جان خاصخيلي

Author Name

نامور صحافي، شاعر ۽ ليکڪ جان خاصخيليءَ جو پورو نالو جان محمد ولد حاجي خاصخيلي آهي. هن 23 اپريل 1956ع تي تعلقي هالا جي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليمي لياقت ايم. اي (سوشيالاجي) آهي. شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون بہ لکيائين. سندس شاعري ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ ڪتاب ۾ بہ تعارف سان ڇپيل آهي، جنھن ڪتاب جو تفصيلي مهاڳ شيخ اياز لکيو هو ۽ ان ڪتاب ۾ نئين ٽھيءَ جي شاعرن جو انتخاب شامل هو. جان خاصخيلي جي ڪھاڻين جو مجموعو ’گم ٿيل ماڻھوءَ جو سفرنامو‘ 1996ع ۾ ڇپيو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ شاخ جو ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. ڪراچي پريس ڪلب، ڪراچي يونين آف جرنلسٽس، ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جو ميمبر رهيو آهي. سنڌي صحافت ۾ هلال پاڪستان، عوامي آواز، برسات، جاڳو، پڪار ۽ خلق اخبارن سان واڳيل رهيو آهي. انگريزي اخبارن- ٽائيمس آف انڊيا، ڊان، دي نيوز، نيوز لائين، هيرالڊ، ورلڊ نيٽ ڊيلي (آمريڪا) وغيره ۾ سندس ليک ۽ نيوز اسٽوريون پڻ شايع ٿيون آهن.
جان علي خاصخيلي جا ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن ۾ ھڪ ڪھاڻين جو مجموعو ”گم ٿيل ماڻھوءَ جو سفرنامو“ ۽ ٻہ شاعريءَ جا مجموعا ”خوابن جي موسم جو ھڪ گيت“ ۽ ”خوابن جو عجائب گھر“ شامل آهن.
جان خاصخيلي 20 مارچ 2022ع تي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. کيس رات دير سان دل ۾ تڪليف سبب اين آءِ سي وي ڊي  اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هو زندگي جي جنگ هارائي ويو، سندس مڙھ کي ايمبولينس ذريعي پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻئ آندو ويو جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي جان خاصخيلي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


جان خاصخيلي جا ڪتاب

خوابن جي موسم جو هڪ گيت، مصنف : جان خاصخيلي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
خوابن جي موسم جو هڪ گيت
مصنف : جان خاصخيلي
خوابن جو عجائب گھر، مصنف : جان خاصخيلي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
خوابن جو عجائب گھر
مصنف : جان خاصخيلي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ