شاعري

خوابن جي موسم جو هڪ گيت

ھي ڪتاب نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ صحافي جان خاصخيليءَ جي نظمن جو مجموعو آهي. جان خاصخيلي ھڪ ٻھڳڻو اديب آھي، جنھن جي صحافت، شاعري ۽ ڪھاڻي جي کيتر ۾ ھڪ منفرد حيثيت آھي. سندس شاعري پنھنجي دور جي عڪاسي آھي. جان خاصخيلي جي شاعري نہ فقط نغمگي سان ڀرپور آھي، پر انھيءَ ۾ پنھنجي سماج جي پيڙا جا بہ ورلاپ آھن. جان وٽ درد جي ڪا سرحد نہ آهي. جان هڪ سچي شاعر جيان هن سموري دنيا جي درد کي پنھنجي سيني ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪيو آهي. جان جي سِــٽ سِــٽ ۾ نغمگي ۽ سونھن آھي، جنھن تي هن ڪٿي بہ ڪمپرومائيز نہ ڪيو آهي.

Title Cover of book خوابن جي موسم جو هڪ گيت

ٿر جي هڪ ڌنڌلي تصوير

تون ڪير آهين؟
آئون هنن ڀٽن جي زبان آهيان!
آئون ٻڌائي سگھان ٿي ته اونهاري جو سج
اوڀر کان اولهه تائين،
هنن ڀٽن مٿان مٽيندي،
سالن صدين کان نه ڄاڻ ڪيترو سفر ڪيو آهي.
روزانو سج هنن ماڻهن جي اکين جي رُڃ ۾ لهندو،
هڪ ياد ڇڏي هليو ويندو آهي،
ڪائنات جي غارن غفائن ۾،
۽ هي ماڻهو پاڻي بدران اُڃ پيئندا آهن.

تون ڪير آهين؟
آئون اُڃ آهيان!
جتي به لڙڪ وسندا آهن
اتي هلي ايندي آهيان، لڙڪن چڳڻ جي لاءِ.

تون ڪير آهين؟
آئون تاڙو آهيان!
گھڻو اڳي ماڻهو مونکي پڪاريندا هئا،
منهنجي تنوار سان ڪڪر وسڻ جا ويس ڪري هنن ڀٽن تي ايندا هئا
پر پوءِ اها تنوار زخمي ٿي ڪري هئي هتي
۽ هاڻي هنن ماڻهن کي مينهن جي آمد جو ٻڌائي نٿو سگھان،
بس! هر سال مينهن مند ۾
پنهنجي اکين جي نُور موٽائڻ لاءِ آس کڻي ايندو آهيان.

تون ڪير آهين؟
آئون خواب آهيان!
رڳو مينهن مند ۾
هتي جي مائرن جي اکين ۾ ويهي راتيون جاڳندو آهيان
۽ هنن جي من ۾ آس ڦٽڻ کي ڏسندو آهيان ته
هيل مينهن وسندا ۽ خواب سجايا ٿيندا.
اڃا ڪلهوڪي رات مون آسوند مائرن جي اکين مان نهاريو هو ته
هنن جا ٻار چانڊوڪي رات ۾ ڀٽن تي چڙهي
چنڊ کي چتائي روهيڙي جي وڻ کي ڳولڻ جي راند ڪري رهيا هئا.

تون ڪير آهين؟
آئون هڪ پياسو من آهيان!
هن ڀٽ جي هُن پار رهان ٿو،
۽ هر روز صبح جو اُتان
هي اُداس ڪنڊي جو وڻ مونکي سڏيندو آهي،
آئون هتي اچي هن وڻ تي اکيري ۾ رهندڙ ٻچن کي
پنهنجي اکين ۾ لڪائي ويهندو آهيان.
جڏهن هنن جون مائرون چنهنبن ۾ چوڳ کڻي اينديون آهن
ته اهي منهنجي اکين مان نڪري ايندا آهن
۽ آئون ٿڌا ساهه کڻندو آهيان، پوري ڪائنات جي ٻچن جي لاء.

تون ڪير آهين؟
آئون اُميد آهيان!
هڪ شاعر جي اکين ۾ ڦٽي هئس
هڪ پره ڦٽي جو ۽ هاڻي
هنن اڃايل ڀٽن تي رهندڙ ماڻهن جي اکين مان لهندي آهيان
۽ هنن جي دلين جي تارن کي چوري
مينهن جي گيتن جي ڌن جوڙڻ ۾ هنن کي اتساه ڏيندي آهيان.

پوءِ هن پنهنجي گھنجدار ڳل تي هٿ رکي جھونگارڻ شروع ڪيو!

“او ٿر جا تاڙا! ڪڏهن ٿو آواز ڏين!
ڪڪر ڪڪر کي ڏسين ته چئجان
مور اُڃارا آهن!
اکين جون تل ترايون به سڪي ويون آهن،
مائرن کي ڪا تنوار ڏي
هيل مينهن وسندا ۽ گاه ڦٽندا،
ته پنهنجي پُٽن جي اميدن جا گيت
گڏجي ڳائينداسين.”