ڊاڪٽر الھرکيو ٻُٽ

Author Name

سنڌي ٻوليءَ جو مشهور محقق پروفيسر ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ”ٻُٽ سِرائيءَ“ ۾، پهرين ڊسمبر 1946ع تي ڄائو. سندس پيءُ جو نالو شاهه محمد ٻُٽ هو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ثانوي تعليم دادوءَ مان حاصل ڪيائين. پاڻ لائبريري سائنس ۾ پي. ايڇ. ڊي هئڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو گولڊ ميڊلسٽ پڻ آهي. سندس بهترين تصنيفن ۾ ”سنڌ ۾ ڪتبخانن جي تاريخ“، ”سنڌي رسالن جي تاريخ“، ”سماٽ“ ۽ ”سنڌي طباعت ۽ اشاعت“ شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ لائبرري ۽ انفارميشن سائنس شعبي جو چيئرمئن رهيو آهي. قديم ڪتابن، لائبريري سائنس، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي ڪم ڪندڙ انگريز عالمن تي سندس ڪيترا تحقيقي مضمون اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي لئبريري ڪاميٽيءَ، تعليمي ۽ رٿابندي ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ايڊيٽرن ۾ به شامل هو. ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ 24 اپريل 2016 تي گذاري ويو.

حوالو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر الھرکيو ٻُٽ جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر الھرکيو ٻُٽ جا ڪتاب

سماٽ، مصنف : ڊاڪٽر الھرکيو ٻُٽ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سماٽ
مصنف : ڊاڪٽر الھرکيو ٻُٽ
سنڌي رسالن جي تاريخ (1890ع کان 1980ع تائين)، مصنف : ڊاڪٽر الھرکيو ٻُٽ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌي رسالن جي تاريخ (1890ع کان 1980ع تائين)
مصنف : ڊاڪٽر الھرکيو ٻُٽ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ