جهمپير جو طلسم
اهو طلسم خدا ڄاڻي.
اُها هئي شام جي ڪشش
پهاڙن مان لٿي ڍنڍ تي
وئي هئي ڇانئجي ڪڙ تي
ڏئي دعوت پرندن کي
لٿي ڪينجهر مٿان سانجهي
ستارن جي ڍڪي چادر
ولر سارا وريا آخر
کڻي چوڳو ٺڪاڻن تي.
اُهي ٻيڙيون مُهاڻن جون
پيون تُڙڳن صبح سانجهي
ڏيئن جي روشني رمجهم
هتان کان دؤر هي بستيون
نگاهون ڄڻ ستارن سان
وڃي ٻکجي آهن سُتيون
رڳو ٿوهر ٿڪا هاڻا
ڏسن ٿا باک جي ڪنواري
بدن ۾ هئي مليل خوشبو.
اچي ٿي روز گهونگهٽ ۾،
وڃي ٿي ڇانئجيو ڇَرَ تي
جڏهن کنهنبو لهي مُنهن تان
اها سرخي ڀريل ٿالهي
وڃي پاڻيءَ مٿان ترندي.
ڪينجهر جي ڪوڀ ۾ بيٺي
سُڪي ويا لڙڪ ٿوهر جا.
ڏسن ٿا روز سورج کي
ٻڏن ٿا ترورا سارا
وڃن مٽجيو سڀئي چارا
وسن ٿيون کير ڌارائون
نچن ٿا چنڊ جا ڪرڻا.
سُهائيءَ ۾ مُهاڻن جون
ٿڪن ۾ چُور هي ٻانهون
کجين مان چنڊ ڀري آهون
وڃي پيو ڍنڍ ۾ لهندو
اهو چانڊاڻ جو تڙڳڻ
اُهي ڇوليون اُها مستي
پوي اٽڪيو نگاهن ۾.
کجيون ٺوڙهيون، هوائن ۾
ڪٿي ڦڙها به ڄڻ ٻانهون
کُلن ٿيون هيج مان هرهر
هوائون تيز هي لشڪر
اُهي آڙيون، اُهي ماري
اُها بندوق ٿي ٻولي
ولر وچ سير ۾ ڊوڙن
هزارين ساهه ٿا سٽجن
تماچي ڏيهه تنهنجي ۾!
اهي وچ سير ۾ سيرون،
پکين کي ڪير ٿو پائي
اهي ڄاريون اهي ڄرڪا
اهي گاڏيون اُهي ڌڌڪا
اهو نوري نماڻيءَ جي قبر کي ڪير ٿو گهائي.
بڙن جي ڇانوءَ کي نظرون،
لڳيون ڪنهن جون خدا ڄاڻي
پنن کي وئي خزان ڇاڻي
ٻُسين ٽارين تي ڪانگن جو
رهيو آ شور سو هاڻي.
گليون جهمپير جون ڦولهيون
تماچيءَ کي ڪٿي ڳولهيون؟
اهي ٻوليون، پروليون ۽
اها هٻڪار ساهن جي
اها ڪشس، اهي دليون
هلو جهمپير ۾ ڳوليون
جتي بيمار نظرين جا
سوين نعرا ديوارن تي
رڳو پانن جي پيڪن تي
گٽر سارا پيا اُٿلي
اسان جي ڀاڳ ۾ بجلي
جڏهن ويندي، هلي ايندي.
هتي منشيات جا واڳون
جوانين کي وڃن ڳهندا.
اهو تقدير جو ماتم
اهي جهمپير جا نوحا.
مندر ۾ گهنڊ ٿا گونجن
هوائن ۾ هوائن ۾
اهي سيٽيون اها گاڏي
وڃي ٿي ٻنڌ ٻوڙيندي
وڃي دلڙيون نهوڙيندي.
کجين جي کوڙي ۾ آهي
لڪي ويو چنڊ سو آخر
مگر جگنو وڃن لنوندا
اسين اڳتي اڃا اڳتي
ستارن سان وڃون ملندا
اسين جهمپير جي آڪاس تي ڄڻ نيٺ پهتاسين
اُهي ٿوهر، اها ڌرتي
اوهان کي آ سدا پرتي
اسين پرديس جا ماڻهو
کجين ۽ کڙکٻيتن جي
اها ڪشس وئي موهي
اهو جهمپير جو جادو، اهو طلسم خدا ڄاڻي!