا پيس تيار ڪرايا هيا، اهي اچي بٽ مين اڳيان رکيا.
جڏهن ڪرنل صاحب ڪافيءَ جو ڪپ منھنجي اڳيان ڪري رکڻ لاءِ بٽ مين کي چيو ته منهنجا جذبات منھنجي قابو کان ٻاهر نڪتا پئي ويا. ڪافي جڏهن مون پنھنجي هٿ ۾ کئني ته مون برگيڊيئر صاحب کي چيو ته سائين اڄ کان ٽيويھه سال اڳ جڏهن مان هن آفيس جي اڳيان گذرندو هيم ته اسين ايئن گذرندا هياسين، ڄڻ ته اسين پيرن تي هلون ڪون پيا ۽ پير جھڙوڪ پنھنجي مٿي تي رکي ويندا هياسين ته ڪٿان کڙڪو نه ٿئي. اڄ منھنجي مالڪ جا ڪيترا ڪرم آهن، جو مان توهان سان گڏ ويھي ڪافي ٿو پيان. في الحال ته برگيڊيئر خاموش ٿي ويو ۽ وڌيڪ مون ٻڌايو ته توهانجي آفيس جي اولھه پاسي واري پھرين بئرڪ ۾ مان سپاهيءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو هيس. بھرحال دلين جو مالڪ ته الله آهي، ڇا برگيڊيئر جي دل تي گذري هوندي! باقي ظاهري طور خوشي جو اظھار ڪيائين. ڪرنل صاحب جي چھري تي خوشي جو تاثر نظر ڪونه آيو. بھرحال برگيڊيئر صاحب ڪرنل صاحب کي چيو ته اسان جي پراڻي سپاهي کي سينٽر جو دورو ڪرايو. اسانجي سگنل ڪور جو اعزاز آهي جو اسانجو سپاهي سي ايس ايس ڪري سول جي وڏي عھدي تي پھتو آهي. برگيڊيئر صاحب کان موڪلائي سڀ کان پھريان مان ايس ٽي سي جي رڪارڊ ونگ ڏانھن ويس، ڇو ته مون ڏيڍ سال اتي گذاريو هيو تنھن ڪري مونکي انھي ايريا کي ڏسڻ جو تمام گھڻو انس هيو. رڪارڊ ونگ گھمي پوءِ مان انھي بئرڪ ڏانھن ويس، جتي مان رهندو هيس. جنھن وقت مان رهڻ واري بئرڪ ڏانھن ويس پئي ته مونکي 16 ڊسمبر 1971ع جي شام وارو منظر اکين اڳيان تري آيو. جنھن وقت مرحومه نورجھان قلندر جي ڌمال ڳائي رهي هئي ۽ جنھن وقت ٻول چيائين پئي ته ڪٽ جاون زنجيرا. انھيءَ ڌمال جي رڪارڊ کي اتي روڪي اعلان ٿيو ته اڄ هندستان اولھه پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو آهي. رات جو جنرل يحيٰ جي تقرير ريڊيو تان نشر ٿي ته اسين جهر جھنگ، کيتن ۾، پھاڙن تي، ميداني علائقي ۾ ان حملي جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين ۽ دشمن کي مات ڏينداسين. ان کان پوءِ نورجھان جا گانا شروع: او ميري ڍول سپاهيا، اي پتر نھين هٽدي، يي غازي، جنگ ڇيڙ نھين هوندي زنانيه دي وغيره.
بھرحال ڪرنل پنجاب ريجمينٽ جي آواز ڏنو ته سائين پلٽن پنھنجي انتظار ۾ آهي، هلون. بس سائين ڪرنل صاحب جي آواز منھنجا نشا ئي ٽوڙي ڇڏيا ماضي بعيد مان اچي حال ۾ پھتاسين.
بھرحال سگنل ٽريننگ سينٽر جون يادون تازيون ڪري نڪتاسين. پنج ست منٽن کانپوءِ پنھنجي پنجاب واري پلٽن وٽ پھتاسين، پوري يونٽ جا آفيسر لائين ۾ بيٺا هيا ۽ وڏو آڌر ڀاءُ ڪيائون. ڪامن روم ۾ سڀني آفيسرن سان ويٺاسين، ڪجھه پراڻيون ڳالھيون ورجايوسين. سي او مونکي چيو ته سائين توهانکي خوشي ٿيندي ته منھنجي هن پلٽن ۾ تقريباً اٺ سو جوانن مان اڌ کان گھڻا سنڌي آهن. ڪم ڪار جا سٺا ڪا شڪايت ناهي، بس صرف هڪڙي شڪايت آهي، جيڪڏهن تون هدايت ڪرين ته سٺو ٿيندو، ٿي سگھي ٿو ته توهانجي ڳالھه کي مڃين. وڌيڪ چيائين ته هن وقت صوبيدار ميجر به سنڌي آهي ۽ اڌ کان وڌيڪ جي سي اوز (Junior Commissioned Officer) به سنڌي آهن. چيائين ته صرف شڪايت اها آهي ته او ايس ايل (Over Stay Leave) معنيٰ موڪل وٺندا ڏهه يا پندرنهن ڏينھن ته وڌيڪ چار پنج ڏينھن ليٽ ايندا. بس رڳو اها هدايت ڪيو نه ته گسائڻ واري حرڪت کان باز اچن. خير ست اٺ سنڌي صوبيدار ۽ نائب صوبيدار مليا. بي ايڇ ايم (Battalion Havildar Major) به سنڌي هيو.
آرمي يونٽ ۾ آفيسر کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ اهم پوسٽ صوبيدار ميجر، بٽالين حولدار ميجر، بٽالين ڪوارٽر ماسٽر، ڪمپني حولدار ميجر.
انوقت اهي مٿيون سڀ پوسٽون سنڌي جوانن وٽ هيون. هينئر جي خبر ناهي ته ڇا پوزيشن آهي. بھرحال ڏاڍي خوشي ٿي ته هاڻي سنڌي آرمڊ فورسز ۾ اٽي ۾ لوڻ کان وڌيڪ آهن.
بھرحال 31 پنجاب ريجمينٽ جي سڀني آفيسرن کان موڪلائي واپس قلعي ڏانھن راهي ٿياسين، جتي جنرل صاحب لنچ جي لاءِ انتظار ۾ ويٺو هيو. اسان ٽنھي گڏجي ڀرپور لنچ ڪئي، انھيءَ کانپوءِ شام جو پشاور ڏانھن رستو ورتو. تقريباً سج لھڻ کان ٿورو اڳ وڃي قائد اعظم يونيورسٽي واري محبوبه جي گھر پھتس، جيڪو پشاور ائئرپورٽ جي ڀرسان هيو. رات جي ماني کائي آرامي ٿياسين، صبح جو ڪوئيٽا لاءِ فلائيٽ وايا لاهور روانو ٿيس. جڏهن ڪوئيٽا آيس ته خبر پئي ته وفاقي وزير انوائرنميٽ جو دورو آهي، ۽ ميٽنگ زيارت ۾ رکي وئي آهي. انوقت وفاقي وزير انوائرنمينٽ مسٽر آصف علي زرداري هيو. 1995ع فيبروري جي پھرين هفتي ۾ زرداري صاحب زيارت آيو ۽ ميٽنگ ٿي جنھن ۾ گورنر، وزير اعليٰ، وزيرن، چيف سيڪريٽري سڀ هيا. رمضان جو مھينو هيو، مونکي پڻ روزو هيو، تنھنڪري مان ٿورو پرڀرو ٿي بيٺو هيس. اتان وري قافلو ڪوئيٽا ڏانھن روانو ٿيو ذوالفقار مگسي صاحب وزيراعليٰ هيو، زرداري صاحب اسلام آباد روانو ٿيو. شام جوآرڊر مليو ته منھنجي پوسٽنگ پوليٽيڪل سيڪريٽري وزير اعليٰ بلوچستان ٿي. خير اتي نڪو ڪم نه ڪار، گاڏي ۽ آفيس الا الا خير صليٰ.
هفتي کانپوءِ عبدالعزيز لوڻي صاحب بي ڊي اي (Balochistan Development Authority) جو چيئرمين هيو، تنھن وڃي چيف سيڪريٽري سڪندر علي جمالي مير تاج محمد جمالي جو وڏو ڀاءُ هيو، ان کي چئي پاڻ وٽ ڊائريڪٽر فنانس پوسٽ ڪرايو 1970ع جولائي ۾ جڏهن بلوچستان کي صوبائي حيثيت ملي ته اڳ ۾ ڪوئي ڊپارٽمينٽ ڪونه هيو تنھنڪري سڀ کان پھريون بلوچستان ڊولپمينٽ اٿارٽي ٺاهي سڀ ترقياتي ڪم بي ڊي اي جي پليٽفارم تان ڪرائڻ شروع ٿيا. پوءِ آهستي آهستي ڊپارٽمينٽ وجود ۾ ايندا ويا. تيئن بي ڊي اي جو رول ختم ٿيندو ويو، پر جيئن ته آفيس ۽ بجيٽ هئي تنھن ڪري اڃان زندهه رکندا پئي آيا، باقي نئون ڪم ڪوئي ڪونه هيس صرف رهيل ڪمن کي پئي اڪلاين.
مارچ 1995ع ۾ مسٽر صادق عمراڻي پريزيڊنٽ پ پ بلوچستان ۽ صوبائي وزير مون وٽ آيا، ٻه آرڊر بي بي شھيد کان ڪرائي وٺي آيو.
هڪ مير حسن رند جنرل مينيجر اين ايڇ اي بلوچستان.
ٻيو محمد جمن ڄامڙو ميمبر فنانس اين ايڇ اي اسلام آباد.
مون ٻانھون ٻڌي عرض ڪيو ته سائين توهانجي مھرباني جو توهان منھنجي لاءِ ايتري تڪليف ڪئي، پر مونکان اڳ ۾ پڇو ته ها. مون چيو ته مان ميمبر فنانس اين ايڇ اي ڪونه ويندس ڇو ته اها پوسٽ ايڪويھين گريڊ ۾ آهي ۽ مان اڃان اوڻويھين گريڊ ۾ آهيان. هڪ اسٽيپ ته مٿي وڃڻ لاءِ تيار آهيان، باقي هڪدم ٻه اسٽيپ مان ڪونه ويندس. چيائين ته تون بيوقوف آهين، ماڻھو ان پوسٽ لاءِ شيرون پائن ۽ تون ٿو وري نخرا ڪرين. مون چيو ته ڇا به ٿي پوي مان ڪونه اها پوسٽ وٺندس. مير حسن رند صاحب جي ايم اين ايڇ اي بلوچستان جي پوسٽ ورتي ۽ رند صاحب جو حق به هيو، ڇو ته ڪافي سينيئر ماڻھو هيو، اين ايڇ اي ۾ پر کيس پوسٽ ڪونه پئي ڪين. مون اين ايڇ اي ڪونه ويس. ڪجھه ڏينھن عمراڻي صاحب ناراض ٿيو پوءِ وري ٺيڪ ٿي ويو، جيڪو اڄ تائين اسان جو پاڻ ۾ سٺو رشتو قائم آهي.
1995ع جولاءِ يا آگسٽ ۾ مظھرالحق صديقي صاحب سيڪريٽري اسٽبلشمنيٽ هيا، ڪوئيٽا اچڻ ٿيو هين ۽ منھنجي ملاقات ٿي، ۽ مون عرض ڪيو ته سائين مونکي هتي ٽي سال ٿي ويا آهن، مھرباني ڪري ڪٿي به ٻاهر موڪليو. انھن ڏينھن ۾ ڊائريڪٽر حج مدينه جي پوسٽ سرڪيوليٽ ٿي، مون به اپلاءِ ڪيو، انٽرويو لاءِ اسلام آباد گھراين انٽرويو ٿيو جنھن ۾ مظھرالحق صديقي، نجم الدين شيخ سيڪريٽري خارجه، سيڪريٽري حج ۽ هڪ ڪو ٻيو هيو. ڪاميٽي نالا مٿي موڪليا، خورشيد شاهه مذهبي مامرن جو وزير هيو. منسٽر صاحب کي نالو فائينل ڪرڻو هيو. مسٽر آفتاب شعبان ميراڻي فصيع الدين شڪارپور جي سفارش ڪئي، جنھن ڪري فصيع الدين ڊائريڪٽر حج مدينه مقرر ٿيو.
سائين مظھرالحق صديقي منھنجو نالو اسپيشل اسسٽنٽ ٽو چيئرمين پي آءِ اي لاءِ موڪليو، ڇو ته اتي جيڪو آفيسر هيو انھي جو ٽينوئر ختم ٿي ويو هيو.
صدر فاروق لغاري جو عزيز ڪوئي لغاري چيئرمين پي آءِ اي هيو، مونکي انٽرويو جي لاءِ ڪراچي گھرايائون. پيغام مليو ته رات اٺين وڳي گھر تي اچ. گھر جي ڏنل ائڊريس تي مان وڃي اتي پھتم. مونکي ڊرائنگ روم ۾ ويهارين، ٿوري ديرکان پوءِ مونکي سڏ ٿيو، مان ويس هڪ آفيس ٽائيپ ڪمرو هيو. جڏهن مان اتي ويس ته منھنجي ذهن ۾ هيو ته چيئرمين صاحب پاڻ هوندو. پر اتي اڌڙوٽ عمر واري خاتون ويٺي هئي. محترمه چيو اڳ ڪٿي ڪٿي رهيو آهين؟ مون سڀ ٻڌايو جيڪي ياد هيو، پر هڪ اڌ پوسٽنگ تنھن وقت ياد ڪانه آئي، پوءِ پاڻ پڇيائين ته ڇا تون هن پوسٽ تي رهيو آهين؟ مون چيو ته ها، منھنجي بايو ڊيٽا اڳئي اسٽيبلشمينٽ اوڏانھن ڏياري موڪلي هئي. چيائين ته ڄامڙو صاحب توکي خبر آهي ته چيئرمين صاحب پي آءِ اي جي آفيس ويندو ناهي، ۽ اتي اهو توکي سنڀالڻو هوندو ۽ رات جو تقريباً ڏھين وڳي سڀ فائيل هتي گھر تي کڻي ايندين ۽ چيئرمين جي منظوري وٺي پوءِ واپس ويندين. مون عرض ڪيو ته ميڊم رات جو ڏهين کان پوءِ هتي اچڻ منھنجي لاءِ مشڪل آهي، پوءِ توهان ڪنھن ٻئي جي لاءِ گھر ڪيو. مون واپس وڃي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ سائين مظھرالحق صديقي صاحب سان ملاقات ڪئي ۽ عرض ڪيو ته سائين مونکي هاڻي ڪٿي به پوسٽ ڪيو. ٻئي ڏينھن تي مونکي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو.

مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت

جنوري 1996ع جي پھرين هفتي اچي سنڌ سرڪار وٽ رپورٽ ڪيو. سائين مرحوم عبدالله شاهه وزيراعليٰ سنڌ هيو. تقريباً ٻن هفتن جي اندر منھنجي پوسٽنگ ايڊيشنل سيڪريٽري هوم ٿي.
هوم ڊپارٽمينٽ ۾ انوقت ٻه ايڊيشنل سيڪريٽري هيا.
هڪ ايڊيشنل سيڪريٽري ايڊمنسٽريشن اينڊ پوليس
ٻيو جيل ۽ اينٽي ٽيررسٽ ڪورٽس.
ايڊمنسٽريشن ۽ پوليس جو ايڊيشنل سيڪريٽري مسٽر امتياز قاضي هيو.
سيڪريٽري هوم مسٽر نويد احسن. مسٽر نويد احسن هڪ وڏو ايماندار، قابل، محنتي، انسان دوست ۽همدرد انسان هيو. 2005ع ۾ مان جڏهن جوائنٽ سيڪريٽري ۽ فنانشل ائڊوائيزر فار ايجوڪيشن، ايگريڪلچر، ليبر اينڊ اوورسيز، يوٿ اينڊ ٽوئرزم منسٽريز هيم ته انوقت مسٽر نويد احسن منھنجو وفاقي سيڪريٽري خزانه هيو.
2009ع ۾ جڏهن مان ايڊيشنل سيڪريٽري ايجوڪيشن هيم ته انوقت مسٽر امتياز قاضي منھنجو سيڪريٽري ايجوڪيشن هيو. قاضي صاحب هڪ باصلاحيت، نھايت ديانتدار، اصول پسند، گھٽ ڳالھائڻ ۽ محتاط آفيسرن مان هڪ آفيسر آهن.
1996ع سنڌ جي شھري علائقن ۾ ڪافي افراتفري وارو ماحول هيو. پوليس ۽ رينجرس ڏينھن رات انھيءَ ۾ رڌل هئي ته جيئن عام شھري لاءِ حالتن کي سازگار بڻائي سگھجن. خاص ڪري ڪراچي جي خراب حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت رينجرس جي معرفت ڪافي ڪاميابي حاصل ڪئي. ڪافي محنت ۽ جدوجھد سان سنڌ جي گادي واري شھر ۾ ڪنھن حد تائين امن و امان جي صورتحال بھتر ٿي.
ڪراچيءَ جي امن کي بحال ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت جو وڏو ڪردار هيو ۽ تقريباً هر مھيني هاءِ پاور ميٽنگ ٿيندي هئي، جنھن ۾ هڪ ٻه دفعا صدر پاڪستان فاروق لغاري صاحب به پاڻ ميٽنگ پريزائيڊ ڪئي، نه ته هميشه وزير اعظم پاڪستان محترمه بي بي شھيد ۽ مرحوم جنرل نصيرالله بابر وفاقي وزير داخله پاڻ ميٽنگ پريزائيڊ ڪندا هئا.
1996ع ۾ ننڍا وڏا واقعا تمام گھڻا ٿيا، پر مان صرف ٻن جو ذڪر ڪندس.
هڪ سائين عبدالله شاهه جي ڀاءُ جي شھادت گھڻو ڪري احسان الله شاهه نالو هيس.
ٻيو محترمه بي بي شھيد جو ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جي شھادت.
سائين عبدالله شاهه جي ڀاءُ جي شرپسند عناصرن جي هٿان شھادت ڪراچيءَ ۾ دهشگردن جي خلاف آپريشن تيز ڪري ڇڏيو.
مير مرتضيٰ ڀٽو جي شھادت پ پ حڪومت کي حڪومت جي ايوانن کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
سيپٽمبر جي تقريباً آخري هفتي جي شروعات ۾ سج لٿي مهل اونداهيءَ جي وقت ڪلفٽن ۾ ستر ڪلفٽن جي گھر جي دروازي کان تقريباً ستر قدم پري مير مرتضيٰ ڀٽو کي بيدرديءَ سان پوليس جي دهشتگردن هٿان شھيد ڪيو ويو، جيڪو خاص ڪري سنڌ جي عوام لاءِ نھايت تڪليف ده، وڏو سانحو ۽ ڏکوئيندڙ واقعو هيو.
جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو کي شھيد ڪيو ويو، ان وقت مسٽر منظور حسين ڀٽو هوم سيڪريٽري هيو، ڊاڪٽر شعيب سڊل ڊي آءِ جي ڪراچي ۽ آپريشن جو انچارج، ڪراچي سائوٿ جو ايس پي مسٽر واجد دراني هيو. مسٽر واجد دراني ذات جو اصل کوکر لاهور جو هيو، پر واجد جا وڏا ڳڙهي ياسين جي دراني خاندان وٽ ڪم ڪار سنڀاليندا هيا، تنھن ڪري دراني فيملي جو هٿ واجد کوکر جي مٿان هيو، تنھن ڪري سنڌ جي ڊوميسائل تي سي ايس ڪري پوليس سروس آف پاڪستان ۾ آيو ۽ پاڻ سان دراني ذات سڏائيندو رهيو.
رات جو تقريباً اٺين وڳي چيف سيڪريٽري پنجاب جو فون منھنجي گھر واري فون تي آيو ۽ چيائين ته هوم سيڪريٽري سنڌ سان منھنجو رابطو ڪونه ٿو ٿئي، تنھن ڪري توکي فون ڪيو آهي. وڌيڪ چيائين ته مونکي خبر پئي آهي ته مير مرتضي ڀٽو کي قتل ڪيو ويو آهي. مون چيو ته سائين اڃان تائين ته اهڙي افسوس ناڪ خبر مون تائين ناهي پھتي، پر مان وري خبر وٺي توهان کي ٻڌايان ٿو. منظور ڀٽو صاحب انوقت ڪنھن شاديءَ جي سلسلي ۾ تاج محل هوٽل تي ويل هيا. مون هڪدم ڀٽو صاحب سان رابطو ڪيو ۽ ڀٽو صاحب کي ٻڌايو ته چيف سيڪريٽري پنجاب جو فون آيو هيو ۽ هي ڳالھه ڪئي اٿئين. ڀٽو صاحب في الحال ته خاموش ٿي ويو ۽ چيائين ته مونکي به اهڙي قسم جي ڪابه خبر ناهي ملي. مون وري هوم ڊپارٽمينٽ جي ڊيوٽي آپريٽر کان پڇيو، تنھن به چيو ته اهڙي ڪابه رپورٽ پوليس جي طرفان ڪانه ملي آهي. مون وري منظور ڀٽو هوم سيڪريٽري سان رابطو ڪيو پر تيستائين اهو مسئلو اسان کان لڪل رهيو. ڀٽو صاحب چيو ته يار مونکي اڃان تائين ڪوبه اهڙي قسم جو ڪنفرم اطلاع ڪونه مليو آهي. باقي اڙي ٿڙي خبر آهي جنھن لاءِ حتمي نٿو چئي سگھجي. چيائين چڱو آفيس اچو ۽ مان به اچان ٿو، پوءِ وڌيڪ خبر پئي ته اصل حقيقت ڇا آهي. ٿوري دير کان پوءِ عام خبر هلي ته مير مرتضي ڀٽو شھيد ٿي ويو.
مونکي اڄ تائين اها خبر پئجي نه سگھي آهي ته صوبي جي چيف سيڪريٽري ۽ هوم سيڪريٽري کان اڳ پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي ڪيئن خبر پئي؟ انھيءَ کان وڌيڪ اها اچرج جھڙي ڳالھه هئي ته افسوسناڪ واقعو ٿي ويو پر پوليس هوم ڊپارٽمينٽ کي ڪافي دير تائين بي خبر رکيو، جيڪو ضرور ڪنھن سوچيل منصوبي تحت هيو. جنھن جي جڏهن سپريم ڪورٽ جي جسٽس ناصر اسلم زاهد جي سربراهي ۾ تحقيقياتي ڪميشن صرف اهو چئي بس ڪئي ته انھيءَ مير مرتضيٰ جي شھادت ۾ ڪي لڪل هٿ هيا. جڏهن ته اسين هوم سيڪريٽري ۽ پوليس سميت تحقيقاتي ڪميشن آڏو ڏيڍ ٻه مھينه پيش ٿيندا رهياسين، جيڪي رڪارڊ گھربل هيا سڀ مھيا ڪيا ويا، پر ٿيو ايئن ‘‘کھودا پہاڑ نکلا چوہا ۔’’

لياقت جتوئي جي وڏ وزارت ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪمراني

مير مرتضيٰ ڀٽو جي شھادت کان ٿورن ڏينھن بعد صدر پاڪستان فاروق لغاري آئين جي آرٽيڪل اٺونجاهه بي تحت پ پ حڪومت کي ايوان کان ٻاهر ڪڍي، نئين عبوري حڪومت قائم ڪئي. ملڪ معراج خالد وزير اعظم پاڪستان ۽ ممتاز ڀٽو وزيراعليٰ سنڌ قائم ڪئي.
ملڪ ۾ اليڪشن جون تياريون شروع ٿي ويون. اليڪشن کان ٿورو اڳ ۾ منظور ڀٽو صاحب پنھنجي ٽرانسفر ڪرائي ويو ۽ هوم سيڪريٽري جي پوسٽ خالي رهي ۽ ٻئي ڏينھن تي جيستائين ڪو سيڪريٽري هوم پوسٽ ٿئي، تيستائين مونکي انچارج هوم سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
خير سان اليڪشن ٿي، مرڪز ۾ نواز ليگ حڪومت ٺاهي ۽ صوبي سنڌ ۾ نواز ليگ جي مدد سان مسٽر لياقت جتوئي ۽ ايم ڪيو ايم ملي حڪومت ٺاهي. ٿورن ڏينھن ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري مسٽر سعيد مھدي صاحب مقرر ٿيو. ايم ڪيو ايم حڪومت سان سھڪار ڪرڻ لاءِ اهو نواز شريف کان واعدو ورتو هيو ته ايم ڪيو ايم جي سڀني ماڻھن کي جيل مان آزاد ڪندا ۽ انھن کي مالي امداد به پڻ ڏيندا.
حڪومت جي تشڪيل کان هفتي اڌ بعد سرڪار هڪ ڪاميٽي جوڙي، جنھن جو ڪم هيو ته ايم ڪيو ايم جي مٿان جڙيل ڪيسن کي ٻيھر رويو ڪيو وڃي ۽ جيڪي ننڍن ڪيسن ۾ آهن انھن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جا احڪام جاري ڪيا وڃن، باقي وڏن ڪيسن لاءِ تجويزون ڏيندا.
سرڪار جي طرفان نمائندگي هوم سيڪريٽري ڪندو ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان فاروق ستار، شيخ آفتاب حيدرآباد کان، جيڪو ميئر هيو حيدرآباد جو، ڊاڪٽر صغير، خالد وڪيل جيڪو بعد ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ٿيو. هڪ ٻيو نالو ياد نٿو اچي.
سرڪار جي نمائندگي، محمد جمن ڄامڙو انچارج هوم سيڪريٽري، نياز صديقي ڊي آءِ جي ڪراچي، آءِ جي جيل گھڻو ڪري سليم اختر صديقي هيو، ڊپٽي سيڪريٽري ڪامران دوست.
ميٽنگ تقريباً هڪ مھينو قصر ناز ۾ هلندي رهي.
جڏهن ميٽنگ ٿيندي هئي ته فاروق ستار ڪڏهن سوير ايندو هيو ته اسان سان سنڌي ۾ خوشگوار موڊ ۾ ڳالھائيندو هيو. پر جڏهن ايم ڪيو ايم جي ڪنھن به ورڪر يا ڪاميٽي جي ميمبر کي ايندي ڏسندو هيو ته هڪدم سندس رنگ ۽ لھجو بدلجي ويندو هيس.
اهڙيءَ طرح آفتاب شيخ جڏهن سوير ۽ اڪيلو ايندو هيو ته تمام سٺي موڊ ۾ ۽ سنڌي ۾ ڳالھائيندو هيو. پر جيئن ڪنھن ايم ڪيو ايم جي ورڪر يا ڪاميٽي جي ميمبر تي نظر پوندي هيس ته هڪدم سندس لھجو ۽ رنگ بدلجي ويندو هيس.
جڏهن ميٽنگ ٿيندي هئي ته لڳندو هيو ته ايم ڪيو ايم جا ميمبر هڪٻئي کان ڇرڪندا هيا. چارئي پنج ئي ميمبر ميٽنگ ۾ الڳ الڳ نوٽ لکندا هيا. ايئن محسوس ٿيندو هيو ته هنن کي هڪٻئي تي ڪو به اعتبار ڪونھي.
ميٽنگ ۾ هميشه ايم ڪيو ايم جو موقف هوندو هيو ته هي جيڪي به جيل ۾ بند آهن، اهي سڀ معصوم ۽ بيگناهه آهن. انھن مٿان پ پ حڪومت ناجائز ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، انهيءَ ڪري انھن سڀني ورڪرن کي باعزت آزاد ڪيو وڃي، ۽ انھن جي مٿان مڙهيل ڪيس سرڪار ختم ڪري، انھن مسڪينن جي مالي مدد ڪئي وڃي.
اسان جو موقف بلڪل ڪليئر هيو ته جن سان واقعي زيادتي ٿي آهي ته انھن جي آزاديءَ لاءِ ڪيس ختم ڪرڻ جي سمري ٺاهي موڪلينداسين. انھيءَ سلسلي ۾ جيڪا لسٽ ايم ڪيو ايم وارن ڏني هئي، اسان انھن جي پوري پوليس رپورٽ وٺي انھن سان ڳالھائيندا هياسين ته جناب جنھن معصوم ورڪر لاءِ چئو ٿا ان جي خلاف هي هي ڪيس ڪنھن ڪنھن ٿاڻي تي داخل ۽ ڪڏهن کان آهن. توهان ڪيئن ٿا چئو ته هي معصوم آهن ۽ پ پ وارن هنن کي بيگناه بند ڪيو آهي؟ جڏهن هنن وٽ ڪو جواب ڪونه هوندو هيو ته هميشه اهو چئي ميٽنگ ختم ڪندا هياته اها رپورٽ صحيح ناهي. مان انھن کي چوندو هيس ته پوءِ انھيءَ کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڪو ثبوت پيش ڪيو. جنھن لاءِ ڪڏهن به تيار ڪونه هوندا هيا. ڇو ته انھن وٽ اهڙا ثبوت هيائي ڪونه، تنھن ڪري هميشه ڌڌڙ ۾ پڇ هڻندا هيا.
اسان وٽ ڪرمنل جو سڄو رڪارڊ هيو، جنھن ۾انھن ملزمن جي 164جو بيان ۽ تفتيش ڪيل مواد موجود هوندو هيو.
انھيءَ سڄي ميٽنگ ۾ ايم ڪيو ايم جڏهن ڏٺو ته هنن جو مطلب حاصل نٿو ٿئي ته هنن وزيراعظم تي زور وڌو ته ڪيئن به ڪري ميٽنگ مان جان ڇڏائي اسان جي ماڻھن کي آزاد ڪيو. شام جو سي ايم صاحب فون ڪري چيو ته اڄ رات ايم ڪيو ايم جي ورڪرن بابت سمري ٺاهي موڪل. سي ايم صاحب مونکي صاف لفظن ۾ ڪونه چيو ته هنن سان رعايت ڪرڻي آهي پر لھجو اهڙو هيو جو جنھن مان جتوئي صاحب چاهي پيو ته سمري اهڙي نموني اچي جو ايم ڪيو ايم راضي ٿي وڃي. اتفاق سان ان رات سانگھڙ ڊسٽرڪٽ جيل ۾ اهڙو واقعو ٿيو جيڪو مونکي ياد نٿو اچي پر سي ايم صاحب چيو تون پاڻ وڃي جيل جو معائنو ڪري ٻڌاءِ.
مون بسم الله ڪري سمري تيار ڪئي جنھن ۾ جيڪي واقعي ننڍا چار پنج ڪيس هيا انھن ۾ ايم ڪيو ايم جي ورڪرن جي مٿان ڪيس ختم ڪرڻ، باقي سڀني ڪيسن جي مخالفت ۾ ٺاهي. لا سيڪريٽري مسٽر جوڻيجو صاحب کي موڪلي ۽ لا سيڪريٽري به منھنجي رڪمنڊيشن جي حمايت ۾ نوٽ لکي اڳتي موڪليو. رات جو تقريباً يارهين وڳي مان آفيس مان نڪري پنھنجي فليٽ تي ويس. صبح جو سوير مان سي ايم جي حڪم تحت پھريان ميرپورخاص پوءِ سانگھڙ جيل تي ويس. منجھند جي ماني سانگھڙ ريسٽ هائوس تي کاڌي، اتان مان واپس ڪراچي لاءِ روانو ٿيس. جڏهن مان ٽنڊوآدم کان اڳتي آيس ته چيف سيڪريٽري جو ميسيج مليو ته جمن تو سمري ڇا موڪلي آهي؟ مون چيو ته جيڪا حقيقت هئي اها مون موڪلي آهي. چيائين ته سي ايم صاحب خوش ناهي، هاڻي تون ڪٿي ويندين؟ مون چيوته سائين جيڏانهن موڪليو مونکي ڪوئي اعتراض ناهي.
ٿوري دير ۾ کيبرن وٽ پھتس ته ميسيج مليو واجد راڻا هوم سيڪريٽري سنڌ مقرر.

واجد رانا ھوم سيڪريٽري جي چارج ورتي

1997ع جي فيبروري ۾ مونکان واجد رانا هوم سيڪريٽري جي چارج ورتي. مون الله جو شڪر ادا ڪيو ته جيڪي ٻه ٽي مھينا مون وٽ هوم سيڪريٽري جي چارج هئي، انھيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏکيو مرحلو منھنجي لاءِ اهو هيو ته مان انھن دهشگردن کي آزاد ڪرڻ نه ڏيان، جن سنڌ جي دل يعني ڪراچي شھر جي امن و امان جون حالتون خراب ڪري ڇڏيون هيون. جيڪا سمري ٺاهي چيف منسٽر صاحب ڏانھن موڪلي، انھيءَ سڄي پروسيس ۾ منھنجي ٽيم مونسان وڏو سھڪار ڪيو. انھيءَ سڄي مرحلي ۾ مون قانون جي حساب سان جيڪا ٽيڪنيڪل ڄاڻ ۽ ڪنٽريبيوشن ڪيو، ان ۾ رجسٽرار ۽ ڊپٽي رجسٽرار اينٽي ٽيررسٽ ڪورٽ جو ڀرپور ساٿ رهيو، جنھن جي ڪري قانون جي تقاضائن جي اندر اهڙي سمري تيار ٿي، جو لا سيڪريٽري انھيءَ سمري جي مڪمل حمايت ۾ ڀرپور نوٽ لکيو، جنھن جي ڪري انھن شرپسند عناصرن جي رهائي ممڪن ٿي ڪانه سگھي ۽ وڌيڪ شھر جون حالتون خراب ڪونه ٿيون. جنھن وقت مون سمري تي دستخط ڪئي پئي ته مونکي انوقت اندازو ٿي ويو هيو ته يقيناً هن سمري جي پھچڻ کان پوءِ منھنجي اتان ٽرانسفر ضرور ٿيندي. ڇوته مون سمري هوا جي هلندڙ رخ جي خلاف تيار ڪئي هئي. قانون واري سيڪريٽري پوءِ مونسان فون تي ڳالھائيندي چيو ته جيڪا توهان سمري ٺاهي موڪلي آهي، ان ۾ ڪٿان به اهڙي وٿي ناهي ڇڏي، جو انھن شرپسند عناصرن کي ڪا ڇوٽ ملي. وري مٿان لا سيڪريٽري جو ٽپو اهڙو ڪم ڪيو جو سواءِ منھنجي جاءِ تي ٻئي ڪنھن کي چارج ڏيڻ جي، ٻي ڪابه رليف ملي ڪونه پي سگھين.
واجد رانا ۽ مان قائد اعظم يونيورسٽي ۾ پڙهيا هياسين. ڊپارٽميٽ مختلف هيا ۽ 1976ع ۾ يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽ يونين جو جماعت اسلامي جي طلبا تنظيم جي پليٽفارم تان واجد رانا صدر يونين چونڊ کٽي هئي ۽ اسان هن جي مخالف اميدوار جا حمايتي هياسين ۽ اليڪشن ۾ هارايو هيو. بھرحال شروع کان اسان جي هڪٻئي سان ايتري ذهني هم آهنگي ڪانه هئي. پر مونکي واجد صاحب سان گڏ ڪم ڪرڻو پيو، ڇوته سرڪار جو حڪم هيو. ان حالتن جي هوندي مون اتي انھيءَ ڪري رهڻ پئي چاهيو ته جيئن ٻيھر اهڙي ڪا سمري تيار نه ٿئي، جنھن ۾ شرپسندن کي ڇوٽ ملي وڃي. بھرحال ٿوري عرصي کان پوءِ واجد ۽ اسان جا گھڻن معاملن تي هڪجھڙائي ٿي نه سگھي، تنھن ڪري مونکي اتان ايڊيشنل سيڪريٽري امپليمينٽيشن ايس اينڊ جي ڊي ۾ پوسٽنگ ٿي وئي.
امپليمينٽيشن ونگ ۾ اهڙو ڪو خاص ڪم ڪونه هوندو هيو، صرف انھن ڊئريڪٽوز جي خبر چار لھڻي هوندي هئي، جيڪي پرائيم منسٽر يا پريزيڊنٽ جي آفيس مان ايندا هيا، مختلف ڊپارٽمينٽ مان انھن جي تعميل ٿيڻ جي رپورٽ وٺي پرائيم منسٽر يا پريزيڊنٽ سيڪريٽريٽ ڏانھن هر مھيني رپورٽ ڏيڻي پوندي هئي ته هيترا ڊائريڪٽو آيا، انھن مان هيترن ڊائريڪٽوز تي عمل ٿي ويو، هيترن تي عمل ڪرڻ وارو سلسلو هيستائين پھتو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٻئي ٽئين مھيني اسلام آباد ۾ انھن ڊائريڪٽوز متعلق ميٽنگ ٿيندي هئي، اها اٽينڊ ڪرڻي هوندي هئي.
هتي اهڙو ڪوبه ڪم ڪونه هيو، جو ڪنھن به طرح سوسائٽي لاءِ ڪجھه به ڪري سگھي.
1998ع جي آگسٽ سيپٽمبر ۾ اوڻويھين کان ويھين گريڊ جي سليڪشن بورڊ جي ميٽنگ رکي وئي. محمد افضل ڪھوٽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ هيو. بورڊ جي ميٽنگ کان اڳ ايف پي ايس سي جي چيئرمين کي لکي موڪليو ته اسان وٽ ٻٽيھه سيٽون گريڊ ويھين ۾ خالي پيون آهن، تنھن ڪري هن ايندڙ بورڊ ۾ ٻٽيھه اميدوار سليڪٽ ڪرڻا آهن. جنھن ڏينھن بورڊ ٿيو پئي انھيءَ ڏينھن چار سيٽون گھٽائي چيئرمين بورڊ کي عرض ڪيو ته چار غلطي ۾ وڌيڪ موڪليون ويون آهن، ڇو ته اسان وٽ چار آفيسر ويھين گريڊ ۾ او ايس ڊي ويٺا آهن. چار سيٽون انھيءَ ڪري گھٽايون ويون جو ان سان سنڌ جا چار آفيسر پروموٽ ٿين پيا. اسان سنڌ جي آفيسرن جو پروموشن نه ڪرڻ خاطر اهو سڀ ڪيو ويو. قدرت الله جي جڏهن بورڊ ويٺو ۽ پروموشن لاءِ اٺاويھه آفيسر سليڪٽ ٿيا ته انھن اٺاويھن مان اسان ٻه سنڌ جا آفيسر به پروموشن لاءِ ڪليئر ٿي وياسين، جنھن ۾ منھنجو ستاويھون نمبر ۽ اٺاويھين نمبر تي عبدالغني بچاڻي هيو. ويھين گريڊ جي پروموشن ۽ پوسٽنگ پرائيم منسٽر صاحب جي منظوري سان ٿيندي آهي. ڪاميٽي جي ميمبرن دستخط ڪري لسٽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڏانھن موڪلي.
افضل ڪھوٽ صاحب جيڪا سمري پرائيم منسٽر ڏانھن موڪلي، ان ۾ لکيو ته بورڊ اٺاويهه آفيسر ويھين گريڊ لاءِ سليڪٽ ڪيا آهن پر اسان وٽ هن وقت ڇويهه سيٺون ويھين گريڊ ۾ خالي آهن، انهيءَ ڪري سيريل نمبر هڪ کان ڇويھه نمبر تائين جي آفيسرن جو پروموشن ويھين گريڊ ۾ منظور ڪيو وڃي، باقي ستاويھه ۽ اٺاويھه نمبر لاءِ جڏهن ڪليئر ويڪنسي ٿيندي ته پوءِ پروموشن ڪنداسين.
ٻئي ڏينھن سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ افضل ڪھوٽ هڪ ٻي سمري ٺاهي، پنجاب جي ٻن آفيسرن جن کي بورڊ پروموشن لاءِ سليڪٽ ڪونه ڪيو، تن لاءِ سمري تيار ڪري موڪليائين ته جيئن ته اسان وٽ ٻه ويھين گريڊ ۾ ويڪنسي خالي پيون آهن ۽ هي ٻئي آفيسر سينيئر آهن ۽ انھن جي ٻين بيچمينٽ جي پروموشن لاءِ اڳ ۾ سمري موڪلي آهي، انهيءَ ڪري هنن ٻنھي آفيسرن جو پروموشن ويھين گريڊ ۾ منظور ڪيو وڃي. انھن ٻنھي آفيسرن کي انھيءَ ڪري پروموشن لاءِ سليڪٽ ڪونه ڪيو هيو، جو اهي ٻئي آفيسر ملڪ کان ٻاهر ڊيپيوٽيشن تي هڪ آمريڪا ۾ ٻيو لنڊن ۾ هيو. قانون مطابق جيستائين آفيسر پنھنجي ڊپارٽمينٽ ۾ ڊيپيوٽيشن کان واپس اچي رپورٽ نٿو ڪري، تيستائين انجو پروموشن ٿي نٿو سگھي. اسان کي خبر پئي ته سمري ۾ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ هي ڏنڊي هنئي آهي. مون هڪ ٻن دوستن سان ڳالھايو ته هي زيادتي ڪن ٿا اسان سنڌ جي آفيسرن سان، مسٽر مسعود کھڙو کي خبر پئي تنھن انھي وقت مسٽر الاهي بخش سومرو سان ڳالھايو ته توهان اسپيڪر نيشنل اسيمبلي آهيو ۽ هي سنڌ جي آفيسرن سان زيادتي ٿئي ٿي، تنھن ڪري توهان وزيراعظم سان ڳالھايو. جڏهن ٻيھر مسعود کھڙو الاهي بخش سومرو صاحب سان ڳالھايو ته الاهي بخش صاحب جواب ۾ چيوته مون افضل ڪھوٽ سان ڳالھايو آهي، جنھن چيو ته ويڪنسي خالي ڪونھن جيئن خالي ٿينديون پوءِ ڪنداسين.
اسان خاموش ٿي الله کي ٻاڏايو، منھنجو رب ڪريم اهڙو مھربان جو منھنجو دوست مرحوم رسول بخش وٽ مان ڪنھن ڪم سان ويس اتي هن مونکان پڇيو ته ڇا ٿيو تنھنجي پروموشن جو. مون کيس ٻڌايو ته يار هي مسئلو ايئن اٽڪيو پيو آهي. اتي هڪ همراهه ويٺو هيو، جنھن اهو سڀ ٻڌو پئي. تنھن مونکان اردو ۾ پڇيو ته مسئلو ڇاهي؟ مون انکي ٻڌايو ته اهڙي طريقي سان توهان پنجاب وارا اسان سان زيادتيون ڪيو پيا. چيائين ته تون خاموش ويھه مان سڀاڻي اسلام آباد وڃان ٿو ۽ منھنجي ملاقات ٿيڻي آهي جنرل عبدالمجيد ملڪ سان، مان ان سان توهانجي مسئلي تي ڳالھائيندس. منھنجي ان دوست سان اڳ ڪڏهن به ملاقات ڪانه ٿي هئي نه وري انکان پوءِ اڄ تائين ٿي آهي. بھرحال اهو همراهه ٻئي ڏينھن اسلام آباد ويو ۽ ٻن ڏينھن کانپوءِ منھنجي دوست رسول بخش کي فون ڪري ٻڌايائين ته جنرل مجيد توهان جي دوست واري سمري ڇويھن جي بجاءِ اٺاويھه آفيسرن جي پروموشن منظور ڪرائي هيٺ موڪلي آهي. ٻئي ڏينھن تي مون چوڌري عبدالرئوف کي فون ڪيو، جنھن ڪنفرم ڪيو ته چيائين توهان کي مبارڪ هجي جو توهانجو پروموشن ٿي ويو. چوڌري صاحب انوقت پرائيم منسٽر جو پي ايس او هيو.
جيڪڏهن مسٽر الاهي بخش سومرو چاهي ها ته وزيراعظم سان ڳالھائي سگھيو پئي ۽ سمري منظور ڪرائي پئي سگھيو، ڇوته ويھين گريڊ ۾ سنڌ جي خالي جاين تي پنجاب جا آفيسر پروموٽ پئي ٿيا، جڏهن ته سنڌ جا ٻه آفيسر هيا، جن کي ايف پي ايس سي جي چيئرمين جي سربراهي ۾ ڪاميٽي پروموشن لاءِ سليڪٽ ڪيو هيو. اها ڪا ڪنھن به قسم جي فيور وغيره ڪونه هئي پر پنھنجي صوبي جي حق جو تحفظ جو مسئلو هيو.
هر گريڊ جي پروموشن خاص ڪري ويھين ۽ ايڪويھين لاءِ ڊي ايم جي ۽ پوليس جون ويڪنسيون هميشه صوبا ڏيندا آهن ۽ انھيءَ جي بنياد تي پروموشن ٿيندا آهن. جڏهن ته ٻين سروسز جي ماڻھن لاءِ واسطيدار ڊپارٽمينٽ خالي جاين جي لسٽ ڏيندو آهي، تنھن ڪري ان ڊپارٽمينٽ جي ماڻھن جي ان مان پروموشن لاءِ سليڪشن ٿيندي آهي. ٿيندو ايئن آهي ته ويڪنسيون خالي ننڍن صوبن جون هونديون آهن ۽ ننڍن صوبن جي خالي جاين تي پروموشن پنجاب جي آفيسرن جا ٿيندا آهن. سڀني صوبن جون موڪليل خالي لسٽن کي جمع ڪري هڪ لسٽ ٺاهيندا آهن، جنھن ۾ سڀ اميدوار پروموشن لاءِ هوندا آهن. جڏهن اسان جي ويھين گريڊ جي پروموشن جو وقت آيو ته اٺاويهه خالي جايون گھڻي ڀاڱي ننڍن صوبن جون هيون ۽ پنجاب جون خالي جايون تمام ٿوريون هيون.
پروموشن بورڊ جو چيئرمين هميشه ايف پي ايس سي جو چيئرمين ۽ ميمبر چارئي چيف سيڪريٽري، چارئي آءِ جي، سيڪريٽري اسٽبلشمينٽ، ميمبر ڪم سيڪريٽري، وفاقي سيڪريٽرين مان هر صوبي جو هڪ فيڊرل سيڪريٽري ۽ واسطيدار ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري. انھيءَ کان علاوه هڪ ميمبر نيشنل اسيمبلي يا سينيٽ جو وقت جي سرڪار نامزد ڪندي آهي، پروموشن بورڊ تي. هروقت پروموشن بورڊ جي ميمبرن جو تمام گھڻو تعداد پنجاب جو هوندو آهي، تنھنڪري هو پنجاب جي هر آفيسر جو پروموشن يقيني ڪرڻ جا جتن ڪندا آهن ۽ ڪامياب ٿيندا آهن. عموماً چارئي چيف سيڪريٽري به پنجاب صوبي جا آفيسر هوندا آهن. جيڪڏهين انھيءَ پروموشن پاليسي ۾ اهو ٿئي ته جنھن صوبي جون جيتريون ويڪنسيون آهن، پروموشن به انھيءَ صوبي جي آفيسرن جا ٿيندا ته پنجاب جو هميشه لاءِ ٻين صوبن مٿان ڪنٽرول ختم ٿي وڃي، جيڪو پنجاب پاڪستان کي بچائڻ جي آڙ ۾ ڪڏهن به ڪونه ڪرڻ ڏيندو. اهو سنڌ جي سياسي قيادت تي آهي، اهي سنڌ جي مفادن جو ڪيئن تحفظ ڪري ٿي.
جڏهن پروموشن وزيراعظم منظور ڪيو ته مان اسلام آباد ويس ۽ چوڌري عبدالرئوف سان مليم ۽ عرض ڪيو ته منهنجي ڪنھن به فيڊرل ڪارپوريشن ۾ پوسٽنگ ڪراءِ. مون کان پڇيائين ته ڇا ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر هائوس بلڊنگ فنائنس ڪارپوريشن ۾ ويندين؟ مون چيو ته ٺيڪ آهي. انھيءَ وقت صديق الفاروق چيئرمين ايس بي ايف سي سان ڳالھايائين. صديق انوقت نون ليگ جو انفارميشن سيڪريٽري ۽ چيئرمين ايس بي ايف سي هيو. انوقت فاروق صاحب ڪونه هيو، ٿوري دير کان بعدچوڌري صاحب جي گھران ماني آئي ۽ اسان ٻئي آفيس ۾ ماني کائون پيا. چوڌري عبدالرئوف سان منھنجو هوم ڊپارٽمينٽ جي پوسٽنگ دوران گھڻو واسطو پوندو هيو، ڇو ته انوقت چوڌري صاحب جوائنٽ سيڪريٽري وزارت داخلا ۾ هيو. ماني کائيندي فاروق صاحب جو فون آيو. ماني کائيندي ٻيا حال احوال ڪيائون، پاڻ ۾، پوءِ چوڌري صاحب فاروق کان پڇيو ته تو اڳ چيو هيو ته ٻه پوسٽون خالي آهن، ڇا اهي هينئر به خالي آهن يا ڀرجي ويون آهن؟ صديق الفاروق چيو ته پوسٽون خالي پيون آهن ۽ مونکي سنڌ ۾ رڪوري ۾ ڏاڍي دشواريون آهن. چوڌري صاحب چيس ته پوءِ جيڪڏهن روينيو جو سينيئر ماڻھو توکي ڏيون ته ڪيئن؟ چيائين ته زبردست منھنجو مسئلو حل ٿي ويندو. چوڌري صاحب چيس ته چڱو نالو لک ۽ پي ايم ڏانھن خط لکي گھر ڪر ته توکي پوسٽ ڪرائي ڏيان. جڏهن منھنجو نالو ٻڌايائينس ته فاروق چوڌري صاحب کي چيو ته هيءُ ته سنڌي آهي. چوڌري صاحب چيس سنڌي آهي، پر مان توکي ٿو چوان منھنجي گرنٽي آهي، پر هو همراهه چويس ته نه، هي سنڌي آهي. مون ڏٺو پئي ته چوڌري صاحب ڪافي پريشان پئي نظر آيو، جو منھنجي سامھون اهڙي طرح جي ڳالھه پئي ٿئي ۽ چوڌري صاحب ايئن به ڪونه پيو چويس ته ڪو مان اتي ويٺو آهيان. بھرحال ڪافي دير کان پوءِ ۾ وڃي ڳالھه اتي بيٺي ته مان سنڌي آهيان. چوڌري صاحب ڏاڍو پريشان ٿيو ته اها ڳالھه کلي وئي ته نون ليگ کي ڪنھن به سنڌي آفيسر تي ڪوئي اعتبار ناهي، تنھن ڪري سنڌي آفيسر کي هتي وسان پوسٽنگ ناهي ڏيڻي. صديق الفاروق جو چوڻ ته هي پوسٽ کپي سنڌ لاءِ پر سنڌي آفيسر قابل قبول ناهي، جيڪا هڪ پارٽي جي پاليسي مطابق هئي ڇوته انوقت نون ليگ جو پارٽي طرفان اسپوڪس پرسن صديق الفاروق هيو.
چوڌري عبدالرئوف مونکي چيو ته تون فنانس ٽريڊ ڪارپوريش بلڊنگ ۾ وڃي صديق الفاروق سان وڃي مل. مون عرض ڪيو ته سائين ملڻ مان ڪوئي فائدو ڪونھي، هروڀرو توهان تڪليف نه ڪيو. چيائين ته تون وڃيس ۽ منھنجي ڪري تون وڃ. مون چيو ته سائين ان همراهه ڏانھن وڃڻ فضول آهي، چيائين ته نه تون ضرور وڃ، مون چيو ته سائين چڱو مان توهانجي ڪري ويندس، باقي منھنجي دل نٿي چوي.

صديق الفاروق کي سنڌي آفيسر نه کپي

بھرحال ڪراچي واپس اچي ايف ٽي سي بلڊنگ جي غالبن پنجين فلور تي وڃي چيئرمين ايڇ بي ايف سي صديق الفاروق سان مليس. جلدي ۾ مليو ۽ مون ٻڌايو ته چوڌري رئوف صاحب توهان ڏانھن موڪليو آهي ۽ هيءُ منھنجو نالو آهي. ذهني طور تيار هيس ته هي نه ۾ جواب ڏيندو پر چوڌري صاحب جي ڪري وڃڻو پيو.
مون کي چيائين ته جيڪا توکي واچ پاتل آهي اها گھڻي جي آهي؟ مون چيو ته ڇا مان اها گھڙي وٺڻ افورڊ نٿو ڪري سگھان؟ چيائين ته نه بس مون ايئن پڇيو. مون چيو ته توهان کي اها گھڙي جي پڇڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ تو ڇا سمجھيو آهي ته ڪا مان رشوت مان ورتي آهي؟ چيائين نه توهان ته خوام خواه ناراض ٿا ٿيو. مون چيو ته چوڌري صاحب موڪليو آهي انھي لاءِ توهان ڇاٿا چئو؟ چيائين ته هن وقت پوسٽ خالي ناهي، باقي سي وي ڏئي وڃ، پوءِ جڏهن ٿيندي ته پوءِ مان ڏسندس. مون چيو ته توهان جي مھرباني مان هلان ٿو. مان واپس وڃي آفيس پھتس.
ٿورن ڏينھن کان پوءِ مرڪزي سرڪار نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ويھين گريڊ جي حيثيت ۾ سنڌ سرڪار جي ڊسپوزل تي رکي ڇڏيو. تقريباً ٻه مھينا گذري ويا، سنڌ سرڪار ويھين گريڊ جي پوسٽنگ لاءِ ڪوئي آرڊر جاري ڪونه ڪيا. هڪ ڏينھن شام جو بي ايڇ قريشي صاحب مليو، ايئن حال احوال ٿيا ۽ پڇيائين ته پوسٽنگ ڪٿي ٿي آهي؟ مون ٻڌايو ته ٻه ٽي دفعا چيف سيڪريٽري مسٽر سالڪ نذير صاحب سان مليو آهيان ۽ اميد ته جلد پوسٽنگ ٿي ويندي. قريشي صاحب انوقت چيئرمين ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون اٿارٽي هيا، مونکي چيائون ته جيڪڏهن تون مون وٽ اچڻ چاهين ته مون وٽ هينئر ڊائريڪٽر فنانس جي پوسٽ خالي آهي. مون چيو ته مونکي ڪوئي اعتراض ناهي. جنوري 1999ع جي پھرئين هفتي ۾ منھنجو پوسٽنگ آرڊر نڪتو، ڊائريڪٽر فنانس اي پي زيد اي، لانڍي، ڪراچي. ٻئي ڏينھن تي سنڌ سرڪار پوسٽنگ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ڊائريڪٽر جنرل ڪلچر. مون سنڌ گورنمينٽ گريڊ ايڪچيوئلائز ڪرڻ خاطر جوائن ڪيو، ۽ انھيءَ کان پوءِ ايپزا وڃي جوائن ڪيو.
ايپزا (EPZA) منھنجي لاءِ هڪ نئون ضرور هيو پر دلچسپ به پڻ هيو. ايپزا ۾ جيڪي به فيڪٽريون ڪم ڪن پيون، انھن کي جيڪي ٽيڪسز پاڪستان ۾ آهن، اهي سڀ انھن ٽيڪسز کان معاف قرار ڏنل علائقو آهي. ٽيڪس فري زون آهي انھن فيڪٽرن جو مال جيڪڏهن زون کان ٻاهر شھر ڪراچي يا پاڪستان جي ڪنھن به علائقي ۾ وڪامجندو ته پوءِ سڀ ڪسٽم ڊيوٽيز ادا ڪرڻيون هونديون. باقي جيڪڏهن ايڪسپورٽ ڪندو ته انھي لاءِ ڪنھن به قسم جي ٽيڪس ڏيڻي ناهي.
تقريباً چار پنج مھينا گذريا ته چيئرمين اي او بي آءِ مسٽر برڪت الله شيخ ڪنھن ڊنر تي مليو. شيخ صاحب سان منھنجي پراڻي نيازمندي آهي، تنھنڪري منھنجو ڪافي خيال رکندو آهي. مونکي چيائين ته مون ته توکي عرش تي پئي ڳولھيو تون ته مونکي فرش تي ملي ويو آهين. چيائين ته مان فيصلو ڪيو آهي ۽ تنھنجي پڇڻ کان بغير مون منسٽري ليبر اينڊ مين پاور کي ليٽر لکي تنھنجي لاءِ پاڻ وٽ ڊائريڪٽر جنرل فنانس اينڊ انويسٽمينٽ لاءِ گھر ڪئي آهي. ڇو ته موجوده ڊي جي ٿورن ڏينھن ۾ رٽائر پيو ٿئي. مون چيو ته مان جتي هينئر آهيان، اتي خوش آهيان.
بھرحال ايپزا ۾ قريشي صاحب ڪافي محنت ڪري نوان يونٽ کولڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن ۾ ڪي پي ڪي ۾ نوشھرو وٽ، سمبڙيال سيالڪوٽ جي ڀرسان ۽ گوادر ۾ هڪ يونٽ جي پلاننگ شروع ڪري ڏني. انھيءَ سان گڏ ڪراچي جي زون کي وڌيڪ ايراضي ڏيارڻ لاءِ سنڌ گورنمينٽ سان لهه وچڙ شروع ڪئي. نوشھرو ۽ سنڀڙيال زون ۾ ڪم شروع ٿي ويو، باقي گوادر جو زون اڃان ابتدائي مرحلي ۾ هيو. تقريباً 1999ع آگسٽ ۾ منھنجي جاءِ تي ڊائريڪٽر فنانس ٻيو پوسٽ ٿيو ۽ منھنجي لاءِ ڪوئي آرڊر ڪونه هيو ته ڪٿي وڃڻو آهي. مون اسٽيبلشمينٽ جي ايس او کي فون ڪيو ته هي ڇا هي؟ منھنجي جاءِ تي پوسٽنگ ڪري ڇڏيو اٿو ۽ منھنجي لاءِ ڪو آرڊر ڪونه ڪڍيو اٿو. چيائين ته توهانجي سمري اي او بي آءِ لاءِ پي ايم صاحب منظور ڪري موڪلي آهي ۽ توهان جو نوٽيفڪيشن سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ وٽ پيل آهي، جنهن جي منظوري خاطر وئي آهي. باقي نوٽيفڪيشن هفتي کان پوءِ نڪرندو، ڇوته جنھن جي جاءِ تي توهان وڃو ٿا اهو هفتي ۾ رٽائر پيو ٿئي، انھيءَ ڪري نوٽيفڪيشن ۾ ڪجھه دير آهي. مون چيو ته پوءِ منھنجي جاءِ تي جنھن کي موڪليو اٿو ته انکي به هفتي کان پوءِ پوسٽ ڪيو ها. چيائين ته اهو پروپوزل اهڙيءَ طرح سان موڪليو هيو، پر جيڪو توهانجي جاءِ تي پوسٽ ٿيو آهي، اهو وڃي سيڪريٽري محمد افضل ڪھوٽ صاحب سان مليو ۽ اسان کي انٽرڪام تي حڪم مليو ته ان جي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. مون پڇيو ته ڇا انجي پوسٽنگ پي ايم صاحب منظور ڪئي آهي؟ چيائين ته نه! باقي انجي پوسٽنگ جي پوسٽ فيڪٽو منظوري لاءِ سمري ٺاهي تيار ڪئي آهي. مونکي چيائين ته اربع خميس تي مون سان ڳالھائجائين ۽ فيڪس نمبر موڪلجائين ته جيئن توکي نوٽيفڪيشن فيڪس ڪيان. مان خميس جي ڏينھن انڪم ٽيڪس بلڊنگ ۾ وڃي اتان ميمڻ صاحب جي آفيس مان فون ڪيو ۽ اتان جو فيڪس نمبر موڪلڻ جو ارادو ڪيو.
جڏهن مون فون ڪيو ته ايس او صاحب هڪدم رڙ ڪندي چيو ته يار تو ايترو وڏو جيڪ هنيو، جو اسان کي ڊوڙون پائڻيون پيون. ايتري جلدي ۾ اسان ڪڏهن به ڪھوٽ صاحب کي ناهي ڏٺو جيترو تنھنجي نوٽيفڪيشن لاءِ هيو. چيائين ته اسان آفيس مان نڪرڻ وارا هياسين ته حڪم پھتو ته محمد جمن ڄامڙو جون سروسز سنڌ سرڪار جي حوالي ڪرڻ جي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. مون چيو ته مونکي انھي جي ڪابه خبر ناهي. مان اچرج پئجي ويس ته منھنجي ڪنھن سنڌ ۾ ٽرانسفر ڪرائي، ڇو ته مون ڪنھن کي به نه چيو هيو نه وري ڪو ارادو هيو. بھرحال مان سنڌ سيڪريٽريٽ ويس ۽ ايس اينڊ جي اي ڊي مان پڇا ڪئي ته ڇا منھنجو ڪو نوٽيفڪيشن آيو آهي؟ خبر پئي ته ٻه ڏينھن اڳ تنھنجو نوٽيفڪيشن آيو آهي. مون پڇيو ته ڇا هتان منھنجي لاءِ ڪو ليٽر وغيره ويو هيو؟ چيائون ته نه سنڌ سرڪار جي طرفان ڪوبه اهڙو ليٽر ڪونه ويو آهي. سيپٽمبر 1999ع ۾ سنڌ سرڪار وٽ اچي رپورٽ ڪيو.
12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل مشرف ملڪ جون واڳون پنھنجي هٿ ۾ ڪري چڪو ۽ نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي وئي.
الانتظار اشد من الموت. آخرڪار 1999ع ڊسمبر مھيني جي آخري هفتي ۾ بغير يونيفارم جي انسپيڪٽر جنرل اسٽيمپس بورڊ آف روينيو سنڌ منھنجي پوسٽنگ ٿي. اتي ڪو خاص ڪم ڪونه هوندو هيو، روينيو ڪليڪشن ڊسٽرڪٽ خزانه دفتر جي معرفت اسٽيم پيپر جي وڪامڻ سان ٿيندي هئي. ٻيو ويليوئيشن ٽيبل ٻئين ٽئين سال روائيز ڪبي هئي، فنانس ڊپارٽمينٽ جي مشوري مطابق. آفيس بورڊ آف روينيو ڪراچي واري بلڊنگ ۾ هئي.
شايد اسان جي گھڻن دوستن کي خبر نه هجي ته انگريز بادشاهه جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو ته جيڪا پھرين بلڊنگ ڪراچي شھر ۾ تعمير ٿي، جيڪا شروع ۾ گورنر جي رهائشگاه ۽ دفتر هئي، اها بلڊنگ هينئر بورڊ آف روينيو ڪراچي جي آفيس آهي.
جڏهن مون وڌيڪ پڇا ڪئي ته آخرڪار محمد افضل ڪھوٽ صاحب ايترو اٻھرائي ۾ منھنجي سروس سنڌ سرڪار جي حوالي ڇو ڪئي؟ خبر پئي ته هارون نالي هڪ جوائنٽ سيڪريٽري ڪھوٽ صاحب ڏي ويو ته مونکي اي او آءِ بي ۾ پوسٽ ڪيو. انھي پوسٽ لاءِ پرائيم منسٽر منھنجي پوسٽنگ منظور ڪئي هئي. انھي جي باوجود فوري طور تي چيف سيڪريٽري سنڌ سان ڪھوٽ صاحب فون تي رابطو ڪيو ۽ چيو ته مان جمن ڄامڙو جي سروس سنڌ سرڪار جي حوالي ڪريان ٿو ڪوئي اعتراض ته ڪونھي. سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي ڪير جواب ڏئي، تنھن ڪري چيف سيڪريٽري فون تي ها ڪئي ۽ انھيءَ وقت منھنجي ٽرانسفر سنڌ ٿي، انھي کان پوءِ مسٽر هارون کي اي او بي آءِ ۾ پوسٽ ڪيو، جنھن مشرف جي دور ۾ خود ڪشي ڪري ڪراچي ۾ پاڻ کي ختم ڪيو ۽ انھيءَ کان اڳ ليبر منسٽر عمر اصغر به مارجي ويو هيو. الله جي ذات جي هر ڪم ۾ ڪا حڪمت ضرور هوندي آهي. رب ڪائنات مونکي وڏي جوکي کان بچائڻ خاطر مونکي ٿوري دير لاءِ ڏکيائي محسوس ٿي پر جيڪڏهن مان اتي وڃان ها ته شايد مونکي تمام گھڻي ڏکيائي کي منھن ڏسڻو پوي ها. جيڪڏهن مسٽر هارون هڪ سينيئر آفيسر ٿي جيڪڏهن خودڪشي ڪئي ته ضرور هن جي مٿان ڪو اهڙو دٻاءُ هوندو، جيڪو هو ذهني طور برداشت ڪين ڪري سگھيو.
12 آڪٽوبر 1999ع کان جنرل مشرف جو دور جيئن شروع ٿيو تيئن يو پي ۽ سي پي وارن پر ڪڍڻ شروع ڪيا ۽ سنڌ جي اصل رهواسين تي حسب معمول مھرباني ڪرڻ شروع ڪئي. جنرل مشرف جي اقتدار تي قبضو ڪرڻ ۾ ايم آءِ (Military Intelligence) جو وڏو ڪردار هيو ۽ تنھن ڪري ملڪ جي اندر آءِ ايس آءِ کان وڌيڪ ايم آءِ تي ڀاڙيو ويو. ڇو ته نواز شريف جنرل بٽ کي مشرف جي جاءِ تي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو هيو، جيڪو انوقت آءِ ايس آءِ جو سربراه هيو. مشرف ملڪ کان ٻاهر ويل هيو، ملٽري انٽيليجنس جي معرفت مشرف اقتدار سنڀالڻ ۾ سڀ ڪردار ادا ڪيو.
واجد رانا جو ڀاءُ يا ڪو تمام ويجھو عزيز ملٽري انٽيليجنس ۾ ڪرنل هيو، تنھن ڪري واجد رانا کي 13 آڪٽوبر 1999ع تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي چارج ڏني وئي. تقريباً ٻن هفتن کان پوءِ زبير قدوائي کي چيف سيڪريٽري سنڌ مقرر ڪيو ويو. جنرل مشرف جي چوڻ تي لسٽون تيار ڪرڻ شروع ڪيائون ته ڪھڙا سنڌي آفيسر آهن، جن مان قوم ۽ ملت کي نقصان پھچندو. رانا واجد ۽ قدوائي صاحب ويھي لسٽون تيار ڪيون ۽ رڪمينڊ ڪري مٿي اسٽيبلشمينٽ موڪليائون ته جيترو جلد ٿي سگھي، اوترو جلد قوم ۽ ملت خاطر اهڙن عناصرن کي ڪڍي ڇڏجي ته جيئن ملڪ ايماندارن ۽ ملڪ جي خيرخواهن تي مشتمل رهي.
جنرل مشرف کي عوام کي خطاب ڪندي اهو چوڻو پيو ته سنڌي نالائق آهن، تنھن ڪري انھن کي اهم پوسٽون نٿيون ڏئي سگھجن.
ٻين گھڻن سنڌي آفيسرن سان گڏ منھنجو نالو به ان لسٽ جي خطرناڪ ۽ نااهل، نالائق ۽ ڪرپٽ ماڻھن ۾ شامل هيو.
مونکي انھيءَ لسٽ جي 2004ع ۾ خبر پئي جڏهن منھنجي پوسٽنگ جوائنٽ سيڪريٽري ڪامرس منسٽري ۾ ٿي. اسٽيبلشمينٽ جي ايس او مونکي ٻڌايو ته اسان سنڌ سرڪار کي لکندا رهياسين ته صرف اهو چوڻ ڪافي ناهي ته هي نالائق ۽ ڪرپٽ آهن، انھن تي ڪيئن چارج شيٽ ڏيون، ثبوت خاطر ڪجھه مواد ڏيو، جيڪو انھيءَ چارج شيٽ سان لڳائڻو پوندو. جن لسٽ ٺاهي موڪلي هئي، انھن پنھنجي طرفان ڪوشش ڪئي پر هٿ ڪجھه ملي ڪونه سگھين، جنھن جي ڪري اهو عمل اتي جو اتي رهجي ويو.
2001ع ۾ جنرل مشرف صدر تارڙ کي گھر ڀيڙو ڪري پوءِ چيف ايگزيڪيوٽو مان صدر پاڪستان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ٿي ويو. 2002ع ۾ ريفرنڊم ذريعي پاڻ کي جنرل ضياءَ وانگر ملڪ جو پنج سال چونڊيل صدر چوڻ لڳو.
عجيب اتفاق آهي ته ون يونٽ جي ختم ٿيڻ ۽ اوڀر پاڪستان کان پوءِ پاڪستان ۾ جيڪي ٻئي مارشلائون لڳيون، اهي ٻئي جنرل مھاجر هيا. جنرل ضياءَ جلندر کان پاڪستان آيو. جنرل مشرف گھڻو ڪري دهلي کان پاڪستان آيو.
ٻنھي سنڌين سان جيڪي ويل ڪيا، اهي ڪنھن کان ڍڪيل ۽ ڇپيل ناهن.
2002ع جي جنرل اليڪشن کان ڪجھه ڏينھن اڳ منھنجي ٿرپاڪر ڊي سي او پوسٽنگ ٿي، جو سرهندي صاحب رٽائر ٿيو. اليڪشن جون تياريون اڳئي ٿيل هيون، تنھنڪري مونکي ڪنھن به قسم جي ڏکيائي پيش ڪانه آئي. جنرل اليڪشن جڊيشري جي ماتحت ٿيون، اسان جو صرف اهو ڪم هيو ته ٽرانسپورٽ وغيره ۽ ٻيو انتظامي لحاظ سان واسطو رکندڙ ڪم ڪار، ان ۾ اسان جو رول هيو.
الحمدلله، خير خوبي سان اليڪشن ٿي وئي، ڪوبه ناخوشگوار واقعو پيش ڪونه آيو.

ٿرپارڪر: سنڌ جو خزانو

مان چاهيندس ته ٿرپارڪر جي متعلق ڪجھه ڄاڻ جيتري مونکي آهي، دوستن تائين پھچايان.
ٿرپارڪر ٻن خاص لفظن کي ملائي هڪ ڪيو ويو آهي. ٿر معني واريءَ جا دڙا ۽ پارڪر معني گذري وڃڻ. ٿرپارڪر جو مطلب ٿيو ته واريءَ جي دڙن مان گذري وڃڻ، لنگھي وڃڻ يا پار ٿي وڃڻ آهي. 1843ع ۾جڏهن چارلس نيپئر سنڌ تي قبضو ڪيو ته ٿرپارڪر جو علائقو به ان سان گڏ ڪنٽرول هيٺ آندو. 1858ع ٿرپارڪر کي ايسٽرن سنڌ فرنٽيئر نالو ڏئي عمر ڪوٽ هيڊ ڪوارٽر رکيو ويو. انھيءَ کان اڳ حيدرآباد ضلعي جو حصو هيو. 1906ع ايسٽرن سنڌ فرنٽيئر جو نالو تبديل ڪري ضلعي ٿرپارڪر هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص ڪيو ويو. 1990ع ۾ مٺي کي ٿرپارڪر جو هيڊ ڪوارٽر ڪري ٻن ضلعن ۾ تقسيم ڪيو ويو. 1993ع ۾ عمرڪوٽ ضلعو وجود ۾ آيو، جنھن جو هيڊ ڪوارٽر عمر ڪوٽ رکيو ويو.
هن وقت ٿرپارڪر ضلعو چئن تعلقن تي مشتمل آهي. مٺي، ڏيپلو، ننگرپارڪر، ڇاڇرو. آبادي تقريباً ڏهه ٻارهن لک جي قريب آهي. هندو آبادي مسلمانن کان گھڻائي ۾ آهي. مينگھواڙ قبيلو سڀني قبيلن کان وڏو قبيلو آهي.
ضلعي جي پکيڙ تقريباً ويھه هزار ڪلوميٽر ٿيندي. مذهبي لحاظ کان هندو ٻن مذهبن ۾ ورهايل هيا، جيڪو اڄ ڪلهه گھٽ آهي: هڪ جين ۽ ٻيو هندو.
مذهبي رواداري جي حساب سان هيءَ هڪ مثالي علائقو آهي، جتي هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ تمام بھترين طريقي سان هڪٻئي جي پرگھور لھن ٿا. باقي سنڌ جي مقابلي ۾ هتي ڏوهه گھٽ ٿئي ٿو.
اڄ کان تقريباً ڇهه ست سو سال اڳ ننگر پارڪر تعلقي ۾ جين مذهب جو مشھور مندر ۽ مسجد ٻئي هڪٻئي جي ڀڪ ۾ عاليشان جڙيل ۽ انوقت جي تعمير جو شاهڪار، اڄ به مسجد ڀوڏي سر نگرپارڪر کان ڏهه ٻارنهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي موجود آهي. جنھن مان صاف ظاهر آهي ته هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ ڪيترو ته ڀائيچاري واري حساب سان هڪ لڙيءَ ۾ ٻڌل هيا.
ننگرپارڪر جي علائقي ۾ ڪافي جين مذهب جا مندر آهن، جن ۾ وير جومندر ۽ ڀوڏي سر جي مسجد ۽ مندر اڏاوت جي لحاظ پنھنجو مٽ پاڻ آهن.
ٿري ماڻھن ۾ شڪر جو ڪلمو مون گھڻو ڏٺو. ٿورو گھڻو جيڪو به هوندن، الله سائين جو شڪر ڪندا نظر ايندا. ٿري ماڻھو زبان ڍاٽڪي عام لفظن ۾ ٿري زبان ڳالھائيندا آهن، جيڪا پوري راجستان ۾ يعني هندستان ۽ پاڪستان جي ٻنھي پاسي ڳالھائي ويندي آهي.
ٿري ماڻھو پيار ۽ محبت جا ڪوڏيا آهن. علائقي سان پيار بيحد گھڻو، انھيءَ ڪري ته ڀٽائي صاحب سر مارئي ۾ هتان جي رهاڪن کي تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.
گور منھنجي سومرا، ڪج پھنوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيھه جي، ولڙين سندو واس،
مئائي جياس، جو وڃي مڙهه ملير ڏي.

ننگرپارڪر ڏانھن ويندي رستي تي مارئي جو کوهه اڃان تائين سياحن جي گھمڻ جو مرڪز آهي. وري اهڙو ڪو ماڻھو ڪونه ملندو جيڪو عبدالله ڪڇي ۽ مائي ڀاڳي جي ڳايل ڪلامن تي جھومندو نه هجي.
کڙي نيم ڪي نيچي مي هيڪڙي.
مطلب ته ٿري ماڻھو جيتري پنھنجي ثقافت ۽ علائقي سان محبت ڪري ٿو، تنھنجو ڀٽائي صاحب مثال ڏئي اسان کي هدايت ڪن ٿا ته محبت وطن سان ڪرڻي آهي ته ايئن ڪيو، جيئن مارئي ڪمزور حالت ۾ هوندي به پنھنجي وطن سان ڪئي. اصول ڪونه وڃايو، لوئي کي لڄي ڪين ڪيو، مرڻ قبول ڪيائين پر عزت تي حرف اچڻ ڪونه ڏنائين.
ٿرپارڪر جي علائقي کي ڏسڻ ۽ اتان جي حالتن جو جائزو وٺڻ خاطر دورو ڪرڻ نڪتس. جڏهن مون ڪجھه پنڌ گاڏي ۾ ننگرپارڪر ڏانھن ويندي ڪيو ته رستي تي هڪ بورڊ نظر آيو، جنھن تي 1971ع جا شھيد لکيل هيو. مون ڊرائيور کان پڇيو ته ڇا هتان ڳوٺاڻا انھيءَ جنگ ۾ شريڪ ٿيا هيا؟ ڊرائيور ٻڌايو ته هي اها جاءِ آهي جتي هندستان جون فوجون بغير ڪنھن مزاحمت جي پھچي ويون هيون. پاڪستان جي فوج جو هڪ سپاهي هن علائقي ۾موجود ڪونه هيو. پاڪستان رينجرس جا جوان بارڊر جي بجاءِ مٺي شھر ۾ رهندا هيا. صبح جي وقت حسب معمول ننگر پارڪر بارڊر ڏانھن ويا پئي ته سامھون هندستان جون فوجون هيستائين پھچي چڪيون هيون ۽ هندستان جي فوجين سمجھيو ته شايد پاڪستان جي فوج مقابلي لاءِ پھچي وئي آهي. تنھن ڪري اڳتي پيشقدمي ڪرڻ جي بجاءِ ان جاءِ تائين پنھنجي ڪنٽرول کي مضبوط رکندي رينجرس تي فائرنگ ڪئي. جوابي فائرنگ ۾ ٻنھي ڌرين جا جوان ان جاءِ تي مئا.
پاڪستان جو بارڊر ان جاءِ کان تقريباً سوا سؤ کان ڏيڍ سو ڪلو ميٽر پري هيو. ٿرپارڪر جو تقريباً اڌ ضلعو پورو هندستان جي فوج قبضي هيٺ اچي ويو هيو. جنھن ۾ ننگرپارڪر ۽ ڇاڇرو تعلقو تقريباً اسلام ڪوٽ شھر سمورو. ڪجھه ٿورو علائقو ڏيپلو تعلقي جو شامل آهي. مطلب ته هن وقت جيڪو ڪارو سون يعني ڪوئلي جو ذخيرو ٿر ۾ موجود آهي، اهو سڀ علائقو هندستان فتح ڪري چڪو هيو. مون پاڻ ڏٺو ته جيڪي قيمتي ۽ وڏيون جايون هيون، اهي سڀ تقريباً انھن ڀيلي ڇڏيون هيون. انھن ۾ ڪابه ڪم واري شئي ڪانه ڇڏي هين.
ڀٽي صاحب هي علائقو پنھنجي حڪمت عملي تحت واپس ورتو. ٿرپارڪر جي ماڻھن جي گذرسفر گھڻي ڀاڱي بارش تي دارومدار رکي ٿو. ٿرپارڪر جي ڌڙن جي وچ ۾ جيڪو پٽ پيو هوندو آهي، جڏهن وسڪارو وسيع پيماني تي پوندو آهي ته ٿر جون ترايون پاڻي سان ٽمٽار ٿي وينديون آهن، جتان انسان ۽ جانور ٻئي انھي پاڻي مان مستفيض ٿيندا آهن. وسڪاري جي ڪري وارياسي زمين ۾ ايترو سيڪ رهندو آهي، جو مند جو فصل پوکي سگھجي ٿو. جتي فصل نٿو پوکجي انھي ايريا ۾ گاهه عام جام ٿئي ٿو، جنھن ڪري ٿر جي رهواسين جو مال مويشي خوب پلي ٿو ۽ خوشحالي ٿئي ٿي.
ٿر جي ماڻھن ۽ مويشي جي گذر سفر جو مڪمل دارو مدار قدرت تي آهي. وسڪارو ٿيو ته ٿر نه ته بر.
ٿرپارڪر جي ننگر وارو علائقو وڌيڪ سرسبز آهي بنسبت ٻين علائقن جي. جڏهن به ننگرپارڪر جوذڪر ايندو ته ڪارونجھر جو ذڪر ازخود زبان تي اچي ويندو. ڪارونجھر جبل ڊيگهه ۾ تقريباً ويھه ڪلوميٽر ٿيندو ۽ اوچائي به تقريباً ٽي سو ميٽر کن ٿيندي، پر هڪ خوبصورت ۽ مختلف رنگن سان ڀرپور نظارو اکين کي ايترو ته وڻندڙ آهي، جو ماڻھو جو جيءُ ڏسڻ سان ڍاپي ڪون. بار بار اکيون ڪارونجھر ڏانھن ڏسڻ لاءِ آتيون ٿيو وڃن. ڪارونجھر سڄو سون آهي ۽گرينائيٽ جو قيمتي خزانو ڪارونجھر جي پيٽ ۾ آهي.
الحمدلله هينئر ته ٿرپارڪر ۾ روڊن جو ڄار وڇائجي ويو آهي 2002ع مٺي کان ننگر پارڪر وڃڻ معني پورو ڏينھن سفر جي حوالي، هينئر ڪلاڪ ڏيڍ جي اندر مٺي کان ننگرپارڪر پھچيو وڃي. مان جڏهن پھريون دفعو ننگرپارڪر ويس ته رستو پڪو نه هجڻ ڪري تقريباً اڌ ڏينھن سفر ۾ گذري ويو. ننگر شھر کان ٿورو اڳڀرو قاصبو جو وڏوڳوٺ آهي، اتي به وڃڻ ٿيو، اتي مسلمان ۽ هندن جي آبادي پاڻ ۾ کير ۽ کنڊ وانگر هڪٻئي سان جڙيل هئا. مندر به تمام ڪافي هيا ۽ اتان جا هندو رهاڪو ملڻ آيا ۽ مونکي چيائون ته سائين اسان جي مندر جو به ديدار ڪريو ۽ مان انھن جي دل جي خواهش مطابق اوڏانھن ويس ۽ انھن سان مندر ۾ ويھي ڪجھه دير ڀڳت ٻڌي ۽ انھن جون رسمون ۽ ريتون ڏٺيون.
ٿرپارڪر جو ذڪر اچڻ سان سدا باغ بھار ۽ من موهيندڙ جنت جو پکي، مور جو نچڻ ۽ خوشيءَ ۾ ناچ ڪرڻ وارو منظر ايئن اکين جي آڏو هڪدم تري ايندو آهي. جيڪڏهن مان ايئن چوان ته ننگر پارڪر جي سونھن جو ڪارڻ ڪارونجھر آهي ته اھڙيءَ طرح ٿر جي سونھن مور آهي.
قاصبي جي ماڻھن مونکي هڪ عجيب ڳالھه ٻڌائي، پوءِ ٻين به ان ڳالھه جي تصديق ڪئي ته جڏهن انڊيا باربرڊ وائر بارڊر تي ڪانه لڳائي هئي. تڏهن هندستان جي حد مان جانور پاڪستان واري ٿر واري علائقي ۾ گاهه چرڻ ايندا هيا. هرڻ جا شڪاري جڏهن انھن جو گس جھلي، شڪار ڪرڻ ۽ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندا هيا ته هرڻن جا وڳ پاڪستان جي حد مان ڊوڙ پائي جڏهن انڊيا جي بارڊر تي پھچندا هيا ته ڊوڙڻ ختم ڪري آرام سان اڳتي ويندا هيا. انھن جانور کي به خبر هئي ته جيستائين پاڪستان جي حد ۾ آهيون، تيستائين اسان سان ڪجھه به ٿي سگھي ٿو، جڏهن بارڊر تي پھچي ويندا هيا ته پاڻ کي محفوظ سمجھندا هيا.
ٿرپارڪر ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پيئڻ جو پاڻي ۽ صحت جوسھولتون ناڪافي هجڻ آهي. ٿر جي تقريباً نوي سيڪڙو ايراضي ۾ زمين جو پاڻي نمڪين ۽ کارو آهي. جيڪو پيئڻ جي قابل ناهي.تنھن ڪري ٿر جي علائقي جي رهواسين کي پاڻيءَ جي نسبت سان گھڻيون بيماريون پيدا ٿين ٿيون. ٻيو ته هتي هڪ قسم جو نانگ ٿئي ٿو، جنھن کي ”پيئڻ بلا“ ڪري چوندا آهن. جيڪو ننڊ ۾ ماڻھن جي مُنهن ۾ زهريلو ماڌو وجھي ڇڏيندو آهي، جنھن جو جيڪڏهن بروقت علاج نه ٿئي ٿو ته ماڻھو فوت ٿي وڃن ٿا.

اربابن ۽ ٺَاڪُرن جي مائٽي

ڏڪار جي وقت عمومن ٿر جا ماڻھو پنھنجو مال مويشي بئراج واري علائقي ۾ ڪاهي ويندا آهن. انھيءَ کان علاوه هر سال خاص ڪري ڪڻڪ جي لابارن جي موسم ۾ بئراج وارن علائقن ۾ لابارو ڪرڻ ويندا آهن، جنھن مان هو ايندڙ وقت لاءِ ڪڻڪ کڻي واپس ويندا آهن. مان ويرا واهه کان تقريباً 20-25 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ويم. اتي منھنجو هڪ ٺاڪر سان ملاقات ٿي، ٺاڪر پيرسن هيو پر سندس مڇن جي تاءُ ۾ تازگي هئي.گانگٽ جھڙي مڇ کي وٽ اهڙي نموني ڏنل هو جو ڪوئي بي سرو وار نظر ڪونه پئي آيو. مونکي چيائين ته سائين اسين ٺاڪر ڪيترو به ڏڪار اچي پنھنجو ڳوٺ ڇڏي ٻئي علائقي ۾ ڪونه ويندا آهيون. چيائين ته اسان ٺاڪرن لاءِ عيب آهي جو ڏکئي وقت ۾ اباڻا ڪک ڇڏي ٻاهر وڃون. مونکي ٺاڪر جي زمين سان محبت وارو انداز ڏاڍو وڻيو.
مونکي ٿرپارڪر ۾ چئن گادين جا پوئلڳ جام نظر آيا.
1. سروري جماعت،
2. حرجماعت،
3. غوثي جماعت ملتان،
4. ڀٽو صاحب ڳڙهي خدا بخش جماعت.
2002ع ۾ ضلعي جو نائب ناظم گھڻو ڪري رامسنگھه سوڍو ٺاڪر هيو. منھنجي هڪ ڏينھن ان سان ضلعي جي متعلق ڳالھه ٻولھه پئي هلي ته هن مونکي ٻڌايو ته هي ارباب اسانجا ڀاڻيجا آهن. مون چيو ته اهو وري ڪيئن. هن ٻڌايو اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ تائين ارباب هميشه اسان ٺاڪرن مان شادي ڪندا هيا. مون پڇيو ته توهان اربابن کي پنھنجي نياڻي ڏيڻ ڪيئن پسند ڪندا هيا؟ چيائين ته ٻه ٽي سؤ سال اڳ ڪنھن درويش جي هنن سيوا ڪئي ۽ انھي هنن کي دعا ڪئي ۽ چيو ته توهان پاڻ ۾ عزيز سؤٽ ماسات هڪٻئي کي ڇوڪري جو سڱ نه ڏيندا ۽ صرف ٺاڪرن مان شادي ڪندا. انھي ڏينھن کان وٺي اسين ٺاڪر اربابن کي پنھنجي ڇوڪريءَ ڏيندا رهياسين جيستائين اربابن پاڻ ۾ سڱاونديون نه ڪيون. مون پڇيو ته انجو مطلب ته توهان ڇوڪري مسلمان ڪري اربابن سان پرڻائيندا هوندا؟ چيائين ته نه اسين پنھنجي مذهبي طور طريقي سان شادي ڪرائي ڏيندا هياسين. باقي اتي پنھنجي ڳوٺ پھچڻ کان پوءِ ٿي سگھي ٿو ته مسلمانن وانگر نڪاح وغيره ڪندا هجن.
وڌيڪ حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيائين ته ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ تائين اربابن جي گھر ۾ ڇوڪري ڪانه ٿيندي هئي ۽ هينئر ڇوڪريون ٿين ٿيون ۽ هو پاڻ ۾ رشتيداريون ڪن ٿا، تنھن ڪري اسان پنھنجيون نياڻيون ڏيڻ ختم ڪري ڇڏيون آهن. مون پڇيو ته اها ته وڏي حيران ڪندڙ ڳالھه آهي، جو اربابن جي گھر ۾ ڪنھن کي نياڻي پيدا ڪانه ٿئي. چيائين ته پيدا ٿينديون هيون، پر پوءِ هو انھن کي ختم ڪري ڇڏيندا هيا. هيءُ مٿي بيان ڪيل ڳالھه جي مونکي ڪا تصديق ڪانھي، پر جڏهن به مان اهو ڪنھن کان پڇيو ته ڳالھه هڪ ڪانه هئي، ڪو ڪيئن پيو چوي ته ڪير ڪيئن. تنھن ڪري مان انھي ڳالھه تي اڃان تائين مڪمل ڪليئر ناهيان، تنھنڪري منھنجو عرض آهي ته جيڪڏهن ڪنھن ٿر جي ماڻھو کي انھيءَ متعلق خبر آهي ته ضرور ڳالھه کي شيئر ڪري.
ارباب اصل ۾ ذات جا نھڙيا آهن، ارباب سندن لقب آهي. 2002ع ۾ ٿر جي سياست تي ارباب ڇانيل هيا، جڏهن اليڪشن ٿئي پئي ته ٻه ڏينھن اڳ ۾ هڪ ماڻھو ٻئي کي پيو چوي ته ارباب سي ايم ٿي اچي ٿو، بس اليڪشن ٿي بيھي. ٻئي پڇيس ته اليڪشن ۾ اڃان ٻه ڏينھن رهن ٿا ۽ تون اڳي ايئن ڪيئن ٿو چوين؟ چيائين ته تون ته ڪو عقل جو انڌو آهين، مان جيڪو توکي چوان ٿواهو پٿر تي لڪير. وڌيڪ چيائينس ته ٻه ڏينھن اڳ مون پاڻ جنرل يوسف قائمخاني کان ٻڌو ته هو، چوي پيو ته مون جنرل مشرف سان ڳالھائي ڇڏيو آهي، ارباب رحيم کي سي ايم سنڌ ڪرڻو آهي. مان انھن ٻنھي کي ڪونه پيو سڃاڻان، جو مان اتي بلڪل نئون هيس ۽ مون کي به گھڻا ڪونه پيا سڃاڻن. اهو مونکي اندازو ناهي ته آيا اهي مونکي سڃاڻن پيا يا ڪونه پيا سڃاڻن. ٻيو ته مان شھر جو اڪيلي پاڻ چڪر پئي هنيو ۽ گاڏيءَ ڪنھن ٻئي هنڌ بيٺل هئي.

اسلام ڪوٽ ۾ انويسٽمينٽ جي ضرورت

جنرل اليڪشن کان هڪ ڏينھن اڳ مونکي اي ڊي او چيو ته سائين ارباب صاحب سان ملي اچو ته بھتر آهي. مون پڇيو ته ڇو؟ چيائين ته سائين بس ائين. مون چيو ته اڄ تائين مان ڪنھن به سياسي ماڻھو وٽ پاڻ هلي ڪونه ويو آهيان، نڪو ڪو منھنجو پروگرام آهي. بھرحال خير سان اليڪشن بغير ڪنھن دشواري جي ٿي گذري. ٿرپارڪر جي قومي ۽ صوبائي سيٽن تي ارباب گروپ کي سرسري حاصل ٿي. اڳتي هلي مرڪز ۾ مير ظفرالله جمالي وزيراعظم پاڪستان منتخب ٿيو ۽ سنڌ جو وزيراعليٰ علي محمد مھر(مرحوم) چونڊجي آيو. جڏهن ارباب رحيم چيف منسٽر چونڊجي ويو ته ڪجھه عرصي کان پوءِ ٿرپارڪر جي دوري تي آيو. حسب معمول جڏهن به وزيراعليٰ دوري تي ايندو آهي ته ضلعي متعلق بريفنگ تيار ڪبي آهي، ته جيڪڏهن سي ايم چاهي ته ايريا جي مسئلن جي واقفيت وٺڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن کان پڇي. جيئن ته ارباب صاحب مونکان وڌيڪ ٿرپارڪر جي مسئلن کان واقف هيو، تنھنڪري سي ايم صاحب ڪابه بريفنگ وغيره ڪانه ورتي. پھرين دوري جي موقعي تي صرف مختلف وفدن سان ملاقات ڪيائين. تنھن ڪري مونسان ڪنھن به قسم جي اهڙي ڪابه ڳالھه ٻولھه ڪانه ڪئي صرف رسمي ملاقات ڪئي ۽ ڪنھن به قسم جو ڪوبه ڪنھن جي حق ۾ يا انجي خلاف ڪابه ڳالھه ٻولهه ڪانه ٿي. پر جيترو ارباب صاحب منھنجي اي ڊي او سان بي تڪلف هيو، انھيءَ جي مقابلي ۾ مون سان صرف رسمي طور ڳالھايو ٻولھايو.
جنوري 2003ع مون ايڪس پاڪستان ليو چاليھه ڏينھن جي لاءِ درخواست ڏني، جو مونکي پنھنجي محبوبه سان گڏ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ خاطر وڃڻو هيو. اسان جنوري جي آخري هفتي ۾ حجاز المقدس شريف حج ڪرڻ لاءِ وياسين ۽ منھنجي ٻاهر وڃڻ جي ڪري سنڌ سرڪار ٻيو آفيسر پوسٽ ڪيو ۽ حج جي واپسي کان پوءِ ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ پوسٽنگ لاءِ رپورٽ ڪيو.
الله جي ذات هر علائقي کي پنھنجي پنھنجي خوبيءَ سان نوازيو آهي. جيڪڏهن ظاهر ۾ ڪا شئي غير اهم معلوم ٿئي ٿي پر انجي اندر جيڪا نعمت مالڪ اسان لاءِ ڇپائي رکي آهي، تنھنجو اندازو اسان کي هر گز ڪونھي. پر هڪ وقت مقرر آهي، جڏهن رب ڪائنات اسان لاءِ انکي سمجھڻ آسان ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح ٿرپارڪر ڏسڻ ۾ وارياسو ۽ مڪمل طور بارش تي دارومدار رکي ٿو، پر ان واري جي ڌڙن هيٺ ايترو خزانو لڪائي رکيو اٿس، جيڪڏهن سنڌ سرڪار انھيءَ جي صحيح طرح سان مالڪي ڪري ته سنڌ دنيا جي خوشحال ترين علائقن مان هڪ خوشحال ترين علائقو ٿي سگھي ٿو. 2002ع جڏهن مان پھريون دفعو ٿر ويس ۽ حالتن کي ڏٺو ته ڪافي غربت ۽ صحت جي ناڪافي سھولتن جي ڪري ماڻھن کي ڪئي مختلف بيمارين کي منھن ڏيڻو پئي پيو. مونکي ٻڌايو ويو ته اسلام ڪوٽ کان ٿورو ست اٺ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي چائنيز ڪيمپ هڻي ڪوئلي تي ڪم ڪن ٿا. پر سائين تر جا گڏهه مھانگا ٿي ويا آهن ۽ ڪتا اڻلڀ ٿي ويا آهن. مونکي پھريان ته ڪا ڳالھه سمجھه ۾ ڪونه آئي، ته ڇو گڏهه مھانگا ۽ ڪتا اڻلڀ ٿي ويا آهن. پوءِ اي ڊي او روينيو ٻڌايو ته سائين چائنه جا ماڻھو انھن کي ڪھي کائن ٿا. گڏهه ته ڪنھن نه ڪنھنجو آهي، تنھن ڪري ملھه سان وٺن ٿا، باقي رولو ڪتا ته جيڪو انھن کي نظر اچي ٿو، اهو ايئن ٿا ڳڙڪائي ڇڏن جيئن هيو ئي ڪون. مون اي ڊي او کان پڇيو ته توهان اوڏانھن پاڻ ويا آهيو؟ چيائين ته مان ڪونه وڃي سگھيو آهيان، باقي انھن جا ٺيڪيدار وغيره ايندا رهندا آهن ۽ پوليس جي چوڪي انھن جي حفاظت لاءِ هر وقت اتي هوندي آهي. مون چيو ته چڱو انھن ڏانھن پيغام موڪل ته مان اوڏنھن ويندس. ٻن ڏينھن کان پوءِ جڏهن وڃڻ ٿيو ته وارياسو رستو ڏکيا پيچرا ٺھيل جن تي هلڻ دشوار، پاڻي پيئڻ جي لائق ڪون. مطلب ته دنيا جي هر سھولت کان بلڪل وانجھايل.
جڏهن اسلام ڪوٽ کان گاڏي تقريباً ڪلاڪ کن پنڌ ڪيو ته وارياسي علائقي ۾ باربرڊ وائر لڳل ۽ پوليس چوڪي نظر آئي، جتي وڃي ڪيمپ جي وڏي عملدار سان مليم. پھرئين ته اها خبر ڪانه پئي پوي ته هي ساڳيو ماڻھو آهي جنھن سان هاڻي مليم يا ٻيو ماڻھو آهي. رنگ، نقشا ۽ قد هڪجيترا، سڃاڻڻ وڌيڪ دشوار. بھرحال هو ملي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ ٻڌاين ته اڃان ٻه ٽي مھينا ڊرلنگ هلندي، انھيءَ کان پوءِ صحيح خبر پوندي ته هتي ڪيترو ڪوئلو ڪيتري سائيز ۽ ڪوالٽي جو موجود آهي. باقي هيا ڪم جا جھڙا جن. لڳي پيو ته واقعي ياجوج ماجوج جي قوم اها آهي، جنھن جو الله سائين سوره ڪھف جي آخري رڪوع ۾ ڪيو آهي. الحمدلله ثم الحمدالله
الله جي ذات بابرڪات ٿر جي ان علائقي ۾ زمين هيٺ ايترو ته ڪارو سون سنڌ جي ايندڙ نسل لاءِ لڪائي رکيو آهي، جيڪڏهن هڪ سؤ هزار ميگا واٽ بجلي سؤ سال لاءِ پيدا ڪيون تڏهن به ٿر جي ڪوئلي جو چوٿون حصو مس خرچ ٿيندو. هن وقت پاڪستان جي تقريباً ويھه هزار ميگاواٽ بجلي جي کپت آهي. پورو پاڪستان پنھنجي ضرورت پوري ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن اسي هزار ميگا واٽ بجلي ٻين ڀرپاسي وارن علائقن کي وڪڻي ته ڪافي سارو ٻاهريون ناڻو ڪمائي سگھجي ٿو. بھرحال الله جي مھربانيءَ سان ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي، اميد ته هيءَ علائقو خوشحال ترين ٿي ويندو. گذريل سال جڏهن مان انھي ساڳي جاءِ تي ويس جتي 2002ع ۾ ويو هيس ته هينئر اهو علائقو اهو ساڳيو نظر ڪونه پئي آيو. هن وقت انھيءَ جاءِ تي جنھن کي بلاڪ نمبر ٻه چون ٿا، اتي بين الاقوامي طرز تعمير تي بھترين آفيسون ۽ رهائش جون ڪالونيون. جيڪي ماڻھو انھي ڪاروائي جي ڪري بي گھر ٿيا يا ڪنھن به طرح سان اثر انداز ٿيا، انھن جي لاءِ بھترين هائوسنگ سوسائٽيز جي نموني سان اينگرو ڪمپني ٺاهي ڏئي پئي. تعليم ۽ صحت لاءِ اعلي معيار جا ادارا قائم ڪري اتان جي ماڻھن جي تقدير کي بدلائي ڇڏيو آهي. انھي سڀ ڪارگذاري ۾ مسٽر شمس الدين شيخ صاحب جو ذاتي عمل دخل آهي، جنھن جي جيتري تعريف ڪجي اها گھٽ آهي. جڏهن منھنجي ملاقات شمس الدين شيخ صاحب سان ٿي ته مونکي هڪ باوقار، بااصول، ديانتدار، انسانيت سان سرشار، خلق خدمت جي جذبي سان ٽمٽار انسان جي شڪل ۾ فرشتو نظر آيو. پھريون دفعو آهي جو ٿر جي اصل باشندن کي اوليت ڏني. انسان جي زندگي تي ڪوئي اعتبار ناهي پر جنھن نموني سان شمس شيخ صاحب ٿر جي علائقي لاءِ سوچي ۽ عملي ڪم ڪري پيو، اهو تاريخ ۾ سونھري حرفن سان لکيو ويندو.
منھنجي گذريل سال جي ٻن ٽن ڏينھن جي دوري مان ايئن لڳو ته هيءُ علائقو ايندڙ ڏهن سالن ۾ هڪ مثالي ۽ ترقي يافته علائقو هوندو. مٺي جيتوڻيڪ ضلعي هيڊڪوارٽر آهي پر ڪجھه سالن کان پوءِ اسلام ڪوٽ مٺي کان وڌيڪ ترقي پذير ۽ وڏو تجارتي مرڪز واري حيثيت جو مالڪ ٿيندو. هيءُ وقت آهي ته سنڌ جا سرندي وارا هتي اچي انويسٽمينٽ ڪن نه ته ڪجھه عرصي کان پوءِ ڌاريا اچي هتي سڀ ڪجھه هٿ ڪري اسان جي ٿر کي لٽي ڦري ناڙ ڪري وڃي پنھنجا علائقا آباد ڪندا. اسين هميشه عمل ڪرڻ جي وقت ڪجھه ڪونه ڪندا آهيون، پوءِ ويٺا رڙيون ۽ ڪوڪون ڪندا آهيون. سنڌ سرڪار کي کپي ته اسلام ڪوٽ شھر جي ٽائون پلاننگ ڪري انتي عمل پيرا ٿئي ته جيئن هي وڌندڙ شھر بي سرو ۽ بي تڪيو شھر نه ٿي پوي.
ٿر جي ماڻھن جي مھمانوازي هڪ مثالي مھمانوازي آهي. جيئن عام چوڻي آهي ته دوست لاءِ جيئرو جانور ڪھي ڇڏيندا آهن. واقعي اهو مون ٿر ۾ عام جام ڏٺو.
مان ۽ ڪجھه دوست ٿر ۾ مرحوم علي محمد سمون جي ڳوٺ 2014ع ۾ وياسين هر ماني جي ويلي تي ٻڪر تازو توانو پيو ذبح ڪري کارائي. کير، مکڻ، ماکي ۽ ڌنئرو ڪثير تعداد ۾ کڻي اچي اڳيا رکي. الله سائين سمون صاحب کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري. مرحوم جو ڳوٺ به مارئيءَ جي کوهه کان ٿورو اڳتي اولھه طرف مٺي ننگر روڊ کان تقريباً ڏهه پندرنهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي.
ٿر جي ڳائي مال جو قد ڪاٺ، رنگ، هلت ۽ چلت نراليءَ جڏهن وڳ جي صورت ۾ نڪرندا آهن ته اهڙا ته خوبصورت ۽ من موهيندڙ لڳندا آهن جو جيءُ چوندو آهي ته مال چارڻ لاءِ انھيءَ وڳ سان گڏ هجي. وري جڏهن ڌڙي تي ڳچي ۾ پاتل هار ۽ چڙن جي لڏڻ سان جيڪو روح پرور، سوز سان ڀرپور ساز وانگر ٽڻ ٽڻ جو آواز ايندو آهي، ته ڪنن کي سرور اچي ويندو آهي.
ٿر جو ذڪر هجي ته ٿري هٿ جي ٺھيل سهڻي من موهيندڙ دستڪاري کي ماڻھو وساري ڪونه ٿو سگھي. ڇا ته الله سائين ٿر جي امڙين کي هٿ ۾ هنر عطا ڪيو آهي. ڏسي ماڻھو حيران ٿيو وڃي. اهو هٿ جي ڪڙائي جو هنر ٿر جي هر گھر ۾ موجود آهي، مونکي جتي به وڃڻ جو موقعو مليو، مون اتي پري پري ڳوٺن ۾ هٿ جون ٺھيل شيون ڏٺيون. ڇاڇري جي تمام ڏورانھين علائقي ۾ ويس، جتان هندستان جو بارڊر سامھون نظر پيو اچي، اتي مون ڳوٺ ۾ اهي هٿ جون ٺھيل شاهڪار شيون ڏٺيون، جيڪي اهي سڀ اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ تمام گھڻي قيمت تي وڪامجندا آهن. جڏهن مون انھن کان پڇيو ته توهان هي گھڻي قيمت تي وڪڻندا آهيو؟ جيڪا رقم انھن ٻڌائي اها اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪانه هئي. پوءِ خبر پئي ته اهي اين جي اوز وارا اسان جي ٿر جي هٿ جي پورهئي مان ٿلھا متارا ٿيا آهن. اهي اين جي اوز جنھن قيمت تي اهي دستڪاري واريون شيون وڪڻن ٿا، انجو پنجون حصو به ٿري امڙين کي ڏين ته وڏي خوشحالي اچي سگھي ٿي. پر ان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار اتان جي چونڊيل نمائندي کي ادا ڪرڻو هوندو.
جولاءِ جي مھيني ۾ چيئرمين ايپزا ڪرنل صاحب مونکي ملڻ لاءِ پيغام موڪليو. ٻئي ڏينھن چيئرمين ايپزا سان ملڻ ويس. لنچ گڏ ڪئي، مونکي چيائين ته منھنجي خواهش آهي ته تون هتي ايپزا ۾ ڊائريڪٽر انويسٽمينٽ اينڊ فيسلٽيز ٿي اچ. جيڪڏهن تون اجازت ڏين ته مان تنھنجي لاءِ منسٽري کي لکان. مون به چئن مھينن کان پوسٽ جي لاءِ انتظار پئي ڪيو. دل ۾ چيم ته: انڌو گھري هڪ اک، مولا مونکي ٻه اکيون پيو ڏئي.
مون چيو ته سائين جيڪا توهانجي مرضي. تقريباً جولاءِ جي آخر يا آگسٽ جي شروع ۾ منھنجي پوسٽنگ ايپزا ۾ ڊائريڪٽر انويسٽمينٽ اينڊ فيسلٽيز ٿي. ايپزا منھنجي لاءِ نئون ڊپارٽمينٽ ڪونه هيو، تنھن ڪري موالي چوڻي. ”لھڻ سان تار“.
تقريباً مھينو مس گذريو، مغرب نماز جو وقت هيون، مون نماز پئي ادا ڪئي ته فون آيو. نماز کانپوءِ مون فون اٽينڊ ڪيو ته چيف منسٽر سيڪريٽريٽ مان ڪنھن آفيسر جو فون هيو ۽ چيائين ته جمن سڀاڻي وڃي جيڪب آباد ۾ ڊي سي او جي چارج وٺ. مون حيرانگي مان پڇيو ته سائين توهان ڀليا ته نه آهيو؟ مان هن وقت مرڪزي سرڪار جو نوڪر آهيان ۽ سنڌ سرڪار منھنجي ڪيئن ٿي پوسٽنگ ڪري سگھي؟. چيائين ته اسان کي خبر آهي ته ڪلاڪ اڳ تون مرڪزي سرڪار وٽ هئين، پر هينئر تون سنڌ سرڪار جي ڊسپوزل تي آهين. مون چيو ته ڀائو اڄ ته ڇنڇر جو ڏينھن آهي ۽ انھي کان علاوه آفيس ٽائيم به ڪونھي اهو وري ڪيئن؟. انھن ڏينھن ۾ ڇنڇر ۽ آچر ٻئي ڏينھن موڪل هوندي هئي. مون وڌيڪ چيو ته سومر ڏينھن ايپزا ۾ ويندس پوءِ چارج ڪنھن جي حوالي ڪري انکان پوءِ جيڪب آباد ڏانھن ويندس. چيائين ته نه توکي سڀاڻي هرحالت ۾ اتي پھچي رپورٽ ڪرڻي آهي. مون وراڻي چيو ته ڀاءُ اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ مون وٽ هينئر جھاز جي ٽڪيٽ جا پئسه به ڪونه آهن ۽ فلائيٽ صبح سوير آهي جيڪا سکر ويندي. چيائين ته تو وٽ اڌ ڪلاڪ ۾ تنھنجي فليٽ تي ڊي آر سڀ ڪجھه پھچائي ويندو. عشاء نماز جي ٽائيم تي ڊي آر آيو، جنھن مونکي هڪ لفافو اچي ڏنو. مون لفافو کولي ڏٺو ته ان ۾ ٻه نوٽيفڪيشنس هڪ مرڪز سرڪار جو ته محمد جمن ڄامڙو جي سروس سنڌ سرڪار جي حوالي ڪجي ٿي. ٻيو نوٽيفڪيشن ته محمد جمن ڄامڙو کي ڊي سي او جيڪب آباد پوسٽ ڪجي ٿو. ٽيون پنو هيو پي آءِ اي جي سيٽ متعلق ته سڀاڻي صبح جو منھنجي سيٽ ڪنفرم آھي سکر لاءِ.
ڪافي دير تائين ته مونکي ڪابه ڳالھه سمجھه ۾ ڪونه پئي اچي ته هي آخر ماجرا ڇا آهي ۽ ايترو هنگامي صورتحال ۾ بغير ڪنھن تياريءَ جي مونکي اوڏانھن موڪليو پيو وڃي. مون ورائي سي ايم سيڪريٽريٽ وارن کان پڇيو ته آخر مسئلو ڇا آهي؟ جواب مليو ته اها اسان کي به خبر ناهي باقي توکي پھچڻ شرط جيڪب آباد ايئرپورٽ تي رهيل مھمانن سان ملڻو آهي.

جيڪب آباد ۽ شهباز ايئر بيس

جيڪب آباد 1847ع ۾ اپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ جي حيثيت سان جان جيڪب جي نالي سان خانڳڙهه جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ضلعي هيڊڪوارٽر جو بنياد رکيو ويو. ان کان اڳ 1843ع جڏهن سنڌ انگريزن جي ماتحت ٿي ته انگريز بادشاهه ايڊمنسٽريشن خاطر سنڌ کي ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، خيرپور رياست ۾ تقسيم ڪيو. 1843ع کان 1847ع تائين جيڪب آباد ڊسٽرڪٽ شڪارپور جو حصو رهيو.
جان جيڪب جڏهن 1947ع ۾ جيڪب آباد جو بنياد وڌو، ان وقت هو ميجر هيو. جڏهن 1858ع ۾ فوت ٿيو ته انوقت برگيڊيئر جنرل هيو. جان جيڪب مرڻ گھڙي تائين جيڪب آباد ۾ رهيو ۽ پاڻ کي دفن به جيڪب آباد ۾ ڪرايائين. يعني هن پنھنجي زندگي جيڪب آباد جي حوالي ڪري ڇڏي، جو انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ به ضلعو سندس نالي سان دائم ۽ قائم آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اڪثر انگريزن جي نالي سان منسوب ضلعن جا نالا تبديل ٿي ويا آهن. جيئن منٽگومري مان ساهيوال، لائل پور مان فيصل آباد، ڪيمپبلپور مان اٽڪ، سنڊيمن مان زوب.
جيڪب آباد سنڌ کي بلوچستان ۽ پنجاب جي لاءِ گيٽ وي وارو ڪم ڪندو آهي. جيڪب آباد ڪراچي کان اتر ۾ 480 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي ۽ عجيب اتفاق ته قنڌار کان ڏکڻ اوڀر ۾
480 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.
1847ع کان 2004ع تائين تقريباً پنج هزار اسڪوائر ڪلوميٽر جي پکيڙ تي جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو، ٺل، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور.
تعلقن تي مشتمل رهيو. 2004ع کان پوءِ صرف جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو ۽ ٺل تعلقي تي مشتمل آهي. ڪنڌڪوٽ ۽ڪشمور تعلقن تي مشتمل ضلعي ڪشمور هيڊڪوارٽر ڪنڌڪوٽ رکيو ويو. ايراضي تقريباً اڍائي هزار اسڪوائر ڪلوميٽر هر هڪ ضلعي جي حصي ۾ آئي.
پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ شروع ۾ سياسي لحاظ سان سومرا، کوسه، جمالي ۽ بجاراڻي حاوي رهيا. ون يونٽ جي زماني ۾ ڊيرا الھيار جنھن کي جھٽ پٽ ڪري چوندا هيا، ضلعي جيڪب آباد جو حصو هئي. ون يونٽ کان پوءِ جھٽ پٽ بلوچستان صوبي کي ڏنو ويو. ڇو ڏنو ويو ۽ ڪڏهن کان جھٽ پٽ جيڪب آباد جو حصو ٿي، انجي مونکي ڪابه تصديق سان معلومات ناهي. باقي جيڪو مون سمجھان ٿو ته جھٽ پٽ کي جيڪب آباد مان ٻاهر ڪڍڻ سان جمالي سياسي حساب سان نڪري ويا ۽ کوسه برادري جي طاقت کي ٽوڙي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. هينئر جھٽ پٽ کي ورهائي ٻن ضلعن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو آهي، ڊيره الھيار معني سياسي طور جمالي ۽ صحبتپور سياسي قوت کوسه برادري.
2004ع تائين مضبوط سياسي قوتون کوسه، جکراڻي، بجاراڻي، سومرا، شاهلاڻي، سرڪي، پھنور، ڊومڪي ۽ مزاري هيا.
ون يونٽ کان پوءِ جڏهن جمالي جيڪب آباد کان ٻاهر ٿيا ته شاهلاڻي سياسي طور اڳتي اچي جمالي جي ڇڏيل سياسي خلاءِ پُر ڪيو. سومرا جيئن ته ڊرائنگ سياست جا وڏا ماهر رهيا آهن، انھن پنھنجي سياسي قوت کي برقرار رکڻ خاطر جکراڻي قبيلي تي هٿ رکيو ۽ انھن کي اڳتي آندو، جن اڳتي هلي سومرن جي سياسي قوت کي ختم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي ۽ هينئر جيڪب آباد جي وڏي سياسي قوت جکراڻي ٿي ويا آهن ۽ سومرا سياسي طور آخري پساهه ۾ آهن.
هن وقت سياسي طور مضبوط قوتون کوسه، جکراڻي، شاهلاڻي، سرڪي ۽ پھنور موجوده جيڪب آباد ۾ ڪشمور ۾ بجاراڻي، کوسه، مزاري آهن، باقي ڊومڪي، ڀنگوار ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون برادريون پنھنجو اثر رکن ٿيون. اڄ ڪلھه ڪشمور چاهي سنڌ پوري ۾ جنھن جو درياءَ جي گسن ۽ پيچرن تي قبضو آهي، انجي سياسي حيثيت مضبوط آهي.
جيڪب آباد ۽ ڪشمور جي آبادي تقريباً ويهه لک ٿيندي.
جان جيڪب جو وڏي ۾ وڏو ڪنٽرييوشن جيڪب آباد لاءِ اهو آهي ته هن علائقي کي معاشي ترقي وٺرائڻ خاطر هتان جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ پنھنجي مدد پاڻ ۽ ڪجھه وقت جي سرڪار جي سھڪار سان 1851ع ۾ بيگاري واهه پنجاهه فوٽ ويڪرو، نو فوٽ گھرو ۽ پنجاهه ميل ڊگھو کوٽائي هزارين ايڪڙ زمين پوکي لائق بڻائي. 1854ع ۾ وڌيڪ ڏهه ميل ڊگھو واهه ڪيو، جيڪو پنجاهه ميل مان سٺ ميل ڊگھو واهه ٿي پيو، جنھن سان اڄ جيڪب آباد ۽ شڪارپور جون زمينون آباد ٿين ٿيون. بيگاري واهه مان مختلف پنج شاخون ڪڍي زمين کي آباد ڪيو وڃي ٿو.
1962ع ۾ گڊو بئراج ٺھي تيار ٿيو ۽ انھي مان پٽ فيڊر ڪينال ڪڍيو ويو، جيڪو ڪشمور، جيڪب آباد ۽ بلوچستان جي نصيرآباد ڊويزن جي زمينن کي سيراب ڪري ٿو.

جيڪب آباد کي ترقي يافته بڻائڻ لاءِ ڪجهه اسڪيمون

سيپٽمبر 2003ع جڏهن مون جيڪب آباد جي چارج ورتي، تنھن وقت جکراڻي، بجاراڻي، مزاري، کوسه، سرڪي، سومرا، شاهلاڻي، ٿھيم۽ پھنور سياسي قوتون هيون. ضلعي ناظم بجاراڻي، نائب ناظم پنھور، ميونسپل جو ناظم جکراڻي، ايم اين اي جکراڻي، بجاراڻي ۽ مزاري هيا. ايم پي اي کوسه، پنھور، سرڪي هيا.
پاڪستان جا ٽي ايئر بيس آمريڪا جي فورسز جي حوالي ڪيل هيا، انھن ۾ شھباز ايئربيس جيڪب آباد به هڪ هيو، جتان هو افغانستان جي اندر وڃي ڪاروائي ڪري ايندا هيا. انھن ڏاڍن جي مھمان طور رهڻ ڪري انھن جي حفاظت ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج هيو، جنھن جي ڪري اسان کي به اتي اچي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو. جنھن وقت به انھن ايئرپورٽ تي رهيل مھمانن سان ملاقات ٿيندي هئي ته هميشه اهو چوندا هيا ته ٺيڪ آ توهان ڪافي حفاظتي انتظام ڪيا آهن، پر اڃان وڌيڪ توجھه ڏيو، اسان جي حفاظت لاءِ، سو انھن جو ڊو مور وارو جملو اهڙو ته رٽيل هئن، جو خواب ۾ به شايد پر يقينن اهوئي چوندا ۽ ڏسندا هوندا ته ڊو مور.
وزيراعظم پاڪستان جڏهن به پنھنجي اباڻي ڳوٺ ايندا هيا ته هميشه شھباز ايئربيس جيڪب آباد استعمال ڪندا هيا، باقي ٻين سڀ فلائيٽ جو اچڻ ۽ وڃڻ بلڪل منع هيو. وزيراعظم مير ظفرالله خان جمالي جو اباڻو ڳوٺ روجھاڻ جمالي جيڪب آباد کان تقريباً اٺ ميل اولهه ڏکڻ ۾ آهي. تنھنڪري وزيراعظم کي ايئرپورٽ تان وٺي وڃڻ ۽ ڇڏڻ جي مھمانداري جو موقعو ڊي سي او جيڪب آباد کي ملندو هيو. جمالي صاحب بذات خود جيڪب آباد جي ترقياتي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندو هيو. تنھن ڪري مون هڪڙا چار پنج پروپوزل وزيراعظم کي ڪچو تخمينو لڳرائي ڏنا هيا.
ڪشمور کان ڊيره الھيار تائين پٽ فيڊر ڪئنال سان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي روڊ ٺاهي، جنھن سان هڪ ته پنجاب کان ڪوئيٽا ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ پنجاهه سٺ ڪلوميٽر رستو گھٽ پنڌ ٿيندو ۽ ٻيو منھنجو اصل مقصد هيو ته جيڪڏهن هي روڊ ٺھي ويندو ته عمومن سنڌ ۽ بلوچستان جي بارڊر تي فورسز کي پھچڻ ۾ دقت ٿئي ٿي اتي جي ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. انھي روڊ جي تعميرٿيڻ کان پوءِ ڏوهن تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ٿي ويندو ۽ فورسز جي اچ وڃ آسان ٿي پوندي.
ٻي اسڪيم ڏني هئي ته جيڪب آباد ٺل ڪنڌڪوٽ جي روڊ کي ٻه طرفو تعمير ڪري ته جيئن جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي وارن آبادين کي ڪشمور وڃڻ لاءِ وڪڙ ڪري شڪارپور جي بجاءِ هي رستو اختيار ڪن.
ٽين اسڪيم مون ڏني هئي ته جيڪب آباد کان ڳڙهي خيرو، شھدادڪوٽ، قمبر ۽ وڳڻ تائين ٻه طرفو روڊ اين ايڇ اي ٺھرائي
چوٿون ڳڙهي خيرو، اوستا محمد ۽ ڊيره الھيار ٻه طرفو روڊ اين ايڇ اي ٺھرائي.
انھن سڀني اسڪيمن کي وزيراعظم جمالي صاحب پسند به ڪيو ۽ چيائين ته مان ذاتي ڪوشش وٺي انھن اسڪيمن کي انشاءَ الله مڪمل ڪرائيندس.
مير ظفرالله جمالي صاحب دل جو سخي ۽ وڏو مھمانواز، خوش طبيعت جا مالڪ هيا. اسان عمومن جيڪب آباد کان روجھاڻ جمالي تائين ڇڏڻ وينداهياسين ته بغير ماني کارائڻ جي واپس ڪونه ڇڏيندو هيو. هڪ دفعي جمالي صاحب، پي ايم جو پرسنل فزيشن، وحيد پي ايس او، منصب جکراڻي ۽ ٻه ٽي ٻيا گڏ ماني پئي کاڌي ته جمالي صاحب ڳالھه ڪئي ته يار اسلام آباد جي ماڻھن جي ڪا خبر ئي ڪانه ٿي پوي. مون اتي چيو ته سائين هڪڙي ڳالھه اسلام آباد لاءِ ڪافي مشھور آهي. جمالي صاحب چيو ته اها ڪھڙي ڳالھه آهي؟ مون عرض ڪيو ته سائين هڪ دفعي لاهور کان ڪنھن ماڻھو اسلام آباد فون ڪيو ته اسلام آباد مان ڪنھن ماڻھو اهو فون اٽينڊ ڪيو. لاهور واري ماڻھو پڇيو ته ڀاءُ ڪير ٿو ڳالھائين ته اسلام آباد واري چيو ته مان ضمير ٿو ڳالھايان. لاهور واري همراهه وراڻي چيس ته يار مذاق نه ڪر، اصل نالو ٻڌاءِ چيائين ته منھنجو نالو ضمير آهي. لاهور واري چيو ته تون ڪوڙ ٿو ڳالھائين، اسلام آباد واري همراهه چيو ته يار ان ۾ ڪوڙ جي ڪھڙي ڳالھه آهي مان ضمير آهيان ضمير. لاهور واري چيو ته مان ڪيئن مڃيان ته تون ضمير آهين؟ اسلام آباد ۽ ضمير ٻئي متضاد شيون آهن.
جمالي صاحب ڏاڍو کليو. ڇھن مھينن کان پوءِ جمالي صاحب وزارت عظميٰ تان فارغ ٿيا ۽ بلوچستان هائوس اسلام آباد جي گھڻو ڪري سورهن نمبر سوٽ ۾ رهائش پذير هيا. مان ملڻ خاطر اتي ويس ته جمالي صاحب وٽ ڪافي دوست اڳئي ويٺا هيا، مون چٽ اندر موڪلي هڪدم گھرائي پنھنجي ڀرسان مونکي ويھڻ لاءِ چيائون ۽ سڀني کي ٻڌايائين هي جمن ڄامڙو آهي، اڄ کان ڪجھه وقت اڳ هن هڪ ڳالھه ڪئي، جيڪا اڄ سو سيڪڙو سچ ثابت ٿي. پوءِ ان مون واري ڳالھه کي ورجايو ۽ ايڏو ته کليا ۽ بار بار منھنجي پٺي تي هٿ به رکن پيا.
جيڪب آباد وڃڻ شرط مون سموري ايريا جو جائزو ورتو ۽ ماڻھن ۽ علائقي جي عوام جي مجموعي مسئلن کي سمجھڻ ۽ انھن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش خاطر ڪجھه اپاءُ وٺڻ شروع ڪيا. جڏهن مون ڏٺو ته انگريزن جي وقت جون ٺھيل مختيارڪار جون آفيسون ۽ رڪارڊ روم جي زبون حالت ٿي وئي هئي. ايئن پيو لڳي ته پاڪستان جي ٺھڻ کان وٺي انھن بلڊنگن جي ڪنھن به قسم جي مرمت وارو هٿ لڳوئي ڪونھي. لينڊ رڪارڊ تمام غيرمحفوظ ۽ بيدردي سان ڌڪاريل پيو هيو. ڏسي مونکي ڏاڍو افسوس ٿيو ته ضلعي جي عوام جي امانت اسانجي حوالي ڪيل آهي ۽ اسين ايترا غافل ٿي ويا آهيون جو ان امانت کي صحيح طرح محفوظ به ڪري نٿا رکون. اي ڊي او ورڪس لغاري صاحب هيو، مون انکي گھرائي ذميواري ڏني ته هنن قيمتي عمارتن کي اصل حالت ۾ آڻڻ لاءِ تخمينو لڳرائي ڏي ته جيئن ايندڙ بجيٽ ۾ مرحليوار سڀني عمارتن کي درست حال ۾ آڻيون. لغاري صاحب محنت ڪري تخمينو لڳرائي مونکي ڏنو، مون انھن پنجن ڇھن بلڊنگن جي اڌ جو ايندڙ بجيٽ 05-2004 ۾ تجويز منظور ڪرائي.
جيڪب آباد ۾ آفيسرن جي رهڻ لاءِ ڪوئي بندوبست ڪونه هيو، تنھن ڪري ڊي سي آفيس جي ڪمپائونڊ وال جي اندر ٻه يا ٽي اي ڊي او هائوسز جو تجويز ناظم صاحب کان مشڪل سان منظور ڪرائي.
ناظم ۽ منھنجي گھڻين ڳالھين تي ذهني هم آهنگي هئي. ناظم صاحب جيئن ته هڪ مڃيل سياسي گھراڻي جو فرد هيو، تنھنڪري ننڍي عمر۾ طبيعت ۾ ٺھراءُ ۽ ڳالھه کي سمجھڻ جي صلاحيت هيس ۽ ملڻ جلڻ جو تمام سٺو هيو ۽ مون ڏٺو ته مون جيڪا به تجويز ڏني انھي کي وزن ڏيندو هيو، پر ڪن ڳالھين تي اختلاف به ڪندو هيو جو انجون سياسي مجبوريون هيون.
ڊي پي او دين محمد بلوچ صاحب هيو ۽ اسان جي هڪٻئي سان تمام سٺي ڪوآرڊينيشن هوندي هئي، تنھنڪري اسين پاڻ ۾ هميشه هڪ پيج تي رهياسين. دين محمد بلوچ ۽ اسانجو پاڻ ۾ پراڻو تعلق به هيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي.
جيڪب آباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جو تمام پراڻو مسئلو رهيو آهي. انھي مسئلي کي حل ڪرڻ جي خاطر الحمدلله سومرو صاحب ڪافي ڪوششون وٺي ڪنھن حد تائين پيئڻ جي پاڻي واري مسئلي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪا تڪميل جي آخري مرحلن مان گذري پئي.

جان جيڪب جو گهڙيال

برگيڊيئر جنرل جان جيڪب پنھنجيون لازوال يادگيريون جيڪب آباد ۾ ڇڏيون آهن. انھن سڀني مان هڪ انيڪ قسم جي ايجاد، جيڪا دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ ۾ موجود ناهي، اها آهي هڪ گھڙيال جيڪو تقريباً پوڻا ٻه سؤ سالن کان اڄ تائين ڪم ڪري ٿو. مڪينيڪل انجنيئرنگ جي انتھا آهي، جو ان شخص جي هٿ سان ٺھيل گھڙيال ۾ هڪئي وقت برطانيه، پاڪستان جو ٽائيم، چنڊ جي تاريخ معلوم ٿيندي آهي، اهو ڪو مشڪل ڪم ناهي ته پاڪستان ۽ برطانيه جو ٽائيم هڪئي وقت ڏسي سگھجي. اصل ڪمال ته اهو آهي جو چنڊ جي صورت چنڊ جي تاريخ مطابق ڏسڻ ۾ ايندي آهي. عيسوي سن جي دنيا کي خبر آهي ته ڪھڙو مھينو ايڪٽيھه ڏينھن جو هوندو ۽ ڪھڙو مھينو ٽيھه ڏينھن جو هوندو. پر قمري مھيني لاءِ اڳواٽ اهو تعين ڪرڻ ته چنڊ ڪھڙي مھيني ۾ اڻٽيھون ياٽيھون هوندو ۽ جيڪو هن وقت تائين بلڪل چنڊ جي پوزيشن جي صحيح صورتحال کان باخبر رکيواچي پيو. اهو پوري دنيا ۾ صرف هڪ جاءِ تي آهي، جيڪو ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد جي گھر ۾ لڳل آهي. مان ان گھڙيال جي هڪ وڊيو به دوستن لاءِ سنڀالي رکي آھي.
مون جيڪب آباد جي ماڻھن کان ٻڌو ته انھن جا وڏڙا چوندا هيا ته جان جيڪب بلوچي زبان بلڪل روانيءَ سان ڳالھائيندو هيو. چون ٿا ته هڪ دفعي بلوچ قبيلن جي وڏن کي پاڻ وٽ گھرايائين. جڏهن قبيلن جا وڏڙا پاڻ ۾ ويٺا ته بلوچيءَ ۾ ڪي گٿا لفظ ڪجھه جان جيڪب لاءِ ته ڪجھه انگريز سرڪار لاءِ چئي ويا. هنن جو خيال هيو ته جان جيڪب کي بلوچي سمجھه ۾ ڪونه ايندي، تنھنڪري هنن پاڻ ۾ اهو سڀ ڪجهه چيو. جان جيڪب وچ ۾ ڪجھه ڪونه ڳالھايو. جڏهن جان جيڪب انھن قبيلن جي وڏڙن سان مخاطب ٿي بلوچي زبان ۾ ڳالھائڻ شروع ڪيو ته اهي سڀ ششدر ٿيا ۽ ڪجھه خوف ٿيڻ لڳن ته متان سرڪار اسانجي مٿان ڪو قدم کڻي. جان جيڪب هنن سڀني کي چيو ته توهان ڪنھن به قسم جو خوف نه ڪريو ۽ توهان جو چوڻ مان ڪنھن ليکي ۾ ڪونه آڻيندس.
جيئن ته انگريزن کي ڪابل ۽ قنڌار مان خطرو رهندو هيو تنھنڪري انگريز سرڪار پنجاب ۾ باقائده گھوڙن کي پالڻ خاطر زميندارن کي زمينون الاٽ ڪري ڏنيون، ۽ چيو ته توهان کي اهي زمينون انھي ڪري ڏنيون ٿيون وڃن ته جيئن توهان اعليٰ نسل جا گھوڙا پاليو. جيئن ته انھي وقت روڊ ۽ رستا ڪونه هيا، تنھن ڪري فوجي سازوسامان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پھچائڻ لاءِ گھوڙا ۽ خچر استعمال ڪندا هيا. جيئن ته انگريز سرڪار کي سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام تي ڀروسو ڪونه هيو، تنھنڪري هڪ منصوبي تحت گھوڙن کي پالڻ لاءِ زمين ڏيڻ کان بغير هڪ طريقو ايجاد ڪيو. اُهو اِهو ته هر سال جيڪب آباد ۽ سبي ۾ مال مويشي خاص ڪري گھوڙن ۽ ڏاندن جا جنوري ۽ فيبروري مھيني ۾ مقابلا ڪرائيندا هيا ته جيئن سٺي نسل جي گھوڙن ۽ ڏاندن جي پرورش ٿئي. جيئن بوقت ضرورت انھن ماڻھن کان مدد وٺي گھوڙن ۽ بيل گاڏي جي رستي فوجي سازوسان جي نقل و حرڪت ڪري سگھجي. تنھنڪري هر سال جنوري فيبروري ۾ جيڪب آباد ۾ ڪيٽل شو ٿيندو هيو، جيڪو جيڪب آباد جي لاءِ هڪ اعزاز سمجھيو ويندو هيو ۽ باقائده گورنر سنڌ پاڻ اچي ان ميلي ۾ شرڪت ڪري انعام تقسيم ڪندو هيو.
جيڪب آباد جو عوام هڪ سٻاجھڙو، مھمانواز، بھادر، خوددار ۽ پنھنجي قبيلي جي اڳواڻ جي تابع ٿي گذاري ٿو.
تعليم جي لحاظ کان ڪافي پٺتي پيل علائقو آهي. قبيلي جي وڏي جي ڳالھه عمومن حرف آخر هوندي آهي. هٿيار جي ڏيکاءُ کي پنھنجي لاءِ عزت ۽ شان و شوڪت تصور ڪندا آهن.
جيڪب آباد، ڪشمور ۽ صحبتپور ٽنھي ضلعن ۾ عددي حساب سان کوسه برادري ٻين برادرين جي مقابلي تمام گھڻا ۽ ساهيٽا آهن. جيڪڏهن کوسه برادي پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ڪنھن به هڪ ماڻھو جي پنھنجي تڪ ۾ حمايت ڪن ته منھنجي حساب سان ٻيو ڪوبه ماڻھو سواءِ کوسن جي ايم اين اي يا ايم پي اي نٿو ٿي سگھي. سڀ کان سٺي ڳالھه مون جيڪب آباد ۾ محسوس ڪئي ته گھڻائي جي باوجود کوسو برادري جا ماڻهو نھايت شريف ۽ امن سان رهڻ وارا آهن.
منھنجي ان مٿي ذڪر ڪيل ڳالھه سان دوستن کي اختلاف ٿي سگھي ٿو، ڇو ته هر ماڻھو جي سوچڻ جو انداز پنھنجو هوندو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر لاءِ مان چاهيندس ته انھن ٻنھي پوزيشن متعلق ڪجھه پنھنجو ذاتي تجزيو پيش ڪيان. منھنجي اها ذاتي راءِ تصور ڪئي وڃي، باقي اختلاف ڪرڻ جو هر هڪ کي حق آهي.
ٻنھي نظامن جا ڪجھه فائدا به آهن ته ڪجھه نقصان به. ماڻھن جي ٺھيل نظام ۾ هر حال ۾ نقص هوندو آهي، سواءِ رب ڪائنات جي نظام جي، جيڪو مڪمل جامع ۽ بقادار هوندو آهي. ظاهر ڳالھه آهي ته جيڪو ڪنھن نظام کي ٺاهيندو آهي، انھي جي پٺيان سوچ هميشه انھي جي مفاد سان سلھاڙيل هوندي آهي.

ڊپٽي ڪمشنر جو نظام هندوستان ۾ ڪامياب

انگريز بادشاهه جڏهن ڊپٽي ڪمشنر ۽ پوليس جونظام آندو ته انجي پٺيان اها سوچ هئي ته عوام جي مٿان ڌاڪو به هجي ته گڏوگڏ انصاف به هجي، ته جيئن عوام اسان جي خلاف اٿي کڙو نه ٿئي. انھيءَ سان گڏوگڏ هو، پنھنجون سرحدون وڌائيندا ويا. تنھنڪري امن امان کي اوليت ڏني ۽ عوام جو بنيادي حق کسي صرف امن بحال ڪري حڪومت هلائي.
جڏهن مشرف ضلعي حڪومت جو نظام آندو، انھي جي پٺيان اردو ڳالهائيندڙ ماڻھن کي مضبوط ڪرڻ ۽ سنڌ جي شھري علائقي جي زمين جو بي تاج بادشاهه بڻائڻ هيو. انھيءَ ڪري ضلعي ناظم کي ضلعي جي سرڪاري زمين جي نيڪال ۽ استعمال جو مڪمل ڪنٽرول ڏنو ويو.
دنيا ۾ امن ڪڏهن به تلوار يا ڏنڊي جي ڪري ڪونه ٿيندو آهي. عارضي ٺاپر ٿي سگھي ٿي پر مڪمل امن ڪڏهن به ڪونه ٿي سگھندو آهي. جيڪڏهن دنيا جو امن ڏنڊي جي ڪري هجي ها ته پوءِ دنيا ۾ صدر يا وزيراعظم جي ڪھڙي ضرورت! جڏهن ته ڪمانڊر انچيف هر ملڪ ۾ موجود هوندو آهي، اهوئي ڪافي هجي ها.
جنھن جي هٿ ۾ بندوق هوندي آهي، اهو ڪڏهن به ڀائيچاري جي پرچار نه ڪندو آهي نه ڪرڻ ڏيندو آهي.
انگريزن جڏهن ڊپٽي ڪمشنر جو نظام هتي رائج ڪيو ته انھيءَ نظام کي پنھنجي ملڪ ۾ رائج ڪرڻ پسند ڪونه ڪيو، ڇو ته اتي جو معاشرو هتان جي معاشري کان وڌيڪ سجاڳ، تعليم يافته ۽ پنھنجي حقن جي استعمال کان واقف هيو. تنھنڪري مقامي گورنمينٽ نظام نافذ ڪيو. هتي لوڪل گورنميٽ جو نظام انھي ڪري نافذ نه ڪيو جو هتان جي عوام پنھنجي پنھنجي قبائلي سردار جي لٺ هيٺ هيو، ۽ تعليم جي نه هجڻ ڪري عوام وٽ ڪو شعور ڪونه هيو. تنھنڪري انھن سردارن کي پنھنجي تابع ڪرڻ خاطر ڊپٽي ڪمشنر نظام رائج ڪيو.
اڄ به سنڌ جي عوام وٽ اهو سماجي شعور ناهي، جنھن تحت ضلعي حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري. سنڌ جوعوام معياري تعليم کان ڪوهين پري وڃي ڪاپي تي ڀاڙي بيٺو آهي، تنھن وٽ شعور اچي ڪٿان؟ الحمدلله اسان مسلمان آهيون، صرف انھيءَ ڪري جو مسلمان گھراڻي ۾ پيدا ٿيا آهيون. عملي طور اسانجو اسلام جي ڪنھن به اصول جي مطابق رهڻي سھڻي ڪانھي.
اسلام ڪوڙ جي سخت منع ڪري ٿو. اسانجو ڪوڙ تي سندرو ٻڌل. اسلام دوکيبازي کان منع ڪري، اسان سڄووقت دوکي ڏيڻ لاءِ نيون نيون ترڪيبون ٺاهي وٺندا آهيون. اسلام منع ڪري ٿو ته ڪنھن جو حق نه غضب ڪيو، اسان انھي جي ابتڙ پيا راهون ڳوليندا آهيون. اسلام ٻئي جي لاءِ خيرخواهي ڪرڻ جو درس ڏئي. اسين انجي مخالف سمت ۾ وڃڻ لاءِ آتا. اسلام ڀائيچاري جو حڪم ڪري ٿو، اسان صرف پنھنجي مفاد کي سڀ کان اول ترجيح ڏيون ٿا.
اهي سڀ اسلام جا اٽل اصول انگريز بادشاهن جي پنھنجي سوسائٽي ۾ هيا، تنھن ڪري برطانيه پنھنجي ملڪ ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي نظام جي مقابلي ۾ لوڪل گورنمينٽ کي مضبوط ڪيو.
پاڪستان پوري ۾ اڄ تائين اسان ڪنھن هڪ اسلامي اصول تي هلون ڪونه ٿا.
جيڪڏهن ڪنھن نمائندي جي چونڊ ڪرڻي آهي ته اسان ڏسندا آهيون ته ڪھڙي خاندان جو آهي. اسانجي غلط ڪم ۾ ڪيتري مدد ڪندو، ٻيو اسان ڏسندا آهيون ته يار جيڪڏهن مخالفت ڪئي ته منھنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندو.
اسان نه ان ماڻھو جو ڪردار ڏسون، نه اسان انجي اهليت کي ڏسون، نه اسان انجي ديانتداريءَ کي ڏسون. جڏهن انھي حالتن اندر اسان پنھنجو نمائندو چونڊيون ٿا ته ڇا اهو ممڪن آهي ته جيڪڏهن لوڪل گورنمينٽ جي نظام کي مڪمل طور انھن نمائندن جي حوالي ڪجي جيئن برطانيه وغيره ۾ آهن، ۽ عوام لاءِ سڀ سھولتون مھيا ڪن ٿا. ڇا اهي سڀ ڪم ڪندا؟ اسانجي مونسپالٽين جي حالتون سڀني جي اڳيان آهن
ضلعي نظام پاڪستان ۾ تڏهن ڪامياب ٿيندو، جيستائين اسين اسلام جي ڏنل اصولن کي پنھنجي روز مره جي زندگيءَ ۾ عمل نٿا ڪيون. نماز، روزو، حج ۽ زڪوات اهي سڀ چڱا پر اصل ڪم اسلام جي اصولن تي هلڻ ۾ هرڪاميابي آهي.
انگريز بادشاهه جڏهن ڏٺو ته هتي جو عوام اسلام جي اصول تي عملي طور پري آهي، تڏهن انھي کي ڊپٽي ڪمشنر جو نظام رائج ڪرڻو پيو، جيڪو هڪ ڪامياب نظام ثابت ٿيو. هندستان اڄ تائين به ڊپٽي ڪمشنر نظام کي ختم ڪونه ڪيو، پر ان ۾ پنھنجي حالتن مطابق ردوبدل ڪئي ۽ عوام جي حق ۾ بھتر سوچيو. هاڻي اهو اسانجي سياسي قيادت تي آهي ته عوام جي بھتري لاءِ انھي پراڻي نظام ۾ ڪھڙيون ڳالھين کي ختم ڪري ۽ ڪھڙيون نيون ڳالھين جو اضافو ڪجي.
ضلعي جي انتظام کي بھتر هلائڻ لاءِ هميشه ڀائيچاري جي راه تي هلڻ ۽ هلائڻ واري جي سخت ضرورت هوندي آهي. صلاح ۽ مشورو نھايت اهم هوندو آهي.
ضلعي اندر جيڪڏهن ڪوبه اهڙو واقعو ٿي پوي ٿو ته هميشه انتي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لٺ ۽ چٺ جو سلسلو هلائبو آهي. پر جيڪڏهن صرف لٺ هلائبي ته پائيدار امن و امان ڪونه ٿيندو. هن وقت صرف ڪم لٺ تي آهي. جيڪڏهن خدا نه خواسته ڪو جلوس وغيره نڪري ٿو ته پوليس جو هر حال ۾ ڪم هوندو آهي ته انھيءَ ماڻھن جي ميڙ کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ، پر ان دوران ڪو شديد زخمي ٿي پيو يا انھيءَ کان وڌيڪ ڪوئي مري پيو ته ڇا اهي جلوس ڪڍڻ وارا اهو پسند ڪندا ته جنھن لٺيون هڻي انھن کي زخمي ڪيو آهي، اهو انھن سان انصاف ڪندو؟ يا اهي لٺين هڻڻ واري سان ويھي مذاڪرات ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا؟ ڪڏهن به دلي طور مطمئن ڪونه ٿيندا. هاڻي اتي ضرورت پوندي آهي ٽئين قوت جي جيڪو لٺ واري تي ڪنٽرول ڪري ۽ انھن زخمي ٿيل گروه جي دادرسي ڪري. اها ٽئين قوت هوندي هئي ڊپٽي ڪمشنر جي، جيڪو انھيءَ وقت انھن ماڻھن جي چڱن کي گھرائي پوليس تي به هڪل ڪري معاملي کي نباهي ڇڏيندو هيو.
موجود نظام ۾ سڀ کان وڏي لاچاري اها آهي ته اهڙو ڪوئي مڪينزم ڪونھي، جيڪڏهن اهڙي ڪابه تحريڪ هلي، جيڪا هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي تائين پکڙجي جو انتي مؤثر ڪنٽرول ٿي سگھي. اڳ ۾ ايئن هوندو هو جو هر سطح تي هڪ طريقو رائج هيو. ڪوئي به اشو ٿيندو هيوته تعلقي ليول مختيارڪار ۽ ايس ايڇ او، سب ڊويزن تي ايس ڊي ايم ۽ ايس ڊي پي او ضلعي تي ڊي سي ۽ ايس پي وٽ اچي معاملو حل ٿي ويندو. پر ڪڏهن ڪي اهڙا به معاملا هوندا ته ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي ليول تي مسئلي جو حل نڪري ايندو هيو.
انھيءَ کان علاوه ڊي سي کي ماڻھن سان ملڻ جي ڪري گھڻن ڳالھين جي خبر پئجي ويندي هئي، ڪجھه ماڻھو اهڙا به هوندا هيا جيڪي ڊي سي صاحب کي اڳواٺ اچي ٻڌائيندا هيا.
ايس پي سان ماڻھن جي ملاقات ٿيندي هئي ۽ پوليس جي سي آءِ ڊي به خبر ڏيندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن سي آءِ ڊي جي موڪليل رپورٽ ۽ ڊي سي کي پنھنجي ذريعن کان مليل رپورٽ ۾ فرق هوندو آهي. جتي فرق هوندو آهي ته انھيءَ تي هڪدم عمل ڪرڻ صحيح ثابت ڪونه ٿيندو آهي، تنھنڪري وري ٻيھر انھن رپورٽن جو جائزو وٺي پوءِ عمل ڪبو آهي. ٻيو ته رپورٽ جي فرق کي جاچڻ لاءانھن تي غور ڪرڻ انتھائي ضروري هوندو آهي.
هن وقت اهو مڪينزم بلڪل ختم آهي، پوءِ جيڪا هڪ سپاهي هيٺان کان مٿي رپورٽ موڪلي، اها قابل قبول سمجھي انهيءَ تي عمل ڪرڻ سان صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي.

جان جيڪب ۽ هاڻي جي جيڪب آباد

جيڪب آباد ۾ گرميءَ جي موسم ۾ انتھائي گرمي ۽ سردي جي موسم ۾ باقي سنڌ جي مقابلي وڌيڪ سردي پوي ٿي. سياري جي موسم ۾ عموماً اتر جي سرد هوا ڪوئيٽا کان ٿيندي تقريباً ٽي سؤ ڪلوميٽر جو پنڌ لتاڙي سنڌ ۾ جيڪب آباد کان داخل ٿئي ٿي تنھنڪري جيڪب آباد سنڌ جي باقي علائقي کان وڌيڪ ٿڌ جي اثر هيٺ اچي ٿو.
سيوي يا سبي جي گرمي ته مشھور آهي جو اتان جا ماڻھو چوندا آهن، الله سائين سيوي جي گرمي هوندي دوزخ کي ٺاهڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي؟ سيوي جيڪب آباد کان تقريباً هڪ سؤ سٺ پنجھٺ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي، تنھنڪري جيڪب آباد گرمي جي لپيٽ ۾ رهندو آهي. گرميءَ جي موسم ۾ برف به پنھنجو اثر گھٽ ڏيکارڻ تي مجبور هوندي آهي.
جيڪب آباد جو هر ماڻھو سوچڻ تي مجبور هوندو آهي ته برگيڊيئر جان جيڪب اهڙي موتمار گرميءَ جي باوجود پنھنجي سڄي حياتي جيڪب آباد جي حوالي ڪئي، جو ايتري تائين مرڻ کان پوءِ اباڻي ٿڌي آبھوا ڏانھن وڃڻ جي مقابلي ۾ جيڪب آباد جي مٽيءَ ۾ دفن ٿيڻ کي ترجيح ڏنائين. جيڪب آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ اين 65 تي روڊ جي کاٻي پاسي جيڪب آباد جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. جيڪب آباد جا ماڻھو مون پاڻ ڏٺو ته اڄ تائين وڏي عزت ۽ احترام سان وڃي سندس قبر تي سندس مغفرت لاءِ دعا جا هٿ کڻندا آهن. جنھن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪب آباد جي ماڻھن ۾ جان جيڪب جي لاءِ دل ۾ ڪيتري عزت ۽ احترام آهي.
مونکي شهر جا ٻه جھونا رهواسي مليا، جن ٻڌايو پئي ته سائين جيڪو هن وقت جيڪب آباد شھر آهي اهو ته اسان تصور به ڪونه ڪيو هيو ته اسانجي زندگيءَ ۾ ايئن کنڊرات ٿي ويندو. پاڪستان کان اڳ باقاعده رستن ۽ ڳلين جي صفائي ٿيندي هئي، پخالي رستن تي ڇنڪار ڪندا هيا. ڳليون تمام ڪشاده هونديون هيون. هندو مسلمان پاڻ ۾ امن ۽ ڀائيچاري واري فضا ۾ گڏ رهندا هيا. معتبر ۽ شريف جي عزت هوندي هئي. جيڪڏهن رستي ويندي کير هارجي پوندو هو ته به صاف ۽ چٽو اڇو هوندو هيو. کير کي زمين تي به مٽي ڪانه لڳندي هئي. ابا هاڻي ته نه اهي پخالي رهيا آهن رستن تي ڇنڪار ڪرڻ وارا، نه وري اهڙا ڪشاده رستا ۽ صاف ڳليون بچيون آهن. اڳي نالين جي مٿان صبح جو سوير ڀنگي اچي صفائي ڪري ان جي مٿان چونو هاري هليا ويندا هيا. هاڻي اهي سڀ وڏا ڪشاده رستا وڃي باقي بچيا آهن جو گڏه گاڏو به گذري نٿوسگھي. ڇانو لاءِ وڻ لڳل هوندا هيا، جتي مسافر يا واٽ ويندڙ ويھي جھٽ آرام ڪندا هيا. هاڻي ته ابا اهي وڻ به ويا ته اهي واهيرا به ويا.
اڳي رئيسن جا عاليشان وڏا گھر ٺھيل هوندا هيا، جتي ماڻھن جو اچڻ وڃڻ لڳو پيو هوندو هيو، لنگر به حال آهر پيو هلندو هيو. ڀلا ڀلا ٽانگا پيا مسافرن کي هيڏاهن کان هوڏانھن آڻيندا ۽ کڻي ويندا هيا. ابا صبح جو جڏهن ٽانگا هلندا هيا ته گھوڙن جي هلڻ سان روڊن تي سنب لڳڻ سان جيڪو سريلو آواز نڪرندو هيو ڏاڍو من موهيندڙ ۽ ڪنن کي سرور ايندو هيو. وقت تي ريل گاڏي جو اچڻ ۽ وڃڻ اهڙو ته پڪو هوندو هيو جو ماڻھو پنھنجي گھڙي جو ٽائيم ان مطابق سيٽ ڪندا هيا. ڪنھن جو ڪو خط پٽ ايندو هيو ته پوسٽ آفيس جو پوسٽ مين شاندار ڊريس ۾ ايندو هيو. پوليس جو دٻدٻو ايترو هوندو هيو، جو هڪڙو سپاهي سڄي ڳوٺ کي سلھاڙي وٺي ايندو هيو. مجال آ جو ڪو ڪُڇي!
چاچي جي ڳالھين ٻڌڻ کان پوءِ جڏهن شھر جي ڪھڙي به پاسي کان لنگھڻ ٿيندو هيو ته محسوس ٿيندو هيو ته واقعي اسان جي نسل وڏن جي ٺھيل ٺڪيل شين کي تباھه ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي آهي. جڏهن رستي سان ڏسندو هيم ته هي بگٽي صاحب جو بنگلو آهي. هي جمالي صاحب جو بنگلو آهي، هي کوسو صاحب جو بنگلو آهي، هي سومرو صاحب جو بنگلو آهي. پر انھن بنگلن جي اها رونق ۽ آب و تاب غائب ۽ وڏا وڏا دروازا بند پيا آهن، انھن بنگلن جي سامھون گند ۽ ڪچري جا ڍير لڳا پيا آهن. ”اهي ڏينھن اهي شينھن.“
رستي تان گذرڻ ڄڻ ته پلصراط تان ٽپڻو وانگر هنيانءُ ڏڪائي ڇڏي. خبر ڪانه پوندي ته گڏهه گاڏو ڪٿان آيو ڌڪ هڻي نڪري ويندو، ماڻھو کي خبرئي ڪانه پوندي ته هي ڇا ٿي ويو بلڪل افراتفري وارو ماحول. رستن ۽ گھٽين تي قبضا، ڪو روڊ رستو ڀڃ ڊاهه کان خالي ڪون.
ننڍي هوندي ٻڌندا هياسين ته واڻيا وياج وٺندا آهن پر اهو ايڏو ڳاٽي ڀڳو وياج ڪونه هوندو هيو، جيڪو مونکي خبر پئي ته مسلمان وٺن ٿا. هندو مون پاڻ ڏٺو ته جيڪڏهن ڪنھن ڏي پئسه هوندا هين ته اهي ڍڳو ڍور وٺي وري باقي ڇڏي به ڏيندا هيا. هاڻي ته حالت اها هئي جو مان ڪھڙو حال اوريان. هڪ دفعي هڪ ماڻھو آيو، جنھن ٻڌايو ته سائين مون هڪ بروهي کان سٺ ستر هزار روپيه ورتا، اڄ کان ست اٺ سال اڳ، هاڻي انھن ستن اٺن سالن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ روڪ رپيه واپس به ڏنا آهن، انھيءَ کان علاوه پنج جريب زمين به وڪرو ڪري انھن پئسن ۾ ڏني آهي، پوءِ به اڃان چوي ٿو ته جيڪڏهن هن مھيني ۾ نوي هزار روپيه واپس ڪندين ته ٺيڪ نه ته ايندڙ مھيني ۾ لک روپيه ڏيڻا پوندا. مون پڇيو ته اهو بروهي ڪٿي آهي؟ ٻڌايائين ته هلڻ جھڙو ناهي گھر ۾ بيمار پيو آهي، ۽ هينئر پاڻ کڻائي ڪراچي ويو آهي. اتفاق سان اهو منھنجو اتي آخري ڏينھن هيو، جو مان انجي مدد ڪرڻ لائق ڪونه هيس. پر افسوس ڏاڍو ٿيو ته اسين ڪيئن ڪنھنجي مجبوري مان ناجائز فائدو وٺون ٿا.
جيڪب آباد شھر جھڙيءَ طرح خوبصورت انداز ۾ تعمير ۽ ترقي ڪري وڌيو هيو. اهڙيءَ طرح جيڪب آباد شھر کي بيدردي سان لٽي تباهه ڪيو ويو آهي. پراڻن رستن جا ڪٿي آثار نظر اچن پيا، جن مان لڳي پيو ته هي شھر پلاننگ تحت ٺھيو هيو. پر هاڻي اهي سڀ ماضي بعيد جو قصو بڻجي چڪو آهي.
هڪ دفعي فون ڪري بابل جکراڻي منھنجي آفيس آيو، منھنجي ان سان پھريون دفعو ملاقات هئي، باقي مون بابل لاءِ ٻڌو هيو ته ايم اين اي به رهيو آهي. اچڻ سان مليو ڪرسي تي ويٺو پنھنجي پٽ اعجاز جکراڻي جيڪو ان وقت ايم اين اي هيو، انجي خلاف شروع ٿي ويو. مان هن جون ڳالھيون ٻڌڻ ۾ محو ٿي ويس، ٿوري دير کان پوءِ مون ڏٺو ميز تي ڪجھه آلاڻ ٿي وئي ۽ وقفي وقفي سان پنھنجي منھن تي هٿ ڦيري پيو. اعجاز تان بس ڪري، پنھنجي ڀائٽي تعلقه ناظم تي شروع ٿي ويو. مون بال پين کڻي ڪاغذ تي ڪجھه ڳالھيون نوٽ ڪيون. جڏهن بس ڪيائين ته مون چيو مير صاحب هاڻي ڳالھه ٻڌ! تو سان پٽ ۽ ڀائٽي وڏي زيادتي ڪئي آهي، مان سڀ نوٽ ڪيون آهن، هاڻي تون وڃ مان پاڻھي ٻنھي خلاف قانوني ڪاروائي ڪريان ٿو. مان انھن جي خلاف سرڪار ڏانھن لکان ٿو ۽ تو سان جيڪي به زيادتيون ڪيون اٿن مان توکي سڀ وٺرائي ڏيان ٿو. مير صاحب پريشان ٿي ويو، چيائين ته سائين ايئن نه ڪيو، مان ٻنهي کي معاف ڪيو، بس هاڻي توهان ڇڏيو، مون چيو ته مير صاحب هي ڪاغذ ڏسين ٿو؟ چيائين ته ها! مون چيو ته هينئر صرف خالي پنو ناهي، اها تنھنجي سو چوهٽ جو بيان آهي. ان بيان تان ڦري ڪونه ٿو سگهين ۽ مان ٻنھي کي اهڙو قابو ٿو ڪيان جو ڏيھه ويھي ڏسندا.
چوڻ لڳو سائين انھن ٻنھي جي اليڪشن تي مون ٻه ٻوريون روپين جون خرچ ڪيون آهن. توهان کي خبر ناهي شايد مان ماڻھن جو اليڪشن ۾ احسان ڪونه کڻندو آهيان. اليڪشن جي رات ماڻھن کي گھرائي جيتري رقم گھرندا آهن، مان انھن جي مدد ڪندو آهيان. سائين توهانکي ڪھڙي خبر، ماڻھن ۾ غربت آهي مدد ڪرڻ اسانجو فرض آهي. مون چيو ته اهو توهان غيرقانوني ڪم ٿا ڪيو. چوڻ لڳو ته ڪوئي غير قانوني ناهي، اسان ووٽ ڏيڻ وارن جو احسان ڪونه کڻون، نڪي هو پيئسن جو احسان سمجھن هي ته واپار آهي. بار بار الو الو چوي پيو، مونکي سمجھه ۾ ڪونه پيو اچي ته الو ڪھڙي شئي آهي. مون پڇيو ته ميرصاحب هي الو ڇا آهي؟ چيائين: الاهي بخش سومرو.
منھنجي فيملي ٻارن جي تعليم خاطر ڪراچيءَ ۾ رهندي هئي، تنھن ڪري ٻارن جو فڪر هميشه رهندو هيو. اها هڪ حقيقت آهي ته جڏهن ٻار چوڏهن پندرهن سالن جي عمرکان مٿي چڙهي ٿو ته ٻار پنھنجي ماءُ کان آهستي آهستي ڊڄڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ پيءُ جو ٿورو گھڻو ڀَوَ وري به رهيس ٿو. اهائي عمر آهي جو انکان پوءِ ٻار بگڙجي سگھي ٿو، جيڪڏهن انھن جي مٿان اها نظر نٿي رکجي ته. مان ٻارن کي جيڪب آباد انھي ڪري نه پيو وٺي اچان جو ڪل آفيسر ذائقه البدلي جي ڪابه خبر نه هوندي آهي. هلي ته سال به هلي، نه هلي ته هفتو به نه هلي، ايئن سمجھو ته پوسٽنگ هڪ چائنيز ميڊ شئي آهي، جنھن تي ڪوئي اعتبار ناهي.
ٻارن جي مستقبل خاطر ته اهي جيئن صحيح انسان ٿين، انھيءَ لاءِ مون فيصلو ڪيو ته ڪٿي اهڙي جاءِ تي پوسٽنگ ڪرائجي جو جيڪڏهن هڪ ڊپارٽمينٽ کان ٻئي ڊپارٽمينٽ ۾ پوسٽ ٿئي ته به اسٽيشن ساڳي هجي. انھيءَ ڳالھه کي نظر ۾ رکندي مون اسلام آباد ۾ پوسٽنگ ڪرائڻ جو سوچيو. اسلام آباد پوسٽنگ ڪرائڻ جي لاءِ ٻه شيون منھنجي ذهن ۾ هيون.
اسلام آباد ۾ سنڌ جي نمائندگي اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، تنھنڪري اتي وڃي پنھنجي صوبي جي جيتري ٿي سگھي خدمت ڪجي. ٻيو ته ٻارن سان گڏ هجان ته جيئن اهي سٺا انسان ٿين.
جڏهن مير ظفرالله جمالي صاحب پنھنجي ڳوٺ لاءِ آيو ته مون کيس عرض ڪيو ته مونکي اسلام آباد سيڪريٽريٽ ۾ ڪٿي به پوسٽنگ ڪيو. چيائين ته ڇا ٿو چوين؟ سنڌي ۽ بلوچي آفيسر اسلام آباد ۾ رهڻ پسند ڪونه ٿا ڪن، ۽ تون اسلام آباد وڃڻ ٿو گھرين؟ مون چيو ته سائين مان اسلام آباد ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار آهيان! پنھنجي پي ايس او وحيد کي چيائين ته پرٽيڪيولر وٺي مونکي اسلام آباد ۾ ڏجانءِ.
ٻيو مون عرض ڪيو ته سائين اسان جي ڳوٺ ۾ گئس جي سھولت ناهي، جيڪڏهن مھرباني ڪري گمبٽ شھر کان ڳوٺ تائين گئس جي عنايت ڪيو. پي ايس او کي چيائين ته درخواست وٺي مون کي اسلام آباد ۾ ڏجانءِ. مون درخواست ٽائيپ ڪرائي ٽن ڳوٺن جي هڪ درخواست ٺاهي ڏني.
پير لولائي ڳوٺ، ڳوٺ حاجي غلام جعفر ڄامڙو، ڳوٺ وڏيرو مينھون خان ڄامڙو، پي ايس او سان مان رابطي رهيس ته جيئن گئس وارو ڪم جلدي ۾ پرائيم منسٽر ڊائريڪٽو جاري ٿئي. تقريباً ٻن هفتن کان پوءِ پي ايس او وحيد صاحب ٻڌايو ته ٻئي ڊائريڪٽوز هليا ويا آهن.

اسلام آباد ۾ نوڪري: پنجاب جو پٽ يا نياڻو هجڻ ضروري آهي

اپريل 2004ع منھنجو پوسٽنگ آرڊر ٿيو، جوائنٽ سيڪريٽري منسسٽري آف ڪامرس . جنھن وقت پوسٽنگ جو مرحلو ٿيو پئي ته مان پنھنجي دوست جيڪو پنجاب جو رهاڪو آهي، تنھن کي چيو ته يار مان اسلام آباد پوسٽنگ ڪرائڻ ٿو چاهيان. مونکي چيائين ته جمن لڳي ٿو ته تنھنجو دماغ خراب آهي. چيائين ته منھنجي ڳالھه ٻڌ مان پنجابي آهيان، مان توکي جھليان ٿو. ڇو ٿو جھليان اهو به ٻڌ! چيائين ته هتي توکي پنجابي ڪونه هلڻ ڏيندا. اسين پاڻ ۾ هجائتا دوست آهيون، قائد اعظم يونيورسٽي کان وٺي. جمن ٻڌ تون هڪ سنڌي، ٻيو ته تنھنجي گھر واري به سنڌي. اسلام آباد ان لاءِ بھتر آهي جيڪو پنجاب جو پٽ هجي يا وري پنجاب جو نياڻو هجي، چيائين ته تو وٽ ٻئي ڪواليفڪيشنس ناهن، تنھن ڪري مان منع ٿو ڪريانءِ. باقي هتي ايندين صبح شام پاڻ ۾ ملنداسين. چيائين مان توکي اها اندر جي ڳالھه ٿو ٻڌايان ۽ انھي تي غور ڪر، پوءِ جيڪو فيصلو ڪر.
مان دوست جي صلاح جي ابتڙ پنھنجي فيصلي تي قائم رهيس. انھيءَ کان اڳ مون پنھنجي محبوبه کي چيو ته اسلام آباد هلڻو آهي، چيائين جتي تون اتي مان. مون چيو ته اتي ٿي سگھي ٿو ته گاڏي به نه هجي . جيڪڏهن گھر ڪرائي تي ورتوسين ته انھي پگھار مان گذارو ڪرڻو هوندو، چيائين ڪائي ڳالھه ناهي، اسان کي چاهي سڄو سال دال کائي به رهڻو پيو ته به مونکي قبول آهي. جتي تون اتي مان، منھنجي لاءِ اهو گنج آهي جو اسان گڏ رهنداسين.
قاضي متوڪل صاحب چيف سيڪريٽري سنڌ هيو. مرڪزي سرڪار نوٽيفڪيشن سنڌ سرڪار کي موڪلي ڏياريو ته محمد جمن ڄامڙو جي سروس جوائنٽ سيڪريٽري جي حيثيت ۾ منسٽري آف ڪامرس جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن، انهيءَ ڪري آفيسر کي موڪليو ته اسلام آباد اچي نئين پوسٽگ لاءِ رپورٽ ڪن.
سنڌ سرڪار نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته وڃي اسلام آباد رپورٽ ڪيان. مان ڪراچي آيس ۽ ٻه ٽي ڏينھن رهي پوءِ اسلام آباد لاءِ جھاز ۾ ٽڪيٽ ورتي. ٻئي ڏينھن تي اعظم محمد ڊپٽي سيڪريٽري منسٽري ڪامرس کي فون ڪري ٻڌايو ته مان سڀاڻي فلائيٽ ۾ اچان ٿو. ان ڪري ايئرپورٽ تان وٺڻ لاءِ اچجانءِ. ٻئي ڏينھن صبح جو اسلام آباد روانو ٿيس. صبح جو تقريباً ڏهين بجه اسلام آباد ايئرپورٽ پھچي ٻاهر نڪتس ته اعظم صاحب ٻاهر انتظار ۾ بيٺو هيو، ملياسين ۽ انجي گاڏي ۾ روانا ٿياسين. اڳتي رستي ۾ چيائين ته پارٽنر رات ڪامرس منسٽر همايون اختر سيڪريٽري تسنيم نوراني صاحب کي چئي ڇڏيو ته جيڪو سنڌي آفيسر اچي پيو، انھيءَ کي ڪامرس منسٽري ۾ ناهي رکڻو ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ وڃي رپورٽ ڪري.

سنڌي آفيسر کي ڪامرس منسٽري ۾ ناھي رکڻو

اسلام آباد ايئرپورٽ کان رستي ۾ ويندي پاڪستان سيڪريٽريٽ جي پھچڻ تائين اسان پاڻ ۾ صلاح مشوره ڪندا هلياسين ته ڪيئن منسٽري آف ڪامرس ۾ جوائننگ رپورٽ ڪجي. اعظم محمد ۽ مان ساڳئي بيچ جا آهيون. اعظم ڪراچي جو رهاڪو ۽ ڪامرس اينڊ ٽريڊ گروپ جو آفيسر آهي. برازيل کان ڪجھه عرصو اڳ پوسٽنگ تان واپس اچي منسٽري ۾ ڊپٽي سيڪريٽري لڳو هيو. اعظم چيو ته ڪالھه شام جو دير سان تنھنجو نوٽيفڪيشن منسٽري ۾ پھتو ۽ سيڪريٽري صاحب منسٽر کي ٻڌايو ته محمد جمن ڄامڙو نالي ڊي ايم جي جو آفيسر سنڌ کان منسٽري ڪامرس ۾ پوسٽنگ ٿي اٿس. منسٽر صاحب سيڪريٽري ڪامرس کي حڪم ڪري ڇڏيو ته ان سنڌ مان ايندڙ آفيسر کي منھنجي منسٽري ۾ منھنجي اجازت کان بغير ڇو پوسٽ ڪيو اٿن؟ جيئن هتي اچي توهان منسٽري ۾ جوائن ڪرڻ نه ڏيوس ۽ واپس موڪليوس ته وڃي اسٽيبلشمينٽ ۾ رپورٽ ڪري، پوءِ جتي وڃي پوسٽ ڪن. بھرحال ڪامرس منسٽري ۾ اسان کي ڪونه گھرجي. سيڪريٽري ڪامرس کي چيائين ته ڪامرس ۾ جيڪي ٻه جوائنٽ سيڪريٽري جون پوسٽون خالي پيون آهن، انھن لاءِ ڪو ماڻھو تجويز ڪر.
اعظم چيو ته پارٽنر هڪ ترڪيب آهي، جھيڙو ڳنڍيون ٿا، پوءِ جيڪو ٿيو. مون چيو ته بلڪل مان به طارق بن زياد وانگر ٻيڙيون ساڙي آيو آهيان ۽ واپس مان به ڪونه موٽندس. مون چيوته انشاءَ الله پھرين انٽري منسٽري ڪامرس ۾ ڪبي پوءِ رک الله تي. اعظم چيو ته يار انھيءَ لاءِ بھتر ائين ٿيندو ته هلڻ سان اڳ ۾ جوائننگ رپورٽ ڊپٽي سيڪريٽري ايڊمن کي ڏئي، پوءِ سيڪريٽري سان ملڻ لاءِ وڃ. عموماً ايئن ٿيندو آهي ته جڏهن ڪنھن منسٽري ۾ پوسٽنگ ٿيندي آهي ته پھريان وڃي سيڪريٽري سان ملبو آهي، انھيءَ کان پوءِ جوائننگ ڪبي آهي. مون پاڪستان سيڪريٽريٽ جي اي بلاڪ ۾ وڃي خاموشي سان ڊپٽي سيڪريٽري ايڊمن وٽ وڃي جوائننگ رپورٽ ڏني ۽ انھي وقت ڊي ايس ايڊمن انورڊ نمبر هڻي فولڊر ۾ وجھي جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن ڏانھن رواني ڪئي. انھيءَ کان پوءِ مان سيڪريٽري جي آفيس ويس ته سيڪريٽري صاحب ڪيبنٽ ميٽنگ ۾ ويل هيو. سيڪريٽري ڪامرس ميٽنگ ۾ وڃڻ وقت جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن کي چئي ويو ته ڄامڙو منسٽري ۾ جوائن ڪرڻ اچي ته واپس اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانھن موڪلجوس.
مان موٽي اعظم جي آفيس آيس. چانھه پئي پيتي ته جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن چوڌري محمد اعظم جو پٽيوالو آيو ۽ چيائين ته جي ايس ايڊمن توهان کي ياد ٿو ڪري. چانھه پي آرام سان مان جي ايس جي آفيس ڏانھن ويس. جڏهن مان ويس ته جي ايس مليو، ڊي ايس ايڊمن به اتي ويٺو هيو ۽ مون واري جوائننگ رپورٽ اڳئي فولڊر سميت پئي هئي. جي ايس ايڊمن چيو ته ڄامڙو صاحب مھرباني ڪري توهان وڃي اسٽيب ۾ رپورٽ ڪيو. مون چيو ته حضرت مونکي اسٽيب ڊويزن هيڏانھن موڪليو آهي، ۽ مان رپورٽ ڪري ڇڏيو آهي، تنھنڪري مان اسٽيب ڏانھن ڪونه ويندس. چيائين ته نه ۽ توهان کي اسٽيب کي وڃي رپورٽ ڪرڻو پوندو. مون چيو چوڌري صاحب مان حڪومت پاڪستان جي حڪم تحت اچي هتي رپورٽ ڪئي آهي، باقي جيڪڏهن توهان کي منھنجي شڪل نٿي وڻي ته توهان اسٽيب کي لکو. باقي مان اچي منسٽري ۾ رپورٽ ڪيو آهي ۽ توهان کي مان قابل قبول ناهيان ته پوءِ وڃي مان اسٽيب ڏي وڃي رپورٽ ڪندس. هن جو زور هجي ته نه توهان هي جوائننگ رپورٽ واپس وٺو ۽ وڃي اسٽيب رپورٽ ڪيو. مون چيو ته ايئن ڪونه ٿيندو. توهان ڀلي لکو اسٽيب کي، مان ڪونه ويندس اوڏانھن. پنھنجي نرڙ تي هٿ ڏئي ويھي ڊي ايس کي چوڻ لڳو ته يار جوائننگ رپورٽ وٺڻ کان اڳ مونکان پڇين ته ها. مان آفيس مان نڪري اعظم ڏانھن ويس. اعظم کي مٿي تي وار تمام مختصر ڳڻڻ جيترا هوندا هيا ۽ کيس اعظم گھٽ پر گنجو ڪري سڏيندا هياسين. اعظم پڇيو پارٽنر ڇا ٿيو؟ مون چيو ته گنجا جھيڙو شروع ٿي ويو، اسان به پنھنجي مورچي تي قائم آهيون ته مان اسٽيب کي رپورٽ ڪونه ڪندس توهان ڀلي لکي موڪليو. اعظم جي گھرواري جو نالو منھنجي مرحومه سس جو هيو، مان اعظم جي گھر واريءَ کي مذاق خاطر آنٽي چوندو هيس. اعظم کي چيو ته گنجا بک لڳي آهي آنٽي کي چئو ته ماني تيار ڪري، ماني وغيره کائون ته پوءِ ڪٿي رهڻ جو بندوبست ڪجي.
اعظم ۽ اسان اڳ ڪوئيٽا ۾ به گڏ رهيا آهيون. اعظم انوقت ايڪسپورٽ ڊپارٽمينٽ جو انچارج هيو. تنھنڪري هڪٻئي جي گھر ۾ اچڻ وڃڻ هيو. اعظم پنھنجي بيگم کي فون ڪري ٻڌايو ته جمن آيو آهي، ماني تيار ڪر، اسين ٿوري دير ۾ اچون ٿا. ٿوري دير کان پوءِ اسان گڏجي آفيس کان نڪتاسين. آفيس نڪرڻ کان اڳ مون فون تي پي ايس او پرائيم منسٽر مسٽر وحيد سان رابطو ڪيو ۽ ٻڌايو ته منسٽري ڪامرس وارا مونکي پاڻ وٽ رکڻ نٿا چاهن ۽ مان اتي جوائننگ رپورٽ ڪري ڇڏي آهي. وحيد چيو ته مان پي ايم صاحب کي پوءِ ٻڌايان ٿو. اتان سنڌ هائوس ۾ رهڻ لاءِ پاڻ به ڪوشش ڪئي ۽ گڏوگڏ وحيد کي به چيو ته هڪ ڪمرو سنڌ هائوس ۾ ڪرائي ڏي.
اعظم ۽ مان گڏ ماني کائڻ لاءِ وڃي ڀيڙو ٿياسين. آنٽي ماني ميز تي رکي، گھر جي سڀني ڀاتين ويھي گڏجي ماني کاڌي. اڃان اتي ويٺا هياسين ته سنڌ هائوس مان فون آيو ته توهانجي لاءِ ڪمرو نمبر سورنھن خالي پيو آهي، جڏهن به اچو، اسان اڳئي آتا ويٺا هياسين سو اعظم کي چيو ته هل مونکي سنڌ هائوس ڇڏي اچ. اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ وڃي سنڌ هائوس پھتاسين. مين بلڊنگ جي کٻي پاسي هيٺ فرسٽ فلور تي ڪمرو مليو وڃي، سنجھه لاٿاسين جيڪي ڪراچي کان ٻڌي کڻي آيو هيم. شام ٿي وئي هئي سو هڪ ٿڪل ٻيو پيٽ لتاڙي ماني سان ڀريو هيو، سو ننڊ کي ته رڳو ڪاو ٿي کپندي هئي سو سمھڻ سان ننڊ ايئن چڙهائي ڪئي، جيئن ڪڪڙ کان پري ٽينڊي تي سرڻ لامارو ڏيندي آهي. جنھن وقت سڄاڳ ٿيس ته گھڙيءَ تي نظر پئي ته ڏسان ته رات ته ڪڏهوڪو لڙي چڪي هئي. رات جو ڏيڍ ٻه پئي ٿيا. وري پاڻي پي سمھي پيس. صبح جو سوير نيرن ڪري ڄنگهن کي تيل مالش ڪري سيڪريٽريٽ وڃڻ لاءِ گوڏي گاڏي کي ٺپيوسين. سنڌهائوس کان سيڪريٽريٽ وڃڻ لاءِ رستو لاهوندي تي هيو تنھنڪري خبرئي ڪانه پئي ته پنجويھه ٽيھه منٽن ۾ وڃي اي بلاڪ ۾ پھتس. سيڪريٽري صاحب جي آفيس ويس ته خبر پئي سيڪريٽري صاحب منسٽر صاحب وٽ ويٺو آهي. سيڪريٽري صاحب جي پي ايس کي ٻڌايو ته مان اعظم صاحب وٽ وڃي ٿو ويھان، جڏهن صاحب اچي ته منھنجو اطلاع ڪجو، پوءِ جيئن ملڻ لاءِ چون مونکي انٽرڪام تي ٻڌائجو. اعظم سان گڏ ويٺاسين هيڏانھن هوڏانھن جون ڳالھيون ٿيون پئي، ته اسانجي بيچ جي هڪ ٻئي آفيسر جو اعظم کي فون آيو انکي ٻڌايائين ته ٽرپل جي آيو آهي. مونکي گھڻا دوست ٽرپل جي به سڏيندا آهن. جمن جعفر ڄامڙو. آخرڪار سڄو ڏينھن ويھڻ کان پوءِ تقريباً ٽي وڳي انٽرڪام تي فون ڪري چيو ويو سيڪريٽري صاحب چيو آهي ته صبح سوير اچي مون سان ملي. اعظم کان موڪلائي پنھنجي سواري يعني گوڏي گاڏي کي تيار ڪري نڪري پياسين.
الحمدلله سنڌ هائوس وٽ جيڪڏهن اسلام آباد تي نظرڦيرائبي ته سڄو شھر سنڌ هائوس جي قدمن هيٺ محسوس ٿيندو آهي. سنڌ هائوس ڪافي چڙهائي تي آهي. جيئن سنڌ هائوس ڏانھن وڃان پيو تيئن ڄڻ ته سنڌ هائوس اڳتي پيو ڀڄندو وڃي. پند جي ڇڪ ڇڪان ڌڪ ڌڪان انجڻ ۾ تيل جي بک جي ڪري کوٽ، نه پنڌ کٽي نه جان ڇٽي، سنڌ هائوس پھچڻ تائين پگھر پير جي کڙي کي وڃي ٽچ ڪري. تقريباً چاليھه پنجاهه منٽ لڳا جو واپس وڃي ڪمري تي پھتاسين. جڏهن سنڌ هائوس پھتس ته ڪچن بند ٿي چڪو هيو، سو وڃي پلنگ تي سمھڻ جي ڪوشش ڪئي ته بک تي پيٽ ۾ ڪوئن ڊوڙڻ شروع ڪيو، ننڊ اچي ڪونه پئي، آخر ۾ شام ٿي ڪچن کليو، وڃي بورچي صاحب کي چيو ته يار ڪو اسپيشل گيئر هڻ، ماني تيار ڪر ته ڪو دلبر پيٽ جو بندوبست ٿئي. بورچي صاحب جلدي ۾ چانھه ۽ هڪڙا ٻه ٽي سينڊوچ ٺاهي ڏنا. سينڊوچ کائڻ ۽ چانھه پيئڻ سان ڪجھه پيٽ ۾ ٻل ٿيو ۽ ڪوئن پيٽ ۾ ڊوڙڻ بند ڪيو. رات گذري ٻئي ڏينھن صبح گوڏي گاڏي تي سوار ٿي سيڪريٽري صاحب سان ملڻ پھتس، سيڪريٽري صاحب گھرايو ۽ پڇيو ته ڪٿي ڪٿي رهيو آهين وغيره. انھيءَ کان پوءِ چيائين ته توهان وڃي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪيو ۽ منسٽري آف ڪامرس کي اڳئي منسٽر صاحب ڪنھن سان ها ڪري ڇڏي آهي. مون چيو ته سائين توهان جي مرضي، مون ته ڪالھه منسٽري ۾ جوائننگ رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي. توهان ڀلي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي لکي موڪليو ته هن آفيسر هتي رپورٽ ڪئي آهي پر توهان نٿا رکڻ چاهيو، تنھن ڪري توهان کي ٻيو آفيسر ڏين. چيائين ته اهو اسان اسٽيب کي ڪونه لکنداسين. مون چيو ته منھنجي لاءِ مسئلو آهي ته مان جوائننگ ٽائيم پورو ڪري ٽي ڏينھن اڳ توهان جي منسٽري ۾ رپورٽ ڪيو آهي. مان جيڪڏهن اڄ وڃي اسٽيب ۾ رپورٽ ڪندم ته جوائننگ ٽائيم کان مٿي ٽي ڏينھن گذري ويا آهن، مان انکي ڪيئن جسٽيفاء ڪيان. جيڪڏهن اهڙي ڳالھه هئي ته مونکي هتي جوائن ڪرڻ کان اڳ جھليو ها ته مان وڃي اتي رپورٽ ڪيان ها. مونکي ڪوئي ضد ناهي ته ڪامرس ۾ سروس ڪرڻي آهي. هاڻي صرف اهو رستو بچيو آهي ته توهان اسٽيب ڏانھن مونکي واپس موڪليو، مان هليو ويندس. سيڪريٽري صاحب ڪجھه سوچ ۾ پئجي ويو مونکي چيائين ته ڏسون ٿا پوءِ توکي ٻڌائينداسين. آفيس کان نڪري اعظم وٽ ويم، سڄو وڃي حال احوال اوريم. اعظم چيو ته تنھنجي جوائننگ جي ڪري منسٽر ناراضگي ڏيکاري آهي، بھرحال ڪوشش جاري رک. مون ٻاهر وڃي پي ايس او پرائيم منسٽر سان ڳالھايو ته يار ڪھڙي مصيبت ۾ اڇليو اٿو، جو اڄ به سيڪريٽري ڪامرس مسٽر نوراني صاحب چيو ته وڃي اسٽيب ۾ رپورٽ ڪر. چيائين ته مون ٽيون ڏينھن به جمالي صاحب سان ذڪر ڪيو هيو ۽ پرنسپل سيڪريٽري کي پي ايم صاحب چيو به آهي.
پرائيم منسٽر جو پرنسپل سيڪريٽري سائين محب الله شاهه جو ننڍو ڀاءُ ڪسٽم سروس جو سيد شجاع شاهه هيو. شجاع شاهه سيڪريٽري ڪامرس سان فون تي ڳالھايو ته ڄامڙو کي جوائن ڪرڻ ڏيو. مونکي پرائيم منسٽر جي پرنسپل سيڪريٽري جي طرفان ميسيج مليو ته سيڪريٽري ڪامرس سان صاحب جي ڳالھه ٿي وئي آهي، سو تون وڃي سيڪريٽري ڪامرس سان مل. مان پورو هفتو هر روز سيڪريٽري سان ملڻ وڃان، ملاقات ڪانه ٿئي، آخر ۾ اهو ميسيج مليو ته صبح سوير اچجانءِ. هفتي کان پوءِ وڃي ٻيھر پرنسپل سيڪريٽري شاهه صاحب سان ملڻ ويم، وڃي ٻڌايو ته روز پنڌ ڪري جُتي به گسي وئي آهي، سيڪريٽري ڪامرس ملي ڪونه ٿو. منھنجي سامھون وري سيڪريٽري ڪامرس کي فون ڪرڻ لاءِ پنھنجي پي ايس کي چيائين. سيڪريٽري ڪامرس مري ۾ ڪانفرنس لاءِ ويل هيو. مونکي شاهه صاحب چيو ته مان اڄ ڳالھائي پوءِ توکي ٻڌائيندس. مان ٻاهر اچي پي ايس او وحيد کي چيو ته پنھنجي ڊرائيور کي چئو ته مونکي سنڌ هائوس ڇڏي اچي.
پرائيم منسٽر جو پي ايس او مسٽر ميان وحيد، جڏهن مان ڊپٽي ڪمشنر خضدار هيم ته وحيد اتي خضدار ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هيو، تنھن ڪري هو منھنجو وڌيڪ خيال رکندو هيو.
رات جو ميسيج مليو ته پرنسپل سيڪريٽري صاحب جو سيڪريٽري ڪامرس سان ڳالھائڻ ٿي ويو آهي، سو تون صبح جو سيڪريٽري ڪامرس سان وڃي مل. مان ٻئي ڏينھن وڃي سيڪريٽري ڪامرس سان ملڻ لاءِ آفيس پھتم، سيڪريٽري صاحب سان ملاقات ٿي. جي ايس ايڊمن کي انٽرڪام تي چيائين ته ڄامڙو صاحب جي جوائننگ رپورٽ وٺو. مونکي چيائين ته ٻه ٽي ڏينھن انتظار ڪر، توکي ڪا ونگ الاٽ ڪيون ٿا. سيڪريٽري صاحب کان پوءِ مان سڌو اعظم وٽ ويس، حال احوال ٿيا. چيائين پارٽنر اڌ ڪم ٿيو، باقي اڌ به ٿي ويندو، الله مالڪ آهي. وڌيڪ چيائين ته سيڪريٽري صاحب کي ته اڳ به توکي وٺڻ لاءِ ڪوئي اعتراض ڪونه هيو، اصل مسئلو آهي منسٽر ڪامرس جو، هو نٿو چاهي ته توهان هتي اچو. هينئر به سيڪريٽري جي مٿان پريشر وجھيون ويٺو آهي ته ڪوئي ٻيو آفيسر گھرايو، هن کي واپس موڪليو. چيائين ته هاڻي اصل مسئلو حل تڏهن ٿيندو جڏهن توکي ڪنھن ونگ جو انچارج ڪندا. ڪامرس منسٽري ڪافي وڏي منسٽري آهي، جنھن ۾ تقريباً ڏهه ٻارهن جوائنٽ سيڪريٽريز هوندا آهن. آخرڪار هفتو گذري ويو، منسٽري منھنجو نوٽيفڪيشن جاري ڪا نه پئي ڪري، آخرڪار ٻه هفته گذري ويا وري مان سيڪريٽري صاحب سان وڃي مليم، مون چيو ته سائين يا مونکي ڪنھن ونگ ۾ رکو يا واپس اسٽيب ڏانھن موڪليو، آخرڪار مئي 2004ع جي آخر ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪري مونکي جوائنٽ سيڪريٽري انشورنس مقرر ڪيو ويو.
جنرل مشرف جڏهن ضلعي حڪومت جو نظام ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ته انوقت هن کي خطرو هيو ته ڊي ايم جي آفيسر منھنجي هن نئين يل نظام کي قبول ڪونه ڪندا، تڏهن جنرل مشرف اسان سڀني ڊي ايم جي آفيسرن نالي سان پنھنجي دستخط سان خط لکيو هيو ته مان توهان جي سروس جو احترام ڪيان ٿو ۽ هيءُ جاري ڪيل نظام توهان جي مفادن جي خلاف ڪونه استعمال ٿيندو وغيره. انھي ڪري مرڪزي وزيرن کي اختيار ڏنا هئائين ته ڪنهن به منسٽري ۾ ڪوئي به سينيئر آفيسر وزير جي مرضي کان بغير پوسٽ نه ڪيو وڃي. جيئن ته همايون اختر خاموش سپاهي اختر عبدالرحمان جو پٽ هيو، جيڪو جنرل ضياءَ سان گڏ جھاز جي حادثي ۾ مئو هيو، تنھنڪري ڀٽو صاحب جي دشمني انھن جي رڳ رڳ ۾ ڀريل هئي، تنھنڪري سڀ سنڌي انھن کي ڀٽي صاحب جا حمايتي ۽ پنھنجي لاءِ خراب سمجھندا هيا. انھيءَ ڪري سيڪريٽري منسٽر کي ناراض نه پيو ڪرڻ چاهي.

اسلام آباد سيڪريٽريٽ ۾ سنڌ جو حصو

منھنجو پڪو يقين هيو، جيئن قرآن ۾ آهي ته:
”هر مشڪل کان بعد، تحقيق آساني آهي.“
(سورة الم نشرح: آيت5)
پاڪستان سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ سرڪار جو وهنوار هلائڻ لاءِ ماڻھو پنجابي آهن، ان کانپوءِ پٺاڻ، ان کانپوءِ سنڌي، ان کانپوءِ اردو ڳالهائيندڙ، ان کانپوءِ ڪشميري ۽ سڀ کان گھٽ بلوچ آهن. جنھن وقت مان ڪامرس منسٽري ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي چارج ورتي، انوقت ڇهه ست پنجابي، ٽي پٺاڻ، هڪ مان سنڌي جوائنٽ سيڪريٽري هيس. منھنجي ونگ ۾ هڪڙو به سنڌي ماڻھو ڪونه هيو، انھيءَ جي برعڪس پٺاڻ تقريباً ڪلاريڪل ۽ ٻئي اسٽاف ۾ پنجابين کان ٿورو گھٽ هيا.
اسلام آباد سيڪريٽريٽ ۾ سنڌي آفيسر يا ٻئي اسٽاف لاءِ حالتون ايتريون سازگار ناهن، جيتريون پنجابي ۽ پٺاڻ لاءِ آهن. جنھن جي ڪري سنڌي آفيسر اسلام آباد اچڻ کان لھرائيندا آهن. هڪ ته ڪم ڪرڻ واري جاءِ تي حالتون مخالف هونديون آهن، انھيءَ سان گڏو گڏ اسلام آباد شھر رهڻ جي لحاظ کان پاڪستان جي ٻين شھرن جي مقابلي تمام گھڻو مھانگو آهي. تعليم جي لحاظ کان سنڌي آفيسرن ۽ ٻئي اسٽاف جي ٻار لاءِ وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو به آهي ته ٻار پنھنجي مادري زبان صرف ڳالھائڻ تائين محدود ٿي وڃي ٿو. اسلام آباد ۾ سنڌي ٻار سنڌي نه لکي سگھي ٿو، نڪي پڙهي سگھي ٿو. جيڪو اڳتي هلي اسان سنڌي بحيثيت قوم جي نقصان ۾ وڃون ٿا. هينئر ته اهو اسان سنڌي قوم لاءِ ڪراچي سنڌ جي دل ۾ سنڌي آفيسرن جي ٻارن سان به ٿيندو پيو وڃي. جيتوڻيڪ سنڌ اسيمبليءَ جو ٻوليءَ وارو بل پاس ڪيل آهي، جنھن تحت سڀ تعليمي ادارا سنڌي لازمي پڙهائيندا، جنھن تي عمل ڪونه پيو ٿئي.
بھرحال اسلام آباد اسان جي ملڪ جي گادي جو شھر آهي ۽ اسانکي هر حال ۾ پنھنجو سڀ شئي ۾ حصو وٺڻ گھرجي ۽ پنھنجي صوبي جي نمائندگي ڪرڻ خاطر ڪجھه نه ڪجھه قرباني ڏيڻي پوندي. منھنجي اسلام آباد ۾ پوسٽنگ ڪرائڻ جي پٺيان سڀ کان وڌيڪ موٽيويٽنگ فورس به اهو هوته سنڌ جي نمائندگي ڪرڻي آهي، چاهي ڪيتري به ڏکيائي پيش اچي. جيڪڏهن اهو جذبو منھنجي اندر ۾ نه هجي ها ته مان پھرين هفتي ۾ ڀڄي واپس اچي سنڌ ٺڪاءُ ڪيان ها. جيئن ته منھنجي اندر اها ڳالھه دل ۾ گھر ڪري وئي هئي، تنھن ڪري مھاڏو اچي اٽڪايوسين.رب ڪائنات جا اڻ ڳڻيا احسان جنھن مونکي ثابت قدم رکيو ۽ڪاميابي نصيب ڪئي. جيئن ته ڪامرس منسٽري ۾ منسٽر صاحب کي اسين نه پيا وڻون ۽ انجي منشا جي خلاف پوسٽنگ ورتي هئي، تنھن ڪري مان اتي گھڻو وقت رهي ڪونه سگھيس.
اتفاق سان مسٽر نويد احسن سيڪريٽري فنانس لڳو، مون موبائل تي ايس ايم ايس ڪري لکيو ته سائين ڪامرس منسٽري ۾ منھنجي لاءِ حالتون سازگار ناهن، ڪا واهر ڪيو. ٻئي ڏينھن سيڪريٽري فنانس جو فون آيو ۽ مونکي چيائين ته سڀاڻي تون ايڊيشنل سيڪريٽري ايڊمن ايند ايڪسپينڊيچر سان اچي مل ۽ مان انکي چئي ڇڏيو آهي. مسٽر نويد احسن لاهور جو رهڻ وارو آهي، ۽ سنڌ ۾ هوم سيڪريٽري به رهيو آهي. نويد صاحب جڏهن هوم سيڪريٽري سنڌ هيو ته مان انوقت ايڊيشنل سيڪريٽري هوم سنڌ هيس. تنھنڪري منھنجي ڪم کان واقف هيو. مان ٻئي ڏينھن منسٽري آف فنانس ۾ وڃي ايڊيشنل سيڪريٽري مسٽر توقير صاحب سان وڃي مليم. مسٽر توقير صاحب به سنڌ ۾ ڪافي وقت رهيو هيو، تنھن ڪري هڪٻئي سان سڃاڻپ هئي. توقير صاحب چيو ته مونکي نويد احسن صاحب چيو آهي ته توکي هتي گھرائڻو آهي. هاڻي اها خبر ناهي ته منسٽري ڪامرس وارا توکي ڇڏيندا الائي ڪون. مون چيو ته سائين منسٽر ڪامرس ته چوي ٿو ته مان هن جي منسٽري مان اڄ ئي نڪري وڃان. مونکي چيائين ته اسان وٽ هاڻي هڪ جوائنٽ سيڪريٽري ڪم فنانشل ائڊوائيزر منسٽري آف ايجوڪيشن، ايگريڪلچر، ليبر اينڊ مين پاور، يوٿ ۽ ٽوئرزم جي پوسٽ خالي ٿيڻي آهي، جو آفيسر رٽائر پيو ٿئي، تنھنڪري مان اڄ نوٽ لکي موڪليان ٿو منسٽر ڏانھن. انشاءَ الله جلد توهان جي پوسٽنگ لاءِ اسٽيب کي لکنداسين. اتان اٿي پوءِ وڃي سيڪريٽري فنانس سان ملاقات ڪئي ۽ سڀ ٻڌايو.
اسلام آباد ۾ سرڪاري نوڪر لاءِ سڀ کان ڏکيو ڪم اڄ ڪلهه سرڪاري گھر وٺڻ آهي. ڇو ته گھر محدود آهن ۽ نوڪري ڪرڻ وارا انھيءَ کان الاهي گھڻا آهن، تنھن ڪري ويٽنگ لسٽ ايتري ڊگھي آهي جو سرڪاري نوڪر گھر جي آسري ۾ رٽائر ٿيو وڃي. ڪراچي ۾ جنھن فليٽ ۾ رهندا هياسين، انھيءَ کي به اسان چئي ڇڏيو ته 2004ع جون مھيني جي آخر ۾ اسين فليٽ خالي ڪري ڏينداسين، تنھنڪري ڪرايو ڏيڻ بند ڪيو. پھرين جولاءِ 2004ع تي منھنجي محبوبه پنھنجي محبوب گلن کي ساڻ ڪري اچي اسلام آباد پھتي. ڇو ته هڪ وقت ٻه گھر هلائڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو هيو. سنڌ هائوس جي هڪ ڪمري ۾ اسان ڇهه گھر جي ڀاتين گڏ رهڻ شروع ڪيو. جولاءِ جي مھيني ۾ بارشون به جام ٿيڻ لڳيون. ڪرائي لاءِ گھر ڳولڻ شروع ڪياسين. عموماً ڪرائي جو ٻڌي آٺرجي وڃون پيا، پنجويھه کان ٽيھه هزار ڪرايو، گھر هڪ پورشن کان گھٽ ملي ڪونه پيو.
آگسٽ 2004ع جي پھرئين هفتي هڪ ڏينھن چوڌري انور (منھنجو قائد اعظم يونيورسٽي جو ڪلاس فيلو) آيو ۽ حال احوال ٿيا، انھيءَ وقت هو ورلڊ بينڪ ۾ ڪم ڪري پيو. مون چيو ته گھر جو ڪو بندوبست ڪونه ٿو ٿئي. انور جو هڪ دوست او جي ڊي سي ايل ۾ آفيسر هيو، اهو به ساڻ هيس. او جي ڊي سي جي آفيسر سان تمام سٺي ڪچھري ٿي، هڪ نيڪ ۽ خدا ترس ماڻھو هيو. مونکان پڇيائين ته سڀاڻي تون ڪھڙي وقت گھر پھچندين. مون ٻڌايو ته آفيس ٽائيم کان فورن بعد آفيس جي گاڏي پھچائي واپس هلي ويندي. ڪامرس منسٽري ۾ گاڏي صرف آفيس کڻي ۽ واپس موٽائي اچڻ لاءِ هوندي هئي. چيائين ته ٺيڪ مان تو وٽ آفيس ٽائيم کان پوءِ سڌو هتي سنڌ هائوس ايندس، تون تيار رهجانءِ. ٻئي ڏينھن نجم صاحب نالو هيس آيو. مونکي پنھنجي گاڏي ۾ وٺي ايڇ ايٽ قبرستان ڏانھن هليو. مون سمجھيو ته شايد ڪنھن سان ملڻو هوندس. خير گاڏي روڪي پاڻ لٿو ۽ مونکي به اشارو ڪيائين ته لھو. مان گاڏي مان هيٺ لٿس مونکي چيائين منھنجي پٺيان هلندو اچ. اڳ ۾ نجم صاحب پٺيان مان هلندا وياسين. قبرن جي هڪ بلاڪ ۾ لٿاسين. اڳتي هليم ته هڪ قبر تي نظر پئي نالو لکيل هيو مسٽر قدرت الله شھاب صاحب، ۽ مون انجو شھاب نامو ڪتاب پڙهيو هيو. انکان ٿورو اڳتي ٻي لائين ۾ هڪ قبر هئي اتي اچي بيٺو. پاڻ به ويٺو ۽ مونکي به اشارو ڪيائين ته ويهه. مونکي چيائين ته تون صرف سورة الحاقة، المتڪاثر پڙهندو رهه. مون سوره شريف جو ورد ڪرڻ شروع ڪيو. تقريباً پندره ويھه منٽ ٿيا، پاڻ اٿيو ۽ مان اٿيس. مونکي چيائين ته هتان فائيل نڪري ويو. هل ته ٻئي پاسي هلون. اتان وري چڱو پند ڪري اڳتي هلياسين ته هڪ ٻي وڏي ميدان واري قبر وٽ هلي بيٺو، ۽ ٿوري دير ۾ پاڻ به ويٺو ۽ مونکي چيائين ته تون صرف سورة الاخلاص پڙهه. مون سورة الاخلاص جو ورد شروع ڪري ڏنو. تقريباً ويھه پنجويھه منٽ ويھڻ کان پوءِ پاڻ اٿيو ۽ مان به اٿيس. چيائين ته هاڻي هتان به فائيل نڪري ويو. هفتي کان پوءِ وري ڪٿي هلنداسين. هفتي کان پوءِ وري فون ڪري آيو، مان تيار ويٺو هيس. مونکي پنھنجي گاڏي ۾ ويھاري سڌو بري امام جي درٻار تي وڃي پھتاسين. هينئر ته بري سرڪار جو وڏو ڪامپليڪس ٺھي ويو آهي، انوقت سڄو ميدان خالي هوندو هيو ۽ قبر ۽ مزار هيٺ ٺھيل هئي. اسان هيٺ لھي وياسين. قبر جي مٿن واري پاسي کان وڃي ويٺاسين. مونکي چيائين ته تون صرف آيت الڪرسي پڙهه. مان حڪم موجب آية الڪرسي جوورد ڪرڻ شروع ڪيو، تقريباً پنجويھه ٽيھه منٽ ويٺاسين. پاڻ اٿيو ۽ مونکي چيائين ته مبارڪ هجي توکي گھر الاٽ ٿي ويو. مون چيو ته سائين مھرباني! پر ڪٿي ٿيو؟ چيائين ته توکي اعتبار نٿو اچي ڇا؟ مون چيو ته اهڙي ڳالھه ناهي مونکي ٻارن جي پڙهائي لاءِ اسڪول جي تلاش ڪرڻي آهي. تنھڪري پڇيم ته ڪھڙي سيڪٽر ۾ ٻارن جي داخلا ڪرايان؟ چيائين ته توکي گھر ملڻ لاءِ هڪ مھينو اڃان انتظار ڪرڻو پوندو، باقي اڄ توکي گھر الاٽ ٿي ويو. مون چيو ته مان مھينو صبر ڪندس، باقي رڳو مونکي ايريا ٻڌايو ته مان ان علائقي ۾ ٻارن جي داخلا ڪرايان. ٻي ٽي منٽ خاموش ٿي ويو. چيائين ته ٻڌائڻو ناهي پر تواهڙي ڳالھه ڪئي آهي ته ٻارن جي داخلا ڪرائڻي آهي، تنھنڪري مان توکي صرف ايترو ٻڌايان ٿو ته آءِ ايٽ جي ڀرپاسي جيڪو به اسڪول هجي اتي ٻارن جي داخلا وٺ. مان ايڇ ايٽ ۾ ٻه ٽي اسڪول هيا، ٻارن سان گڏ اهي اسڪول جاچڻ وياسين. بيڪن هائوس، سٽي ۽ جي ايس آءِ ايس اسڪول هيا. بيڪن هائوس ۽ سٽي اسڪول ڏسي فيس جو ٻڌي پٺتي هٽي وياسين، آخر ۾ جي ايس آءِ ايس اسڪول آياسين. وڃي هيڊمسٽريس جي ڪمري ۾ اجازت وٺي داخل ٿياسين ته جڏهن منھنجي نظر هيڊ مسٽريس تي پئي، ٻئي هڪٻئي کي ڏسي حيران ٿي وياسين. رڙ ڪري چيائين او جمن! تون هتي ڪيئن؟ مون ٻڌايو ته هيءُ منھنجي جان جا ٽڪرا آهن، ۽ هيءُ منھنجي محبوبه آهي ۽ منھنجي اسلام آباد بدلي ٿي آئي آهي ۽ ٻارن کي داخلا ڪرائڻ لاءِ هيڏانھن آيو آهيان. پڇيائين ته ڪھڙي ڪھڙي ڪلاس ۾ پڙهن ٿا؟ مون ٻڌايو ته هي فلاڻي فلاڻي درجي ۾ پڙهندا هيا ڪراچي ۾. گھنٽي وڄايائين، ٻاهران هڪ مائي آئي، انکي چيائين ته فلاڻي کي سڏ ڪري اچ. جھٽ اها ٻي مائي اچي پھتي. مائي کي چيائين ته هنن ٻارن کي وٺي فلاڻي فلاڻي ڪلاس جي ٽيچر جي حوالي ڪر ۽ چوين ته هينئر ڪلاس ۾ پڙهڻ شروع ڪن. مون چيو ته ٻارن کي اسڪول جي ڊريس ناهي، نڪو ڪو ڪتاب، پنو ۽ پين. چيائين ته تون فڪر نه ڪر. مون ٻڌايو ته اسان هن وقت سنڌ هائوس ۾ رهون ٿا ۽ سواري جو بندوبست به ڪونھي.چيائين ته صبح کان تنھنجي ٻارن کي اتان کڻي ۽ واپس پھچائي به وين ايندي. اسڪول جو ايڊمن آفيسر واجد هيو، انکي گھرائي پابند ڪيائين ته هنن ٻارن کي جيڪا اوڏانھن ڪا ايندڙ ٻارن جي وين هجي، انکي چئي ڇڏ ته سنڌ هائوس کان ٻار کڻندي اچي.
هيڊمسٽريس پاڻ ان اسڪول جي مالڪ هئي. قرت العين رضوي نالو اٿس ۽ اسين ٻئي قائد اعظم يونيورسٽي جا ڪلاس فيلو آهيون.
2004ع سيپٽمبر جي آخر ۾ منھنجي ٽرانسفر جا آرڊر ڪامرس کان منسٽري فنانس لاءِ جاري ٿيا. مان ٻئي ڏينھن تي منسٽري فنانس جوائن ڪئي. جنھن ڏينھن منسٽري فنانس جوائن ڪئي، شام جو سج لھڻ جي قريب هڪ دوست فون ڪيو ته يار مان آء ايٽ مان گذران پيو، ۽ اٺاويھون نمبر گھر اسٽريٽ ٻارهن اي، خالي ٿئي پيو ۽ سامان ڪڍن ٿا پيا. يار جلدي ڪر ۽ گھر الاٽ ڪراءِ. مان انوقت ايس او جي منسٽري ڪامرس کي فون ڪيو ته ڀاءُ اها منھنجي نالي واري تختي اڄ هينئر کپي، انھيءَ سان گڏ ٻه ڪوڪا به هجن. ويھه پنجويھه منٽن کان پوءِ منھنجي نالي واري تختي پھچائي ڏني. سنڌ هائوس تان گاڏي ڪرائي جي وٺي سڌو آءِ ايٽ وڃي، انھيءَ گھر جي ٻاهران نالي واري تختي هڻي موٽي آيس. ٻئي ڏينھن آچر جو ڏينھن هيو. صبح جو ڏهين يارهين وڳي فون آيو ته توهان جمن ٿا ڳالھايو؟ مون چيو ته ها. پڇيائين ته ڇا هي گھر توکي الاٽ ٿيو آهي؟ مون چيو ته ها. چيائين ته مان شمس الهديٰ آهيان ۽ مان گھر خالي ڪيو آهي، توهان اچو ته مان توهان کي گھر جون چاٻيون ڏيان. مان ڊوڙندو ويس ۽ وڃي شمس صاحب سان مليس. هن مونکي سڄو گھر گھمايو ۽ چاٻيون ڏنيون. هي پنھنجي نوعيت جو هڪ عجيب ڪيس آهي. اسلام آباد ۾ گھرن جي الاٽمينٽ آفيسر جي رٽائرمينٽ کان اڳ ۾ ڪنھن نه ڪنھن کي الاٽ ٿي ويندي آهي. شمس صاحب رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به ڏيڍ سال رهيو پيو هيو، ۽ ڪنھن کي الاٽ ٿي مليوئي ڪونه هيو. ٻيو ته خالي گھر جي پزيشن هميشه اسٽيٽ وارا وٺندا ۽ ڏيندا آهن. مان ٻئي ڏينھن منسٽري هائوسنگ اينڊ ورڪس ۾ ويس ته اتي هڪ ڊپٽي سيڪريٽري مسٽر شھزاد ويٺو هيو جيڪو گھرن جي الاٽمينٽ ڪندو هيو. مسٽر شھزاد ۽ اسان هڪ وقت ۾ قائد اعظم يونيورسٽي ۾ پڙهياسين. مون پڇيو ته يار هي گھر ڪنھن کي الاٽ ٿيل آهي. رڪارڊ گھرائي ٻڌايائين ته شمس الھديٰ جي نالي تي الاٽ ٿيل آهي. مون چيو ته هي گھر مونکي کپي چيائين ته منسٽر ڪندو. منسٽر هائوسنگ گھڻو ڪري صفوان الله خان يا ان سان ملندڙ نالو هيس ۽ ايم ڪيو ايم جو هيو. شھزاد چيو ته جمن ڪا تڪڙي سفارش وٺي وڃ، ايئن ٻڌائينديس ته ڪنھن ٻئي کي الاٽ ڪري ڇڏيندو. ٻاهر نڪري سڌو پارليامينٽ لاجز ۾ ويس، جو اتي منھنجي قائد اعظم يونيورسٽي واري محبوبه جي ننڍي ڀيڻ سينيٽر ۽ منسٽر آف اسٽيٽ هئي. مون وڃي ٻڌايو ته هي مسئلو آهي. چيائين ته هل، مان گڏجي سڌو منسٽر هائوسنگ وٽ وياسين. ميڊم چيو ته هيءُ گھر کپي ۽ اڄ الاٽ ڪري ڏي. منسٽر چيو ته ايئن ٿي ڪونه ٿو سگھي ته گھر خالي ٿيو هجي ۽ ڪنھن کي الاٽ نه ٿيو هجي. منسٽر چيو ته مان چيڪ ڪيان جيڪڏهن ڪنھن کي الاٽ ناهي ٿيل ته مان اڄ الاٽ ڪري ٿو، ڏيان منسٽر رڪارڊ گھرايو ته گھر خالي ۽ ڪنھن جي نالي الاٽ ناهي ٿيل، منسٽر صاحب انھي وقت گھر جي الاٽمينٽ جو پروانو جاري ڪيو.
شھزاد کي چيو ته يار گھر ته الاٽ ٿي ويو پر گھر کي رنگ روغن جي ضرورت آهي، انھيءَ لاءِ ڪا ترڪيب ڪر. چيائين ته ويھه، انھيءَ وقت چيف انجنيئر کي فون ڪري چيائين ته هن گھر جي لاءِ تخمينو لڳرائي موڪل ته سڀاڻي مان ڊي جي کي چوان. ٻئي ڏينھن انجنيئر آيو گھر گھمي ڦري پوءِ تخمينو ٺاهي ڊي جي ڏانھن موڪليو. شھزاد سان مون فون تي ڳالھايو ۽ ٻڌايو ته تخمينو ٺھي ڊي جي ڏانھن پھچي ويو، انھي وقت فون شھزاد ڊي جي کي ڪيو ۽ ٻن ڏينھن کان پوءِ گھر جي رنگ ڪرڻ لاءِ ڪم وارا پھچي ويا.

وزير اعظم ھائوس ۾ ڪجهه ڏينهن

گھر جي الاٽمينٽ ملڻ کانپوءِ انجي صفائي ۽ رنگ روغن ڪرائڻ کان پوءِ آڪٽوبر 2004ع جي پھرئين هفتي ۾ رمضان المبارڪ جي مھيني ۾ آءِ ايٽ ڪيٽگري ون ۾ ٻارن سميت وڃي ڌوڙيو ڪيو. مونکي انتھا جي خوشي تڏهن ٿي، جڏهن اتي وڃڻ کان پوءِ ڪنھن دوست ٻڌايو ته سائين سنڌ جي ماياناز شخصيت سائين مظھرالحق صديقي صاحب به پڻ هن گھر ۾ رهي چڪا آهن. انھي گھٽيءَ ۾ هڪ گھر ڇڏي ٻيو گھر ڇويھون نمبر اڳ ئي سدا کلڻو سائين سليم شيخ کي مليل هيو. انکان ٿورو اڳتي ٻي گھٽي ۾ سائين هردلعزيز ٻه مھربان دوست شھزادو شيخ ۽ محمد يوسف ميمڻ صاحب رهن پيا. انھي کان علاوه ڪيٽگري ٽو ۾ اسانجي سامھون واري گھٽي ۾ عبدالفتاح شيخ (ڊاڪٽر هوڙ) ٻه گھٽيون اڳتي محمد سليمان سھتو صاحب (سي ڊي اي) ۽ انھيءَ ساڳي گھٽيءَ ۾ مرحوم عبدالعزيز ميمڻ ۽ اويس ۽ هڪ اڌ ٻه ٻيا سنڌي آفيسر رهندا هيا.
جيئن ته اسان کي پھريون دفعو اسلام آباد گھر ۾ رهڻ جو موقعو مليو، اسان جي لاءِ عيد کان گھٽ خوشي ڪانه هئي. پر سردي اڌ مئو ڪري ڇڏيو، آڪٽوبر جي مھيني ۾ باقائدگي سان هيٽر هلائيندا هياسين.
فنانس منسٽري ۾ وڃڻ سان مونکي فنانشل ائڊوائيزر تعليم، ليبر، زراعت، نوجوان افيئرس، سياحت وغيره جون منسٽريون منھنجي حوالي ڪيون ويون ۽ مون کي آفيس ڊي بلاڪ ۾ منسٽري آف ايجوڪيشن جي پھرين منزل تي ڏني وئي. فنائنس ائڊوائيزر جو ڪم هوندو هيو ته منسٽري جي بجيٽ رليز ڪرڻ، بجيٽ پروپوزل کي رڪمينڊ ڪري بجيٽ ونگ ڏانھن موڪلڻ، اٽيچڊ ڊپارٽمينٽ جي بجيٽ جي پاس ٿيڻ تي نظر رکڻ وغيره وغيره. هرسال جي شروع ۾ هر منسٽري لاءِ فنانس منسٽري هڪ ٽارگيٽ ڏيندي هئي ته هيترا پرسينٽ بجيٽ ۾ واڌارو موڪليندا، انھي حساب سان هر منسٽري جي بجيٽ جي تياري لاءِ تجويزون فنائنشل ائڊوائيزر جي معرفت بجيٽ ونگ تائين موڪليون وينديون هيون.
2005ع جي آخر ۾ سائين سليم گل شيخ صاحب سيڪريٽري سياحت هيا، مونکي چيائون ته جمن مان چاهيان ٿو پي ٽي ڊي سي جو ڊائريڪٽر فنائنس تبديل ڪريان، جيڪڏهن تون اچڻ چاهين ته مان تنھنجي لاءِ سمري موڪليان. مون چيو ته مونکي ڪوئي اعتراض ناهي. شيخ صاحب سمري موڪلي پرائيم منسٽر ڏانھن. پرائيم منسٽر انوقت شوڪت عزيز هيو. انھيءَ دوران منسٽري هڪ هفتي جي ٽريننگ لاءِ بينڪاڪ ايشين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي اي آءِ ٽي لاءِ نامزد ڪيو، جنھن لاءِ ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ اتي پھچڻو هيو.
شيخ صاحب ٻڌايو ته سمري پي ايم سيڪريٽريٽ پھچي وئي آهي، ڪنھن سان اتي ڳالھاءِ، جيڪڏهن ڪو تنھنجو اتي دوست آهي. جاويد محمود پي ايم سيڪريٽريٽ ۾ هيو، جيڪو منھنجو بيجميٽ هيو، تنھن کي مون فون ڪيو چيو ته سردار صاحب اهڙي طرح سمري آيل آهي، انکي جلدي منظور ڪرائي موڪل، چيائين ته پارٽنر ٺيڪ آهي. ٻئي ڏينھن صبح جو مان آفيس ۾ ويٺو هيم ته پي ايم سيڪريٽريٽ مان فون آيو. پي ايم سيڪريٽريٽ جي آپريٽر ٻڌايو ته جاويد محمود صاحب ڳالھائيندو. جاويد محمود صاحب لائين تي آيو ۽ پڇيائين ته پارٽنر ڇا ٿو ڪرين؟ مون چيو آفيس ۾ ويٺو آهيان. چيائين گھڻي دير ۾ پي ايم سيڪريٽريٽ پھچندين؟ مون چيو ته خير ته آهي؟ چيائين ته خير آ پر توسان ڪجھه ضروري ڳالھائڻو آهي. مون چيو ته مان اچان ٿو، گيٽ تي نالو لکائي ڇڏيو. مان ويم جاويد محمود سان مليم، مونکي چيائين ته ڳالھه ٻڌ توکي ”نه“ ناهي ڪرڻي ۽ تون صرف ”ها“ ڪندين. مون چيو ته مسئلو ڇاهي؟ چيائين ته اسپيشل سيڪريٽري پي ايم صاحب جو ڊاڪٽر وقار مسعود جو چوڻ آهي ته پرائيم منسٽر جي پبلڪ ونگ ۾ هر صوبي جو جوائنٽ سيڪريٽري رکڻو آهي، تنھنڪري تنھنجي سيڪيورٽي ڪليئر ٿي پھچي وئي آهي، مٿان تنھنجي سمري ڊائريڪٽر فنانس پي ٽي ڊي سي جي پوسٽنگ لاءِ پھتي آهي، تنھنڪري خاموشيءَ سان توکي ها ڪرڻي آهي. ڊاڪٽر صاحب توسان ملڻ ٿو چاهي ۽ هو توکان رسمن پڇندو، هتي جي پوسٽنگ لاءِ، باقي تون نه به ڪندين، تڏهن به پوسٽنگ تنھنجي هتي ئي ٿيڻي آهي. مون سوچيو ته جيڪڏهن هنن اهو ارادو ڪيو آهي ته پوسٽنگ ته ڪندا، تنھنڪري خوشيءَ سان قبول ڪرڻ بھتر آهي. جاويد محمود کي چيو ته منھنجي ٻن ڪورسن ۾ نامينيشن ٿيل آهي، جيڪڏهن انھن ۾ رڪاوٽ نه ٿئي ته پوءِ مان حاضر آهيان.

ھارورڊ يونيورسٽي

جنوري 2006ع ۾ هارورڊ يونيورسٽي ۾ ايگزيڪيوٽو ايڊمنسٽريٽرس ڪورس فار فائيو ويڪ آمريڪا.
اي آءِ ٽي بينڪاڪ هڪ هفتي لاءِ ڊسمبر 2005ع.
مان ۽ جاويد محمود ٻئي وڃي ڊاڪٽر مسعود سان ملياسين، مونکي چيائين ته اسان توکي هتي رکڻ ٿا چاهيون، تنھنجو ڇا خيال آهي؟ مون چيو ته مونکي ڪوئي اعتراض ناهي، باقي هي ٻه شارٽ ڪورس آهن، تنھن ۾ مونکي وڃڻ ڏيندا. ڊاڪٽر مسعود چيو ته ٺيڪ آهي ڪوئي مسئلو ناهي. ڊاڪٽر وقار مسعود اردو اسپيڪنگ آهي، ۽ ڊاڪٽر کي بي بي شھيد ڊائريڪٽ ويھين گريڊ ۾ ليٽرل انٽري تحت اپائنٽ ڪيو هيو، پر هُو سنڌين لاءِ دل ۾ ڪڏهن به سٺو ڪونه سوچيندو هيو.
ٻئي ڏينھن منھنجي پرائيم منسٽر سيڪريٽريٽ جي پبلڪ ونگ افيئر ۾ پوسٽنگ ٿي وئي. نوٽيفڪيشن جي ملڻ کانپوءِ مون وڃي پي ايم سيڪريٽريٽ ڊسمبر 2005ع جي گھڻو ڪري ٻئي هفتي ۾ جوائن ڪيو.
هفتي کن کان پوءِ مان هفتي جي ٽريننگ لاءِ بينڪاڪ ويس. ٿائيلينڊ ۾ ٽريننگ جي دوران ٻن ٽن ڪلاڪن جي پنڌ تي مختلف جاين تي وٺي ويندا هيا. پتايا جي بيچ تي وٺي ويا. ٿائيلينڊ ۾ تمام وڏو ٽيمپل ٺھيل آهي، جنھن ۾ گوتم ٻڌ جو انتھائي وڏو مجسمو پيل هيو. ٿائيلينڊ ٻڌسٽ مذهب سان تعلق رکندڙ ملڪ آهي، جنھن ۾ تقريباً پنج سيڪڙو مسلمان آباد آهن.
ٿائيلينڊ ۾ ڪافي تاريخي جايون سياحن جي گھمڻ جو مرڪز آهن.
بينڪاڪ کان واپسي تي وزيراعظم جي آفيس ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پبلڪ افيئر ونگ جو ڪم صرف پارليامينٽيرين جي مسئلن متعلق هيو. پاڪستان ۾ جيئن ته چار صوبا آهن، تنھنڪري چار مختلف ونگ ٺھيل آهن. پنجاب، ڪي پي ڪي، سنڌ ۽ بلوچستان. سنڌ ۽ بلوچستان سان لاڳاپيل سينيٽر ۽ ايم اين اي جا مسئلا خاص ڪري ترقياتي نوعيت جي ڪمن جي نگراني منھنجي حصي ۾ هئي. جنھن ۾ عوامي نمائنده پنھنجي پنھنجي علائقي متعلق ترقياتي اسڪيمن جي لسٽ ڏيندا هيا، پوءِ اسين انھن ادارن کان خرچ جو تخمينو لڳرائڻ لاءِ موڪليندا هياسين. مثلاً گئس، بجلي ۽ ٻيا ننڍا روڊ رستا ۽ ٻيون اسڪيمون، جن سان اتان جي عام ماڻھن کي فائدو رسي وغيره .
جڏهن انھن اسڪيمن جي خرچ جو تخمينو اچي ويندو هيو، جيڪو عمومن تمام گھڻو هوندو هيو، پوءِ واسطيدار عوامي نمائندي سان رابطو ڪري ٻڌائيندا هياسين ته وزير اعظم صاحب هيترا فنڊ منظور ڪيا آهن ۽ توهان جون اسڪيمون انھيءَ منظور ڪيل رقم کان وڌيڪ آهن. توهان اچي انھن جو جائزو وٺو، پوءِ انھن اسڪيمن مان جيڪا توهان چاهيو، انھيءَ جي لاءِ منسٽري فنانس کي لکون. عوامي نمائندو ڪڏهن پاڻ يا ڪنھن ٻئي کي موڪليندو هيو ته هيءُ هيءُ منھنجون اسڪيمون آهن، انھن منظور ڪيل رقم ۾ فائنل ڪري فنانس کي لکو. اسين بعد ۾ عوامي نمائندي جي پنھنجي دستخط سان موڪليل اسڪيمن جي لسٽ ۽ منظور ڪيل رقم متعلق نوٽ ٺاهي، وزيراعظم ڏانھن موڪلي ڏيندا هياسين. وزيراعظم ڪڏهن انھيءَ لسٽ تي پنھنجي منظوري ڏئي واپس موڪليندو هيو، يا وري اسپيشل سيڪريٽري کي گھرائي انھيءَ بابت هدايتون ڏيندو هيو. جڏهن وزيراعظم کان لسٽ منظور ٿي ايندي هئي ته ان هر منظور ڪيل اسڪيم ۽ انجو تخمينو ساڻ لڳائي هڪ ڊائريڪٽو جاري ڪندا هياسين، جنھن تي ايڊيشنل سيڪريٽري پبلڪ افيئر ونگ دستخط ڪندو هيو. انھيءَ کان پوءِ آفيس جو نمبر هڻي لاڳاپيل ڊپارٽمينٽ ڏانھن روانو ڪندا هياسين. هر ٻئي ٽئين مھيني هڪ ميٽنگ ٿيندي هئي، جنھن ۾ متعلق ڊپارٽمينٽ پراگريس رپورٽ ٺاهي ايندو هيو ته وزيراعظم آفيس مان هن نمبر سان هي ڊائريڪٽو آيو، جنھن ۾ هيءُ هيءُ اسڪيمون هيون، فلاڻي تاريخ تي آيو . فنانس فلاڻي تاريخ رقم جاري ڪئي، اسان ان تي هيءُ هيءُ عمل ڪيو، هيترو خرچ ٿيو ۽ اسڪيم جو ڪم هيستائين ٿيو آهي. وغيره وغيره.
جنوري 2006ع جي پھرئين هفتي اسان تقريباً چاليھه پنجيتاليھه سينيئر آفيسرن کي هارورڊ يونيورسٽي ۾ پنجن هفتن جي هڪ اسپيشل ٽريننگ تي موڪليو ويو. جنھن ۾ مان ۽ عبدالغفار سومرو صاحب سنڌي هياسين، باقي پنجابي، پٺاڻ، ڪشميري ۽ اردو ڳالھائڻ وارا هيا. بلوچستان جو ڪو به ڪونه هيو. منھنجو نالو انھي ڪري آيو جو انوقت مان فنائنس منسٽري ۾ هيس ۽ پروگرام کي ترتيب به فنانس ڊويزن ڪيو هيو ۽ سائين عبدالغفار سومرو صاحب گھڻو ڪري مرڪزي سرڪار جي ڪوائلٽي ڪنٽرول اٿارٽي جو هيڊ هيو، باقي سنڌ مان سليم خان ۽ ان جي زال رخسانه سليم هئي. انھيءَ ٽريننگ لاءِ اهو پھريون بيچ هيو ۽ انھيءَ کان پوءِ ٻيا سينيئر آفيسر ويھين ۽ ايڪويھين گريڊ جي انھن آفيسرن کي گھڻو ڪري جن جي عمر پنجونجاهه سالن کان مٿي نه هجي.
هارورڊ يونيورسٽي دنيا جي پھرين پنجن نمبرن يونيورسٽين مان هڪ تاريخي ۽ پراڻي يونيورسٽي آهي. هارورڊ يونيورسٽي 1639ع ۾ ميسچوسٽ اسٽيٽ جي بوسٽن شھر ۾ آمريڪا جي اوڀرندي پاسي ۾ آهي. بي انتھا سردي وارو علائقو آهي. بوسٽن جي شھر ۾ دنيا جون ٻه وڏيون ۽ دنيا جي پھرين پنجن يونيورسٽين مان هتي آهن. هڪ هارورڊ ۽ ٻي ايم آءِ ٽي ميسه چوسٽ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي.
هارورڊ ۾ اسان کي رهائش لاءِ سولجر بئريڪس جي اپارٽمينٽ ۾ ڏنا ويا هيا، جيڪي تقريباً اڌ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هوندا هيا. رستي ۾ هڪ ننڍي ندي چارلس جي نالي سان وهندي هئي. سردي جو اهو عالم هيو، جو جيڪڏهن نڪ به ظاهر رکندا هياسين ته نڪ ڄمي ويندو هيو، جيڪڏهن هٿ لائبو هيو ته محسوس ڪونه ٿيندو هيو. چارلس ندي جنھن جي ويڪر تقريباً ٻه سؤ فوٽ هئي، صبح جي وقت اڪثر مان ڏٺو ته ماڻھو ان نديءَ ۾ سائڪلنگ ڪندا هيا. يعني سڄي وهندڙ ندي ڄمي برف ٿي ويندي هئي، ڪڏهن ته ٻه چار ڏينھن برف ڄميل هوندي هئي، وري جڏهن سج نڪري ڪجھه پنھنجو جوهر ڏيکاري ته پوءِ محسوس ٿيندو هيو ته پاڻي هلي ٿو.
ٽريننگ پروگرام ۾ رهائش، ماني ٽڪي، ٽڪيٽ، ٽيوشن في ۽ ڪجھه جيب خرچي شامل هئي. هارورڊ يونيورسٽي ايراضي ۾ ڪافي وڏي آهي، تقريباً ٻه سو ايڪڙ زمين کان گھڻي زمين تي آهي. جمعي نماز لاءِ اسان کي يونيورسٽي جي ڀرسان هڪ چرچ هوندو هيو، جنھن ۾ اسان نماز پڙهڻ ويندا هياسين. ڪافي وڏي جماعت ٿيندي هئي. مان سمجھان ٿو ته تقريباً چار پنج سؤ ماڻھو جمعي نماز ۾ شامل ٿيندا هياسين. سڀ کان وڏو مسئلو اهو هوندو هيو، جو باٿ روم ۾ هڪ يا ٻه ڪيو ته نه شاور هوندو هيو نه وري ڪا ٻي پاڻيءَ جي ٽيوٽي، ويسٽ پيپرن مان ڪم هلايو. مان انھيءَ لاءِ اهو ڪندو هيس ته چڱو ٿھو ويسٽ پيپرن جو کڻي، ان کي واش بيسن مان پاڻي سان ٽمٽار ڪري ساڻ کڻي وڃي هڪ ڪندو هيم، انھيءَ کان پوءِ ان ويسٽ پيپر جي ٿھي کي مٿان نچوڙي مسلم شاور وارو ڪم وٺندو هيم. باقي دعا گھرندا هياسين ته ڪڏهن ٻن جي حاجت نه ٿئي. اها ٻه واري حاجت پنھنجي رهائش واري ڪمري ۾ ڪري ايندا هياسين.
بوسٽن شھر ۾ به چائنا ٽائون جي نالي سان علائقو ۽ چائنيز هوٽل به هيا. هڪ ويڪ اينڊ تي مان ۽ سائين عبدالغفار سومرو صاحب نيويارڪ وڃڻ جو ارادو ڪيو. جڏهن اسان ٻئي بس اسٽينڊ تي پھتاسين، بس جي ڪرائي جي پڇا ڪئي سين. ساڳي هنڌ ٻه بس اڏا هيا، آمريڪن بس سروس گريهونڊس ۽ چائنه بس سروس.
ڪرائي ۾ اڌ تي اڌ فرق، جيڪو ڪرايو هڪ پاسي جو بوسٽن کان نيويارڪ تائين آمريڪي بس وٺي پئي. اوترو ئي ڪرايو چيني ٻنھي پاسن جو پيا وٺن. سھولتون سڀ هڪجيتريون. اسان چائنه جي بس سروس وسيلي نيو يارڪ گھمڻ وياسين. منھنجو دوست محمد اسلم ڀٽي اسان کي وٺڻ آيو ۽ اسان کي هڪ رات ۽ سڄو ڏينھن نيويارڪ گھمايائين. ڀٽي صاحب جي دوست ملڪ شھزاد به اسانجي خوب خاطرتوازن ڪئي. اسان ٻئي ڏينھن واپس بوسٽن موٽي آياسين. جڏهن اسان هارورڊ ۾ هياسين ته تقريباً ٻه ڏينھن لڳاتار برف جو طوفان هليو، روڊ رستا برف سان ڍڪجي ويا، سردي بي انتھا ٿي وئي، پر ڪلاس ٽائيم تي سڀ هلن پيا. فيبروري جي پھرئين هفتي ۾ٽريننگ پروگرام پورو ٿيو. منھنجو جگري دوست سائين ممتاز ڀٽو صاحب ميري لينڊ اسٽيٽ جي شھر هيگرس ٽائون (Hagerstown) ۾ لڏي وڃي آباد ٿيو آهي، تنھن جھاز جي ٽڪيٽ موڪلي مان بوسٽن کان سڌو واشنگٽن ڊئليس ايئرپورٽ تي آيم، جتي اڳ ۾ ئي سائين ممتاز ڀٽو صاحب انتظار پيو ڪري.

واشنگٽن ۽ ماسڪو جا مزا

واشنگٽن جي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري آيم ته منھنجو دلدار دوست سائين ممتاز ڀٽو صاحب پنھنجي پٽ سميت ايئرپورٽ جي ٻاهران انتظار پيو ڪري. جڏهن اسان جي هڪٻئي تي نظر پئي ڄڻ ته مڇيءَ کي پاڻي ملي ويو. هڪدم ٻکين پئجي وياسين. خوشي جي ڪا انتھا ڪانه هئي. ائين ملياسين جيئن سائين غلام فريد چيو ته:
”وڇڙي ڪونج قطارا“
کان پوءِ مليون هجن. سيءُ به جوڀن تي هيو، پر دوست جي ڀاڪر ۾ اچڻ کان پوءِ سردي ته الائي ڪيڏاهن ڀڄي هلي وئي. سردي ايئن ڀڄي وئي جيئن گڏهه تان سڱ هليا ويا هجن. سامان گاڏي ۾ رکي پوءِ سٺ ستر ڪلوميٽر واشنگٽن شھر کان پري ميري لينڊ اسٽيٽ (Maryland) جي هڪ خوبصورت شھر هيگرس ٽائون ۾ پھتاسين، جتي سائين ممتاز ڀٽو صاحب جا ٻار شدت سان انتظار ۾ ويٺا هيا. سڀ ملياسين. اسانجي ڀاڄائي گھر ۾ وڏي چاهت سان سنڌي طعام تيار ڪيا ۽ وڏي پيار ۽ پاٻوه سان کائڻ جي ميز کي طعامن سان سجايو. گھڻا ۽ لذيذ طعام ڏسي دلبر پيٽ کائڻ کان اڳ ڄڻ ته بک کي ڀڄائي ڪڍيو. پوءِ آهستي آهستي ڪڏهن ممتاز ته ڪڏهن اسانجي ڀاڄائي ڏويون ڀري منھنجي پليٽ وجھندا وڃن پيا، ۽ چون ته ڀاءُ هي ڇا آهي هيتري ته اسان وٽ جھرڪي کائي ويندي آهي ۽ توهان لڳي ٿو ته لڄ ٿا ڪريو. پنھنجو پيٽ ايترو ته طعام کائي ڦوڪجي ويو، جو ڪرسي تان اٿڻ به محال ٿي ويو. ڪافي دير تائين سنڌ سونھاري جي وڻن ٽڻن پوک پلاءَ، يارن دوستن جون خبرون هڪٻئي کي ڏنيون سين ۽ ورتيون سين. ممتاز سائين رکي رکي ڪنھن نه ڪنھن دوست جو ذڪر ڪري انھن کي واري واري سان سڀني کي ياد ڪندو وڃي ۽ انھن سان گھاريل گھڙيون بار بار ياد ڪري خوشيءَ جو اظھار ڪندو پئي ويو.
هر پنجن منٽن کان پوءِ مرحوم پاشا کھڙو، مسعود کھڙو، مرحوم امداد ڀٽو عرف ڀائو، ذوالفقار مگسي، ڊي آءِ خان جو ڪنڊي نالو ياد ناهي، رمضان مغيري، مير مٺل مغيري، مرحوم عليڏنو انڙ، مرحوم سڪندر ٻگھيو، پنھنجي وڏي ڀاءُ منظور ڀٽو ۽ ڊاڪٽر لياقت ڀٽو ۽ ٻين جي تمام سٺن لفظن سان تعريف ڪري يادون تازيون ڪندو رهيو. بھرحال اهو بلڪل واضع هيو ته سنڌ ۽ سنڌ جي ماروئڙن جي اڪير هر حال ۾ ستائي ٿي. جيترو پري پنھنجي ڏيھه کان گھاري ٿو چاهي اتي ڪيترو به آسودو ۽ پرامن زندگي گذاري ٿو پر وري به ڍول فقيروانگر:
عمر مون نٿا وسرن، ويڙھيچن جا واڙا،
ڀڄي ڀور ٿيندءِ ڪنجيون ڪلف تاڙا.

رات ته صرف ڳالھين ۾ گذري وئي ۽ سموري وقت ۾ ننڊ جو ڪو احساس ڪونه ٿيو، بس ٿوري دير لاءِ اکيون مس ٻوٽيون ته فجر جو ٽائيم ٿي ويو. يعني سياري جي ڍونڍ رات جيڪا الاهي گھڻي وڏي هوندي آهي، اها سڪڙجي اونھاري جي راتين وانگر ٿي وئي. خير جو صبح ٿيو نيرن جي ماني کاڌي سون، پوءِ شھر گھمائڻ لاءِ مختلف جاين تي وٺي ويو ۽ پنھجي دوستن سان ملاقاتيون ڪرائي واپس اچي گھر ڀيڙا ٿياسين. ٻئي ڏينھن جمعة المبارڪ هيو، ممتاز ڀٽو جي گھر جي ڀرسان چڱي وڏي مسجد هئي اتي وڃي جمعي نماز ادا ڪئي. تقريباً ٽي ساڍا ٽي سؤ کن ماڻھو جمعي نماز ۾ شامل هيا.
ممتاز ڀٽو صاحب تعلقي ميروخان جي ڀرسان ڳوٺ محمود خان ڀٽو جو رهواسي ۽ محمود ڀٽو جو لاڏلو فرزند آهي. مان جڏهن 1984ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شھدادڪوٽ هيس ته انھيءَ وقت ممتاز صاحب ٽوف چوسول يونين ڪائونسل جو چيئرمين هيو.
هيگرس ٽائون کان پرڀرو سنڌي فيملين جي گڏجاڻي رٿيل هئي، مونکي به ساڻ وٺي ويو، اتي به ڪافي دوستن سان ملاقات ٿي جيڪي ورهين کان اتي آمريڪا ۾ آباد ٿي ويا آهن. اهي دوست اتي ڪافي خوشحال زندگي گذارن پيا، پر جڏهن به سنڌجي ڳالھه ٿيندي هئي ته اُهي ڪجھه لمحن لاءِ ماضي ۾ گم ٿي پنھنجي عزيز اقاربن جي تلاش ۾ محو ٿي پي ويا، جنھن جا اثر انھن جي چھرن تي چٽا نظر اچن پيا.
1989ع کان پوءِ سائين علينواز ميمڻ صاحب سان سندس گھر تي ملاقات ٿي ۽ رات جي ماني گڏجي کاڌي ۽گذريل وقت کي ياد ڪري خوب دل وندرائي. سائين علي نواز ڄاوا ته شڪارپور ۾ پر تعليم شروعات واري لاڙڪاڻو ۾، اعليٰ تعليم کان وٺي گذريل ڇھه ڏهاڪن کان آمريڪا جي پاڻ کي حوالي ڪيو اٿن، پر اڄ به سنڌ سان محبت سندس وار وار ۾ خوب سمايل آهي. پاڻ واشنگٽن کان ٿورو پنڌ پري رهن ٿا، ۽ ماشاءَ الله اتي به پنھنجي علائقي جي روح وانگر هر هڪ جي جسم ۾ رليل آهن.
اتي وڃڻ کان پوءِ محسوس ٿيو ته هڪ هفتو هتي گھمڻ لاءِ تمام گھٽ آهي. مونکي خبرئي ڪانه پئي ته هڪ هفتو ڪيئن گذري ويو! ممتاز سائين جو اصرار هيو ته مان اڃان ڪجھه وقت وڌيڪ رهان، پر اهو منھنجي لاءِ ممڪن ڪونه هيو، جو مونکي مشڪل سان هڪ هفتو ايڪس پاڪستان ليو ملي هئي. پروگرام مطابق مون ريلوي جو سفر شروع ڪيو، واشنگٽن کان نيو يارڪ جو، اتان منھنجي واپسيءَ جي ٽڪيٽ ورتل هئي.
ممتاز جڏهن پاڪستان ۾ هوندو هو يا جڏهن آمريڪا اچي آباد ٿيو ته مان مذاق خاطر کيس هميشه ڊاڙي ڪوٺيندو هيم. هينئر به جيستائين مان ممتاز کي ڊاڙي نه چوان، تيستائين سڪ پوري ڪونه ٿيندي آهي. ممتاز کي ويسر جي گھڻي عادت آهي، جنھن ڪري جڏهن ڪنھن شئي لاءِ ها ڪندو آهي پوءِ اها ڳالھه وسري ويندي آهي، تنهنڪري مان کيس ڊاڙي چوندو آهيانس، باقي دل جو بلڪل صاف ۽ اجرو ڪنھن جي لاءِ پنھنجي من ۾ بغض ڪونه رکي. دوستي ياري جو ڪوڏيو، نڀائڻ وارو جوان ۽ منهن تي سچ چئي ڏيڻ وارو عظيم انسان آهي.
الله جي در دعا آهي ته اسان جي هن انمول درياء دل دوست سائين ممتاز ڀٽو عرف ڊاڙي کي ۽ سندس اولاد کي پنھنجي حفظ و امان ۾ رکي.
فيبروري 2006ع ۾ پاڪستان پھچي پنھنجي ڪرت سان لڳي وياسين. اپريل جي مھيني ۾ ليٽر مليو ته نيشنل ڊفينس ڪاليج ۾ هڪ سال جي ٽريننگ لاءِ سليڪٽ ڪيو آهي. انوقت اين ڊي سي جي ڪيل ڪورس جي ڊگري قائد اعظم يونيورسٽي ڏيندي هئي. هن وقت اين ڊي سي پاڻ يونيورسٽي ٿي وئي آهي.
گريڊ ويھين کان ايڪويھين جي پروموشن واسطي اسٽاف ڪاليج لاهور يا نيشنل ڊفينس ڪاليج اسلام آباد، ٻنھي مان هڪ ڪرڻو هوندو آهي، انھيءَ کان بغير پروموشن جي لائق ڪونه ٿيندو. اسٽاف ڪاليج جو مدو ڇهه مھينه جڏهن ته اين ڊي سي جو هڪ سال هئي. هينئر اها به ڇهه مھينا ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس وارن اسٽيب ۽ اين ڊي سي وارن کي لکيو ته اسين سال لاءِ آفيسر کي اسپيئر ڪري ڪونه سگھنداسين، انهيءَ ڪري اين ڊي سي جي بجاءِ اسٽاف ڪاليج لاهور نامينيٽ ڪيو. ٿوري عرصي کان پوءِ ٻيو ليٽر اچي مليو ته اسٽاف ڪاليج جي ٽريننگ لاءِ نامينيٽ ڪيو ويو آهين، جولاءِ 2006ع کان اسٽاف ڪاليج لاهور ۾ اين ايم سي (NMC) لاءِ رپورٽ ڪيو. اسٽاف ڪاليج جو پرنسپال هينئر ريڪٽر گھڻو ڪري رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل جاويد هيو. جنرل صاحب جنرل مشرف جو خاص ماڻھو هيو ۽ ڪارگل جي جيڪا به حڪمت عملي هئي، چون پيا ته هيءُ انجو روح روان هيو. انھيءَ ڪري سنڌين سان في سبيل الله گھڻي محبت هوندي هيس. هڪ دفعي ڪلاس هليو پئي ته هن ٽانٽ ڪندي سنڌي ماڻھو چوندي انھيءَ حد تائين وڃي نڪتو ته ڄڻ ملڪ جا سڄڻ صرف هي آهن ۽ پاڪستان جي نالائق ترين قوم صرف سنڌي آهن. جنرل جو هميشه هڪ ڊڪٽيٽر وارو رويو هوندو هيو، هر ڪنھن سان ۽ ڪنھن به قسم جي مخالفت برداشت ڪونه ڪندو هيو. مان ليڪچر هلندي اٿي چيو ته اهو سڄو ڪوڙ ۽ ڊرامو سنڌين جي لاءِ توهان پيدا ڪيو آهي. جنرل صاحب غصي ۾ چوڻ لڳو ته ويھي رهه، مون چيو ته تون جيڪو ڪجھه چيو اهو غلط آهي. مون چيو جنرل صاحب مان ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڊي سي رهيو آهيان ۽ مون وٽ ثبوت آهن ته جنرل صاحب جو لھجو ٿڌو پئجي ويو، ۽ پوري ڪلاس جي سامھون چيائين ته مان پنھنجا لفظ واپس ٿو وٺان. منھنجي چوڻ جو اهو مقصد ڪونه هيو جيڪو تو سمجھيو، پر مان وري به پنھنجا چيل لفظ واپس ٿو وٺان. ڪلاس ختم ٿيو چيف انسٽرڪٽر مسٽر شاهد راجه مونکي گھرايو ۽ چيائين ته منھنجي طرفان شابس هجي جو جنرل صاحب کي پھريون دفعو تو قابو ڪيو ۽ پنھنجا لفظ وٺڻ تي مجبور ٿيو، راجه شاهد صاحب ڊي ايم جي جو ۽ اسان کان چار سال سينيئر هيو.
بھرحال جنرل صاحب کي منھنجو اهڙي طرح ڪلاس ۾ چوڻ هرگز گواره ڪونه هيو، تنھن ڪري هميشه هو مونکي شڪي ۽ اڻوندڙ واري نگاه سان ڏسندو هيو. 2006ع نومبر ۾ فارين ٽوئر جو پروگرام ٺھيو جيڪي چوائس اسان کان ورتي هئي، مونکي انجي برعڪس ٻئي پاسي راونو ڪيو. هر شئي ۾ الله جي حڪمت هوندي آهي، مان ۽ ٻيا ڪجھه ساٿي روس ڏانھن اسٽڊي ٽوئر تي وياسين. ماسڪو، لينن گراڊ، ۽ هڪ ٻن شھرن ۾ تقريباً پندرنهن ڏينھن رهياسين. سردي ۾ برو حال، آمريڪا واري سردي ته روس جي سردي مقابلي ۾ ڪجھه ناهي. سردي مائنس ويھه کان ڇويھه پئي گھمي. ماسڪو ۾ اسانکي هڪ هوٽل تي وٺي هليا، سرديءَ ۾ اسان جي جان پئي نڪري ته اتي جيڪي هيا تن چيو ته سردي روڪڻ جي لاءِ هتان جو پاڻي پيئڻ تمام ضروري آهي پر انجي توهان کي ٽيسٽ شايد مزو نه ڏئي، پر سردي جي لاءِ اڪثير آهي. ڏسڻ ۾ بلڪل پاڻي جھڙو، پر ٿورو گھاٽو. گرائيپ واٽر واري بوتل جيتري پر ٽرانسپيرنٽ هئي. ان تي جيڪي ڪجھه لکيل هيو اهو رشين زبان ۾ هيو، تنھن ڪري سمجھه ۾ ڪونه پيو اچي ته ڇا لکيل آهي. بھرحال هڪ گلاس ڀري اڳيان رکين مون به کڻي سپ هنئي، جيئن نڙي مان هيٽ لھندي وئي تيئن ڪنن مان ٺڪاءُ ۽ دونھون نڪرندو ويو. ٽيسٽ به هڪ عجيب قسم جي جيئن تيئن ڪري ٻه ٽي ڍڪ ڀريا ڪنن مان دونھان نڪرندا ويا ۽ جسم مان سردي ختم ٿي وئي ۽ ماني به ڍئو ڪري کاڌي. ماني کائي جڏهن واپس آياسين، هوٽل تي آرام ڪرڻ کان پوءِ صبح جو لينن گرانڊ روانا ٿياسين. ٻئي ڏينھن تي خبر پئي ته اهو رات وارو پاڻي دراصل رشين برانڊي هئي.
لينن گرانڊ ۾ زار بادشاهه جا محلات ۽ انھن جي دفن ٿيڻ جون جايون ڏسي اچي هوٽل تي پھتاسين. اتي ٻڌائن پيا ته جولاءِ جي مھيني ۾ ڪجھه ايتريون ننڍيون راتيون ٿينديون آهن، جو مغرب نماز کان ٿورو بعد صبح جي آذان جو وقت ٿي ويندو آهي.
ماسڪو روس جي گادي وارو شھر ۽ تاريخي شھر آهي. 2006ع ۾ شھر جي آبادي تقريباً هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ هئي. هيءُ موسڪوا ندي جي ڪناري تي اڏيل هڪ خوبصورت شھر آهي. اتي ڪنھن دوست ٻڌايو ته ماسڪو جي انڊرگرائونڊ ريلوي سسٽم جوڙڻ لاءِ گھڻي ڀاڱي ٻي مھاڀاري جنگ جي قيدين کان کوٽائي جو ڪم ڪرايو ويو. ماسڪو 1918ع کان وٺي رشين فيڊريشن جو گادي وارو شھر ٿيو، انھيءَ کان اڳ سينٽ پيٽرس برگ گادي جو شھر هيو. ماسڪو شھر ۾ هڪ پارڪ جي ڀرسان وڏي شاندار مسجد هئي، جيڪا تقريباً ستر سال بند هئي، جيڪا هينئر کليل هئي ۽ اسان کي ظھر نماز پڙهڻ جو موقعو نصيب ٿيو. مونکي چڱي طرح ياد ناهي، ماسڪو باقي بلڪل هڪجھڙيون پنج يا ست وڏيون بلڊنگون ٺھيل هيون، جيڪي تمام شانائتي انداز ۾ جڙي راس ٿيون هيون. انھن بلڊنگن مان هڪ يونيورسٽي ۽ ٻي هڪ بلڊنگ ۾ اسان کي رشين فيڊريشن جي فارن آفيس جي آفيسر اسان کي روس متعلق بريفنگ ڏني. مون اتي اهو محسوس ڪيو ته اتي هر ٻيو ماڻھو هڪٻئي کان کلي طرح ڳالھه بيان ڪرڻ ۾ ڊڄي پيو ته متان هي منھنجي خلاف مٿي رپورٽ نه ڪري. ايئن پئي لڳو ته هر هڪ ٻئي کي ڪي جي بي جو ايجنٽ پيو تصور ڪري. گورنمينٽ جو خوف سڀني جي مٿان تلوار وانگر لٽڪيل هيو. 1992ع کان پوءِ پرائيويٽ پراپرٽي وٺڻ جي شروعات ٿي، جنھن جو گھڻو فائدو يھودين ورتو. ماسڪو ۾ هن وقت ڪيترائي کرب پتي ماڻھو رهن ٿا. ماسڪو جي ٻھراڙي واري هوٽل ۾ جتي اسان رهيل هياسين، اهو هوٽل هڪ پاڪستاني پنجاب واسي جو هيو، تنھنڪري کائڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس ڪانه ٿي، پاڪستاني کاڌو مليو پئي. سينٽ پيٽرس برگ ۾ به جنھن هوٽل ۾ رهياسين، انجو انتظام به پاڪستاني پنجاب واسي جو هيو، پوءِ اها خبر ناهي ته هو انجو مالڪ هيو يا نه.

وھاڙي ۾ منهاس فارم جو دورو

روس جي اسٽڊي ٽوئر کان واپس اچي، جيڪي ڪجھه اتي گھميو ۽ ان ملڪ بابت جيڪا ڄاڻ ملي، ان متعلق رپورٽ ٺاهي گروپ جي شڪل ۾ ڪلاس ۾ پيش ڪبي آهي ته جيڪڏهن ان رپورٽ کي ڪنھن دوست نه سمجھيو آهي ته انھيءَ رپورٽ تي سوال جواب ڏئي سڄي ڪلاس ۽ فيڪلٽي جي ميمبرن کي مطمئن ڪرڻ هوندو آهي. اسان جيڪي به روس جي اسٽڊي ٽوئر تي ويل هياسين سڀني گڏجي رپورٽ تيار ڪئي ۽ سڄي ڪلاس ۽ فيڪلٽي جي ميمبرن کي سوالن جا جواب ڏئي مطمئن ڪيو.
اسٽاف ڪاليج جي دوران ملڪ اندر ڪيترن ئي ادارن جو مطالعاتي دورو به پڻ ٿيندو آهي. پنجاب جي هڪ ڪامياب زميندار جي فارم تي ضلعي وهاڙي ملتان ۽ خانيوال لوڌران روڊ جي ڀرسان گھڻو ڪري نالو ممتاز منھاس ذات جو، پروگريسو زميندار جي ڊيري تي وياسين. منھاس صاحب جي ڊيري کان خانيوال ۽ ملتان تقريباً هڪجيتري پنڌ تي آهن. ملتان کان جيڪو روڊ وهاڙي وڃي ٿو ۽جنھن جاءِ تي خانيوال لوڌهران روڊ پاڻ ۾ ملي هڪ چوڪ ٺھي ٿو، ان چوڪ کان اوڀر اتر وهاڙي طرف تقريباً ڇهه ست ڪلوميٽر پنڌ تي وهاڙي ڏانھن ويندي کٻي هٿ تي منھاس صاحب جي اوطاق آهي. اوطاق جو اڱڻ تقريباً ٽي چار ايڪڙ ايراضي تي مشتمل آهي. انھيءَ ۾ مال جا مختلف واڙا ٺھيل هيا. انھن واڙن ۾ مختلف قسم جا جانور پاليل هيا. جنھن ۾ مينھون، ڳئون، ٻڪريون جون جدا جدا جنسون هيون. منھاس جو پورو ويڙهو بجلي ۽ رڌ پچاءَ لاءِ گئس ۽ ٽيوب ويل کي هلائڻ لاءِ بجلي پنھنجي مال جي ڇيڻن مان پيا جنريٽ ڪن. جيئن ته مونکي ٽيڪنيڪل معلومات ناهي، تنھن ڪري مان ان متعلق صحيح ڄاڻ ڏيڻ کان قاصر آهيان. باقي جيڪو مون ڏٺو ۽ ياد اچي پيو، ٿي سگھي ٿو ته مان ڳالھين کي اڳي پوءِ ڪري وڃان.
گندي وانگر هڪ وڏو ٿانو ٺھيل هيو، جنھن ۾ صبح جو هر روز مقدار مونکي ياد ناهي، پر تقريباً ٽيھه چاليھه ڇڄ ڇيڻن جا ان گندي ۾ وجھندا آهن، انکان پوءِ مٿان مضبوط ڍڪ ڏئي ڇڏيندا آهن، ان ۾ ياد ناهي ڪجھه ڪيميڪل وغيره وجھي بند ڪندا آهن. انھيءَ ڪيميڪل ۽ ڇيڻن جي ردعمل ڪري ڪا گئس نڪرندي آهي، جنھن کي پائيپ ذريعي هڪ هنڌ جمع ڪري پوءِ باهه ٻارڻ لاءِ جدا پائيپ لائين جو ان پوائنٽ تائين جوڙيندا آهن. بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ به پائيپ لائين جي ذريعي اها گئس اتان کڻي ٽيوب ويل جي جنريٽر تائين پھچائي پوءِ ٽيوب ويل به هلي پيو ته ڪتر واري مشين به هلي پئي. گندي جنھن ۾ ڇيڻا وڌا هيا، ان مان سوراخ ذريعي ڇيڻا پاڻياٽان ٿي ٽيوب ويل هڪ هودي اڳيان اچي جمع پيا ٿين. جنھن وقت ٽيوب ويل چالو ٿئي ٿو ته ٽيوب ويل جي پاڻي سان گڏجي اهو ڇيڻن وارو پاڻي زمين ۾ وڃي پيو. تقريباً سٺ ستر ايڪڙن تي ڪڻڪ جوفصل پوکيل هيو، منھاس جي چوڻ مطابق اسين پنھنجي زمين ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي جواستعمال ڪونه ڪيون. مال جو ڀاڻ بجلي پيدا ڪندو ٽيوب ويل کي هلائيندو پوري زمين ۾ هڪجيترو هر جاءِ تي پاڻي سان گڏ وٿاڻ جو ڀاڻ پھچي وڃي ٿو. مون ڏٺو ته ڪڻڪ جو فصل نھايت طاقتور تيلي سان چچ ڪارو لڳو پيو هيو.
2006ع ۾ منھاس صاحب ٽنيل فارمنگ ڪري پيو. اسان کي اتي وٺي ويو، ڏٺوسين ته سفيد پلاسٽڪ تقريباً پنج ڇھه فوٽ ويڪرو ۽ اوترو اچو گولائي تي لڪڙين جي ٺيڪ تي پلاسٽڪ ٽئي پاسا ڏنل هئي. يعني زمين جي هڪ پاسي کان مٿان ڦيرائي، ٻئي پاسي زمين تائين اهڙيءَ طرح بند ڪيل هئي، جو ٻاهرين گرم يا سرد موسم جو انھي اندر پوکيل سبزي تي ڪو به اثر نه پوي. انوقت منھاس صاحب ٻڌايوته هڪ ايڪڙ تي پلاسٽڪ ۽ لڪڙين جو خرچ تقريباً پنجھتر هزار روپيه اچي ٿو ۽ هر ٽئين سال پلاسٽڪ تبدل ڪندو آهيان، ۽ خرچ پکا لاهي هڪ ايڪڙ تي اٺ کان ڏهه لک سال ۾ بچت ٿيندي آهي.
انھيءَ کان پوءِ اسان جو وڃڻ ملتان ٿيو، جتي ملتان جي ميئر رات جي ماني ۽ ملتان جي مسئلن ۽ ترقياتي ڪمن بابت ڄاڻ ڏني. ملتان جو ميئر ان وقت گھڻو ڪري ڊوگر هيو. مون کي حيرت انوقت ٿي، جڏهن اسان جي پنجاب جا سينيئر آفيسر پنجابي ۾ هڪٻئي کي پيا چون ته يار اها ڏاڍي خوشي جي ڳالھه آهي جو ملتان جو ميئر پنجابي آهي. انھي مان صاف ظاهر هيو ته اهي دوست سرائڪي ڳالھائڻ وارن کي ڪيترو پاڻ کان گھٽ ۽ پري سمجھن ٿا. سرائڪي کي پنھنجو پنجابي تسليم به ڪونه ٿا ڪن. بھرحال ملتان ۾ هڪ ڏينھن ۽ رات گذاري ٻئي ڏينھن لاهور لاءِ روانا ٿياسين. روزمره وانگر ڪلاس هندا رهيا.
ٻئي دفعي اسان کي پتوڪي جي هڪ ڳوٺ ۾ وٺي ويا جتي ڳوٺاڻا پنھنجي مدد تحت پاڻ پسگردائي جي پنجن ستن ڳوٺن جو کير هڪ هند جمع ڪري پوءِ کير جي وڏين ڪمپنين سان رابطو ڪري کير جو اگھه ۽ ٻيون رعايتون وٺن پيا ته جيئن ڳوٺاڻا وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگھن. کير جون ڪمپنيون اعليٰ نسل جو مال مينھون ۽ ڳئون تمام گھٽ قيمت تي ڳوٺاڻن کي فراهم ڪن پيا. ڳوٺاڻن کي مال جو ملھه انھيءَ ڏنل مينھن ۽ڳئن جي کير مان وصول ڪن پيا، جيڪو تمام ٿورو ملھه هيو مارڪيٽ جي حساب سان. فرض ڪيو جيڪڏهن مينھن يا ڳئون جو مارڪيٽ آهي لک روپيه ته ڪمپنيون ڳوٺاڻن کي چاليھه هزار جي لڳ ڀڳ ڏين پيون. پئسه به انھيءَ ڏنل مال جي کير مان وصول پيا ڪن. فرض ڪيو جيڪڏهن مونکي ڏهه مينھون آهن، کير واري ڪمپني جي طرفان منھنجي حصي ۾ ٻه مينھون آيون ته جيڪو کير منھنجي ڏهن مينھن جو آهي، انھيءَ سموري کير مان ڪمپني پئسه ڪونه وٺندي. منھنجي واڌو ٻن مينھن جي کير جي رقم مان اڌ کيرواري ڪمپني پئسه ڪٽيندي. پوءِ ڀلي اها رقم هڪ سال ۾ ختم ٿئي چاهي ٻن سالن ۾. اهڙيءَ طرح کير واري ڪمپني لاءِ کير اتان ملڻ پڪو ٿي ويو ۽ اهو به هڪ پوائنٽ تان. ڳوٺاڻن کي ٻه فائده.
کير جو اگھه به سٺو، سٺي نسل جون مينھون ۽ ڳئون تمام ٿوري قيمت تي تمام آسان قرض تي. قرض به مالڪ تي ڪونه پر رزق کي پاڻ لاهڻو آهي.
جيڪڏهن سنڌ ۾ اهڙي قسم جو رواج پئجي وڃي ته ڳوٺاڻا خوشحال ٿي ڪافي ترقي ڪري سگھن ٿا. اسان سڀني کي انھيءَ قسم جي اسڪيم کي رائج ڪرڻ گھرجي. پر اسان جا ماڻھو انھي مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ٿيندا، ڇو ته ايئن ڪرڻ سان هوٽلن جي رونق ختم ٿي ويندي.
واپس اچي لاهور اسٽاف ڪاليج جي ڏنل ڪم ۾ مصروف ٿي وياسين. مونکي ياد آهي ته جڏهن اسان اسٽاف ڪاليج لاهور آيا هياسين ته لنڊن ۾ بي بي شھيد ۽ نواز شريف چارٽر آف ڊيموڪريسي تي دستخط ڪيون هيون، ۽ انھيءَ کي ملڪ لاءِ بھتر قدم تصور ڪيو ويو پئي. ڪلاس ۾ ته اهڙي قسم جي ڳالھه ڪيربه ڪونه پيو ڳالھائي، ڇو ته جنرل صاحب کي انھيءَ ڳالھه تي بڇان پئي لڳي. باقي اسين پاڻ ۾ همخيال دوست انھي تي ضرور ڳالھائيندا هياسين ۽ انھي کي ملڪ جي لاءِ هڪ بھترين ۽ وقتائتو قدم طور سمجھندا هياسين.
آخرڪار ٽريننگ جا سڀ مرحله پورا ٿي ويا. جنرل صاحب پريزيڊنٽ مشرف کان سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي تاريخ ۽ ٽائيم طئه ڪرڻ کان پوءِ اسلام آباد روانا ٿياسين. مارگله موٽل ۾ اچي رات رهياسين. مان ۽ ڪجھه ٻيا دوست جيڪي اسلام آباد کان لاهور ٽريننگ تي ويل هياسين تن کي اجازت ملي ته توهان ڀلي وڃي رات پنھنجي محبوبه سان گذاريو، پر صبح نائين وڳي واپس پھچي وڃو، جو ڏهين وڳي اتان گاڏي رواني ٿيڻي هئي پريزيڊنٽ هائوس ڏانھن. تقريباً ساڍي يارهين وڳي سرٽيفڪيٽس جي ورهائڻ جي تقريب مقرر ٿيل هئي. اسين سڀ تقريباً سوا يارهين وڳي هال ۾ باادب باهوشيار ٿي الفابيٽيڪل آرڊر ۾ وڃي ويٺاسين. تقريباً ٻارهن وڳي بگل وڳو، وردي سان ٻه ماڻھو مارچ ڪندا اچي دروازي تي بيٺا مس ته صدر صاحب ۽ پرنسپل صاحب گڏ اچي مٿي ڊائيس ويٺا. ترانو وڳو تلاوت قرآن مجيد ٿي. پرنسپل صاحب، صدر صاحب کان اجازت وٺي، ڪجھه تعريف ڪئي، صدر صاحب جي انھيءَ کان پوءِ صدر صاحب کي چيائين ته ڪجھه ارشاد ڪيو. جنرل مشرف ته اڳئي تيار ويٺو هيو، سو شروع ٿيو ته توهان جي مٿان قوم جو وڏو بار آهي ۽ توهان مان اميد آهي ته قوم ۽ ملڪ لاءِ سوچيندا. وغيره وغيره. انھيءَ کان پوءِ لسٽ مطابق اسان سڀني کي واري سان گھرائيندا ويا. جنھن جو نالو کڄي پيو اهو اڳتي وڃي صدر صاحب کان سرٽيفڪيٽ وٺي، اتان پاسي کان نڪري اچي وري پنھنجي جاءِ تي ويھي پيو. سرٽيفڪيٽ ڏيڻ وارو مرحلو ختم ٿيو ته ٻئي هال جو دروازو کليو، جتي اڳئي ماني تيار پئي هئي، اسان سڀني کي انھيءَ هال ڏانھن هلڻ جو چيو ويو، اسان سڀ وڃي هال ۾ پھتاسين، گول ميزون لڳل هيون، جنھن تي آرام سان اٺ نو ماڻھو ويھي ماني کائي پئي سگھيا. ويھڻ شرط بيرو سوپ کڻي آيو، انھيءَ کان پوءِ ماني اچي ميزن تي رکيائون، تنھن ڪري هيڏي هوڏي ٿيڻ جو ڪنھن کي موقعو ڪونه مليو. جتي جيڪو وڃي ويٺو، اهو اتي سُڪ ٿي ويو. صدر صاحب ۽ پرنسپال سان گڏ فيڪلٽي جا ميمبر وڃي، جدا هڪ ميز تي ويٺا. ماني کائڻ کان پوءِ صدر صاحب سڀني سان هٿ ملايو ۽ اسان پنھنجي گھر ڏانھن تياري ۾ شروع ٿي وياسين. سڀ اچي مارگله موٽل اچي پھتاسين پوءِ جيڪي اسلام آباد جا هيا انھن اتان سڀني دوستن کان موڪلايو. جيڪي لاهور وڃڻا هيا اهي اسٽاف ڪاليج جي گاڏي ۾ لاهور وڃڻ لاءِ تيار ٿيا. هر ڪو پنھنجي گھر ڏانھن راهي ٿيو. ٻئي ڏينھن وڃي آفيس رپورٽ ڪيو. ساڳيو ڪم ساڳيو راڳ شروع ٿي ويو. هفتي ڏهن ڏينھن کان پوءِ پرنسپال صاحب سڀني جي لاءِ رپورٽون صحيح ڪري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانھن موڪليون. خبر پئي ته منھنجي لاءِ رپورٽ ۾اهو ڄاڻايل هيو ته هي هڪ ايوريج آفيسر آهي.
انسان جي من هڪڙي ڳالھه هوندي آهي، پر منھنجي مالڪ وٽ پنھنجي ٻانھي لاءِ ڪجھه ٻيو لکيل هوندو آهي. الحمدلله پوءِ به رب ڪائنات اسان مسڪينن کي فيڊرل سيڪريٽري جي عھدي تائين پھچايو.
27 ڊسمبر 2007ع تي بي بي راڻي شھيد ٿي وئي. انھيءَ صدمي جي ڪري مان تقريباً هفتو آفيس ڪونه ويس. ستاويهين ڊسمبر تي صبح جو تقريباً نائين ساڍي نائين وڳي مان آءِ ايٽ کان آفيس پئي ويم ته جڏهن مان ڪشمير هاءِ وي تي بري امام جي والد ۽ ڀاءُ جي مزار وٽ پھتس ته سامھون بي بي شھيد جي گاڏي آئي پئي ته مون گاڏي پاڻ پئي هلائي، مان گاڏي کي روڪيو ۽ بي بي صاحبه کي ڏٺو ۽ بي خبرائي ۾ اسانجو هٿ سلام لاءِ اٿي ويو. بي بي شھيد جنھن من موهيندڙ انداز ۾ کلندي چھري سان ڪنڌ کي لوڏيندي، هٿ سان سلام جو جواب ڏنو، اهو اڄ به اکين جي اڳيان سڄو منظر ڦري پيو، ۽ حقيقت اها آهي ته انوقت بي بي صاحبه ايتري خوبصورت پئي لڳي، جو دل چوي پئي ته رڳو ڏسون. جڏهن شام جو اها دردناڪ خبر پئي ته بي اختياري مان اکين مان ايترا ڳوڙها وهي هليا، جو شمار نٿو ڪري سگھجي. سچ ته جڏهن منھنجي امڙ سانئڻ 14 ڊسمبر 1994ع ۾ هن فاني دنيا مان اسان کي ڇڏي، پنھنجي ابدي ماڳ تي وئي، ته به ايترا ڳوڙها منھنجي اکين مان ڪونه نڪتا.
الله سائين بي بي راڻي شھيد ۽ منھنجي امان حضور جا درجا بلند ڪري ۽ جنت الفردوس عطا ڪري. آمين يارب العالمين.
2008ع جي جنرل اليڪشن ۾ پ پ پ کي سرسي ملي ۽ متفق حڪومت سازي ٿي، جنھن ۾ سي او ڊي کي عملي جامو پھرايو ويو.
25 مارچ 2008ع سيد يوسف رضاگيلاني ليڊر آف هائوس متفق چونڊجي وزيراعظم جي منصب تي فائز ٿيو. اهڙيءَ طرح ساڍا يارنهن سالن کان پوءِ پ پ پ چوٿون دفعو مرڪز ۾ حڪومت سازي ڪئي، فاروق ايڇ نائڪ چيئرمين سينيٽ، ميڊم فھميده مرزا اسپيڪر نيشنل اسيمبلي.
آگسٽ 2008ع ۾ هاءِ پاور پروموشن بورڊ ويٺو. جنھن ۾ ڪيترائي سينيئر آفيسر پروموشن لاءِ لسٽ ۾ شامل هيا. انھيءَ سينيئر آفيسرن ۾ منھنجو نالو به هيو. بورڊ ٿيڻ کان اڳ ڊائريڪٽر سي پي فون ڪري چيو ته سائين توهان جون 1997ع جون ٽن مھينن جي اي سي آر رهيل آهي. مان ٻه ڏينھن بورڊ ٿيڻ کان اڳ وڃي، ڊائريڪٽر سي پي گجر صاحب کي هٿ ۾ ڏئي آيس. ٻيو هڪ فيصل آباد جو زاهد محمود جي هڪ سال جي اي سي آر رهيل هئي، اهو پروموشن بورڊ کان هڪ ڏينھن اڳ جمع ڪرائي آيو. جڏهن بورڊ ٿيو ته مسٽر فضل الرحمان چيف سيڪريٽري سنڌ مونکي فون تي مبارڪ ڏني ته توهان جو پروموشن ٿي ويو. ٻيو ته جيستائين رڪارڊ جي ڳالھه هئي، تنھن موجب جيڪي مارڪون کپن پيون، اهي سڀ پوريون هيون. تنھن ڪري مون ڪنھن کي ڪونه چيو ته يار ڏسجانءِ ڪا مدد جي ضرورت آهي. مونکي يقين هيو ته هڪ ته سينارٽي ۽ رڪارڊ موجب ڪنھن به قسم جي ڪمي ڪوتاهي ڪانھي، باقي هڪ پروسس مان گذرڻو آهي، سو الله ڪندو ته ٿي ويندو. جڏهن منٽس صحيح ٿي ظاهر ٿيا ته خبر پئي ته مونکان هڪ سال جونيئير پروموٽ ٿي ويو ۽ منھنجي خاني ۾ لکيل هيو ته پروموشن ڊفر ٿا ڪيون ڇوته ٽن مھينن جي اي سي آر پوري ناهي.
پوءِ خبر پئي ته اهو آفيسر 2008ع جي آخر ۾ رٽائر پئي ٿيو، سندس تعلق راولپنڊي سان هيو، انھي کي پينشن ۾ فائدو ڏيڻ خاطر مون سان ٻه هٿ ڪين، جو مان الله جو بندو هيس، جڏهن باقي ڪو نه ڪو ڪنھن جو ماڻھو هيو. تنھنڪري منھنجي پروموشن واري خاني ۾ بورڊ ٿيڻ کان پوءِ لکيو ويو ته ٽن مھينن جي اي سي آر ڪانھي، جڏهن ته مان پاڻ وڃي ڊائريڪٽر سي پي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي کي هٿ ۾ ڏئي آيو ھيس.

زرداريءَ حڪومت ۾ سنڌي آفيسر ننڌڻڪا

لاها چاڙها جيڪڏهن نه هجن ته زندگيءَ ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ ختم ٿي وڃي. دل جي ڌڙڪڻ ۾ انسان لاءِ هڪ اهم پيغام هوندو آهي. جڏهن اي سي جي ڪڍرائبي آهي ته مسلسل زندگيءَ جي لڪير پئي هيٺ مٿي هلندي رهندي آهي. جيستائين اها لڪير هيٺ مٿي هلڻ بند نه ڪندي آهي ته انسان جي زندگيءَ جو پيغام ملندو رهندو آهي ته اڃان حيات آهي. جڏهن اها زندگيءَ جي لڪير سڌي ٿي هڪ جاءِ تي بيهندي آهي ته انسان جي زندگيءَ جو خاتمو ٿي ويندو آهي. جڏهن اهو مونکي ٻڌايو ويو ته تنھنجي جونيئر کي پروموٽ ڪيو ويو آهي ۽ هڪ خصيص بھانو ڏيکاري منھنجو پروموشن روڪيو ويو آهي. پھريان ته ٿورو ڏک ٿيو پر پوءِ هڪدم لتا جو گانو اچي ويو:
اے دل تجھے قسم ہے تو ہمت نہ ہارنا
دن زندگی کے جیسے بهی گزریں گزارنا

جھٽ کان پوءِ مونکي ڪوئي اهڙو احساس ڪونه ٿيو ته ڪو مون سان زيادتي ٿي آهي. بھرحال مان جيئن چوڻي آهي ته ”رزق جو مالڪ الله آهي پر ان لاءِ لوچڻو ته اسان کي آهي.“
مون پنھنجي طرفان ننڍڙو نوٽ ٺاهي، سنڌ جي سنڌي ميمبرن کي ڏنو ته هي زيادتي ٿي آهي، توهان ڪجھه جيڪا توهان کان مدد ٿي سگھي ڪيو. هينئر ته پ پ جي حڪومت آهي، جيڪا هميشه سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪندي آهي. سواءِ نواب محمد يوسف ٽالپر جي ٻئي ڪنھن به ڪوشش ڪانه ورتي. ٽالپر صاحب کي اهو مٿان جواب مليو ته منھنجو جڏهن ڪٿي ڪم ڪونه ٿو رڪي ته پوءِ مان ڇو ڪنھن لاءِ چوان. پوءِ به سائين ٽالپر صاحب آواز اٿاريندو رهيو. جنھن لاءِ ٽالپر صاحب جي جيتري به تعريف ڪجي اها گھٽ آهي. انھيءَ وقت بي بي شھيد ڏاڍي ياد آئي ته جيڪڏهن اڄ بي بي شھيد هجي ها ته اهڙا هاڃا سنڌين سان ڪونه ٿين ها.
مارچ 2008ع ۾ جڏهن سيد يوسف رضا گيلاني صاحب وزيراعظم ٿيو ته ٿوري عرصي کان پوءِ پنجويھه ٽيھه سينيئر آفيسرن جي 22هين گريڊ ۾ فيڊرل سيڪريٽري جي پروموشن لاءِ لسٽ تيار ٿي، جنھن ۾ پھريون دفعو يوسف رضا گيلاني صاحب اهڙي طرح لسٽ تيار ڪرائي، جنھن ۾ پاڪستان جي سڀني صوبن ويندي اترين علائقن تائين جي ماڻھن کي پروموشن جو برابر حصو ڏيڻ واري منصوبي تحت ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنھن ۾ سنڌ جا 5-6 آفيسر به ان لسٽ ۾ شامل هيا. جن ۾ محمد يوسف ميمڻ، شبير ڏهر، مظھر سھتو ۽ ٻه ٽي ٻيا هيا، جن جا نالا هينئر ياد نٿا اچن. جڏهن اها لسٽ مٿي منظوريءَ لاءِ زرداري ڏي کڻي ويو ته ٻيا جيڪي به ان لسٽ ۾ نالا هيا، سي وڏي واقعي سان ها ڪري منظور ڪيا ويا، سواءِ سنڌي آفيسرن جي. سنڌ جي آفيسرن متعلق زباني هدايتون گيلاني صاحب کي مليون ته مان انھن سڀني آفيسرن کي سڃاڻان ٿو، تنھنڪري انھن جي پروموشن جو فيصلو مان پاڻ سوچي سمجھي ڪندس. اهڙيءَ طرح گھڻو ڪري 24 يا 25 آفيسر 22هين گريڊ ۾ فيڊرل سيڪريٽري ٿيا، انھن مان هڪ به سنڌي ڪونه هو.
آگسٽ 2008ع کان پوءِ جڏهن 21هين گريڊ جا پروموشن ٿيا، انھيءَ کان پوءِ وري ٻيھر 22هين گريڊ لاءِ 32 يا 35 آفيسر پروموٽ ٿيا، انھيءَ لسٽ ۾ هڪ به سنڌي آفيسر پروموٽ ڪونه ڪيو ويو.
اهڙي طرح 2008ع کان 2013ع تائين، پنجن سالن ۾ سنڌي آفيسر تقريباً 45-46 ٻاويهين گريڊ جي پروموشن زون ۾ هيا پر ڪونه ڪرڻ ڏنا ويا.
زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا واقعا ايندا آهن، جن کي ماڻھو ڀلائي ڪونه ٿو سگھي.
آڪٽوبر 2007ع جو واقعو ٻين لاءِ ته صرف ڪارساز واري واقعي تائين محدود هوندو، جنھن بي بي شھيد جي قافلي تي خودڪش حملي ۾ ڪيترائي شھيد ٿيا. پر منھنجي لاءِ انھي کان علاوه به هڪ واقعو ٿيو. رمضان جي عيد کان پوءِ مان واپس اسلام آباد پئي آيم. ڳوٺ کان مان سترهن آڪٽوبر تي ٻارن سميت روانو ٿيس. رات مون اچي ڪوٽ مٺڻ بابا غلام فريد جي ڀرسان ونگ ۾ ڄامڙا برادري جي چڱي مڙس ڄام محمد بخش جي گھر اچي رهيس. ٿورو اهو ٻڌائيندو هلان ته راجن پور ضلعي ۾ تقريباً چئن يونين ڪائونسل تي گھڻائي ڄامڙا برادري جي آهي. ڄامڙا پنھنجي وڏيري کي ڄام چوندا آهن. ونگ بابافريد جي مزار کان تقريباً ٽي چار ڪلوميٽر اتر ۾ چڱو وڏو شھر آهي جنھن جو چيئرمين هميشه ڄامڙو هوندو آهي. ارڙهين آڪٽوبر تي صبح جو نيرن ڪري بابا فريد جي درٻار جي حاضري ڀري ملتان لاءِ نڪتاسين. ملتان انھيءَ ڪري جو مان جڏهن اسلام آباد کان ڳوٺ ويم پئي ته مان غوث بھاؤالحق زڪريا ۽ شاهه رڪن عالم تي فاتح لاءِ ڪونه ويوهيم ۽ اهو ارادو ڪري هليو هيم ته ملتان مان درٻار تي حاضري ڏئي قل شريف پڙهي بزرگن جي درجات جي بلندي خاطر دعا ڪندو اڳتي وڃان. مونکي ايئن ڪرڻ سان روحاني سڪون ملندو آهي، جڏهن به ڪنھن مزار تي وڃي چار قل پڙهي اهل مزار جي درجات جي بلندي لاءِ الله سائين جي در هٿ کڻي دعا گھرندو آهيان. منھنجي شروع کان انھي طرف دل لڳل آهي. مان جڏهن راجن پور کان اڳتي ڄام پور جي ڀرسان پھتم ته ڊاڪٽر ڄام عبدالغفور ڪوٽ سلطان لئيه ضلعي جو فون آيو ته ڪاٿي آهيو؟ مون ٻڌايو ته مان ڄام پور جي ويجھو آهيان ۽ ملتان ويندس. ڊاڪٽر صاحب زور ڀريو ته نه منجھند جي ماني هتي کائي پوءِ اسلام آباد وڃو. مون چيو ته نه مان اڄ ملتان ويندس ۽ رات اتي رهندس.پرهن ڏاڍو زور ڀريو آخرڪار طئه اهو ٿيو ته چڱو مان توهان وٽ ايندس، پر چانھه پي اڳتي اسلام آباد ويندس. بھرحال تقريباً ساڍي يارنهن وڳي مان ڊيرا غازي خان کان سڌو اڳتي انڊس هاءِ وي تي اڳيان هلڻ شروع ڪيو. مونکي ڊاڪٽر صاحب لئيه ڏانھن وڃڻ لاءِ تونسه بئراج کان درياءَ سنڌ کان ٽپڻو هو. عيد جي واپسي ڪري روڊ بلڪل خالي هيو. اڳتي شادن لنڊ کان مونکي ٽرن ڪري تونسه بئراج ڏانھن وڃڻو هيو، پر اتفاق سان شادن لنڊ وٽ رستي جو ڪم هليو پئي، تنھن ڪري مان رستو ڀلجي چار پنج ڪلوميٽر اڳتي نڪري ويس. روڊ بلڪل خالي هيو ۽ مون گاڏي پنجهتر اسي ڪلوميٽر جي رفتار سان پئي هلائي. پيٽرول پمپ کان ٿورو اڳتي برساتي پاڻي جي وهڪري لاءِ روڊ کي پل جي بجاءِ چار پنج فوٽ هيٽ ڪري پاڻي کي روڊ جي مٿان گذرڻ جو رستو ڏنو ويو هيو. جيئن اها لاهي نظر آئي ته گاڏي جي رفتار کي وڌيڪ جھڪو ڪرڻ خاطر بريڪ تي پير رکيو ته گاڏي هڪدم فري ٿي وئي ۽ گاڏي منھنجي ڪنٽرول مان نڪري وئي. مون صرف چيو الله اڪبر! پوءِ گاڏي پنھنجي مستي ۾ تمام تيز رفتار سان هلڻ شروع ڪيو. گاڏي وڃي روڊ جي کٻي پاسي لاهي واري ڪپر سان لڳي، اتان پوءِ ٽي چار ڪلٽيون کائيندي وڃي روڊ کان کٻي پاسي پاڻي واري وهڪري جي رستي تي تقريباً ڏيڍ سو فوٽ پري گاڏي سڌي ٿي بيٺي. جنھن جاءِ تي وڃي بيٺي ان کان ست اٺ فوٽ چڱو گھرو کڏو کوٽيل هيو. گاڏي جا سڀ شيشا ونڊ اسڪرين سڀ پرزا پرزا ٿي ويا. منھنجي وڏي پٽ زوهيب پڇيو ته ابا خير ته آهي نه؟ مون چيو الحمدلله.
انھيءَ سڄي واقعي ۾ گاڏي فوٽ بال جھڙي ٿي وئي ۽ اسان مان ڪنهن کي به ڪو زخم وغيره ڪونه آيو. الحمدلله! اسان مان ننڍي چاهي وڏي کي الله جي رحمت سان ڪابه گھٻراهٽ ڪانه ٿي. تقريباً هڪ ڏيڍ منٽ مس گذريو ته هڪ ڊاٽسن آئي، جيڪي اسان جي گاڏي ڀرسان بيھاري ماڻھو لٿا ۽ اسان ڏانھن آيا. اسانجي گاڏي جا در کوليا، جيڪي بلڪل نارمل نموني سان کليا. جيڪا هڪ وڏي عجب جي ڳالھه هئي. اسان سڀ گاڏيءَ مان پاڻ ٻاهر نڪتاسين. اسان کي ڊاٽسن وارن چيو ته توهان چڙهو هن گاڏي ۾ ته جيئن توهان کي اسپتال پھچايون. انھن همراهن اسانجي گاڏي مان سڀ سامان کڻي ڊالي ۾ رکيو. منھنجي ننڍي پٽ کي مٿي ۾ ٿورو رهنڊ آئي، جنھن ڪري مٿي مان ٿورو رت وهڻ شروع ٿيو. تونسه شريف جي تعلقي اسپتال ڏانھن کڻي هليا، جيڪا اتان تقريباً ڏهه پندرهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هئي. ويھه پنجويهن منٽن ۾ اسان اسپتال وڃي پھتاسين، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ کوسو صاحب هيو. جڏهن انھن کي خبر پئي ته مان جوائنٽ سيڪرئٽري وزيراعظم آفيس ۾ آهيان، ته پوءِ وڌيڪ اسانجي تيمارداري ڪرڻ لڳا. مون موبائل فون تي جاويد محمود ايڊيشنل سيڪريٽري وزيراعظم آفيس کي ٻڌايو ته هيئن ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي ۽ هينئر مان تونسه اسپتال آيل آهيان. جاويد محمود انھيءَ وقت پرنسپل سيڪريٽري وزير اعليٰ پنجاب مسٽر جي ايم سڪندر کي چيو. ايم ايس اسان سڀني کي انجيڪشن هيون ۽ ايڪسري وغيره ڪيا. ننڍي پٽ محمد شاهزيب جي مٿي جا مختلف زاوين کان ايڪسري ڪيا. شاهزيب جي مٿي کي ست اٺ ٽاڪا هنيا. ٿوري دير ۾ ڊي سي او ڊي جي خان ۽ اي ڊي او هيلٿ مون سان رابطو ڪيو ۽ هر مدد لاءِ پھچي ويا. ايم ايس چيو ته سائين ننڍي جي سٽي اسڪين ڪرائڻ لازمي آهي. ايڪسري ۾ ته بلڪل ٺيڪ ٿو اچي پر احتياطن سٽي اسڪين ڪرايو. مون چيو ته ٺيڪ، چيائين ته سائين پنجاب ۾ اها سھولت صرف ٽن جڳھن تي آهي، ملتان، لاهور ۽ اسلام آباد.
تنھنڪري هي جلد ٿيڻ گھرجي توهان ملتان وڃو. ملتان هتان ٻن ڪلاڪن جو پنڌ آهي.
ايمبولنس ۾ اسان کي چاڙهي ملتان روانو ڪين. ڊاڪٽر ڄام عبدالغفور پريشان ته اسان دير ڪئي آهي، فون تي رابطو ٿيو، مون کيس ٻڌايو ته اسان اهڙيءَ طرح اچي تونسه اسپتال پھتا آهيون. خير هو به اتان نڪتو، رستي ۾ جڏهن اسين ملتان وڃون پيا ته مليو.
پرنسپل سيڪريٽري نشتر ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل ۽ ايم ايس کي فون تي چئي ڇڏيو ته اهڙي طرح ڄامڙو صاحب اچي ٿو ۽ فورن سٽي اسڪين ڪري ۽ جيڪا ضروري ميڊيڪل جي حساب سان ڪرڻو آهي ڪجو.
سج اسان کي رستي ۾ لھي ويو، چڱي انڌاري کان پوءِ اسين اچي نشتر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي ايمرجنسي ۾ پھتاسين ته نشتر ڪاليج جو پرنسپال ۽ ايم ايس ٻئي بيٺا هيا ۽ انھن سان ملياسين. ننڍي کي سٽي اسڪين لاءِ وٺي ويا. اسانکي وي آءِ پي وارڊ ۾ هڪ ڪمرو ڏنائون. ڪافي دير پوءِ ننڍڙي کي واپس وٺي آيا. رات سمھي ڪيوسين آرام، صبح جو اٿڻ سان مان پنھنجي پٽي ۾ سور محسوس ڪيو جو نوڙڻ سان تڪليف پئي ٿئي. ٻئي ڏينھن تي صبح جو ڊاڪٽر صاحب آيو، جنھن چيو ته الحمدلله ڪنھن به قسم جي ڪا پريشاني ڪانھي، هينئر تائين جيڪي به رپورٽون آيون آهن انھي حساب سان هرشئ پنھنجي جاءِ تي صحيح سلامت آهي. پر اسين ننڍڙي کي هفتو کن انڊر آبزرويشن رکنداسين. مون چيو ته خير آهي. مسٽر جاويد محمود مون سان مسلسل رابطي ۾ رهيو. ڊي سي او ملتان اسان جي سرڪٽ هائوس ۾ رهڻ لاءِ ڪمري جو انتظام ڪري ڇڏيو هيو.
ٻئي ڏينھن تقريباً يارهين وڳي ڄام محمد بخش ڪوٽ مٺڻ کان پنھنجي فيملي سان اچي اتي پھتو. چيائين ته اسان صبح جي اخبار ۾ هي خبر پڙهي ته هينئن ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي ۽ نشتر اسپتال ۾ داخل ٿيا آهن. ڄام صاحب ٻڌايو ته مان ڳوٺ ٻه ٻڪرا تنھنجي لاءِ صدقو ڪري آيو آهيان. الله سائين توهان کي حياتي ڏني، ڪجھه رقم ساڻ کڻي آيو، زور ڀرڻ لڳو ته هي پئسه رک، ٿي سگھي ٿو ته توکي ڪم اچن، مون سندس جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پئسه ڪونه ورتا. شام جو ڪشمور کان ڄامڙا به اچي ٻه گاڏيون ڀري پھتا. مان انھي سڄي واقعي ۾ ڳوٺ ڪنھن کي به ڪونه ٻڌايو. انھي ڪري نه پيو ٻڌايان هڪ ته الحمدلله سڀ خير ٿي ويو، ٻيو ته منھنجي والد صاحب جي عمر انوقت هڪ سؤ پندرهن سالن کان مٿي هئي، متان هو ٻڌن ته انھن جي دل تي خراب اثر پوي.
مان ڏهه ڏينھن ملتان ۾ رهيس انھي کان پوءِ ڊاڪٽرن ٻڌايو ته الحمدلله توهان جو فرزند هر لحاظ کان بلڪل صحيح آهي. انھي دوران منھنجو هڪ ٽڪو به خرچ ڪونه ٿيو. مان هروز جيئن منھنجي عادت هوندي هئي ملتان ۾ اچڻ جي ته مان غوث بھاولحق ۽ شاهه رڪن عالم جي درٻار تي وڃي چار قل پڙهي اهل مزار جي درجات جي بلندي لاءِ دعا جا هٿ کڻندو هيس. هر دفعي مون سان عجيب واقعو ٿيندو هيو. اڳ جڏهن به مان ويندو هيس ته شاهه رڪن عالم جي مين گيٽ تي بوٽ جي رکڻ جا پئسه وٺندا هيا. پر هن دفعي جڏهن به ويندو هيس ته بوٽ رکڻ وارو منھنجا بوٽ هميشه الڳ ڪري رکندو هيو ۽ پئسه به ڪونه وٺندو هيو، پرجڏهن مان دعا گھري واپس ايندو هيس ته چانھه به ضرور پياريندو هيو، جڏهن ته مون هن کي اهو ڪڏهن به ڪونه ٻڌايو ته مان ڪير آهيان.
جڏهن اسان تونسه اسپتال کان ملتان ڏانھن اچون پيا ته پوءِ وري اسان ان ايڪسيڊنٽ واري جاءِ تي وياسين ۽ گاڏي جي حالت ڏٺي ته يقين ڪونه پيو اچي ته جيڪڏهن گاڏي جو اهڙو برو حال ٿيو آهي ته يقينن هن گاڏي ۾ ويٺل افراد صحيح سلامت ڪونه هوندا.
اڳ ۾ ته ايڪسيڊنٽ ٿيڻ جو ڪو اهڙو سبب ڪونه هيو، نڪو تيز ڊرائيونگ، نڪو ڪا اڳيان پويان ڪنھن به قسم جي سواري يا ماڻھو جو ايمرجنسي ۾ ڪو بريڪ هڻي يا ڪو جانور اچانڪ اڳيان اچي وڃي، نه وري گاڏي پراڻي. پر جيڪڏهن اهڙيءَ طرح جو ايڪسيڊنٽ ٿيو هيوته ان مان صحيح سلامت بچي نڪرڻ هڪ وڏو معجزو هيو، باقي عقل اڄ تائين انھيءَ تي حيران آهي. مون ۽ منھنجي سڀني ٻارن کي ڪنھن به قسم جي گھٻراهٽ به نه ٿي، ايئن پئي محسوس ٿيو ته جيئن گاڏي ڪنٽرول کان نڪتي تيئن الله جي ذات بابرڪات اسان سڀني کي گاڏي مان ٻاهر ڪڍي رکيو، وري جڏهن گاڏي وڃي بيٺي ته رب پاڪ اسان سڀني کي وڃي گاڏي ۾ صحيح سلامت ويھاريو.
تنھنڪري 18 آڪٽوبر 2007ع منھنجي لاءِ منھنجي زندگي جو هڪ يادگار ڏينھن هيو، جيڪو هميشه ياد رهندو آهي ۽ الله سائين جي نعمتن جو شڪر ادا ڪندو آهيان ته رب ڪائنات مون تي ڪيترو ته مھربان آهي.

سرائڪي پنجابي ناهن

ملتان کان پوءِ مان اسلام آباد لاءِ ايم ايم روڊ رستي صبح جو روانو ٿيس. ڊاڪٽر ڄام عبدالغفور ڪوٽ سلطان جو ناظم اسان جي انتظار ۾ هيو. جڏهن اسان ڄام صاحب جي ڳوٺ پھتاسين ته ڊاڪٽر صاحب اسان جو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو. سنڌ جي اوطاقن وانگر اوطاق هيس. منھنجي ڌي ۽ بيگم صاحبه ڊاڪٽر صاحب جي گھر ۾ عورتن سان ويھي ڪچھري ڪئي ۽ اسان مردن ويھي پاڻ ۾ ڪچھري ڪئي. ماني کائي اتان اسلام آباد لاءِ روانا ٿياسين. جڏهن ٿورو اڳتي هلياسين ته منھنجي محبوبه چيو ته مونکي هتان جي ڳوٺ وارن جي هڪڙي ڳالھه سمجھه ۾ ڪانه آئي. مون پڇيو ته اها ڪھڙي ڳالھه هئي؟ چيائين ته تقريباً سڄي ويڙهي جون عورتون گڏ اچي ٿيون، ڏاڍي عزت سان پيش آيون ۽ سڀني پنھنجو تعارف ڪرايو، سڀئي لکيل پڙهيل هيون. جڏهن سڀني جو تعارف ڪراين ته انھي تعارف ۾ ڊاڪٽر صاحب جي گھر واري ڪونه هئي. مون پڇيو ته ادا ڊاڪٽر جي گھر واري اتي ڪانھي ڇا؟ ته جواب ۾ چيايون ته ادي ڊاڪٽر صاحب جي زال پنجابي آهي، اها هتي ڪڏهن ڪڏهن ايندي آهي. چيائين ته مان وائڙي ٿي ويس ته هي ڇاٿيون چون. مون تنھن وقت ته چپ ڪئي، پر اهو ايئن ڇو پيون چون ته ڊاڪٽر صاحب جي زال پنجابي آهي جڏهن ته پاڻ به پنجابڻيون هيون. مون ٻڌايو ته جيڪي اهي چون پيو اهو سچ ٿيون چون. پڇڻ لڳي ته اهو وري ڪيئن؟ مون ٻڌايو ته هي سرائڪي ڳالھائڻ وارا آهن، پنجاب ۾ اهو واقعي مسئلو هلندڙ آهي، سرائڪي ۽ پنجابي ڳالھائڻ وارن ۾. پنجابي سرائڪين کي پاڻ کان گھٽ سمجھندا آهن. ٻنھي جي اٿڻي ۽ ويھڻي ۾ به فرق آهي. تڏهن وڃي اسانجي فقيرياڻي کي خبر پئي ته پنجاب ۽ سرائڪي ٻه الڳ قومون آهن. پر اسان سنڌ وارن لاءِ ٻئي پنجابي هوندا آهن.
2008ع ۾ جڏهن وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ٿيو ته انوقت پبلڪ افيئر ونگ ۾ تمام ٿورا آفيسر بچيا هياسين. عارف ريلوي جو اسپيشل سيڪريٽري، سعيد احمد ايڊيشنل سيڪريٽري پبلڪ ونگ، محمد جمن ڄامڙو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ چار پنج ڊپٽي سيڪريٽري. سراج شمسي جوائنٽ سيڪريٽري پر زرداري جو خاص ماڻھو هو، تنھنڪري پرنسپل سيڪريٽري وزيراعظم جي چارج به ان وٽ هئي. شروع ۾ آفيسر ٿورا هياسين، تنھنڪري ڪم جي رش تمام گھڻي هوندي هئي. پوءِ هڪ ٻيو جوائنٽ سيڪريٽري آيو، جنھن کي ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ڏنو ويو. پنجاب ۽ سنڌ جي پارليامينٽيرين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ منھنجي ڊيوٽي لڳي. جيڪو تمام گھڻو ڪم هوندو هيو، جنھنجي ڪري ڪافي وقت دير تائين آفيس ۾ ويھڻو پوندو هيو، جيڪو تقريباً ڇهه مھينه ايئن هلندو رهيو. انھيءَ دوران منھنجي پ پ جي ايم اين اي ۽ سينيٽرن سان ڪافي ميل ملاقات ٿيندي هئي. مون ڏٺو ته خاص ڪري پنجاب جا ايم اين ايز ۽ سينيٽرس جڏهن به منھنجي آفيس ايندا هيا ته بي بي شھيد جو جڏهن نالو ڪنھن به ريفرنس سان ايندو هيو ته هو هميشه وڏو ساهه کڻي شوڪارو هڻي چوندا هيا ته هئي بي بي صاحبه اسان کي ڪنھن جي حوالي ڪري وئين. جڏهن انھن جي بي تڪلفي ٿي وئي، ته اهي روئي بي بي صاحبه کي ياد ڪندا هيا. چوندا هيا ته اسين هينئر ڇورا ڇنا ٿي ويا آهيون. جڏهن بي بي صاحبه هوندي هئي ته اسانکي ادب سان نالو وٺي سڏيندي هئي ۽ غور سان اسان جو مسئلو ٻڌندي هئي ۽ عزت ڏيندي هئي.هينئر جمن سائين نه اسان کي ڪا عزت ٿي ملي نه وري ڪو ڳالھه ٻڌڻ وارو آهي. چوندا هيا ته اسان نواز شريف سان ٽڪر کاڌا، هاڻي جڏهن اسان جي حڪومت آئي آهي ته مالڪي به ڪرڻ ڇڏي ڏني اٿن. هٿ سان وٺي اسان کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، جڏهن ته اسان هن پارٽيءَ کي رت ڏنو آهي ۽ اسان وڃڻ ڪونه ٿا چاهيون پر هتي اسان کي انھيءَ ڪري سزا ڏني ٿي وڃي ته اسين بي بي صاحبه جي قريب هياسين ۽ بي بي شھيد اسان تي اعتماد ڪندي هئي ۽ اسان ڪڏهن به بي بي شھيد جي اعتماد کي ڇيھو ڪونه رسايو. پر يار هي ته ڄڻ اسان کي پنھنجو دشمن ٿو سمجھي. ڪجھه ايم اين ايز کي مون پنھنجي گنھگار اکين سان ڏٺو جيڪي بي بي شھيد جو نالو ايندو هيو ته روئي ڏيندا هيا. محسوس ٿيندو هيو ته زرداري جي ملڻ جلڻ جي طريقي ۽ انجي انھن سان ناروا سلوڪ جي ڪري ڪافي ڏکويل هوندا هيا.
وزيراعظم صاحب عمومن مھيني ۾ هڪ ٻه دفعا ملتان ويندو هيو، تنھنڪري مونکي به هڪ ڊپٽي سيڪريٽري سميت ملتان وڃڻو پوندو هيو. جتي به وزيراعظم ويندو هيو ته اسان کي ان فنڪشن ۾ وڃڻو پوندو هيو ته جيئن ڪو اهڙو سوال پڇي يا ڪو وزير اعظم کي ڪو ڪم چوي ته اسين اهو نوٽ ڪندا هياسين ۽ واپس اچي انھي بابت نوٽ ٺاهي وزيراعظم ڏانھن موڪليندا هياسين پوءِ جيڪو ان تي حڪم ٿيندو هيو، انھي مطابق انھيءَ ڪم جي پوئواري ڪبي هئي.
هڪ دفعي جولاءِ جو مھينو هيو، گرمي به چوٽ جي هئي. وزيراعظم کي بھاوالدين ذڪريا يونيورسٽي جي لا ڪاليج جو افتتاح ڪرڻو هيو، اتان کان پوءِ قلعه قاسم باغ شاهه رڪن عالم جي درٻار جي ڀرسان وزيراعظم جي مان ۾ جاويد صديقي صاحب لنچ جو بندوبست ڪيو هيو . وزيراعظم ته اتان يونيورسٽي کان هيلي ڪاپٽر ۾ هليو ويو مان ۽ ڊپٽي سيڪريٽري گاڏي ۾ اوڏانھن وڃون پيا. مونکي بوسڪي جو وڳو ۽ ويسٽ ڪوٽ ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پاتل هئي. اسان به وڃي اتي پھتاسين ته رسيپشن تي جاويد صديقي بيٺو هيو ۽ منھنجي انکان اڳ صديقي سان ملاقات ڪانه ٿي هئي. فائل ڊپٽي سيڪريٽري جي هٿ ۾ هيو، مان هٿين خالي جڏهن پنڊال جي ويجھو پھتس ته صديقي تڪڙو تڪڙو مون ڏانھن وڌيو ۽ اچي وڏي عزت سان مليو ۽ مونکي پنھنجي اڳيان ڪيون وٺي هلڻ شروع ٿي وڃي پھرين قطار ۾ رکيل صوفه سيٽ تي ويھاري پاڻ وري پوئتي هليو ويو. پنجن منٽن کان پوءِ کلندو مون ڏانھن آيو. مونکي چوڻ لڳو ته يار توهان کي خبر آهي ته مون توهان لاءِ ڇا سوچيو پئي؟ جڏهن مون توهان کي هيڏانھن پنڊال ڏانھن ايندي ڏٺو ته مون سمجھيو ته پڪ ڪو سنڌ جو ايم اين اي هوندو يا سينيٽر، تنھن ڪري مان توهانکي ايترو اڳتي اچي آڌرڀاءُ ڪيو. مون چيس ته انجو مطلب ته مان هي سيٽ خالي ڪيان، چيائين ته نه سائين، مون ته صرف توهان کي ٻڌايو ته توهان پري کان سنڌي وڏيرا پيا لڳو.
سعيد احمد ۽ مان ويٺي ڪم کي ورهائڻ لاءِ سوچ ويچار پئي ڪيو ته فون آيو ته اسپيشل سيڪريٽري پرنسپل سيڪريٽري وٽ ويٺو آهي، تنھن ڪري توهان ٻئي پرنسپل سيڪريٽري جي آفيس اچو. مان ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري سعيد صاحب پرائيم منسٽر هائوس ڏانھن وياسين. ڪافي دير تائين اهي ڳالھيون هلنديون رهيون ته ڪيئن ڪم کي آسان بڻايو وڃي؟ مختلف تدبيرون غور هيٺ آيون. آخرڪار اهو طئه ٿيو ته جوائنٽ سيڪريٽري هر ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۾ وڃي هر ڊويزن جي ايم اين اي ۽ سينيٽر انھن جو اڄ تائين ڏنل اسڪيمن جو مڪمل رڪارڊ ٺاهي وڃي ٽن ڊپارٽمينٽ سان ميٽنگ ڪري ۽ جيڪڏهن ايم اين اي يا سينيٽر ان ميٽنگ ۾ اچڻ چاهي ته اهي به اچن ۽سامھون ويھاري جيڪي شڪايتون هجن، اتي جو اتي جي ايس حل ڪري اچي. جيئن ته انوقت مان اڪيلو جي ايس هيس، تنھنڪري مونکي چيائون ته ايڊيشنل سيڪريٽري سان ويھي پروگرام ٺاهي پوءِ فيلڊ ۾ نڪري وڃ. مان ۽ سعيد صاحب ويھي پروگرام ٺاهيو. پھريون، ملتان، بھاولپور، ڊيرا غازي خان، سرگوڌا ڊويزن جو پروگرام جاري ڪيم، ٽي ڏينھن هر ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ ڏينھن سوئي گئس، بجلي، پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ.
2008ع آگسٽ ۾ سڀ کان پھريائين انھي سلسلي ۾ منھنجو پھرئين وزٽ ملتان ڊويزن جي لاءِ طئه ٿيو. ٽنھي ڊپارٽمينٽ کي اطلاع موڪليو ويو ته فلاڻي تاريخ تي ملتان، بھاولپور، ڊي جي خان ۽ سرگوڌا ڊويزن ۾ جوائنٽ سيڪريٽري پي ايم سيڪريٽريٽ ايندو ۽ ڊپارٽمينٽ پنھنجي ريسپانسيبل آفيسر کي بمع پراگريس پرائيم منسٽر جي ڊائريڪٽوز جي کڻي حاضر رهن. انھن ڊويزن جي پارليامينٽيرين کي به اهڙي قسم جو اطلاع ڏنو ويو ته اهي پاڻ يا انھن جي طرفان ڪوئي نمائندو جيڪڏهن ميٽنگ ۾ اچڻ چاهي ته اهڙو اڳواٽ اطلاع ڏيندا. جيئن ته پنجاب هڪ گھڻي آبادي وارو علائقو آهي تنھنڪري هر هڪ ڊويزن ۾ ڪافي تعداد ۾ عوامي نمائندا هوندا آهن، تنھنڪري هر هڪ ڊپارٽمينٽ لاءِ هڪ هڪ ڏينھن مقرر ڪيو ويو.
منھنجي خيال ۾ ته عوام جا نمائنده شايد گھٽ اچن ۽ ٿي سگھي ٿو ته انھن جا ڪجھه نمائنده ميٽنگ ۾ اچن. پھرئين ميٽنگ بجلي متعلق هئي، جيڪا رمادا هوٽل ملتان جي ڪانفرنس هال ۾ ارينج ڪئي وئي هئي. جيڪو وقت ميٽنگ جو مقرر ڪيل هو، انھي کان اڳ ڏهه پندرنهن منٽ ڪافي تعداد ۾ ايم اين ايز ۽ هڪ ٻه سينيٽر پاڻ ان ميٽنگ لاءِ باقاعده تياري ڪري اچي حاضر ٿيا. جيئن ته گھڻا ايم اين ايز هيا، تنھن ڪري اهو فيصلو ڪيوسين ته اين اي نمبر وائيز ميٽنگ شروع ڪيون. جڏهن ميٽنگ شروع ٿي ته هر ايم اين اي پاڻ سان گڏ هر اسڪيم جي ڊٽيل پاڻ سان کڻي آيو هيو جيڪڏهن ڊپارٽمينٽ جو نمائندو ڪنھن اسڪيم جي پروگريس ۾ ڪا ڪمي پيشي ڪري پيو ته پاڻ ايم اين اي صاحب يا ته انجي تصديق پيو ڪري، جيڪڏهن ان غلط بياني ڪئي آهي ته ثبوت سان انجي مٿان چڙهائي پيو ڪري. انھيءَ مان صاف ظاهر هيو ته پنجاب جو نمائندو پنھنجي علائقي جي ترقي لاءِ ڪيترو ته باخبر ۽ دردمند هيو.
اهڙيءَ طرح اهي ايم اين ايز سڄو ڏينھن ميٽنگ ۾ ويٺا رهيا جيستائين انھن جو وارو نه پئي آيو ۽ اهو سڄو لقاءُ مون ملتان، بھاولپور، ڊي جي خان، ۽ سرگوڌا ڊويزن ۾ هڪجھڙو ڏٺو.
انھيءَ کان پوءِ مون سنڌ جي لاءِ ساڳيو پروگرام رکيو، جنھن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ڊويزن جو پھريون دور ڪيو.
ڪراچي واري ميٽنگ ۾ايم ڪيو ايم جا نمائنده يا انھن جا موڪليل ماڻھو آيا، جن پنھنجي اسڪيمن تي ڊپارٽمينٽ تي خوب ڏي وٺ ڪئي. جڏهن حيدرآباد ۾ ميٽنگ رکي ته اتي هڪ به عوام جو نمائندو نظر ڪونه آيو، بلڪ انھن جا پرائيويٽ سيڪريٽريز آيا جيڪي واسطيدار ڊپارٽمينٽ جا ايجنٽ وڌيڪ بنسبت پنھنجي موڪليل ايم اين اي جي.عمومن ڊپارٽمينٽ اچي انھي ڳالھه تي بيھندو هيو ته سائين اسان ڇا ڪريون جڏهن ڪنھن اسڪيم کي فائينل ڪرڻ لاءِ ٽينڊر واري مرحلي تي پھچون ٿا ته ايم اين اي جو ماڻھو اچي چوي ٿو ته بيھه اها اسڪيم ناهي ڪرڻي، انھي جي جاءِ تي ٻي ڏينداسين. تنھنڪري اسان مجبور آهيون جو انھي تي ڪا پراگريس ڪري ڪونه سگھيا آهيون.
عمومن انھن اسڪيمن جو ٺيڪيدار به ايم اين اي جو ڪو ويجھو عزيز يا خود انجو سيڪريٽري هوندو هيو، تنھنڪري سنڌ ۾ موڪليل پئسن جي حساب سان ڪابه پراگريس ڪونه ٿيندي هئي.
سنڌ ۾ هڪ ٻه ايم اين اي اهڙا هوندا هيا، جيڪي ميٽنگ ۾ ايندا هيا انھن شيرازي صاحب باقاعده ميٽنگ ۾ ايندو هيو، جيڪڏهن ڪنھن به سبب جي ڪري نه ايندو هيو ته فون تي سڀ پراگريس ڏيندو ۽ وٺندو هيو.

وزيرِ اعظم ھائوس ۾ 6 سال

مان تقريباً 6 سال وزيراعظم آفيس جي پبلڪ افيئرس ونگ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ڊسمبر 2005ع کان جولاءِ 2009ع تائين ايڊيشنل سيڪريٽري پبلڪ افيئرس ونگ اپريل 2010ع کان اپريل 2012ع تائين رهيس. انھي سڄي وقت ۾ منھنجو پوري پاڪستان جي عوامي نمائندن سان رابطو ۽ ڄاڻ سڃاڻ ٿي. وزيراعظم کان فنڊز وٺڻ جو طريقيڪار هر علائقي جو مختلف هيو. پنھنجي علائقي جي ترقي لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جا نمائنده ڪافي دلچسپي وٺندا هيا ۽ اسڪيمون به اهڙي طريقي سان ٺاهي کڻي ايندا هيا، جو انھن کي رد وزيراعظم گھڻو ڪري ڪونه ڪندو هيو.
ٻنھي صوبن جا نمائنده هڪ ته جيڪي فنڊز پنھنجي علائقي جي اسڪيمن لاءِ وٺندا هيا اهي ته پنھنجي جاءِ تي، انھي کان علاوه ٻيون اسڪيمون. اهڙيءَ طرح سان ٻه يا چار ايم اين ايز ٺاهي کڻي وزيراعظم سان اچي ملندا هيا جنھن ۾ هو پنھنجي علائقي لاءِ ڪا وڏي اسڪيم منظور ڪرائيندا هيا. مثال طور ڪا وڏي پل جنھن تي اربين روپيه خرچ ايندو هيو، جيڪو نيشنل بجيٽ جي اينوئل ڊولپمينٽ پلان جو حصو ٿيندي هئي.
جيئن فرض ڪيو ته گھوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعي انھن لاءِ اهم آهي ته سنڌو درياء تي پل پوي. ته جيڪڏن انھن ٽنھي ضلعن جاايم اين ايز هڪ گڏيل درخواست کڻي اچي وزيراعظم سان ملن ته سائين هي اسڪيم توهان صرف ايندڙ بجيٽ ۾ منظور ڪرائي ڏيو. وزيراعظم جي لاءِ اهو ڏکيو ٿي پوندو ته انھن ٽنھي ضلعن جي نمائندن کي نه ڪري ۽ خوشيءَ سان ان اسڪيم جي لاءِ حڪم ڪندو ته اين ايڇ اي، منسٽري ڪميونيڪيشن ۽ پلاننگ ڊويزن کي ڊائريڪٽو جاري ڪيو. مون ڏٺو خاص ڪري پنجاب جا ايم اين ايز اهڙي قسم جون اسڪيمون ڪرائڻ لاءِ بجيٽ کان ست اٺ مھينا اڳ کڻي ايندا هيا ۽ پنھنجون سڀ اسڪيمون ايندڙ قومي بجيٽ لاءِ منظور ڪرائي ويندا هيا.
انھيءَ جي مقابلي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا عوامي نمائنده ڪڏهن به ڪا گڏيل مفاد واري اسڪيم کڻي ڪونه ايندا هيا. جيڪي اسڪيمون کڻي ايندا هيا، انھن ۾ اڌ کان گھٽ گئس ۽ بجلي جون اسڪيمون ۽ اڌ کان وڌيڪ رقم واريون اسڪيمون اهي هونديون هيون جن ۾ ننڍا ننڍا رستا، ڊرينيج، بلڊنگ جي رپيئر وغيره وغيره. اڌ کان گھٽ گيئس ۽ بجلي جون اسڪيمون انھيءَ ڪري جو اهي ايم اين ايز جي ماڻھن کي ٺيڪا وغيره ملي ڪونه سگھندا هيا، ڇوته اهي بلڪل ٽيڪنيڪل هونديون هيون ٻيو ته انھن اسڪيمن مان عوام جي نمائندن کي ڪوئي فائدو ڪونه ٿيندو هيو، سواءِ انھن ڳوٺاڻن جي خوش ۽ راضي ٿيڻ جي. رستا روڊ، ڊرينيج ۽ ٻيون اهڙيون اسڪيمون اڪثر ڪري ٺيڪيدار انھن جا ويجھا عزيز يا پنھنجا قريبي ماڻھو هوندا هيا، جيڪي انھن جي لاءِ ڪم ڪندا هيا. سنڌ جا نمائنده خاص ڪري اهي اسڪيمون پنھنجي ضلعي جي ورڪس ڊپارٽمينٽ لاءِ تجويز ڪندا هيا، ٿورا سنڌي نمائنده پي ڊبليو ڊي جي معرفت ڪرائيندا هيا، باقي ايم ڪيو ايم جا نمائنده گھڻيون اسڪيمون پي ڊبليو ڊي جي معرفت ڪرائيندا هيا. پنجاب جا نمائنده گھڻو زور گيئس ۽ بجلي تي ڏيندا هيا ۽ ٿوريون اسڪيمون پي ڊبليو ڊي جي معرفت ڪرائيندا هيا. سنڌ جا هڪ ٻه اهڙا نمائنده هيا، جن سڄيون اسڪيمون گئس ۽ بجلي جون ڏنيون.
ڪيترا دفعا ايئن به ٿيو جو ڪنھن سنڌ جي نمائندي پي ڊبليو ڊي ڏانھن اسڪيم تجويز ڪئي، جيڪڏهن پي ڊبليو ڊي جو انجنيئر انھن جي خيال مطابق ڪونه هلندو هيو ته وزيراعظم سان ملي انھي اسڪيم کي پنھنجي ضلعي جي ورڪس ڊپارٽميٽ لاءِ ٽرانسفر ڪرائي ايندا هيا، جنھن ڪري هڪ ڊگھو طريقيڪار ڪبو هيو جنھن ۾ ٻه ٽي مھينا ضلعي تائين فنڊز جي پھچڻ ۾ لڳي ويندا هيا پر ضلعي وارا ڪم اڪلائڻ جا وڏا ماهر هوندا هيا، فنڊز پھتا ناهن پراگريس شروع ٿي ويندي هئي. جيئن چوندا آهن ته ”مٽيارن جو موت ويندي جي وير“.
ترقياقي ڪم ايئن پورو ڪري وٺندا هيا، جيئن ٿر ۾ مئل ڍور ڳجھن جي ور چڙهي وڃي.
هڪ دفعي ڊي جي شيخ صاحب پي ڊبليو ڊي جوهيو نالو هينئر ياد نٿو اچي. ڳالھين ڳالھين ۾ مون پڇيو ته شيخ صاحب اهو ڇاجي ڪري تنھنجي پراگريس پنجاب ۽ ڪراچي ريجن جي بھتر اچي ٿي باقي ڪراچي کي ڇڏي سنڌ جي پراگريس نه هئڻ جي برابر آهي. چيائين ته ڳالھه توکي ٻڌايان؟ مون چيو ته ها ٻڌاءِ، چيائين ته پنجاب ۽ ڪراچي جاعوامي نمائنده اسان جي انجنيئر کي چوندا آهن ته اسان کي ڏهه سيڪڙو ڏيو؟ باقي اسڪيم توهان بروقت ۽ ڪم ۾ ڪابه رعايت ڪانه ٿيندي. انھي جي برعڪس اسان جا گھڻا سنڌي نمائنده انجنيئر کي چوندا آهن ته 30 سيڪڙو ڏي ۽ ٺيڪيدار به اسان جي مرضي جو هوندو ۽ انھي کي ايڊوانس به ڏي. انھي ڪري اسان کي سنڌ ۾ مسئلا پيش اچن ٿا. وڌيڪ ٻڌايائين ته هڪ ايم اين اي هڪڙي انجنيئر جي بدلي ڪرائي پنھنجي علائقي ۾ وٺي ويو. ايم اين اي صاحب مٿان اسڪيمون منظور ڪرائي جڏهن فنڊز ٽرانسفر ٿي پھتا ته انجنيئر صاحب کي چيائين ته 30 سيڪڙو ڏي يا فنڊز واپس ٿو ڪرائي، ضلعي حڪومت کان ڪرايان. انجنيئر چيس ته سائين ٻيا سڀ ڏهه پرسينٽ ٿا وٺن توهان به ڏهه وٺو. آخرڪار ڏهه سيڪڙو تي معاملو ٺھيو پر ٺيڪيدار ايم اين اي جي مرضي وارو هوندو، انجنيئر صاحب ها ڪئي. جڏهن ٺيڪو نمائندي جي ماڻھو کي ملي ويو ته ٺيڪيدار ڪم شروع ڪونه پيو ڪري، جڏهن انجنيئر ان تي زور وڌو ته ٺيڪيدار نمائندي سان گڏ انجنيئر جي آفيس پھتو ۽ چيائيس ته صاحب تون پنھنجو ماڻھو آهين، تنھنڪري تون ٺيڪيدار کي گھٽ ۾ گھٽ پنجاهه پرسينٽ ايڊوانس ڏي ته هي ڪم شروع ڪري. انجنيئر چيس ته سائين هي ننڍيون ننڍيون اسڪيمون آهن، انھن تي موبلائزيشن ايڊوانس ڪونه ڏبو آهي. آخر عوامي نمائندي جي گارنٽي تي انجنيئر بي وقوفي ڪري ٽيھه چاليھه سيڪڙو ايڊوانس ڏنو. ٺيڪيدار وري به ڪم تي ڪونه آيو. مشڪل سان ٺيڪيدار هٿ ڪيائين ٺيڪيدار پيو ڪم کان گسائي. جڏهن ٺيڪيدار تي انجنيئر گھڻو زور رکيو ته چيائين ته سائين صاحب پئسه ڏئي ته مان ڪم ڪيان. انجنيئر چيس ته توکي جو ايڊوانس ۾ پئسه ڏنا اهي ڪاڏي ويا. ٺيڪيدار چيو ته سائين اهي ته سڀ پئسه رئيس کڻي ويو، مون وٽ ته ٽڪو ڪونھي. نه وري رئيس پئسه ڏيندو. انجنيئر اچي پريشان ته هاڻي ڇا ٿيندو. نمائندي سان فون تي رابطو ڪري ته سيڪريٽري ايم اين اي جو چويس ته ڀوتار هينئر ميٽنگ ۾ آهي، ڪڏهن ڪاٿي ته ڪڏهن ڪاٿي. آخرڪار انجنيئر اتان اسلام آباد اچي رئيس سان اچي مليو، چيائين ته سائين توهان وارو ٺيڪيدار ڪم شروع نٿو ڪري، مھرباني ڪري توهان چئوس ته ڪم ڪري. رئيس تي جڏهن زور ڀريو ته انجنيئر کي چيائين ته هڪ ته اسان توهانجي بدلي ڪرائي هاڻي ڪم ڪرائڻ اسانجي ذميواري نه آهي وڃ ۽ پنھنجو ڪم ڪر، انجنيئر ته پريشان ٿيو ته اسي نوي لک روپيه ايڊوانس ڏنو هاڻي ڇا ٿئي؟ جڏهن انجنيئر وڌيڪ ڪجھه چيو ته نمائندي صاحب چيو ته تو منھنجو استحقاق مجروع ڪيو آهي ۽ مان سڀاڻي تنھنجي خلاف اسيمبلي ۾ تحريڪ استحقاق جمع ٿو ڪرايان. انجنيئر صاحب زندهه لاش ٿي واپس موٽيو ۽ ٺيڪو ختم ڪري ٻئي ٺيڪيدار کي ڏنو پوءِ ڪيئن انجنيئر انھي ڪم کي پورو ڪرايو ۽ ڪھڙي طريقي سان ٺيڪيدار جي نالي سان ڪجھه پنھنجي ۽ ڪجھه ٺيڪيدار جي کيسي تي وزن وجھي سرڪاري پئسه پورا ڪيا. مون طريقي سان شيخ صاحب کان پڇڻ چاهيو ته انھي انجينئر يا نمائندي جو نالو ٻڌائي پر نالي کڻڻ کان لنوائي ويو پوءمون وڌيڪ زور ڪونه ڀريو.
سنڌ مان ڪافي اهڙيون اسڪيمون جن جا عوامي نمائنده اسٽيميٽ ٺھرائي کڻي ايندا هيا، اهي هڪئي وقت صوبائي ترقياتي بجيٽ يا ضلعي جي بجيٽ سان منظور ٿيل هونديون هيون. جيئن ته وزيراعظم جي آفيس کي فيلڊ آفيسن جي موڪليل رپورٽس تي اعتبار ڪرڻو پوندو هيو، تنھن ڪري اسان اهڙين اسڪيمن جي خلاف ڪجھه ڪرڻ جي مجاز ڪونه هياسين. ليڪن ڪڏهن ڪڏهن اخبار ۾ ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان اهي خبرون هلنديون هيون ته فلاڻي ضلعي جي فلاڻي ترقياتي اسڪيم تي هڪئي وقت مختلف ذريعن کان آيل رقم هڪڙي اسڪيم جي نالي خرچ ٿي ويا. بھرحال اهو منھنجو ڪم ناهي، نڪو مون وٽ ڪو رڪارڊ آهي ته اهي ڪھڙيون اسڪيمون آهن جن جي مٿان مختلف ذريعن کان آيل رقم خرچ ٿي.
سنڌ ۽ پنجاب جا ڪجھه عوامي نمائنده ممنوع بور جي لائسنس لاءِ هر وقت ڪوشان هوندا هيا. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جا نمائنده وٺندا هيا، پر گھٽ وٺندا هيا.
جولاءِ 2009ع ۾ مان ۽ منھنجو پٽ محمد شعيب عمري جي ادائگي لاءِ حرمين شريف وياسين. موٽي آياسين ته منھنجو پروموشن ٿي چڪو هيو. مونکي جيڪا خبر ڪنھن دوست جي معرفت پئي ته منھنجي پروموشن لاءِ مرحومه فوزيه وهاب ايم اين اي هاءِ پاور بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ ڪافي ڪردار ادا ڪيو. مرحومه اسيمبلي جي اجلاس ۾ ملندي هئي پر ڪڏهن به مونکي ڪونه ٻڌايائين يا احساس ڏياريائين ته ڪو مان تنھنجي پروموشن لاءِ اسٽينڊ ورتو. مون هڪ دفعي مرحومه کي اسيمبلي جي لابيءَ ۾ چيو ته ميڊم توهان جي مھرباني. مونکي جواب ۾ ميڊم چيو ته اهو تنھنجو حق هيو، مان ڪوئي توتي احسان ڪونه ڪيو آهي. باقي جيئن ته مان توکي سڃاڻان ٿي پر جيڪڏهن مان نه به سڃاڻان ها تڏهن به سنڌ جي نسبت سان مان ضرور پنھنجو ڪردار ادا ڪيان ها. جڏهن مونکي چيائين ته جيڪڏهن توکي نه به سڃاڻان ها ته به سنڌ جي ناطي سان مان ڪوشش ڪيان ها. ان جملي چوڻ سان ميڊم لاءِ منھنجي دل ۾ اڃان به وڌيڪ عزت ۽ احترام ٿي ويو. مون ميڊم فوزيه وهاب کي هميشه مسڪراهٽ ۽ شفقت واري ماحول ۾ ڏٺو. جنھن سان به ڳالھائيندي ته عزت واري انداز ۾ ڳالھائيندي هئي. الله مرحومه جا درجا بلند ڪري.
ايڪويھين گريڊ ۾ پروموشن ته ٿي ويو، هاڻي جيستائين ايڪچوئلائيز ٿئي، تيستائين توهانجو پروموشن تصور ڪونه ٿيندو. پرنسپل سيڪريٽري کي چيوسين ته سائين ڪو اسانجي پوسٽ جو بندوبست ڪيو. جواب مليو ته ڪنھن منسٽري مان پنھنجي لاءِ عرض نامو وٺي اچ. مرحوم ميرهزار خان بجاراڻي کي عرض ڪيو ته سائين پروموشن ته ٿي ويو آهي پر پوسٽنگ لاءِ ڪا منسٽري خط لکي ته ڪا پوسٽنگ ٿئي. مير صاحب کلي چيو ته ڄامڙا صاحب مان لکي ٿو ڏيان ۽ مونکي تنھنجي ضرورت آهي.
جنرل مشرف اهو اڻ لکيل حڪم جاري ڪيو هيو ته منسٽري ۾ سينيئر پوسٽ لاءِ وزير جو خط ضروري آهي. انھي طريقيڪار تي عوامي حڪومت به عمل پئي ڪري. مان جڏهن مرحوم ميرهزار خان بجاراڻي کان خط وٺي آيس ته جواب مليو ته ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري خط لکي. سيڪريٽري تعليم ان وقت چوڌري عبدالرئوف هيو، مير صاحب سيڪريٽري تعليم کي چيو ته ڄامڙو صاحب لاءِ اسٽيب کي خط لک. چوڌري صاحب انھي تي آماده ڪونه پيوٿئي، ڇو ته ايڊيشنل سيڪريٽري چوڌري صاحب جو بيچ ميٽ هيو. ٻه ٽي ڏينھن گذري ويا ته مان وري اسيمبلي هال جي لابي ۾ مير صاحب کي ياد ڏياريو. مير صاحب تمام شريف الفس انسان ۽ ٿڌي طبيعت جو مالڪ هوندو هيو. مونکي چيائين ته تون فڪر نه ڪر، مان خط موڪلرايان ٿو. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ سيڪريٽري صاحب اسٽيب کي خط لکي منھنجي پوسٽنگ لاءِ گھر ڪئي. انھي کان پوءِ منھنجي جولاءِ جي آخر ۾ منسٽري آف ايجوڪيشن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري پوسٽنگ ٿي. منھنجي پوسٽنگ جي ڪري منسٽري آف ايجوڪيشن جي هيرارڪي ۾ خلل پئجي ويو. ڇو ته منھنجي پوسٽنگ کان اڳ سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن ٽئي هڪئي بيچ جا هيا. جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن کي ڊائريڪٽر جنرل فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي چارج به هئي. سيڪريٽري ايجوڪيشن ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن هڪئي ڳوٺ جا هيا، يعني ٻئي ساهيوال شھر جا هيا. تنھن ڪري ايجوڪيشن منسٽري جا بي تاج بادشاهه هيا، جنھن ڪري هو نه پياچاهن ته منسٽر صاحب جو ڪو حمايتي هتي پوسٽ ٿئي. مير صاحب جي به ڪوشش هئي ته ڪيئن به ڪري پنھنجي اعتماد وارو ماڻھو اتي اچي، سو منھنجي مرحوم مير صاحب سان اڳ ۾ سڃاڻپ هئي پر انھي کان وڌيڪ مان مير صاحب جي فرزند جي هيٺان ڪم به ڪيو هيو، تنھنڪري مونتي ڀروسو ڪري پي سگھيو. 2003ع ۾ مان جڏهن ڊي سي او جيڪب آباد هيم ته انوقت ضلعي ناظم مرحوم ميرهزار خان جو فرزند مير شبير خان بجاراڻي صاحب هيو. .

مير ھزار خان بجاراڻي هڪ نيڪ دل انسان

مرحوم مير هزار خان بجاراڻي هڪ نيڪ صفت ۽ دردل رکڻ وارو انسان هيو. جيترو مون ڏٺو ته هر ماڻھو سان انتھائي اخلاق ۽ حسن سلوڪ سان ملندو هيو. انسان ته ڪوئي به مڪمل ٿي نٿو سگھي، هر ڪنھن ۾ سٺيون ۽ گھٽ سٺيون ڳالھيون ٿي سگھن ٿيون، تنھنڪري جيڪا مونکي ڪنھن جي صفت پسند آهي، ضروري ناهي ته ٻئي کي به اها پسند اچي. بھرحال مجموعي طور مير صاحب هڪ رک رکاءُ وارو انسان هيو. الله کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪريس.
منسٽري آف ايجوڪيشن تي مڪمل ڪنٽرول چوڌرين جو هيو. اهو اسان سڀني کي ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته منسٽر يا سيڪريٽري ڪاميابيءَ سان تيستائين منسٽري ۾ ڪم نٿو ڪري سگھي جيستائين انکي مک جاين تي پنھنجي اعتبار جوڳا ۽ قابل ماڻھو ناهن. جڏهن منھنجي پوسٽنگ ٿي ته سيڪريٽري کا پٽيوالي تائين سڄو اسٽاف پنجاب ۽ ڪجھه ڪي پي ڪي جي ماڻھن سان ڀريل هيو. تنھنڪري ٻئي صوبي جا ماڻھو صرف پنھنجي صوبن جي مفاد کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ ۾ مشغول هيا. تنھنڪري منسٽر چاهيندي به ڪجھه ڪري ڪونه سگھندو هيو. منھنجي پوسٽ ٿيڻ سان ڪجھه وقت تائين جيڪي اهم فيصلا يا فائيل هوندا هيا، اهي منھنجي نظر کان به ڪونه گذرڻ ڏيندا هيا. جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن اهي فائيل هٿون هٿ کڻي سيڪريٽري سان ڊسڪس ڪري فيصلو ٿي ويندو هيو، اسان کي تڏهن وڃي خبر پوندي هئي جڏهن ڪوئي سرڪيولر يا نوٽيفڪيشن ڏسڻ خاطر فولڊر ۾ ايندو هيو. منسٽر صاحب وڏي ڪوشش کان پوءِ هڪ سيڪشن آفيسر سنڌي پوسٽ ڪرايو، جنھن کي ايس او ايڊمن ڪري رکيوسين. انھيءَ کان پوءِ ڪجھه اسان کي منسٽري جي معاملات جي خبر پوڻ شروع ٿي، جيڪا تقريباً ٽيھه چاليھه سيڪڙو به مس هئي. آهستي آهستي ڊي جي فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ ايجوڪيشن به هڪ سينيئر پروفيسر کي پوسٽ ڪيوسين، جنھن ڏينھن رات محنت ڪري ڪافي معاملن کي سلجھايو. انھيءَ سان گڏوگڏ منسٽر صاحب ڪوشش وٺي بوڪ فائونڊيشن ۽ بوڪ ڪائونسل ۾ هيڊ به ادي ارشاد عباسي صاحبه کي رکيوسين. انھيءَ کان پوءِ آهستي آهستي مير صاحب جي ڏينھن رات ڪوشش سان منسٽري آف ايجوڪيشن جي معاملات تائين رسائي شروع ٿي. تقريباً ٽيھه ٻٽيھه سالن جي عرصي کان پوءِ ڪجھه سنڌ صوبي کي موقعو ملڻ شروع ٿيو ۽ مير صاحب جي ڪري اٽڪل ٽي ساڍا ٽي سؤ ماڻھو سنڌ مان اچي مرڪزي ايجوڪيشن ڊائريڪٽوريٽ ۾ خدمت ڪرڻ جي لاءِ پھتا، جنھن جو سڄو ڪريڊٽ مير صاحب جي سر تي آهي. اسان جي جن دوستن صرف پاڪستان سيڪريٽريٽ کي ٻاهران ڏٺو آهي انھن کي اهو اندازو ناهي ته هتي ڪيترا معاملا ڏکيا آهن. مرڪزي سرڪار جو وهنوار هلائڻ وارن ۾ سنڌ جي نمائندگي بلڪل ناڪافي ۽ غير مؤثر آهي. جنھن ڪري سنڌ جي نوڪري ڪندڙ چاهي نوڪري جي تلاش ۾ آيل ماڻھو لاءِ تمام گھڻيون ڏکيائيون آهن. سنڌ کان جيڪو ماڻھو هتي اچي نوڪري ڪري ٿو چاهي وڏي عھدي تي آهي يا ننڍي عھدي تي مسئلا ٻنھي سان آهن پر هڪ جي لاءِ مسئلن جي نوعيت مختلف هوندي آهي. ايئن ناهي ته وڏي عھدي تي ويٺل مسئلن کان آزاد آهي.
جيڪڏهن سنڌي منسٽر آهي ته انھيءَ لاءِ به ڪيترائي مسئلا آهن. ايئن ناهي ته هو منسٽر ٿي ويو ته ان لاءِ سڀ ڪجھه آسان آهي. مسئلن جي حساب سان سياسي ماڻھن ۽ سرڪاري پيشي سان لاڳاپيل سنڌي ماڻھو کي ڪيترائي چيلينجز آهن. جيڪو مون ڏٺو ۽ سمجھيو آهي، ان سان ڪنھن کي اختلاف به ٿي سگھي ٿو. سنڌي منسٽر هڪ لڪل خوف ۾ هميشه مبتلا رهي ٿو. سنڌي منسٽر ڪڏهن به آزاداڻي طور تي ڪم ڪري ڪونه ٿو سگھي. سنڌي منسٽر ڪڏهن به سنڌي آفيسر کي تحفظ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو آهي.
سنڌي منسٽر جي ڪوشش هوندي آهي ته مان صرف پاڪستاني جي حيثيت ۾ ٿي ڪم ڪريان ته جيئن ٻيا اهو نه سمجھن ته مان ڪو سنڌين جي لاءِ ڪم ڪريان ٿو.
سنڌي منسٽر پاڻ کي پاڪستاني ثابت ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قرباني سنڌي آفيسر توڙي ننڍي سنڌي اسٽاف جي ڪندو آهي پوءِ به سنڌي منسٽر اتي پاڪستاني ثابت ڪونه ٿي سگھندو آهي.
سنڌي منسٽر پنجابي آفيسر کي پاڻ لاءِ وڌيڪ بھتر ۽ ان ۾ پاڻ کي محفوظ سمجھندو آهي. سنڌي منسٽر ڪڏهن به پنجابي آفيسر کي ناراض ڪرڻ نه چاهيندو آهي.
انھيءَ جي مقابلي ۾ پٺاڻ منسٽر کلم کلا پٺاڻ آفيسر جو تحفظ ڪندو آهي. پٺاڻ منسٽر هميشه ڪوشش ڪندو آهي ته پٺاڻ آفيسر رکان ۽ انھن سان گڏ ڪم ڪريان.
پٺاڻ منسٽر هميشه اهو ڪندو آهي، جنھن ۾ هو پنھنجي ماڻھن جو فائدو ڏسندو آهي.
پٺاڻ منسٽر کان پنجابي آفيسر به لھرائيندا آهن ۽ هميشه پاڻ کي پٺاڻ منسٽر جي خيال مطابق ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
پنجابي منسٽر تمام گھڻو تعصبي ۽ ننڍي ذهنيت وارو هوندو آهي. پنجابي منسٽر لاءِ هر ڪم آسان هوندو آهي، ڇو ته هو پاڻ کي پاڪستان جا مالڪ سمجھندا آهن. پنجابي منسٽر ڪڏهن به لڪل خوف ۾ متلا ڪونه هوندو آهي. پنجابي منسٽر هميشه پنھنجي آفيس کي پنھنجي چوڌري واري اوطاق وانگر هلائيندو آهي، جنھن ۾ سڀ رڳو پنجابي ۾ ڳالھائيندا ۽ فيصلا ڪندا آهن. پنجابي منسٽر هميشه پنھنجي علائقي جي ماڻھن جو ڪم دل کولي ڪندو آهي. پنجابي منسٽر کي ڪوئي خوف ڪونه هوندو آهي ته انکي ڪير ڪنھن جو ايجنٽ چوندا.
بلوچي ۽ سنڌي منسٽر هڪ ٽولي ۾ شامل هوندا آهن ۽ ڪوشش هوندي اٿن ته پنجابي آفيسر انھن کان ڪنھن به طرح ناراض نه ٿئي..
سنڌي ۽ بلوچي آفيسر سان به ڪيتريون ۽ ساڳيون مشڪلاتون هونديون آهن. سنڌي آفيسر کي سنڌ جي سياسي قيادت جي ڪابه سپورٽ ڪانه هوندي آهي. سنڌي آفيسر جي مٿان گھڻ رخيون تلوارون هميشه تيار بيٺيون هونديون آهن.
فرض ڪيو ته جيڪڏهن ايس او سنڌي آهي ته انجو ڊي ايس، جي ايس ايڊيشنل تائين پنجابي آفيسر هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو وچم ۾ ٻيو سنڌي آفيسر هوندو آهي ته به ٻئي هڪٻئي جي ڪابه مدد ڪري ڪونه سگھندا آهن، ڇو ته ٻنھي جا سيڪشن يا ونگ مختلف هوندا آهن. چاهيندي به مدد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ڪونه هوندا آهن. تنھن ڪري سنڌي آفيسر کي اهڙي ماحول ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ گھڻو ڪجھه قربان ڪرڻو پوندو آهي.
سنڌي آفيسر کي پنھنجي پروموشن خاطر هميشه پنجابي آفيسر جي رحم ۽ ڪرم تي رهڻو پوي ٿو. فرض ڪيو ته سيڪشن آفيسر آهي ته انجي اي سي آر ڊي ايس لکندو ۽ ڪائونٽر سائن جي ايس ڪندو. عمومن ٻئي آفيسر پنجابي. جيڪڏهن ڊي ايس هوندو ته انجي اي سي آر جي ايس لکندو ۽ ايڊيشنل جيڪي گھڻو ڪري پنجابي هوندا آهن. جيڪڏهن جي ايس آهي ته ايڊيشنل لکندو ۽ سيڪريٽري ڪائونٽر سائن ڪندو. جيڪڏهن سنڌي ايڊيشنل سيڪريٽري آهي ته اي سي آر سيڪريٽري لکندو ۽ ڪائونٽر سائن ڪوئي ڪونه ڪندو. سيڪريٽري جي رپورٽ فائينل. انھيءَ حالت ۾ اسان جي ٻاهر ويٺل دوستن کي سوچڻ کپي ته اهڙي حالت ۾ سنڌي آفيسر ڪھڙي عذاب ۾ ڦاٿل رهي ٿو؟ انھي کان پوءِ به اسلام آباد ۾ سنڌي آفيسرن گھڻو ڪجھه ڪيو آهي. هينئر به جيڪي ٿورا گھڻا سنڌي ماڻھو اسلام آباد جي مختلف حيثيت ۾ ڪم ڪندي نظر اچن ٿا، انھيءَ لاءِ گھڻو رت ڏنل هتي آيل سنڌي آفيسرن ۽ ٻئي اسٽاف جو آهي.
جڏهن اسان ايجوڪيشن ۾ صرف هڪڙو سيڪشن آفيسر پوسٽ ڪرايو ته ان کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سڄي مشينري لڳي وئي. جڏهن به ڪنھن ڪم لاءِ چوندا هياسين ته فلاڻو ڪم ڇاجي ڪري ليٽ ٿيو آهي؟ ته جوائنٽ سيڪريٽري هڪدم چوندو هيو ته سائين ڇا ڪريون ايس او نئون آهي ان کي ڪا خبر ڪانھي. ٻه ٽي دفعا هن مون سان اهڙيءَ طرح بھانو ڪيو ته مون کيس ٿورو سختي واري لھجي سان چيو ته پوري منسٽري جو ذميوار صرف اهو نئون آيل ايس او آهي جو جيڪا ڳالھه پڇ ته ان مسڪين تي ٿا هڻو. مون چيو اڳتي اهڙي قسم جي ڳالھه مون سان وري نه ڪجان، وڌيڪ مون چيو ته لائق صرف پنجابي آهن ٻيا سڀ نالائق آهن. اهو توهان جو ڪھڙو طريقو آهي؟ انھي کان پوءِ ڪڏهن وري اهڙي قسم جي ڳالھه ڪونه ڪيائين پر انھن جي دلين ۾ نفرت بلڪل ظاهر هوندي هئي.
2008ع ۾ جيئن پ پ جي گورنمينٽ آئي ته قومي اسيمبلي ڪنٽريڪٽ ايمپلائيز کي ريگيولر ڪرڻ ۽ 1996ع ۾ ڪڍيل ايمپلائيز کي نوڪري تي بحال ڪرڻ لاءِ بل پاس ٿيو. انھي بل تحت ڪيترائي ايمپلاءِ نوڪرين تي بحال ٿيا ۽ ڪانٽريڪٽ وارا ملازم سڀ پڪا ڪيا ويا. فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن ۾ برگيڊيئر جيڪو ڊي جي هيو ان پنھنجي علائقي چڪوال جا خاص ڪري پنج ڇھه سو ماڻھو ڪانٽريڪٽ کان علاوه ڊيلي ويجز تي ڀرتي ڪيا هيا، جن ۾ پنجين گريڊ کان سترهين گريڊ تائين ملازم هيا. ان پاس ڪيل بل تحت ڊيلي ويجزجا ملازم پڪا ڪين پي ٿي سگھيا، تنھن ڪري اهي ڪورٽ ۾ ويا ۽ جسٽس چوڌري افتخار انھي سلسلي ۾ حڪم جاري ڪيو ته گورنمينٽ انھن ڊيلي ويجز وارن ملازمن کي پڪي ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺي.
جڏهن اهي احڪام پھتا ته انھن ڏينھن ۾ سيڪريٽري تعليم چوڌري عبدالرئوف حج تي ويل هيو ته منسٽري جي چاليھه ڏينھن مون وٽ چارج هئي. جڏهن هيٺان جوائنٽ سيڪريٽري سمري ٺاهي کڻي آيو ته سپريم ڪورٽ جي بھاني سان انھن سڀني کي پڪو ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ڏانھن سمري موڪليون. مون جڏهن لسٽ ڏٺي ته ان ۾ صرف اهيوڄاڻايوويو هيوته نالو پيءُ جو نالو، گريڊ ۽ ڪھڙي تاريخ کان ڊيلي ويجز تي ڪم ڪن ٿا. جي ايس کي چيو ته اهي ملازم به پاڪستان جي ڪنھن حصي جا هوندا، تنھن ڪري انھن سڀني جي اڳيان لکو ته ڪھڙي صوبي جا آهن. چوڻ لڳو ته سائين ان ۾ دير لڳندي ۽ سپريم ڪورٽ جي هدايت آهي. مون چيو ته جيڪڏهن دير ٿيندي ته جوابداري تنھنجي ٿيندي يا منھنجي؟ چيائين ته سائين توهان جي، مون چيو ته مان انجو پاڻھي جواب ڏيندس، تون هينئر اها سمري کڻي ٻن ڪلاڪن تائين کڻي اچ، جنھن ۾ پوري انفارميشن ڏنل هجي. سڀ ڪجھه موجود هيو، تنھنڪري ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ بغل ۾ سمري کڻي آيو. مون ڏٺو ته تقريباً نوي سيڪڙو پنجابي ۽ ڏهه سيڪڙو کن پٺاڻ هيا. مان ان سمري کي ٻيھر ٺاهيو، جنھن ۾ مون لکيو ته جيئن ته پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي ۽ انھي جا چار يونٽ آهن. پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان. فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ هڪ وفاقي ادارو آهي، تنھن ڪري پاڪستان جي ايئن مطابق هر صوبي جي لاءِ هڪ ڪوٽا مقرر ٿيل آهي. جيئن ته سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي آهي ته انھن تي انساني جذبي تحت انھن کي پڪو ملازم ڪيو وڃي. انھي سلسلي ۾ هيٽ ڏنل تجويزن کي وزيراعظم منظور ڪرڻ فرمائيندا.
هڪ ته هي جيڪي به ملازم پڪا ڪيا ويندا، جنھن به صوبي جا آهن، انھن صوبن جي ڪوٽا مان تصور ڪيا ويندا.
جنھن صوبي جي ڪوٽا ۾ هنن ملازمن کي پڪي ڪرڻ ۾ نقصان پھچندو، مرڪزي سرڪار تي لازم هوندو ته اڳ ۾ جڏهن به انھن گريڊن ۾ نوڪرين جي لاءِ خالي جايون ٿينديون، انھن صوبن جي ماڻھن کي رکندي. تيستائين انھن صوبن جي اميدوارن کي انھن نوڪرين ۾ ڪونه رکيو ويندو، جيستائين سڀني صوبن جي سروس ڪوٽا پوري نه ٿيندي.
مان اها سمري دستخط ڪري منسٽر صاحب کان صحيح ڪرائي وزيراعظم آفيس موڪلي ڏني. جڏهن اها سمري رواني ٿي وئي پنجابي آفيسرن ۾ بيچيني شروع ٿي، مون کي سيڪريٽري اسٽيب جو فون آيو ته ڄامڙو صاحب سمري تو موڪلي آهي؟ مون چيو ته ٻيو ڪير موڪليندو؟ چيائين ته يار توکي خبر آهي ته سپريم ڪورٽ جون هدايتون آهن ته هنن کي پڪو ڪرڻو آهي . مون چيو ته سائين مان به ته اهو لکيو آهي. چيائين ته تو جيڪو اهو لکيو آهي ته جيستائين انھن صوبن جي ڪوٽا پوري نٿي ٿئي، تيستائين ٻين کي انھن ايندڙ وقت ۾ خالي جاين تي نه رکيو ويندو. مون چيو ته سائين پاڪستان جي ايئن جي مطابق لکيو آهي، باقي توهان مرضي جا مالڪ آهيوجيڪو توهان ان ۾ اضافو ڪيو. چيائين نه توکي ڪرڻو کپندو. مون چيوته مان جيڪا موڪلي آهي ۽ منسٽر ان کي منظور ڪيو آهي، مان ڪجھه ڪونه ٿو ڪري سگھان. توهان چاهيو ته ڀلي وزير صاحب سان ڳالھايو. اها سمري وري واپس ڪانه موٽي، خبر ناهي پوءِ ڪڏهن موٽي ۽ ان تي ڇا فيصلو ٿيو
ڪجھه ڏينھن کان پوءِ چوڌري عبدالرئوف صاحب حج تان واپس آيو ۽ چارج سنڀالي. ٿورن ڏينھن کان پوءِ قاضي امتياز صاحب سيڪريٽري تعليم مقرر ٿيو. انھي دوران اسان علامه اقبال يونيورسٽي ۾ سينيئر پروفيسر سانگي صاحب کي وائيس چانسلر صدر صاحب جي منظوري سان مقرر ڪرايو. ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن مان ڪجھه سنڌ جا ماڻھو نارواسلوڪ جي ڪري ٻئي پاسي هليا ويا هيا انھن کي واپس گھرائي انھن جا پروموشن وغيره ڪرائي پنھنجا حق انھن کي ڏيارياسين. نسٽ (NUST) (National Institute of Science and Technical Education) ۾ ڪافي سنڌي آفيسرن کي تنگ ڪري انھن جا پروموشن روڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. ٻه مھينا کن مون وٽ ڊي جي نسٽ جي چارج هئي، انھي دوران جن سان به زيادتي ٿي هئي انھن سڀني کي واپس گھرائي انھن کي جڏهن کان پروموشن ٿيڻ گھربا هيا، انھن جا پروموشن انھن تاريخن کان ڪيا ۽ انھن کي پنھنجي سينارٽي مطابق پوسٽنگ ڪئي.

قاضي امتياز صاحب سنڌ جو باصلاحيت سيڪريٽري

قاضي امتياز صاحب هڪ باصلاحيت ايماندار آفيسر آهي. قاضي صاحب جي منسٽري ۾ سيڪريٽري جي حيثيت ۾ اچڻ سان اسانجي هڪ مضبوط ٽيم ٺھي وئي، منسٽر صاحب جو اسان ٻنھي تي اعتماد هيو، تنھنڪري اسان ڪافي ڪم اهڙا ڪيا جن جا دور رس نتيجا نڪرڻا هيا.
جڏهن مان ايڊيشنل سيڪريٽري هيم ته فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جيئن ته هڪ تمام وڏو وفاقي ادارو آهي. جنھن ۾ ايڪويھين گريڊ کان هڪ گريڊ تائين ڪيئي هزار ملازم آهن. پر افسوس سان چوڻو ٿوپوي ته هڪ وفاقي اداري جي هجڻ باوجود پاڪستان جي ايئن مطابق سروس ۾ صوبن جي حقن جي اهڙي لتاڙ ڪئي وئي پوءِ جيڪڏهن صوبن جي مطابق ورھاست جي ڳالھه ڪبي هئي ته اشارن ۾ ڪڏهن به اهو چوندي ڪين ڪيٻائيندا هيا ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻھو اهل ناهن. وغيره
هڪ دفعي جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن ايڊيشنل چارج ڊي جي فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ جي هيس. مون ڏانھن فيڊرل پبلڪ سروس ڪيميشن ڏانھن تقريباً پندرنهن ويھه پروفيسر ۽ ايسوسيئٽ پروفيسرن جي خالي جاين کي ڀرڻ لاءِ هڪ پروفارما کڻي آيو ته جيئن مان ان تي دستخط ڪري ايف پي ايس سي ڏانھن موڪليون. مون ڏٺو ته ان ۾ صوبن لاءِ جيڪا ورھاست ڪيل هئي، اها جيئن ڪوٽا سسٽم تحت صوبن کي ملڻ گھرجي انھن ۾ اهڙي طرح سان فارمولو ٺاهيو هين جنھن ۾ فائدو صرف پنجاب جو هيو.
فرض ڪيو ته ڪل ست سيٽون آهن. اڌ پنجاب، ڏهه سيڪڙو ميرٽ، اهڙي طرح سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان انھن ۾ ورھاست اهڙي طرح ڪيل هئي جنھن ۾ چار پنجاب. هڪ ميرٽ، هڪ سنڌ ۽ هڪ ڪي پي ڪي. مون جوائنٽ سيڪريٽري کي ڊسڪس لاءِ لکيو ۽ جي ايس صاحب آيو. مون پڇيو ته هي ڊسٽريبيوشن سيٽن جي ڪھڙي فارمولاتحت ڪئي اٿئي. چيائين ته سائين مونکي ايف ڊي اي وارن ڏياري موڪلي آهي مون چيو تون هينئر ڊي جي به آهين ۽ انھي کان علاوه جوائنٽ سيڪريٽري به آهين، تو مون ڏانھن بغير سوچ ۽ سمجھه سان موڪلي آهي. خير ايف ڊي اي مان ڊائريڪٽر کي ساڻ وٺي جوائنٽ ايجوڪيشنل ايڊوائز سميت تياري ڪري آيا. چوڻ لڳا ته سائين دراصل پوسٽون ست آهن جنھن ڪري سنڌ کي هڪ کان ٿورو وڌيڪ سيڪڙو جي حساب اچي پئي، تنھن ڪري هڪ پوسٽ رکيسين باقي، بچيل سيڪڙو ٻئي دفعي جڏهن ساڳئي پوسٽ ۾ جايون اينديون ته ان ۾ ايڊجسٽ ڪنداسين. ڪي پي ڪي جي هڪ سيٽ مان ٿورو کٽي پئي تنھن ڪري اڳتي هلي ان مان ڪٽ ڪنداسين. بلوچستان جي لاءِ فارمولي تحت پنجاهه پرسينٽ کان گھٽ هيون، تنھن ڪري بلوچستان کي ڪونه ڏني سين. فارمولي تحت پنجاب جون ساڍا ٽي سيٽون پيون ٺھن پر اسان اڌ سيٽ انھي ڪري ڏني آهي جو سنڌ ۽ بلوچستان جون ڪجھه پوائنٽ بچيون تنھن ڪري اسان اڌ ۾ ملائي پورو هڪ ڪيو. تنھن ڪري پنجاب جون چار سيٽون حق ٿين ٿيون. مون چيو ته ميرٽ ۾ ڇو هڪ رکي اٿو ته چيائين ته سائين ميرٽ جون هڪ کان گھٽ پر ستر سيڪڙو هڪ جو ٿئي پيو، تنھن ڪري اسان ميرٽ کي هڪ سيٽ ڏني آهي.
مون هنن ڏانھن اک ٽيٽ ڪري ڏٺو ته هڪٻئي کي اشارن ۾ مطمئن ٿيڻ جون ڳالھيون ڳجھه ۾ چيائون. مون ڄاڻي واڻي هڪ معصوماڻو سوال ڪيو ته هن سبجيڪٽ ۾ ڪل ڪيتريون پوسٽيون سينڪشنڊ آهن ۽ انھن مان ڪيتريون ڀريل آهن ۽ پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڊوميسائل وارا ڪيترا ڪم ڪن ٿا. چوڻ لڳا ته سائين ان ۾ ٿوري دير لڳندي، توهان مھرباني ڪري هن پروفارما تي دستخط ڪيو.ڇوته ٻارن جي تعليم تي برو اثر ٿو پوي.منسٽري هتان موڪليندي، انکان پوءِ ايف پي ايس سي اخبارن ۾ اشتھار ڏيندي انھي کان پوءِ وڃي ريڪروٽمينٽ ٿيندي. مون چيو ته مون کي اهو احساس آهي ته جيڪڏهن استاد نه هوندو ته ٻارن جي تعليم تي برو اثر پوندو. پر اهيوتوهان ٻڌايوته جڏهن هيتريون پوسٽون خالي پيون هيون ته توهان ايتري دير ڇو ڪئي؟ هاڻي جيڪڏهن دير ڪئي اٿو ته اڳو پو مونکي اها مٿي انفارميشن کڻي اچو ته مان هينئر ٿو پوسٽن کي ايف پي ايس سي ڏانھن موڪليان. هينئر جيڪا به دير ٿيندي اها صرف توهان جي سستي ۽ ڍرائي جي ڪري ٿيندي. چيائون ته سائين بھتر پر هنن وٽ ٻيو آپشن ڪونه هيو، جو انھي تي صرف اٿورائيز ايڊيشنل سيڪريٽري هيو، جيڪو اهي پوسٽون ايف پي ايس سي ڏانھن موڪلي سگھي پيو. اهو سيڪريٽري منھنجي پوسٽ ٿيڻ کان اڳ ايڊيشنل سيڪريٽري کي ڊپارٽمنيٽ جي نوٽيفڪيشن تحت ڪيو هيو.ان نوٽيفڪيشن جي ڪاپي ايف پي ايس سي ڏانھن به موڪليل هئي. بھرحال ٻئي ڏينھن ان سبجيڪٽ متعلق پروفيسرن جي سيڪشنڊ اسٽرينٿ ۽ ڀريل ڪيتريون سيٽون آهن ۽ ڪھڙي صوبي جا ماڻهو انھن ڀريل پوسٽن تي ڪم ڪن ٿا. اها سڄي انفارميشن جڏهن کڻي آيا ته منھنجو مٿو چڪرائجي ويو.
هينئر مون وٽ انگ اکر ته موجود ناهن پر ايئن سمجھو ته سٺ پنجھٺ سيڪڙو پنجاب جا ڊوميسائيل، ميرٽ چوڏهن پندرهن سيڪڙو تقريباً ويھه ٻاويھه سيڪڙو ڪي پي ڪي، باقي مشڪل سان سنڌ ۽ بلوچستان ڏهه سيڪڙو. مون هنن کي چيو ته جن سبجيڪٽس جي لاءِ ايف پي ايس سي کي سيٽون موڪلڻيون آهن، انھن سڀني سبجيڪٽس جو مڪمل تفصيل کڻي اچو. جڏهن انھن سبجيڪٽس جي سيٽن جو تفصيل کڻي آيا ته مون چيو ته هاڻي ايف پي ايس سي جي لاءِ پروفارما کڻي اچو. جڏهن هي سڀ پروفارما خالي کڻي آيا ته مون انھن کي پنھنجي آفيس ۾ ويھاري جيڪي هنن پوسٽون پنجاب، ميرٽ ۽ ڪي پي ڪي لاءِ رکيون هيون، اهي سڀ ختم ڪري مون پروفارما تي صرف سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ اهي سيٽون ڏئي دستخط ڪري تنھن وقت ايف پي ايس سي ڏانھن روانيون ڪيون. مون انھن کي انسٽرڪشن ڏنا ته جيستائين بلوچستان ۽ سنڌ جي پاڪستان جي ايئن مطابق ڪوٽا پوري ڪونه ٿيندي، تيستائين ٻئي ڪنھن کي سيٽ ڏيڻ پاڪستان جي ايئن سان غداري ٿيندي. تنھن ڪري مان اهڙو ڪو به ڪم ڪونه ڪندس جيڪو ايئن پاڪستان جي خلاف هجي.
منھنجو اهو پروگرام ڏسي ڪجھه ڏينھن کان پوءِ ڪنھن هنڌ ويٺا هياسين ته اتي اها ڳالھه نڪتي ته هاڻي فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن ۾ پنجابين جي ملازمت ايندڙ گھٽ ۾ گھٽ پنجن سالن لاءِ بند ٿي وئي.
منھنجي نيت ۾ اها ڳالھه هئي ته گذريل ٽيھن سالن جي ٿيل بي انصافي جي تلافي لاءِ ايترو ڪجھه ڪري وڃان جو سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻھو اچي هتي روزگار سان لڳن. هاڻي مون هنن کي اهي انسٽرڪشن ڏنا ته ليڪچرار، اسسٽنٽ پروفيسر، اسوسيئيٽ پروفيسر، پروفيسرس جي مجموعي انفرميشن کڻي اچو.
انھي دوران مرحوم مير هزار خان بجاراڻي کان تعليم جو قلمدان وٺي، ان جي جاءِ تي سردار احمد علي کي منسٽر فار ايجوڪيشن مقرر ڪيو ويو. سردار احمد علي جڏهن چارج سنڀالي ته پنجابي لابي وڃي منسٽر ايجوڪيشن کي بريف ڪيو ته جيترو جلدي ٿي سگھي ايڊيشنل سيڪريٽري مان جان ڇڏرايو، اوترو تعليم کاتي لاءِ بھتر ٿيندو.
بھرحال منھنجي من اندر اهو هيو ته انھيءَ کان پوءِ جيڪي به ٽرينڊ اينڊ انٽرينڊ گريجويٽ ٽيچرس آهن. انھن جو تفصل وٺان ته جيئن اتي جي هزارن جي تعداد ۾ نوڪريون گھڻي ڀاڱي پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ ميرٽ وارن کي پاڪستان جي ايئن جي خلاف ورزي ڪندي وڌيڪ ڏنيون ويون آهن. انھن صوبن کي پنھنجو آئيني حق ڏيارجي. انھيءَ جي ڀڻڪ پنجابي لابي کي پئجي وئي ته جيڪڏهن ايئن ٿيندو ته گھٽ ۾ گھٽ ايندڙ اٺ کان ڏهن سالن تائين جيڪي به پوسٺون خالي ٿينديون، انھن سڀني تي ڀرتي صرف سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻھو ٿيندا. جيڪڏهن ايتري وقفي کان پوءِ پنجابي ۽ پٺاڻ ايندا ته اهي اڳتي هلي هنن کان جونيئر ٿيندا، جنھن جو مطلب ته پوءِ هميشه لاءِ سنڌي ۽ بلوچ وفاقي تعليم اداري تي حاوي ٿي ويندا. جيڪو ظاهر آهي ته انھي لابي کي هرگز قبول ڪونه هيو. انھي ڪري سردار احمد علي کي مطمئن ڪيائون ته اسانجي لاءِ اهو بھتر ٿيندو ته ايڊيشنل سيڪريٽري محمد جمن ڄامڙو کي جلدي تعليم کاتي مان بدلي ڪرايو وڃي.
مونکي بعد ۾ ڪنھن دوست ٻڌايو ته وزيراعظم ڏانھن سردار احمد علي ملڻ آيو ۽ وزيراعظم کي چيائين ته سائين منھنجي منسٽري تعليم مان ڄامڙو کي بدلي ڪريو نه ته ھو تعليم کاتي کي سنڌوديش ٺاهي ڇڏيندو. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ بغير سيڪريٽري ايجوڪيشن کان پڇئي منھنجي ٽرانسفر واپس پرائيم منسٽر پبلڪ افيئر ونگ ۾ ٿي، جيڪا مون اپريل 2010ع ۾ چارج ورتي.
منھنجي جاءِ تي شعغان شريف کي پنجاب مان گھرائي اتي پوسٽ ڪين. شعغان شريف جي پوسٽنگ لاءِ سيڪريٽري کان ليٽر جي انھي ڪري ضرورت نه پئي جوسيڪريٽري سنڌي هيو ۽ منسٽر پنجابي هيو. منھنجي پوسٽنگ لاءِ منسٽر سنڌي هيو ۽ سيڪريٽري چوڌري، تنھن ڪري منسٽر جي خط جي ڪابه اهميت ڪانه هئي. تنھنڪري اهو چيو ويو ته جيستائين سيڪريٽري خط لکي گھر نه ڪندو، تيستائين ٽرانسفر پوسٽنگ پاليسي تحت تنھنجي منسٽري آف ايجوڪيشن ۾ پوسٽ ڪونه ڪنداسين. بھرحال منھنجي منسٽري آف ايجوڪيشن مان ذائقته البدلي جي ڳالھه ته مونکي سمجھه ۾ اچي ٿي. ڇو ته اهو انھيءَ لابي کي بخوبي اندازو ٿي ويو هيو ته پاڪستان جي ايئن تحت ننڍن صوبن سان جيڪا زيادتي ٿي آهي، انھيءَ تي جيڪڏهن عمل ٿي ٿو وڃي ته انھن لاءِ اهو سٺو سنوڻ ڪونه ٿيندو. اهو ان لابي کي يقين ٿي ويو هيو ته ان تي عمل شروع ٿي ويو آهي ۽ پورو عمل به ٿيندو. باقي مرحوم مير هزار کان تعليم جو قلمدان وٺي ٻئي کي ڏيڻ مونکي سمجھه ۾ ڪونه ٿو اچي، جڏهن ته منسٽر جي پورٽ فوليو کي تبديل ڪرڻ لاءِ صدر پاڪستان جي منظوري کان بغير تبديل نٿو ڪري سگھجي. جڏهن ته صدر پاڪستان بذات خود آصف علي زرداري صاحب هيا.
مون ڪڏهن مير صاحب کان ان متعلق ڪونه پڇيو پر منھنجو اندازو آهي جيڪو غلط به ٿي سگھي ٿو ته شايد مٿي اها سوچ اڀري هجي ته ايڊيشنل سيڪريٽري کي تبديل ڪرڻ لاءِ منسٽر يا سيڪريٽري تعليم آماده نه ٿيندا. يا اهو به ٿي سگھي ٿو ته مير صاحب کي تبدل ڪرڻ لاءِ چيو به هجين ۽ مير صاحب اها ڳالھه انھن جي قبول نه ڪئي هجي. ڇاڪاڻ ته مون مير صاحب کي انھي پلاننگ متعلق ٻڌايو هيو ۽ انجو مون سان مڪمل ساٿ هيو.
اسان منسٽري ۾ جن سان به زيادتي ٿي هئي، چاهي اهو ڪير به هيو، انھي ۾ ڪيترائي پنجابي ۽ پٺاڻ به هيا جن سان گروپ بندي جي ڪري زيادتيون ٿيون هيون، انھن کي به پنھنجا حق وٺرائي ڏنا ۽ ڪجھه پروسس ۾ هيا. بھرحال اسان حڪم جا بندا اچي واپس پرائيم منسٽر سيڪريٽريٽ جي پبلڪ افيئرس ونگ ۾ رپورٽ ڪئي.

پنجاب جي آفيسرن جا چار درجا

پرائيم منسٽر پبلڪ افيئرس ونگ ۾ منھنجي لاءِ ڪوئي نئون ڪم ڪونه هيو. تنھن ڪري مونکي اتي روزمره جي ڪم شروع ڪرڻ ۾ ڪابه دقت محسوس ڪانه ٿي. فرق صرف اهو هيو ته ترقياتي ڪمن لاءِ جيڪي وزيراعظم عوامي نمائندن جون اسڪيمون منظور ڪندو هو، اهي سڀ منھنجي دستخط سان ڊائريڪٽو جاري ٿيندا هيا.
مونکي تقريباً هڪ ڏهاڪو کن سالن جو مرڪز ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. انھيءَ دوران پاڪستان جي تقريباً هر علائقي جي آفيسر سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. جيڪو مون پنھنجي ناقص سمجھه تحت سڀني علائقن جي آفيسرن متعلق مون تجزيو ڪيو، اهو توهان سڀني سان شيئر ڪيان ٿو. مان واضع ڪريان ته اها منھنجي ذاتي راءِ آهي تنھنڪري هر هڪ کي حق حاصل آهي ته ان سان متفق ٿئي يا نه.
سنڌ جا ماڻھو هر پنجاب جي آفيسر کي صرف پنجابي تصور ڪندا آهن. جڏهن ته پنجاب جا آفيسر به گھڻن طبقن ۾ ورهايل آهن. سينٽرل پنجاب، نارٿ پنجاب، سائوٿ پنجاب، سرائڪي.
انھن مٿئين ڪيٽيگري جي آفيسرن جا رويه به بلڪل مختلف هوندا آهن.
سينٽرل پنجاب معني لاهور، گجرانوالا، فيصل آباد ۽ ساهيوال ڊويزن جي علائقي جا رهواسي. نارٿ پنجاب معني راولپنڊي ڊويزن جا رهواسي. سائوٿ پنجاب معني سرگوڌا، ڊي جي خان ۽ ملتان ڊويزن جا رهاڪو آفيسر. سرائڪي معني بھاولپور ڊويزن جا رهاڪو آفيسر.
سائوٿ ۽ سرائڪي پنجاب جا آفيسر هميشه سينٽرل پنجاب جي هيٺان دٻيل هوندا آهن، تنھن ڪري هو هميشه چوندا آهن ته ”اسين قيدي تخت لاهور دي“ سنڌي ۽ بلوچي آفيسر يا عوام لاءِ سائوٿ ۽ سرائڪي علائقي جي آفيسر جو رويو ڪافي بھتر هوندو آهي.
جڏهن مارشلا وغيره هوندي آهي ته نارٿ پنجاب جا آفيسر تڪڙا نظر ايندا آهن پر جيئن ته سينٽرل پنجاب جي گھڻائي هوندي آهي تنھنڪري نارٿ پنجاب ۽سينٽرل پنجاب جا آفيسر هڪ ٿي ويندا آهن.
سينٽرل پنجاب ۾ وري ٽن طبقن جا آفيسر هوندا آهن ۽ انھن ٽنھي طبقن جي آفيسرن جي روين ۾ به واضع فرق هوندو آهي. مھاجر ٿي آيل پنجابي، شھري پنجابي، پنجاب جا اصلي رهاڪو .
مھاجر ٿي آيل پنجابي ۽ شھري پنجابي پاڻ ۾ تقريباً هڪ ٿي ويندا آهن. پر وري به انھن جي روين ۾ ٿورو گھڻوفرق ضرور هوندو آهي. مھاجر پنجابي جي رويي ۾ وڏائي ۽ فخرتمام گھڻو هوندو آهي. تنھنڪري هو ڪنھن به ماڻھو جو احساس گھٽ رکندا آهن ۽همشه پنھنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ ۾ رڌل هوندا آهن. جنھن ۾ هو هميشه ڪامياب رهيا آهن. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي پوري پاڪستان جي بيوروڪريسي جي اڳواڻي هن گروپ جي آفيسرن وٽ رهي آهي۽ هن گروپ جي آفيسرن کان ٻاهر ڪابه پاليسي نه اڄ تائين ٺھي آهي نه ٺھڻ ڏيندا. هيءُ اهو هڪ مضبوط گروپ آهي جيڪو پاڪستان جي نالي جي آڙ ۾ صرف ۽ صرف پنھنجو مفاد کي عظيم رکندا آهن. هر حڪومت پوءِ اها موجوده هجي يا ايندڙ ڪائي به حڪومت، هن گروپ کان ٻاهر نڪري نٿي سگھي. هي اهو گروپ آهي جنجا ابا ڏاڏا انگريزن تيار ڪيا هئا پنھنجي حڪومت کي قائم ڪرڻ لاءِ. اڄ تائين هو پنھنجي وڏن جي ڏنل سبق تي ٽن جنريشن جي گذري وڃڻ جي باوجود عمل ڪندا پيا اچن. توڙي جو انھي گروپ جي هٺ ڌرمي ۽ وڏائي جي ڪري اسان جي ملڪ پاڪستان جا ٻه حصا ٿي ويا، پر اڄ تائين هوپنھنجي ابن ڏاڏن جي ڏنل سبق مطابق هلن پيا. الله انھن کي هدايت نصيب ڪري. جيڪڏهن انھيءَ گروپ جي آفيسرن پنھنجي روين ۾ تبديلي نه آندي ته اهو ملڪ لاءِ وڏو هاڃيڪار ثابت ٿي سگھي ٿو.
الحمدلله مون پورو پنجاب گھمي ڏٺو آهي.جنھن به علائقي ۾ هن گروپ جي خاندان جو ٻچو هوندو آهي، انھن جو عوام سان ڪلونيل ۽ بي رحمي وارو سلوڪ هوندو آهي. چاهي اهي ڪھڙي به صوبي ۾ وڃن، پر هي نوڪري گھٽ بادشاهت گھڻي ڪرڻ واري حساب سان ڪندا آهن. جنھن جي ڪري پورو پنجاب وڌيڪ بدنام ٿيندو آهي.
مان پنجاب جو تقريباً سمورو علائقو گھمي ڏٺو آهي مون پنجابي عوام ۾ ٻين جي لاءِ نڪا نفرت ڏٺي نه وري ڪا حقارت، مونکي پنجاب جي ڳوٺن ۾ به اهو ساڳيو پيار مليو، جيترو مونکي سنڌ جي ڪنھن به ڳوٺ ۾ ملندو آهي. هي جيڪي ڪجھه پنجابين جي خلاف ٻين صوبن ۾ نفرت پيدا ٿيندي آهي، اها صرف پنجاب جي هن طبقي جي آفيسرن جي روين ۽ ٻين کي انسان نه سمجھڻ ڪري ٿيندي آهي. جيئن ته هن طبقي جي آفيسرن جي هن پاڪ سرزمين جي مٽي سان محبت ڪانه هوندي آهي، تنھنڪري پوري پاڪستان کي انگريز بھادر ٿي هلائڻ وانگر ۾ عافيت سمجھندا آهن. پنجاب جو ٻيو شھري طبقي جو آفيسر مغرور ۽ هٺيلو هوندو آهي پر گھڻو ڪري لڏي آيل پنجابي جون خصلتون انھن ۾ پيدا ٿي وينديون آهن.
جيڪا بيوروڪريسي ملڪ کي مافيا وانگر هلائيندي آهي انھن ۾ نوي سيڪڙو آفيسر پنجاب جي انھن ٻنھي طبقن مان هوندا آهن. جيڪو انھي گروپ سان لاڳاپيل هوندو آهي، ڪھڙي به حڪومت انجو وار ونگو نٿي ڪري سگھي. جنھنجي ڪري ملڪ جو سڄو وهنوار انھن جي مرضي مطابق هلندو آهي. انھي گروپ جي آفيسرن جوعوام چاهي باقي ٻين آفيسرن سان نھايت بي انصافي ۽ پنھنجي مفاد کي مضوط ڪرڻ لاءِ ظالماڻو انداز حڪمراني هوندو آهي. انھيءَ گروپ جي آفيسرجو رويو ٻين لاءِ اهو آفيسر چاهي پنجابي هجي يا ڪو ٻيو بدتميزي وارو هوندو آهي. انھن جو عوام سان بداخلاقي وارو رويو پنھنجي غريب پنجاب عوام سان به ساڳيو هوندو آهي، جھڙي طرح هو سنڌ يا بلوچستان جي عوام سان ڪندا آهن.
هي آفيسرن جوگروپ هميشه پاليساز ادارن تي حاوي هوندو آهي، تنھنڪري پنجاب جي مفاد کي سڀ کان اهم رکندا آهن، جنھن جي ڪري پنجاب جا سڀني طبقن جا آفيسر مجموعي طور تي عوام فائدي ۾ رهندا آهن.
پنجاب جو اصلي باشندو آفيسر ان جي اخلاق ۽ رويي مان صاف ظاهر هوندو آهي ته هو انسان دوست آهن. انھي طبقي جي آفيسر جو رويو ٻئي صوبي جي عوام چاهي پنجاب جي عوام سان ڪافي بھتر هوندو آهي. انھيءَ گروپ جي آفيسرن جو رويو هميشه همدرداڻو هوندو آهي. انھيءَ گروپ جي آفيسرن جي ان مافيا ۾ ڪا خاص اهميت به ڪانه هوندي آهي. تنھن ڪري اهي آفيسر به ڪافي حد تائين پٺتي هوندا آهن، پر پوءِ به ٻين صوبن جي آفيسرن کان اڳڀرو هوندا آهن. ڪي پي ڪي جا آفيسر ٻن طبقن ۾ ورهايل آهن پٺاڻ ۽ هزاره.
پٺاڻ آفيسر هڪ کليل ڪتاب وانگرهوندو آهي. پٺاڻ آفيسر ظاهر ۾ ايئن چوندو آهي ته پنجابي آفيسر خراب آهن، پرپنجابي ۽ پٺاڻ آفيسرن جا مفاد گھڻو ڪري هڪ هوندا آهن.
پٺاڻ آفيسر گھڻو ڪري پنھنجي علائقي جي ماڻھن کي وڌيڪ عزت ڏيندا آهن. پٺاڻ آفيسر جورويو ڪافي انسان دوستي وارو هوندو آهي. پٺاڻ آفيسر پيسه جي معاملي ۾ هر شئي قربان ڪرڻ ۾ دير ڪونه ڪندو آهي. مجموعي طور پٺاڻ آفيسر دل ۾ ڳالھه ڪونه رکندو آهي.

يوپي ۽ پنجاب جا مهاجر آفيسر هڪ آهن

هزاره جا آفيسر ٻاهران وڌيڪ مٺا هوندا آهن، پر دل جا ايترا صاف ڪونه هوندا آهن. پوءِ به هنن جا مفاد گھڻو ڪري پنجابي آفيسرن سان هڪ ٿي ويندا آهن. پٺاڻ جي مقابلي ۾ هي وڌيڪ چالاڪ هوندا آهن. اردو ڳالھائڻ وارو آفيسر ۽ سينٽرل پنجاب جو لڏي آيل پنجابي آفيسر شروع کان هڪٻئي جا يار ۽ مددگار رهيا آهن.تنھنڪري هي انھيءَ گروپ جو حصو بڻجي هڪ ٿي ويندا آهن ۽ انھيءَ مافيا جو هڪ اهم جزو ٿي ڪم ڪندا آهن. انھن ٻنھي جا مفاد ساڳيا هوندا آهن ۽ انھن ٻنھي جي وڏن جي ٽريننگ به انگريزن ڪئي هئي، تنھن ڪري هڪٻئي سان گڏ رهڻ ۾ عافيت سمجھندا آهن.
بلوچي ۽ سنڌي آفيسر هميشه پاڻ بچائڻ خاطر گھڻيون قربانيون ڏيندا آهن. ٻنھي گروپ جي آفيسرن کي هميشه اهو خطرو رهندو آهي ته خدانخواسطه ”را“ جو ايجنٽ جو ڪو پروانو نه جاري ٿي وڃي. تنھنڪري سنڌي آفيسر کي ستر، اسي واري ڏهاڪي تائين جي ايم سيد جو حامي ڪري سمجھيو ويندو هيو، ايئن نه به هوندو ته به انھن لاءِ رڍون سڀ ٻوٿ ڪاريون وارو حساب هوندو هو. اسي واري ڏهاڪي کان وٺي هر سنڌي ۾ انھن کي ڀٽي جي تصوير نظر ايندي آهي، جنھن جي ڏسڻ سان انھن جي اکين ۾ رت اچي ويندو آهي. اهڙي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ هر سنڌي نوڪري ڪرڻ وارو چاهي آفيسر هجي يا ننڍو ملازم تمام گھڻين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوندو آهي تنھنڪري آزاداڻه طور تي ڪم ڪري ڪونه سگھندو آهي. نتيجي ۾ هو پنھنجي دل ۾ پيو ڪڙهندو آهي يا وري بي وس ٿي خاموش ٿيڻ ۾ عافيت سمجھندو آهي. سنڌي ۽ بلوچي آفيسر پروموشن جي ڀئو ۾ خاص ڪري پنجابي آفيسر جي آڏو بي وس ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن همت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته انجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندا آهن، تنھن ڪري سنڌي آفيسر گھڻو ڪري هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندو آهي.
جيئن چوندا ته ”جتي نه پڄجي اتي، ڀڄڻ ڪم وريام جو.“
سنڌي آفيسر انھن مشڪلاتن جي ڪري اسلام آباد اچڻ ڪونه چاهيندو آهي. پر جيڪڏهن اسلام آباد اچڻ شروع ڪندا ته ٿوري عرصي ۾ اهي مشڪلاتون آساني ۾ تبديل ٿي وينديون.
اسلام آباد ۾ هتان جي لابي انھيءَ ۾ رڌل آهي ته جيئن اسين انھن جي پيدا ڪيل مشڪلاتن سبب هتان ڀڄي وڃون ته جيئن هو سڀ شئي جا وارث ٿين. مونکي يقين آهي جڏهن اسان جي سنڌ جي ماڻھن جي مختلف کاتن ۾ گھڻائي ٿيندي ويندي، اهي پيدا ڪيل سڀ مشڪلاتون ڪافور وانگر هوا ۾ ملي ختم ٿي وينديون. جيڪي اڄ مشڪلاتون آهن اهي ختم ٿي وينديون. پر جيڪڏهن سنڌ جي سياسي قيادت اسلام آباد ۾ آيل سنڌي ماڻھن جو ساٿ ڏئي ته اهي مشڪلاتون جلدي ختم ٿي وينديون.
سڀ کان وڏو مسئلو اسلام آباد ۾ رهائش جو آهي، جيڪڏهن سنڌ سرڪار بلوچستان وانگر هڪڙا اٺ ڏهه بلاڪ فليٽن جا ٺھرائي سنڌ جي آيل ماڻھن کي ڪرائي تي ڏئي ته اهو مسئلو گھڻي حدتائين حل ٿي سگھي ٿو.
سنڌ جي سياسي قيادت کي چاهي ڪھڙي به پارٽي سان آهي چاهي حڪومت ۾ آهي يا مخالفت ۾، پر انھن کي جيڪي به سنڌ جا ماڻھو اسلام آباد ۾ نوڪري جي ڪري يا ڪنھن به ڪاروبار جي آيل آهن انھن جي مالڪي ڪن.
سياسي قيادت جا ڀلي پاڻ ۾ سؤ اختلاف هجن پر سنڌ جي ماڻھن جي گڏجي پرگھور لھڻ اولين ترجيع هجڻ کپي. انھي کان پوءِ اسان سنڌ جا رهواسي پنھنجو جائز ۽ پاڪستان جي ايئن ۾ ڏنل حق ڇني وٺنداسين.

وڇ ڪلي آھر ڪڏندي آھي

جيڪڏهن انسان همت نٿو هاري ته رب ڪائنات ٻانھي جي ضرور مدد ڪري ٿو. جڏهن مونکي ايجوڪيشن مان بدلي ڪري وزيراعظم آفيس ۾ عوامي نمائندن جي مسئلن ۽ انھن جي لاءِ وزيراعظم جي صوابديد تي رکيل فنڊ جي منظوري کان پوءِ صرف ڊائريڪٽو جاري ڪرڻ اهو ڪو خاص ڪم ڪونه هيو. اصل ۾ هو مونکي اتي انھيءَ ڪري رکيو ويو هيو ته مان ڪنھن ٻي منسٽري ۾ وڃي، انھن جي مفادن خلاف ڪنھن به قسم جو ڪم نه ڪريان. انھيءَ ڪري مونکي ٻيھر وزيراعظم آفيس ۾ اهڙي ونگ ۾ رکيو ويو ته جيئن گورنمينٽ جي وهنوار کان ٻاهر هجي. ٻيو ته مونکي پنھنجي بيچ ميٽ جي ماتحت ڪري رکيو ويو. اها ڪا منھنجي لاءِ آسان ڳالھه ڪانه هئي، پر اها خبر هئي ته پ پ سرڪار اسان جي ڪنھن طرح مدد ڪانه ڪندي. ان وقت منھنجي لاءِ ٻه رستا هيا، سسپينڊ يا پنھنجي بيچ ميٽ جي ماتحت ٿي ڪم ڪرڻ.
وڏڙن جي واتان اسان ٻڌندا هياسين ته چوندا هيا ته ”ابا وڇ هميشه ڪلي آهر ڪڏندي آهي.“
جيڪي هميشه سنڌ جو ڪارڊ استعمال ڪري ڪامياب ٿيندا آيا آهن انھن پھريون دفعو اسان سنڌي آفيسرن کي جائز حق ڏيڻ کان محروم ڪيو. تنھنڪري اسان کي انھيءَ مشڪل فيصلي کي قبول ڪرڻو پيو.
منھنجو ٻيو بيچ ميٽ ان وقت چيف سيڪريٽري پنجاب هيو. مون ان سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته پارٽنر مان چاهيان ٿو ته پنجاب ۾ سروس ڪريان. ڇو ته مون سنڌ، بلوچستان ۽ مرڪز ۾ سروس ڪئي آهي تنھنڪري منھنجي لاءِ پنجاب ۾ گھرائڻ لاءِ مرڪزي سرڪار کي خط لک. مون وڌيڪ چيو ته منھنجي ڪابه چوائس ڪانه هوندي، ڀلي مونکي اوقاف جو سيڪريٽري لڳاءِ. مونکي چيائين ته ڪوئي مسئلو ناهي، مان گھڻو ڪري رات سي ايم صاحب کان منظوري وٺي خط لکان ٿو. مونکي اڳ جي ته خبر هئي ته نواز ليگ وارن جي منشور مطابق هو مونکي ڪونه پوسٽ ڏيندا، پر وري مون سوچيو ته متان هاڻي انھن سي او ڊي تي دستخط ڪيون آهن ۽ جلاوطن به رهيا آهن، تنھن ڪري ٿي سگھي ٿو ته پراڻي پاليسي کي بدلايو هجين. بھرحال ٻن ڏينھن کان پوءِ فون تي ڳالھائڻ ٿيو ته چيائين ته يار مون ڪوشش ڪئي پر ڪاميابي ڪانه ٿي. مونکي پوءِ ڪنھن دوست ٻڌايو ته سي ايم صاحب ڪافي ناراضگي ڏيکاري سي ايس کي. مونکي سي ايس پنجاب ڪونه ٻڌايو پر ٻئي دوست سان ڳالھيون ڪندي اهو ذڪر نڪتو جنھن ۾ هن انکي اهو ٻڌايو.
منھنجو هڪ ٻيو دوست سليم سيال صاحب اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪندو آهي. سيال صاحب جو تعلق مظفرڳڙه ضلعي سان آهي. منھنجو ان سان چئن پنجن سالن کان وٺي سٺو رستو رهيو آهي. هڪ دفعي مونکي ڏينھن جو ٻارهين وڳي فون ڪري چيائين ته سائين ٻه ڳڀا ماني جا اچي مونسان گڏ کائو ۽ هڪ ٻه ٻيا دوست به هوندا. بليو ايريا ۾ آفيس هئي سو مان تقريباً ڏيڍ بجي وڃي سيال صاحب جي آفيس پھتس. سيال صاحب کي خبر هئي ته مان دال ڏاڍي شوق سان کائيندو آهيان، تنھن ڪري پنھنجي گھران زبردست مزيدار دال به ٺھرائي کڻي آيو. کاڌو سڀ گھر کان ٺھرائي پنھنجي آفيس ۾ کائڻ لاءِ سڏيو هيائين. مون کان علاوه ٽي ٻيا به دوست گھرايا هيائين. ماني کائڻ کان اڳ منھنجو انھن ٽنھي دوستن سان تعارف ڪرايائين. انھن کي چيائين ته سائين ڄامڙو صاحب نال زيادتي ٿي هي، هڻ ول تسان ڪوئي مدد ڪرو.
مونکي پوءِ ٻڌايائين ته هي تنوير گيلاني صاحب آهي ۽ وزيراعظم جو سڳو سوٽ آهي. ٻيو سھيل گيلاني اچ شريف جو آهي ۽ وزيراعظم جو ڀاڻيجو ۽ ٽيو هڪ ملڪ صاحب اهو به وزيراعظم جو ڪافي ويجھو. ملڪ صاحب کي ته مون اڳ به وزيراعظم هائوس ۾ ڏٺو هيو ۽ وزيراعظم سان ڪافي گھرائپ به هيس، جيڪو ڳالھائڻ مان نظر اچي پيو.
تنوير گيلاني ۽ سھيل گيلاني واقعي لڳا پئي ته خانداني ماڻھو آهن. تنوير گيلاني صاحب مونکي ڀاڪر پائيندي چيو ته جمن توکي خبر هجڻ کپي ته سيال صاحب منھنجو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ هينئر کان وٺي تون منھنجو ڀاءُ جھڙو دوست. باقي رهي ڳالھه تو سان جيڪا زيادتي ٿي آهي، جو تنھنجا سڀ بيچ ميٽ پروموٽ ٿي ويا آهن ۽ ڪجھه جونيئر به پڻ، تنھن لاءِ منھنجو واعدو آهي ته مان يوسف کان پاڻھي ڪم ڪرائيندس. مون چيو ته سائين توهان جي مھرباني. منھنجي پٺي تي هٿ رکي چيائين ته انھي ۾ مھرباني جي ڪابه ڳالھه ناهي، اها منھنجي ذميواري آهي تون فڪر نه ڪر.
ٻئي ڏينھن پنھنجي آفيس ويٺو هيم ته پٽيوالي ٻڌايو ته سائين تنوير صاحب ملڻ لاءِ آيو آهي، مون چيو ته توکي خبر آهي ته مون وٽ سڀڪو بغير اجازت وٺڻ جي ايندو آهي، تو ڇو ڪين ٻڌايو ته هتي سڀڪو بغير اجازت جي اچي ملندو آهي. پٽيوالي چيو ته سائين مون اهو عرض ڪيو پر پاڻ ٻاهربيھي رهيا، چون ٿا ته صاحب کي اطلاع ڪر. خير پٽيوالو ويو ۽ تنوير صاحب کي اندر وٺي آيو. جيئن اندر آيا ته مان اٿي وڃي اڳڀرو ٿي مليم ۽ سائيڊ واري رکيل صوفه سيٽ تي وڃي ويٺاسين. چانھه ۽ ان سان گڏ بسڪيٽ يا سنيڪس پي ايم آفيس ۾ اسانکي فري ۾ ملندا هيا، جو اڪثر عوامي نمائندا ايندا هيا، انھن کي چانھه ۽ ڪافي جي صلاح ڪبي هئي. تنھنڪري جيڪڏهن ڪوبه مھمان ايندو هيو ته انھن لاءِ به اسان جي لاءِ مفت ۾ هيون، جنھن مان اسان سڀ سينيئر آفيسر پنھنجي مھمانن جي تواضع ڪندا هياسين. تنوير صاحب کان مون پڇيو ته سائين ڪافي يا چانھه؟ تنوير صاحب ڪافي ۽ سھيل صاحب چانھه جي لاءِ چيو. ٿوري دير کان پوءِ پٽيوالي سڀ شيون اچي ٽيبل تي رکيون.
تنوير گيلاني صاحب چيو ته جمن اسان رات جي ماني تي يوسف سان گڏ هياسين ۽ تنھجو ذڪر نڪتو. تنوير جيئن ته يوسف رضا گيلاني کان عمر ۽ رشتي ۾ وڏو هيو، تنھن ڪري سيد يوسف رضا گيلاني کي صرف يوسف چوندو هيو. چيائين ته يوسف به چاهي ٿو ته توکي پروموٽ ڪري پر چيائين ته يوسف جي لاءِ ڪو انھيءَ سلسلي ۾ شايد ڪو مسئلو آهي، جنھن کي مان پاڻھي منھن ڏيندس. چيائين ته اڄ مان ملتان وڃان ٿو، مھيني اڌ کان پوءِ مان وري ايندس. بھرحال منھنجو تنوير ۽ سھيل گيلاني سان رابطو هوندو هيو. ملتان کان جڏهن به ايندا هيا ته ملتاني حلوه کڻي ايندا هيا. مھيني ٻن کان پوءِ ڪجھه ٻاويھين گريڊ ۾ پروموشن ٿيا، ان پروموشن جي لسٽ ۾ هڪ به سنڌي ڪونه هيو بشمول منھنجي. مون تنوير سائين کي ٻڌايو ته سائين پرموشن ٿيا پر ان لسٽ ۾ منھنجو نالو ناهي. چيائين ته مان ايڏانھن اچان ٿو پوءِ ملنداسين. تنوير گيلاني جڏهن به اسلام آباد ايندو هيو ته ملڻ لاءِ مون وٽ ضرور ايندو هيو. تنوير صاحب ملتان کان سڌو منھنجي آفيس آيو ۽ مونکي چيائين ته اها لسٽ مونکي ڏي، جن جا ٻاويھين گريڊ ۾ پروموشن ٿيا آهن. مون لسٽ تنوير سائين کي ڏني، تنوير لسٽ ڏسي منھنجي آفيس مان ملٽري سيڪريٽري کي فون ڪري ٻڌايائين ته مان اسلام آباد آيل آهيان ۽ يوسف کي ٻڌاءِ تي رات جي ماني تي مان پي ايم هائوس ايندس. ملٽري سيڪريٽري پنجن منٽن کان پوءِ فون تي تنوير صاحب کي ٻڌايو ته پي ايم صاحب پريزيڊنٽ هائوس وڃڻو آهي، تنھنڪري پي ايم صاحب چيو ته صبح ناشتي تي توهان اچو.
ٻئي ڏينھن تنوير صاحب ملاقات کان پوءِ مون وٽ آيو۽ مونکي چيائين زرداري توکي سڃاڻيندو آهي؟ مون چيو ته ها. ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي ويو. مون چيو ته سائين خير ته آهي؟ چيائين ته نه بس مون کي رڳو ڪنفرم ڪرڻو هيو. هيڏانھن هوڏانھن جون ڳالھيون ڪرڻ کان پوءِ وڃڻ لاءِ موڪلائي پيو ته مون چيو توهان ڇاجي ڪري اهو پڇيو؟ چيائين ته يوسف چيو ته مان جمن ۽ ٻه ٻيا به سنڌي آفيسر هيا جن کي پروموٽ ڪرڻ پئي چاهيو جڏهن صدر زرداري صاحب سان پروموشن متعلق ڳالھايو ته صدر صاحب سڀني جي لاءِ منع ڪري ڇڏيو، مان ڇا ڪريان. سھيل سائين به هيو، ان چيو ته جمن تنھنجو پروموشن مامي کان ڪرائينداسين.
مارچ 2012ع جون آخري تاريخون هيون، تنوير گيلاني ۽سھيل گيلاني صاحب منھنجي آفيس آيا. مونکي اچي چيائون ته گذريل آچر تي يوسف ملتان آيو هيو ۽ اتي يوسف رضا گيلاني جو ننڍو ڀاءُ مجتبيٰ، تنوير جو وڏو ڀاءُ جيڪو موسيٰ پاڪ گادي جو گادي نشين جيڪو تنوير جو وڏو ڀاءُ ۽ يوسف رضا جو ڀيڻويو، سھيل ۽ ٻيا گھر جا سڀ ڀاتي ماني تي گڏ ٿياسين، اتي سڀني تنھنجي پروموشن لاءِ هڪ زبان ٿي ڳالھايو آهي ۽ سڀني سان واعدو ڪري آيو آهي ته مان جلدي جمن ڄامڙو جو پروموشن ڪندس. مون چيو ته سائين توهان جي مھرباني، پر توهان هروڀرو زور نه ڏيوس، باقي منھنجي اچي ٽي چار مھينا سروس رهي ٿي پوءِ رٽائر ٿينداسين. تنوير صاحب چيو ته مان توکي ٻاويھه گريڊ ۾ رٽائر ڏسڻ چاهيان ٿو. ٻن ڏينھن کان پوءِ منھنجي آفيس ۾ تنوير، سھيل ۽ هاشمي آيا. هاشمي صاحب ايڪيو پراپرٽي ٽرسٽ بورڊ جو چيئرمين هيو. هاشمي کي منسٽر آف اسٽيٽ جو درجو مليل هيو. هاشمي اٿي مونکي چيو ته اڄ کان وٺي تون منھنجو باس آهين. اتي آفيس ۾ چانھه پي پيتائون ته پرنسپل سيڪريٽري جو فون آيو ته جمن توکي مبارڪ هجي، جو تنھنجو پروموشن ٿي ويو ۽ ٿوري دير ۾ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ وارو آهي. اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ فيڪس اچي مليو ته محمد جمن ڄامڙو ٻاويھين گريڊ ۾ مجاز اٿارٽي پروموشن ڪيو آهي، پروموشن کان پوءِ سيڪريٽري انٽرفيٿ اينڊ نيشنل هارموني ڊويزن جو مقرر ڪيو وڃي ٿو. جيڪو اڳ ۾ اتي جاويد اقبال اعواڻ سيڪريٽري هيو، اهو منھنجو بيچ ميٽ هيو، مون ان کي فون ڪيو ته ڪٿين آهين چيائين ته مان لاهور ۾ آهيان. مون ٻڌايو ته منھنجي پوسٽ ٿي آهي تنھنجي جاءِ تي، پوءِ توهان ڪڏهن ايندا جو چارج ڏيون وٺون. مونکي چيائين پارٽنر مونکي اچڻ ۾ هفتو کن لڳندو باقي تون وڃين هينئر چارج ازيوم ڪري ڇڏ ۽ مونکي خوشي ٿي ته تنھنجو رهيل پروموشن ٿي ويو.
الله جو شڪر ادا ڪندي وڃي فيڊرل سيڪريٽري جي عھدي تي فائز ٿياسين. سول سروس ۾ فيڊرل سيڪريٽري هڪ مئراج هوندو آهي. انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ملڻو اهو ڪجھه هوندو آهي، جيڪو رب ڪائنات پنھنجي بندي لاءِ لکيو آهي. رزق جو مالڪ الله آهي پر وتايو فقير وانگر ته الله ڏئي ته اٿو پر کنگھڻ کڙڪڻ کان پوءِ.
مينارٽي جي سلسلي ۾ پريزيڊنٽ هائوس فنڪشن هيو ۽ صدر زرداري صاحب ان ۾ چيف گيسٽ هيو ۽ مونکي انھي سلسلي ۾ اتي وڃڻ ٿيو. جڏهن فنڪشن ختم ٿيو ته اتي لنچ جو انتظام به پڻ ڪيل هيو. جڏهن لنچ لاءِ گڏ ٿياسين ته زرداري صاحب اتي مليو ۽ منھنجي ڳٽي تي ٿڦڪي ڏيندي ڦڪي کل منھن تي آڻيندي چيائين ته ”جمن تون ملان ٿي گيا هيئن“ ڇو ته ان وقت منھنجي ڏاڙهي چڱي وڏي هئي.
بھرحال جڏهن الله ڏيڻ چاهيندو آهي ته اسباب پاڻھي ٺھندا ويندا آهن. منھنجو تنوير گيلاني صاحب محسن آهي ۽ مان تنوير گيلاني کي محسن ڪري سمجھندو آهيان ۽ جڏهن به ملتان کان گذرندو آهيان ۽ ٽائيم جي اڻاٺ نه هوندي آهي ته مان ضرور تنوير سائين جو سلام ڪري پوءِ اڳتي ويندو آهيان. تنوير سائين هميشه مونکي ملتان ۾ پنھنجي گھر ۾ ڀائرن وانگر رهائيندو آهي. تنوير سائين مھمانوازي جو ڀڙ ۽ مھمان جي خدمت ڪرڻ ۾ وسان ڪين گھٽائيندو آهي. ناشتو هجي يا لنچ، ملتان جي کائڻ جي هر مشھور لذيذ کائڻ جي شئي سان ٽيبل ڀريل هوندي. وري پاڻ بار بار اٿي اهي شيون هڪ هڪ ڪري مھمان جي پليٽ ۾ وجھندو ويندو. اسان جڏهن به تنوير سائين وٽ ناشتو ڪندا آهيون ته سڄو ڏينھن ماني جي طلب ڪانه ٿيندي آهي، هو ايترو ته کنجي پيٽ ڀري ڇڏيندا آهن.
پروموشن کان اڳ مون سنڌ جي تقريباً سڀني ايم اين ايز ۽ سينيٽرس کي چيو ته سائين اسين هتي توهان جي خدمت ڪريون ٿا ۽ هيءُ منھنجو جائز حق آهي ۽ ٻيا دوست کلون ڪن ٿا ۽ ٽوڪ واري انداز چون ٿا ته سائين هاڻي ته سنڌي ماڻھو جي حڪومت آهي. مون چيو ته اهي هتان وارن جون ٽوڪون اسانکي ڏکيون ٿيون لڳن ۽ اندر سڙندو آهي، جڏهن هو اسان کي ايئن چون ٿا. سواءِ هڪ ٻن جي باقي سڀ چوندا هيا ته اسان بي وس آهيون.

اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ ۾ بدعنوانيون

الله جي حڪم سان مون وڃي سيڪريٽري انٽرفيٿ اينڊ نيشنل هارموني جي چارج ورتي. انٽرفيٿ اينڊ نيشنل هارموني جو ايئن ۾ ارڙهين ترميم کان پوءِ نالو رکيو ويو. انھيءَ کان اڳ هن منسٽري جو نالو منسٽري آف مينارٽي هيو. پاڪستان جي ايئن ۾ ارڙهين ترميم تحت مينارٽي منسٽري کي مرڪز مان ختم ڪري انھيءَ جي متعلق جيڪي به امور هيا، انھن سڀني کي صوبن جي حوالي ڪري ڏني وئي هئي. مينارٽي منسٽري جو هڪڙوئي اٽيچ ڊپارٽمينٽ هيو، جنھن کي پنجاب جي بيوروڪريسي ڇڏڻ نه پئي چاهي. اها هئي اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي ٽرسٽ بورڊ. جنھن جو هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ آهي. اي ٽي پي بي هڪ اهو ٽرسٽ آهي، جيڪو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت جيڪي هندو ۽ سک پاڪستان کان هندستان هليا ويا ۽ انھن جا مختلف نالن سان ٽرسٽ ٺھيل هيا. جن جي تحت ڪيترائي ادارا ۽ بزنس هلندڙ هيا. انھن ٽرسٽ جي ميمبرن جي وڃڻ ڪري اهي ادارا رولڙي جو شڪار ٿيا. نتيجي ۾ انھن ادارن جا مختلف خيراتي، تعليمي ۽ مذهبي جڳھن جي نظرداري نه ڪرڻ جي ڪري اهي تباه حال ٿيندا ويا. انھن ڇڏي ويل ٽرسٽ ادارن کي حڪومت پاڪستان هڪ ٽرسٽيز جو بورڊ ٺاهي، انھن ڇڏي ويل ملڪتين جنھن ۾ زرعي زمين، دڪان، ڪمرشل ۽ رهائشي عمارتون، تعليمي، خيراتي ادارا، مذهبي جڳھون وغيره سڀني جو انتظام انھيءَ جي حوالي ڪيو. جنھن ۾ ميمبر هندو، سک، پارسي ۽ عيسائي پاڪستان ۾ رهندڙن تي مشتمل هوندو آهي.
انھيءَ ڪري منسٽري آف مينارٽي جو نالو بدلائي منسٽري آف انٽرفيٿ اينڊ نيشنل هارموني رکي، اهي منسٽري آف مينارٽي جا سڀ ادارا هن نئين ٺاهيل وزارت جي حوالي ڪيا ويا. اهڙي طرح ٻيون به ڪيتريون ئي وزارتون آهن جن کي ايئن جي ارڙهين ترميم تحت مرڪز کان ڪڍي صوبن جي حوالي ڪيو ويو. جيئن زراعت، تعليم، صحت، معدنيات، ليبر وغيره وغيره.
انھن سڀني محڪمن کي مرڪزي سرڪار جي ماتحت رکڻ لاءِ نالن ۾ اهڙيءَ طرح ردوبدل ڪئي وئي، جو انھن وزارتن مان هڪ شئي به صوبن جي حوالي ٿيڻ نه ڏني وئي. پنجاب جي ان آفيسر گروپ جي منشا بغير ڪوئي اهڙو قانون هلي نٿو سگھي، چاهي پارليامينٽ ان کي پاس ڪيو هجي. مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن ايئن ۾ ارڙهين ترميم منظور ٿي ته اسانجي وڏي ڀاءُ جي آفيسرن پاڻ ۾ اها سس پس پئي ڪئي ته يار هاڻي ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن ايتريون وزارتون ختم ٿينديون ته اسان جي نوجوانن جا پروموشن رڪجي ويندا ۽ انھن محڪمن جي مٿان اسانجو ڪنٽرول ختم ٿي ويندو، اسان جا ماڻھو بيروزگار ٿيندا. اتي هڪ آفيسر چيو ته صرف بل پاس ٿيو آهي هٿ مان شيون نڪتيون ته ڪونه آهن. چيائين ته گيم ته هاڻي شروع ٿي آهي ۽ توهان اڳئي دل هاري ويٺا آهيو. اسان جا ماڻھو انھي پروجيڪٽ تي گھڻي عرصي کان ڪم ڪن ٿا ۽ توهان اطمينان رکو، توهان جا سڀ معاملا توهان جي هٿ ۾ رهندا. باقي هي غريب ووٽ وٺي آيا آهن انھن جي ٿوري دير لاءِ دل خوش ڪرڻ ڏيو. معني کل تڏهن جڏهن کٽين.
جيئن ته اقليتي وزارت جو نالو ختم ڪري انھيءَ جي ماتحت ادارو اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ اي ٽي پي بي کي نئين ٺاهيل ”وزارت بين المذاهب ۽ قومي يڪجھتي“ نالو ڏئي انجي ماتحت ڪيو ويو هيو. تنھنڪري منھنجي ذميواري ۾ اچي پيوته اي ٽي پي بي جي متعلق مامرن کي ڏسان ۽ انھيءَ کي صحيح طور هلائڻ ۾ مدد ڪرڻ هيو. تنھن ڪري بورڊ جي چيئرمين جي فيصلن خلاف اپيلون ٻڌڻ ۽ انھن تي فيصلو ڪرڻ جي اهم ذميواري هئي. جنھن وقت مون چارج ورتي ته هزارن جي تعداد ۾ چيئرمين جي ڪيل فيصلن خلاف اپيلون زير سماعت هيون. مون جڏهن لسٽ گھرائي ڏٺي ته اها ايتري وڏي هئي جو هڪ ٻن ڏينھن ۾ پڙهڻ محال هيو. انھن اپيلن کي ٻڌڻ لاءِ صرف ٽي جڳھون مقرر ڪيل هيون. اسلام آباد، لاهور، ڪراچي.
مون ڏٺو ته هر روز ڪيس رکيل هوندا هيا، سواءِ سومر ۽ جمعي جي. انھن ٻنھي ڏينھن تي ڪيس گھڻو ڪري لاهور لاءِ مقرر ٿيل هيا ڇو ته عمومن هن وزارت سان متعلق سيڪريٽري لاهوري هوندو هيو.
لاهور ۾ هڪ ته اتي هيڊڪورٽر هيو اي ٽي پي بي جو ٻيو لاهوري وڪيل نه پيو چاهي ته انھن ڪيسن جي ٻڌڻي لاهور کان ٻاهر هجي.
مون پھرين جيڪو شيڊول ڏنل هيو انھيءَ کي هڪ هفتو هلڻ ڏنو. انھيءَ دوران مان اسٽاف کي چيو ته ڪيسن جي ڊويزن جي حساب سان لسٽ ٺاهي ڏيو ته مان پوءِ انھي متعلق ڪوئي فيصلو ڪندس. جڏهن مون کي ڊويزن وائيز پيل اپيلن جي لسٽ ڏنائون ته مون ڏٺو ته اپيلون گھڻي قدر پنجاب جي لاهور، ملتان ۽ ڪراچيءَ جون ڪافي هيون. باقي ٻين ڊويزن جون به هيون. مون پھرين هفتي کان پوءِ هڪ مھيني لاءِ نئون شيڊول جاري ڪيو. ان شيڊول مطابق، هڪ ڏينهن لاهور سينٽرل پنجاب، ملتان سائوٿ پنجاب، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپور خاص، باقي اسلام آباد راولپنڊي ۽ڪي پي ڪي.
جڏهن مان اپيلون ٻڌڻ لاهور ويس ته وڪيل برادري جو وڏو جٿو اچي مون سان مليو ۽ چوڻ لڳا ته سائين اپيلون صرف لاهور ۾ ٻڌو ۽ ملتان وغيره جو چڪر ڇڏي ڏيو ۽ توهان اسان جي روزگار تي لت ٿا ڏيڻ چاهيو. مون هنن جو سڀ ڪجھه جيڪو هو چوڻ چاهن پيا، آرام سان ٻڌو. وڪيلن جو مقصد صرف اهو هيو ته جيئن ٻئي ڪنھن علائقي خاص طور تي سائوٿ پنجاب جي وڪيل کي فائدو نه پوي. ڇوته جيڪڏهن ملتان ۾ ڪيس هوندو ته لازمن ملتان يا بھاولپور جو وڪيل هوندو. مون وڪيلن کي چيو ته الله توهانجي روزي ۾ برڪت وجھي، مون کي رڳو اهو ٻڌايو ته مظلوم جي داد رسي ڪجي يا ان غريب کي رلائجي؟ چيائون ته سائين همدردي ڪجي ته مون چيو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته صادق آباد جو ماڻھو پنھنجي انصاف لاءِ لاهور اچي، جڏهن ته ملتان هن جي لاءِ وڌيڪ ويجھو پوي ٿو. مون چيو ته مون جيڪو فيصلو ڪيو آهي اهو سوچي سمجھي ڪيو آهي، تنھن ڪري سينٽرل پنجاب جا ڪيس لاهور باقي پنجاب جا ملتان. مون کي چوڻ لڳا ته سائين انھن وڪيلن کي ڪا ڄاڻ ناهي. وغيره وغيره
بھرحال ٻئي ڏينھن لاهور کان ملتان پھتس. ملتان ۾ ڪجھه وڪيل آيا ۽ سرڪاري وڪيل هڪ کوسه عورت هئي. چيائين ته سائين توهان اسان سائوٿ پنجاب وارن تي وڏو احسان ڪيو آهي. ٻڌايائين ته سائين مان سرڪار جي طرفان وڪيل آهيان، پر مونکي ڪيس ۾ پنجابي پيش ٿيڻ ڪونه ڏيندا آهن. بھرحال پھريون دفعو هيو جو اتان جي ڪيسن جون اپيلون اتي ٻڌڻ لاءِ ڪورٽ لڳي. ملتان جا وڪيل اچي پيش پيا، جن پھرئين پيشي تي ٻي ٻڌڻي جي تاريخون ورتيون ته جيئن هو ڪيس جي تياري ڪري سگھن مون انھن کي اها سھولت مھيا ڪئي.
ٻئي دفعي مان جڏهن لاهور ويس ته وڪيلن جارويه ڪجھه بدليل هيا. وڪيلن جي طرفان چيو ويوته توهان اها زيادتي ڪئي جو ملتان ۾ اپيلون ٻڌڻ لاءِ وڃو ٿا، اسان کي اهو قبول ناهي ۽ اسين هتي بائيڪاٽ ڪنداسين. مون چيو ته ڪوئي فرق ڪونه ٿو پوي، توهان لاهور ۾ بائيڪاٽ ڪيو مان اڳتي لاهور ڪونه ايندس باقي لاهور جي بجاءِ مان گجرانوالا ۽ ساهيوال ۾ هرپندرهين ڏينھن رکندس توهان ڀلي نه اچو. وڪيل خاموش ٿي ويا ۽ٻاهر وڃي پاڻ ۾ مشوره ڪرڻ لڳا. مان باقي جيڪو ڪيسن جي اپيلن کان سواءِ معاملات هيا، انھن کي اڪلائڻ ۾ لڳي ويس. پٽيوالو آيو چيائين ته سائين وڪيل توهان سان ملڻ ٿا چاهن. مون انھن کي چيو ته ڏهه منٽن کان پوءِ توهان اچو. ڏهن پندرهن منٽن کان پوءِ چار پنج سينيئر وڪيل آيا ۽ چوڻ لڳا ته اسان پنھنجا چيل لفظ واپس ٿا وٺون ۽ اسان توهان سان مڪمل سھڪار ڪنداسين ۽ توهان جڏهن چاهيو لاهور اچو، اسان جون اکيون ٿڌيون. مون انھن کي هڪڙو ڪاغذ کڻي ڏيکاريو ته مون ته هي پروگرام گجرانوالا ۽ ساهيوال جي تيار ڪري ڇڏيو آهي. چيائون ته سائين بس توهان انھي ڳالھه تان لھي وڃو، اسين سڀ توهان وٽ آيا آهيون. مون چيو ته ٺيڪ مان ان ڪاغذ انھن جي سامھون ڦاڙي ردي جي ٽوڪري اڇليو، وڪيل خوش ٿي ڪڏندا ويا.
گھڻي قدر اپيلون دڪانن جي ڪرائي جي وڌايل رقم خلاف هيون. هڪ هڪ اپيل ۾ سؤ جي لڳ ڀڳ دڪاندارن گڏجي اپيلون ڪيون هين. مون انجو آسان طريقو استعمال ڪڍيو. جنھن جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ ڪيس ٻن مھينن جي اندر اڪلائي ڇڏيا.
سرڪاري وڪيل، اپيل ڪندڙن جو وڪيل ۽ اپيل ڪندڙ جي پنج ڇھه ماڻھن کي گڏ ويھاري ميوچل انڊراسٽينڊنگ ڪرائي، انھن ٽنھي کي چيو ته توهان پاڻ ۾ ويھي اڌ ڪلاڪ ۾ اهڙي ڪرائي تي متفق ٿي اچو، جنھن ۾ نه ڊپارٽمينٽ کي نقصان پھچي نه وري دڪاندار کي ڏکيائي ٿئي پر دڪان جو ڪرايو هر حال ۾ موجوده ڪرائي کان پنجاهه سيڪڙو واڌارو هجي، انھي کان گھٽ نه هجي. عمومن ستر اسي سيڪڙو واڌ ۾ فيصلو ڪري درخواست لکي ڏيندا هيا ته اسان کي هيترو ڪرايو قبول آهي ۽ اسان اپيل واپس ٿا وٺون. انھي ڪرڻ سان ڊپارٽمينٽ جي آمدني وڌڻ شروع ٿي وئي ۽ ڪيسن جو تعداد به ڪافي گھٽجي ويو. يعني جيترا گذريل ٽن سالن ۾ اپيلون اُڪلايون ويون هيون انھي کان وڌيڪ ٻن مھينن ۾ اپيلون اڪلائجي ويون.
ڪجھه ڪيس اهڙا به هوندا هيا، جن ۾ ڏاڍيون پيچيدگيون هونديون هيون. تنھن ڪري اهڙي قسم جي ڪيسن لاءِ ڪافي مغز ماري ڪرڻي پوندي هئي، ڇوته گھڻا اهڙا ڪيس هيا، جيڪي سپريم ڪورٽ اپيلون سماعت ڪري فيصلي ڪرڻ لاءِ موڪليون هيون. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سول جا ڪيس ڪيتري عرصي کان پوءِ سپريم ڪورٽ تائين پهتا هوندا.
مان رڳو هڪ اهڙي ڪيس جو ٿوروتفصيل لکان ٿو، ان مان اندازو ٿي ويندو ته غريب ۽ بي پھچ ماڻھو سان ڪيتري نه زيادتي ٿئي ٿي.

اويڪيو ٽرسٽ جي حوالي سان هڪ پراڻي ڪيس جو قصو

اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ (ETPB) 1975ع ۾ اسيمبلي ايڪٽ پاس ڪيو ته جيئن هندو ۽ سک جيڪي مختلف خيراتي ادارا، تعليمي ادارا، مذهبي عبادتگاهون، ۽ ٽرسٽ کي وقف ڪيل پراپرٽيون چاهي اهي شھري علائقي ۾ هيون، يا ٻھراڙي ۾ زرعي زمينون وغيره هيون ۽ ڇڏي هندستان هليا ويا، انھن جي وڃڻ ڪري اهي سڀ اداره بدنظمي جو شڪار ٿي تباهي جي ڪناري پھتل هيا، انھن جي سار سنڀال لھڻ خاطر مرڪزي سرڪار ٽرسٽ بورڊ ٺاهيو. ٽرسٽ جي چيئرمين جي اپوائنٽمينٽ مرڪزي سرڪار جي ڪنٽرول ۾ رکي وئي. اي ٽي پي بي جي چيئرمين کي اختيار مليل آهي ته ڪابه اهڙي ملڪيت جنھن جو ٽرسٽي ڪنھن به سبب جي ڪري ملڪيت جي سنڀال ڪرڻ جي لائق ناهي، ته اها پراپرٽي چيئرمين هڪ آرڊر پاس ڪري پنھنجي تحويل ۾ وٺي سگھي ٿو.
پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪيترائي خيراتي ادارا ٽرسٽ تحت هلندڙ هيا، جيڪي ورهاڱي جي ڪري ٽرسٽي هتان لڏي هندستان هليا ويا جنھن ڪري اهي ادارا رولڙي جو شڪار ٿي ويا. جيئن ته اهي ڇڏي ويل ادارا ۽ ادارن سان لاڳاپيل شھري ۽ زرعي زمينون قيمتي ٿي ويون آهن، تنھن ڪري انھي ملڪيت جي حاصلات ۽ قبضي خاطر ڪيترائي ڪيس هلندا رهن ٿا. اي ٽي پي جي ايڪٽ کان پوءِ ڪيترائي اهڙا ڪيس به ٿيا آهن جن جي ڪري حقيقي وارث رولڙي جو شڪار ٿيا آهن. جڏهن کان اي ٽي پي بي ٺھيو آهي، انھيءَ کان وٺي اڄ تائين بورڊ جا چيئرمين سڀ مسلمان رهيا آهن. هينئر تازو سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته مرڪزي سرڪار بورڊ جو چيئرمين پاڪستان جي اقليتي فرد مان لڳائي. اڄ تائين اي ٽي پي بي جا چيئرمين سڀ پنجاب سان واسطو رکندڙ ماڻھو رکيا ويا آهن، سواءِ هڪ ٿوري عرصي لاءِ بي بي شھيد جي وزيراعظم واري وقت ۾، جنھن جو تعلق بلوچستان سان هيو. گھڻي قدر چيئرمين سياسي پارٽي جي ڪنھن ويجھي دوست کي لڳايو ويندو رهيو آهي، تنھن ڪري بورڊ جي ملڪيتن جي صحيح معنيٰ ۾ سار سنڀال گھٽ پر ذاتي سار سنڀال تي گھڻو توجهه رهيو آهي. سورهين گريڊ جي ملازم رکڻ تائين سڄا پاور چيئرمين جا هوندا آهن، تنھنڪري ملازمن جي ڀرتي ۽ پوسٽنگ ۾ به زياده تر ترجيح پنجاب جي ماڻھن کي ڏني ويندي رهي آهي. جنھن جي ڪري ننڍن صوبن جي ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ هميشه کان موجود آهي.
جيئن ته چيئرمين ڪنھن سياسي جماعت جو ماڻھو هوندو آهي، تنھنڪري هو هميشه پنھنجي پارٽي جي منشور مطابق اي ٽي پي بي کي هلائيندو آهي. انھيءَ ڪري سياسي بنيادن تي فيصلا ڪرڻ جي ڪري بورڊ ۾ ڪرپشن ۽ ٻيون خرابيون زور پڪڙينديون وڃن ٿيون. مون وٽ هڪڙي اپيل سپريم ڪورٽ ٻڌڻ خاطر موڪلي. جنھن جو مان ٿورو مختصر ذڪر ڪندس ته ڪيئن سياسي بنياد تي ڪنھن شخص سان زيادتي ٿئي ٿي.
جيئن ته هيءُ ڪيس پراڻو ۽ مون وٽ رڪارڊ موجود ناهي، تنھن ڪري شايد انھيءَ ڪيس جون گھڻيون ڳالھيون مونکان رهجي وينديون.
جيئن ته چيئرمين اي ٽي پي بي کي اها پاور مليل آهن ته جيڪڏهن ڪنھن ملڪيت ۾ ٽرسٽ پراپرٽي هجڻ جو ڪو ثبوت ملي ٿو وڃي، ته انھي ملڪيت کي ٽرسٽ پراپرٽي ڊڪليئر ڪرڻ جا اختيار آهن.
ڪيس جو ٿورو تفصيل جيڪو ياد اچي ٿو، اهو هن طرح هيو. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ هڪ سک هيو، جنھن جوخانداني لقب ۾ گرو جو نالو ايندو هيو. پنھنجي علائقي جو وڏو زميندار هيو ۽ بااثر ماڻھو هيو. 1946ع ۾ هو هڪ مسلمان جويه قبيلي جي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ چاهي پي، تنھن ڪري هن مسلمان ٿي پنھنجو نالو غلام رسول رکيو. هڪ سال کان پوءِ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو. غلام رسول اتي پاڪستان ۾ رهيو ۽ هن جي برادري ۽ ٻيا سک هتان هندستان لڏي ويا. غلام رسول جيئن ته مسلمان ٿيو هيو، تنھن ڪري پنھنجي ملڪيت تي ويٺو رهيو. غلام رسول کي هڪ پٽ جي اولاد ٿي، جنھن جو نالو چوڌري منور رکيو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ تقريباً پنج ست سال پوءِ غلام رسول فوت ٿي ويو. ورثي ۾ هڪ پٽ ۽ گھر واري لاءِ تقريباً تيرهن سو ايڪڙ زمين ڇڏي ويو. غلام وسول جي مرڻ کان پوءِ اتان جو با اثر سياسي شخصيت ڊوگر قبيلي جي ماڻھو جي نظر ان ملڪيت تي هئي. ڊوگر غلام رسول جي بيواهه ڏانھن پيغام موڪليو ته تون مون سان شادي ڪر. بيواهه انھيءَ پيغام کي ٺڪرايو، جنھن تي ان ڊوگر ٻيو پيغام موڪليو ته جيڪڏهن شادي مون سان نٿي ڪرين ته زمين مان اڌ مونکي ڏي، جنھن جو به بيواهه انڪار ڪيو. بيواهه جو هڪ پٽ ۽ اهو به صغير سو پريشان ٿيڻ هڪ لازمي ڳالھه آهي. ڊوگر سٺ واري ڏهاڪي ۾هڪ خون جي ڪيس ۾ بيواهه جي پٽ کي ڦاسائي ڇڏيو. صغير هجڻ جي بنياد تي بيواهه جو پٽ ضمانت تي آزاد ٿي آيو. جڏهن بيواهه جو پٽ ارڙهن سالن کان وڏي ڄمار جو ٿيو ته ٻيھر هڪڙي ٻئي ڪوڙي خون جي ڪيس ۾ وري 1968ع ۾ گرفتار ڪرايو، جنھن ۾ بيواهه نور بي بي جو پٽ تيرهن سال جيل ۾ رهيو. دوران جيل منور جي ماءُ ۽ مامو فوت ٿي ويا. ڊوگر ممتاز جي هارين سان ملي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب ڪونه ٿيو. 1975ع قومي اسيمبلي بل پاس ڪري اي ٽي پي بي جو بنياد رکيو. 1977ع ۾ ڊوگر چيئرمين اي ٽي پي بي کي درخواست ڪنھن جي معرفت ڪرائي ته غلام رسول جي ملڪيت ٽرسٽ پراپرٽي قرار ڏني وڃي، ڇو ته غلام رسول هڪ گرو هيو ۽ گرو هميشه ٽرسٽ جي ملڪيت جي صرف سنڀال ڪندو آهي، تنھنڪري انھي سموري ملڪيت کي ٽرسٽ پراپرٽي تصور ڪيو وڃي. رڪارڊ ۾ غلام رسول جي پراڻي نالي سان گرو وارو لفظ لکيل هيو تنھن بنياد تي ڊوگر ڪامياب ٿي ويو ۽ 1977ع ۾ چيئرمين آرڊر پاس ڪندي ان سڄي ملڪيت جيڪا تقريباً تيرهن سو ايڪڙ هئي ان کي پنھنجي تحويل ورتو ۽ اها زمين مقامي هارين ۽ ٻين اثر رکندڙ ماڻھن کي ليز تي ڏئي ڇڏي، جيڪا هر سال ليز مني اي ٽي پي بي جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندي رهي.
تيرنهن سال جيل ڪاٽي چوڌري منور ٻاهر آيو، جنھن انھي چيئرمين جي فيصلي کي سول ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ۽ ڪيس کٽيو. انھيءَ کان پوءِ اپيل در اپيل جوسلسلو هلندو رهيو. آخرڪار اهو سلسلو وڃي سپريم ڪورٽ تائين پھتو. قبضو بدستور اي ٽي پي بي جو رهيو. ان سڄي عرصي ۾ ممتاز غريب وڃي بکن تي پلندو رهيو ۽ مختلف ماڻھو اچي انھيءَ صورتحال مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ممتاز سان لھه وچڙ ۾ ايندا رهيا ته اسين ڪيس ٿا وڙهون ۽ تو کي به ڪجھه مالي امداد ٿا ڪيون تون اسان سان سيل اگريمينٽ ڪر. وغيره وغيره. جيئن ته هن وٽ ايڏي وڏي محلات نما حويلي کي سنڀالڻ لاءِ ڪجھه ڪونه بچيو هيو تنھن ڪري حويلي به کنڊرات ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي. ڪجھه ايراضي تي ڪن ماڻھن سان ڪجھه سيل ايگريمينٽ به ڪيون، پر جيئن ته اهي ڪيس اڳتي ڪري نه سگھيا ته پوءِ اهي پوئتي هليا ويا.
جنھن وقت اهو ڪيس مون وٽ ٻڌڻي خاطر آيو ته انوقت ٻه وفاقي وزيرن ممتاز جي خلاف مون سان اچي رابطو ڪيو ته ماڻهون موڪليان ٿو ۽ انھي جي مدد ڪر. ٻئي وفاقي وزير وري هڪ ٻئي ماڻھو کي موڪليو ته ماڻھو توڏانھن موڪليان ٿو انھيءَ جي مدد ڪر. مونکي انھن جي موڪليل ماڻھن جي اچڻ کان اڳ ڪا خبر نه هئي ته مسئلو ڇاآهي. بھرحال ٻئي ماڻھو جدا جدا اچي مليا. جنھن وقت اچي مون سان مليا ته منھنجو دماغ چڪرائجي ويو. ٻئي موڪليل ماڻھو انھن وزيرن جا خاص ماڻھو ۽ اهي ٻئي وزير وري زرداري جا پنجاب ۾ خاص ماڻھو ۽ هڪ انھن مان پارٽيءَ جو صوبائي صدر به هجي. انھن ٻنھي ماڻھن کي هڪ فائيل هٿ ۾ هيو، ان جي اندر زمين متعلق ڪجھه ڪاغذ ۽ انھن سان گڏ هڪ ججمينٽ ٽائيپ ٿيل جون ٻه ڪاپيون. ٻنھي جي طرفان ٽائيپ ٿيل فيصلي جي ڪاپي ٿوري فرق کان سواءِ حاصل مطلب هڪڙو. ڇوته ته اهي ٻئي فيصلا هر هڪ پنھنجي وڪيل کان لکرائي ٽائيپ ڪرائي کڻي آيا هيا.
ٻئي ڏينھن تي ڪيس جي ٻڌڻي رکيل هئي ۽ منھنجي سروس جو آخري ڏينھن هيو. منھنجي لاءِ اهو ڏينھن وڏي اذيت سان گذريو، جڏهن پھريون ماڻھو مليو ۽ مونکي فائيل ڏئي چيو ته سائين مان توهان سان ڊيل ڪرڻ آيو آهيان. مون چيو ته هي آفيس آهي ڊيل ڇاجي؟ چيائين ته سائين فائيل پوءِ وڃي گھر پڙهجو، مان توهان کان اجازت گھران ٿو ته مونکي اڄ ڪھڙي وقت به چئو مان توهان جي گھر اچي توهان جي امانت توهان کي پھچايان. توهان لاءِ ساڍا پنج ڪروڙ روپيه ڪيش کڻي آيو آهيان، گاڏي ۾ پيا آهن. توهان صرف جيڪو فيصلو لکي ٽائيپ ڪرائي کڻي آيو آهيان، ان تي دستخط ڪري سڀاڻي اسان کي ڏيو. ٻئي وزير جوماڻھو آيو ان به ساڳي انداز ۾ اچي چيو ۽ اجازت وٺڻ گھري ته مان توهانجي امانت توهان کي گھر پھچائي وڃان، منھنجي گاڏي جي ڊگي ۾ پوڻا ٽي ڪروڙ ڪيش پيو آهي جيڪو توهان کي پھچائي ڏيڻو آهي. توهان صرف هي فائيل اٿو ان ۾ هڪ عرض نامو لکيل آهي، سڀاڻي انھيءَ تي دستخط ڪري ڏيندا. غصو ته ڏاڍو آيو پر خاموش ٿي ويم، جو مون وٽ ثبوت ڪونه هجي ها جيڪڏهن مان مٿي رپورٽ ڪيان ها. ڇوته انھن جيڪو ڪجھه چيو اهو زباني هيو ۽ ڪير شاهد به ڪونه هيو ۽ منھنجي نوڪري ۾ ڪل چوويھه ڪلاڪ وڃي بچيا هيا.تنھن ڪري مان خاموش رهيم، ڇو ته انھي کان پوءِ ڪير انھي ڳالھه کي اڳتي ڪونه ڪري ها. مون ڪنھن طرح سان چوڌري منور سان اڪيلي ۾ ملڻ چاهيو ته جيئن خبر پوي ته اصل ڳالھه ڇاآهي؟ منور اچي مليو، هن سڄي حقيقت ڪئي، مون هن کي تسلي ڏني ته انشاءَ الله مان تو سان زيادتي ڪونه ڪندس. باقي دعا ۾ ياد رکجائين. ٻئي ڏينھن تي جيئن آفيس پھتس ته هڪ وفاقي وزير جو فون آيو ۽ چيائين ته ڪيس پوءِ ٻڌ، مون سان اچي مل يا مان ايڏانھن اچان ۽ اشارن ۾ چئي ويو ته اسان توکي اتي رکڻ چاهيون ٿا. مون چيو ته ٿوري دير کان پوءِ مان اچان ٿو.
مان رات جو پنھنجي محبوبه سان سڄو احوال ڪيو ته اڄ هئين ٿيو آهي ۽ منھنجي محبوبه چيو ته هڪ ماڻھو آيو هيو، جنھن وقت تون آفيس ۾ هئين ۽ هڪ ڪارو ٿيلهو بورچي کي ڏئي ويو ته هي ڪاغذ آهن صاحب کي ڏجو. مون چيو ته اهو ٿيلهو ڪٿي آهي؟ چيائين ته ٻاهرين ڪمري ۾، جتي تنھنجا ٻيا به ڪاغذ پٽ ايندا آهن . مون کي خيال ٿيو ته متان ڪو ضروري ڪاغذ هجن، سو مون وڃي ڪاغذ جي بھاني آيل ٿيلهي کولي ڏٺي. مون ڏٺو انھي ۾ ڪارا نانگ، يعني سوا ڪروڙ ڪيش ۽ چٽ پئي هئي باقي فيصلي کان اڳ پھچائي ويندس فيصلو توهان بعد ۾ ڪجو. اسان ٻئي پريشان ٿي وياسين سڄي رات بيقراري ۾ گذري. ٻئي ڏينھن وزير جي فون کان پوءِ مون ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ۽ ڪيس جي مون چڱي طرح پڙهي سمجھيو هيو ٻنھي ڌرين جا وڪيل پنھنجو موقف بيان ڪرڻ لڳا، مون الله جي ذات تي ڀروسو ڪندي چوڌري منور جي حق ۾ فيصلو ڏئي چيئرمين ڏانھن موڪليو ته هنن شين جا جائزو وٺي ڪيس کي جلدي اڪلاءِ. پنجن ڏهن منٽن کان پوءِ گھر کان فون آيو ته ڪالھه وارو ماڻھو آيو ۽ بورچيءَ سان مليو ۽ واپس ٿيلھو کڻي ويو. مون چيو الحمدالله.
چيئرمين فيصلي ڪرڻ ۾ ڪجھه دير ڪئي، منور هاءِ ڪورٽ لاهور ۾ ويو ۽ هاءِ ڪورٽ منھنجي فيصلي کي برقرار رکندي ڊسمبر 2018ع ۾ چوڌري منور جي حق ۾ فيصلو ڪيو. ٻي ٽي مھينه اڳ ممتاز فون ڪري ٻڌايو ته سائين توهان جي ڪري منھنجي ملڪيت بچي وئي. پاڪستان ۾ اهڙي قسم جا ڪم هر علائقي ۾ ٿيندا رهن ٿا، اهو صرف سنڌ ۾ ناهي پر پنجاب ۾ اهڙي قسم جي ڪمن کا گھٽتائي ڪانھي.

ڪٽاس راج مندر ماضيءَ جو عظيم شاهڪار

جنھن ڏينھن منھنجي سرڪاري نوڪريءَ کان باعزت رهائي ٿئي پئي، ته ٻه ڏينھن اڳ ۾ پريزيڊنٽ هائوس مان پرنسپل سيڪريٽري مسٽر سلمان فاروقي صاحب جو فون آيو ته ڪٽاس راج مندر وڃ، ۽ انھي متعلق رپورٽ اچي سڀاڻي موڪل. منهنجي پڻ تاريخي ماڳن کي ڏسڻ لاءِ دل آتي هوندي آهي، سو بجاءِ مان ڪنھن ٻئي کان رپورٽ وٺڻ جي لاءِ چوان، سو مون پاڻ ڪٽاس راج مندر وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اسلام آباد کان ڪٽاس راج مندر پھچڻ لاءِ مونکي تقريباً پوڻا ٻه ڪلاڪ کن لڳا. اسلام آباد کان موٽروي جي رستي ڪلرڪھار کان انٽرچينج وٽان چوه سيدان شاهه وارو رستو ورتو، جيڪو تقريباً پندرنهن سورنهن ڪلوميٽر ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڳوٺ نظر آيو ۽ ڳوٺ جي اوڀر ڏکڻ طرف هڪ تارن سان لوڙهو لڳل ڏسڻ ۾ آيو. چڪوال جو اسسٽنٽ ايڊمنسٽريٽر اوقاف ڪلرڪھار انٽرچينج وٽ انتظار ۾ ويٺو هيو، جيڪو اتان مون سان گڏ گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺو. تنھن ٻڌايو ته اهو جيڪو روڊ جي سڄي هٿ تي مندر ٺھيل آهي، اهو ڪٽاس راج مندر آهي ۽ ڳوٺ جو نالو ڌلميال آهي. منھنجي پھچڻ کان اڳ وائيس چيئرمين اي ٽي پي بي چوڌري صاحب لاهور کان اتي اچي پھتو هيو. وائيس چيئرمين سان گڏ پنجاب جو سيڪريٽري ورڪس به آيل هيو. اهي لاهور کان جي ٽي روڊ رستي آيا هيا. جھلم کان پوءِ دينا کان کٻي طرف رستو نڪري ٿو، جيڪو سڌو ڪٽاس راج مندر کان گذري ڪلرڪھار ۽ اتان چڪوال وڃي ٿو. ٽيون رستو جيڪڏهن راولپنڊي اسلام آباد کان جي ٽي روڊ رستي ايندو ته مندره کان پوءِ سڄي طرف چڪوال ڏانھن رستو مڙي ٿو، اتان اچي سڌو چوه سيدان شاهه وارو رستي تي ڪٽاس راج مندر پنھنجي عظيم ماضي جو ٺھيل شاهڪار رستي تي نظر ايندو.
ڪٽاس راج مندر، هندو مذهب ۾ وڏي اهميت جي نگاه سان ڏسندا آهن. هندو مذهب ۾ اهو مذهبي لحاظ کان ٻئي نمبر تي مڃيو ويندو آهي. ڪٽاس راج مندر جو خاص ڪري پاڻي هندو مذهب وارا مقدس سمجھندا آهن. پاڻي جو تلاءُ ڪو ايترو وڏو ناهي، پر منھنجي حساب سان اٽڪل اڌ جريب يا ٿورو انکان وڌيڪ هوندو. پاڻيءَ ۾ هيٺ لھي وڃڻ لاءِ پٿر جون ڏاڪڻيون ٺھيل آهن. مان جنھن وقت ڏٺو ته ان وقت پاڻي ڪافي هيٺ هيو. اهو هڪ قدرتي چشمو آهي. اهو پاڻي هندو مذهب سان واسطو رکندڙن لاءِ آب زم زم کان گھٽ ناهي.
هندستان جي اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگھه جو ڳوٺ به انھيءَ مندر جي آس پاس هيو. 2005ع ۾ ايل ڪي اڏواڻي ڪٽاس راج مندر تي زيارت لاءِ آيو هيو، جنھن کان پوءِ هن مندر جي سار سنڀال لھڻ لاءِ ڪجھه ديان ويو. ڪٽاس راج مندر هڪ تمام قديمي مندر آهي، ڪن جي چوڻ مطابق اهو حضرت عيسيٰ عليه السلام کان ٽي سؤ سال اڳ جو آهي، پر انھيءَ لاءِ ڪا حتمي تاريخ ڪنھن وٽ محفوظ ڪانه هئي. ٿي سگھي ٿو ته ڪنھن تاريخدان وٽ ان سلسلي ۾ رڪارڊ موجود هجي، پر جن کان مون پڇيو اهي سڀ مختلف دور جون ڳالھيون پيا ڪن. بھرحال عمارت مان لڳو پئي ته ڪافي پراڻي اڏاوت ٿيل آهي. پاڻي جي تلاءُ کان اوڀر ڏکڻ طرف روڊ جي کٻي پاسي هڪ ريسٽ هائوس ٺھيل آهي، جتي ڪو ٻاهريون مھمان ايندو آهي ته اتي اچي رهندو آهي. جڏهن ايل ڪي اڏواڻي هتي مندر تي آيو هيو ته چوڌري پرويز الاهي ان دوري ۾ گڏ هيو، اڏواڻي صاحب سان. اڏواڻي صاحب پاڻ يا پرويز الاهي انھيءَ مندر جي پوري علائقي جي تعمير لاءِ ڏهه ڪروڙ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. مون کي چڱي طرح ياد ناهي پر منھنجو قوي گمان آهي ته اڏواڻي صاحب هندستان سرڪار جي طرفان رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو هيو. جڏهن پئسه هندستان سرڪار ڏنا ته پنجاب گورنمينٽ اهي فنڊ پاڻ وٽ رکيا ۽ چيو ته اي ٽي پي بي وٽ فني مھارت ناهي تنھنڪري پنجاب سرڪار انھن پئسن کي ڪٽاس راج مندر کي اصل حالت ۾ آڻڻ لاءِ ڪتب آڻيندي. ڪٽاس راج مندر هوندو اي ٽي پي بي وٽ پر اهي پئسه پنجاب سرڪار جي معرفت خرچ ٿيندا. انھيءَ ڪري پنجاب جو سيڪريٽري ورڪس انجنيئر سميت اچي اتي پھتو هيو. تقريباً ست اٺ سال گذرڻ کان پوءِ به هڪ به سر ڪانه لڳي هئي. جڏهن مون سيڪريٽري ورڪس پنجاب کان پڇيو ته چوڻ لڳو ته آرڪيٽيڪٽ انگيج ڪيو آهي ۽ ان اڃان رپورٽ ناهي ڏني، اميد ته جلدي ڪم شروع ڪنداسين. اتي جڏهن مون سيڪريٽري ورڪس پنجاب کان بريفنگ ورتي پئي ته مسٽر سلمان فاروقي پرنسپل سيڪريٽري پريزيڊنٽ جو فون آيو. مون فاروقي صاحب کي پوري حقيقت ٻڌائي ته سرزمين تي ڪو به ڪم ٿيل ناهي. جيڪي تارون چوڌاري لڳايو ويون آهن، مختلف هنڌن تان ٽٽل آهن، تنھنڪري ڳوٺ وارن جو مال متاع اتي آزادي سان گھمي ڦري ٿو. هندستان سرڪار جيڪا رقم موڪلي هئي، سا اڄ تائين پنجاب جي اڪائونٽ ۾ پئي آهي. سيڪريٽري ورڪس پنجاب ٻڌائي ٿو ته ڪم انھيءَ ڪري اڳتي هلي ناهي سگھيو آهي جو آرڪيٽيڪٽ اڃان رپورٽ ناهي ڏني، وغيره وغيره. فاروقي صاحب پڇيو ته تنھنجي رٽائرمينٽ ڪڏهن آهي؟ مون چيو ته الحمدلله ٻئي ڏينھن. مونکي چيائين ته منھنجو هڪڙو چوڻ ڪندين؟ مون چيو ته سائين حڪم ڪيو. چيائين ته تون چوڌري شجاعت کي چئو ته مونکي تنھنجي لاءِ چئي، ته نوڪري جي مدي ۾ واڌارو ڪيون. چوڌري صاحب صرف مونکي چئي باقي مان چوڌري صاحب جي ريفرنس سان زرداري صاحب کان اجازت وٺي ٻه ٽي سال توکي رکڻ منھنجو ڪم. مون عرض ڪيو ته سائين بس هاڻي وڌيڪ نوڪري ڪرڻي ناهي! تنھن ڪري مان چوڌري صاحب کي ڪونه چوندس. مان واپس موٽي آيس. منھنجو منسٽر صاحب ملڪ کان ٻاهر ويل هيو ۽ منسٽر آف اسٽيٽ مسٽر اڪرم گل صاحب منھنجي آفيس آيو، مون چانھه جي صلاح ڪئي، پاڻ ويٺا ۽ مونکي چوڻ لڳو ته جمن تون ايڪسٽينشن لاءِ
ڪنھن کي چيو آهي، يا نه؟ مون چيو ته سائين نه ڪنھن کي چيو اٿم، نڪي ڪنھن کي چوڻ جو ارادو آهي. مون کيس ٻڌايو ته مسٽرفاروقي صاحب هيئن چيو ۽ مون کيس جواب ڏئي ڇڏيو. مونکي چوڻ لڳو ته مان ڪوشش ڪريان؟ مون چيو ته سائين توهانجي مھرباني پر منھنجو ڪوئي ارادو ناهي. منسٽر صاحب چانھه پي هليو ويو، مون کيس ٻاهر وڃي خدا حافظ چئي واپس اچي آفيس جو رهيل ڪم شروع ڪرڻ ۾ لڳي ويس. اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ اڪرم گل جو فون آيو ته ڄامڙو صاحب ڪٿي آهين؟ مون ٻڌايو ته سائين آفيس ۾ ويٺو آهيان، حڪم. چيائين ته مان ايف سيون ۾ چوڌري شجاعت جي بنگلي تي ويٺو آهيان ۽ مون چوڌري صاحب سان ڳالھائي ڇڏيو آهي ۽ چوڌري صاحب توسان ملڻ ٿو چاهي. مان پنھنجي منسٽر جي ڪري اتي ويس. گيٽ تي اڳئي چيل هيو، مان جيئن گاڏي مان لٿس ته مون کي ماڻھو اندر وٺي هليو. مان ويس ته وزير صاحب، چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي سان تعارف ڪرايو، ڏاڍي عزت سان ٻئي مليا. چوڌري شجاعت جي چيل لفظن کي سمجھڻ لاءِ ڪافي متوجھه ٿيڻو پيو پوي. چوڌري شجاعت پڇيو ته فاروقي توکي ڇا چيو؟ مون ٻڌايومانس ته هي لفظ چيا اٿس. چوڌري شجاعت چيو ته مان فاروقي سان ڳالھايان ٿو پر ڪم ڪونه ڪندا. مون چيو ته سائين توهانجي مھرباني، توهان نه چئوس. مونکي چيائين ته گل صاحب کي مان ناراض ڪونه ڪندس. وڌيڪ چيائين ته جيڪڏهن فاروقي ايئن چوي ها ته مان زرداري صاحب سان ان متعلق ڳالھايان ته پوءِ تنھنجو ڪم ڪري ها. هينئر صرف توکي جيڪو چيو اٿئين ۽ اها سڀ ٽرڪ فاروقي جي آهي. منھنجي سامھون فاروقي صاحب کي فون ڪري چيائين ته جمن ڄامڙو کي ايڪسٽينشن ڏيو، ۽ منھنجي طرفان صدر صاحب کي چوندا. مان موڪلائي واپس آفيس آيس.
ٻئي ڏينھن مان آفيس ۾ ويٺو هيس ته زرداري هائوس تان فون آيو، جنھن ٻڌايو ته مان آغا آهيان، نالو مونکي ياد ناهي پر آغا ذات هيس. مونکي چيائين ته تون سنڌ کان واقف آهين، تنھنڪري ڪجھه اهڙيون اسڪيمون ٺاهي کڻي صبح جو نائين ڏهين ڌاران زرداري هائوس تي اچي وڃ. مان سنڌ ۾ دوستن سان رابطو ڪري اسڪيمن لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
مان چار پنج پنھنجي پر ۾ سٺيون ۽ سنڌ کي جنھن مان فائدو پوندو. ترقياتي اسڪيمون ٺاهي هڪ فائيل تيار ڪيو. جنھن ۾ هڪ روهڙي ڪئنال کي پڪو ڪرڻ ۽ ٻنھي ڪنارن سان روڊ جي تعمير ته جيئن سنڌ جي ماڻھن کي هڪ متبادل رستو هوندو، ٻيو ته جيڪڏهن ٻئي پاسا پڪو روڊ ٺھندو ته روهڙي ڪئنال کي کنڊ ڪونه پوندو، ٻيو واهه جي پڪي ٿيڻ سان پاڻي جو وهڪرو تيز ٿيندو ۽ سم گھٽبي، ٽيون ته روهڙي ڪئنال تي صرف خيرپور ضلعي جي حد ۾ ٻه اهڙيون جايون آهن جتان سنڌ جي کپت جي تقريباً اڌ جيتري بجلي ٺھي سگھي ٿي.
ٽنڊومستي فال، گڏيجي ريگيوليٽر وٽ انھن ٻنھي جاين تي پاڻي جو وهڪرو ڪافي تيز آهي. گھوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ کي ملائڻ لاءِ درياءَ سنڌ تي پل. ٻه ٽي رستن جون اسڪيمون ٺاهي تيار يون ڪيون.
27 جولاءِ 2012ع تي رمضان المبارڪ جي پھرئين تاريخ هئي. انھيءَ بابرڪت مھيني جي پھرئين تاريخ تي منھنجي رٽائرمينٽ هئي.
28 جولاءِ تي ٻئي روزي سان پھريون دفعو زرداري هائوس لاءِ اسڪيمون ٺاهي وڃي اتي پھتس. اندر داخل ٿي اڳتي ويم ته آغا صاحب مليو، جنھن مونکي ڊرائنگ روم ۾ ويھاريو. ڏهن پندرنهن منٽن کان پوءِ مونکي آغا وٺڻ آيو ۽ مان سندس پٺيان هلندو ويم، هڪ ڪمري جي در تي بيھي در کي ناڪ ڪيائين، اندران اچڻ جي اجازت ملي مان اندر ويس ته خبر پئي ته ميڊم جو بيڊ روم آهي. ميڊم فريال اڳئي اتي صوفه سيٽ تي ويٺي هئي، مونکي به صوفه سيٽ تي ويھڻ لاءِ چيائين. ڊريسنگ مان لڳي پيو ته ميڊم ننڊ مان اڃان تازي اٿي هئي. آغا واپس ٻاهر هليو ويو. مون کان پڇيائين ته ڪھڙيون اسڪيمون ٺاهي کڻي آيو آهين؟ مون فائيل کولي ٻڌايو ته هيءُ هيءُ اسڪيمون آهن. پڇيائين ته انھن مان سنڌ کي ڪھڙو فائدو پوندو؟ مون ٻڌايو ته هيءُ هيءُ فائدا سنڌ کي پوندا. مونکي چيائين ٻيو سنڌ کي ڪيترو فائدو ٿيندو؟ مان وري ٻڌايو ته انھن اسڪيمن جي ڪري هيءُ هيءُ فائدا ٿيندا. مونکي چيائين جيڪڏهن تون وزيراعظم آفيس ۾ هجين ته پوءِ سنڌ جي لاءِ ڇا ڪندين؟ ۽ ڪيترو فائدو ڏيندين؟ مون چيو ته وزيراعظم جي آفيس ۾ پرنسپل سيڪريٽري يا اسپيشل سيڪريٽري.
اسپيشل سيڪريٽري ته صرف وزيراعظم جي صوابديد فنڊن جي نگراني ڪندو آهي. وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ مان اهو ڪري سگھندس ته توهان مٿان فنڊ منظور ڪرايو، باقي فنڊز سنڌ تائين پھچائڻ ۾ تقريباً هفتو لڳي ويندو. تقريباً پندرنهن ويھه منٽ انھن ڳالھين ۾ گذريا ته وري آغا اندر آيو. مان فائيل اتي ڇڏي موڪلائڻ لاءِ چيو ۽ موڪلائي واپس روانو ٿي آيس. ٻن ڏينھن کان پوءِ ۾ سانگھڙ کان دوست جو فون آيو، جنھن ٻڌايو ته توکي خبر آهي ته ڇاجي ڪري زرداري هائوس توکي گھرايو هئائون؟ مون چيو ته مون کي ميسيج مليو ته ڪجھه سنڌ جي لاءِ اسڪيمون ٺاهي کڻي اچ، جيڪي مان کڻي ويو هيس، تنھن ٻڌايو ته توکان جڏهن پڇيائون ته سنڌ کي فائدو ڇا پوندو؟ انھيءَ جو مطلب تو سمجھيو ڪونه يا اڻڄاڻ ٿي وئين؟ سڌي ڳالھه هئي انھن کي خبر پئي ته تون رٽائر ٿي رهيو آهين، ايڪسٽينشن لاءِ چوندين ۽ ڏيڻ جي ڳالھه ٻولھه تي سنڌ کي فائدو پوي ها. مون دوست کي چيو ته ڀاءُ اڄ تائين نه اهڙو ڪم ڪيو آهي، نه ئي ڪرڻ جو شوق اٿم.

سنڌي نوجوانن ۾ شارٽ ڪٽ جي سوچ!

اسلا آباد ۾ 2004ع کان وٺي رٽائرمينٽ تائين ڪامرس، فنانس، ايجوڪيشن، وزيراعظم آفيس ۽ بين المذاهب ۽ قومي يڪجھتي وزارتن ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هر منسٽري ۽ هرعھدي جي ڪم ڪرڻ جي مختلف نوعيت مان گذرڻ ٿيو. مون اهو محسوس ڪيو ته انسان هر اسٽيج تي مطمئن نظر نه پيو اچي. اها ڪيفيت نه صرف مون سان هئي، پر هر ماڻھو جنھن سان منھنجو واسطو پيو، پنھنجي ڪم ڪرڻ واري جاءِ تي خوش ڪونه هيو. هروقت هر ڪنھن کي اڳلي عھدي جي طلب رهي، پوءِ ڪنھن کي گھڻي ته وري ڪنھن کي گھٽ. پر جڏهن اڳلي عھدي تي پھچي پيو، ته ان جي اهميت هڪدم گھٽجي وڃي پئي ۽ اڃا مٿئين عھدي جي تمنا وڌي وڃي پئي. انھيءَ جي حصول خاطر ڪي دوست ايتري ڊوڙ ۾ اچي ويندا آهن جو انسانيت جون لڪيرون پڻ ٽپي ويندا آهن. انجي ڪري ڪڏهن به انھن دوستن کي مون مطمئن ڪونه ڏٺو، باوجود انجي جو، جيڪو هو حاصل ڪرڻ چاهين پيا، اهو انھن ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان حاصل ڪيو.
چوڻ جو مطلب ته ماڻھو هميشه جڏهن پاڻ کان مٿي واري ڏانھن ڏسندو آهي ته هو پاڻ کي حقير سمجھڻ شروع ڪري ڏيندو آهي ۽ رب ڪائنات جي ڏنل نعمت جي ناشڪري ڪندو آهي. الله جي نعمتن جي ناشڪري ڪري انجي هر شئي مان برڪت نڪري ويندي آهي، پوءِ باوجود سڀ ڪجھه هجڻ جي، دل انجي هميشه سست ۽ ختم ٿيڻ جي خوف ۾ مبتلا رهندي آهي.
انجي برعڪس جيڪا اسلامي تعليم آهي ته هميشه پاڻ کان گھٽ حيثيت واري ڏانھن نظر رکو. هتي گھٽ حيثيت مان مراد گھٽ عھدو ۽ ٻيون دنياوي شين جي قلت وغيره، نه ته ٻئي کي پاڻ کان گھٽ يا حقير سمجھڻ، پاڻ کي سڀ کان معتبر سمجهڻ تڪبر جي نشاني آهي جيڪا رب ڪائنات کي پسند ناهي. اهو هڪ شيطاني عمل ٿي پوندو. جڏهن ماڻھو پاڻ کان گھٽ اسباب واري ڏانھن متوجھه ٿيندو ته هڪدم ان جي دل ۾الله سائين جي ڏنل نعمتن جو شڪر گذار ٿي رهندو. جڏهن ماڻهون الله سائين جي ڏنل نعمتن تي شڪر ڪندو آهي ته رب ڪائنات انھن مليل نعمتن ۾ برڪت وجھندو آهي، ۽ ماڻھو جي دل ڪشاده ۽ مطمئن واري زندگي نصيب ٿيندي آهي.
الله سائين جو حڪم آهي ته پنھنجي لاءِ جدوجھد ڪريو. هاڻي اِهو اسان تي ڇڏيل آهي ته اسين ڪيتري جدوجھد ڪريون ٿا. جدوجھد جو مطلب آهي ته اسان کي جيڪي به ڏکيا مرحلا اچڻا آهن، انھن مان لنگھي پار پوڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ. هر ماڻھو کي ڏکيائي کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ مختلف طاقت ڏني وئي آهي. الله جي ذات جو فرمان آهي ته مان هر ماڻھو تي اوترو وزن رکندو آهيان، جيتري ان ۾ ان وزن کڻڻ جي طاقت هوندي آهي. اسان سنڌ جي عام ماڻھن جي اها عادت ٿي وئي آهي ته جيڪو ٻين کي مليل آهي اهو اسان کي به ملڻ گھرجي. ملڻ جي خواهش جو هجڻ تمام سٺي شئي آهي پر جنھن طريقي سان انھي کي حاصل ڪرڻ لاءِ انھن محنت ڪئي هوندي آهي، انھيءَ کان اسين لنوائڻ ۽ مشقت نه ڪرڻ کان بغير حصول لاءِ پيا ڪوششون ڪندا آهيون. جنھن جي ڪري اسين مقابلي جي ميدان کان ٻاهر ويھي صرف سڌون ڪندا ۽ پاڻ سان زيادتي ٿي وڃڻ جون پيا ڳالھيون ڪندا رهندا آهيون.
منھنجو گذريل سروس جو مرڪز ۾ جيڪو تجربو ٿيو آهي، انھيءَ بنياد تي مان ڳالھه کي اڳتي وڌائيندي لکندو هلان ته انھي پوري عرصي ۾ تقريباً ٻه ٽي هزار اهڙا نوجوان آيا، جن کي روزگار جي تلاش هوندي هئي. مون انھن ۾ جدوجھد جو وڏو فقدان ڏٺو. هزار ۾ ٻه ٽي اهڙا نوجوان هيا، جن جي همت کي ڏسي خوشي ٿيندي هئي، باقي سڀ همراهه جيڪڏهن انھن کي ڪو صلاح ۽ مشورو ڏبو هوته ڀاءُ هيءُ هيءُ ڳالھيون ڪيو ته هڪدم انھن نوجوانن کي بخار چڙهي ويندو هيو. انھيءَ مشوري کي پنھنجي لاءِ عيب ۽بيعزتي سمجھندا هيا ۽ چئي ڏيندا هيا ته سائين جيڪڏهن اهو اسان کي ڪرڻو آهي ته پوءِ توهان ڏانھن ڇاجي لاءِ ايڏا ڪشالا ڪري آيا آهيون. جڏهن مان انھن کان غلطي سان اهو پڇندو هيس ته ڀاءُ تنھنجي تعليم ڇا آهي؟ ته وڏي فخر سان چوندو هيو ته ايم اي فرسٽ ڪلاس يعني اي گريڊ. عموماً مان جڏهن انھن کان پڇندو هيم ته ايم اي ۾ سبجيڪٽ ڪھڙا هيا؟ ته هڪدم چوندا هيا ته سائين ٻه سال اڳ ۾ پاس ڪئي آهي، تنھنڪري سبجيڪٽ ياد ناهن. جڏهن وري مان چوندو هيم ته ڀاءُ مان تقريباً چاليھه سال اڳ ايم اي ڪئي آهي، مونکي اڄ تائين به پنھنجي پاس ڪيل سبجيڪٽ جي نالن جي خبر آهي. چوندا هياته سائين توهان وٽ نوڪري وٺرائي ڏيڻ لاءِ آيا آهيون، توهان وري انٽرويو ٿا وٺو. مان چوندو هيم ته منھنجا مٺا جيڪڏهن مان توکي ڪنھن ڏانھن موڪليان ۽ مان انکي چوان ته ڀائو مھرباني ڪر هي ڇوڪرو موڪليان ٿو، ايم اي پاس آهي. جيڪڏهن هوتوکان اتي پڇي ته ڪھڙي سبجيڪٽ ۾ ايم اي پاس ڪئي اٿئي ته ضرور تو کان ان سجيڪٽ متعلق سوال ڪندو. هڪدم چوندا ته سائين اسان غريب آهيون توهان وري اميرن واريون ڳالھيون ٿا ڪيو. مان چوندو هيم ته منھنجا ڀائڙا غريب هجڻ ڪو مھڻو ناهي، تنھنجي والدين پاڻ کي ڏکيو بکيو رکي توکي سٺا لٽا ڪپڙا وٺي ڏنا، سبجيڪٽ جي ڪتاب وٺڻ لاءِ پئسه خرچ ڪيا، توهان کي ڪاليج وڃڻ لاءِ سواري جو بندوبست ڪري ڏنو. هاڻي صرف توهان کي محنت ڪرڻ گھربي هئي، جيڪا توهان ڪانه ڪئي. انھيءَ ۾ غريب هجڻ جو ڪھڙو بھانو آهي. هڪدم اھي ايئن چوڻ ۾ دير ڪانه ڪندا هيا ته سائين اسان کي خبر آهي ته توهان سنڌي آفيسر اسان جي مدد ڪرڻ ڪونه چاهيندا آهيو. اسان سان گڏ فلاڻي جو پٽ پڙهندو هيو، ان کي ته ڪجھه به ڪونه ايندو هيو، تڏهن به هو سنڌ ۾ آفيسر ٿي ويو ۽ توهان رڳو اسان کي ٿا چئو ته محنت ڪيو وغيره. اھي ڪھڙي محنت ڪري آفيسر ٿيا؟ سائين اسان غريب آهيون، نه ته اسين به آفيسر هجون ها. جڏهن مان انھن کان پڇندو هيم ته ڪھڙي ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر آهن؟ ته چوندا کوڙ سائين! توهان هلو سنڌ ۾ ڪيترائي ٽائون آفيسر ۽ ٻيا آفيسر لڳا پيا آهن. مان پنھنجو مٿو پڪڙي ويھي رهندو هيس ته اسان تباهي جي رستي تي ڪيترو اڳتي هليا ويا آهيون. جڏهن مان انھن کي چوندو هيم ته ڀاءُ اِهو سنڌ ۾ ته ٿي سگھي ٿو پر هي مرڪز آهي، هتي اڳئي اسان سنڌ وارن تي گھڻيون اهڙيون ڳالھيون ڪندا رهندا آهن ته سنڌي نااھل ۽ نالائق آهن، مٿان توهان محنت ڪرڻ پنھنجي لاءِ عيب ٿا سمجھو ۽ رڙين ۽ دانهن مان ڪجھه ڪونه ورندو، جيستائين توهان پاڻ ۾ اهليت پيدا نٿا ڪيو.
اسان جي نوجوانن کي گھرجي ته ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪري پنھنجي لاءِ پنھنجي سنڌ جي لاءِ محنت ڪري اڳتي اچن. جيستائين اسان جو نئون نسل انھي بيماريءَ مان ڪونه نڪرندو، تيستائين اسين پنھنجا آئيني حق حاصل ڪري ڪونه سگھنداسين. اسلام آباد ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ جيترا نوجوان اڳتي ايندا، اوتري وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي ويندي. جيستائين اسان جا نوجوان محنت ڪري مرڪز ۾ نه ايندا، تيستائين اسان لاءِ ڏکيائون هلنديون رهنديون.
پٺاڻ جيڪڏهن مرڪز ۾ گھڻائي ۾ اچي ويو آهي ته هو صرف پٺاڻ هجڻ جي ناتي سان ڪونه اڳتي آيا آهن. ڪي پي ڪي تعليم جي ميدان ۾ سنڌ ته ڇا پر پنجاب کان ڪيترو اڳتي نڪري ويو آهي. جيستائين سنڌي نوجوان محنت ڪري اڳتي ڪونه ايندو، تيستائين مرڪز ۾ اسان اٽي ۾ لوڻ برابر رهنداسين. جيستائين اسان ٿورائي ۾ هونداسين، تيستائين سنڌي آفيسر چاهي ٻئي سنڌي اسٽاف کي ڪا به اهميت ڪانه ملندي. تنھن ڪري اسان جا نوجوان همت سان پڙهائي تي ڌيان ڏئي گھڻي ۾ گھڻا مرڪزي سرڪار ۾ اچي پنھن جو ڪردار ادا ڪن. انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسلام آباد ۾ مشڪلاتون ضرور آهن، پر اهي مشڪلاتون تيستائين رهنديون، جيستائين اسين هر محڪمي ۾ ڪافي مقدار ۾ نٿا ٿيون.
مرڪز ۾ هن وقت به ڪافي مقدار ۾ سنڌ جون اسٽينو ٽائپسٽ ۽ اسٽينوگرافر لاءِ سيٽون خالي پيون آهن. پر اسان جا نوجوان صرف ايم اي ڊبل ايم اي ڪرڻ ۾ ڀڙ آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڪاپي ڪري پاس ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ڪاغذ تي پڙهيل جاهل پيدا ٿين ٿا. جنھن جي ڪري سنڌ روز بروز پُٺتي پوندي پئي وڃي ۽ بي روزگاري جي شرح ڏينھون ڏينھن وڌندي پئي وڃي.
الله ان قوم جي حالت تڏهن سڌاريندو آهي، جڏهن اها قوم اڳتي اچڻ لاءِ جتن ڪندي آهي. اهو قانون فطرت آهي اسان کي قانون فطرت سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي اڳتي وک وڌائڻي آهي. جيڪڏهن اسان انھي فطرت تي عمل نه ڪنداسين ته فطرت جو اِهو به قانون آهي ته ڪمزور آخرڪار گھڻو وقت جيءُ ڪونه سگھندو.

ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ سنڌ جي نمائندگي

2009ع ۾ وزارت تعليم ۾ هئڻ وقت هڪ ڏينھن آفيس ويٺو هيم ۽ ان ڏينھن اعظم چوڪ ضلعي ليئه وٽ بس جو ايڪسيڊنٽ ٿيل هيو، جنھن کي ٽي وي تي بار بار پئي ڏيکاري. صبح جو وقت هيو، پٽيوالي چٽ آندي، جنھن تي هڪ صاحب ڀٽي ذات جو، گجرات جو رهاڪو ۽ پرائيويٽ سيڪريٽري ٽو مسٽر نواز شريف لکيل هيو. مون ڀٽي صاحب کي اندر گھرايو ۽ اچڻ سان ڪرسي تي ويٺو. مون کيس چانھه لاءِ چيو، جنھن تي هن چيو ته سائين مھرباني ۽ مان هاڻي ناشتو ڪري آيو آهيان. مون اچڻ جو مقصد پڇيو ته چوڻ لڳو سائين هڪ ماڻھو آهي ۽ انھي جو ڪيڊر ڪلارڪ مان ڦيرائي ماستر ڪرائڻو آهي، سو توهان مھرباني ڪري انجو ڪيڊر چينج ڪري ڏيو. مون چيو ته ڀاءُ اهو ڪونه ٿي سگھندو، ڇو ته ڪيڊر چينج ڪرڻ معني نئين ڀرتي. باقي جڏهن استادن جي ڀرتي لاءِ اشتھار اچي پوءِ ان ۾ درخواست ڏئي ٽيسٽ ۾ ويھي، جيڪڏهن ڏيڻو هوندس ته استاد ٿي ويندو. هڪدم چيائين ته سائين جيڪڏهن اهڙي ڪم لاءِ ڪو سنڌي اچي توکي چئي ها ته تون هڪدم ايئن ڪرين ها. غصو ته آيو پر هن کي چيو ته اهاتوهان جي غلط فھمي آهي. چيائين ته رات اسان ڪٿي ويٺا هياسين ته اتي اهي ڳالھيون پيون ٿين توهان اهڙا سنڌي ماستر ڀرتي ڪيا آهن، جن کي ڪجھه نٿو اچي وغيره وغيره. مان موضوع کي هٽائڻ خاطر هن کان پڇيو ته يار هي جيڪو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي، اهو ڪٿي ۽ پنجاب جي ڪھڙي علائقي ۾ ٿيو آهي. چيائين ته اهو گھڻو ڪري سنڌ يا بلوچستان جي علائقي ۾ ٿيو آهي؟ مون وري کانئس پڇيو ته ليئه ضلعو ڪٿي آهي؟ چيائين ته گھڻو ڪري سنڌ ۾ هوندو. مونکي ته اڳئي دل ۾ غصو هيو. مون هن کان پڇيو ته تنھنجي تعليم ڇا آهي؟ چيائين ته مان ايم اي پاس آهيان. مون چيو ته ڪٿان ايم اي ڪئي اٿي؟ چيائين ته پنجاب يونيورسٽي مان. مون پڇيو ته پرائيويٽ يا ريگيولر؟ چيائين ته ريگيولر. مون چيو ته ڀٽي صاحب توکي شرم اچڻ گھرجي جو تون ايم اي ڪئي آهي ۽ توکي اها خبر ناهي ته ليئه پنجاب جو ضلعو آهي. تنھنجو پنھنجو اهو حال آهي، جو توکي پنجاب جي ضلعي جي خبر ناهي ۽ تون چوين ٿو ته سنڌي نالائق آهن. مونکي به جيڪو غصو هيو، سڄو ڪڍي ڇڏيم. همراهه ڪند ڍرڪائي خاموش ٿي ويو.
مون ان همراهه کي ڪيترائي دفعا ڏٺو ته نواز شريف جي اڳيان پويان پيو ڦرندو هيو، باقي هي انجو پرائيويٽ سيڪريٽري هيو يا نه، اها خبر ناهي. ڇاڪاڻ ته هن صرف چٽ تي لکي موڪليو هيو، تنھن ڪري ڪنھن قسم جي ڪاروائي ماڻھو نه پيو ڪري سگھي. انھيءَ کان پوءِ مھيني ۾ ٻه ٽي دفعا جڏهن به نوازشريف اسلام آباد ايندو هيو ته هي مون سان ملڻ ضرور ايندو هيو ۽ چوندو هيو ته سائين ڪم ڪار ڪونھي، پر توهان سان ملڻ لاءِ دل چوندي آهي جو توهان منھنجو ان ڏينھن دماغ ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو ۽ مان توهان جي دل سان عزت ڪندو آهيان.
2008ع ۾ وزير اعظم آفيس ۾ مان جوائنٽ سيڪريٽري پبلڪ افيئر هئس، پنجاب ۽ سنڌ جي چونڊيل نمائندن جي اسڪيمن جي لاءِ وزيراعظم جي منظوري سان فنڊز جاري ڪرڻ ڪم هوندو هيو. وزيراعظم اچڻ شرط ملتان لاءِ هڪ ترقياتي پيڪيج منظور ڪيو. ترقياتي ڪم ڪجھه مرڪزي سرڪار جا ادارا ته ڪجھه پنجاب حڪومت ڪري پئي. سڀني ترقياتي ڪمن لاءِ فنڊز مرڪز جي طرفان جاري پئي ٿيا. جن اسڪيمن جو ڪم پنجاب سرڪار کي ڪرڻو هيو، انھن اسڪيمن جي پي سي ون جي منظوري پنجاب گورنمينٽ جو پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ ڏئي پوءِ وزيراعظم آفيس کڻي ايندا هيا. گيلاني صاحب هڪ روڊ ۽ انتي وڏي پل جي لاءِ اعلان ڪيو هيو. اهو روڊ ٺھڻو هيو ملتان کان اچ شريف وايه شجاع آباد ۽ جلال پور پيروالي، خيرپور کان اچ شريف. روڊ اڳم هيو پر اهو ننڍو هيو، انکي ويڪرو ڪري پئي ٺاهيائون. اچ شريف وٽ درياء ستلج جي مٿان پل به ٺھڻي هئي. اچ شريف هڪ تاريخي شھر آهي، جتي الله جا وڏا ولي ۽ بزرگن جو مسڪن آهي. خاص ڪري جيڪي به پاڪستان ۽ هندستان ۾ بخاري سيد آهن، انھن سڀني جو وڏو سيد جلال شاهه بخاري عرف سرخ پوش جي مزار اتي آهي ۽ پاڻ بخارا شھر ازبڪستان ملڪ کان لڏي هتي اچي رهيا. بخاري صاحب جي باري ۾ مونکي اتي اچ شريف ۾ اها ڄاڻ ڏياري وئي ته پاڻ بھاوالدين ذڪريا ملتاني جا خليفا ۽ سلسله سھروردي سان لاڳاپيل هيا.
بابا فريد، جلال شاهه بخاري، قلندر شھباز ۽ غوث بھاوالدين پاڻ ۾ دوست ۽گڏ چوياري ڪندا هيا.
بابا فريد شڪرگنج پاڪپتڻ وارا سلسله چشتي سان وابسطه هيا.
قلندر شھباز شروع ۾ غوث بھاوالدين زڪريا جا خليفه هئا، پوءِ اڳتي هلي قلندر ٿي سڀني سلسله کان آجا ٿي ويا ۽ صرف مست قلندر.
جلال شاهه بخاري هميشه ڳاڙهو لباس پائيندا هيا، جنھن جي ڪري سرخ پوش جي نالي سان مشھور هيا. جلال شاهه بخاري جو پوٽو قتال شاهه جي نالي سان مشھور آهي، جنھن جو مقبرو جلال پورپير والي شجاع آباد جي نزديڪ آهي. جنھن جي خاندان جا فرد هينئر ديوان جي لقب سان سڏيا ويندا آهن. قتال شاهه جي مقبرو جي بناوت به تقريباً شاهه رڪن عالم جي مقبري جھڙي آهي. قتال شاهه پاڻ خليفا هيا شاهه رڪن عالم جا.
اُچ شريف ۾ ٻي وڏي دربار اتي پيران پير دستگير جي اولاد مان هڪ بزرگ غلام غوث يا محمد غوث جي نالي آهي. پنجاب ۾ تقريباً سڀ گيلاني اوچ شريف واري بزرگ جي اولاد مان آهن. سيد يوسف رضا گيلاني جا وڏا به هتان لڏي اچي ملتان رهائش پذير ٿيا. ملتان ۾ جيڪا گيلانين جي دربار موسيٰ پاڪ شھيد جي نالي سان مشھور آهي، جنھن جي اولاد مان يوسف رضا گيلاني آهي. موسيٰ پاڪ شھيد جو مقبرو اڄ به اُچ شريف جي دربار جي اندر لنگھڻ سان سڄي هٿ تي زبون حال ۾ بيٺو آهي. موسيٰ شھيد پاڪ پھريان اتي اچ شريف ۾ دفن ٿيل هيا، پوءِ خبر ناهي ته ڪڏهن ملتان ڏانهن جسد خاڪي کي کڻائي ويا.
بابا بلي شاهه قصور وارو به اچ شريف جي گيلاني خاندان مان آهن. بابا بلي شاهه جو ڏاڏو اچ شريف مان لڏي وڃي قصور جي ويجھو آباد ٿي اتي پيش امام ٿي رهيو.
پيڪيج ۾ جيڪا پل ستلج درياءَ تي ٺاهڻي هئي، ان جي پنجاب سرڪار پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ مان پي سي ون منظور ڪرائي وزير اعظم آفيس کڻي آيا ته جيئن اها اسڪيم وزيراعظم جي نظر مان گذري ته پوءِ فنانس منسٽري کي خط لکون ته جيئن ان اسڪيم جي رقم پنجاب سرڪار کي جاري ڪري. ايڊيشنل سيڪريٽري سعيد احمد هيو، مونکي چيائين ته پنجاب گورنمينٽ جي پي اي ڊي ڊي کي چوان ته اسان کي سڀاڻي انھيءَ اسڪيم متعلق اچي بريفنگ ڏين. مون لاهور فون ڪري اهڙا احڪامات پھچايا. ٻئي ڏينھن تقريباً ٻارهين وڳي پنجاب گورنمينٽ جا آفيسر آيا، ۽ ڪاميٽي روم ۾ بريفنگ ڏيڻ شروع ڪئي. جڏهن پروجيڪٽر تي سلائيڊ هلاين ته پھرئين غلط فھمي هجي. مزي جي ڳالھه ته سواءِ منھنجي سڀ پنجاب جا رهواسي آفيسر هيا. پنجاب جي هڪ آفيسر به ان غلطي کي ڪونه پڪڙيو. غلطي پي سي ون ۾ اها هئي ته سڄي بريفنگ ۾ روڊ جونالو صحيح لکيل ڪو نه ھيو.
ملتان کان اچ شريف وايه شجاع آباد جلال پورپير والي خيرپور ۽ اچ شريف. غلطيءَ سان لکيل هيو ته پل درياءِ سنڌ تي. جڏهن ته پل ٺاهڻي هئي درياءِ ستلج تي. جڏهن مون اتي پنجاب جي آفيسر کي ٿورو وزندار آواز ۾ چيو ته تون جو هي پل سنڌو درياءِ تي لکي آهي، اها پل ڪٿان اچي اُچ شريف کي ملائيندي. ته به هو انھيءَ ڳالھه تي بضد ته پل درياءِ سنڌو تي پوندي. مون اتي چيو ته يار واقعي سرائڪي سچ چوندا آهن ته :
‘‘اسیں قیدی تخت لاہور دے۔’’
مون چيو خدا جا بندو توهان کي اهابه خبر ناهي ته اچ شريف ڪٿي آهي؟ مون چيو ته جيڪڏهن پل سنڌو درياءَ تي پوندي اچ شريف جي لاءِ ته پوءِ شجاع آباد کان ڪٿان توهان چناب ندي کي ڪراس ڪيو، جو سنڌو درياءَ ٽپي وري ٻيھر سنڌو درياءَ تي ٻي پل ٺاهيندا. انھي جو مطلب ته توهان هڪ پل نه بلڪ ٽي پليون ٺاهيندا. پوءِ اتي جڏهن نقشو ڏٺن تڏهن وڃي مڃين ۽ غلطي دور ڪين.
پنجاب جي بيوري ڪريسي ايڏي ڪا قابل ناهي، جيترو هو سمجھندا آهن. نه وري پنجاب جي تعليم ڪا ايترو گھڻو ڀلي آهي. سرڪاري اسڪولن جي پڙهائي پرائيويٽ تعليمي ادارن جي مقابلي ايتري اڳتي ڪانھي. پر پنجاب ۾ پرائيويٽ سٺي ساک وارا تعليمي ادارا گھڻي عرصي کان قائم آهن، جن جي ڪري پنجاب سڀ تي حاوي ٿيو بيٺو آهي.
مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته پنجاب يونيورسٽي جي ايم اي ايڪانامڪس جا پيپر 1976ع ۾ راولپنڊي ۾ گھڻو ڪري سر سيد ڪاليج جي سينٽر تي پيپر آئوٽ ٿي ويا، پر ٻئي ڏينھن انھي لاءِ اخبار ۾ خبر ڇپي پر اهڙي انداز ۾ ڇپي ڄڻ ته ڪو واقعو ٿيوئي ڪونه هيو، صرف اندرئين صفحي تي هڪ ڪالم جي خبر هئي. پر جيڪڏهن اهڙي قسم جو واقعو سنڌ يونيورسٽي متعلق هجي ها ته اخبار جي هيڊلائين ۾ اٺن ڪالمن سان مرچ ۽ مصالحي سان اردو ميڊيا ان خبر کي ڇاپي ها.
انھيءَ ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته گذريل تقريباً چاليهارو سالن کان وٺي سنڌ جي تعليم کي هٿ سان تباه۽برباد ڪيو ويو آهي. خصوصن گذريل ڏهه پندرنهن سالن کان ته تعليم جي ڪافي مقدار ۾ بجيٽ هوندي به تباه ڪيو ويو آهي. پر الحمدلله سنڌ جي سول سوسائٽي ۾ ان متعلق ڳڻتي جي لھر جاڳي اٿي آهي، اميد ته تعليم جي ميدان ۾ اڳتي بھتري جي اميد آهي.
مٿي ٻه مثال طور جيڪي مون لکيا آهن، انھيءَ جي لکڻ جو مطلب آهي سياسي چاهي ذهني شعور ۾ سنڌي انفرادي طور ڪافي اڳي آهي پنجابي کان. سنڌي پڙهڻ ۾ ڪيترو به نالائق هوندو، پر ان کي سنڌ جي جاگرافي جي ڄاڻ هوندي، جيڪا پنجاب جي عام ماڻھو ۾ ناهي. اهڙيءَ طرح پنجاب جي حاڪميت برقرار رکڻ لاءِ پنجاب جي بيوروڪريسي جو محور صرف سينٽرل ۽ اتر پنجاب جي ترقيءَ هوندو آهي. لاهور ۾ ڪيترائي سينيئر آفيسر آهن، جيڪي ٻاوهين گريڊ کي پھچڻ تائين ڪڏهن به راوي ندي کان ٻاهر وڃي نوڪري ناهي ڪئي پر مرڪز ۾ اچي پلاننگ پوري پاڪستان جي ڪندا آهن. جنھن جي ڪري پاڪستان اڄ تائين اڳتي ترقي ڪري ناهي سگھيو. پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان ۾ گذريل ڪجھه ڏينھن اڳ وڃڻ ٿيو ته محسوس ٿيو ته مان پلاننگ ڪميشن آف پنجاب ۾ آيو آهيان، نڪي پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان. ڇو ته پلاننگ ڪميشن ۾ ٻارهن ميمبر هوندا آهن، جيڪي ملڪ جي ترقي لاءِ اسڪيمون ٺاهي ۽ گھربل فنڊز جاري ڪندا آهن. اهي ٻارهن ميمبر خير سان سڀ پنجابي ۽ عمومن انھن ميمبرن پورو پنجاب به ڪونه ڏٺو هوندو آهي، پر پلاننگ پوري ملڪ جي ڪندا آهن. انھيءَ ڪري پنجاب جي پلاننگ بورڊ آفيسرن کي اها خبر به ڪانه هئي ته ملتان کان اچ وڃڻ لاءِ پل ستلج نديءَ تي پوندي يا درياءِ سنڌ تي.
اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار کي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي گھٽ ۾ گھٽ ٻه ٽي ميمبر ته سنڌ مان رکرائڻ گھرجن، ته جيئن سنڌ کي ترقياتي ڪمن ۾ ڪجھه حصو ملڻ کپي.

رٽائرمينٽ کان پوءِ جا مسئلا

جيڪو به ماڻھو سروس ۾ اچي ٿو، انھيءَ کي ذائقة الرٽائرمينٽ ضرور چکڻو آهي. جنھن کان پوءِ گھڻيون اهڙيون ڳالھيون توهان جي سامھون اچي ڪر ڪڍي بيھنديون آهن، جنھن لاءِ توهان جي دل ۾ وهم گمان به ڪونه هوندو آهي. سڀ کان پھريون توهان جا پنھنجا رت جا رشتا ڇڊا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ ڪوشش ڪندا آهن ته آهستي آهستي دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ سانڍيل ڪنھن به طرح سان ڪا ڪنھن وقت ڪا چيل ڳالھه کي بھانو ٺاهي پري ٿيندا ويندا. مثال طور ڪو عزيز يا دوست پنھنجي اولاد يا ڪنھن ويجھي مائٽ لاءِ سرڪاري نوڪري وٺي ڏيڻ لاءِ آيو هوندو ۽ توهان جي وس ۾ اهو ڪرڻ ناممڪن هوندو ته چوندو ته سائين توهان کي ياد هوندو، جڏهن مان توهان وٽ پنھنجي پٽ جي نوڪريءَ لاءِ آيو هيم ته توهان مونکي اهو چئي موٽايو هيو ته تنھنجي پٽ کي ڪجھه ڪونه ٿو اچي. منھنجي پٽ کان توهان ڀري ڪچھري ۾ سوال ڪيا، جنھن جا هي جواب نه ڏئي سگھيو. توهان کي اهو خيال نه ٿيو، جو سڀني جي سامھون منھنجي پٽ جي بيعزتي ٿي، جو توهان چيو ته هن کي چاچا ڪجھه اچي ڪونه ٿو ۽ محنت ڪري. اسان ته ان وقت سمجھيو هيو ته توهان اسان جو ڪم ڪونه ڪندا، وغيره وغيره. ابا توهان ان وقت صرف فون کڻي هيلو ڪيو ها ته منھنجي پٽ کي نوڪري ملي وڃي ها. چاچا ڀلا تنھنجي ٻن پٽن جي مدد ڪئي، انھن کي داخلا وٺرائي ڏني، انھيءَ سان گڏ ٿوري گھڻي انھن ڇوڪرن کي پڙهائڻ ۾ مدد ڪئي، جيڪي هاڻي سٺي منزل تي پھچي ويا آهن. ابا اهو ته انھن جو نصيب هيو، انھن کي مليو تو اسان لاءِ ڇا ڪيو؟ منھنجو وڏو پٽ پڙهيو به ڪونه ۽ تو نوڪري به ڪانه وٺي ڏني، هاڻي منھنجي ڳچيءَ ۾ پيو آهي. اهڙيءَ طرح جا ڪيئي ڏوراپا وغيره ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. تنھن ڪري جيڪو رٽائرمينٽ جي ويجهو آهي، تنھن کي گھرجي ته دل ڪشاده رکي، انھن ڳالھين جي ڪري گھٽ ۾ گھٽ توهان اهڙي چال نه هلو جو رهيل رشته به ختم ٿي وڃن.
ڪالھه منھنجو هڪ پراڻو دوست ڪراچي کان آيو، جيڪو ٻه ٽي سال اڳ وڏي عھدي تان رٽائر ٿيو. حال احوال اورڻ کان پوءِ ٻڌايائين ته يار اڄ ڪلھه زمانو ڪيترو ته مطلبي ٿي ويو آهي. مون چيو ته مان 1971ع ۾ جڏهن فوج ۾ سپاهي ڀرتي ٿي ڪوهاٽ سگنلز سينٽر ٽريننگ لاءِ وڃان پيو ته جڏهن مان ملتان ريلوي اسٽيشن تي لٿس ته عنايت حسين ڀٽي جي آواز ۾ هڪ گانو هليو پئي، جنھن جا ٻول هيا:
‘‘دنیا مطلب دی او یار۔’’
مون چيو ته يار اها پراڻي چوڻي آهي، تنھن ڪري انھي مطلبي دنيا سان گڏ هلڻو آهي. مون چيو ته تو پنھنجي ڳوٺ چاهي سڄي علائقي لاءِ تمام گھڻا ڪم ڪرايا آهن. ڳوٺ چاهي ڀرپاسي جي ڳوٺن لاءِ روڊ رستا، بجلي، گئس، اسڪول ۽ ڪيترائي ماڻھو روزگار سان لڳرايا آهن. تنھن ڪري تون پنھن جي ڪيل ڪم تي مطمئن رهه، باقي جيڪڏهن ڪو تنھنجي لاءِ برو سوچي ٿو ته پاڻ ڄاڻي.
چوڻ لڳو ته مونکي ڪنھن به قسم جو ارمان ناهي ته ڪير ڇا ٿو چوي. يا ڪوئي مخالفت ٿو ڪري، پر مان صرف اهو ته چوڻ چاهيان ته سڀاڻي اسان جي نئين ٽھي جڏهن سروس ۾ ايندي ۽ جيڪڏهن انھن کي اها خبر پئي ته يار هتي جيڪو علائقي لاءِ ڪم ٿو ڪري، انھيءَ جي ڪابه عزت ناهي. اهڙي سوسائٽي مان موٽ جيڪڏهن انھن کي ملي ٿي، جن سڀ ڪجھه ڳوٺ ۽ علائقي لاءِ ڪيو ته اسان جا نوجوان سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ کان لنوائيندا ۽ چوندا ته جيڪڏهن هيتري خدمت ڪرڻ کان پوءِ به پنھنجن جو رويو اهڙو آهي ته هو سڀاڻي پنھنجي علائقي جي خبر چار ڪونه لھندا ۽ سنڌ جي ٻھراڙي وارا وڌيڪ پوئتي ڌڪجي ويندا. مون چيو ته يار ڳالھه ته تنھنجي سچي آهي، پر انھي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھجي؟ اڄ ڪلھه اسان جي معاشري ۾ بدقسمتي سان سوچ صرف پنھنجي ذات تائين محدود ٿي وئي آهي جنھن ڪري اهڙي قسم جا واقعا روز بروز ٿين ٿا. ڪو اهڙو ڏينھن خالي ناهي جو پٽ پنھنجي پيءُ جي سڀني جي سامھون بيعزتي ٿو ڪري، جيڪو مھذب معاشري تي هڪ بدنما داغ آهي . جڏهن اهڙي طرح جون حالتون پيدا ٿينديون آهن ته سوسائٽي تباهه ۽ برباد ٿي ويندي آهي.
جيڪو ڪجھه دوست چيو مان اهو ئي دوستن جي لاءِ عرض ڪيان ٿو.
چوڻ لڳو ته يار توکي خبر آهي ته اسان ڪو وڏي گھراڻي جا ماڻھو ناهيون، پر وڏڙن کي چار ٻارا زمين جا هيا ۽ پنھنجي علائقي ۾ عزت ۽ مان وارا هيا. پر اسان جي ڪا ايڏي وڏي زمينداري واري حيثيت ڪانه هئي. الله سائين جا ڪرم ٿيا جو محنت ڪئي سين، ۽ ڪنھن جي ٿوري ۽ احسان کان بغير مالڪ سائين جي مھر سان سٺي نوڪري ملي، جتي پنھنجن عزيزن، پاڙيوارن ۽ دوستن جي جيڪا پڄي سگھي سان خدمت ڪئي. هر هڪ ڳوٺ ۾ ڪي وڏي يا ننڍي حيثيت وارا مٽ مائٽ هوندا آهن. منھنجو به هڪ ويجھو عزيز هيو جيڪو ننڍي نوڪري وارو ملازم هيو پر اولاد جام هيس، تنھن ڪري گذران ايترو سولو ڪونه هيس پوءِ مون ان جي وڏي پٽ جي پڙهڻ ۽ نوڪري وٺرائي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. جڏهن هنجو پٽ نوڪري ۾ لڳو ته همراهه پئسه کي ميڙڻ جا طريقا ڳولھي ڪڍيا. پنھنجي ڀائرن کي به پڙهايائين ۽ الحمدلله! انجا ڀائر ان کان وڏين نوڪرين ۾ لڳي ويا. ٽنھي ڀائرن ٿوري عرصي ۾ پئسه جام ڪٺو ڪيو ۽ انھي مان مختلف قسم جي بزنس ۾ پئجي ويا. علائقي ۾ ڪافي زمينون ۽ پيٽرول پمپ، مختلف شھرن ۾ فليٽ ۽ پلاٽ خريد ڪيا. ايترو پئسو ڪمايائون جو هينئر انھن جو دين ۽ ايمان صرف پئسو آهي. هينئر هو ايئن سمجھڻ لڳا آهن ته هو ستن پيڙهين کان وٺي نواب غيبي خان ۽ ڪانڀو خان هيا. علائقي يا پنھنجي ڳوٺ ايندا ته چار باڊي گارڊ وٺي ايندا، جن کي جديد اسلحه هوندو، اهي اڳيان پويان پيا هلندا اٿن. پر ايستائين جو جيڪڏهن گھر جي ڀرسان ڪو عزيز فوت ٿي ويندو ته پنھنجي گھر کان نڪري ان رشتيدار ڏانھن دعا گھرڻ ويندا ته به چار هٿيارن سان ليس باڊي گارڊ ساڻ وٺي ويندا. خبر ناهي ته ايترو واقعي ڪو هنن کي خطرو آهي، پنھنجن کان، يا انھن مٿان رعب رکڻ لاءِ اهي سڀ ڪجھه ڪن ٿا. خير جتي پئسو گھڻو هوندو آهي انکي خطرو به اوترو هوندو آهي.
جيترو پئسو اٿس، جيڪڏهن چاهي هاته پنھنجي ٻين ويجھن عزيزن کي خاص ڪري ڀاڻيجا، سؤٽ ۽ انھن جي ٻارن کي ڪنھن سٺي تعليمي اداري ۾ داخلا وٺرائي اڳتي آڻڻ ۾ ڪافي مدد ڪري پي سگھيو. اهو ته هنن خير ڪنھن به ويجھي کان ويجھي عزيز کي تعليم ڏانھن متوجھه ڪونه ڪرايو. جيڪڏهن چاهن ته انھن جي هيٺان ڪيترائي ادارا آهن، جن ۾ گھٽ تعليم وارا به ڪو هنر سکي سٺي روزي ڪمائي سگھن ٿا پر انھن مان ڪنھن جي به مدد ڪانه ڪئي. پنھنجي سالن ۽ ڀاڻيجن کي پنھنجي ڌنڌي ۾ سنڀالڻ لاءِ رکي انھن کي تعليم کان محروم ڪري ڇڏيائين، هاڻي اهي سڀ هن جا سالا ۽ ڀاڻيجا هن جا محتاج آهن، جڏهن چاهيندو آهي ته هڪ سالي کي اڳتي ڪندو آهي ۽ ٻئي کي پٺتي اڇلي ڇڏيندو آهي. هاڻي انجا سالا ۽ ڀاڻيجا صرف هن جي اشاري تي هلندا آهن، ڇو ته انھن کي خبر آهي ته اسان وٽ تعليم ڪانھي، تنھن ڪري ٻيو ڪم ڪري ڪونه سگھنداسين، تنھنڪري هو انجا ٻڌا ٻانھا غلام هوندا آهن. ڪنھن اسان جي دوست انکي چيو ته يار تنھنجو اثررسوخ ڪافي ڪارخانن تي آهي، اتي انھن کي لڳرائي ڇڏ ته گھٽ ۾ گھٽ تنھنجي سالن ۽ ڀاڻيجن کي ڪافي سھولتون ملنديون ۽ انھن جا شھر ۾ ٻار پڙهي پوندا ته انکي جواب ۾ چيائين ته مان ڪو بيوقوف ناهيان، جو انھن کي ڪنھن ڪارخاني ۾ نوڪري وٺي ڏيان ته سڀاڻي منھنجو سلام به نه ڪن. تو کي خبر آهي ته اڄ ڪلھه ڪارخاني ۾ مزدورن کي سٺيون سھولتون ملن ٿيون، علاج ۽پينشن به ملي ٿي، پوءِ جيڪڏهن هي سڀ اوڏانھن ويندا ته منھنجا پيٽرول پمپ ۽ ٻيو ڪاروبار ڪير سنڀاليندو اهي اتي چڱا آهن. هن وقت انھي جا سالا چاهي ڀاڻيجا تعليم جي نه هجڻ ڪري ڏوهن جي دنيا ۾ ڪاهي پيا آهن.
اڄ ڪلھه انھن جي اولاد به چڱي نوڪري ۾ اچي وئي آهي، تنھن ڪري انھن جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو آهي ته اسان کي اچي سڀڪو سلام ڪري، تنھن ڪري جيڪو به عزت وارو آهي، انجي خلاف انھي جي ڪنھن گھر جي ڀاتي کي لالچ ڏئي ماڻھن ۾ بدنام ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي ڪا نه ڪا ڳالھه انکان لکرائي ڇڏيندا آهن، اهو بيوقوف انھن جي چوڻ تي پنھنجي وڏن جي خلاف لکي، انھن کي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽ پنھنجي ساراهه ۾ انکان واکاڻ ڪرڻ شروع ڪئي اٿائين. دوست ٻڌايو ته ڪنھن وقت مختلف عوامي نمائندن کان فنڊز وٺي ڳوٺ ۾ ڪرايا، هاڻي اهي تباهه حال ٿيندا پيا وڃن انھن کي ٺيڪ ڪرائڻ جي توفيق ڪونه اٿن، جڏهن ته حد جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي گھر ۾ گڏ فوٽو ڪڍرائڻ ۾ خوش ٿيندو آهي. سنڌ سرڪار جا حال ايترا ته برا آهن جو اسڪولن جون نيون بلڊنگون ٺھيون پيون آهن، اتي هينئر صرف گڏهه ۽ موالي مسڪن ٺاهيو ويٺا آهن يا وري خالي پيون آهن، جيڪو پوري سنڌ ۾ آهي. ڪجھه ڏينھن اڳ دوست جي چوڻ مطابق مختلف ادارن ڏانھن درخواستون موڪلرايون اٿئين ته اهو جيڪو رٽائر ٿيو آهي، تنھن ملڪ جي خزاني کي نقصان پھچايو آهي، انهيءَ ڪري انجي خلاف انڪوائري ڪرائي وڃي، وغيره وغيره.
منھنجو دوست چوڻ لڳو ته جيترو گھڻو پئسه ۽ ملڪيتون ورتيون اٿن، جيڪي سڀ ڪنھن کي خبر آهي ته ڪير انهن جي خلاف رڳو وڃي درخواست ڏئي ته هي سڀ قابو ٿي ويندا. چوڻ لڳو ته جيڪي به هنن فليٽ ڪراچي ۾ باٿ آئي لينڊ، ڪلفٽن، ڊفينس ۽ عسڪري وغيره، اسلام آباد پلاٽ، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، سنڌ جي وڏن شھرن ورتل اٿن، جن جو مڪمل ثبوت آهي، پر مان نٿو چاهيان ته انھن کي نقصان پھچايان پر هي پنھنجي حرڪتن کان باز نٿا اچن، مان به آخر انسان آهيان، متان ڪڏهن تنگ ۽ مجبور ٿي، ڪو اهڙو قدم کڻان، جنھن ۾ سڀني ڀائرن کي نقصان پوي. مون کي چوڻ لڳو ته مان ڇا ڪيان جي نٿو ڪجھه ڪيان ته هي سر تي چڙهندا ٿا وڃن، پر جيڪڏهن مون ڪيو ته برداشت هي ڪري ڪونه سگھندا.
مون چيو ڀاءُ حضرت علي سائين جو مشھور قول آهي، جنھن جو مطلب آهي ته: ”جنھن سان چڱائي ڪيو ته ان جي شر کان الله محفوظ رکي.“ وڏڙا ته هميشه چوندا هيا ته: ”ابا اصل مان خطا ڪانه ٿيندي، بي نسل مان وفا ڪانه ٿيندي.“
مون چيو ته ”ڀائو ڪنھي ٿورا ڪنھي گھڻا، ڪانھي سورن ڌار.“
اهو اڄ ڪلھه تقريباً هر جاءِ تي ٿي ويو آهي، جو جيڪڏهن ڪنھن کي ڪا پوزي ملي ٿي وڃي ته هو آپي مان ٻاهر نڪري ٿو وڃي. بھتر آهي ته صبر ڪيو، باقي الله سائين اهڙو ڪريم آهي جو جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کوٽيندو آهي، انھيءَ ۾ سڀ کان اڳ ۾ هو پاڻ ڪرندو آهي. تنھن ڪري توڪل الله تي رک، الله انھن کي هدايت ڏيندو.
مون ڏٺو آهي ته جيڪو ڪجھه اسان جي دوست سان ٿئي پيو، اهو سنڌ جي تقريباً هر علائقي ۾ وبا وانگر پکڙجي ويو آهي. شايد انھن دوستن کي اهو ياد نٿو بيھي ته هڪ سج ٻه پاڇا ٿيندا آهن.
وقت هميشه هڪجھڙو ڪونه رهندو آهي. تنھن ڪري هر ماڻھو کي پنھنجي اوقات ۾ رهڻ گھرجي ۽ انھي ۾ عافيت هوندي آهي. مان وري به دوستن کي چوندس ته سنڌ اڳئي سورن ۾ ورتي پئي آهي، دشمن سڀني پاسي کان حملا آور آهن، بجاءِ انھن ننڍن ننڍن ڳالھين ۾ الجھڻ جي نئين نسل کي صاف ذهن رکڻ ۽ قوم ۽ ملڪ جي خدمت لاءِ تيار ڪجي نڪي، پنھنجون پاڙون پاڻ کوٽيون. باقي جنھن جو جيڪو وڙ آهي اهو پنھنجي عادت کان مجبور ٿي اهي حرڪتون ڪندو، جنھن ۾ سڄي سوسائٽي کي نقصان رسندو.
الله سائين جي در دعا آهي ته سنڌ کي سرسبز ۽ شاداب رکي ۽ سنڌواسين کي حاسدن جي حسد کان محفوظ رکي، آمين يارب العالمين.

نوجوان کي ترقيءَ جي عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ لاءِ رهنمائي جو فقدان

قوم جو اصل سرمايو نوجوان هوندو آهي، انھيءَ سرمائي جي سيڙپ هميشه ڏاها ڪندا آهن. ڏاها هميشه دنيا جي لاهين ۽ چاڙهين مان وقت جي بي رحمي واري ڇولين مان گذري پار پھچندا آهن. الحمدلله! سنڌ توڙي پاڪستان ان نوجون واري سرمائي سان مالا مال آهي. ضرورت انھي ڳالھه جي آهي ته ٻئي هڪٻئي سان ساٿ ڏئي قوم ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم رول ادا ڪن. سنڌ جي نوجوان کي اڄ تائين ڏاهو سيڙپ ڪرڻ ميسر نه ٿيو آهي، تنھن ڪري اسين سنڌ جي نوجوان کي ترقي جي عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيڻ جو ذميوار يا قصوروار نٿا چئي سگھون. جيترو مون پنھنجي سروس جي دوران ڏٺو آهي ته اسانجو نوجوان تمام گھڻو باصلاحيت ۽ همت وارو آهي، پر وقتائتي رهنمائي نه هجڻ جي ڪري اسانجو نوجوان اهو ڪردار ادا ڪري نه سگھيو آهي، جيتري اڄ اسين ان مان اميد ٿا رکون. انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ ۾ هن وقت ڏاهي سيڙپڪار جو فقدان آهي، پر خوشي جي اها ڳالھه آهي ته سنڌ جي سول سوسائٽي ۾ هاڻي سجاڳي اچڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ اميد ڪري سگھجي ٿي ته سنڌ ۾ ڏاهو سيڙپڪار اچي پنھنجي ذميواري سنڀاليندو، جنھن جي ڪري سنڌ اڳتي هلي سکيو ۽ ستابو علائقو ٿيندو. سنڌ جو نوجوان ڏاهي سيڙپڪار جي نه هجڻ سبب گھڻو ڪجھه وڃايو آهي، جنھنجو سنڌ ڌرتي جي مفادن هڪ ڪاپاري ڌڪ لڳي چڪو آهي.
انھيءَ رسيل نقصان مان نڪرڻ ۽ پنھنجي پيرن تي بيھڻ لاءِ سنڌ جي نوجوان کي تمام گھڻي محنت ۽ مشقت ڪرڻي پوندي. پنھنجي قدرتي وسيلن جي رکوالي ۽ انھن قدرتي ذريعن کي پنھنجي مفاد ۾ نه آڻڻ جو واحد سبب اهيو رهيو آهي ته هر دور ۾ سنڌي نوجوان سھولت سان گڏ ڏاهي ۽ سڄڻ سيڙپڪار جي نه هجڻ سبب پنھنجي قدرت طرفان مليل ملڪيت جو تحفظ ڪري ڪونه سگھيان آهيون. جنھن جو ڌارين اچي خوب فائدو ورتو آهي ۽ وٺندا رهن ٿا. هينئر به باوجود گھڻو ڪجھه وڃائڻ جي، اسين قدرتي وسيلن سان ڀرپور ۽ مالامال خطي کي پنھنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري سگھڻ جي طاقت رکون ٿا، بشرطيڪه اسانجو نوجوان پڪو پهه ڪري طارق بن زياد وانگر ٻيڙيون ساڙي ميدان ۾ لھي پوي. الحمدلله مونکي پنھنجي نوجوانن ۾ اها ڪيفيت محسوس ٿيندي نظر اچي ٿي، تنھن ڪري مان ايئن چئي سگھان ٿو ته انشاءَ الله اهو وقت پري ناهي جو اسين پنھنجي قدرت جي ڏنل خزانن کي سنڌ ۽ سنڌڌرتي جي ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. اسين سڀ ان مرض جي تشخيص ڪري چڪا آهيون ته سنڌي عوام کي ڪھڙي طريقي ۽ حربن جي استعمال سان قومي ڌاري کان ٻاهر ڪنھن سٽيل منصوبي تحت پري رکيو ويو. جڏهن مرض جي تشخيص ٿي ويندي آهي ته انجو علاج ڪرڻ ناممڪن ڪونه هوندو آهي. انھي مرض مان جان ڇڏائڻ لاءِ گھڻيون ڏکيائيون ۽ پريشانيون اڳتان اينديون آهن پر مرض تي قابو ٿي ويندو آهي.
اسان جي ننڍي وڏي ٻار کي به خبر آهي ته سنڌ جي اصل وارثن کي ڄاڻي واڻي ڌڪي ديوار سان لڳايو ويو آهي. انشاءَ الله اسين سڀ ان ديوار کي ٽوڙي پنھنجي کسيل منزل کي پنھنجي هٿ ۾ ڪنداسين. اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته ڇو اسانجي جنرل تعليم ۽ ٽيڪنيڪل تعليم جي ميدان ۾ رنڊڪون وڌيون ويون، ۽ انھي سڄي تعليمي نظام کي هٿ سان برباد ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو هلندو رهي ٿو، انھيءَ وڇايل ڄار ۾ اسين ايترو ته جڪڙجي ويا آهيون، جنھن اسان کي بي وس ڪري ڇڏيو جنھن جي ڪري ڪو ڏاهو سيڙپڪار پيدا ٿيڻ نه ڏنو ويو. الحمدلله اڄ سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ڏاها سيڙپڪار پيدا ٿيا آهن جيڪي سنڌ جي سرمائي کي چڱي طرح سيڙپ جي راه تي گامزن ڪري سگھن ٿا. هيءُ وقت آهي ته اسين پنھنجي نوجوانن کي معياري تعليم ڏئي بھترين ڊاڪٽر، انجنيئر، سول سرونٽ، ٽيڪنيشن، جج، وڪيل ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف. مطلب ته هرفيلڊ ۾ بين الاقوامي معيار مطابق پراڊڪٽ تيار ڪيون.
مان رات هڪ فيملي گڏجاڻي ۾ ويل هيس، جتي پاڪستان جي معاملن تي وسيع تجربو رکندڙ هيا. مون ڏٺو ته انھن جون اکيون انھي ڳالھه تي کتل هيون ته ڪيئن ٿر مان نڪتل ڪوئلي تي بجلي مان اسانجو نوجوان فائدو وٺندو. ٻيو جيڪو انڪشاف اتي ٿيو ته سنڌ مان گئس جا سمنڊ جي پٽي تي جيڪي ذخيرا لڌا آهن، جن جي سرڪاري طور ڪابه ڄاڻ نه ڏني وئي آهي. پر اتي ڳالھين مان خبر پئي ته هڪ تمام وڏو ذخيرو دريافت ٿيو آهي، جيڪو ٽي هزار ارب قيوبڪ فوٽ آهي، جيڪو پاڪستان جي هڪ سو سال جون ضرورتون پوريون ڪري سگھندو.
هي وقت آهي ته اسان جو نوجوان سڀ کان وڌيڪ ٽيڪنيڪل تعليم کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي. انھي ذخيري کي ڪتب آڻڻ لاءِ ڪئي هزار ٽيڪنيڪل ماڻھو گھربا. جيڪڏهن اسان اهي ٽيڪنيڪل معياري افراد پيدا ڪونه ڪنداسين ته اهي ذخيرا اسان جي سنڌ جي ماڻھن کي فائدو ڏيڻ جي بجاءِ يرغمال بڻائيندا. اسان جي نوجوانن کي اها تڪليف ڪرڻي پوندي صرف ڪاپي ڪري امتحان پاس ڪرڻ سان ڪم ڪونه هلندو. جيڪڏهن هن وقت اسان هي ميدان خالي ڇڏيو ته پوءِ سڄي عمر پڇتائيندا رهنداسين، ڪجھه ڪونه ورندو.
اسانجي نوجوان کي هميشه اها شڪايت رهي آهي ته اسان سان وڏا سھڪار نٿا ڪن. وڏن کي اها شڪايت آهي ته اسانجو نوجوان پنھنجي اهليت کي وڌائڻ لاءِ ڪجھه ڪونه ٿو ڪري، صرف شارٽ ڪٽ تي هلي فائدو وٺڻ ٿو چاهي. جيستائين اسان جو نوجوان اهل نه هوندو، تيستائين انھن وڏين ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ ڪنھن به طريقي سان جيڪڏهن پھچي به ويندو ته اتي جٽاء ڪري ڪونه سگھندو، الٽو ٻين سنڌ جي رهواسين لاءِ برو اثر ڇڏيندو آهي. جنھن جي ڪري اسان جي ان ڪمزوري مان ڌاريا ڀرپور فائدو وٺي سنڌين جي لاءِ راه مشڪل بڻائي ڇڏيندا آهن. سازشون اڳئي شروع ٿي ويون آهن ته ڪيئن هو اسان جي ان ڪمزوري مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن. اسان سڀ رڙيون ۽ دانهون ڪندا آهيون ته اسانجي اهل ماڻھن کي جائز مقام نٿو ڏنو وڃي، جيڪا حقيقت آهي پر انھي ۾ قصور ڪنھن جو آهي. جيستائين اسان وافر مقدار ۾ معياري ماڻھو پيدا ڪري انھن آرگنائيزيشن ۾ ڪونه وينداسين، تيستائين اسان کي پنھنجو جائز مقام ڪونه ملندو.ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن انھي گئس فيلڊ تي ڪم شروع ٿيندو ته هزارن جي تعداد ۾ ڪرين، ڊمپر ڊرائيور ۽ مختلف ٽيڪنيشن ٻاهريان اچي پھچندا.
اسان اڄ تائين سنڌي نوجوان کي انھن فيلڊس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ڪيو. جيستائين اسان پنھنجي نوجوانن کي معياري ڄاڻ سان هٿياربند نه ڪنداسين، تيستائين اسان سڀني جون دانھون ۽ ڪوڪون رڍ اڳيان رباب وڄائڻ وانگر ثابت ٿينديون. جلسا جلوس، تقريرون، ميڊيا هڙ حاصل ڪونه ٿيندي.
سنڌي قوم جو اهو وڏو الميو اهو رهيو آهي ته 1936ع کان وٺي سنڌ جي سياسي قيادت سنڌ سان مخلص ڪانه رهي آهي. اڄ تائين سنڌي قوم جو وڪرو ڪري ذاتي مفاد کي ترجيع ڏني وئي، سواءِ ستر واري ڏهاڪي جي شروعات واري دور جي. هي وقت آهي ته سنڌ جي سجاڳ سول سوسائٽي ۽ نوجوان پنھنجي اڻٿڪ محنت سان سنڌ جي قدرتي وسيلن جي مالڪي ڪيون. باقي جيڪڏهن سنڌ جي سياسي قيادت تي ڀاڙي ويٺاسين ته اسان جا ايندڙ نسل غلامن کان بدترزندگي گذاريندا. تاريخ ۽ اسانجو ايندڙ نسل اسان سڀني کي معاف ڪونه ڪندا. پاڪستان جا ٻيا صوبه سنڌ کا ڇو اڳتي آهن؟ اسان ڪڏهن به انھي ڳالھه کي سوچي ۽عمل ڪونه ڪندا آهيون، صرف پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين کي ڏسي روئندا آهيون. باقي ڀٽائي سائين کي جھونگاريندا رهنداسين پر عمل ڪونه ڪنداسين. ڀٽائي سائين انھيءَ وقت لاءِ ته چيو هو ته:
هڻ ڀالا وڙه ڀاڪرين، آڏي ڍال ۾ ڍار
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.

اسان جي تلوار ڪھڙي آهي، معياري تعليم، تربيت ۽ همت.

قدرتي وسيلن جي مالڪيءَ جو شعور

تتي ٿڌي ڪاھه، ڪانھي ويل ويھڻ جي.

سنڌ کي هن وقت اشد ضرورت آهي ته جيڪي الله سائين پنھنجي قدرت سان قدرتي وسيلن جي ذريعي عنايتون ڪيون آهن انھن جي مالڪي ڪري سنڌ ۽ وطن عزيز جي ترقيءَ ۾ ڀرپور ڪردارا ادا ڪيون. انھي لاءِ اوتروئي ضروري آهي ته اسان پنھنجي تعليم تي خاص ڌيان ڏيون. جيستائين اسان پنھنجي نئين نسل کي تعليم جي زيور سان آرائسته ڪونه ڪنداسين، تيستائين ايئن ۾ ڏنل حقن کي حاصل ڪري ڪونه سگھنداسين. انھي لاءِ ضروري آهي ته گورنمينٽ، استاد، شاگرد، والدين، سول سوسائٽي. سڀ ملي انھي موذي مرض يعني ڪاپي ڪلچر مان جان آجي ڪيون. جيستائين هر ذميوار شخص پنھنجو فرض پوري نيڪ نيتي سان ادا ڪونه ڪندو، تيستائين اسان انھي ڪينسر وانگر پکڙيل مرض مان جان ڪونه ڇڏائي سگھنداسين. اسان جي اها عادت ٿي وئي آهي، هميشه ٻئي تي سڄو ڪچرو اڇلائي ڏاڍا مطمئن ٿي ويندا آهيون جيڪو اسان پاڻ ۽ پنھنجي قوم سان نسورو ڌوکو ڪندا آهيون، نتيجي ۾ اسانجو نوجوان ٻين جي اڳيان مقابلي ۾ پاڻ کي ڪمزور سمجھي ٿو، حالانڪ اسانجو نوجوان ٻين قومن جي نوجوانن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ذهين ۽ باشعور آهي، پر انجي ذهانت ۽ شعور کي وڌيڪ پالش ڪري اڳتي آڻڻ واري ڪيميا جي نه هجڻ ڪري انجي ذهانت ۽ شعور بيڪار ٿي سوسائٽي جي لاءِ نقصانده ٿئي ٿو، ۽ هو پاڻ کي بيوس ۽ ڪمزور سمجھي ڪنھن جو سھارو ڳولڻ لاءِ شارٽ ڪٽ وارا رستا اختيار ڪري ٿو، جنھن جي ڪري اسان جي سنڌ سونھاري جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي.
دنيا ۾ جن به قومن اڳتي ترقي ڪري پنھنجو مقام ٺاهيو آهي، انھيءَ ۾ سڀ کان اول معياري تعليم جو وڏو ڪردار آهي. دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جن وٽ ڪوئي خاص قدرتي وسيلا ناهن پر ان ڪمي کي تعليم جي زيور سان پورو ڪري دنيا جي نقشي تي اهميت جا مالڪ ٿي بيٺا آهن.
صرف هڪ ملڪ جپان کي ڏسو، جنھن وٽ ڪي خاص قدرتي وسائل ناهن ۽هميشه آفتن ۾ وچڙيل رهيو آهي. دنيا ۾ سڀ کان پھريون دنيا جو وڏو ۾ وڏو موتمار جنگي هٿيار يعني ائٽم بم جپان جي سرزمين تي اڇلي تباهي سان همڪنار ڪيو ويو. جنھن کان پوءِ آمريڪا جي نيو ڪلونيل سسٽم تحت هيٽ رهيو. جپان انھن ڏکين حالتن کي منھن ڏيندي تمام ٿوري عرصي ۾ دنيا جي ٻيو نمبر ايڪانامي جو مالڪ ٿي رهيو. هن وقت چائنه دنيا جي ايڪانامي ۾ ٻئي نمبراچي ويو آهي، جپان ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.
جپان جو انھن آفتن کي منھن ڏيندي دنيا جي ٻئي نمبر ايڪانامي ٿيڻ ۾ صرف ۽ صرف معياري تعليم هئي. جنھن ڪري جپان ڏکئي صورتحال مان نڪري پنھنجي معشيت کي اڳتي آندو. جيڪڏهن هن وقت چائنه دنيا جي ٻيو نمبر ايڪانامي تي پھتو آهي ته انھي ۾ سڄو ڪردار معياري تعليم جو آهي. اسرائيل جنھن وٽ ايترا قدرتي وسائل ناهن، پر انجي تعليم ۾ اعليٰ معيار هجڻ ڪري تمام گھڻو اڳتي آهي.
دنيا جي ٿوري آبادي يھودين جي آهي، پر پوري دنيا تي ڪنٽرول يھودين جو آهي. تعليم جي ميدان ۾ جيترا به نوبل انعام ملن ٿا، انھن ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد يھودين جو آهي. اهو سڀ ڪجھه معياري تعليم جي ڪري آهي، سنڌ جيڪڏهن اڄ پٺتي پيل آهي ته اهو صرف معياري تعليم جي نه هجڻ ڪري آهي. جيڪڏهن اڳتي نڪرڻو آهي ته صرف ۽ صرف معياري تعليم جي ڪري ٿيندو. هاڻي اهو اسان کي مجموعي طور سوچڻو ۽ ان تي عمل به ڪرڻو آهي. جيڪڏهن اسان صرف ڳالھيون ۽ ٻين تي الزام هڻنداسين ته جھوليءَ ۾ ڪجھه پلئه ڪونه پوندو. اسان سنڌ جي رهواسين کي انھي الزام تراشي واري صورتحال مان نڪري تعميري سوچ سان اڳتي هلڻو آهي.
اسان سڀني غلطيون ڪيون آهن، انھي جو مطلب اهو ناهي ته صرف ڪنھن تي اڱر کڻي نشاندهي ڪري ۽ عملي طور ڪجھه نه ڪيون. ان سان سنڌ جي خدمت هرگز ڪانه ٿيندي. سنڌ جي سياسي قيادت کي جيڪو تعليم لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو هيو، ان ۾ مڪمل اڄ تائين ناڪام رهي آهي. ان ۾ جيڪڏهن اسان مجموعي سنڌي قوم جي ڪردار کي ڏسون ته اهو وڌيڪ مايوس ڪندڙ رهيو آهي. انھي ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ سنڌي قوم شعور جي حساب سان باقي ٻين جي مقابلي ۾ اڳتي آهي، پر پنھنجي شعور کي ڪڏهن به صحيح استعمال ۾ ڪونه آندو آهي. شعور کي استعمال جي حساب سان اسان سڀني کان پوئتي آهيون، جنھن ڪري اسان سياسي قيادت کي اهو باور ڪرائي ڪونه سگھيا آهيون ته ڪو اسين انسان آهيون ۽ سوچ به رکون ٿا. اسان سنڌين جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري اها آهي ته اسان سڀ جذبات ۽ انا جا غلام آهيون. اسان ڪڏهن به مثبت انداز ۾ سوچي قدم ڪونه کڻندا آهيون. اسان جيڪڏهن ڪنھن سان سياسي طور سلھاڙيل آهيون ته پوءِ ان جي هر بري قدم کي به قبول ڪندا آهيون، ۽ وري روئندا به آهيون. تنھن جي باوجود اسان ۾ اخلاقي جرئت ڪانھي جو اسان سياسي قيادت جي خراب ڪم جي نندا ڪيون. سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ ۾ سنڌ جي سياسي قيادت جو اهم رول رهيو آهي، پر اسان ۾ اخلاقي جرئت ڪانھي جو انھيءَ جي خلاف عملي طور قدم کڻون يا سياسي قيادت تي دٻاءُ وجھون ته جيئن هو سنڌ جي تعليم کي تباه ڪرڻ وارو سلسلو ختم ڪن. جيستائين اسان سڀ سنڌ جو عوام انھي ڳالھه تي متفق نه ٿينداسين ته اسان کي معياري تعليم کپي، تيستائين نه اسانجي سياسي قيادت پنھنجو ڪردار ادا نه ڪندي نه وري اسان جي تعليم ۾ سڌارو ايندو.
سنڌ جي سموري سياسي قيادت کي گھرجي ته جيئن اڄ تائين سڀني گڏجي 1936ع کان وٺي سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي.هاڻي خدا جي واسطي سنڌ جي اعليٰ تعليم جي معيار لاءِ به هڪ پليٽفارم تي اچي گڏ ٿيو ته جيئن سنڌ ترقي ڪري. سنڌ جي ترقي معنيٰ پوري ملڪ جي ترقي ٿيندي.
تعليم ۽ تربيت پيغمبراڻو پيشو
گذريل ڪوتاهين کي ڇڏي اسانجي معزز پيشي سان لاڳاپيل استاد کي پنھنجو پيغمبر وارو رول ادا ڪرڻ نھايت ضروري آهي. هن وقت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ ڪلھه جي استاد جي ڪردار کي ڏسي استاد چوڻ به شرم ٿو اچي. قوم جو معيار وڌائڻ وارو استاد هوندو آهي. جيترو استاد باڪردار هوندو، اوترو معاشرو سڌريل ۽ ترقي يافته هوندو. اسان جا استاد گھٽ پر قوم جا ويري وڌيڪ ٿي ويا آهن.
اسان جا استاد اسان کي ياد آهي ته ڪڏهن به پنھنجي سڄي اسڪول جي ڪنھن به شاگرد جي سامھون تماڪ نوشي ڪونه ڪندا هيا، هينئر استاد شاگرد کان سگريٽ وٺڻ ۾ ڪوئي عار محسوس ڪونه ٿو ڪري. هڪ جيڪو رشتو هوندو هيو استاد ۽ شاگرد ۾ حياء ۽ شرم وارو، اهو احساس ختم ٿي ويو آهي. استاد اڳ ۾ رول ماڊل هوندا هيا. هينئر جيڪو ڪجھه ٿئي پيو سڀني جي سامھون آهي. جنھن ڏينھن کان استادن پنھنجي معزز پيغمبر واري پيشي جي بي عزتي ڪندي سياستدانن جي درن تي وڃي چاپلوسي ۽ ٺيڪيداري ڪرڻ شروع ڪئي، انھيءَ ڏينهن کان پوءِ اسانجي سنڌ جي تعليم تباهه ٿيندي وئي. هن وقت استاد گھٽ تباهي ڪرڻ وارو ليڊر وڌيڪ استاد آهي. انھيءَ ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته ون يونٽ واري زماني سنڌ جي تعليم کي پٺتي ڪرڻ جا حربا استعمال ٿيا. پر جيڪڏهن اسين حقيقتن کي سامھون نظر ۾ رکي نيڪ نيتي سان جائزو وٺون ته سنڌ جي تعليم کي وڌيڪ نقصان ڪنھن ڏنو آهي. ڌارين يا سنڌ جي سياسي قوتن.
1970ع کان اڳ واري سنڌ جي تعليم جي معيار ۽ انکان پوءِ اڄ تائين سنڌ جي تعليم جي معيار کي جيڪڏهن پرکبو ته ڳالھه سڀني جي سامھون اچي ظاهر ٿي بيھندي. جنھن کي اسان آسانيءَ سان سمجھي سگھون ٿا ته سنڌ جي تعليم جو دشمن ڪير آهي. انھي کان پوءِ به اسين نانگ نڪري وڃڻ کان پوءِ پيٽي کي پيا ڌڪ هڻون، جيڪو صحيح ناهي، اسان کي انھي اصول کي بدلائڻو پوندو. اسان جي هر مڪتب فڪر جي ماڻھو کي انھي هڪ ائٽم ايجنڊا تي گھٽ ۾ گھٽ هڪ اصول ٺاهڻو پوندو، جنھن جو محور صرف معياري تعليم هجڻ کپي. جيستائين اسانجي سوسائٽي جو هر فرد پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪونه ڪندو، تيستائين سنڌ جي تعليم ۾ سڌارو ڪونه ايندو، نتيجي ۾ سنڌي ترقي ڪونه ڪندو، آخر ۾ سنڌي پنھنجي ڌرتي تي ريڊانڊين واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيندا.
سنڌ ۾ سيدن جو اتحاد
سنڌ ۾ جيئن سيدن جي ٻڌي آهي ته سنڌ ۾ سيد کان علاوه ڪوئي مسلمان سنڌ جو وزيراعليٰ قبول ناهي. سيد ڀلي سياسي طور هڪٻئي جا مخالف هجن پر جڏهن سيد کي سنڌ جي وزارت اعليٰ تان هٽائڻ جي ڳالھه نڪرندي ته ڪنھن ٻئي کي وزارت اعليٰ ڏيڻ جو ارادو ٿيندوآهي ته هڪدم سيد سڀ ملي ۽ هڪٻئي جا ماما ۽ ڀاڻيجا ٿي ٻئي ڪنھن مسلمان کي وزارت اعليٰ ڏيڻ ڪونه ڏيندا آهن. اهڙي طرح سنڌ جي هر طبقي جي ماڻھو کي سنڌ سان وچن ڪرڻو پوندو ته ڇابه ٿئي، پر سنڌ جي معياري تعليم تي ڪابه سودي بازي قبول ناهي. انھيءَ کان پوءِ سنڌ جي معياري تعليم جو بنياد پوندو ۽ سنڌ ترقي ڪندي.
هو چئي تو نه مه چئو واتون ورائي
اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي
پاند ۾ پائي ويو ڪيني وارو ڪين ڪي.

(شاهه صاحب)
مون پنھنجي پوري سروس ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ جيڪو ڪجھه سکيو ۽ جيڪو ردعمل ڏٺو، اهو ٿي سگھي ٿو ته ٻين جو ساڳيو تجربو هوندو يا مختلف. انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته زندگي ڄمڻ کان وٺي مرڻ جي گھڙي تائين سکڻ جو وقت آهي. انھيءَ سڄي وقت ۾ ڪيترن سان رستي ويندي کان وٺي عمر گڏ گذارڻ وارن ڪيترائي ماڻھن سان مختلف حيثيت ۽ ڪيفيتن ۾ رهڻ ۽ سھڻ ٿيو ۽ هر دور ۾ ٿيو. انھيءَ سڄي وقت ۾ ڏکيا ۽ سکيا وقت به گذريا. انھن ڏکن ۽ سکن واري ماحول ۾ ڪيترائي ماڻهو ڪم آيا ۽ ڪيترائي پاڻ ڪڍائي ڀڄي ويا. ڪيترائي انھي وقت ۾ واقفڪار، دوست ٿيا، جن مان ڪن پنھنجو ساٿ هميشه لاءِ ڏنو ته ڪي ڏکئي وقت تي پاڻ لڪائي غائب ٿي ويا، وري تڏهن اچي ظاهر ٿيا جڏهن سک وارو وقت آيو. ڪي اهڙا به هيا جيڪي واقعي ڪنھن مجبوري سبب ساٿ ڏئي نه سگھيا، پر گڏ هلندا رهيا.
ماڻھو جا زندگي ۾ واقف ڪار تمام گھڻا ملندا آهن، جن سان ڪنھن نه ڪنھن سبب جي ڪري واقفيت ٿيندي آهي، پوءِ جڏهن ڳچ وقت گذري ويندو آهي ته هڪٻئي جا حال ونڊيندڙ بڻجي ويندا آهن. جڏهن حال ونڊيندڙ ٿيندا آهن ته پوءِ اڳتي هلي ڏک ۽ سک ۾ ساٿ نڀائڻ وارا بڻجندا آهن، جنھن کي عرف عام ۾ دوست چئبو آهي. دوستن ۾ به وري ٻه قسم ٿيندا آهن، هڪڙا اهي دوست جن سان ڏک سک ته اوريندا آهيون پر دل جو راز هڪٻئي سان ڪونه ونڊيندا آهيون. جنھن دوست سان راز ونڊيندا آهيون، اهو هميشه اعتماد وارو دوست هوندو آهي، جيڪو هميشه توهانجي عزت ۽ مان ۾ گھٽتائي برداشت ڪونه ڪندو آهي. ان سڄي وقت ۾ اعتماد وارا دوست جيڪڏهن ڪنھن وٽ ٻه يا ٽي آهن، ته هو وڏي ۾ وڏو خوش قسمت ماڻهون هوندو آهي. الحمدلله مان خوش نصيب آهيان، جو مون کي ٻه ٽي اهڙا دوست آهن جيڪي جھنگ، ملتان ۽ ڀريا، شاهپور چاڪر. الله منھنجي انھن دلي دوستن کي هميشه آباد رکي. آمين يارب العالمين.
انسان جو پئدائش کان وٺي موت تائين رت جي رشتيدارن سان واسطو رهي ٿو. سڀ کان پھريان اک کولڻ سان، سچا رشتيدار والدين ڀائر، ڀينر، چاچا، ماما، سوٽ، ماسات ۽ انھن جي اولاد وغيره وغيره. اوڙو پاڙو وڏڙن جا دوست احباب . جڏهن اسڪول ۾ وڃي ٿو ته اتي سڀ گڏ پڙهڻ وارا اڃا وڌيڪ هڪ بينچ تي ويھڻ وارا، اهڙي طرح يونيورسٽي تائين. انکان پوءِ نوڪري ڳولھڻ تائين ويندي نوڪري تائين به ڪي رشتيدار گڏ رهندا آهن. نوڪري کان پوءِ جن کي توهان سڃاڻيندا به ڪونه آهيو، رشتي جي ڪا نک سک ڪڍي رشتيدار ٿي ويندا آهن. وري عجيب ڳالھه اها هوندي آهي ته منھن جي اهڙي پڪائي سان ڪچھري ۾ ايئن اچي ڳالھه ڪندا ڄڻ ته هي توهان کي ڏکئي ۽ سکئي وقت، پڙهڻ جي دوران مدد ڪندو هيو. مطلب ته جيڪو هونئن پاڻ سان گڏ بيھارڻ توهين سمجھندو هيو، اهو هينئر پاڻ کي وڌيڪ هڏڏوکي تصور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو نظر ايندو.
علائقي جو چڱو مٺو اچي مائٽن کي مبارڪ به ڏيندو ته منھن مٺي ڪرڻ لاءِ ڪا مٺائي وٺي ايندو ۽ بانور ڪرائيندو ته ابا تنھنجو پيءُ ۽ چاچي ته اصل کان وٺي اسانجي ڀائري رهي آهي ۽ خوشي ٿي جو تون الله ڪيو وڏي عھدي تي اچي پھتو آهين. وغيره وغيره.
پوءِ مٽ، مائٽ، عزيز ۽ دوست ڪم ڪار سان پيا ايندا ويندا، ڪن جا جائز ڪم هوندا ته ڪن جا ناجائز، ڪي ٿيڻ جھڙا ڪي نه ٿيڻ جھڙا، پر انھن سڀني جو چوڻ ساڳيو هوندو ته سائين توهان رڳو فون تي هيلو ڪندا ته اسانجو ڪم ٿي ويندو. جيڪڏهن ڳالھه سڌي ۽ سچي چئو ته ڪي ناراض. بھرحال پنھنجا جيڪي به عزيز اقارب آهن، انھن جي نظرن ۾ بي همتو، ڪم ڪونه ڪندو، جا طعنه ڏيندا رهندا. سواءِ والدين جي باقي سڀ رشته وڃي مطب تي بيھندا. ڀائرن، ڀينرن ۽ سؤٽن، ماساتن جا رشته تيستائين بھتر رهندا آهن، جيستائين انھن جي اولاد جوان ٿئي. جنھن ڏينھن انھن جي اولاد جوان ٿي ويندي آهي ته هو مجبور ٿي پنھنجي اولاد جي ڳالھه تي هلندا آهن. جنھن ڪري ان سچي رشتي ۾ ڪافي گھٽتائي اچي ويندي آهي. پوءِ به ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو رشتو ٻين کان وڌيڪ مضبوط رهندو آهي.
رٽائرمينٽ کان پوءِ جيڪي رشته توهانکي ويجھا نظر لڳندا هيا انھن مان گھڻا آهستي آهستي ڪو نه ڪو بھانو ٻڌائي اهي به ڪافور وانگر هوا سان ملي پنھنجي دل ۾ رکيل غبار جائز ناجائز ڪڍي ٻئي جي ٻڌي اڻٻڌي ڪري.
هوا ۾ اڙتا جائي ميرا لعل دوپٽه ململ دا.
ڪي باقي رهيل رشتيدار اچي چوندا ته يار ماڻھو ته اسان کي ٿڪون ٿا هڻن ته توهانجو ڪوئي ڪم ڪونه ڪيائين، پر مان ته يارتوکي ڪونه ڇڏيندس. جنھن جو سڌو مطلب ته تون ڪجھه ڪونھن پر اسان توتي احسان ٿا ڪيون جو توسان نڀايون ٿا. چاهي توهان انھن جي لاءِ ڪافي ڪجھه ڪيو به هوندو آهي، پر هو ان ڳالھه کي هڪدم وساري صرف ڪا اهڙي ڳالھه کي پڪڙي ويھندا، پوءِ جڏهن به موقعو ملندن ته چئي ضرور ڏيندا ته جيڪڏهن تون منھنجي لاءِ ڪرڻ چاهين ها ته ڪري پئي سگھئين ۽ مان اڄ ڪافي مٿي هجان ها وغيره وغيره. اهڙي طرح اهڙي قسم جون ڳالھيون باربار جڏهن به موقعو ملندن ته اهاضرور ڪري پنھنجي اندر جي باهه ٻاهر ڪڍندا رهندا آهن.
پنھنجي عزيزن جا جيترا به ڪم ڪيو، اهي کين ڪڏهن به ياد ڪونه هوندن پر جيڪڏهن ڪو انھن جو نه ٿيڻ جھڙو ڪم نه ٿيو هوندن ته انھيءَ کي سڀ ننڍا وڏا ياد رکندا به آهن ۽ بار بار انھيءَ ڳالھه کي ورجائي توهان سان ملڻ جلڻ ۽ تعلق رکڻ به هڪ قسم جو احسان سمجھڻ لڳندا آهن. جڏهن سامھون ايندا ۽ وري ڪٿي ڪم اڙيل هوندن ته وري بابي کي چوان، ابا! تون ته اسانجو سھارو آهين، ٻئي کي ته ڪونه چونداسين ابا اڳ به تنھنجون يار مون تي ته مھربانيون گھڻيون ٿيل آهن، پوءِ ٻيا مڃن يا نه مڃن مان ته مڃيان ٿو. ابا تو ته هن ڳوٺ ته ڇا پر پوري پاڙي وارن جي لاءِ سڀ ڪجھه ڪيو آهي، پوءِ جيڪو نه مڃي ابا اهو پاڻ ڄاڻي .پوءِ ڏس دنيا جھان جون سڀ خوبيون اچي اتي دنگ ڪنديون. جڏهن انجو اهو ڪم ٿي ويندو ته ٻئي دفعي وري اهوياد وسري ويندو ۽ ڪنھن وقت جو چيل ڪم جيڪو ٿي نه سگھيو هوندو، انھي جي پچار ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا. ٻھراڙي هاڻي اها ٻھراڙي رهي ناهي، جيڪا اڄ کان چاليھه پنجاهه سال اڳ ۾ هئي جنھن وقت عزت صرف شرافت ۽ نيڪ ماڻھو جي ٿيندي هئي. ان عزت ۾ لالچ وارو عنصر ڪونه هوندو هيو، جيڪو اڄ ڪلهه ٿي ويو آهي.
يرغمال والدين
اڄ ڪلھه مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ته اولاد پنھنجي والدين جي اهاعزت ڪونه ٿا ڪن، جيڪا انھن مٿان فرض آهي. انھيءَ حالت ۾ والدين اڄ ڪلھه پنھنجي اولاد وٽ يرغمال ٿي ويو آهي. ڳالھه ايستائين وڃي پھتي آهي جو والدين جي خيال کي ڏسي پوءِ ڪجھه چوي ٿو. هينئر جڏهن پيءُ بي وس آهي پنھنجي اولاد وٽ، تنھنڪري ٻئي جي عزت تيستائين ڪندا آهن، جيستائين انھن جو مفاد هوندو آهي.
پنھنجي ويجھن يا ٿورو پري وارن عزيزن ۾ وري هڪ وڏي بيماري اها ٿيندي آهي ته فرض ڪيو ته منھنجي ڀاءُ، سؤٽ يا انھن جي اولاد مان ڪڏهن انھن پاڻ ۾ تکو مٺو ڳالھايو هوندو ته اهو به منھنجي حصي ۾ ايندو، جنھن جي مونکي خبر چار به ڪان هوندي، پوءِ ڪٿي ڪو اهڙو موقعو ايندو ته اهو بانور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا ته هن جي ڀاءُ سؤٽ جو مونکي گھٽ وڌ ڳالھايو هيو، اهو صرف هن شخص جي ڪري.وري ڏسندو ته پاڻ ۾ گڏ کنڊ کير لڳا پيا هوندا. يا ڪنھن پاڻ وڻائڻ خاطر ڪو ڪوڙ ڳالھائي ڪنھن کي چيو هوندو ته يار ڇا ڪيون، اسان ته اڳئي هڪ آهيون پر اسان کي روڪيو ويو هيو. انجي چوڻ کي اهميت هوندي، ڀلي ان نسورو ڪوڙڇونه ڳالھايو هجي. جيڪڏهن چئو ته ڀاءُ ان کي آمھون سامھون ڳالھه ڪراءِ ته بھانه هزار ڪاري ڪانو وارو ضد مان نه مڃيان.
جيڪڏهن ڪنھن مذاق ۾ به ڪوڙ ڳالھائي چيو هوندو ته يار صاحب وٽ وڏو پئسو آهي ته هڪدم انجي ڳالھه تي سورهن آنه سچ سمجھي اعتبار ڪندا ۽ ڪنڌ به هلندن ۽ هڪٻئي کي چوندا ته يار اسان کي اڳئي شڪ هيو، پر هاڻي پڪي ماڻھو ڳالھه ڪئي آهي. هڪ دفعي منھنجي ڳوٺ جو ماڻھو مون سان گڏ ڪراچيءَ کان واپس اچي پيو ۽ رات هڪ دوست وٽ شاهپورچاڪر ۾ رهياسين. ڳالھين ۾ منھنجي دوست ان همراهه سان مذاق ڪندي ڳالھه ڪئي ته اهو جيڪو مينھون، ڳئون ۽ ٻڪرين جو ڌڻ ڏسين ٿو، اهي سڀ توهانجي صاحب جا آهن. هٿ جو اشارو ڪري چيائيس او هو جيڪي توکي پري وارا وڻ نظر اچن ٿا، ان کان به پنج اٺ نمبر اڳتي اوڀر کان اها زمين ويندي او اهو جيڪو روڊ نظر اچي ٿو نه، انکان به ڪافي اولھه تائين اها صاحب جي ملڪيت آهي، مان هتي صاحب جو ڪمدار آهيان. هن سال ڦٽي مزو ڪونه ڪيو، جو پاڻي وقت تي ڪونه مليو، پوءِ سترهن ارڙهن هزار مڻ لٿي. گذريل سال پنجويھه هزار مڻ کان مٿي ڦٽي لٿي هئي. جڏهن ڳوٺ وياسين ته ٻن ڏينھن کان پوءِ منھنجو هڪ عزيز ست اٺ ڪلوميٽر تان آيو ۽ چوڻ لڳو ته صاحب مونکي ڪجھه ضرورت آهي، ۽ مونکي اوڌر تي ڪجھه رقم گھرجي. مون چيو ته ڀاءُ اسين ته پاڻ پيٽ ۾ پورا آهيون، چيائين ته سائين صاحب اهڙو ڪوڙ ڇو ٿا هڻو مونکي خبر آهي ته هن سال تنھنجي ڦٽي ويھه هزار مڻ کان مٿي لٿي آهي ۽ پوءِ به چوين ٿو ته مون کي پئسه ناهن، مون چيوته ڀائو تون ايئن ڪر مونکي صرف ويھن مڻن جي رقم ڏي باقي سڀ تون وڃي کڻ. خدا جا بندا! اهڙا ڪوڙ ته ڇا پر تھمت ته نه هڻو. چوڻ لڳو ته ماڻھو جو ٿا چون. اهي ڪھڙا ماڻھو ٿا چون ٻڌاءِ ته سھي؟ چوڻ لڳو ته توهان وٽ هيتري ساري زمين آهي، پوءِ به پاڻ کي ايئن ٿا سمجھو.
ٻيو سڀ کان وڏو آزار پنھنجن جو اهو هوندو ته هميشه مونکان ڳالھيون لڪائيندا، پوءِ جڏهن ڪو اهڙو مسئلو ٿيندو ته چوندا ته سائين توهان کي ڪيئن نه خبر هوندي، سائين هتي سڀني کي خبر آهي . جيڪڏهن چئو ته ڀلا توهان ڇونه ٻڌايو ته پيا بھانه ڳوليندا ۽ اهڙو ٺاهي ڪوڙ ڳالھائيندا جو چئي چپ ڪر. امانت مان خيانت ڪرڻ ته ڪو انھن وٽان سکي، جيڪڏهن چئو ته هڪدم چوندا ته سائين توهان کي ڪھڙي ضرورت، توهان کي سڀ ڪجھه آهي. جيڪڏهن چئو ته حساب ڪتاب ته رکو ته هڪدم چئي چپ ڪرائيندا ته ادا هي سڀ توهانجو ته آهي. جيڪو واعدو ڪندا ته پئسه فلاڻي ڏينھن هيترا ڪي هيترا ڏينداسين ته ڪڏهن به واعدي تي ڪونه ڏيندا، پر جيڪڏهن ڏيندا ته پورا ڪڏهن به ڪونه، بھانه ايترا ٺاهي رکندا جو ماڻھو اچرج ۾ پئجيو وڃي. اصل ۾ انھن سڀني جي دماغ ۾ هوندو آهي ته صاحب وٽ پئسه جام آهن پر اسانکان ٿو لڪائي. يار اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته ايڏو وڏو آفيسر ۽ ان وٽ پئسه نه هوندا، فلاڻو ننڍو آفيسر آهي ۽سروس به ٿوري ٿي اٿس، انکي هيتري ساري ملڪيت آهي؟ بنگلا پيٽرول پمپ پلاٽ وغيره وغيره. جڏهن ان جھڙا ته هزار آفيسر صاحب جي کيسي ۾ اچي وڃن. جڏهن ڳوٺاڻن ڏٺو ته انھن جي سامھون هڪ آفيسر ايترو ڪجھه ٿوري عرصي ۾ زمينون پيٽرول پمپ ۽ ٻي ملڪيت جام ٺاهي ته ڳوٺاڻن کي يقين ٿي ويو ته آفيسر سڀ رشوت خور هوندا آهن، تنھن ڪري صاحب اسان سان سچي نٿو ڪري. اهڙيون عجيب ڳالھيون پيا گھڙيندا جو ماڻھو جو دماغ چڪرائجي وڃي.
ڳوٺ جي ماڻھن جي وري عجيب عادت، جيڪڏهن ڪو مليو ته پڇ پڇان لڳي پئي هوندي ته ڇا ڳالھايائين؟ اصل ۾ انھن جي عادت هوندي آهي ته ڳالھين ڳالھين ۾ ٻئي جي لاءِ ضرور ڪا نه ڪا ڳالھه کوٽيندا آهن. ڳوٺ وارا هميشه اهوئي سوچيندا آهن ته صاحب کي خبر ئي ڪان پئي، پر مان صرف رشتن کي مقدس رکندي ڪنھن کي ڪجھه ڪونه چوندو آهيان ته متان منھنجي چوڻ ڪري رشته ڪمزور ٿي وڃن.
انھيءَ جي مقابلي ۾ جيڪڏهن توهان ڪنھن دوست جي جائز ڪم ۾ مدد ڪندا ته هو انجي تعريف ڪندو ۽ دوستن کي ٻڌائيندو ته يار هي ڪم اسانجي دوست ڪيو آهي. ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن پنھنجي ڳوٺ وارن جا تمام گھڻا ڪم ڪيو ته ان ڪم کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هوندا پر جڏهن ڪو ٻيو چوندن ته چوندا اهو ته صاحب جي مٿان فرض هيو، ان مان اسان کي ڪھڙو فائدو. منھنجو پٽ بيروزگار ويٺو آهي اسان لاءِ ڇا ڪيو اٿس؟
هي سڀ ڪجھه بيان ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته ڪو مان انھن جي انھن حرڪتن يا ڪوتاهين جي ڪري بيزار آهيان. نشاندهي جو مقصد پنھنجي ٻھراڙي ۾ موجود انھن ڪمزورين کي دور ڪري اصلاح ڪرڻ آهي، نڪي ڪنھن جي دل آزاري ڪرڻ. جيڪڏهن ڪنھن خامي جي نشاندهي نه ڪبي ته اسانجي معاشري ۾ اها خرابي زور پڪڙي ويندي ۽ رت جا رشته ختم ٿي ويندا.
منھنجي ڳوٺن ۾ رهندڙ سڀني دوستن احبابن کي گذارش آهي ته ڪنھن ٻئي جي چيل ڳالھه تي هڪدم اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏيو. جيئن چوندا آهن ته:
ڪنن ٻڌي تي اعتبار نه ڪجي،
اکين ڏٺي تي ويچار ڪجي.
حديث مبار ڪ جو مفھوم به اهو آهي ته: ”ڪا ڳالھه ٻڌل کي بغير تحقيق اڳتي ڪرڻ خراب ۽ غلط آهي، انھيءَ سان رشتا ڪمزور ٿي ويندا آهن.“ انجي بيان جو مقصد اهو آهي ته اسانجو نوجوان يا ٻيا جيڪي به رٽائرمينٽ جي ويجهو آهن، انھن کي ذهن نشين ڪرائڻ ته اها هڪ حقيقت آهي، پر اسان کي انھن جي خامين جي هوندي به ڀٽائي صاحب جي فرمان مطابق:
جھڙا به آهن پنھنجا آهن قبول آهن.
الله سائين جو حڪم آهي ته صله رحمي ڪيو. جنھن جو مطلب آهي جيڪڏهن رشتيدار رشتوختم ڪرڻ به چاهن ته به تنھنجو ڪم آهي انھي رشتي کي بحال رک. تنھن ڪري اسان کي الله سائين جي حڪم جي تعميل ڪرڻي آهي، اهو ناهي ڏسڻو ته هوتوهان سان سٺو نٿا هلن ته توهان به انھن جي پيروي ڪندي انھن کان منھن موڙيو. عمومن اسان جا دوست به جھڙو ڳوٺ وارن جو انھن سان رويو هوندو آهي انھي مطابق هلندا آهن، اهو غلط آهي، اهو ته هڪ قسم جو واپار ٿيو جيڪو الله سائين حڪم جي برخلاف آهي. مان انھن خامين جي باوجود ڳوٺ وارن سان دل سان محبت ڪندو آهيان ۽ مونکي روحاني سڪون ملندو آهي. مان ٻين دوستن کي به چوندس ته ڳوٺاڻن جي ڪوتاهين کي نظرانداز ڪندا ڪيو، اهو حڪم ربي به آهي ته اخلاقي طور ذميواري به ته پنھنجي علائقي جي خدمت ڪيو. خدمت سان الله ملندو آهي ۽ عبادت سان جنت ملندي آهي. جنھن جو رب تنھنجو سڀ.

سپاهيءَ کان سيڪريٽري تائين

محنت ۾ عظمت آهي. جيڪو لوچيندو آهي الله انجي مدد ضرور ڪندو آهي، صرف الله تي يقين ڪامل هجي. دنيا ۾ اهڙي به ڪا شئ ناهي، جنھن لاءِ انسان دل وجان سان محنت ۽ مشقت ڪري ۽ حاصل نه ڪري سگھي. اسين هميشه اسباب جي ڪميءَ کي بھانو بڻائي سست ٿي ويندا آهيون جيڪو غلط آهي. دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا مثال آهن، جن بي سروسامان جي هوندي به ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. محنت هميشه اهو ڪندو آهي جنھن وٽ اها شئي حاصل ٿيل ڪان هوندي آهي. جنھن وٽ سڀ ڪجھه آهي اهو محنت ڇاجي لاءِ ڪندو؟ اسان جي نوجوانن کي اها ڳالھه ذهن نشين رکڻ گھرجي ته جيستائين محنت ڪونه ڪندو، تيستائين پنھنجي رٿيل خواب تائين پھچي ڪونه سگھندؤ.
ہمت مرداں مدد خدا، بے ہمتِ مرداں بیزارِ خدا
حالانڪ مون شروع ۾ لکيو آهي ته مان ڪنھن وڏي زميندار جو اولاد ڪونه آهيان. منھنجا والدين ظاهري طور لکڻ ۽ پڙهڻ ڪونه ڄاڻيندا هيا، ليڪن ڄاڻ رکندڙ هيا. پنھنجي وقت جي لحاظ کان دنيا جي معاملن کان خوب واقف هيا. مونکي جڏهن اسڪول موڪلين ته صرف چوندا هيا ته ابا جتي به هجو، ڪم دل لائي ڪيو، باقي فتح الله ضرور نصيب ڪندو.
جيئن ته منھنجي والدين جو ڪم پنھنجي زمين ۽ مال متاع جي نظرداري هئي، انھيءَ ڪري پنھنجي ڪم ۾ ڪافي ڄاڻ ۽ مھارت رکندا هيا.
الحمدلله جيئن ته مال متاع ڪافي هوندو هيو، تنھن ڪري اسڪول وڃڻ کان اڳ جيڪو مال متاع اوطاق تي ٻڌل هوندو هيو، انھيءَ مال جا ڇيڻا ڪڍي مال جي جاءِ صاف ڪري پوءِ پنڌ اسڪول ويندا هياسين. اسڪول کان پوءِ اچي عموماً مان ٻڪريون جھنگ ڏانھن پاڻي پيارڻ ۽ چارڻ لاءِ ڪاهي ويندو هيم. ٻھراڙيءَ جي ماڻھو جو ڪم ڪافي رف ۽ ٽف هوندو آهي، تنھن ڪري پيرن ۾ موچي جي هٿ جا ٺھيل جوتا پائيندا هياسين. ڇاڪاڻ ته هر ڦار گپ چڪ ۾ اهي موچي جا ٺھيل مضبوط جوتا ڪم ايندا هيا. اسڪول وڃڻ لاءِ ڪارو بوٽ پائي ويندا هياسين. موچيءَ جي ٺھيل جوتن جي مرمت ٿيندي هئي، جنھن لاءِ موچي سان آهت رکيل هوندو هيو، جنھن ۾ هاري ماڻھو فصل تي گھر ڀاتين موجب اناج موچي کي ڏبو هيو. ٻڪرين جي چارڻ کان علاوه منھنجي ذمي اهو ڪم به هوندو هيو ته مھيني ۾ هڪ يا ٻه دفعا پنھنجي گھر ڀاتين جا ڇڳل جوتا ڳنڍرائڻ لاءِ موچي ڏانھن کڻي ويندو هيس. جيئن ته جوتا ۽ جتيون ڪافي هونديون هيون، تنھن ڪري موچي چوندو هيو ته پادر سڀ اتي رکي وڃ ۽ هفتي کان پوءِ کڻي وڃ. اهو سلسلو پيو هلندو هيو، مان هڪڙا جوتا کڻي ويندو هيم ته واپسيءَ تي ٻيا ڳنڍيل جوتن جي پٽارڪ ڀري کڻي واپس ايندو هيم. اهو سلسلو مئٽرڪ پاس کان پوءِ SV Teacher جي سليڪشن تائين جاري رهيو. ايس وي ٽيچري اڌ ۾ ڇڏي 1971ع فيبروري مان فوج ۾ سپاهي ڀرتي ٿي ڪوهاٽ وڃي ٽريننگ لاءِ سگنلز سينٽر ۾ رپورٽ ڪيو. جڏهن مون والد صاحب کي ٻڌايو ته مان فوج ۾ ڀرتي ٿي آيو آهيان. پھريان خاموش ٿي ويا پوءِ صرف ٻه جملا بابا سائين چيا:
”ڇا توکي هتي ماني ڪونه ٿي ملي.
جيڪڏهن فوج ۾ وڃين ٿو ته نڀائجانءِ.“
الحمدلله ڪوهاٽ ٽريننگ ۾ سموري سينٽر ۾ ڊرل ۾ مون پھرين پوزيشن ماڻي.
ڪوه مري گلڏنه هلز ۾ ڪلاريڪل ٽريننگ ۾ پوري پاڪستان آرميءَ جا ڪلارڪ ٽريننگ لاءِ گڏ ٿياسين، ٻن مھينن کان پوءِ امتحان ٿيو، منھنجي ٽئين پوزيشن بيٺي. اهڙيءَ طرح چار سال آرمي جي نوڪري مان واپس موٽي، اچي 1975ع ۾ پاڪستان اسٽيل ملز ۾ اچي ڪلارڪ ٿيس. جنوري 1976ع ۾ اسلام آباد يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ امتحان ۾ ويٺس، الحمدلله 1976ع فيبروري ۾ اسلام آباد يونيورسٽي ٻه سؤ روپيه اسڪالرشپ تي وڃي اسلام آباد يونيورسٽي پڙهڻ ويم. 25 ڊسمبر 1976ع تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پاڻ يونيورسٽي آيو ۽ جتي هينئر مين گيٽ آرڪ ٽائيپ ٺھيل آهي، اتي ڀٽي صاحب اسان سڀني استاد ۽ شاگردن کي مختصر خطاب ڪيو ۽ سؤ ساله قائداعظم جي جنم جي موقعي تي اسلام آباد مان نالو بدلائي قائداعظم يونيورسٽي رکيو ويو. الحمدلله قائداعظم يونيورسٽي مان بي گريڊ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪئي. 1978ع جي سي ايس يس جي امتحان ۾ ويٺاسين ۽ 1979ع جي جون ۾ لکت جو رزلٽ ظاهر ٿيو، جنھن ۾ الحمدلله سنڌ ٻھراڙيءَ مان منھنجي پھرئين پوزيشن هئي. ان کان پوءِ سائڪالاجي، ميڊيڪل ٽيسٽ ۽ واءِ وا ٿي، جنھن ۾ منھنجي ٻي پوزيشن هئي ۽ ڊي ايم جي ۾ الوڪيشن ٿي. پوءِ مختلف عھدن تي مختلف حڪومتن ۾ مختلف حيثيت سان ڪم ڪندي، آخرڪار الله سائين جي رحمت سان پاڪستان ۾ سول سروس جي آخري منزل تائين پھچي عزت سان ڪل سرڪاري ملازم ذائقة الرٽائرمينٽ جو پيالو پي پنھنجي ٻارن سان گڏ رهڻ جو مزو پيا ماڻيون. مان جڏهن پنھنجي قابليت ڏانھن نظر ڦيريندو آهيان ته محسوس ڪندو آهيان ته مون ۾ ڪابه قابليت ناهي، پوءِ رب ڪريم مون کي ايترا وڏا اعزاز ڏنا جو شايد ڪنھن کي اڄ تائين مليا هجن. انھيءَ لاءِ مان جيترو مالڪ سائين جو شڪر ڪيان، اهو تمام ٿورو آهي.
1. پاڪستان آرمي جو سپاهي اڄ تائين مونکان سواءِ ڪوبه فيڊرل سيڪريٽري ڪونه ٿيو آهي.
2. پاڪستان جي وجود اچڻ کان وٺي اڄ تائين سول سروس اڪيڊمي لاهور ۾ آفيشل گروپ فوٽو سنڌي ڊريس ۾ اجرڪ جي پٽڪي سان صرف مون مسڪين جو اڄ به 7th CTP ۾ نظر ايندو.
هيءُ سڀ هتي لکڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته اسان جو نوجوان همت نه هاري، شارٽ ڪٽ رستو اختيار هر گز نه ڪري. دل لڳائي محنت ڪري، رب ڪريم تي مڪمل يقين رکو، ڪاميابي ضرور اچي توهان جا قدم چمندي. شارٽ ڪٽ رستو اختيار ڪندؤ ته سڀ کان پھريان توهان پنھنجي والدين جي عزت نفس سان سودو ڪندؤ.
ٻيو توهان پنھنجي حلال رزق کي برباد ڪري ڪنھن رئيس يا ٻئي ڪنھن سرڪاري عملدار جي ڀڀ ۾ اڇليندا.
ٽيون توهان کي هميشه انھي رئيس جو احسانمند رهڻو پوندو جنھن لاءِ توهان شروع ۾ پنهنجي حق حلال رزق کي برباد ڪيو.
اسان جا نوجوان جيڪي ڪاپي ڪلچر جا عادي آهن، اهي سڀ کان اڳ ۾ اچي چوندا آهن ته سائين اسان غريب آهيون ۽ پھچ ڪانھي، تنھن ڪري نوڪري ڪان ٿي ملي. غريب هجڻ ڪو مھڻو ڪونھي، اها مالڪ جي ورھاست آهي، ڪنھن کي ڇا ۽ ڪيترو عطا ڪري. مھڻو اهو ضرور آهي جو تنھنجي والدين غريب هوندي توکي سڀ شيون وٺي ڏنيون، ڪتاب، رجسٽر وغيره. سٺا ڪپڙا وٺي ڏنا، جيڪو توکي ڪم ڪرڻو هيو، پڙهڻ جو اهو تو ڪونه ڪيو. هاڻي انھيءَ ۾ غريب هجڻ جي ڪھڙي ڳالھه آهي، اتي غريب کان وڌيڪ تنھنجي نالائقي ۽ والدين سان غداري آهي، جو انھن مسڪينن کي ڏکيو رکي ۽ تو پڙهڻ جي بجاءِ خراب صحبت اختيار ڪئي. جنھنجي ڪري تو انھن غريبن جي خوابن کي چڪناچور ڪيو. انھيءَ ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته گذريل ڏهاڪي ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر کي هٿ سان پروان چاڙهيو اٿن ته جيئن شاگرد تعليم حاصل ته ڪن، صرف ڪاپي ڪري اسان جي پٺيان لور لور ڪندا گھمن ۽ پئسه خرچ ڪن. موجوده سرڪار لاءِ ته اهو فائديمند آهي ته جيئن نوجوان تعليم يافته نه هجي، بلڪ صرف ڊگري يافته هجي ته جيئن هو اسان جي هر ناجائز ڪم ۾ ڀائيوار هجي.
تعليم لاءِ سازگار ماحول تيار ڪري ڏيڻ سرڪار جي ذميواري آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مرڪزي توڙي سنڌ سرڪار جو ڪوئي ارادو نظر نٿو اچي، تنھن ڪري اسان سڀني جي ذميواري آهي ته سرڪار کي مجبور ڪيون ته معياري تعليم لاءِ ضروري اپاءِ وٺي. سنڌ سرڪار کي خبر آهي ته عوام کي لالچ ڏئي ووٽ وٺي ٻيھر اقتدار ۾ اينداسين. جيڪڏهن عوام پڙهي پيو ته سڄاڳ ٿيندو، جيڪو لازم لالچ ۾ ايترو آسان ڪونه ڦاسندو، تنھن ڪري ”نه رهي بانس نه وڄي بانسري.“
ڪي پي ڪي جي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي اچڻ سبب اتي جيڪا سرڪار اقتدار ۾ اچي ٿي، جيڪڏهن عوام جي لاءِ ڪم نٿي ڪري ته ٻئي دفعي ڪنھن ٻئي سياسي پارٽي کي چانس ٿا ڏين. گھڻي عرصي کان پوءِ لڳاتار ٻيو دفعو صرف پي ٽي آءِ اقتدار ۾ آئي آهي.
جيستائين سنڌ سرڪار ڪجھه ڪري تيستائين استاد، والدين، شاگرد ۽ سول سوسائٽي گڏجي استاد، شاگرد ۽ والدين کي اهو احساس ڏيارين ته ڪاپي ڪلچر نه صرف توهان لاءِ پر پوري سنڌ لاءِ نقصانده آهي.
معياري تعليم حاصل ڪرڻ جو مطلب هرگز اهوناهي ته ڪا سرڪاري نوڪري ڪري. جيڪڏهن توهان وٽ علم ۽ هنر آهي ته توهان پنھنجو ڌنڌو ڪري وڌيڪ آسوده زندگي گذاري سگھو ٿا.
سرڪاري نوڪريءِ لاءِ ٻھراڙي جا ماڻھو گھڻو پاڻ پتوڙيندا آهن. سرڪاري نوڪري ۾ ايتري گھڻي پگھار ناهي جو ماڻھو خوشحال زندگي گذاري سگھي. الحمدلله عزت جي زندگي گذري ٿي، باقي ڪل پيران دا خير. ٺاٺ باٺ واري زندگي حرام جي ڪمائي تي ٿيندي آهي. باقي جيڪي پرائيويٽ نوڪريون ڪن ٿا، انھن جون پگھارون تمام سٺيون ۽ ٺاٺ باٺ سان زندگي گذارين ٿا، تنھن ڪري اڄ ڪلھه سٺا ۽ قابل شاگرد سرڪاري نوڪري جي بجاءِ ملٽي نيشنل ڪمپنيز ۽ ٻين ادارن ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ٿا ڏين.
منھنجا ٻار سرڪاري نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، تنھنڪري منھنجي وڏي پٽ لنڊن يونيورسٽي مان لا گريجوئيٽ ڪئي ۽ انجو ارادو آهي ته مان وڪالت ڪندس ۽ اڳتي هلي جج ٿيندس. غريب، مظلوم ۽ بي پھچ ماڻھن جا ڪيس مان بغير فيس جي وڙهندس، سواءِ ڊاڪومينٽس جي تياري لاءِ گھربل رقم جي. منھنجي دعا آهي ته هڪ ڏينھن انشاءَ الله چيف جسٽس آف پاڪستان ٿيندو. ماشاءَ الله تمام هوشيار وڪيل آهي. مونکي خوشي آهي ته هو اتي مطمئن آهي ۽ ڪاميابيءَ سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ پنھنجي سينيئر سان گڏ سپريم ڪورٽ ۾ ٽي چار ڪيس پاڻ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سامھون پيش ٿي کٽي آيو آهي.
منھنجو ٻيو نمبر پٽ الحمدلله وڏي پٽ کان وڌيڪ هوشيار آهي، اسڪول واري زماني ۾ مقابلي سان ڏهه شاگرد پاڪستان ليول تي جپان وڃڻ لاءِ سليڪٽ ٿيا، انھن ۾ منھنجو ٻيو نمبر پٽ به سرڪاري خرچ تي جپان ويو. نائين ڪلاس کان ويندي اڄ تائين اسڪالرشپ تي پڙهندو پيو اچي. جي ايس آءِ ايس اسڪول ۾ چارئي سال پوري اسڪالرشپ تي پڙهيو. ان کانپوءِ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالوجي مان بي اي مٽيريئل سائنس ۾ گولڊ ميڊل سان پاس ۽ چارئي سال اسڪالرشپ تي پڙهيو.
هينئر آمريڪا جي اسڪالرشپ تي انٽيگريٽيڊ واٽر رسورس مينيجمينٽ ۾ ماسٽرس پيو ڪري. گذريل سال آمريڪا ايڪسچينج پروگرام ۾ آمريڪا جي خرچ تي ويو هيو، هاڻي موٽي اچي ٿيسز پيو لکي. انھيءَ کان علاوه يو اين او يونيورسٽي (University of New Orleans) جرمنيءَ مان پي ايڇ ڊي لاءِ لکپڙهه هلي پئي. سويڊن ۽ ڪينيڊا جي هڪ ٻن يونيورسٽين سان پي ايڇ ڊي پروگرام لاءِ لکپڙهه هلي ٿي پئي، جنھن به سٺي اسڪالرشپ جي آفر ڪئي، اوڏانھن پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويندو. تنھنڪري هو به سرڪاري نوڪري ۾ دلچسپي ڪونه ٿو رکي. پي ايڇ ڊي کان پوءِ ڪنھن انٽرنيشنل اداري ۾ ويندو يا پنھنجو ڪو ڪنسلٽنٽ فرم کوليندو.
ننڍو پٽ يونيورسٽي ۾ اڪائونٽسي ۾ ڊگري ڪري پيو، اهو پنھنجو تعليم جي حساب سان ڌنڌو ڪندو.
منھنجي پياري ڌيءُ ماشاءَ الله تمام ذهين ۽ هوشيار آهي. آءِ بي اي سکر مان گولڊ ميڊل مليل اٿس. جنھن جو ارادو آهي ته مان پي ايڇ ڊي ڪيان. في الحال نوڪري جو ارادو ڪونه اٿس، جو ننڍا ٽي ٻار اٿس.
ٽنھي پٽن مونکي چيو ته ابا اسان سرڪاري نوڪري ڪونه ڪنداسين، ڇوته ان ۾ پگھارون گھٽ آهن، تنھن ڪري گذارو ڪونه ٿيندو ۽ حرام جي پيسي پٺيان اسان ڪونه لڳنداسين. اسان توهان کي ڏٺو آهي ته ڪيترو قناعت سان گذران ڪيو پيا. تنھنڪري اسان پنھنجي پنھنجي فيلڊ ۾ ڪم ڪنداسين، مونکي اها خوشي ٿي ته الحمدلله سٺي سوچ اٿن، الله ڪندو ته پنھنجي پنھنجي فيلڊ ۾ ڪامياب ٿيندا. منھنجي انھن کي هميشه اها هدايت هوندي آهي ته سڀ کان اول سٺا انسان ٿيو. ڏيڻ وارو هٿ رکو. ڪنھن سان ڪابه زيادتي نه ڪريو، پئسي جا پوڄاري نه ٿجو پئسو ايترو ضروري آهي جنھن سان زندگي آسان گذري. لالچ جي ڪري سڀ کان وڏو نقصان رشتيداري تي پوندو آهي، تنھن ڪري رشتن کي قائم رکڻ کي اوليت ڏجو. ڪنھن کي پاڻ کان گھٽ نه سمجھو. پئسي ۽ صحت تي ڪڏهن به غرور نه ڪجو، ڇو ته اهي شيون الله جي طرفان ڏنل نعمتون هونديون آهن، جيترو ٿي سگھي انھن ٻنھي نعمتن کي الله جي مخلوق جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪجو. پاڻ کان وڏي جي عزت ۽ احترام ڪيو ۽ پاڻ کان ننڍن تي شفقت جو هٿ رکو. انسان ذات جي خدمت ڪيو ۽ قرآن مجيد جي جيتري به تلاوت ڪيو، ان کي ترجمي سان سمجھي پڙهو.
منھنجي دعا آهي ته پوري قوم جا ٻچڙا محنت سان اڳتي اچن، قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪن. آمين يارب العالمين.
سائينم سدائين! ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.