شاعري

خوابن جي موسم جو هڪ گيت

ھي ڪتاب نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ صحافي جان خاصخيليءَ جي نظمن جو مجموعو آهي. جان خاصخيلي ھڪ ٻھڳڻو اديب آھي، جنھن جي صحافت، شاعري ۽ ڪھاڻي جي کيتر ۾ ھڪ منفرد حيثيت آھي. سندس شاعري پنھنجي دور جي عڪاسي آھي. جان خاصخيلي جي شاعري نہ فقط نغمگي سان ڀرپور آھي، پر انھيءَ ۾ پنھنجي سماج جي پيڙا جا بہ ورلاپ آھن. جان وٽ درد جي ڪا سرحد نہ آهي. جان هڪ سچي شاعر جيان هن سموري دنيا جي درد کي پنھنجي سيني ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪيو آهي. جان جي سِــٽ سِــٽ ۾ نغمگي ۽ سونھن آھي، جنھن تي هن ڪٿي بہ ڪمپرومائيز نہ ڪيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 39
  • 15
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book خوابن جي موسم جو هڪ گيت

حق ۽ واسطا

ھن ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: خوابن جي موسم جو ھڪ گيت (شاعري)
لکيڪ: جان خاصخيلي
ڇاپو: پھريون
ڇپجڻ جو سال: 2017
قيمت: 200 رپيا
ڪمپوزنگ: عرفان چانڊيو
لي آئوٽ ڊيزائن: شھزاد علي منگواڻو
ڇپائيندڙ: انڊس ويلي پبليڪيشن، حيدرآباد
ڇپيندڙ: ايسٽ لائين ڪميونيڪيشن، ميز نائن فلور، سيد آرڪيڊ
حيدر چوڪ، حيدرآباد، سنڌ. 03332742054
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

All the Rights are reserved to writer

Name of Book: Khawaban ji Mousam jo Hik Geet (Poetry)
Writer: Jan Khaskheli
Edition: First
Year: 2017
Price: Rs.200/-
Composing: Irfan Chandio
Layout Design: Shahzad Magwana
Published By: Indus Valley Publication, Hyderabad.
Printer: East Luine Communication, 02, Mmezzanine Floor
Syed Arcade, Haider Chowk, Hyderabad. Sindh.
Cell: 03332742054
E-Book Edition Sindh Salamat Books, June, 2022

ارپنا

پنهنجي دوست
عبدالرحمان خاصخيلي
جي نالي جيڪو سياسي ڪارڪن
۽ ادب جو شاگرد هو، جيڪو
منهنجي هنن بي ترتيب نظمن
سان سدائين گڏو گڏ رهيو،
لياري جي گھٽين ۽ گھرن ۾
, ڪراچي جي طويل شاهراهن تي،
کليل هوائن ۾ ڏنل زوردار ٽهڪن ۾،
اخبارن جي آفيسن ۾ ۽ دوستن سان گڏ.

اداري پاران

اسان جي لاءِ اھا خوشي جي ڳالھ آھي ته انڊس ويلي پبليڪيشن جو ٻيو ڪتاب، جان خاصخيلي جي شاعري جو مجموعو ”خوابن جي موسم جو ھڪ گيت“ توھان جي ھٿن ۾ آھي. جان خاصخيلي ھڪ ٻھڳڻو اديب آھي، جنھن جي صحافت، شاعري ۽ ڪھاڻي جي کيتر ۾ ھڪ منفرد حيثيت آھي. سندس شاعري پنھنجي دور جي عڪاسي آھي. نه فقط جان جي شاعري نغمگي سان ڀرپور آھي، پر انھي ۾ پنھنجي سماج جي پيڙا جا به ورلاپ آھن. جان ڪو روايتي شاعر نه آھي. سندس شاعري ڪنھن مختلف رستن تي سفر ڪري ٿي جنھن سفر ۾ سندس ڪو به سنگتي نه آھي.
اسان اھا اميد ٿا ڪريون تہ پڙھندڙن کي جان جو ڪتاب پسند ايندو. اسان اھو به ارادو رکون ٿا ته مستقبل ۾ ٻيا به شاندار ڪتاب توھان جي ھٿن ۾ پھچائينداسين.

عبدالمجيد سومرو
انڊس ويلي پبليڪيشن

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ صحافي جان خاصخيليءَ جي نظمن جو مجموعو ”خوابن جي موسم جو ھڪ گيت“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
جان خاصخيلي ھڪ ٻھڳڻو اديب آھي، جنھن جي صحافت، شاعري ۽ ڪھاڻي جي کيتر ۾ ھڪ منفرد حيثيت آھي. سندس شاعري پنھنجي دور جي عڪاسي آھي. جان خاصخيلي جي شاعري نہ فقط نغمگي سان ڀرپور آھي، پر انھيءَ ۾ پنھنجي سماج جي پيڙا جا بہ ورلاپ آھن. جان وٽ درد جي ڪا سرحد نہ آهي. جان هڪ سچي شاعر جيان هن سموري دنيا جي درد کي پنھنجي سيني ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪيو آهي.
جان جي سِــٽ سِــٽ ۾ نغمگي ۽ سونھن آھي، جنھن تي هن ڪٿي بہ ڪمپرومائيز نہ ڪيو آهي. هن جي شاعري ۾ شاعراڻي موسيقي انھي جي درد ۽ ڊڪشن جي سونھن سماج جي بدصورتي تي حاوي آهي. ”خوابن جي موسم جو هڪ گيت“ رڳو هڪ شاعر جي شاعريءَ جو مجموعو ناهي، پر اسان جي دردن جي تاريخ جو دستاويز آهي جيڪو جان پنھنجي پوري احساس ۽ سچائيءَ سان رقم ڪيو آهي.
هي ڪتاب 2017ع ۾ انڊس ويلي پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون حبيب سنائيءَ جا جنھن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

منهنجا نظم ۽ آئون

ڪيترن سالن پڄاڻا ان رات مون پنهنجي من سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. تنهائي ۾ مون پنهنجي زندگي جي سڄي ٿڪ کان پڇيو ته اڃا ڪيترو سفر ڪري سگھين ٿو. هو لمحي لاءِ کليو ۽ مون ڏٺو ته زندگي جي ان سڄي ٿڪ جون ڪئين تصويرون جڙنديون مون آڏو ويهي رهيون هيون. هر منزل، هر جدوجهد، هر ڊوڙ ۽ سهڪو، هر لمحي جو ٿڪ. ۽ مون پنهنجي زندگي جي انهن سڀني لمحن کي ڏٺو ۽ ياد ڪرڻ لڳس.
مون تصور ڪيو اهو ٿڪ ئي هو جيڪو زندگي جي سڀني لمحن ۾ هڪ هڪ ڪري منهنجي اکين ۾، ڪڏهن ٻانهن ۾ ۽ ڪڏهن گوڏن ۽ ٽنگن سان وچڙندو هليو، پر ان ڪڏهن به هار نه کاڌي سدائين منهنجي دل سان گڏ ئي رهيو.
اهو ڏينهن ۽ اهو لمحو شايد منهنجي من جي احتساب جو هو بلڪل زندگي جي ان موڙ تي آئون پنهنجي زندگي جي سڄي جيت ۽ هار کي ڏسي رهيو هئس. ان سڄي عمل ۾ ٿڪ ڇاڪاڻ ته مون سان گڏ رهيو هو ان ڪري اهو ئي سڀ ڪجھه ٻڌائي سگھيو پي ته مون کان ڪهڙيون ڪوتاهيون ٿيون آهن ۽ انهن جو ازالو ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪهڙو حوصلو هئڻ کپي.
مون سوچيو هي ٿڪ ته منهنجي ان نظم جو اولڙو به آهي بلڪل الڳ ٿلڳ. هڪ ڏينهن جڏهن شهر جي طويل شاهراهن تان هلندي گھر پهتو هئس ته بُک انتظار ڪندي ڪندي سمهي رهي هئي. پوءِ دير دير تائين ننڊ مون سان گڏ جاڳي رهي هئي. ان وقت مون بُک کي هڪ نظم ۾ پوئيو هو. ماني جو هر گراهه منهنجي تشبيهن ۾ پوئبو پي ويو ۽ جڏهن اُڃ پاڻي جي گلاس ۾ لهي وئي هئي ۽ مون نڙي جي خشڪي کي پيئڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون تي غنودگي جا دورا پوڻ شروع ٿيا هئا. مون سامهو ڏٺو ته منهنجي ان ٿڪ جي نراڙ تي ڪي به پشيماني جا اولڙا نه هئا. ٺيڪ ان وقت گھڙيال جي ٽڪ ٽڪ جا آواز وقت جي رفتار جي اهڃاڻي ڏئي رهيا هئا. وقت هٿن جي آڱرين جي وٿين مان وهندو پيو وڃي ۽ آئون هر ويندڙ لمحي کي ڪنائي رهيو آهيان.

******
منهنجو هڪڙو نظم ان وقت رقص ۾ محو هو ۽ منهنجي هٿن ۾ جھليل پين ڪاغذ تي ڊوڙي رهي هئي. جڏهن رقص ۾ وڄندڙ گھنگھروئن جو آواز جھڪو ٿيو ته هڪڙي تصوير جڙي چڪي هئي. آئون پنهنجي ان نظم کي ڏسي ياد ڪرڻ لڳس ته ان سان ملاقات ڪراچي جي ڪهڙي ٻيٽائين ڳوٺ ۾ ٿي هئي، جو اهو مڌر آواز شايد ڪنين ٻُڌل هو ۽ اکين به گواهي ٿي ڏني. ان وقت مون کي لڳو ته ان نظم جي مسڪراهٽ ڄڻ ته آسمان تي تارن کي وندرائي رهي هئي. اهو شايد تارن جي عبادت جو وقت هو.
بُک هاڻي هاڻي رات جي هن پهر آڪاس تي ٽڙي آهي. پوءِ مون پنهنجي سامهو ويٺل ٿڪ کي ڏٺو ته لڳو ته ان جي ڪپڙن تي منهنجي زندگي جي سڄي ضد ۽ غصي جا داغ نمايان هئا، جن مون کي هر لمحي ايذايو هو.
هڪ ٿڪ منهنجي اکين وانگر هو. مون جڏهن به پنهنجي اکين کان پڇيو ته انهن صرف ٻه لڙڪ ٿي ڏنا جن جو هڪ الڳ ايذاءُ هو. مون انهن لمحن کي ياد ڪيو جڏهن خواب ۾ ڪنهن ڏک ۽ غير ضروري غصي جي ڪري ننڊ منهنجي اکين ۾ جلي رهي هوندي هئي. مون ياد ڪيو ته ڪيئن هر رات، ڏينهن، شامون ۽ صبح، ۽ هر لمحي ڪو ڏک، غصو ۽ اجايو ضد منهنجي اندر کي کائي رهيو هو. اهو سڄو ايذاءُ ٿڪن جي روپ ۾ هو جيڪو ان لمحي منهنجي سامهو ويٺو هو.
ان ئي وقت مون پنهنجي خوابن کي ڏٺو جيڪي گھڻو اڳي مختلف مرحلن تي منهنجي غصي ۾ جلندڙ اکين مان ٽاهه کائي اڏامي ويا هئا. پر هن لمحي اهو عجيب اتفاق آهي ته مون ڏٺو ته اکين جي جھڙالي آسمان تي ڪو سُر ملهاري ڳائي رهيو هو. هلڪي هلڪي موسيقي ۾ مون تصور ڪيو ته ڄڻ اجھو جھڙ چڙهڻ وارو آهي ۽ لمحن ۾ آسمان بدلجي ويندو.
منهنجا اهي خواب هاڻي هاڻي ڪنهن اڄاتي جنگ تان شڪست کائي موٽيا آهن. منهنجي من جي غصي جي ڪري پيدا ٿيل اڻ تڻ واري دهشتگردي جي هن راند ۾هارائڻ جو وٽن ڪو به جواب ناهي ۽ هاڻي جڏهن مون پنهنجي سانت کي ڳولي لڌو آهي تڏهن هومنهنجي اکين جي گھروندن ۾ ٻيهر موٽي آيا آهن جو کين خبر آهي ته هاڻي اهي اکين مان ٽاهه نه کائيندا. هاڻي خواب منهنجي سڄي ننڊ کي وندرائيندا رهندا آهن.
هڪ ٿڪ هاڻي هاڻي منهنجي اکين مان ٽپ ڏيئي اڳيا اچي ويٺو هو. مون ان کي ڏسي ياد ڪيو ته ان ڏينهن آئون سامونڊي ٻيٽ تي لٿو هئس، ماٺي سمنڊ تي پکين جون اڏارون هيون ۽ دُور آسمان تي ڊوڙندڙ ڪڪر ڄڻ ته تمر جي ٻيلن ۾ لهندا چڙهندا ٿي رهيا. وقت جو اهو پهر شام جي لالاڻ سان گڏ ماٺي سمنڊ ۾ ٻُڏي رهيو هو، بلڪل آهستي آهستي اها ڳاڙهاڻ لهندي پئي وئي. تمر جي ٻيلن تي مون کي لڳو ته منهن جي اکين ۾ سالن جو سمورو ٿڪ به انهي ڳاڙهاڻ سان گڏ سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو هو.
پر اصل ۾ اها به هڪڙي راند هئي، زندگي جي ان راند ۾ هارائڻ جو تصور. اهو ٿڪ منهنجي اکين ۾ ويٺو رهيو ته جيئن ايندڙ خوابن کي ڪا جاءِ ڏئي پر هاڻي منهنجي ننڊ ۽ خوابن جون تندون منهنجي ساهن جي سهڪي سان ملي هڪ ٿي ويون آهن.
هن لمحي جڏهن آئون آهستي آهستي گهرا گهرا ساهه کڻي رهيو آهيان ته هڪڙي مسڪراهٽ آهي جيڪا دل جي درين ۽ دروازن تي ايندڙ هر اڻوڻندڙ خيال، پڇتاءُ ۽ ايذائيندڙ سوچن کي تڙي رهي آهي.

آسمان ۾ جڳ مڳ جڳ مڳ تارا
هڪ هڪ ٿي اکين ۾ لهندا پي ويا،
ٿڪ، تارا، ۽ خواب،
زندگي جي هن مختصر سفر ۾
بُک جي تصوير، منهنجا نظم، نغمگي
زندگي جي طويل شاهراهن تان ڊوڙندي
هڪ احساس ۽ ڪو اتساهه آهي جيئڻ جو
اڄ رات چنڊ اڀرڻ ۾ دير ٿي آهي شايد
ڀرسان وڻ تي ويٺل پکين جا آواز آهن
جيڪي سدائين ملول دلين کي آٿت ڏيندا آهن
۽ آئون لڳاتار انهن آوازن کي ڪنائي رهيو آهيان

ان لمحي مون پنهنجي زندگي جي ٿڪ جو تصور ڪيو، جيڪو ڪڏهو ڪو لهي ويو هو، پکين جي لاتين سان گڏ هڪ نغمگي هئي ۽ منهنجا نظم بي ترتيب ئي سهي ان رات پکين جي ان نغمگي ۽ ڌن تي لمحي لمحي نچندا رهيا ۽ سڄو درد ٿانيڪو ٿي ويو هو.

جان خاصخيلي

درد جي تاريخ رقم ڪندڙ شاعر

شاعري جو مجموعو ”خوابن جي موسم جو هڪ گيت“ منهنجي هٿن ۾ آهي. رات جي سانت ۾ پنن تي ڇپيل نظم اٿن ٿا ۽ آهستگيءَ سان يادن جي مٿان پيل وقت جي دز اڏائين ٿا. يادون نڪري اڳيان اچن ٿيون. اٺاسي جي انهيءَ سال جو يادون، جڏهن موت، ملڪ جي سيني تان هڪ آمر جي ڳري وجود کي هٽائي ڌرتي کي کليل ۽ وڏو ساه کڻڻ جو موقعو ڏنو هو. يادون رمپا پلازا جي اٺين ماڙ تي سنگت جي ميٽنگن جون، يادون لياري جي علائقي ميران ناڪه ۾ واقع ٽين جي ڇت واري انهيءَ ننڍڙي گھر جون، يادون ماما جي هوٽل تي چانهه جي آڌيي جون، يادون وڏن ٽهڪن، تکين ٽوڪن، طويل مباحثن، غير واضح مستقبل ۽ عظيم خوابن جون. يادون دوستن جون، مخالفن جون ۽ منفرد ڪردارن جون – يادون سازشن جون، دوستين جون، سرٻاٺن ۾ ٻڌائجندڙ اسڪينڊلن جون – پر انهن سڀني يادن کي ڳنڍي هڪڙي جڳهه تي جيڪر ڪير آڻي ٿو ته اهو آهي جان خاصخيلي.
جان جيڪو هڪ خانه بدوش آهي ۽ جنهن گھڻو گھڻو وقت پنهنجي ڳوٺ جي وڏيرڪي ماحول کان بغاوت ڪندي شهر جي ڪانڪريٽ جهنگ ۾ خانه بدوشي اختيار ڪئي هئي. پر اها حقيقت آهي ته جان ڳوٺ مان نڪري ته آيو پر پنهنجي اندر مان ڳوٺ ڪڍي نه سگھيو – جان جو جسم ته ڀلي ڪراچي شهر جي ٽريفڪ جي پاڳل ڪندڙ گوڙ ۾ گاڏين جي رش گھٽ ٿيڻ ۽ رستو پار ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هجي پر سندس روح اڃا تائين ڪن لائي ڳوٺ جي ٻاهران صوفي ٻير جي باغ ۾ وڻن تي ويٺل چهچ ساون طوطن جي ٻولن کي ٻڌي ٿو. جان ڀلي هڪ اڌ ٺهيل روڊ جي پٿرن تي هڪ غير يقيني ۽ هيکلي رات گذارڻ کان وٺي ڪنهن ايئرڪنڊيشن ڪمري ۾ ڪمپيوٽر جي اڳيان ڪي بورڊ تي ويهڻ وارو فاصلو طئي ڪري آيو هجي، پر سندس روح اڃان تائين ڳوٺ جي چوڪ تي وڻ جيان کُتل آهي ۽ وقت گذرڻ سان سندس پاڙون اڃان گهريون ٿينديون وڃن. جان ڀلي پريس ڪلب جي گول ٽيبل تي ويهي باخبر ذريعن کان ملڪي ۽ غير ملڪي تجزيا ٻڌندو هجي پر سندس روح هينئر به پنهنجي ٻاروتڻ جي ساٿين سان ڳوٺ جي ننڍڙن ننڍڙن مامرن تي ڪچهري ڪرڻ لاءِ سڪي ٿو. هيترن سالن ۾ به هي بي رحم شهر جان کان سندس معصوميت، ماڻهن ۾ اعتماد، رشتن ۾ اعتبار ۽ روين ۾ سچائي کسي نه سگھيو آهي. هيترن سالن ۾ حالتن جو زهر هن جي اندر جي امرت کي ختم ڪري نه سگھيو ۽ نه وري چوگرد جي ماڻهن جي بي رخين ۽ دولاب جي ڪاراٺ هن جي اجري من کي ميرو ڪري سگھي. اها جان جي روحاني سگھه آهي جو هي شهر جان کان سندس حساسيت ڇني نه سگھيو آهي ۽ انهيءَ جو ثبوت آهي جان جي شاعري جو هي مجموعو. فقط اهڙو ماڻهو ئي اهڙا نظم لکي سگھي ٿو جنهن جي حساس من جي ڪنوارپ اڃان برقرا آهي. پوءِ ڀلي اها ڪا ننڍڙي ڳالهه هجي يا ڪو وڏو حادثو؛ ڪا سرگوشي هجي يا ڪا دانهن، ڪو منظر هجي يا ڪو واقعو، ڪا آٿت هجي يا وري ڪو طعنو. جان جي حساس من هر ڳالهه جو رڪارڊ رکيو آهي.
هي اوهان جو شهر آهي يا مقتل
اسان به ڏکن جو لوڌ پويان لڳائي
الائي ڪيئن هليا آياسين.
ڏٺوسين ته طعني جو هڪڙو ئي فائر
دليون ڌار قصو چار ڪري ويو آهي،
خانه بدوشي جي هن سفر جي سلسلي ۾ جان هر انهي درد کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پناه ڏني آهي، جيڪو کيس راهه تي مليو. هن هر ڪوڪ کي ورنايو آهي جا رات جي سانت ۾ اڀري هئي. جان درد جي انهي پوتا ميل ۾ ڪنهن بي ايماني کان ڪم نه ورتو آهي ۽ پوري ايمانداري سان اسان جي اڳيان سڀني زخمن جو حساب ڏنو آهي.
رڳو رات جي ڪا گھڙي ڳهر جي
ڪجھه ڪڇياسين
يار جا ڏس اڌورا سڌورا پڇياسين
ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تان عدوليا وياسين
شهر جي چوڪ تي
اخباري بنڊل جيان ساڙيا وياسين
ڪنهن دوناليءَ جي فائر تان واريا وياسين
مگر نفرتن جي آڏو نه جهڪياسين.
پر ائين نه آهي ته جان جي شاعري رڳو پنهنجي ذات جي درد جو قصو بيان ڪري ٿي. جان پنهنجي ذات کان مٿي اڀري پنهنجي سموري دور کي موضوع بنايو آهي. جان جي شاعري ڪنهن فرد جي ڪيفيتن جي اظهار کان وڌيڪ هڪ پوري نسل جي روحاني سفر جي تاريخ آهي. ستر ۽ اسي جي ڏهاڪي ۾ شعوري جنم وٺندڙ انهي نسل جي تاريخ آهي، جنهن پنهنجي ايندڙ نسل ۽ پنهنجي ڌرتي لاءِ ڪيئي خواب ڏٺا. جن هڪ ڳاڙهي صبح خاطر محبوب جي ڳل جي ڳاڙهاڻ کي الواع ڪيو، جن هڪ اجتماعي روشن مستقبل خاطر پنهنجي انفرادي مستقبل کي اونداهين ۾ رکڻ قبوليو. جان پورهيي جي پگهر جي ڌپ کي ڪنهن نئين جوان ٿيندڙ ڇوڪري جي بدن جي خوشبوءِ کان وڌيڪ اهميت ڏني. پر سفر جي سُونهَنِ جي ڪچاين، تاريخ جي بي رحم سلسلن ۽ وقت جي بي حس وهڪرن سبب کين واپسي ۾ رڳو اوجاڳا، ويساه گهاتيون، ٿڪاوٽون ۽ پيڙا ملي. اتساه کان نااميدين، خواب کان حقيقتن، يقين کان ويساه گھاتين ۽ صبح کان رات جي هن سموري سفر جي قصي کي ڪو تاريخدان رقم نه ڪري سگھيو. انهي سموري درد کي ڪٿي جيڪر جڳهه ملي ته جان جي شاعري ۾. جان انهي درد جو صرف شاهد نه آهي پر انهي درد جو امين به آهي ۽ انهي درد کي هن پنهنجي نظمن ۾ بنا ڪنهن خيانت جي پيش ڪيو آهي.
چند جا چارا وٺي
دڳ دڳ تي خوابن جا يادگار جوڙياسين،
اڃان به رڻ ۾ ڀٽڪڻ لاءِ ترانو گونجي پيو،
اڃان به ڪو اتساهه، ڪا سار آهي
اسان ته درد جي ورد تي جاڳون پيا.
جان پنهنجي شاعري ۾ انهي نسل جي تاريخ رقم ڪندي انهن سڀني ڪيفيتن کي درج ڪيو آهي، جيڪي ڪيفيتون انهي سفر ۾ ساڻن ساٿاري هيون. ڪٿي اميد ته ڪٿي نراسايون، ڪٿي جوش ته ڪٿي ٿڪاوٽ، ڪٿي ويساهه ته ڪٿي ويساه گھاتيون، ڪٿي يقين ته ڪٿي شڪ. هن پنهنجي نظم “نذير جي جنم ڏينهن تي” ۾ اهو ويساه بيان ڪيو، جيڪو انهي نسل جو هر جوان پنهنجي دل ۾ کڻي هليو هو، جڏهن هن انهي سفر جو آغاز ڪيو.
آمريڪي گولين جو ٻج
اسان پنهنجن سينن تي
رنبڻ لاءِ تيار آهيون
تنهنجا خواب اسان جي اکين ۾ امانت آهن
تنهنجو ڏينهن اسان لاءِ مبارڪ آهي.
ته ڪنهن ٻئي نظم ۾ اهي انومان به بيان ڪيا آهن، جيڪي انهي سفر ۾ اڳتي هلي کين بي پاڙي ول جيان وڪوڙي ويا هئا
ڪير ڄاڻي،
هي گلڙا ڪيئن ٽڙندا
نفرتن جي آگ ۾؟
لانو جي لهرن ۽ لهرن جي ترنم ۾ دليون
ٻڏنديون ۽ ترنديون؟
ته اهي نراسايون به بيان ڪيون آهن، جيڪي اسان جي سڄي قوم جو مستقبل ٿي پيون.
اسان جي ته قسمت جا ڌاڳا
ائين ئي ٽٽي ويا،
اسان جي ته خوابن کي ڄمندي ئي پوليو لڳي هو ويو،
اسان نه ڄاتو ڪڏهن
اسان جون خواهشون به
ڪاريون ٿي مرنديون ڪڏهن.
پر انهن سڀني نراساين جي باوجود، انهي سموري درد هوندي به جان ڪٿي وري اهڙو جيئڻ جو حوصلو ٿو ڏيکاري، جو زندگي تي وري اعتبار اچيو وڃي:
ڪيڏو جيئڻ انوکو
اڄ ساهه سر تي جوکو
ڪيڏو ڳرو لڳي ٿو.
اي زندگي ترانا
ڪي ڳاءِ ڳاءِ جھومي
ٻاڪار ٽهڪڙن ۾
تبديل ٿي وڃي
۽ چانڊاڻ چهڪڙن تي
مرهم لڳي وڃي ڄڻ.
پر جان وٽ درد جي ڪا سرحد نه آهي. جان هڪ سچي شاعر جيان هن سموري دنيا جي درد کي پنهنجي سيني ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪيو آهي، اياز، لطيف ۽ فيض وانگر جان جي شاعري جو ڪئنواس هن سموري ڪائنات تي محيط آهي، جتي به طوق ٽٽو آهي ته جان پاڻ کي آزاد ڀانيو آهي ۽ جتي به ڪو ڳوڙهو وهيو آهي، جان پنهنجو پاند پسايو آهي. جڏهن نيلسن منڊيلا آزاد ٿئي ٿو ته جان انهي کي پنهنجي فتح محسوس ڪندي چوي ٿو ته:
”روبن ٻيٽ“ جي قيد منجھان
ڪو ڳاڙهو سپنو ڦٽڻو آهي
۽ ”منڊيلا“ جي نيڻن ۾
جيڪي خواب اڃارا آهن،
آفريڪا جي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾
تعبيرن جا جھومر پائي نچڻا آهن،
ڪٿي هو خودڪش حملو ڪندڙ تامل ڇوڪري جي احساسن کي پنهنجي نظم ۾ سموئي ٿو ته وري ڪٿي گوئٽي سان مخاطب ٿي ساڻس ديوار برلن ڊهڻ جو جشن ملهائي ٿو. هو آرمينا جي زلزلي ۾ “پوپٽن جي بدن جي خاڪ ۾ لوئجي وڃڻ” تي نوحه ڪنان آهي ته ڪٿي هو آزادي لاءِ ويڙهه وڙهڻ واري فلسطيني جوان جي ماءُ سان سندس دعا ۾ گڏ آهي. جان بيجنگ جي تيانمن اسڪائر تي ٿيل فائرنگ ۾ شهيد ٿيڻ وارن جي رت کي پنهنجي محبوب جي گلابي چپن سان ڀيٽيندي لکي ٿو:
ٻنپهرن جو لڪ لڳي آهي،
۽ تنهنجي سڪ لڳي آهي،
تنهنجي گلابي چپڙن جهڙا گھاوَ
اڃ بينجنگ جي گھٽين ۾
ٽڙي پيا هن.
جان ڪو ’پروفيشنل‘ شاعر نه آهي. جان جا نظم مشاعرن ۾ پڙهڻ لاءِ نه آهن ۽ نه ئي جان کان ڪو فرمائش تي نظم لکائي سگھجي ٿو. جان بنا اتساهه جي شاعري به نه ٿو ڪري سگھي. جان هڪ فطري شاعر آهي، جنهن جي ڏات کي ڪر موڙي جاڳائڻ لاءَ ڪو اتساه ضروري آهي، پوءِ اهو اتساهه ڪٿان به اچي سگهي ٿو. جان ٻين شاعرن وانگي هن سموري وايو منڊل کان لاتعلق ٿي رڳو پنهنجي ذات تائين محدود ناهي ٿيو ۽ نه ئي هن جي شاعري محبوبا جي وارن ۾ اچي ڦاسي پئي آهي. جان جهڙي طرح سياسي ۽ سماجي واقعن سان پاڻ کي جوڙي رکيو آهي، سو جان جي ذهني پختگي جو ثبوت آهي. پر جان انهن سماجي ۽ سياسي واقعن کان اتساهجي جڏهن شاعري ڪري ٿو ته انهي ۾ ڪٿي به جان پنهنجي جمالياتي پهلو کي قربان نه ڪيو آهي. جان جي نظمن جي هڪڙي سٽ به ڪنهن نعري بازي يا ڪرختگي سان ڀريل نه آهي. فيض احمد فيض وانگر جان به پنهنجي سياسي ۽ سماجي موضوعن کي پنهنجي جمالياتي احساسن تي غالب ٿيڻ نه ڏنو آهي. بلڪ هن ٻنهي پهلوئن کي ايڏي خوبصورتي سان هم آهنگ ڪري پيش ڪيو آهي جو اسان کي جان جي انهي فنڪارانه هنر تي رشڪ ٿو اچي.
جان جي سِــٽ سِــٽ ۾ نغمگي ۽ سونهن، جنهن تي هن ڪٿي به ڪمپرومائيز نه ڪيو آهي. هن جي شاعري ۾ شاعراڻي موسيقي انهي جي درد ۽ ڊڪشن جي سونهن سماجي جي بدصورتي تي حاوي آهي. هتي فنڪارانه هنر مان منهنجو مقصد اهو بلڪل ناهي ته جان انهي خوبصورت امتزاج حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو شعوري طور پورهيو ڪيو آهي. جان وٽ هنر فطري طور تي اچي ٿو. جان جي حساس طبيعت ۽ سندس شاعراڻي ڏات ۽ خوبصورت ڊڪشن ملي ٽُڪ جي رلي جهڙي خوبصورت شاعري تخليق ڪن ٿا، جيڪا ڪٿي به مصنوعي محسوس نه ٿي ٿئي. جان پنهنجي شاعري ۾ نئين جوان ٿيل ڇوڪري جهڙي معصوميت ۽ سونهن رکي آهي. انهي جو هڪڙو مثال جان جو نظم ”ياد“ آهي. منهنجي ذاتي راءِ ۾ جان جو هي نظم پنهنجي جمالياتي احساس، لهجي جي بي ساختگي، ۽ ٻولي جي رواني جي سبب ڪنهن به ٻولي جي شاهڪار نظمن مان هڪ ٿي سگھي ٿو:
ڪا ياد سور سختيون،
ڪا ياد پيار مرڪون،
ڪا ياد نينهن وعدا
سوڳنڌ نڀاءَ جا ڪي
ڪا ياد راتڙين ۾
لوڪان لڪي ملڻ جي،
ڪا ياد پيچرن تي
پنجوڙ ڪوڙڪين جي.
ڪا ياد منزلن جي
راهن تي لانگ بوٽن
ڏهڪاو جي اچي ٿي
ڪا ياد ٺوٺ ڇاتين ۾
ٻار چڪ پائي
روئي رڙي سمهي ٿو.
جڏهن اسان ڳالهه جان جي ڊڪشن جي ٿا ڪريون ته جيڪا شي جان جي ڊڪشن کي پنهنجي همعصر شاعرن کان منفرد ۽ ممتاز ٿي ڪري، سا آهي جان جي ٻولي. جان وٽ ٻولي جي جيڪا وسعت، خوبصورتي ۽ پختگي آهي، سا اسان کي جان جي همعصرن يا انهن کان اڳ يا پوءِ جي شاعرن ۾ مشڪل سان ڪٿي ملي ٿي. ڀلا هي سٽون پڙهو:
پوئياڙي جا پاڇا هن کان
ڏور اڳاهان،
ڪاٺيرن جي گام جيان
اوجھڙ مان ڀٽڪي،
پنهنجو انت لهن ٿا.
توهان کي هتي استعمال ٿيل ٻولي اڳي ڪٿي ٻئي هنڌ ملي آهي؟ گھٽ ۾ گھٽ مونکي وچولي جي لهجي ۽ انهي جي وسيع لفظن جي اهڙو خوبصورت استعمال ٻئي هنڌ ڪٿي نظر نه آيو آهي. پر آئون وري به اها ڳالهه دهرائيندس ته جان وٽ لفظن جو اهڙو استعمال ڪا مصنوعي ڪوشش نه آهي. جان انهن شاعرن مان ناهي، جيڪي شاعري کي خوبصورت بڻائڻ / منفرد بڻائڻ لاءِ هرڀرو لفظن ٽنبين. جان وٽ ٻولي ائين اچي ٿي، جيئن محبوبه پنهنجي محبوب جي ٻانهن ۾ هڪڙي ڇڪ تي ايندي آهي. پر هڪ ٻئي لحاظ کان شايد اهو جان جو هڪ نفسياتي ردعمل آهي هن شهر جي مصنوعي زندگي جي خلاف. جان جي ٻولي انهي جو اظهار آهي ته جان پاڻ کي هن ماحول سان جوڙڻ نه ٿو چاهي ۽ لاشعوري طور تي به اڄ به اتي رهي ٿو، جتان هو ڪي سال اڳ هليو آيو هو. جان پنهنجي ٻولي ذريعي پنهنجي انهي ڌرتي سان پنهنجو رشتو قائم رکڻ ٿو چاهي، جتي سندس پاڙون آهن. سندس ٻولي اها پُل آهي جيڪا کيس پنهنجي اصليت سان ڳنڍي ٿي. جان وٽ ٻولي فقط ذريعو ناهي پر هڪ ڪيفيت جو اظهار آهي.
جان جي مجموعي “خوابن جي موسم جو هڪ گيت” پڙهڻ کان پوءِ هڪ ڳالهه پڙهندڙ کي شايد محسوس ٿئي ته جان نظم کان سواءِ ڪنهن ٻي صنف تي طبع آزمائي نه ڪئي آهي. اها ڳالهه ڪافي اهم آهي ته هڪ شاعر پنهنجي اظهار لاءِ هڪ مخصوص صنف ئي ڇو چونڊي ٿو. جان غزل ڇو نه لکيو آهي؟ جان بيت ۽ وائي کي پنهنجي اظهار جو ذريعو ڇو نه بنايو آهي؟ ڇا اها شاعر جي وس جي ڳالهه آهي ته پنهنجي اظهار لاءِ مخصوص صنف جي چونڊ ڪري؟ يا وري ائين آهي ته شاعراڻو تخيل پنهنجي لاءِ صنف جي چونڊ پاڻ ڪندو آهي ۽ شاعر انهي ۾ بلڪل بي وس هوندو آهي؟
اهڙا کوڙ سوال آهن، جيڪي ذهن ۾ اچن ٿا. انهن تي بحث به ٿي سگھي ٿو. پر آئون انهي راءِ جو آهيان ته هر دور جي تخليقي اظهار لاءِ هڪ مخصوص صنف/ صنفون هونديون آهن. وقت جي تبديلي سان اڳين صنفن جو ڪارج ختم ٿيو وڃي. بيت، ڪافي، وائي يا غزل ڪلاسيڪي دور جو صنفون هيون، جيڪي ان وقت جي شاعراڻي اظهار لاءِ موزون هيون، پر آئون ذاتي طور تي نٿو سمجھان ته اهي صنفون اڄ جي شاعريءَ لاءِ موزون آهن. اڄ جي گوناگون دنيا جي ڳتيل مسئلن، رشتن، روين ۽ احساسن جي اظهار لاءِ نظم هڪ اهڙي صنف آهي، جيڪا هڪ شاعر کي ايترو اسپيس ۽ ايتري آزادي ڏئي ٿي جو اهو پنهنجي موضوع سان ايمانداري ۽ گهرائي سان نڀاءُ ڪري سگھي. جان پنهنجي دور ۽ پنهنجي تخليقي ضرورتن کي سمجھيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ ئي هن پنهنجي لاءِ نظم جي صنف جي چونڊ ڪئي آهي. جان جو نظم جي چونڊ جو فيصلو سندس شاعراڻي ايمانداري ۽ پختگي کي ظاهر ڪري ٿو. جيڪر جان ڪنهن ٻي صنف کي پنهنجي اظهار لاءِ چونڊي ها ته اها شايد سندس پنهنجي ڏات ۽ پنهنجي تخليق سان بي وفائي هجي ها.
جان جي شاعري جو مجموعو ”خوابن جي موسم جو هڪ گيت“ سنڌ جي شاعري ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ خوبصورت اضافو آهي. ”خوابن جي موسم جو هڪ گيت“ رڳو هڪ شاعر جي شاعريءَ جو مجموعو ناهي، پر اسان جي دردن جي تاريخ جو دستاويز آهي جيڪو جان پنهنجي پوري احساس ۽ سچائيءَ سان رقم ڪيو آهي. سڀاڻي جو مورخ جڏهن هن دور جي تاريخ لکندو ته جان جي شاعري کي هو نظر انداز ڪري نه سگھندو.

منوج ڪمار
هالا، 3 مئي 2017

نظم

---

چنڊ ڏانهن

اٽي جي ڪشش تي غربت موهجي ڪري پيهه ۾
هن جي اکين ۾ آس جو ڏيئو چمڪندو ئي رهيو
ته ملندو اٽو، بک لهي ويندي.
اوچتو موت جي ٽهڪ تي غربت ٽاه کاڌو،
بي يقيني جي عالم ۾ آس ڪچلجي ڪري،
رڙين تي چوڙيون ڇن ڇن ڇڻيون،
مينهن جي پوسل تي رت وُٺو،
۽ اٽو ماس سان ڳوهجي هو ويو.

سيٺ تسبيح جا مڻيا سوريا دري کان
غربت جي بي وسي تي سج رنا ڪرڻا
رنيون ڌيئرون
پٽن جي آس پسڻ کان اڳ ۾
غربت جي تيز ڌار هن جي نڙگهٽ تي ڪري
عيد جي چنڊ جهڙا چهڪ هئا هن جي بدن تي،
لڱ لڱ تي هيون رهڙون
هر آس پئي ڦٿڪي گهٽئ ۾

عيد وقت کان اڳ ڀيرو ڀڳو
مفت ۾ جيڪو مليو، ٺيڪ ٿيو

او عيد جا چنڊ! هيل به اسين توکي ائين ئي ڳولينداسين اڀ ۾
مبارڪون به وٺنداسين

تون اسان جي اڱڻ تي بيٺل کجي جي لام تي هميشه وانگر لهجان
ته جيئن اسان به عيد ڏينهن غربت ملهائي سگهون،
مبارڪون وٺي سگهون.

(ڪراچي جوڙيا بازار سانحو 14 سيپٽمبر 2009)
******

لياري

جيئن ڀنڀرڪو ٿو ٺري لڙڪ ٽٻڪا ٿي ڪرن ٿا،
ڪو ته سپنو
درد جيان اُلري اچي ٿو،
روز لياريءَ جي ڪڇ تي
چنڊ جيان اڀري اچي ٿو.
ها صدين کان درد لياريءَ جي گلين ۾
پوءِ به ماڻهوءَ جي لڱن ۾
ڪا ته اهڙي ٿڃ آهي جا لڙي ٿي.
ڇا ته دردن جي پهاڙن ۾ لڪل آ
رقص ”ليوا“ جو ڇڙي ٿو.

رات ويندي هي ڀنڀرڪو
ڄڻ پتڻ لاءِ گس آهي
۽ لياريءَ جي گهرن کان
ڏُور ويندڙ سڀ لڪيرون
زندگيءَ لاءِ ڏسُ آهن.
۽ هو ماڻهو
ڄڻ پتڻ تي زندگيءَ جون
ڪيتريون معنائون وکريل
چند سڪن لاءِ ميڙن ٿا.
جيئن صدين کان هي ستارا چنڊ آهن
درد ڪوئي گهنڊ آهي
جو لياريءَ جي گلين ۾
جيئن گڙي ٿو
رقص ليوا جو ڇڙي ٿو.
***

ويران شهر جي گم ٿيل رهواسي ڏانهن

زندگيءَ جي امنگن مٿان
شهر جون سڀ ديوارون
ڊهي اڄ پيون.
نيڻ ٿا ٻوٽجن
شهر تنهنجي جو اڄ تصور ڪري.
اڄ اکين کان پري
پوپٽن جا بدن
لوئجي ڄڻ ويا خاڪ جي رنگ سان.
ننڊ جي ڳهر جون هوائون گهُلن ٿيون.
اداس چنڊ اڄ بي خبر
تنهنجي ڀڙڀانگ گلين ۾ توکي گهوري پيو
موت جي مند ۾.
مگر
اسان تنهنجي ناتي
ڪکاون گهرن جي وٿين مان
ستارن کي گهوري
زندگيءَ جا ڪي سپنا اُڻون ٿا،
ڪا گهڙي شهر تنهنجي جو اڄ تصور ڪري
***

خوابن جي موسم جو هڪ گيت

ننڊ جي آڪاس تي اڄ
خوابن جا ڪڪر ڇانيا آهن
وُٺا ته سڀ ترايون ٻُڏي وينديون.
لڳي ٿو ته هيل
اسان جي گهر ۾ به ڪا بهار ايندي
دلين تي چڙهيل درد جا سارا تهه به ڌوپي ويندا.
اوکي ته اسان سان به خوب نڀايو آهي
ڏکن سان به رهي دوستي پنهنجي
بُک ۾ به ڪو خُمار آهي
ٻن لڙڪن جي پيتي ۾ ئي الُوٽ ٿي وياسين.
ننڊ جي دستڪ تي به اسان نه نهاريو ڪڏهين.
جهوٽن تي لڏياسين ۽ ٻڏاسين پي هر دم.
اڄ ته ڪڪر ڪڪر مان وسن ٿا خواب خدا ڄاڻي.
اوهان جي نگاهن کان دور اسان جي ڏکن جي بستي
خوابن جي خوشبوءِ سان واسجي وئي آهي.
اوهان جي نگاهن جي تنگ ڪمري ۾ ڪڏهين
اسان ماپي نه سگهياسين ته خير آهي
اسان ته ڏکن، بُکن جي راند ۾ مصروف ماڻهو
اڄ ته اوهان جي روبرو ٿيا آهيون
اڄ ته خوابن جي وسڪار ۾ ڀڄي ويا آهيون.
***

خانه بدوش

مسجدن مان اذانون
۽ ڪليسائن مان گهنڊ گڙن ٿا،
اسين ڪنهن جي مرتئي تي ڪريون ماتم.
اسان لاءِ عيد ۽ ڏياريون،
جهنڊن جي ڇانوَ ۾ نعرا،
ڪير ڄاڻي
اسين ڪنهن جي ڦاٽل خوابن جون چَتيون آهيون.
مٿي آڪاس، هيٺ ڌرتيءَ تي
درد ڪهڙي جي مٽي آهيون،
جنهن سان نه آ ڪنهن جي مِٽي
جنهن سان نه رشتن جون ڳنڍيون.
پنهنجي گهران ئي چوائنٺ تان ڌڪيل،
اسان جا خواب اوجاڳن جي نذر ٿي ويا،
وڏا طوفان نيڻن ۾ اٿي دٻجي ويا ڪيئي.
ڇا
اسان تقدير جي جلندڙ سدا ڪشتين ۾ سوار آهيون؟
پُڇي ڪو ئي ته ڇا آهي؟
ڏسي ڪوئي ته ڇا آهي؟
اسين ڪنهن شهر جا، ڪنهن گام جا،
تاريخ جي چچريل گهٽين جي موڙ تان
اسان جا نانءَ ڪيئن مِٽيا؟
اسان جو روڄ ۽ ماڻا،
اسان جو پيار پرچاڻا،
اسان جي ٽهڪ تي فتويٰ،
اسان جي روڄ تي بندش،
اسان جا ڏينهن ۽ راتيون،
اسان جا درد ۽ باتيون،
اسان جا خواب برباديون،
اسان پنهنجي پڇاڻي کان اڳي
جهنم ۾ ڇو ڌڪيا ويا آهيون؟
ڪير ڄاڻي
درد ڪهڙي جي مٽي آهيون؟
ڪنهن جي ڦاٽل خوابن جون چتيون آهيون؟
ڇو دربدر آهيون؟
*********

طويل سفر جي مختصر ڪهاڻي

تنهنجي گهٽيءَ جي موڙ تي اجايو شور آهي
يا، اسان جي خوابن جون شرنايون آهن
جي ڪنين ٻڌڻ لاءِ سفر ۾ آهيون.
اسان ته هميشه عاشورن ۾ گذاريو،
اسان ته مرثين کي ئي سڀڪجهه سمجهيو.
چنڊ جا چارا وٺي،
دڳ دڳ تي خوابن جا يادگار جوڙياسين.
اڃا به رڻ ۾ ڀٽڪڻ لاءِ ترانو گونجي پيو،
اڃا به ڪو اتساهه، ڪا سار آهي
اسان ته درد جي ورد تي جاڳون پيا.
اڃا به ولين تي ماڪ وسي ٿي،
اڃا به دلين تي ٿاڪ ڪهاڻيون،
وري وري جو نهاريو سون
اسان سفر ۾ آهيون.
پوياڙي جو ڇڏي رانديون
ننڍپڻ جو گهوريوسون
سڀڪجهه ئي گهوريوسون
اسان جو ٻڌا ته شهيدن جا نانء ٻڌا
ڪهاڻيون ته اڌوريون آهن.
صدين کان ڀور ڀور آهيون پنهنجي لڱي.
پوءِ به ڳاٽ ڳاٽ جي پويان لڳا نعرا،
لاٽ لاٽ جي پويان لڳيون جهمريون،
اڃا به رڻ ۾ ڀٽڪڻ لاءِ ترانو گونجي پيو.
اجهاميو ٻرن ٿيون اکيون ڪنهن لاءِ
جي ستيون ناهن ته ڇا هي
وقت پٺيان پيو باهي.
اسين جو گيتن جا گائڪ
ڏکن جي موسمن ۾
ٽهڪن جي بدلي
نوحا جهونگاريون پيا.
اڃا به
ڳلي ڳلي ۾ ڪتن جي باهوڙ تي ڀُليا ناهيون
ٿڙيا ناهيون
اسان سفر ۾ آهيون.
ٻڌاء
تنهنجي گهٽيءَ جي موڙ تي اجايو شور آهي
يا – اسان جي خوابن جون شرنايون آهن.
******

خوابن جي ڪاڄ مان هڪ واردات

نفرتن جي مندن ۾
اسين جهول ۾ محبتن جا سوين گل
کڻي جو لنگهياسين
بي گناهي جي جرمن ۾ ڦاسي پياسين.
پنهنجي ئي شهرن ۽ ڳوٺن ڳلين ۾،
وچڙندڙ، سياسي هوائن ۾ الجهي پياسين.
رڳو رات جي ڪا گهڙي ڳهرجي
ڪجهه ڪڇياسين،
يار جا ڏس اڌورا سڌورا پڇياسين
ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تان عدوليا وياسين.
شهر جي چوڪ تي،
اخباري بنڊل جيان ساڙيا وياسين،
ڪنهن دوناليءَ جي فائر تان واريا وياسين
مگر نفرتن جي نه آڏو جهڪياسين.
ڀٽائيءَ جي درٻار تي ڪنهن مسافر ڪبوتر جيان
گيت اسان جا،
پنهنجي ئي خوابن جي ڪنهن ڪاڄ مان
نيٺ اغواٿين ٿا.
هالا حويلي ۽ ڪنگري جي اوچن
ٺهيل مورچن ڏي اسان جو ڪڄاڙو
رڳي روڄ راڙو اسان جي ڳلين ۾
جتي خواب لاوارث لاشن جيان ٿا لڳن
نفرتن جي مندن ۾.
اڙي چنڊ ايڏي جدائي اوهان جي!
اسين يار جي پار جا
ڏس اڌورا سڌورا پڇون ها
هيل زردن پتن تي تنين ڏي
بهارن جون ڪي ئي چميون موڪليون ها
قتل گاهن مان گم ٿيل
ممتا جون لوليون ۽ ٽهڪن پڙاڏا
دلين تي اڻيون ها.
نفرتن جي مندن ۾
اسين محبتن لاءِ جيئون ٿا
ها اسين محبتن لاءِ جيئون ٿا.
******

رشتا

ڪالهه ۽ اڄ جي تصور کي اورانگهي،
ياد ڪا ايندي نه ايندي،
۽ سڀاڻي جو سبق ڏيندي نه ڏيندي،
ڪير ڄاڻي
هي گلڙا ڪيئن ٽڙندا
نفرتن جي آگ ۾؟
لانو جي سهرن ۽ لهرن جي ترنم ۾ دليون،
ٻڏنديون يا ترنديون؟
چنڊ جو گولو ڪنڊيءَ جي لام تي،
لنوندو نه لنوندو؟
۽ هوائن جي سڳنڌن تي ڪو شاعر
گيت ڪو لکندو نه لکندو؟
ڪير ڄاڻي
پيار جا رشتا سڀئي،
سانڍي رکيل ها ساهه ۾،
۽ ٻارڙن جي مُرڪ جي اتساهه ۾،
عداوتن جي ڍنڍ ۾ ٻڏي ويا؟
شهر جا سڀ ڪتا،
نفرتن جا رکوال بنجي ويا،
۽ اسان خوابن لهڻ جي تمنائن ۾
اڄ ستارن سان وري
جوڙي ڇڏي آ دوستي.
******

تمنا

هاڻي ته سرگوشين جي موسم به ناهي.
بس گولين جي دستڪ تي
ساهن جي نغمگي آهي.
بي چين ڪمرن ۾ اجائي ٺڙ ٺڙ
۽ بي خوف دلين ۾ ڌڙ ڌڙ آهي.
اوهان جي ياد ۾ اڄ رات به اوجاڳن ۾ گذري،
اسان جا قدم اوهان جي گهر ڏانهن ايندي،
رُڪڻا ته نه هئا پر،
سڀ سگنل ۽ شهر جا در دريون بند آهن.
رڳو دشمنن جي گنبذن جون کڙڪيون
اسان کي سڏن ٿيون،
اسان جا قدم،
اوهان جي گهر لاءِ بي چين ئي رهيا.
اوهان جو گهر،
اسان لاءِ مسجد ۽ مندر آهي،
بس آذانن ۽ گهنڊن تي،
ٿڙيا پير ته هليا اينداسين،
گولين جي خدائن کان دور هليا اينداسين،
اوهين به پنهنجي خواب گاهن ۾
ڪي چميون اسان لاءِ به پوکي ڇڏجو
ڪو فصل محبتن جو، چاهتن جو پڪو ته اسين به لڻنداسين.
ڪجهه ته دروازن جا ڀاڪر اسان لاءِ به کليا ڇڏجو
آياسين ته هليا اينداسين.
گهٽين جي اوٽ ۾
هاڻي ته سرگوشين جي موسم به ناهي.
بس گولين جي دستڪ تي ساهن جي نغمگي آهي.
******

ڪهاڻي هڪ شهر جي

هن شهر مان گم ٿي ويون آهن جوانيون
ويڪرن رستن ۽ کيتن ۾
موت جي ڪا لوڌ ٿي ڊوڙي اميدن جي پٺيان.
جلادن جي ڀاڪرن ۾ بندوقون،
سندن سُريتن وانگي
ڪنهن جي نيڻن کي ڏئي جهٽڪو
اجهامي ٿيون وڃن پل ۾.
هر گهڙيءَ ، جلادن جا هٿ،
پنهنجي سُريتن جي بُبن تي چُرپر ڪن ٿا،
ڪُنوارن وڻن جون ٽاريون
اڏنديون رهن ٿيون،
هن شهر وادين ۾ ڀٽڪندڙ سڀ مُسافر
سج جي آخري سڏڪي جيان
پنهنجي اڱڻ تي
درد جي هر ڪيهه کي ڪنائن ٿا.
ٻٻر ۾ لٽڪندڙ پلڙن سمان
چاندنيءَ جا ڪرڻا به زخمجي وٺا آهن اڱڻ تي
۽ سوچ جي ڪارب ۾
تاريخ جا ڪيئي سبق
ٽپڪيون ڏيئي نچن ٿا.
چاندني ۾
وڇڙي ملڻ جي جنون وانگي
بندوق جا ڇرا پيڇو ڪن ٿا زندگيءَ جو،
سانَ جي هر ٽاڏ جيان گولا رڙن ٿا،
چُمڻ جهڙيون سوين ناريون،
۽ ٽاريون گلن جون
زخمجي ڪري پون ٿيون
لتاڙجن ٿيون
زندگيءَ سان عشق جي هن ڏوهه ۾.
عاشق ۽ محبوبائون
خوف جي ڪنهن ڇانوري ۾
نون گيتن جون ڌنون ٻڌڻ لاءِ رڌل آهن.
دلين ۾ بي ڏوهي هجڻ جو احساس
ڪرڀ بنجي ٿو وڃي.
سک چين جون مندون مڙيئي
وقت جي ٽوڙهي ۾ قيد ٿي آهن ويون.
مگر ڪنهن ٻار جي چڳڙن جي لئي تي
ڪنهن ماءُ جي لوليءَ جي گونج
آدرشي گيت بنجي ٿي وڃي.
ٿڃ پياڪن جون کير ڌارائون
۽ سندن چپ سلامت رهن
عشق سلامت رهي
زندگي سلامت رهي.
******

رسم ادائي جو آخري پل

هيل گولين وسڻ جي مند
ڊگهي ٿي وئي آهي.
باغن ۾ گل ٻوٽين جيئن پکڙيل آهن.
دُهلارين جي ڌن تي
آڳر آڳر – گهٽي گهٽي ۾
تنهنجي منهنجي ناتي
ڪا ته سجاوٽ ٿيڻي آهي.
رسم ادائي جو آخري پل
ميندي جي هٻڪاريل
لانو لهڻ تي پورو ٿيندو.
ها پر گوليون
دهلارين سان گڏ گڙن ٿيون
پکين جي آکيرن مان ٿينديون
گهرن منجهه ڪرن ٿيون.
رات ڊگهي ٿي وئي آهي،
چانڊوڪيءَ جو ڏاٽي جي ڌن تي
سنگ لنون ٿا، گيت جڙن ٿا.
لابارو لهندو
سڀاڻي هي کِرُ به آجي ٿيندي.
ڪانگڙ ۾ مال سان
ڀٽڪندڙ ٻارڙا
آڀن جي مند کي ساري
گولين جي ڌن تي ڳائيندا.
هيل
گولين وسڻ جي مند ڊگهي ٿي وئي آهي
تون ۽ آئون
بُک لڪائي پنهنجي دل ۾
آءُ ته پنهنجا سهرا ڳايون
هيل گولين وسڻ جي مند ڊگهي ٿي وئي آهي.
***

منوڙو

هي سمندر ۽ منوڙي تي هي مندر
جنهن جي اندر
ساهه، نقشا نينهن جا ڌاڳا ٽٽل،
جنهن جي گنبذ تي اُڪريل نقش تي ڪا نازنين
ڄڻ صدين جي ٿڪ جي تصوير آهي
يا ڪنهن راڻيءَ جو بدن پٿرائجي آهي ويو.
۽ هي گرجا !
ڄڻ صليبن تي چڙهيل ڪائي ڪهاڻي
سمنڊ ڄاڻي، چنڊ جي ساري سهائي.
ڪيئن چئجي هي اجاڙون
۽ هي هوڙن تي پڪارون بي ستيون رهجي ويون

هي سمندر تي گهلندڙ هير ۾ بدبوءِ ڀريل
۽ هي گرجا تي صليب
ڄڻ غلاضت ۾ ڦٽل ڪوئي ڪنول
آءُ هلي آ وقت تنهنجي ٻانهن ۾ جو ٻل آ
جي سمندر شور کي روڪي سگهين
نفرتن جي بوءِ کي ڌوئي سگهين.
***

تامل ڇوڪري

آرزوئن جي ڀڳل ٻيڙيءَ مٿان
ڪائي تامل ڇوڪري بندوق سان
سانت جا پيرا کڻي ٿي.
خودڪشيءَ جو موت هُن کي پيو سڏي،
ڪو پکي اُڏريو نه اُڏريو هن جي نيڻن ڏار تان.
ڪائي تامل ڇوڪري هن جي مٿان
هيءَ ستارن سان ڀريل سپنن جي چادر
بس، واٽ ويندي زندگيءَ جو مُلهه ڪٿيندي ٿي رهي.

ڪي ته گل گولين سڃاتا،
ڪي ته ڳل ڏاڍا پياسا،
ڪا چُمي آئي نه آئي
ڪا ته خواهش هئي سامائي
بس جوانيءَ کي مليو جو پيچرو،
ڄڻ ڇڪيندو ٿو رهي اتساهه سان،
آرزوئن جي ڀڳل ٻيڙيءَ مٿان
ڪائي تامل ڇوڪري بندوق سان
سانت جا پيرا کڻي ٿي.
******

آزمائش

گلابن جي
گهلندڙ بدن کي
ڇُهي
اڄ هوا
ڳوٺ منهنجي تان گُهلي آهي.
مگر اسان جي ديس جي وڻن تي
لنوندڙ پکين
چمڻ جي چال بدلائي آ ڇڏي.
رات ۽ ڏينهن،
صبح ۽ شام
هر گهڙي بُک جيڏي ڪڙي آهي.
نيڻ ننڊاکن ۾
وقت نئين جي تاڙ آ
اچ ته اڄ ستارن کي
گيت ڪو ارپي ڇڏيون
پيٽ خالي آ مگر
آءُ ته پنهنجا لڙڪ اوتي
نيڻ آجا ڪيون وري
پيار جي صدقي
چمڻ جي چال کي اوريون وري.
******

انتظار

پايل وانگي
ڇم ڇم، ڇم ڇم
منهنجي دل جو ڌڙڪو آهي
يا تنهنجي اچڻ جو کڙڪو آهي
ساروڻا ۽ سارا سپنا
چانڊوڪي جي ڌارائن مان
روڳ کڻي موٽن ٿا.
ڪيڏي سار اڃائي آهي
مور هوائن ۾ ٻولن ٿا
محبوبائن جي من جهڙي
چانڊوڪي ۾ رُت ٻولي ٿي.
ياد اکين ۾ ليئا هر هر
ڪير اچي ٿو ڪير وڃي ٿو
باک نڪور جيان ڪو چهرو
منهنجي نيڻن منجهه لڪي ٿو
پايل وانگي
ڇم ڇم، ڇم ڇم
منهنجي دل جو ڌڙڪو آهي
يا تنهنجي اچڻ جو کڙڪو آهي.
***

خوابن جو سفر

ڪيڏانهن نيندين
منهنجا خواب کڻي او سورج!
ايئين وڃين ٿو
هير هوا جي توڏي تانگهي
منهنجا لڱ ڏنڀي ٿي.
پونياڙي جي هن ويلا ۾
کنهنبو رت ميارون ڏئي ٿو.
فوجي جرنيلن جون پيڙهيون
مون کي هر هر ياد اچن ٿيون،
سپنن جي باغيچن ۾
ڪنڊا ڪنڊا ٿي اڀرن ٿيون.
منهنجي ڌرتيءَ جون هي وستيون
۽ هي روئندڙ ٻار هنجن تي
تن جو اڄ مياري هرڪو،
جيڪو منهنجي ڌرتي تي
ڪا هڪڙي رات ٽڪيو آهي.
يلغارون يلغارون آهن،
ڪيڏيون مند ميارون آهن،
نعرن تان ويساهه کڄي ٿو
ڪرڻا ڪرڻا رت ٽمائي
ها پر تون ڪنهن پار وڃين ٿو؟
منهنجا خواب کڻي او سورج
ڪهڙي باک وراڻي ڏيندين؟
ڪهڙي سڏ وراڻي ڏيندين؟
***

ياد

وسڪار مينهن جي ۾
ٿي ياد ڪا ستائي،
ڪا ياد سور سختيون،
ڪا ياد پيار مرڪون،
ڪا ياد نينهن وعدا،
سوڳنڌ نڀاءَ جا ڪي،
ڪا ياد راتڙين ۾،
لوڪان لڪي ملڻ جي،
ڪا ياد پيچرن تي
پنجوڙ ڪوڙڪين جي،
ڪا ياد منزلن جي
راهن تي لانگ بوٽن
ڏهڪاو جي اچي ٿي،
ڪا ياد ٺوٺ ڇاتين ۾
ٻار چڪ پائي
روئي رڙي سمهي ٿو،
ڪا ياد ڪي امنگون
سانڍي جيئان وڌان ٿو
ڪنهن ياد جي سهاري
خوابن ۾ راتڙين جو
تعبير لئي پيو جھاڳيان
تعبير دلربا سان
مرڪي کلي ملڻ جو،
ٿو موت کي ڊيڄاري
سالن صدين کان ڳوليان
جو راز زندگي جو
ها ياد منهنجي من جي
ڳولي ضرور لهبو
ڳولي ضرور لهبو.

(ڪلال جي نظم ”قرض“ کا متاثر ٿي لکيل)

سڃاڻپ

هر گهٽيءَ ۾
منهنجي خوابن جون رقاصائون ۽ مان،
رقص تن جي ۾ هي جادو،
وقت قابو
سڀ ٽريفڪ جا هي سگنل
۽ سپاهين جون هي ٻانهون،
سارا رستا ۽ نگاهون
مان الائي ڪير آهيان؟

درد منهنجي جون هي لهرون
نيڻ منهنجا ڄڻ سمنڊ
۽ ياد ڪائي ناوَ آهي جا تري ٿي
ڇوليون ڇوليون ٿي ڇلي ٿي.
ڄڻ ته ڪو طوفان آهي.
دل سڄي سنسان آهي ٿي وئي.
مان الائي ڪير آهيان؟

مان لنگهيو آهيان الائي
واٽ ڪهڙي هئي الائي
نفرتن جي جهنگ ۾ ڀلجي ويس
۽ رهڙ مون کي ڇا لڳي،
دوستي ڪاتر هئي جا وئي وڍي.
زخم ڇا هو؟
ڪي ته آگم ٿي اٿيا منهنجي اکين ۾
منهنجي پنبڻين جا غريباڻا ڇپر ٽمندا رهيا
۽ مان سڃاڻپ جي پٺيان رُلندو رهيس.
ڪو ٻڌائي مان الائي ڪير آهيان
منهنجي گهر جا ڏور رستا ڪو ٻڌائي
مان ته ڀٽڪي ويس
الائي ڪهڙين سوچن ۾ ٻڏل رهجي ويس،
ته آخر،
ساريون تلخيون
منهنجي قسمت جي ڦرهي تي ڪنهن لکيون؟
***

سار

اڄ هُن جو جنم ڏينهن آهي
۽ دنيا جي هُن ڪنڊ ۾ جنگ ڇڙي آ.
ٽي وي آ ڄڻ جنگ جو ميدان،
۽ منهنجي دل آ خوابن جو شمشان بڻي.
آڏو “هيليڪاپٽرن” جي اڏام،
بارود، ٽينڪون ۽ باهه.

پر دل ٿي چاهي
هن لمحي
تون ته هلي آ منهنجي ٻانهن ۾
هُتي جنگ لڳي آ
۽ هتي تنهنجو جنم ڏينهن آهي
اڄ سوڳ ۽ خوشين جي سنگم ۾
ڪيئن چئجي
پاڻ پهرين جنگ ۾ مري ويل اُميدن،
ڊٺل آکيرن ۽ چيڀاٽجي ويل گلن
جو سوڳ ملهايون يا جنم ڏينهن جي خوشي!
***

سي – گل

سمنڊ آهي، پيو نهاري
ڄڻ ٻڏي ٿو منهنجي نيڻن ۾،
۽ تِمر جي ڏار تي سي – گل لڏي پيو،
شام آهي پئي وڃي ڇولين تي لنوندي،
سج آهي ڄڻ ته سرڪڻ ۾ لڏي پيو
سمنڊ نيڻن ۾ ٻڏي ٿو.

سمنڊ، سارون ٿيون ٻڏن – لهرون ڪڏن ٿيون
لانچ جي لوڏن تي هيڻيون، جهيڻيون هيرون ڇُهن ٿيون
مينهن جي ڦڙ ڦڙ مٿان ۽ هيٺ سي – گل جون اڏارون
۽ اسين جيڏانهن نهاريون ٿا هي ڇوليون
ڇرڪنديون ٻکبيون وڃن پيون.
لانچ آهي پئي لڏي لهرن جي وچ ۾
۽ هندوري تي چڙهيل ساهن جي وچ ۾
بس رهجي ڪا وئي آهي وٿي،
سمنڊ تي چوڳي جا متلاشي پکي،
دور نظرون مينهن ۾ ڀڄنديون رهن ٿيون
۽ اکين جي ٻيٽ تي بادل وڃن پيا ڇانئبا
۽ هي ڇر تي ڇانو، سي – گل جون قطارون
سمنڊ – سارون ٿيون ٻڏن لهرون ڪُڏن ٿيون.
******

شاهڪار

هي رات جون نگاهون
ڪنهن لاءِ وري کڄن ٿيون.
هي جاڳ جاڳ سپنا
ڪا ياد ڪو تصور
ڪي لڙڪ سانوڻي جيان
ڪي پيار جون پروليون
ڳالهيون نيون نڪوريون
ڪي خواب نئين جنم جا.
نظرن جي اوٽ ۾ آ
ڪو چنڊ جهڙو چهرو
موتئي جيان هوا ۾
ڪا مهڪ ٿو ورهائي.
اي دلربا هي تو لئي
ڀاڪر وري کلي ٿو
چپڙا چرن پرن ٿا
ڪو گيت زندگيءَ جو
ڀڙڪو ڏئي اُڏي ٿو.
اُلڪو نئون دلين ۾
سورج سمان ڦٽي ٿو
ڪيڏو جيئڻ انوکو
اڄ ساهه سرتي جو کو
ڪيڏو ڳرو لڳي ٿو.
اي زندگي ترانا
ڪي ڳاءِ ڳاءِ جهومي
ٻاڪار ٽهڪڙن ۾
تبديل ٿي وڃي
۽ چانڊاڻ چهڪڙن تي
مرهم لڳي وڃي ڄڻ.
جو زندگيءَ جي ليکي اڄ موت سان لڙي ٿو
سو نئين جنم جو ڪوئي ڄڻ شاهڪار ٿي ويو.
******

ننڊ

ننڊ، ننڍڙي ٻار وانگر ٿي ڪڏي
۽ اکين جي پاندرن ۾ پئي لڏي.
لڳي ٿو،
آئون ننڊ کان رُسي ويو آهيان
نه ڄاڻ ڪٿي رسي ويو آهيان.
جاڳ جاڳ سان رهي دوستي
ڪيترو دور نڪري آيو آهيان.
اکين ۾ تار تار آ پاڻي
پنهنجي لڙڪن ۾ ٻڏي ويو آهيان.
وقت جي وير هئي چڙهي آئي،
اسان جي سُکن جي ٻيڙي هر بار
ٻڏي، ٻڏي نيٺ تري آئي،
هر رات، رات وري آئي،
اوهان جي تات، تات وري آئي،
بس جاڳ، جاڳ سان جڙيو ناتو.
خواهشن جي وستيءَ ڏانهن هي وڌندڙ قدم
رُڪي رُڪي نه سگهيا سي ڪڏهين
هر پنڌ پيچرن تي اسان جا پيرا
هر واٽ واٽ پئي ٿڪجي.
بس جاڳ جاڳ سان ئي رهي دوستي،
پر ننڊ جو ناتو به عجيب آهي،
هوءَ ننڍڙي ٻار وانگر ٿي ڪڏي
۽ اکين جي پاندرن ۾ پئي لڏي.
***

گلن ٽڙڻ جي موسم ۾

اڄ وري ديس جي هر ڳلي ۾
اکيون بند ڪري ڇيڪ گوليون ڪڏن ٿيون
اشارن اشارن ۾ هي انتهائون.
اسان جي ڪتابن جون ارٿيون
دنيا جي دلين تا گذارڻ کان اڳ ۾
شهر جي چوڪ تي
ڪهاڻين ۽ تاريخ،
گيتن ۽ نظمن جي هيرن جي پراڻ سان گڏ
اڄ چتا تي چڙهن ٿيون اسان جون امنگون.
۽ فاشين جي اکين ۾
ڄڻ ته وقت ويڳجي ويو آ.
تاريخ ۾ ڀٽڪندڙ
زار، هٽلر جون يادون
دنيا جي گهٽين مان
گهلندڙ هوا ۾
نعرن جي شور کان ڪيڏو ڪنبن ٿيون.
مگر،
انڌن وهٽن جيان هو بيخبر
ڌڏندڙ تخت تي آئيندو گهورن ٿا
۽ اسان جو رت
صدين جي ملهه ڳنهڻ لاءِ
گلن ٽڙڻ جي موسم ۾ وهي پيو آ.
***

ڀٽائي جو تنبورو ۽ سنڌ

ڀٽائي جو تنبورو چوڪ تي ٽنگيل آهي
ها ڀٽائي اڄ مگر سوچ ۾ ٻُڏل آهي.
ستارن کي گهوري
ياد جي اساٽ ۾
ڪير اڄ رنو آهي
لڙڪ هي وهيا آهن
پاندرن تي سڀ پکي
هيسجي ويا آهن.
اڄ ڪراڙ کي گهوري ڪڪرن جي اوٽ ۾
چنڊ ٽٻي هنئي آهي.
سنڌ جون ڳاڙهيون گهٽيون،
مينديءَ جي هٻڪار جهڙو
رت اڄ وهيو آهي.
نيڻ اڄ ڪراڙ جا
لڙڪ بوند لاءِ سڪن ٿا.
سڀ رٺل ڪوئليون خون جي هٻڪار تي
اڄ وري لڇيون آهن.
ڪوس گهر جون دريون
رات ڏينهن کليل آهن،
ها ڀٽائي اڄ مگر
سوچ ۾ ٻڏل آهي
۽ ڀٽائي جو تنبورو
چوڪ تي ٽنگيل آهي.
***

ميندي جي هٻڪار ۾

ٻنپهرن جو لڪ لڳي آهي،
۽ تنهنجي سڪ لڳي آهي.
تنهنجي گلابي چپڙن جهڙا گهاوَ
اڄ بيجنگ جي گهٽين ۾
ٽڙي پيا هن.
تون پنهنجي ديس جي
هن گرم رُت ۾
ڳوٺ جي ڇانورن ۾
گيت جي ڌن تي
احساس اُڻندي
ڪيڏي وڻندي آهين.
ها مگر
اڄ تنهنجي ويس جهڙيون
ڳاڙهيون گهٽيون
فاشين جي اکين ۾
سرٽ پئجي آهن ويون.
ڪنوار جي تن جيان
اجريون اميدون
هيل رولي ۾ نه پونديون.
مينديءَ جون هٻڪارون ٿينديون
هيل سڄي جڳ ۾
موڙن ٻڌڻ جي مند بيچين آ

(بيجنگ ۾ ٿيل فائرنگ تي لکيل)
******

نيلسن منڊيلا جي ياد ۾

اي وقت وري تنهنجي سيني تي ورڻو آهي.
واهڙ، واهڙ جي ڇوليءَ مان،
ڪاري ڪاري ڪوسي ڪُک مان،
ٿڃ ٿڻن مان گوها بنجي
ڪوئي گيت ته ورڻو آهي.
“روبن ٻيٽ” جي قيد منجهان
ڪو ڳاڙهو سپنو ڦٽڻو آهي
۽ “منڊيلا” جي نيڻن ۾
جيڪي خواب اڃارا آهن،
آفريڪا جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾
تعبيرن جا جهومر پائي نچڻا آهن،
سارا ڪيس نبرڻا آهن
وقت وري تنهنجي سيني تي

(جڏهن نيلسن منڊيلا روبن ٻيٽ جيل ۾ هو تڏهن هي نظم لکيو ويو هو)
***

حيدرآباد جي شام جي نانءَ

او حيدرآباد جي شام!
اڄ هيءَ اُداسي؟
تون ڪٿي آهين ۽ هوشُوءَ جو جهنڊو ڪٿي آهي؟

بدلجندڙ موسم ۾
شهر جي اُڀ تي رُلندڙ بادل
ڪالهه تنهنجي حسن ۽
پکين جي اُڏام تي لکيل سڀ نظم
شهر جي اُڊڙيل رستن وانگر

مينهن جي هر بوُند تي تنهنجو نانءُ
شعر جي سٽ سٽ تي تنهنجي ڪهاڻي،
هي هيرآباد، هي رستن تي ڀٽڪندڙ روُح ۽
کوکليون دليون
هي قافلا روان دوان،
مگر تون ڪٿي آهين؟

سج هُن پار لهي رهيو آهي
رتاهون آسمان سنڌ جي شهيدن جي رت جو شاهد آهي
او حيدرآباد جي شام!ٻڌاءَ تون ڪٿي آهين؟
۽ هوشوءَ جو جهنڊو ڪٿي آهي؟
*****

غيرت جو لاش

دارالامان جي چوديواري اندر
سُڏڪن ۾ لڪل سنڌ جي ڪهاڻي
ڪير ڄاڻي طلاق جي طعني جو درد ڇاهي؟
آخر هر بار بيگناه اوڇنگارون ئي زنجيرن ۾ ڇو جڪڙيون ويون؟،
خواهشون کوليءَ ۾ بند
ٻه، چار لڙڪن لاءِ ٻاڏائينديون رهيون،
ڀتين سان ڳالهائينديون رهيون،
۽ گود جي مختصر ڪائنات ۾
ٻار چڳڙن ۾ رهيو مگن،
خوشيون، در بدر سپنا،
هُن سڀ تهمتون زهر جي آخري پُڙيءَ جيان سنڀالي هيون رکيون

سُنوائيءَ جي سڏ تي وسوسن جا ڪاڪروچ
هُن جي جسم تي ڊوڙڻ لڳا،
زرد پتن تي لکيل قسمت جي ڪهاڻي
هوا جي رخ تي پئي اُڏاڻي
۽ هوُءَ ڏسندي رهي
ڪمري اندر هُن جي يادن جو زخمي پوپٽ
تڙپندو رهيو اڪيلو

عدالت جي ڇت تي پاريهل جو آواز
ذڪر خير جيان آٿت بڻيو،
جج ڏني فتوا ۽ هُوءَ آزاد ٿي
مگر
سڀ رستا هُن جي ٽنگن ۾ ڏانوڻ بڻيا،
نيڻ نهار تائين سرڻيون،
سوچ جون رقاصائون ۽ وڇوڙي جو درد
هُن وک کنئي،
ٻار چڳڙن کان ٽُٽو، ڪريو ۽ چيخ اُڏاڻي،
هُوءَ ڳڀا ڳڀا ٿي ڪري
رت رشتن جو وهيو،
سج ڏٺو

او سنڌ!
ٻڌاءِ تنهنجي هن غيرت جي لاش کي اسان ڪٿي دفنايون؟

******

منهنجي دل جي شهر هالا جي نانءُ

هالا!
اسان جي دل هتي الائي ڪٿي اٽڪي آهي
جو تنهنجي گھٽين ۾ آمد تي ڌڙڪن تيز ٿيو وڃي

تنهنجي هندوري جي هر لوڏ تي نئون خواب ٿو سرجي،
هي ڪاشيءَ جي هر سر ۽
گج جي هر ستار تي تنهنجو نانءُ،
هي ڪاريا ۽ هي بي عيب ڪهاڙيون
سڄي سنڌ سارين جي خوشبوءِ
پکين کي سڏي پئي

هي ڌڻ، ڌراڙن جون ڳٽڪارون ۽ چڙيون،
هر لار جو پنهنجو رڌم آهي
هر سينڍ جي پنهنجي نغمگي

هي دريا، هي ٻيلا،
هي ماکيون، هي ميلا،
هي کاڌي، هي کڏيون،
رسي پرچڻ جا وچن،
پينهون، پرينءَ جي پار جي تحفن جيان،
تنهنجي اجرڪ جي ڦلين تي دل موهجو پوي هر هر

اسان جي دل هتي الائي ڪٿي اٽڪي آهي
تنهنجي گھٽين ۾ آمد تي ڌڙڪن تيز ٿيو وڃي
توسان عشق جي تند مضبوط ٿيو وڃي
******

تلاش

رڻ، رات، ٺار وُٺي جو
اي دل
تنهنجو ساٿ اڃا گھرجي
جيئڻ جي تمنا جو گل ٽڙيو آهي
ٽڙڻ ڏي

اڄ ته هڏڪي به وڌي وئي آهي،
الائي ڪنهن جي نانءَ تي لهندي
دُور اڃا دُور ڪيترو دلبر
اکين کان اوجھل ائين رهي سگھبو؟
اسان ته هر بُوند کان پڇيو،
ڪڪر وٺا ۽ ويندا رهيا اڳتي،
مينهن مُند جون سڀئي يادون،
اکين جي اُڀ تي روز کڙنديون رهيون ستارن وانگر
هوا جي جُھوٽن جي دستڪ تي
کُليو رهيو اسان جو در
ڀنڀراڪي جو سڀ ستارا لهي ويندا
تنهنجي ڳل تي چُميءَ جي نشان وانگر،
مگر تون ڪٿي اوهان جو گھر؟

رڻ، رات، ٺار وُٺي جو
اي دل!
تنهنجو ساٿ اڃا گھرجي
جيئڻ جي تمنا جو گُل ٽڙيو آهي،
ٽڙڻ ڏي
******

هڪ رات جي ڪهاڻي

اها رات به الاءِ ڪيئن هئي؟
ڪا گهڙي اتساهه لاءِ تارا کڙيا،
چنڊ هو روئندو رهيو،
چاندني لڙڪن جي چادرجيان، اڳيان
۽ هو دري کان ٻاهر ڪنائيندو رهيو

ٽٽيهر جي شور تي
رات جي سانت الائي ڪيئن ٽٽي.
هن چيو
کڙکٻيتا اوندهه کي مات ڏيندا
اکين جي آڳر تي چاندني جڏهن لڙڪن جي چادر اوڍي ايندي
تڏهن ملنداسين.
ڪو نقاش
خوابن جي معنائن کي تراشيندو، جڏهن
پاڻ ملنداسين

اها رات به الاءِ ڪيئن هئي؟
تارا کڙيا
پنبڻين ۾ اٽڪيل ڳوڙها سڪا.
رات ڀر نگاهن ۾ تصويرون تراشيندي
هن جي اک الاءِ ڪيئن لڳي.
۽ پوء هوِ
جڏهن صبح جي آبشارن مان وهنجي نڪتو
هن چيو
خواب هو، تون هئينءِ، مينهن هو
۽ آئون پوپٽن جي پويان ۽ ڀنڀوريون
پنهنجي ٻاروتڻ کي ڳوليندو ئي رهيس،
ٻا تائيندو ئي رهيس
ان لمحي آئون الائي ڪيئن هئس؟
باک ڦٽي هئي تنهنجي هٿن تي لڳل مينديءِ جيان

خواب کي ڪير چئي ايندو نه ڪر؟
دل جي شفاف ڍنڍ تي ائين تڙڳندو نه ڪر
تارا کڙندائي رهن ڇاهي
کڙکٻيتا اڏامندائي رهن ڇاهي
زندگي روان دوان ئي رهي
چنڊ ۽ چاندني رهن سدا
موت الائي ڪيئن هوندو؟
شل خواب ماڻيندا ئي رهون،
ائين ئي کلندا رهون

******

هاري

هاريءَ جي سيني ۾،
زخمي خواب لڇي ٿو.
پوئياڙيءَ جا پاڇا هن کان
ڏور اڳاهان،
ڪاٺيرن جي گام جيان،
اوجهڙ مان ڀٽڪي،
پنهنجو انت لهن ٿا.
هو سورج ڏي تاڻي ٿو،
زخمي ڀونئر جيان ،
۽ هر لڦ پگهر سان ڌوئي،
هر جي اوڙ وٺي نڪري ٿو.
پنهنجا ٽهڪ مروٽيل،
وونئڻن جي کيڙيءَ ۾ گُهوري ٿو.
هر ناڙيءَ ۾ ٿو نيڻ وڇائي،
هر ٽاريءَ تي ڪو سپنو سپنو جهومي ٿو،
آئيندي جون مرڪون من ۾ لائي،
گهر موٽي ٿو،
ڪجهه سوچي ٿو.

تعبير

جاڳڻ کان اڳ ۾،
هن رت انڌاري ۾،
آواز اڏامن ٿا،
۽ ڪنهن جي گوليءَ سان،
هي گهايل چپڙن تي،
ڪي گيت مُٺا آهن.
هي چيٽ جي چانڊوڪي،
ڏاٽا به اُڀا آهن،
هر ڳوٺ جي ڳلين ۾،
هر گوليءَ جي سامهون،
ڳاٽا به اُڀا آهن.
اي ديس جيئڻ لاءِ اڄ،
ڪوئي ته وچن ٿيندو،
هن راهه صدين تاڻي،
ڪڏهين ته زخم ڀربو،
او منهنجي امنگن جا،
هر پورهيت جي من جا،
تعبير ڪٿي آهين؟

تنهنجي ياد ۾

جڏهن تون وئين رات جي ڪنهن پهر ۾
اُداسين جي پويان
سڄي شهر ۾ ماٺ جو ڪوئي طوفان آيو،
هر خبر دلبري جي جهان ۾
وئي “ريپ” ٿي ڄڻ
۽ اسان پنهنجي پويان نهارڻ کان اڳ ۾
اڳياڙي جي لمحن سان ڀاڪر ڀري هو رُنو
ياد جي ڪنهن سحر ۾ رهياسين مگن.
رات ڏينهن
موت تنهنجي جو غم
ڪو اڄاتو زخم هو
جو دل جي تهن ۾ ئي جهرندو رهيو.
اڄ اوهان جو جنم هو، اي منهنجا صنم!
راند ۾ هار جو ڪوئي ويچار
پڇتاءُ جي ڪا لهر هئي، ڌڪيندي رهي.
قبر تنهنجي اسان جي اکين ۾ رهي
۽ اسين ڄڻ ته مڪلي کنيو ٿا گهمون.
سياري ۽ پاري جي راتين ۾ ايندا رهيا
خواب ڀونئرا، اکين جي گلن تي سڏيندا رهيا.
آرهڙ جي اُس ۾،
دلين جي ٿرن ۽ برن تي،
اسان پنهنجي تقدير جا ڪي ئي بادل نه برسيا ڏٺا،
ڏٺوسين ته
تلوار جي نوڪ تي
شهر جي چوڪ تي
ڪا اگهاڙي اُماڙي ڏٺيسين
جا جلندي رهي
ڪنهن جي دل جي اُمنگ تي.
ڪيئن چئجي،
اسين تنهنجي خوابن جا محافظ نٿا ٿي سگهون
اي پرين هن جهان ۾!
جتي زندگي چار ڏوڪڙ
هي ٺوڪر، هي ٺوڪر
اسان ٿا جيئون درد جي هر پهر ۾.
اوهان جي شهر ۾
جتي کنڊرن جي ٿي پوڄا ٿئي
جتي تنهنجي يادن جا گل
تنهنجي قبر تي لڳل “ڪتبي” کان پري.
هي گهٽيون، گام ۽ ڳوٺ جا وڻ،
ٻُوٽا – هي ٻيريون، پهاڙيون، ڀٽون،
ڀاڻ ۽ کيت، ڀونرا
ڇڏي تون وئين يار ڪنهن جي بلي.
چئون ٿا ته، ڪنهن شهر جي جيل جي گيٽ تي
ڪنهن ممتا جي هٿ ۾ جهليل
هار جا گل سُڪڻ کان اڳي
ڪوئي طوفان اچي ئي اچي
تنهن کان اڳ ۾
اسان پنهنجي محبت جا واعدا ته پاڙيون.
يار جي هڪ هڪ جنم ڏينهن تي
لڙڪ ڏيئا ته ٻاريون،
اوهان کي ته ساريون.
هي مذهب جون اماڙيون
اسان ڏي وڌن ئي وڌن
۽ سياست جي درجي بندي ۾ عدوليل
اسان جا هي جذبا
اُڀي، ڳاٽ ڪنهن نئين جنم ۾
وري راهه تي وارجڻ کان اڳي
ڇا ڪجي؟
خودڪشي ئي ڪجي؟

سوڪهڙو

چانڊوڪي جو ڪارونجهر جي چوٽي تان،
ڪائي ڪڪري،
ڄڻ ته رُٺل محبوبا آهي،
ڪرڙن جي ۽ ڄارين جي هر ڏاريءَ تي،
رنگين ڀنڀوريون گيت روئن ٿيون،
هر ڀِٽَ اڃايل ٿرياڻي جيان،
ڄڻ ته لڇي ٿي،
ٻارن جي ٻاڪار ٻڌي
ڪنهن ممتا جي ٿڻ مان،
ڳاڙهي ٿڃ وهڻ کان پهرين،
ڏٻرا نيڻ ٽمن ٿا،
۽ ٻالڪ من ۾ مرڪ لهڻ جو ڪوئي سپنو،
ڳاڙهي پيلي زخمي پوپٽ وانگي،
ٿر جي ٽانڊن تي ٽهڪي ٿو،
۽ “هو”
عيب لڪائڻ کان اڳ ۾،
مائرن ۽ پيئرن جي نڙ گهٽ ۾،
بک جو سرڪڻ لاهي،
شاهي بوٽن جي سازن تي،
ڪوئي قرض چڪائن ٿا،
“اواڪس” اڏاري،
سنڌوءَ جي ماٺار فضا ۾،
ڪائي ياد ڏيارن ٿا.

بُک

هن جي هر سپني جي پويان
ٻاروتڻ جا ٽهڪ اڃارا،
هو درد کڻي من جي جهوليءَ ۾،
رستن جي هُن پار وڃي،
هِن پار اچي ٿو،
مٽيءَ هاڻا هٿ ڊگهيري،
بيک گهري ٿو.
پاري ۾ ۽ ڪاڙهي ۾،
رستا ۽ بازاريون هُن کي جاءِ ڏين ٿا،
هِن جي ماءُ ته حب نديءَ جي
هُن ڪنڌيءَ تي،
پنهنجي ننڍڙي نينگر سان گڏ،
در جي سوراخن مان تانگهي
پُٽ لاءِ نيڻ ڪڇيندي هوندي،
ڪيڏي ڄڻ ته بکايل هوندي.

قتل

سورج آڏو تاءُ تتيءَ جو،
اوچو اوچو ڳاٽ لُبي ٿو،
ڄڻ ته ڪهاڙيءَ جي ڦر سان
سنگيت ڦٽي ٿو
طوفانن جو روپ وٺي انياءُ لهي ٿو.
ها پر،
قاتل جي نڙگهٽ ۾،
ڪوئي ٽهڪ منجهي ٿو،
جذبن جي ٽانگر تي گلڙا
اينئن ٽڙن ٿا
باک ڦٽيءَ جو ڪوئي گهرو
ماڻهوءَ آس امنگن جهڙو
ڳاڙهو ڳاڙهو گل کڙي ٿو.
موتئي ڦول سڳنڌن جهڙا،
اڇا ڳاڙها سپنا،
ماڻهوءَ من جي باغيچن ۾،
پوپٽ ڄڻ ته اڏن ٿا،
واٽ لهڻ لاءِ واجهائن ٿا.

اپيل

ستارا اڄ ڀٽڪڻ کان اڳي
لڪي ويا آهن ڪٿي،
ماڪ جي هن مهل ۾،
مينهن جون ڪڻيون
منهنجي منهه تي دستڪ ڏين ٿيون،
لوڪ جون ساريون ڪٿائون،
پڪن جي ڏار جيان،
جهومن پيون دل جي مٿان،
آڳرن تي ٻار گدلا،
۽ انهن جي پيٽ جيان خالي جهڳا
مينهن ۾ ٽمن ٿا.
اي سياسي پيغمبرو!
دنيا جي “بيگار ڪيمپ” ۾
هر ڪنڌيءَ جي ٻار کي،
ڪنهن ڪانو کان،
۽ فاشيءَ جي ڏهڪاءَ کان،
تحفظ جي پارت هجيوَ.
ٻارن جون ٻانهون جهنڊن جيان
هيل لهرائن پيون سنسار ۾،
۽ اسان جي جاڳ جي ساري ٿڪاوٽ
ڏور پوندي پئي وڃي.

نذير عباسي جي جنم ڏينهن تي

کولين ۾ ڏٺل تنهنجا خواب
تنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙڪي لمحي سان گڏ
ڪيترو رُنا ها
۽ اڄ به ٽارچر ڪيمپن ۾
دکندڙ هر سگريٽ تي
تنهنجي رت جي هُٻڪار ڀنل آهي.
ڄاڻو ٿا ته اتي رکيل “سچ پترا”
اهي هٿ ۽ اکيون،
تنهنجي بدن تي ڏنل چهڪ ۽ برف،
۽ ايذاءَ جون سڀ رسمون
اسان لاءِ منتظر آهن.
پر اي دوست!
سنڌ جي ڇانوڻين ۾ پوکيل
آمريڪي گولين جو ٻج
اسان پنهنجن سينن تي
رُنبڻ لاءِ تيار آهيون
تنهنجا خواب اسان جي اکين ۾ امانت آهن
تنهنجو جنم ڏينهن اسان لاءِ مبارڪ آهي.

کنيا تو

اي کنياتا روز صبح جو تاڻي!
منهنجي گهر ڏي وارين ٿو
۽ ڪي ئي ٻول اچارين ٿو.
هي منهنجي اک جي ڳوڙهن ۾
سنگيت پڪارون ڳوڙهن ۾
آ ڪيڏو درد اُڇاليو تو.
هر ويندي ويل ڏهاڙي جو
هر شام ڪنڊيءَ جي ٽاري تي
هي سورج ڪرڻن جيان سڱريون
ڪي ته اشارا ٻولن ٿيون
۽ بند زبانون کولن ٿيون.
تون ايندين وقت وڇوڙن ۾
تون ايڏي درد وڇوڙن ۾
ها ڪيڏي رڃ لتاڙين ٿو
هر روز صبح جي آمد تي
تون منهنجي گهر ڏي وارين ٿو
۽ سارا درد اچارين ٿو!

اداس دل جي ڪهاڻي

اسان جي اکين ۾ اها ئي اداسي،
سدا نيڻ ساڻا، ٿڪاڻا،
اوهان جي گليءَ ڏي تڪيندا رهن ٿا.
اوهين ڇا،
اوهان جي نگاهن جي ڪشش ۾ بي چين هي دل
مگر
اسين پنهنجي غربت جي آڏو
سِڪايل نسل- ڇاڪريون!
جڏهن کان
اسان خواهشن جي غلامي قبولي
تڏهن کان اسين دربدر،
ڳوٺ- ڳيچن جي ڌن تي
هي لاڏا، هي ونيون،
هي شاديون مبارڪ
سکائون، دعائون مبارڪ
چڙن جي رڌم تي ڌراڙن جي جهونگار
جي نغمگي جو حسن ۽
اوهان جي نگاهن جي ڪشش
مگر ڇا ڪجي!
دل ته چاهيو گهڻو
ڳوٺ جي هر گلي ۾ ننڍپڻ
جي يادن کي ڳولي، ڦلهوري،
وڇوڙي جي نغمن کي
لڙڪن جي ڀيٽا ڏيون_ مگر ڇا ڪجي!
شهر جي زندگي
ڪنهن ڪرائي جي قاتل جيا
سدائين وقت جي منتظر
۽ اسان دربدر
الائي، ملاقات ٿيندي نه ٿيندي!
اسان جي اکين جي اها ئي تمنا
اسين پنهنجي غربت جي آڏو
سِڪايل نسل – ڇاڪريون!

ارپنا

اسان ته سوچيو به نه هو ڪڏهين
ته اڏامڻ جي وهيءَ ۾ ئي
اسين گذرجي انڌي ڪائنات ۾ هلندي
ڪڏهين ائين به ٿي وينداسين.
پرينءُ جي ڀاڪرن کان ڏور
چمين جي آسري ۾ جاڳندي
رهبو.
ڪڏهن خوابن جي ڌرتيءَ تي
پکين جي چوڳ کي ڏسندي
ائين چاهت جي دنيا ۾
گلن جي تازگي- رنگت ۽ سرهاڻيون
پرينءَ جي ياد ڏياريندي،
الائي درد کان اڳتي
اسان کي ڇا ڏئي وينديون.
هوا جون دادليون هيرون
اکين ۾ ننڊ آڻينديون،
اوهان جي ڪا چمي ايندي
ڀري ڀاڪر خمارن کي
ڏئي ڪو نانءُهوءَ ويندي!
اسان ته سوچيو به نه هو ڪڏهين.
اسان جي خوابن جي دنيا،
ستارن جي ڀري محفل،
اسان تشبيهه پي ڳولي،
ڪڪر جي ڇانو ۾ تارا ستا هئا
منهنجي نيڻن ۾.
اسان کي ننڊ ڇا آئي،
اسان جي آرزو هئي ڪا،
ستارن کي چيو سين پي
لڏياسين پي،
وڻن جي ٻور کي ڇهندي،
اسان سرهاڻ جي واديءَ ۾
ماڻيون يادگيريون پي.
ڪٿان تنهنجو لٿو ڀاڪر،
ڪٿان تنهنجي چمي آئي،
اسان “پنهنجي” پروليءَ کي
ڌڪن ۾ پيا سدا توريون،
اسان رنگن جي “هوليءَ” ۾ وياسين موهجي
تنهنجي چپن آڏو.
اسان ته سوچيو به نه هو ڪڏهن.

ڪيڏاري مان

جهڳيءَ جي پاڇولي ۾
ڪانوَ جي هر ادا کي
نيڻ جهولن ۾ سمائي
ٽهڪ ڏئي ٿو
ننڍڙو نينگر،
ڀاڪر گلن جي هارَ جيان
ماءُ جي ڳچيءَ ۾ ٿو وجهي
هرهر ڳلون اوڏيون ڪري،
مامتا جي پيار سان جهوليون ڀري
پنهنجي رانديڪن جيان،
چهڪندڙ جهرڪيون ڏسي ٿو.
۽ شيطان جي اک ۾،
تعصبي رقاصائون
مُلن جي فتويٰ جيان ٻولن ٿيون
مامتا جي هنج تي،
گولين جي ڌن تي،
لوليءَ جو آواز ٽٽي ٿو.
سپنا ڀڳل شيشي جيان
وکري وڃن ٿا.
باهه جا شعلا وَسن ٿا.
پکي اڏن ٿا.
نم جون لامون،
گونگي قيديءَ جي اشارن سمان
چرن پرن ٿيون
هن ملڪ جا جنرل مڙيئي،
دلال جي واڪ جيان،
مُلهه هوڪارن ٿا.
هر لاش تي آڱر کڻي،
آمريڪا ڏانهن نهارن ٿا.

جهمپير جو طلسم

اُها ڪينجهر، اُهو جهمپير
اهو طلسم خدا ڄاڻي.
اُها هئي شام جي ڪشش
پهاڙن مان لٿي ڍنڍ تي
وئي هئي ڇانئجي ڪڙ تي
ڏئي دعوت پرندن کي
لٿي ڪينجهر مٿان سانجهي
ستارن جي ڍڪي چادر
ولر سارا وريا آخر
کڻي چوڳو ٺڪاڻن تي.
اُهي ٻيڙيون مُهاڻن جون
پيون تُڙڳن صبح سانجهي
ڏيئن جي روشني رمجهم
هتان کان دؤر هي بستيون
نگاهون ڄڻ ستارن سان
وڃي ٻکجي آهن سُتيون
رڳو ٿوهر ٿڪا هاڻا
ڏسن ٿا باک جي ڪنواري
بدن ۾ هئي مليل خوشبو.
اچي ٿي روز گهونگهٽ ۾،
وڃي ٿي ڇانئجيو ڇَرَ تي
جڏهن کنهنبو لهي مُنهن تان
اها سرخي ڀريل ٿالهي
وڃي پاڻيءَ مٿان ترندي.
ڪينجهر جي ڪوڀ ۾ بيٺي
سُڪي ويا لڙڪ ٿوهر جا.
ڏسن ٿا روز سورج کي
ٻڏن ٿا ترورا سارا
وڃن مٽجيو سڀئي چارا
وسن ٿيون کير ڌارائون
نچن ٿا چنڊ جا ڪرڻا.
سُهائيءَ ۾ مُهاڻن جون
ٿڪن ۾ چُور هي ٻانهون
کجين مان چنڊ ڀري آهون
وڃي پيو ڍنڍ ۾ لهندو
اهو چانڊاڻ جو تڙڳڻ
اُهي ڇوليون اُها مستي
پوي اٽڪيو نگاهن ۾.
کجيون ٺوڙهيون، هوائن ۾
ڪٿي ڦڙها به ڄڻ ٻانهون
کُلن ٿيون هيج مان هرهر
هوائون تيز هي لشڪر
اُهي آڙيون، اُهي ماري
اُها بندوق ٿي ٻولي
ولر وچ سير ۾ ڊوڙن
هزارين ساهه ٿا سٽجن
تماچي ڏيهه تنهنجي ۾!
اهي وچ سير ۾ سيرون،
پکين کي ڪير ٿو پائي
اهي ڄاريون اهي ڄرڪا
اهي گاڏيون اُهي ڌڌڪا
اهو نوري نماڻيءَ جي قبر کي ڪير ٿو گهائي.
بڙن جي ڇانوءَ کي نظرون،
لڳيون ڪنهن جون خدا ڄاڻي
پنن کي وئي خزان ڇاڻي
ٻُسين ٽارين تي ڪانگن جو
رهيو آ شور سو هاڻي.
گليون جهمپير جون ڦولهيون
تماچيءَ کي ڪٿي ڳولهيون؟
اهي ٻوليون، پروليون ۽
اها هٻڪار ساهن جي
اها ڪشس، اهي دليون
هلو جهمپير ۾ ڳوليون
جتي بيمار نظرين جا
سوين نعرا ديوارن تي
رڳو پانن جي پيڪن تي
گٽر سارا پيا اُٿلي
اسان جي ڀاڳ ۾ بجلي
جڏهن ويندي، هلي ايندي.
هتي منشيات جا واڳون
جوانين کي وڃن ڳهندا.
اهو تقدير جو ماتم
اهي جهمپير جا نوحا.
مندر ۾ گهنڊ ٿا گونجن
هوائن ۾ هوائن ۾
اهي سيٽيون اها گاڏي
وڃي ٿي ٻنڌ ٻوڙيندي
وڃي دلڙيون نهوڙيندي.
کجين جي کوڙي ۾ آهي
لڪي ويو چنڊ سو آخر
مگر جگنو وڃن لنوندا
اسين اڳتي اڃا اڳتي
ستارن سان وڃون ملندا
اسين جهمپير جي آڪاس تي ڄڻ نيٺ پهتاسين
اُهي ٿوهر، اها ڌرتي
اوهان کي آ سدا پرتي
اسين پرديس جا ماڻهو
کجين ۽ کڙکٻيتن جي
اها ڪشس وئي موهي
اهو جهمپير جو جادو، اهو طلسم خدا ڄاڻي!

فلسطيني ماءُ جي دُعا

تنهنجي هٿ ترين تي
ميندي لائڻ کان اڳ ۾
بندوق رکان ٿي،
توکي گولين جون مالهائون پوئي
هر پيڙهيءَ جي رت ڦڙن جو سوڳنڌ چوان ٿي.
منهنجي من جي خوابن جهڙا!
جڏهن قتل گاهه جي هڪڙي ڪنڊ ۾
توتي پهريون سج لٿو هو
۽ تو لوليءَ کان اڳ ۾
منهنجي ڪڇ تي
گوليءَ جو آواز ٻڌو هو،
۽ تنهنجي ننڊ ڦُٽي هئي.
اڄ باک ڦٽڻ کان ٿورو اڳ ۾،
گوليءَ جي ٻوليءَ ۾ ٻالڪ،
آزاديءَ جا گيت چون ٿا.
مان تنهنجي معصوم نگاهن ۾ تعبير لهان ٿي،
ڪي ئي گهرا رنگ پسان ٿي
توکي گولين جون مالهائون پوئي
هر پيڙهيءَ جي رت ڦڙن جو
سوڳنڌ چوان ٿي.

ٻڏندڙ لمحا

تون وئين درد جون صحرائون جهاڳي
اڪيلايون ٻڏيون يا ٻڏا خوابن جا غوراب!
شام جا لمحا ٻڏا يا ٻڏي سياست جي ڪارنهن!
تون وئين،
ڄامشوري جي سڄي هٻڪار ٻوڙي،
تو ڏني آخر ٽٻي ۽ وڃي نڪتين پري،
پوئتي سڏڪا ڀري،
لاش تنهنجو هو رُنو يا رُنيون يادون سڀئي،
تنهنجي هر هڪ آرزو ۽ اُمنگ جا ڪي ٿوهر
جي ڦٽا سيني اندر
تون وئين درد جون صحرائون جهاڳي
۽ هتي جون منتظر ڪي ئي جوانيون
نفرتن جي اُس ۾
برف جيان آهن رجيون
روز نماڻي اُڀ تي چنڊ ٿو ڳالهيون ڪري
تو ڏني آخر ٽٻي ۽ وڃي نڪتين پري.

نيلم ماٿري

رات جاڳي
ڄڻ ته مون کي هوءَ ڪَٽي ٿي.
مان اوجاڳان، ننڊ ڌاڳا
ٿا ٽٽن، هر هر جڙن،
۽ هوائون ٿيون پهاڙن تي ڪڏن،
برف ٿي رجندي رهي
يا بدن تي بوند ڪائي شاهدي ڪنهن جي چپن جي.
ڪير آهي منهنجي خوابن ۾ لٿو،
ڪو پتو ناهي اسان کي،
هيءَ گمنامي اسان کي آ ملي بس.
هي پهاڙن تي پروليون
۽ هي ڇم ڇم ڇوليون.
هيءَ نيلم ندي
۽ آبشارن جي ٿڌي ڪا هير آهي،
جا ڦٽي ٿي،
منهنجي ڀاڪر ۾ کٽي ٿي.
رات جاڳي،
ڄڻ ته مون کي هوءَ ڪَٽي ٿي.

خيمي ۾ عيد

هيل ته عيد به الائي ڇو آئي آهي
آئون خيمي ۾ ڳوليان
پنهنجا سپنا
ماءُ جي لولي، لاڏا، سڀ پڙاڏا،
ٽهڪ، چميون ۽ چهڪ
۽ خيمي جي هن پار آئون ڳوليان
ڌيءَ جا رانديڪا
لڙڪن سان ٽمٽار هي نيلم
ڌريءَ کي ريج ته ڏيندي
نوان خواب ۽ وليون ڦٽنديون
لاڏا به ڳائبا
پر اڄ هي
منهنجي واديءَ ۾ خيما بستيون
آئون ڪنهن کي، ڪٿي ڳوليان
مٽيءَ جي ڍير ۾منهنجو گهر ته
الائي ڪٿي آهي
هيل آئون ڪنهنجي آڱر کي جهلي
عيد جي چنڊ جي آڏو چمندس
عيد مبارڪ چوندس.

باغي جي مڱ جي نانءِ

پوياڙيءَ جو
باغيءَ جي سپني جهڙو سورج
اڄ وڇوڙي جي ويلا ۾
ڪيڏو آهي رنو، رستن کي گهوري.
قتل گاهه ۾ گم ٿي ويندڙ
نينگر جي مڱ
اکين ۾ ٻارڻ ٻاري
پنهنجا اڻڀا وار اُکولي
ڳاڙهي ڳاڙهي خاڪ چمي ٿي
ڪارا ڪجلا نيڻ ٻرن ٿا.
هوءَ سوچي ٿي
لهندڙ سج اوڀر جي ڪک مان ڄمندو
منهنجي گهر مهمان به ٿيندو
هر هر مان ڪنهن لاءِ رئان اڄ
۽ ڪنهن جي ياد چپن تي آڻي چميءَ جو آسيس وٺان اڄ
منهنجو پيار مٽيءَ مان ڦٽڻو آهي.
اڄ منهنجو يقين چوي ٿو
جنهن جو هٿ ٽريگر تي هوندو
گولي، ان جي ٻولي ڳالهائيندي آ
آزاديءَ جي ساک رکڻ لاءِ
منهنجو رت ڦڙو گهرجي ته گهڻو ناهي
پيار وڏي شيءِ آهي.

اڻ کٽ ياد جو هڪ گيت

جيڏانهن به کڄن ٿا نيڻ،
بندوقن جو جهنگ آهي.
۽ اوهان جو گهر،
ڄڻ ته سرحد جو دنگ آهي.
موت جو “الارم” وڄي پيو هر هر،
هيل،
پنهنجي حياتيءَ جون سکائون،
باسيون ته ڪٿي باسيون،
جهنگ ئي جهنگ آهي،
بندوقن جو جهنگ آهي،
۽ اوهان جو گهر،
ڄڻ ته سرحد جو دنگ آهي.
مينهن جي ترنم ۾،
اوهان جي سار آهي،
اسان جي دل،
ڄڻ ته ڪو “گٽار” آهي،
اسان جي پيار جا سڀئي ڍنگ،
سياستدانن جي مفادن جي نذر ٿي ويا،
خطن جا سلسلا به هاڻ منقطع ٿي ويا،
گلن جي سڳنڌن ۽ اوهان جي حياتيءَ جو خير هجي،
هتي ته رات ئي رات آهي،
هر وات تي ڪرفيو جي بات آهي.
پر حياتيءَ جو لانگ مارچ
شهر جي اداس گهٽين تان وڃي رمندو،
ها اسان کي به ياد رهندو،
بک، پيار، ناڪاميون ۽ ڪو اداس لمحو،
اسان جي قدمن جي تهه ۾ به
ڄڻ ڪو بارود لڪل آهي
ڦاٽو ته قهر ٿي ويندو،
جياپو ئي زهر ٿي ويندو.

قسمت جا ٽٽل ڌاڳا

اسان ته دنيا جا مقروض ماڻهو
اسان کان پڇو ٿان اسين ڪير آهيون؟

اسان جي ته قسمت جا ڌاڳا
ائين ئي ٽٽي ويا،
اسان جي ته خوابن کي ڄمندي ئي پوليو لڳي هو ويو.
اسان نه ڄاتو ڪڏهن
ته اسان جون خواهشون به
ڪاريون ٿي مرنديون ڪڏهن.
بس نقابن ۾ ويڙهيل ڪا مخلوق هئي
جا اسان جي گهرن مان
گلابن جون مکڙيون لُٽيندي رهي.

اوهين ته اسان جا آقا اڪابر
بس، توهان جي اندر جون دعائون اگهامن
يورپ جي نگاهن جا ڏيئا
توهان جي اندر جي اونداهين گهٽين ۾
ڏئي روشني ڪا وڃن شل
توهان جي اکين کي نپوڙي وڃن

هي ايڊز ورتل
توهان جي وزيرن جون گاڏيون
اوهان کي سلامت
جڏهن به چاهيو
اوهان جي مشيرن جي منهن تان
هي لينگها اُگهي نيٺ ڇڏجو
پوءِ پڇجو ته
اذيت گهرن ۾ هي پرفيوم هاريل
۽ چنبيلي جي ٻوٽن تي رت جا نمونا
گلابي بدن تي ڪي نعرا تراشيل
۽ سرڪڻ تي لٽڪيل جواني جي لذت اسان کان به پڇجو.
مري جي وياسين
ته ٽينڪن تي ويٺل توهان جي خُدائن کان پڇجو
ته اسين ڪير هئاسين؟
جن جا سڃاڻپ لاءِ لاشا
سدائين ڪفن لاءِ سڪندا رهيا.

هتي وقت ڪانٽا جهازن جي رفتار سان گڏ هلن ٿا
ڀلي ساري دنيا اڳاهين اڳاهين هلي
ڪا صدي ٿرٿلو ڏئي وڃي
۽ چنڊ جي چوانئٺ تي قدمن جي آهٽ
اسان جي دلين کي نهوڙي وڃي
ڀلي ڪو بُخارن ۾ ورتل هي نظريا
اسان جي مٿان موت سونپي وڃي
اسين صرف ايندڙ صدين جي چوانئٺين تي
لهندڙ سجن کي تڪيندا وتون
اسين سارا اوڀر ۽ اولهه جا رشتا نه ڄاڻو سڃاڻو
اسين ته دنيا جا مقروض ماڻهو
اسان کان پڇو ٿا اسين ڪير آهيون؟

سپنو

هي اوهان جو شهر آهي يا مقتل،
اسان به ڏکن جي لوڌ پويان لڳائي
الائي ڪيئن هليا آياسين.
ڏٺوسين ته طعني جو هڪڙو ئي فائر
دليون ڌار قصو چار ڪري ويو آهي،
اسان جي اکين ۾ جو مهمان ٿي آيو هڪ سپنو!
تنهن جي نڙگهٽ کي ڪٽيو ڪنهن خدا ڄاڻي،
قاتل، اکين جي ڪمزور جُهڳين ۾ مَٽيون ڪيئن خدا ڄاڻي،
اسان کي ته گمان ئي آ بس،
ته اوهان جي هٿن جو ئي ڪمال آهي.
اسان ته پنهنجي دل آڏو ئي مهڻي هاب ٿي وياسين،
بس تِر جي گٿيءَ تي ئي
دليون ڌار قصوچار ڪرائي ويٺاسين،
پنهنجي دل جو مُڪو مهمان مارائي ويٺاسين.

پوترتا

منهه ۾ نينگر ،
ٽڙي آ ٽانگر گلن ڦلن جي،
يا چنڊ ڌرتي چمي وتي آ.
هي ننگ پوتر ۽ ننگ مايا،
جوان دل تي ڪئين اميدون،
ٽڙي پيون هن،
سوين وفائون جڙي پيون هن،
۽ پيءُ دل تي هزار طوفان
چڙهن لهن ٿا،
لهن چڙهن ٿا،
زخم زخم تي ٻه چار بوندون،
هر رات ٽاڻي سڪي رجن ٿيون.
ٻه چار ماڻهو بکين ڪتن جيان،
کڙهه مٿان هي نگاهه اوتون
وري وري دل ٻري ٺري ٿي.
اڃا به هيڻن هڏن مان کرٽو
نپوڙجي ٿو.
سڄي سڄي رات هي نگاهون
کڙهه ڪنڌيءَ تان،
اڏار جي ٿي ڪا جهار
ٻاجهر جي ڄڻ سنگن تان.
اڪيلي ڌيئر منهه ڇپر ۾،
ڏکي حياتي بکن جا ڏنڀڙا،
زخم زخم تي ٻه چار بوندون،
هر رات ٽاڻي سڪي رجن ٿيون.

مارشل لا

سومهڻي جو اک لڳي ٿي،
فوجي چيتن جيئن چنگهاڙي
نيش ڪشن ٿا.
مُرڪ مٿان سنگين کُپي ٿي،
وِلهه وسي ٿي،
هٿ کڄن ٿا
۽ ڪنهن هاري جي نياڻيءَ جا
انگ لڇن ٿا،
ڳاڙهي ڳاڙهي وڏ ڦڙي جيان
ڇاٽ ڇڻي ٿي.
لوڙهي جي ڍنگهر تي
ڪنهن جو رت ٽمي ٿو.
راڪيٽن جي آوازن تي
ابهم جي اوڳاڇن مان ٿڃ وهي ٿي.
سج لَهوءَ مان ليٿڙجي
اوڀر کان اک پٽي ٿو.
ڳوٺ سڄي ۾
گولين جو سازيندڙ ڪوئي رقص رٿي ٿو
۽ ڪنهن لاش جي اوگهڙ تان
سورج جا ڪرڻا
ڳاڙهي ڳاڙهي ماڪ چٽن ٿا،
رت ٻڏاڻا ماڻهو سورج کي گهورن ٿا.
وقت اڃايل گهوڙي جيان هڻڪار ڪري ٿو
وقت اڃايل گهوڙي جيان هڻڪار ڪري ٿو.

آئيڊيل

منهنجا ٻچڙا!
پورهيت جي پيشاني تي ڦٽل
ماڪ ڦڙن جهڙا ٻچڙا
قيد جي شيخن جي هُن پار ڪيئي ماڻهو.
’جهنجهيءَ ‘ جي سڀني مائن جي لڙڪن جهڙا
دنيا جي مائن جي سپنن جهڙا.
منهنجا ٻچڙا!
ڪيڏو وقت اجهامي ويو آ،
ڪيڏي عمر هلي ويئي آهي.
ڪيڏا ڏنڀ اڃا تائين
پيار ڪرڻ جي ڏوهه پڄاڻان
ڪيڏي مچ مٿان اُڪريو هان.
توهان جي ننڍپڻ جون ٻوليون
مون نه ٻڌيون
ڪڇ ڪڏائڻ کان سڪيو هان.
وسڪاري جي هر موسم ۾
ٻاتين ٻاتين ٻولين ۾
ڪيڏا گيت چيا هوندا
خشڪ ڀٽن تي گاهه ڦٽا هوندا
۽ ڇانگن پويا ٻارن ڊوڙون
ڪيڏو پيار وٺو هوندو.
چڀڙن جي ولين پويان
هر ڀٽ لتاڙي هوندي
۽ آئون ڪوئي سانئون، ڏونئرا، پُسيون،
کنڀيون ۽ هر کيت پسڻ کان ڏور
ويران دنيا جي تهه خانن ۾-
ٿر ڀٽن جي خشڪيءَ جهڙن
منهنجن چپڙن
توهان جي ٻالڪپڻ جي ٽهڪ ڏيڻ
۽ روئڻ وارن لمحن ۾
ڪيڏا گيت رنا هوندا.
پر منهنجا ٻچڙا
مون کي سڏڪڻ کان نفرت آ
ٻال جتيءَ کان.
توهان کي ڏسندي ئي
منهنجي من ۾ تعبيرن جا
کيت پڪا هن
مون سان هٿ، هٿن ۾ لائي
منهنجي ڀاڪر ۾ پيهي
منهنجي نيڻن ۾ گهوريو.
منهنجي چپڙن جي چوانتين تي
پنهنجا لڙڪ ڪيرائڻ کان اڳ ۾
موتئي جهڙا ڳل لڳايو
منهنجي پياس اجهايو!
منهنجا جليا زخم ٺرن جيئن
منهنجا ٻچڙا!
منهنجي هر امنگ
جوئر جو ڄڻ سنگ
جهنجهيءَ جي سڀني مائن جي لڙڪن جهڙا
دنيا جي سڀني مائن جي سپنن جهڙا
منهنجا ٻچڙا.

(ڄام ساقيءَ جي جيل کان آزاديءَ تي لکيل تاثر)

گوئٽي ڏانهن

گوئٽي تنهنجي ڌرتيءَ تي
ڪو ٽٻڪو تنهنجن خوابن جيان
برلن جي ديوار جي هيٺان
ڄڻ ڪو راز دفن ٿي ويو هو.
۽ تاريخ جي سيني تي
ڪو گهاءُ ڏسي هيڪر
ڇاڇا نه رنو ويو هو.
هر روز اميدن جو
ڪو سورج ايندو هو،
ديوار جي چوٽيءَ تي
ڪو پل بيهي هيڪر،
توڏانهن تڪيندو هو
ڇا ڇا نه ڏسيندو هو
اي گوئٽي جا سپنا!
۽،
اڄ ڀاڪر پائڻ لاءِ
جيڪي به کڄيا هٿڙا
جيڪي به چريا چپڙا
ڪنهن ڦول چمڻ لاءِ اڄ
ها، تن جي هٿن آڏو
۽ تن جي چپن آڏو
ديوار برلن جي
آ نيٺ ڪيو سجدو.
انڪار هوائن کان
۽ ماڻهوءَ جي من کان
جيڪو به ڪري ٿو اڄ
تاريخ وڏي شيءِ آ
۽ سچ وڏو آهي
ديوار برلن کان.
اي وقت ايڏي تمنا!
ڇا لاءِ جُڙي ٿي پئي
هن دنيا گولي تي
ڇا ڇا نه گهري ٿي پئي
اي وقت امن گهرجي!
اي وقت امن گهرجي!
محبوب جي تن من تي
ڪو گيت نه ٿئي پرزا
ڪا ساک نه ٿئي پرزا
۽ پيار پرينءَ جي کي
ڌوڪو نه ڏجان ڪنهن کي
اي وقت سبق تو لاءِ
ڪو سچ وڏو آهي
ديوار برلن کان
ها ديوار برلن کان.

ڪينجهر

ڪيڏو ساڙو سيءُ ڪري پيو.
جيوَ رڦن پيا
ٻار تڳي پيو
هيڏي هن آڪاس جي هيٺان
ٺار هوا ۾
ڄڻ پاڻيءَ ۾ پونرو تڙڳي
ڄڻ ڪو آڙيءَ جو آ ٻچڙو.
ڍنڍ پکيئڙو
ڪينجهر جي ڇاتيءَ تي کيڏي
رقص ڪري پيو پاڻيءَ پونرو.
پاڻيءَ ۾ انسان تري پيو.
ناوَ، ننڍي گهرڙي مان نڪري
نينگر رَڇُ سجائي ويٺي.
ڏور پري کان ڪينجهر ڇاتي
ڄڻ ڪو پوٺو
کيڏڻ جو ميدان هجي ڪو،
ٻار چڙهي ٻيڙيءَ تي ڊوڙن،
رڇ سنڀالن،
جهومن ڳائن،
ڏينهن سڄو وڙڪن پاڻيءَ ۾،
رات لڙيءَ جو ٻيڙيون ڄڻ آکيرا آهن
ڍنڍ پکين جا.
اون نه ڪو اوسيئڙو تن کي.
سَڌَ انهن جي ڪينجهر ڇاتيءَ تي وڙڪڻ جي.
جوڀن سنگ ڦٽي نڪرن ٿا
نينگر من مان
آڌيءَ جو ٻيڙيءَ ۾ سپنا.
ننڊ ڦٽي آ نيڻ ٻرن ٿا
خواب جلن ٿا
عڪس اڏن ٿا
ڪينجهر ڇاتيءَ تي ٽلڪن ٿا.
ها پر سپنا، جو ڀن سپنا
ڪي ئي سهرا گيت چوي ٿي
روح ڪلين کي ياد ڏنڀي ٿي
چنڊ، ستارن جهڙو جيون
آڌيءَ جو طوفان مچي ٿو
نينگر من ۾
سيءُ لڳي ٿو
رات ٺري پئي.

سرڪڻ

هر چوڪ تي
ڦاهي ڦندا لڙڪن پيا،
ڦٿڪن پيا سپنا ٽياسن تي.
منزل ڏي ويندڙ پيچري تي
واجهه سرڪڻ پئي لڏي.
پر
تون جيئڻ لاءِ
موت جي ويجهو وڃي
سرڪڻ چمي
ڦاهيءَ تي ڦٿڪي
موت کي ٿو مات ڏين
تنهنجي نڙيءَ مان خون جو ٽيپو وهيو
ڄڻ ته ڌرتيءَ تي جنم ڪو نئون ٿيو.

مارئي جي ديس ۾

هن قلعي کان ٻاهر هڪ اجنبي شهر آهي،
جتي نه ڄاڻ وقت ڪيترو رڙهيو، وڙهيو آهي.
هر گھڙي رتايل آهي،
هر منٽ جي نڙگھٽ تي گھاءَ آهن.
گھٽي گھٽيءَ تي هڪ يادگار آهي،
جتي هر دور جي مارئي جا هٿ آرزومند آهن،
هر طرف موت جهڙي ماٺار آهي،
ڄڻ ته هر ماڻهو جي دل ۾ هڪ قيدخانو آهي،
جتي سندن خواب ۽ تمنائون لُڇي لُڇي ٿڪا آهن،
پر انهن خوابن جي آزادي
تنهنجي ڪيهه وانگر آهي
جيڪا صدين کان ڪوٽن ۾ بند آهي.

تنهنجو ملير ۽ مارو،
پيرون ۽ پُسيون،
پکا ۽ پنهنوار،
تنهنجي لوئي لوئي ليڙ،
۽ مارن لاءِ اُڪير؟
هر وار چنڊ قلعي جي ڀڙڀانگ ديوارن تي چاندني پوکي ٿو
هڪ سوال وانگر.

ها صدين پڄاڻا
هر دور ائين ئي اچڻو ۽ وڃڻو آهي، شايد؟
قلعي جي يادگار تي رکيل ڦٽل توپ
اڃا به مدفون تاريخ جي هر دور تي پهريدار آهي.
ڀالوا ۾ تنهنجو کوهه به قيد ۾ آهي،
هر سال وسڪار جي مند ۾
پکن مٿان ڪڪر
وسن ٿا لُڙڪن وانگر،
رات دير تائين کنوڻيون
۽ بادلن جي گھنگھور گھٽا
اُڃايل ڀٽن جي ڪوڀ ۾ ڪا ياد تازي ڪن ٿيون،
تنهنجي پنهوارين جي چڪندڙ چهڪن وانگر.

مارئي! توکي ياد آهي ته
تو قيد ۾هنجون هاريندي ڪيڏو ٻاڏايو هو،
پوءِ ڀٽائيءَ ڳايو هو،
“ايءُ وڙ ويڙهيچن ،”
۽ تو ڪنايو هو
پر وقت جي هن للڪار ۾
تون ڪٿي آهين؟
تنهنجي کٿي ۽ لوئي،
تنهنجا مارو،
۽ هُنن جي ياد ۾ ٻاڏائيندڙ هٿ ۽ پُڪارون ڪٿي آهن؟
جيڪي تنهنجي ملير کي جاڳائي سگھن!
۽ هر دور جي عُمر کي ڪنبائي سگھن!

ٿر جي هڪ ڌنڌلي تصوير

تون ڪير آهين؟
آئون هنن ڀٽن جي زبان آهيان!
آئون ٻڌائي سگھان ٿي ته اونهاري جو سج
اوڀر کان اولهه تائين،
هنن ڀٽن مٿان مٽيندي،
سالن صدين کان نه ڄاڻ ڪيترو سفر ڪيو آهي.
روزانو سج هنن ماڻهن جي اکين جي رُڃ ۾ لهندو،
هڪ ياد ڇڏي هليو ويندو آهي،
ڪائنات جي غارن غفائن ۾،
۽ هي ماڻهو پاڻي بدران اُڃ پيئندا آهن.

تون ڪير آهين؟
آئون اُڃ آهيان!
جتي به لڙڪ وسندا آهن
اتي هلي ايندي آهيان، لڙڪن چڳڻ جي لاءِ.

تون ڪير آهين؟
آئون تاڙو آهيان!
گھڻو اڳي ماڻهو مونکي پڪاريندا هئا،
منهنجي تنوار سان ڪڪر وسڻ جا ويس ڪري هنن ڀٽن تي ايندا هئا
پر پوءِ اها تنوار زخمي ٿي ڪري هئي هتي
۽ هاڻي هنن ماڻهن کي مينهن جي آمد جو ٻڌائي نٿو سگھان،
بس! هر سال مينهن مند ۾
پنهنجي اکين جي نُور موٽائڻ لاءِ آس کڻي ايندو آهيان.

تون ڪير آهين؟
آئون خواب آهيان!
رڳو مينهن مند ۾
هتي جي مائرن جي اکين ۾ ويهي راتيون جاڳندو آهيان
۽ هنن جي من ۾ آس ڦٽڻ کي ڏسندو آهيان ته
هيل مينهن وسندا ۽ خواب سجايا ٿيندا.
اڃا ڪلهوڪي رات مون آسوند مائرن جي اکين مان نهاريو هو ته
هنن جا ٻار چانڊوڪي رات ۾ ڀٽن تي چڙهي
چنڊ کي چتائي روهيڙي جي وڻ کي ڳولڻ جي راند ڪري رهيا هئا.

تون ڪير آهين؟
آئون هڪ پياسو من آهيان!
هن ڀٽ جي هُن پار رهان ٿو،
۽ هر روز صبح جو اُتان
هي اُداس ڪنڊي جو وڻ مونکي سڏيندو آهي،
آئون هتي اچي هن وڻ تي اکيري ۾ رهندڙ ٻچن کي
پنهنجي اکين ۾ لڪائي ويهندو آهيان.
جڏهن هنن جون مائرون چنهنبن ۾ چوڳ کڻي اينديون آهن
ته اهي منهنجي اکين مان نڪري ايندا آهن
۽ آئون ٿڌا ساهه کڻندو آهيان، پوري ڪائنات جي ٻچن جي لاء.

تون ڪير آهين؟
آئون اُميد آهيان!
هڪ شاعر جي اکين ۾ ڦٽي هئس
هڪ پره ڦٽي جو ۽ هاڻي
هنن اڃايل ڀٽن تي رهندڙ ماڻهن جي اکين مان لهندي آهيان
۽ هنن جي دلين جي تارن کي چوري
مينهن جي گيتن جي ڌن جوڙڻ ۾ هنن کي اتساه ڏيندي آهيان.

پوءِ هن پنهنجي گھنجدار ڳل تي هٿ رکي جھونگارڻ شروع ڪيو!

“او ٿر جا تاڙا! ڪڏهن ٿو آواز ڏين!
ڪڪر ڪڪر کي ڏسين ته چئجان
مور اُڃارا آهن!
اکين جون تل ترايون به سڪي ويون آهن،
مائرن کي ڪا تنوار ڏي
هيل مينهن وسندا ۽ گاه ڦٽندا،
ته پنهنجي پُٽن جي اميدن جا گيت
گڏجي ڳائينداسين.”

جمهوريت جي نانءِ

درن تي لڳل نانوَ تختيون
۽ دلين تي لکيل پيار جا محاورا،
مٽجي ويا آهن.
هر بندوق جي ناليءَ تي،
“ڊيٿ وارنٽ” لکيل آ.
۽ پناهه گاهه جي تلاش ۾ نڪتل،
شهر واسي گم ٿي ويا آهن
گوڙ ۾،
اسان شهر جي شور ۾ وڃايل
جوانيون پيا ڳوليون،
جمهوريت جي خشڪ سينڌ!
توکي اڃا ڪيتري ضرورت آ؟

سام

هوءَ سام حيويليءَ ۾
پئي شام صبح روئي
هيءَ سنڌ درازا آ
هي سنڌ ڀٽائيءَ ڀونءِ
او صوفين جي ڌرتي!
اولياءَ الاهي پر
هر ممتا جي ڪک ۾
جو خواب ڦٽو مرندو
انصاف جو دروازو
آ دور گھڻو، دليون هيراڪ ته ناهن پر
بندوق پئي ڳولي
هر عورت جي دل ۾
هي اوچا گنبذ ۽
ديوار حويليءَ جي
آ آس آزاديءَ جي
هوءَ سام حويلي ۾
پئي شام صبح روئي
انصاف ڪٿي آهين؟
انصاف ڪٿي آهين؟

اعتراف

اڄ جڏهن آئون پنهنجي ڪيئي سالن دوران ڪيل شاعري، گهڙيل، تراشيل نظمن کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته به تون مونکي ياد اچي رهي آهين. ڪراچي جي سڀني يادن پويان ڊوڙندي آئون صرف ڪجهه لمحن کي پڪڙي سگهيو آهيان ۽ باقي ته ٽريفڪ جي شور ۾، شاهي عمارتن پويان يا اڃان به پنهنجي ئي خوف ۾ وڪوڙيل دل جي تهن ۾ لڪل آهن، جن کي ڪڏهن زندگي جي ڪنهن موڙ تي پڪڙي سگهندس الاءِ نه بهرحال ڪيترن ڏينهن کان پوءِ آئون پنهنجي شاعري کي ٻيهر ڏسي رهيو آهيان. ۽ هڪڙِي کل آهي جنهن کي آئون روڪي ئي نٿو سگهان. جنهن به نظر کي ڏسان ٿو، ڪاغذن جا رنگ ئي مٽجي ويا آهن. لڪيرون ڌنڌليون ٿي ويون آهن، لفظ ٽيڙا ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ، خيال بي ترتيب، خشڪسالي، سمنڊ، ڇولين تي يسار، ٻيڙي هلڻ جا آواز، چانڊوڪي رات جو آسمان ته ڪجهه به نه هوندو آهي، سهائي ته صرف ڌرتي تي ئي پسي سگهي ٿي. آسمان ته صرف ستارن سان ئي سونهين ٿو. اونداهيون راتيون، تارا، ٽيڙو، ڪتيون ڪر موڙڻ، اکيون ڪنهن کي ڪنهن کي ڏسن ٿيون. خبر ناهي ته مون ڇا ٿي لکڻ چاهيو ۽ ڇا لکجي ويو آهي. ڪيترا نظم ته شايد اڃا تائين اڌورا آهن. خبر ناهي ته انسان جي وس ۾ ڇا آهي. زندگي به بس انهن نظمن ۾ آيل بي ترتيب خيالن وانگر آهي.
سالن پڄاڻان ڏسڻ سان انهن نظمن جي بي ترتيبي وڌيڪ واضح ٿي وئي آهي پر آئون انهن کي ايذائڻ بدران پنهنجي دل ۾ سمائڻ چاهيان ٿو. هر نظم، هر تشبيح ۽ لفظن کي ائين ئي رکڻ چاهيان ٿو پر ڪيترن موقعن تي مونکي لڳو ته اهي ڀيانڪ تصويرون، بمن، گولين، جنگ، نفرتن، غصي، گلابن سان ٿيل ناانصافيون شايد شامل نه ڪري سگهندس جو ان سان خود منهنجي دل دکي ٿيندي پر وري به تنهنجي ئي چوڻ آهي ته انهن نظمن جي ترتيب ۾ آيل لفظن جو ڪهڙو قصور آهي؟
خير تنهنجي مرضي! واقعي به سالن پڄاڻا انهن واقعن، زندگي جي حاصلات ۽ ناڪامين کي شاعر جي آواز ۾ سمائڻ، پنهنجي دل جي ترجماني ڪندي هاڻي انهن کي ائين ئي رهڻ ڏيون ٿا.
تمام ٿورا منهنجي دوستن منوج ڪمار ۽ حبيب سنائي جا جن جي اتساهه ۽ مدد کان سواءِ شايد هي ڪتاب ائين جلدي ۾ ڇپجي نه سگهي ها.

جان خاصخيلي
حيدرآباد
مئي 2017

بئڪ ٽائٽل تي ڏنل مواد

پياري جان خاصخيلي سان روح رهاڻ جو سلسلو اسي جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿيو جان خاصخيلي جڏهن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ پنهنجا نظم يا ڪهاڻيون پڙهندو هو ته اهي موضوعي توڙي فني لحاظ کان ايڏيون سگهاريون هونديو هيون ته سنڌ جا نالي چڙهيا اديب ۽ دانشور به واه واه ڪرڻ تي مجبور هوندا هئا.
جڏهن هن صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو ته روايتي موضوعن بجاءِ منفرد ۽ انوکن موضوعن تي انگريزي ۾ لکيو. سندس ڪيترائي منفرد ليک دي نيوز توڙي ٻين عالمي اخبارن يا رسالن ۾ اچي چڪا آهن. خوشي جي ڳالهه آهي ته هاڻي جان سنڌي ۾ به انهن موضوعن تي لکڻ شروع ڪيو آهي، جيڪي اسان جي ذهني واڌ ۾ مددگار بنجن ٿا.
سندس هن شعري مجموعي ۾ اوهان کي کوڙ سارا اهڙا نظم ملندا، جيڪي دنيا جو حقيقي چهرو ڏيکارڻ سان گڏ نوان ۽ انوکا رخ اوهان جي سامهون آڻيندا، جيڪي اوهان کي روحاني طرح شاهوڪار به ڪندا ته اوهان کي سوچڻ تي به مجبور ڪندا. يقيني طور اهوئي اعليٰ شاعري جو مکيه پيمانو آهي.

حبيب سنائي
ھالاپراڻا