شخصيتون ۽ خاڪا

جهمپير جو جهونجهار: رسول بخش درس

رسول بخش درس انھي ديس جو ماڻھو ھيو، جنھن جي مٽي سالن کان ڳوهي انھي لاءِ رکي وئي هُئي تہ هي ماڻھو جهمپير جي مٽيءَ مان جنم وٺي ڪينجهر جي ڪنجهڻ، ڪرڪڻ ۽ ساهن ۾ ساھ وجهڻ تائين محبتي آلاپ ورنائيندو رهندو ۽ سندس مٽي ڳوهي بہ انھي لاءِ وئي هُئي. جنهن تي ھو مرڻ گهڙيءَ تائين پورو لھندو آيو. ھن ڪتاب ۾ رسول بخش درس جون ڪجه مشھور تحريرون ۽ ڪھاڻيون، رسول بخش درس بابت سندس زندگيءَ ۾ لکيل مھاڳ ۽ مضمون، رسول بخش درس جي وفات کانپوءِ لکيل تاثراتي مضمون ۽ سندس تڏي تي لکيل تاثرات شامل ڪيا ويا آھن.

  • 5.0/5.0
  • 30
  • 8
  • 2 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book جهمپير جو جهونجهار: رسول بخش درس
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي جي نامياري قلمڪار ۽ سنڌ جي عاشق رسول بخش درس جي شخصيت، ڪردار ۽ فن بابت سھيڙيل مضمونن ۽ تاثرن جو مجموعو ”جهمپير جو جهونجهار: رسول بخش درس“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جا سھيڙيندڙ تاج جويو ۽ سارنگ درس آھن.
رسول بخش درس انھي ديس جو ماڻھو ھيو، جنھن جي مٽي سالن کان ڳوهي انھي لاءِ رکي وئي هُئي تہ هي ماڻھو جهمپير جي مٽيءَ مان جنم وٺي ڪينجهر جي ڪنجهڻ، ڪرڪڻ ۽ ساهن ۾ ساھ وجهڻ تائين محبتي آلاپ ورنائيندو رهندو ۽ سندس مٽي ڳوهي بہ انھي لاءِ وئي هُئي. جنهن تي ھو مرڻ گهڙيءَ تائين پورو لھندو آيو. ھن ڪتاب ۾ رسول بخش درس جون ڪجه مشھور تحريرون ۽ ڪھاڻيون، رسول بخش درس بابت سندس زندگيءَ ۾ لکيل مھاڳ ۽ مضمون، رسول بخش درس جي وفات کانپوءِ لکيل تاثراتي مضمون ۽ سندس تڏي تي لکيل تاثرات شامل ڪيا ويا آھن.
 ھي ڪتاب 2021ع ۾ رومي پبلشرز، حيدرآباد  پاران ڇپايو ويو آھي، جنھن جي اسڪين ڪاپي  سانول درس جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مُرتب تاج جويو
  • مُرتب سارنگ درس
  • تاليف رسول بخش درس
  • ڇپيو ويو 2021
  • ڇپائيندڙ رومي ڪتاب گهر، حيدرآباد
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 14/Jul/2022
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 8 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون