گل محمد تنيو

Author Name

ليکڪ گل محمد تنيو ڪنڊياري ۾ ڄائو. تعليم بي. اي اٿس. مرتب ۽ مترجم جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۽ رسالن ۾ ”رسالو سچل سرمست“ (مرتب: عثمان علي انصاري)، ”نئين سنوار“ (عربي فقرن، آيتن ۽ اصطلاحن جي معنيٰ ۽ ترتيب:1987ع)، ”سودائي خليل جبران“ (ترجمو: 1994ع)، ”سچل جو رسالو“ (سرائيڪي ڪلام، مرتب:مولانا محمد صادق راڻيپوري)، قاضي قادن جو ڪلام (سنڌ ۾ ان جو اڀياس) 1996ع، ”سچل لغت جي نئين سنوار“ (1997ع)، ”موضوع وار شاهه جو رسالو“ (ايڇ. آءِ. سدارنگاڻي، نئين ترتيب:2001ع)، ”مسيح ۽ ماڻهو“ خليل جبران ناول، (ترجمو:2001ع)، ”جبران جون ڪهاڻيون“ (ترتيب ۽ ترجمو: 2004ع) ۽ ”بحر العشق“ (رسالو سيد رکيل شاهه صوفي القادري ٻولي وار ڪلام جي سنڌي ۽ سرائيڪي ترتيب، اوڻاين جي درستي ۽ ڪافين جي بند وار نئين ترتيب 2005ع) ڇپيل آهي. ان کان سواءِ هن روشني پبليڪيشن پاران ڪلاسيڪي شاعرن جي ڇپايل ننڍڙن ڪتابڙن جي انتخاب جو بہ ڪافي ڪم ڪيو آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي گل محمد تنيو جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


گل محمد تنيو جا ڪتاب

قاضي قادن جو ڪلام (سنڌ ۾ ان جو اڀياس، مُرتب : گل محمد تنيو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
قاضي قادن جو ڪلام (سنڌ ۾ ان جو اڀياس
مُرتب : گل محمد تنيو
جبران جا چار ناوليٽ، سنڌيڪار : گل محمد تنيو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جبران جا چار ناوليٽ
سنڌيڪار : گل محمد تنيو
ڏاھپ جو ڏاتار درويش وتايو فقير، مصنف : گل محمد تنيو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڏاھپ جو ڏاتار درويش وتايو فقير
مصنف : گل محمد تنيو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ