علي گل سانگي

Author Name

سنڌ جي ناليواري عوامي شاعر ۽ صحافي، علي گُل سانگي ولد روشن عليءَ جو جنم، 14 سيپٽمبر 1952ع تي لاڙڪاڻي ويجھو دادوئي ڳوٺ جي زميندار گھراڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم دادوئي مان وٺي سال 1963ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ انگريزي تعليم لاءِ داخل ٿيو. جولاءِ 1964ع ۾ سندس والد قتل ٿي ويو، ان وقت هو 12 سالن جو هو، جنهن بعد هن ديني مدرسي ۾ پڙهڻ شروع ڪيو ۽ خانگي طرح 1990ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. ان بعد گرئجوئيشن بہ ڪيائين. 11 سيپٽمبر 1983ع تي هڪ تقريب ۾ کيس سانگي ذات جي ننڍي سردار طور پڳ ٻڌائي وئي. علي گل سانگيءَ سياست جو آغاز بلدياتي چونڊ کان ڪيو. 1983ع ۾ يونين ڪائونسل وليد جو چيئرمين ان بعد 4 سال تعلقي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمين ۽ 1987ع ۾ يونين ڪائونسل دودائيءَ جو چيئرمئن رهيو. علي گل سانگي مشرف دؤر ۾ يونين ڪائونسل فتح پور جو ناظم بہ رهي چڪو آهي. علي گل سانگي گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ ھيو. هو هڪ ئي وقت شاعر، صحافي، زميندار ۽ سياستدان پڻ ھيو. هن صحافت جي شروعات روزاني مهراڻ اخبار کان ڪئي. علي گل سانگي ڪيترا سال پريس ڪلب لاڙڪاڻي جو صدر رهي چڪو آهي. هن شاعريءَ جي ابتدا 18-19 سالن جي عمر ۾ ڪئي. هن شاعريءَ جي سکيا ناليواري شاعر جعفر فقير پنهور ۽ مينهل فقير کان ورتي. علي گل سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ عوامي رنگ ڀرپور نموني سمايل آهي، جنهن سبب سندس لاڙو ڪئسٽي شاعريءَ ڏانهن ٿيو. علي گل سانگيءَ جا سوين گيت منظور سخيراڻي ڳائي چڪو آهي. منظور سخيراڻيءَ جي شهرت جو وڏو سبب استاد بخاري ۽ علي گل سانگيءَ جي شاعري آهي. علي گل سانگيءَ جي شاعري منظور سخيراڻي، سرمد سنڌي، استاد منظور علي خان، محمد يوسف سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن فنڪارن ڳائي آهي. علي گل سانگيءَ جا ڪيترائي گيت ’منهنجي اڱڻ تي آءُ سهڻا تو لئہ نيڻ وڇايان‘ سميت لوڪ گيت مشهور آهن. سندس لوڪ گيتن تي مشتمل هڪ ڪتاب ’گُجر ۾ گج‘ مشهور آهي، جيڪو گل حيات پبلشنگ هائوس، لاڙڪاڻي، 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. سـندس ٻين ڇپايل ڪتابن ۾: (1) ’پپر ۾ پينگهه‘ (1992ع)، (2) ’ڪنڌيءَ نــســريـا ڪانهه‘ (1994ع)، (3) ’پــيرن پنڌ ڪـنـديـاس‘ (1995ع) ۽ (4) ’نيڻ ڳالهائن ٿا‘ (1997ع) قابل ذڪر آهن علي گل سانگيءَ 29 اپريل 2014ع تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي علي گل سانگي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


علي گل سانگي جا ڪتاب

پيرين پنڌ ڪندياس، مصنف : علي گل سانگي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پيرين پنڌ ڪندياس
مصنف : علي گل سانگي
گجر پائي گج (لوڪ گيت)، مصنف : علي گل سانگي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
گجر پائي گج (لوڪ گيت)
مصنف : علي گل سانگي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ