لطيفيات

شاھ لطيف جا فڪري سرچشما

هي ڪتاب، شاھ لطيف جي فڪر، فلسفي ۽ ان جي ڪلام تي ٻين شاعرن جي اثر جي حوالي سان انتھائي اهم آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالا بنيادي طور تي شاھ لطيف متعلق اهم ڪتاب آهن. شاھ لطيف جا فڪري سرچشما مقالي ۾ عربي، فارسي، هندي، پنجابي ٻولين جي اهم متقدمين شاعرن جي شاھ جي ڪلام سان پرک ڪئي وئي آهي. مقالي ”شاھ لطيف: منصور حلاج جو وڏي ۾ وڏو شارح “ ۾ پھريون ڀيرو شاھ لطيف جي ڪلام جي منصور حلاج جي عربي ڪلام سان ڀيٽ ڪئي وئي آھي،
  • 5.0/5.0
  • 34
  • 4
  • 3 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book شاھ لطيف جا فڪري سرچشما
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ، محقق، شاعر ۽ نثر نگار تاج جويي جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”شاھ لطيف جا فڪري سرچشما“ اوهان اڳيان حاضر آهي. 
هي ڪتاب، شاھ لطيف جي فڪر، فلسفي ۽ ان جي ڪلام تي ٻين شاعرن جي اثر جي حوالي سان انتھائي اهم آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالا بنيادي طور تي شاھ لطيف متعلق اهم ڪتاب آهن. شاھ لطيف جا فڪري سرچشما مقالي ۾ عربي، فارسي، هندي، پنجابي ٻولين جي اهم متقدمين شاعرن جي شاھ جي ڪلام سان پرک ڪئي وئي آهي. مقالي ”شاھ لطيف: منصور حلاج جو وڏي ۾ وڏو شارح “ ۾ پھريون ڀيرو شاھ لطيف جي ڪلام جي منصور حلاج جي عربي ڪلام سان ڀيٽ ڪري، 100 جي لڳ ڀڳ شاھ سائينءَ جا اهي بيت هن مقالي ۾ ڏنا ويا آهن، جيڪي يا تہ منصور حلاج جي فڪر جي اثر هيٺ آهن يا اشارتاً انھن ۾ منصور جو ذڪر موجود آهي يا جيڪي منصور جي عربي بيتن جي گھڻو ويجھو آهن. مقالي ”ديوان علي ۽ شاھ لطيف جي شاعريءَ جي تقابلي اڀياس“ ۾ پڻ پھريون دفعو حضرت علي عليہ السلام جي ‘ديوان عليءَ’ جي روشنيءَ ۾ شاھ جي رسالي جو مطالعو ڪيو ويو آهي. 
ھي ڪتاب 2013ع ۾ ماءِ پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان ميراڻيءَ جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف تاج جويو
  • ڇپيو ويو 2013
  • ڇپائيندڙ ماءِ پبليڪيشن، سکر
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 17/Sep/2021
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 4 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون