آئيڊيل
پورهيت جي پيشاني تي ڦٽل
ماڪ ڦڙن جهڙا ٻچڙا
قيد جي شيخن جي هُن پار ڪيئي ماڻهو.
’جهنجهيءَ ‘ جي سڀني مائن جي لڙڪن جهڙا
دنيا جي مائن جي سپنن جهڙا.
منهنجا ٻچڙا!
ڪيڏو وقت اجهامي ويو آ،
ڪيڏي عمر هلي ويئي آهي.
ڪيڏا ڏنڀ اڃا تائين
پيار ڪرڻ جي ڏوهه پڄاڻان
ڪيڏي مچ مٿان اُڪريو هان.
توهان جي ننڍپڻ جون ٻوليون
مون نه ٻڌيون
ڪڇ ڪڏائڻ کان سڪيو هان.
وسڪاري جي هر موسم ۾
ٻاتين ٻاتين ٻولين ۾
ڪيڏا گيت چيا هوندا
خشڪ ڀٽن تي گاهه ڦٽا هوندا
۽ ڇانگن پويا ٻارن ڊوڙون
ڪيڏو پيار وٺو هوندو.
چڀڙن جي ولين پويان
هر ڀٽ لتاڙي هوندي
۽ آئون ڪوئي سانئون، ڏونئرا، پُسيون،
کنڀيون ۽ هر کيت پسڻ کان ڏور
ويران دنيا جي تهه خانن ۾-
ٿر ڀٽن جي خشڪيءَ جهڙن
منهنجن چپڙن
توهان جي ٻالڪپڻ جي ٽهڪ ڏيڻ
۽ روئڻ وارن لمحن ۾
ڪيڏا گيت رنا هوندا.
پر منهنجا ٻچڙا
مون کي سڏڪڻ کان نفرت آ
ٻال جتيءَ کان.
توهان کي ڏسندي ئي
منهنجي من ۾ تعبيرن جا
کيت پڪا هن
مون سان هٿ، هٿن ۾ لائي
منهنجي ڀاڪر ۾ پيهي
منهنجي نيڻن ۾ گهوريو.
منهنجي چپڙن جي چوانتين تي
پنهنجا لڙڪ ڪيرائڻ کان اڳ ۾
موتئي جهڙا ڳل لڳايو
منهنجي پياس اجهايو!
منهنجا جليا زخم ٺرن جيئن
منهنجا ٻچڙا!
منهنجي هر امنگ
جوئر جو ڄڻ سنگ
جهنجهيءَ جي سڀني مائن جي لڙڪن جهڙا
دنيا جي سڀني مائن جي سپنن جهڙا
منهنجا ٻچڙا.
(ڄام ساقيءَ جي جيل کان آزاديءَ تي لکيل تاثر)