ٿامس پين

Author Name

ٿامس پين، اوڀر انگلستان جي هڪ ننڍڙي شهر ٿٽفورڊ ۾ 19 جنوري 1737ع ۾ ڄائو، سندس پيءُ هڪ غريب مزدور هو، 13 سالن جي عمر تائين هن تعليم حاصل ڪئي، ان کان پوءِ هي هڪ بحري جهاز ڪنگ آف پروشيا ۾ ملازم رکيو ويو، هن اتي شادي به ڪئي پر سندس زال صرف هڪ سال جي عرصي کان پوءِ گذاري وئي. ان کان پوءِ هو لنڊن آيو جتي هن کي آبڪاري کاتي ۾ ملازمت ملي. هن 1971ع ۾ ٻي شادي ڪئي، سندس زال تماڪ ۽ ڪرياني جو دڪان به کوليو پر اهو هلي نه سگهيو. غربت ۽ قرض جي ڪري هن جي زال هن کي ڇڏي هلي وئي. ان عرصي ۾ هن جي ملاقات مشهور آمريڪي دانشور بينجامن فرينڪلن سان ٿي، جنهن هن کي آمريڪا وڃڻ جو زور ڀريو. ٿامس پين آمريڪا جي شهر فلاڊلفيا ۾ پهتو، جتي هن کي ڪجھ عرصي ۾ هڪ مئگزين پينسلونيا ۾ ايڊيٽر جي نوڪري ملي. ٿامسس ان رسالي ۾ شيدين جي غلامي جي خلاف هڪ مقالو لکيو ۽ شيدين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. ان جي نتيجي ۾ فلاڊلفيا ۾ غلامي خلاف پهرين آمريڪي ڪائونسل جو بنياد پيو.

 فرانس ۾ انقلابي اُڀار کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي آندو ۽ هو فرانس پهچي ويو، پر سندس شهرت سندس پهچڻ کان اڳ اتي پهچي چڪي هئي، هن هڪ ٻي زبردست لکڻي ”انساني حق“ جي نالي سان لکي، اها لکڻي ڊڪٽيٽرشپ جي نقصانن تي ٻڌل هئي، هن شخص آمريت جي حق ۾ سڄي تاريخ ۾ موجود دليلن کي هڪ هڪ ڪري کنيو ۽ ڏاڍي تفصيل سان پنهنجي منطقي انداز ۾ لکندي سڀني کي ڪوڙو قرار ڏنو، ڪاسموس جي ليکڪ ”ڪارل ساگان“ کان ٻه سؤ سال اڳ ٿامس پين چيو هو، ”سڄي دنيا منهنجو گهر آهي ۽ انسانن جي بهتريءَ جي لاءِ ڪم ڪرڻ منهنجو مذهب آهي.“ سون جو قدر سونارو ئي ڄاڻندو آهي، فرانس وارن کيس هڪ ٻن، نه پر پورن چئن تڪن تان هن پرڏيهي شخص کي پنهنجي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو، ان کان وڌيڪ سندس عزت اها ٿي ته کيس فرانس جو آئين لکڻ جي لاءِ چيو ويو، انقلابين، اسيمبلي جي اندر بادشاهه کان انتقام وٺڻ جون صدائون هنيون پر ٿامس پين ماضيءَ کي وساري هڪ نئون سماج اڏڻ ٿي چاهيو، برابري تي ٻڌل ۽ عدل سان ڀريل سماج، هن مقبول عام گهڻائي جي خلاف وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بادشاهه کي موت جي سزا ڏيڻ جي خلاف ووٽ ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس گرفتار ڪري موت جي سزا ٻُڌائي ويئي، بهرحال، هو ڪنهن نموني موت جي سزا کان بچي ويو. اتي هن هڪ ٻيو زبردست ڪتاب لکيو ”عقلي دؤر“ اهو ڪتاب ڪليسائي عقيدي پرستيءَ جي خلاف هو، فرانس انقلاب ته آڻي چڪو هو، پر عقيدي جون زنجيرون مضبوطيءَ سان موجود هيون، سندس ان ڪتاب جي رد عمل ۾ فرانس جي آباديءَ عقيدي پرستيءَ جو روپ اختيار ڪري ورتو، جڏهن دليل جي جواب ۾ دليل نه هوندو آهي ته ماڻهو هلڪڙائپ تي لهي ايندا آهن، يارن کيس سوشل بائيڪاٽ جي حد تائين اڪيلو ڇڏي ڏنو. ٿامس پين 73 سالن جي عمر ۾ 8 جون 1809ع تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ٿامس پين جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ٿامس پين جا ڪتاب

عقل ۽ مذھب، مصنف : ٿامس پين

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
عقل ۽ مذھب
مصنف : ٿامس پين
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ