درد جي تاريخ رقم ڪندڙ شاعر
جان جيڪو هڪ خانه بدوش آهي ۽ جنهن گھڻو گھڻو وقت پنهنجي ڳوٺ جي وڏيرڪي ماحول کان بغاوت ڪندي شهر جي ڪانڪريٽ جهنگ ۾ خانه بدوشي اختيار ڪئي هئي. پر اها حقيقت آهي ته جان ڳوٺ مان نڪري ته آيو پر پنهنجي اندر مان ڳوٺ ڪڍي نه سگھيو – جان جو جسم ته ڀلي ڪراچي شهر جي ٽريفڪ جي پاڳل ڪندڙ گوڙ ۾ گاڏين جي رش گھٽ ٿيڻ ۽ رستو پار ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هجي پر سندس روح اڃا تائين ڪن لائي ڳوٺ جي ٻاهران صوفي ٻير جي باغ ۾ وڻن تي ويٺل چهچ ساون طوطن جي ٻولن کي ٻڌي ٿو. جان ڀلي هڪ اڌ ٺهيل روڊ جي پٿرن تي هڪ غير يقيني ۽ هيکلي رات گذارڻ کان وٺي ڪنهن ايئرڪنڊيشن ڪمري ۾ ڪمپيوٽر جي اڳيان ڪي بورڊ تي ويهڻ وارو فاصلو طئي ڪري آيو هجي، پر سندس روح اڃان تائين ڳوٺ جي چوڪ تي وڻ جيان کُتل آهي ۽ وقت گذرڻ سان سندس پاڙون اڃان گهريون ٿينديون وڃن. جان ڀلي پريس ڪلب جي گول ٽيبل تي ويهي باخبر ذريعن کان ملڪي ۽ غير ملڪي تجزيا ٻڌندو هجي پر سندس روح هينئر به پنهنجي ٻاروتڻ جي ساٿين سان ڳوٺ جي ننڍڙن ننڍڙن مامرن تي ڪچهري ڪرڻ لاءِ سڪي ٿو. هيترن سالن ۾ به هي بي رحم شهر جان کان سندس معصوميت، ماڻهن ۾ اعتماد، رشتن ۾ اعتبار ۽ روين ۾ سچائي کسي نه سگھيو آهي. هيترن سالن ۾ حالتن جو زهر هن جي اندر جي امرت کي ختم ڪري نه سگھيو ۽ نه وري چوگرد جي ماڻهن جي بي رخين ۽ دولاب جي ڪاراٺ هن جي اجري من کي ميرو ڪري سگھي. اها جان جي روحاني سگھه آهي جو هي شهر جان کان سندس حساسيت ڇني نه سگھيو آهي ۽ انهيءَ جو ثبوت آهي جان جي شاعري جو هي مجموعو. فقط اهڙو ماڻهو ئي اهڙا نظم لکي سگھي ٿو جنهن جي حساس من جي ڪنوارپ اڃان برقرا آهي. پوءِ ڀلي اها ڪا ننڍڙي ڳالهه هجي يا ڪو وڏو حادثو؛ ڪا سرگوشي هجي يا ڪا دانهن، ڪو منظر هجي يا ڪو واقعو، ڪا آٿت هجي يا وري ڪو طعنو. جان جي حساس من هر ڳالهه جو رڪارڊ رکيو آهي.
هي اوهان جو شهر آهي يا مقتل
اسان به ڏکن جو لوڌ پويان لڳائي
الائي ڪيئن هليا آياسين.
ڏٺوسين ته طعني جو هڪڙو ئي فائر
دليون ڌار قصو چار ڪري ويو آهي،
خانه بدوشي جي هن سفر جي سلسلي ۾ جان هر انهي درد کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پناه ڏني آهي، جيڪو کيس راهه تي مليو. هن هر ڪوڪ کي ورنايو آهي جا رات جي سانت ۾ اڀري هئي. جان درد جي انهي پوتا ميل ۾ ڪنهن بي ايماني کان ڪم نه ورتو آهي ۽ پوري ايمانداري سان اسان جي اڳيان سڀني زخمن جو حساب ڏنو آهي.
رڳو رات جي ڪا گھڙي ڳهر جي
ڪجھه ڪڇياسين
يار جا ڏس اڌورا سڌورا پڇياسين
ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تان عدوليا وياسين
شهر جي چوڪ تي
اخباري بنڊل جيان ساڙيا وياسين
ڪنهن دوناليءَ جي فائر تان واريا وياسين
مگر نفرتن جي آڏو نه جهڪياسين.
پر ائين نه آهي ته جان جي شاعري رڳو پنهنجي ذات جي درد جو قصو بيان ڪري ٿي. جان پنهنجي ذات کان مٿي اڀري پنهنجي سموري دور کي موضوع بنايو آهي. جان جي شاعري ڪنهن فرد جي ڪيفيتن جي اظهار کان وڌيڪ هڪ پوري نسل جي روحاني سفر جي تاريخ آهي. ستر ۽ اسي جي ڏهاڪي ۾ شعوري جنم وٺندڙ انهي نسل جي تاريخ آهي، جنهن پنهنجي ايندڙ نسل ۽ پنهنجي ڌرتي لاءِ ڪيئي خواب ڏٺا. جن هڪ ڳاڙهي صبح خاطر محبوب جي ڳل جي ڳاڙهاڻ کي الواع ڪيو، جن هڪ اجتماعي روشن مستقبل خاطر پنهنجي انفرادي مستقبل کي اونداهين ۾ رکڻ قبوليو. جان پورهيي جي پگهر جي ڌپ کي ڪنهن نئين جوان ٿيندڙ ڇوڪري جي بدن جي خوشبوءِ کان وڌيڪ اهميت ڏني. پر سفر جي سُونهَنِ جي ڪچاين، تاريخ جي بي رحم سلسلن ۽ وقت جي بي حس وهڪرن سبب کين واپسي ۾ رڳو اوجاڳا، ويساه گهاتيون، ٿڪاوٽون ۽ پيڙا ملي. اتساه کان نااميدين، خواب کان حقيقتن، يقين کان ويساه گھاتين ۽ صبح کان رات جي هن سموري سفر جي قصي کي ڪو تاريخدان رقم نه ڪري سگھيو. انهي سموري درد کي ڪٿي جيڪر جڳهه ملي ته جان جي شاعري ۾. جان انهي درد جو صرف شاهد نه آهي پر انهي درد جو امين به آهي ۽ انهي درد کي هن پنهنجي نظمن ۾ بنا ڪنهن خيانت جي پيش ڪيو آهي.
چند جا چارا وٺي
دڳ دڳ تي خوابن جا يادگار جوڙياسين،
اڃان به رڻ ۾ ڀٽڪڻ لاءِ ترانو گونجي پيو،
اڃان به ڪو اتساهه، ڪا سار آهي
اسان ته درد جي ورد تي جاڳون پيا.
جان پنهنجي شاعري ۾ انهي نسل جي تاريخ رقم ڪندي انهن سڀني ڪيفيتن کي درج ڪيو آهي، جيڪي ڪيفيتون انهي سفر ۾ ساڻن ساٿاري هيون. ڪٿي اميد ته ڪٿي نراسايون، ڪٿي جوش ته ڪٿي ٿڪاوٽ، ڪٿي ويساهه ته ڪٿي ويساه گھاتيون، ڪٿي يقين ته ڪٿي شڪ. هن پنهنجي نظم “نذير جي جنم ڏينهن تي” ۾ اهو ويساه بيان ڪيو، جيڪو انهي نسل جو هر جوان پنهنجي دل ۾ کڻي هليو هو، جڏهن هن انهي سفر جو آغاز ڪيو.
آمريڪي گولين جو ٻج
اسان پنهنجن سينن تي
رنبڻ لاءِ تيار آهيون
تنهنجا خواب اسان جي اکين ۾ امانت آهن
تنهنجو ڏينهن اسان لاءِ مبارڪ آهي.
ته ڪنهن ٻئي نظم ۾ اهي انومان به بيان ڪيا آهن، جيڪي انهي سفر ۾ اڳتي هلي کين بي پاڙي ول جيان وڪوڙي ويا هئا
ڪير ڄاڻي،
هي گلڙا ڪيئن ٽڙندا
نفرتن جي آگ ۾؟
لانو جي لهرن ۽ لهرن جي ترنم ۾ دليون
ٻڏنديون ۽ ترنديون؟
ته اهي نراسايون به بيان ڪيون آهن، جيڪي اسان جي سڄي قوم جو مستقبل ٿي پيون.
اسان جي ته قسمت جا ڌاڳا
ائين ئي ٽٽي ويا،
اسان جي ته خوابن کي ڄمندي ئي پوليو لڳي هو ويو،
اسان نه ڄاتو ڪڏهن
اسان جون خواهشون به
ڪاريون ٿي مرنديون ڪڏهن.
پر انهن سڀني نراساين جي باوجود، انهي سموري درد هوندي به جان ڪٿي وري اهڙو جيئڻ جو حوصلو ٿو ڏيکاري، جو زندگي تي وري اعتبار اچيو وڃي:
ڪيڏو جيئڻ انوکو
اڄ ساهه سر تي جوکو
ڪيڏو ڳرو لڳي ٿو.
اي زندگي ترانا
ڪي ڳاءِ ڳاءِ جھومي
ٻاڪار ٽهڪڙن ۾
تبديل ٿي وڃي
۽ چانڊاڻ چهڪڙن تي
مرهم لڳي وڃي ڄڻ.
پر جان وٽ درد جي ڪا سرحد نه آهي. جان هڪ سچي شاعر جيان هن سموري دنيا جي درد کي پنهنجي سيني ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪيو آهي، اياز، لطيف ۽ فيض وانگر جان جي شاعري جو ڪئنواس هن سموري ڪائنات تي محيط آهي، جتي به طوق ٽٽو آهي ته جان پاڻ کي آزاد ڀانيو آهي ۽ جتي به ڪو ڳوڙهو وهيو آهي، جان پنهنجو پاند پسايو آهي. جڏهن نيلسن منڊيلا آزاد ٿئي ٿو ته جان انهي کي پنهنجي فتح محسوس ڪندي چوي ٿو ته:
”روبن ٻيٽ“ جي قيد منجھان
ڪو ڳاڙهو سپنو ڦٽڻو آهي
۽ ”منڊيلا“ جي نيڻن ۾
جيڪي خواب اڃارا آهن،
آفريڪا جي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾
تعبيرن جا جھومر پائي نچڻا آهن،
ڪٿي هو خودڪش حملو ڪندڙ تامل ڇوڪري جي احساسن کي پنهنجي نظم ۾ سموئي ٿو ته وري ڪٿي گوئٽي سان مخاطب ٿي ساڻس ديوار برلن ڊهڻ جو جشن ملهائي ٿو. هو آرمينا جي زلزلي ۾ “پوپٽن جي بدن جي خاڪ ۾ لوئجي وڃڻ” تي نوحه ڪنان آهي ته ڪٿي هو آزادي لاءِ ويڙهه وڙهڻ واري فلسطيني جوان جي ماءُ سان سندس دعا ۾ گڏ آهي. جان بيجنگ جي تيانمن اسڪائر تي ٿيل فائرنگ ۾ شهيد ٿيڻ وارن جي رت کي پنهنجي محبوب جي گلابي چپن سان ڀيٽيندي لکي ٿو:
ٻنپهرن جو لڪ لڳي آهي،
۽ تنهنجي سڪ لڳي آهي،
تنهنجي گلابي چپڙن جهڙا گھاوَ
اڃ بينجنگ جي گھٽين ۾
ٽڙي پيا هن.
جان ڪو ’پروفيشنل‘ شاعر نه آهي. جان جا نظم مشاعرن ۾ پڙهڻ لاءِ نه آهن ۽ نه ئي جان کان ڪو فرمائش تي نظم لکائي سگھجي ٿو. جان بنا اتساهه جي شاعري به نه ٿو ڪري سگھي. جان هڪ فطري شاعر آهي، جنهن جي ڏات کي ڪر موڙي جاڳائڻ لاءَ ڪو اتساه ضروري آهي، پوءِ اهو اتساهه ڪٿان به اچي سگهي ٿو. جان ٻين شاعرن وانگي هن سموري وايو منڊل کان لاتعلق ٿي رڳو پنهنجي ذات تائين محدود ناهي ٿيو ۽ نه ئي هن جي شاعري محبوبا جي وارن ۾ اچي ڦاسي پئي آهي. جان جهڙي طرح سياسي ۽ سماجي واقعن سان پاڻ کي جوڙي رکيو آهي، سو جان جي ذهني پختگي جو ثبوت آهي. پر جان انهن سماجي ۽ سياسي واقعن کان اتساهجي جڏهن شاعري ڪري ٿو ته انهي ۾ ڪٿي به جان پنهنجي جمالياتي پهلو کي قربان نه ڪيو آهي. جان جي نظمن جي هڪڙي سٽ به ڪنهن نعري بازي يا ڪرختگي سان ڀريل نه آهي. فيض احمد فيض وانگر جان به پنهنجي سياسي ۽ سماجي موضوعن کي پنهنجي جمالياتي احساسن تي غالب ٿيڻ نه ڏنو آهي. بلڪ هن ٻنهي پهلوئن کي ايڏي خوبصورتي سان هم آهنگ ڪري پيش ڪيو آهي جو اسان کي جان جي انهي فنڪارانه هنر تي رشڪ ٿو اچي.
جان جي سِــٽ سِــٽ ۾ نغمگي ۽ سونهن، جنهن تي هن ڪٿي به ڪمپرومائيز نه ڪيو آهي. هن جي شاعري ۾ شاعراڻي موسيقي انهي جي درد ۽ ڊڪشن جي سونهن سماجي جي بدصورتي تي حاوي آهي. هتي فنڪارانه هنر مان منهنجو مقصد اهو بلڪل ناهي ته جان انهي خوبصورت امتزاج حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو شعوري طور پورهيو ڪيو آهي. جان وٽ هنر فطري طور تي اچي ٿو. جان جي حساس طبيعت ۽ سندس شاعراڻي ڏات ۽ خوبصورت ڊڪشن ملي ٽُڪ جي رلي جهڙي خوبصورت شاعري تخليق ڪن ٿا، جيڪا ڪٿي به مصنوعي محسوس نه ٿي ٿئي. جان پنهنجي شاعري ۾ نئين جوان ٿيل ڇوڪري جهڙي معصوميت ۽ سونهن رکي آهي. انهي جو هڪڙو مثال جان جو نظم ”ياد“ آهي. منهنجي ذاتي راءِ ۾ جان جو هي نظم پنهنجي جمالياتي احساس، لهجي جي بي ساختگي، ۽ ٻولي جي رواني جي سبب ڪنهن به ٻولي جي شاهڪار نظمن مان هڪ ٿي سگھي ٿو:
ڪا ياد سور سختيون،
ڪا ياد پيار مرڪون،
ڪا ياد نينهن وعدا
سوڳنڌ نڀاءَ جا ڪي
ڪا ياد راتڙين ۾
لوڪان لڪي ملڻ جي،
ڪا ياد پيچرن تي
پنجوڙ ڪوڙڪين جي.
ڪا ياد منزلن جي
راهن تي لانگ بوٽن
ڏهڪاو جي اچي ٿي
ڪا ياد ٺوٺ ڇاتين ۾
ٻار چڪ پائي
روئي رڙي سمهي ٿو.
جڏهن اسان ڳالهه جان جي ڊڪشن جي ٿا ڪريون ته جيڪا شي جان جي ڊڪشن کي پنهنجي همعصر شاعرن کان منفرد ۽ ممتاز ٿي ڪري، سا آهي جان جي ٻولي. جان وٽ ٻولي جي جيڪا وسعت، خوبصورتي ۽ پختگي آهي، سا اسان کي جان جي همعصرن يا انهن کان اڳ يا پوءِ جي شاعرن ۾ مشڪل سان ڪٿي ملي ٿي. ڀلا هي سٽون پڙهو:
پوئياڙي جا پاڇا هن کان
ڏور اڳاهان،
ڪاٺيرن جي گام جيان
اوجھڙ مان ڀٽڪي،
پنهنجو انت لهن ٿا.
توهان کي هتي استعمال ٿيل ٻولي اڳي ڪٿي ٻئي هنڌ ملي آهي؟ گھٽ ۾ گھٽ مونکي وچولي جي لهجي ۽ انهي جي وسيع لفظن جي اهڙو خوبصورت استعمال ٻئي هنڌ ڪٿي نظر نه آيو آهي. پر آئون وري به اها ڳالهه دهرائيندس ته جان وٽ لفظن جو اهڙو استعمال ڪا مصنوعي ڪوشش نه آهي. جان انهن شاعرن مان ناهي، جيڪي شاعري کي خوبصورت بڻائڻ / منفرد بڻائڻ لاءِ هرڀرو لفظن ٽنبين. جان وٽ ٻولي ائين اچي ٿي، جيئن محبوبه پنهنجي محبوب جي ٻانهن ۾ هڪڙي ڇڪ تي ايندي آهي. پر هڪ ٻئي لحاظ کان شايد اهو جان جو هڪ نفسياتي ردعمل آهي هن شهر جي مصنوعي زندگي جي خلاف. جان جي ٻولي انهي جو اظهار آهي ته جان پاڻ کي هن ماحول سان جوڙڻ نه ٿو چاهي ۽ لاشعوري طور تي به اڄ به اتي رهي ٿو، جتان هو ڪي سال اڳ هليو آيو هو. جان پنهنجي ٻولي ذريعي پنهنجي انهي ڌرتي سان پنهنجو رشتو قائم رکڻ ٿو چاهي، جتي سندس پاڙون آهن. سندس ٻولي اها پُل آهي جيڪا کيس پنهنجي اصليت سان ڳنڍي ٿي. جان وٽ ٻولي فقط ذريعو ناهي پر هڪ ڪيفيت جو اظهار آهي.
جان جي مجموعي “خوابن جي موسم جو هڪ گيت” پڙهڻ کان پوءِ هڪ ڳالهه پڙهندڙ کي شايد محسوس ٿئي ته جان نظم کان سواءِ ڪنهن ٻي صنف تي طبع آزمائي نه ڪئي آهي. اها ڳالهه ڪافي اهم آهي ته هڪ شاعر پنهنجي اظهار لاءِ هڪ مخصوص صنف ئي ڇو چونڊي ٿو. جان غزل ڇو نه لکيو آهي؟ جان بيت ۽ وائي کي پنهنجي اظهار جو ذريعو ڇو نه بنايو آهي؟ ڇا اها شاعر جي وس جي ڳالهه آهي ته پنهنجي اظهار لاءِ مخصوص صنف جي چونڊ ڪري؟ يا وري ائين آهي ته شاعراڻو تخيل پنهنجي لاءِ صنف جي چونڊ پاڻ ڪندو آهي ۽ شاعر انهي ۾ بلڪل بي وس هوندو آهي؟
اهڙا کوڙ سوال آهن، جيڪي ذهن ۾ اچن ٿا. انهن تي بحث به ٿي سگھي ٿو. پر آئون انهي راءِ جو آهيان ته هر دور جي تخليقي اظهار لاءِ هڪ مخصوص صنف/ صنفون هونديون آهن. وقت جي تبديلي سان اڳين صنفن جو ڪارج ختم ٿيو وڃي. بيت، ڪافي، وائي يا غزل ڪلاسيڪي دور جو صنفون هيون، جيڪي ان وقت جي شاعراڻي اظهار لاءِ موزون هيون، پر آئون ذاتي طور تي نٿو سمجھان ته اهي صنفون اڄ جي شاعريءَ لاءِ موزون آهن. اڄ جي گوناگون دنيا جي ڳتيل مسئلن، رشتن، روين ۽ احساسن جي اظهار لاءِ نظم هڪ اهڙي صنف آهي، جيڪا هڪ شاعر کي ايترو اسپيس ۽ ايتري آزادي ڏئي ٿي جو اهو پنهنجي موضوع سان ايمانداري ۽ گهرائي سان نڀاءُ ڪري سگھي. جان پنهنجي دور ۽ پنهنجي تخليقي ضرورتن کي سمجھيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ ئي هن پنهنجي لاءِ نظم جي صنف جي چونڊ ڪئي آهي. جان جو نظم جي چونڊ جو فيصلو سندس شاعراڻي ايمانداري ۽ پختگي کي ظاهر ڪري ٿو. جيڪر جان ڪنهن ٻي صنف کي پنهنجي اظهار لاءِ چونڊي ها ته اها شايد سندس پنهنجي ڏات ۽ پنهنجي تخليق سان بي وفائي هجي ها.
جان جي شاعري جو مجموعو ”خوابن جي موسم جو هڪ گيت“ سنڌ جي شاعري ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ خوبصورت اضافو آهي. ”خوابن جي موسم جو هڪ گيت“ رڳو هڪ شاعر جي شاعريءَ جو مجموعو ناهي، پر اسان جي دردن جي تاريخ جو دستاويز آهي جيڪو جان پنهنجي پوري احساس ۽ سچائيءَ سان رقم ڪيو آهي. سڀاڻي جو مورخ جڏهن هن دور جي تاريخ لکندو ته جان جي شاعري کي هو نظر انداز ڪري نه سگھندو.
منوج ڪمار
هالا، 3 مئي 2017