تاج جويو

Author Name

سنڌ جي نامياري اديب ۽ شاعر تاج جويي جو پورو نالو، تاج محمد ولد حاجي جويو آهي. هن 6 سيپٽمبر 1954ع تي تعلقي سڪرنڊ (هاڻي دولتپور) ضلعي نوابشاهه (هاڻي بينظير آباد) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’پير ڪولاچيءَ‘ ۾ جنم ورتو. پهريون ڪلاس گورنمينٽ پرائمري اسڪول سن (تعلقي ڪوٽڙي، اڳوڻي ضلعي دادو) مان پاس ڪري، باقي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ’پير شاهنواز‘ (پير ڪولاچيءَ) مان حاصل ڪيائين. ڇهين ڪلاس کان نائين ڪلاس تائين ڊي سي (ناز باغ) هاءِ اسڪول قاضي احمد ۾ پڙهيو، جتان مڊل اسٽئنڊرڊ جو امتحان موري سينٽر تي ڏنائين ۽ ضلعي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري، اسڪالرشپ کٽيائين. مئٽرڪ جو امتحان وري اباڻي شهر سن (تعلقي ڪوٽڙيءَ) مان 1970ع ۾، ڪوٽڙي سينٽر تان ڏنائين. هن جو ارادو ڊاڪٽر ٿيڻ جو هو، پر مائٽ غريب هئڻ ڪري سندس خرچ ڀري نه سگهيا، ۽ هن 1971ع ۾ سڪرنڊ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾، اسڪالرشپ وارن پئسن مان، ايس. وي (سينيئر ورنيڪيولر) جي ٽريننگ حاصل ڪري، فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. بي. اي گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان ۽ ايم. اي (سنڌي) خانگي طرح سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1978ع ۾ پاس ڪري، فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ماڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران چانسلر ۽ وائيس چانسلر گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ خانگي طرح اديب سنڌي، عالم ۽ فاضل ۾ پڻ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشنون حاصل ڪيائين. 22 آڪٽوبر 1972ع کان پرائمري استاد طور پرائمري اسڪول طيب لاکي، تعلقي سڪرنڊ ۾ مقرر ٿيو. مختلف اسڪولن (الهه بخش مري، امام بخش مري، مجيد ڪيرئي ۽ مشائخ مڊل اسڪولن) ۾ پڙهائڻ بعد، ڪجهه عرصو گورنمينٽ اڳوڻي ڊي. سي هاءِ اسڪول ۽ هاڻي ايڇ. ايم. خواجا هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر طور پڙهايائين ۽ هڪ سال ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول سوسائٽي نوابشاهه (خانگي) ۾ 16 گريڊ ۾ استاد طور پڻ پڙهايائين ۽ ان اسڪول جي باني استادن مان آهي. تاج جويو 1982ع ۾ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ جنوري 1984ع ۾ گورنمنٽ ڪاليج مٺيءَ ۾ ليڪچرار ٿيو. اتان 1986ع ۾ گورنمينٽ سائنس ڪاليج سڪرنڊ، ان بعد 1988ع کان گورنمينٽ سٽي ڪاليج حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙي ۽ بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد، حيدرآباد ۾ ليڪچرر ٿي رهيو. 1996ع جي آگسٽ مهيني ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور سندس ترقي ٿي ۽ سيپٽمبر 1997ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. پنج سال سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ ٽن چيئرمنن- حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي سان گڏ ڪم ڪيائين. سندس چواڻي: کيس ڊاڪٽر غلام علي الانا سان گڏ ٻوليءَ جي خدمت جي ڪم ڪرڻ جو فخر حاصل آهي. ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي سان ڇهه مهينا ڪم ڪرڻ بعد واپس گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور درس تدريس ۾ مشغول رهيو ۽ تازو ڊاڪٽر فهميده حسين جي دور ۾ کيس ٻيو ڀيرو 10 نومبر 2008ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو .

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي تاج جويو جا ڪُل 6 ڪِتاب موجود آھن


تاج جويو جا ڪتاب

دنيا جون عظيم انقلابي عورتون، ليکڪ : تاج جويو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
دنيا جون عظيم انقلابي عورتون
ليکڪ : تاج جويو
سوچون سرھا گل، ليکڪ : تاج جويو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سوچون سرھا گل
ليکڪ : تاج جويو
شاھ لطيف جا فڪري سرچشما، مصنف : تاج جويو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شاھ لطيف جا فڪري سرچشما
مصنف : تاج جويو
جهمپير جو جهونجهار: رسول بخش درس، مُرتب : تاج جويو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جهمپير جو جهونجهار: رسول بخش درس
مُرتب : تاج جويو
سُر ديسيءَ جو مطالعو، مُرتب : تاج جويو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سُر ديسيءَ جو مطالعو
مُرتب : تاج جويو
واڄٽ ويراڳين جا (جلد پھريون)، مُرتب : تاج جويو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
واڄٽ ويراڳين جا (جلد پھريون)
مُرتب : تاج جويو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ