رسول بخش درس

Author Name

مشهورڪھاڻيڪار ۽ نثر نويس رسول بخش درس، 10 جون 1953ع تي جهمپير، ضلعي ٺٽي ۾ محمد اسماعيل درس جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ جهمپير مان، انٽر ڊگري ڪاليج ٺٽي مان ۽ بي. اي جي ڊگري سچل سرمست آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان حاصل ڪئي، بعد ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ٻي پوزيشن سان، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان پاس ڪئي. هن عملي زندگيءَ جو آغاز پرائمري استاد طور نومبر 1973ع کان ڪيو. ملازمت دوران 1980ع کان 1991ع تائين لرننگ ڪوآرڊينيٽر ۽ سپروائيزر به رهيو. 1992ع کان 2002ع تائين هاءِ اسڪول جهمپير ۾ استاد ۽ 2002ع کان سنڌيءَ جو مضمون اسپيشلسٽ طور پڙهايائين.رسول بخش درس بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي. سندس پهرين ڪهاڻي 1977ع ڌاري ماهوار رسالي ’تحريڪ‘ ۾ ڇپي، ان بعد سندس لاتعداد ڪهاڻيون ۽ ادبي مضمون ڇپيا. ان کان سواءِ سندس ڪيترين ڪهاڻين کي ڊرامائي تشڪيل ڏئي سنڌي چئنلن تان سولو پليز طور نشر ڪيو ويو. رسول بخش درس، عبدالعزيز ’اثر‘ سولنگيءَ سان گڏجي ’سرسوتي‘ نالي رسالي جا ڪجهه پرچا پڻ جاري ڪيا. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’سُهائيءَ جي سوڀ‘ (1980ع) ۽ ٻيو مجموعو ’ساٿ جي موسم‘ (2005ع) ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آهن. رسول بخش درس خاڪا نويسيءَ ۾ هڪ الڳ مقام رکي ٿو. ’سنڌ هيرن کاڻ‘ نالي سان خاڪن جو پهريون مجموعو 2005ع ۾ ڇپيو، ساڳئي نالي سان ٻيا جلد به ڇپجي چُڪا آهن. رسول بخش درس موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ موسيقيءَ سان وڏي دلچسپي هئس. جهمپير ۾ ادبي محفلون ۽ ڪچهريون رچائڻ ۽ هر آيل مهمان جو دلي آڌر ڪرڻ سندس مشغلو رهيو. پاڻ آخر تائين فڪِر جي.ايم سيد سان لاڳاپيل رهيو. سنڌ جي هن مثالي انسان 29 ڊسمبر 2020ع تي، ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪئي. 30 ڊسمبر 2020ع تي، هزارين ماڻهن کيس حسين شاهه قبرستان جهمپير ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رسول بخش درس جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


رسول بخش درس جا ڪتاب

ڪينجهر ڪناري، مصنف : رسول بخش درس

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڪينجهر ڪناري
مصنف : رسول بخش درس
جهمپير جو جهونجهار: رسول بخش درس، تاليف : رسول بخش درس

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جهمپير جو جهونجهار: رسول بخش درس
تاليف : رسول بخش درس
ساٿ جي موسم، مصنف : رسول بخش درس

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ساٿ جي موسم
مصنف : رسول بخش درس
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ