منهنجا نظم ۽ آئون
مون تصور ڪيو اهو ٿڪ ئي هو جيڪو زندگي جي سڀني لمحن ۾ هڪ هڪ ڪري منهنجي اکين ۾، ڪڏهن ٻانهن ۾ ۽ ڪڏهن گوڏن ۽ ٽنگن سان وچڙندو هليو، پر ان ڪڏهن به هار نه کاڌي سدائين منهنجي دل سان گڏ ئي رهيو.
اهو ڏينهن ۽ اهو لمحو شايد منهنجي من جي احتساب جو هو بلڪل زندگي جي ان موڙ تي آئون پنهنجي زندگي جي سڄي جيت ۽ هار کي ڏسي رهيو هئس. ان سڄي عمل ۾ ٿڪ ڇاڪاڻ ته مون سان گڏ رهيو هو ان ڪري اهو ئي سڀ ڪجھه ٻڌائي سگھيو پي ته مون کان ڪهڙيون ڪوتاهيون ٿيون آهن ۽ انهن جو ازالو ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪهڙو حوصلو هئڻ کپي.
مون سوچيو هي ٿڪ ته منهنجي ان نظم جو اولڙو به آهي بلڪل الڳ ٿلڳ. هڪ ڏينهن جڏهن شهر جي طويل شاهراهن تان هلندي گھر پهتو هئس ته بُک انتظار ڪندي ڪندي سمهي رهي هئي. پوءِ دير دير تائين ننڊ مون سان گڏ جاڳي رهي هئي. ان وقت مون بُک کي هڪ نظم ۾ پوئيو هو. ماني جو هر گراهه منهنجي تشبيهن ۾ پوئبو پي ويو ۽ جڏهن اُڃ پاڻي جي گلاس ۾ لهي وئي هئي ۽ مون نڙي جي خشڪي کي پيئڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون تي غنودگي جا دورا پوڻ شروع ٿيا هئا. مون سامهو ڏٺو ته منهنجي ان ٿڪ جي نراڙ تي ڪي به پشيماني جا اولڙا نه هئا. ٺيڪ ان وقت گھڙيال جي ٽڪ ٽڪ جا آواز وقت جي رفتار جي اهڃاڻي ڏئي رهيا هئا. وقت هٿن جي آڱرين جي وٿين مان وهندو پيو وڃي ۽ آئون هر ويندڙ لمحي کي ڪنائي رهيو آهيان.
******
منهنجو هڪڙو نظم ان وقت رقص ۾ محو هو ۽ منهنجي هٿن ۾ جھليل پين ڪاغذ تي ڊوڙي رهي هئي. جڏهن رقص ۾ وڄندڙ گھنگھروئن جو آواز جھڪو ٿيو ته هڪڙي تصوير جڙي چڪي هئي. آئون پنهنجي ان نظم کي ڏسي ياد ڪرڻ لڳس ته ان سان ملاقات ڪراچي جي ڪهڙي ٻيٽائين ڳوٺ ۾ ٿي هئي، جو اهو مڌر آواز شايد ڪنين ٻُڌل هو ۽ اکين به گواهي ٿي ڏني. ان وقت مون کي لڳو ته ان نظم جي مسڪراهٽ ڄڻ ته آسمان تي تارن کي وندرائي رهي هئي. اهو شايد تارن جي عبادت جو وقت هو.
بُک هاڻي هاڻي رات جي هن پهر آڪاس تي ٽڙي آهي. پوءِ مون پنهنجي سامهو ويٺل ٿڪ کي ڏٺو ته لڳو ته ان جي ڪپڙن تي منهنجي زندگي جي سڄي ضد ۽ غصي جا داغ نمايان هئا، جن مون کي هر لمحي ايذايو هو.
هڪ ٿڪ منهنجي اکين وانگر هو. مون جڏهن به پنهنجي اکين کان پڇيو ته انهن صرف ٻه لڙڪ ٿي ڏنا جن جو هڪ الڳ ايذاءُ هو. مون انهن لمحن کي ياد ڪيو جڏهن خواب ۾ ڪنهن ڏک ۽ غير ضروري غصي جي ڪري ننڊ منهنجي اکين ۾ جلي رهي هوندي هئي. مون ياد ڪيو ته ڪيئن هر رات، ڏينهن، شامون ۽ صبح، ۽ هر لمحي ڪو ڏک، غصو ۽ اجايو ضد منهنجي اندر کي کائي رهيو هو. اهو سڄو ايذاءُ ٿڪن جي روپ ۾ هو جيڪو ان لمحي منهنجي سامهو ويٺو هو.
ان ئي وقت مون پنهنجي خوابن کي ڏٺو جيڪي گھڻو اڳي مختلف مرحلن تي منهنجي غصي ۾ جلندڙ اکين مان ٽاهه کائي اڏامي ويا هئا. پر هن لمحي اهو عجيب اتفاق آهي ته مون ڏٺو ته اکين جي جھڙالي آسمان تي ڪو سُر ملهاري ڳائي رهيو هو. هلڪي هلڪي موسيقي ۾ مون تصور ڪيو ته ڄڻ اجھو جھڙ چڙهڻ وارو آهي ۽ لمحن ۾ آسمان بدلجي ويندو.
منهنجا اهي خواب هاڻي هاڻي ڪنهن اڄاتي جنگ تان شڪست کائي موٽيا آهن. منهنجي من جي غصي جي ڪري پيدا ٿيل اڻ تڻ واري دهشتگردي جي هن راند ۾هارائڻ جو وٽن ڪو به جواب ناهي ۽ هاڻي جڏهن مون پنهنجي سانت کي ڳولي لڌو آهي تڏهن هومنهنجي اکين جي گھروندن ۾ ٻيهر موٽي آيا آهن جو کين خبر آهي ته هاڻي اهي اکين مان ٽاهه نه کائيندا. هاڻي خواب منهنجي سڄي ننڊ کي وندرائيندا رهندا آهن.
هڪ ٿڪ هاڻي هاڻي منهنجي اکين مان ٽپ ڏيئي اڳيا اچي ويٺو هو. مون ان کي ڏسي ياد ڪيو ته ان ڏينهن آئون سامونڊي ٻيٽ تي لٿو هئس، ماٺي سمنڊ تي پکين جون اڏارون هيون ۽ دُور آسمان تي ڊوڙندڙ ڪڪر ڄڻ ته تمر جي ٻيلن ۾ لهندا چڙهندا ٿي رهيا. وقت جو اهو پهر شام جي لالاڻ سان گڏ ماٺي سمنڊ ۾ ٻُڏي رهيو هو، بلڪل آهستي آهستي اها ڳاڙهاڻ لهندي پئي وئي. تمر جي ٻيلن تي مون کي لڳو ته منهن جي اکين ۾ سالن جو سمورو ٿڪ به انهي ڳاڙهاڻ سان گڏ سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو هو.
پر اصل ۾ اها به هڪڙي راند هئي، زندگي جي ان راند ۾ هارائڻ جو تصور. اهو ٿڪ منهنجي اکين ۾ ويٺو رهيو ته جيئن ايندڙ خوابن کي ڪا جاءِ ڏئي پر هاڻي منهنجي ننڊ ۽ خوابن جون تندون منهنجي ساهن جي سهڪي سان ملي هڪ ٿي ويون آهن.
هن لمحي جڏهن آئون آهستي آهستي گهرا گهرا ساهه کڻي رهيو آهيان ته هڪڙي مسڪراهٽ آهي جيڪا دل جي درين ۽ دروازن تي ايندڙ هر اڻوڻندڙ خيال، پڇتاءُ ۽ ايذائيندڙ سوچن کي تڙي رهي آهي.
آسمان ۾ جڳ مڳ جڳ مڳ تارا
هڪ هڪ ٿي اکين ۾ لهندا پي ويا،
ٿڪ، تارا، ۽ خواب،
زندگي جي هن مختصر سفر ۾
بُک جي تصوير، منهنجا نظم، نغمگي
زندگي جي طويل شاهراهن تان ڊوڙندي
هڪ احساس ۽ ڪو اتساهه آهي جيئڻ جو
اڄ رات چنڊ اڀرڻ ۾ دير ٿي آهي شايد
ڀرسان وڻ تي ويٺل پکين جا آواز آهن
جيڪي سدائين ملول دلين کي آٿت ڏيندا آهن
۽ آئون لڳاتار انهن آوازن کي ڪنائي رهيو آهيان
ان لمحي مون پنهنجي زندگي جي ٿڪ جو تصور ڪيو، جيڪو ڪڏهو ڪو لهي ويو هو، پکين جي لاتين سان گڏ هڪ نغمگي هئي ۽ منهنجا نظم بي ترتيب ئي سهي ان رات پکين جي ان نغمگي ۽ ڌن تي لمحي لمحي نچندا رهيا ۽ سڄو درد ٿانيڪو ٿي ويو هو.
جان خاصخيلي