مارئي جي ديس ۾
جتي نه ڄاڻ وقت ڪيترو رڙهيو، وڙهيو آهي.
هر گھڙي رتايل آهي،
هر منٽ جي نڙگھٽ تي گھاءَ آهن.
گھٽي گھٽيءَ تي هڪ يادگار آهي،
جتي هر دور جي مارئي جا هٿ آرزومند آهن،
هر طرف موت جهڙي ماٺار آهي،
ڄڻ ته هر ماڻهو جي دل ۾ هڪ قيدخانو آهي،
جتي سندن خواب ۽ تمنائون لُڇي لُڇي ٿڪا آهن،
پر انهن خوابن جي آزادي
تنهنجي ڪيهه وانگر آهي
جيڪا صدين کان ڪوٽن ۾ بند آهي.
تنهنجو ملير ۽ مارو،
پيرون ۽ پُسيون،
پکا ۽ پنهنوار،
تنهنجي لوئي لوئي ليڙ،
۽ مارن لاءِ اُڪير؟
هر وار چنڊ قلعي جي ڀڙڀانگ ديوارن تي چاندني پوکي ٿو
هڪ سوال وانگر.
ها صدين پڄاڻا
هر دور ائين ئي اچڻو ۽ وڃڻو آهي، شايد؟
قلعي جي يادگار تي رکيل ڦٽل توپ
اڃا به مدفون تاريخ جي هر دور تي پهريدار آهي.
ڀالوا ۾ تنهنجو کوهه به قيد ۾ آهي،
هر سال وسڪار جي مند ۾
پکن مٿان ڪڪر
وسن ٿا لُڙڪن وانگر،
رات دير تائين کنوڻيون
۽ بادلن جي گھنگھور گھٽا
اُڃايل ڀٽن جي ڪوڀ ۾ ڪا ياد تازي ڪن ٿيون،
تنهنجي پنهوارين جي چڪندڙ چهڪن وانگر.
مارئي! توکي ياد آهي ته
تو قيد ۾هنجون هاريندي ڪيڏو ٻاڏايو هو،
پوءِ ڀٽائيءَ ڳايو هو،
“ايءُ وڙ ويڙهيچن ،”
۽ تو ڪنايو هو
پر وقت جي هن للڪار ۾
تون ڪٿي آهين؟
تنهنجي کٿي ۽ لوئي،
تنهنجا مارو،
۽ هُنن جي ياد ۾ ٻاڏائيندڙ هٿ ۽ پُڪارون ڪٿي آهن؟
جيڪي تنهنجي ملير کي جاڳائي سگھن!
۽ هر دور جي عُمر کي ڪنبائي سگھن!