ڪتاب “The Age of Reason” کي بعد ۾ دھريت جو بائيبل قرار ڏنو ويو، ڇاڪاڻ تہ ھن ڪتاب ۾ پراڻي ۽ نئين عھدنامن تي تنقيدون ڪيون ويون آھن. پھرين حصي ۾ عيسائي ۽ يھودي مذھبن جو تنقيدي جائزو پيش ڪيل آھي، ٻيو حصو بائيبل (پراڻي عھدنامي)، ٽيون حصو مذھبي پرچارڪن ڏانھن لکيل آھي جڏھن تہ آخري حصي ۾ توريت ۽ زبور مان حوالي طور ورتل ۽ يسوع مسيح بابت اڳڪٿيون شامل آھن. ڪتاب پڙھڻ کان اڳ ڪا راءِ قائم ڪرڻ اجائي ٿي لڳي. اھي ماڻھو ئي ھي ڪتاب وڌيڪ سمجهي سگھندا جيڪي نئين ۽ پراڻي عھدنامن کي سمجهي سگهن.
تاريخ، فلسفو ۽ سياست
عقل ۽ مذھب
- 0/5.0
- 12
- 2
- 2 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران انگلستان ڄائي نامياري آمريڪي سياستدان ۽ فلاسافر ٿامس پين جي جڳ مشھور ڪتاب “The Age of Reason” جو سنڌي ترجمو ”عقل ۽ مذھب“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار ضمير آھي.
ٿامس پين يورپ ۾ 15 سال رھيو جتي ھن کي برطانيہ ۾ رھڻ دوران ”انسانن جا حق“ ڪتاب لکڻ تي غداريءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ھو اتان ڀڄي فرانس ويو. ان ئي دور ۾ ھن ڪتاب “The Age of Reason” لکيو، جنھن کي بعد ۾ دھريت جو بائيبل قرار ڏنو ويو، ڇاڪاڻ تہ ھن ڪتاب ۾ پراڻي ۽ نئين عھدنامن تي تنقيدون ڪيون ويون آھن. پھرين حصي ۾ عيسائي ۽ يھودي مذھبن جو تنقيدي جائزو پيش ڪيل آھي، ٻيو حصو بائيبل (پراڻي عھدنامي)، ٽيون حصو مذھبي پرچارڪن ڏانھن لکيل آھي جڏھن تہ آخري حصي ۾ توريت ۽ زبور مان حوالي طور ورتل ۽ يسوع مسيح بابت اڳڪٿيون شامل آھن. ڪتاب پڙھڻ کان اڳ ڪا راءِ قائم ڪرڻ اجائي ٿي لڳي. اھي ماڻھو ئي ھي ڪتاب وڌيڪ سمجهي سگھندا جيڪي نئين ۽ پراڻي عھدنامن کي سمجهي سگهن.
ھي ڪتاب ڏاھپ بوڪ سيريز، سانگهڙ پاران 2002ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.