![خوابن جي موسم جو هڪ گيت, مصنف : جان خاصخيلي خوابن جي موسم جو هڪ گيت, مصنف : جان خاصخيلي](https://books.sindhsalamat.com/assets/images/books/62a2c0e02cb75.jpg)
خوابن جي موسم جو هڪ گيت
ھي ڪتاب نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ صحافي جان خاصخيليءَ جي نظمن جو مجموعو آهي. جان خاصخيلي ھڪ ٻھڳڻو اديب آھي، جنھن جي صحافت، شاعري ۽ ڪھاڻي جي کيتر ۾ ھڪ منفرد حيثيت آھي. سندس شاعري پنھنجي دور جي عڪاسي آھي. جان خاصخيلي جي شاعري نہ فقط نغمگي سان ڀرپور آھي، پر انھيءَ ۾ پنھنجي سماج جي پيڙا جا بہ ورلاپ آھن. جان وٽ درد جي ڪا سرحد نہ آهي. جان هڪ سچي شاعر جيان هن سموري دنيا جي درد کي پنھنجي سيني ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪيو آهي. جان جي سِــٽ سِــٽ ۾ نغمگي ۽ سونھن آھي، جنھن تي هن ڪٿي بہ ڪمپرومائيز نہ ڪيو آهي.