ڊاڪٽر سحر امداد
سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر، تعليمدان، نقاد ۽ اسڪالر ڊاڪٽر سحرامداد حسينيءَ، حيدرآباد، سنڌ جي ھڪ علمي گهراڻي ۾ 20 جولاءِ 1951ع تي جنم ورتو. سندس والدہ مھرالنساء بلوچ، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ اسڪول ٽيچر ھئي. سحر، پنھنجي ابتدائي تعليم شاھ عبداللطيف ڪنڊرگارڊن اسڪول حيدرآباد ۽ ماڊرن انگلش ٽيچنگ اسڪول سکر مان حاصل ڪئي. ھاءِ اسڪول جي تعليم ھن سينٽ ميريز اسڪول حيدرآباد، ماڊرن انگلش ٽيچنگ اسڪول ، سکر، گورنمنٽ گرلز ھاءِ اسڪول دادو ۽ پي پي سي گرلز اسڪول سکر مان حاصل ڪئي. انٽر سائنس ۽ بي. اي پارٽ ون زبيدہ گرلز ڪاليج حيدرآباد مان ۽ پارٽ ٽو ابن رشد گرلز ڪاليج ، ميرپورخاص مان 1969ع ۾ ڪيائين. پنھنجي وقت جي سُريلي راڳي استاد محمد ابراھيم جي شفقت ۽ ڪاليج جي سينئر شاگردياڻين مھتاب چنا (هاڻ مھتاب اڪبر راشدي) ۽ زينت صديقيءَ جي ريڊيو سان وابستگيءَ منجهس اتساھ پيدا ڪيو ۽ ھن ريڊيو تي شوقيہ صداڪاري ڪئي. ان کانسواءِ ھن صداڪاريءَ سان گڏ ريڊيو لاءِ مختلف اسڪرپٽ، ڊاڪيومينٽريز، ناٽڪ، گيت ۽ ڪھاڻيون لکيون. سندس گيت عابدہ پروين، رجب علي، استاد صادق علي، زرينـا بلوچ ۽ استاد محمد يوسف ڳايا. سحر امداد، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1969ع ۾ داخلا ورتي ۽ شام جا ڪلاس اٽينڊ ڪندي ھئي ۽ صبح جو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ لائبريرين جي نوڪري ڪيائين. ان دوران ھن ڊاڪٽر الانا جي چوڻ تي، ھڪڙي سال جي وڇوٽي ڪري، لائبرري سائنس ۾ پوسٽ گرئجويٽ ڊپلوما ڪئي. ھن ڪتابن جي ڪلاسيفڪيشن ۽ ڪئٽالاگنگ بہ سکي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ملازمت دوران ’سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ‘ امداد حسينيءَ سان گڏ ترتيب ڏنائين. اھو ڪئٽلاگ 1971ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس پيءُ جي بدليءَ جي ڪري ھن نوڪريءَ تان استعفا ڏني. 1972ع ڊسمبر ۾ ايم. اي فائنل جو امتحان ڏئي ھوءَ ڪراچي ھلي وئي، جتي دادا دولت مھتاڻي کيس ماھوار رسالي ’سوجهرو‘ جي ادارت جي ذميواري سونپي. ھوءَ رسالي لاءِ انٽرويو ڪرڻ سان گڏ مواد جي ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ ڪندي ھئي ۽ انگريزيءَ مان ڪھاڻيون ترجمو ڪندي ھئي. ’ماءُ جا ڌيءَ ڏانھن خط‘ جي عنوان سان ڪالم لکندي ھئي. 1973ع ۾ ھن ايم. اي سنڌي فرسٽ ڪلاس، سيڪنڊ پوزيشن سان پاس ڪئي ھئي. 73ـ1972ع ۾ ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ دوران ھن پي. ٽي. ويءَ تي سنڌيءَ ۾ خبرون پڙهيون. ان سان گڏوگڏ ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو ٿيندڙ، اڌ ڪلاڪ جي سنڌي پروگرام جي پھرين ڪمپيئر بہ بڻي. مارچ 1973ع ۾ امداد حسينيءَ سان سندس شادي ٿي. ان ڪري ھن ترت ئي ڪراچيءَ کي خيرباد چيو ۽ ڪجهہ وقت کانپوءِ 1976ع ۾ شيخ اياز کيس ’ڪريئيٽو لٽريچر‘ ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو. ڪجهہ سالن کان پوءِ اھا پوسٽ سنڌي شعبي ۾ ضم ڪئي وئي. ڊاڪٽر سحر 1983ع ۾ سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿي، 1989ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ 1997ع ۾ پروفيسر ٿي. 2004ع ۾ ’جديد سنڌي شاعري: ھڪ نئون ڪلاسڪ‘ (1975- 1955ع) جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس نگرانيءَ ھيٺ ڪيترن شاگردن پنھنجا ايم. اي جا مونوگراف لکيا، ايم فل ۽ پي. ايڇ. ڊيءَ جا مقالا لکيا آھن.
ڊاڪٽر سحر، 12 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ ادبي دنيا ۾ پير رکيو. ادبي زندگيءَ جو آغاز ھن شاعريءَ سان ڪيو. 1969ع ۾ ھن جي شاعري باقاعدي ڇپي، جڏهن تہ سندس پھرين ڪھاڻي ۽ قسطوار مضمون 1967ع ۾ ’عبرت‘ اخبار ۾ ڇپيا ھئا. زبيدہ گرلز ڪاليج جي ’ڪاليج مئگزين‘ ۾ سندس ليک ڇپيو. 1968ع ۾ ’روح رهاڻ‘ ۾ ڇپيل سندس طويل انشائيي کيس منفرد سڃاڻپ بخشي. سحر امداد شروع کان پنھنجي شاعراڻي انفراديت کي قائم رکيو. سندس ڊڪشن، ترنم ۽ اسلوب پنھنجو آھي. ھن گيت، غزل، وايون، دوھا، نظم ۽ آزاد نظم لکيا آھن. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ’چوڏهينءَ چنڊ آڪاس‘ اردو زبان جي مشھور شاعرہ فھميدہ رياض پنھنجي پبلشنگ اداري ’وعدہ ڪتاب گهر‘ ڪراچيءَ پاران، 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ھو، جنھن جو مھاڳ پڻ فھميدہ رياض لکيو آھي. سحر جي شاعري، ابتدا کان وٺي سنڌي زبان جي نامور رسالن: ٽماھي ’مھراڻ‘، ’روح رهاڻ‘، ’نئين زندگي‘، ’سھڻي‘ ۽ ’آرسي‘ وغيرہ ۾ ڇپجندي رهي آھي. يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ھئڻ جي حيثيت ۾ ھن ڪيترائي اھم تحقيقي مقالا لکيا، جيڪي اعليٰ ادبي جرنلن ۾ ڇپيا ۽ علمي ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ پيش ڪيا ويا. ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ علم، ادب ۽ شاعريءَ بابت پنجاھ کان وڌيڪ بين الاقوامي ۽ قومي ڪانفرنسن، سيمنارن ۽ ورڪشاپن ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌي ادب، جديد شاعري ۽ خاص ڪري شاھ لطيف، سچل، سامي، سانگي، قليچ ۽ ٻين جديد شاعرن تي تحقيقي مقالا پيش ڪيا آھن،. سندس پنجاھ کان وڌيڪ تحقيقي مقالا ڇپيل آھن. ھن اردو ۽ انگريزيءَ ۾ بہ شاعري ۽ نثري تخليقون تحرير ڪيون آھن. اردوءَ ۾ لکيل سندس تحقيقي مقالا ۽ شاعري اردوءَ جي ادبي حلقن ۾ گهڻو مان لهڻن ٿا. سندس ڪُل 8 ڪتاب ڇپيل آھن، جن ۾ ٽي ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جا نصابي ڪتاب آھن. ھڪ ڪھاڻين، مضمونن ۽ انٽرويو تي مشتمل ڪتاب ’مئل ماڻھو جيئري پيڙا‘ سحر ۽ امداد گڏجي مرتب ڪيو ھو، جيڪو ٽکڙ پبليڪيشن پاران شايع ٿيو. يـونيـورسـٽيءَ جـي مـلازمـت دوران ھن عـبـرت گــروپ آف پبليڪيشن جي رسالي ’عبرت مئگزين‘ کي پڻ ڪجهہ عرصو سنڀاليو. ان کانسواءِ ساڳي اداري جي ھڪ نئين رسالي ’بختاور‘ جا پھريان ٻہ پرچا پڻ ڪڍيائين. سنڌي اخبارن: برسات، ڪاوش ۽ عبرت ۾ ڪالم پڻ لکيائين. 2000ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ انتظاميہ ڊاڪٽر سحرامداد کي ماڊل اسڪول، ڄام شوري جي پرنسپال مقرر ڪيو، جيڪا ذميواري ھن نون سالن تائين نڀائي ۽ ماڊل اسڪول کي مڊل اسڪول کان ڪاليج تائين رسايو. ڊاڪٽر سحر امداد جي 25 تخليقي، تحقيقي ۽ تنقيدي مقالن ۽ مضمونن جو ڪتاب ’شاعر شاعري'>شعور شاعر شاعري‘ جي عنوان سان سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري، جولاءِ 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آھي. ان ڪتاب کي 2009ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ’بهترين تحقيقي ڪتاب 2008ع‘ جو اوارڊ ڏنو ويو. ويجھڙائيءَ ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي، ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ جو ڪتاب ’ڪي نہ وسرن مُـور‘ (جيڪو فيض احمد فيض جي روس جي ساروڻين تي مشتمل ڪتاب جو ترجمو آھي)، فبروري 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.
ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ کي ڪيترن علمي ۽ ادبي ادارن پاران انيڪ اوارڊن ۽ شيلڊن سان نوازيو ويو آھي. 2009ع ۾ سندس گهڻ پاسائين ادبي خدمتن عيوض کيس صدارتي سول اوارڊ ’تمغھء امتياز‘ سان نوازيو ويو. ڊاڪٽر سحـر امداد حُسيني سنڌ جي مختلف علمي ۽ ادبي ادارن: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، بلاول انسٽيٽيوٽ آف ھسٽاريڪل ريسرچ، نوابشاھ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف باڊيز جي ميمبر ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي بورڊ آف اسٽڊيز جي ميمبر ۽ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ جي اوارڊ ڪميٽيءَ جي ميمبر پڻ رهي چڪي آھي.
سحر ۽ امداد حسينيءَ کي ٽن ٻارن: سنڌيا سّيد، ساونت شاھ ۽ وجدان شاھ جو اولاد آھي، جن مان سنڌيا سيّد ڊاڪٽر، ساونت شاھ سافٽ ويئر انجنيئر ۽ وجدان شاھ ايم. بي. اي جي ڊگري رکندڙ ۽ اسٽيج آرٽسٽ آھي. سحر امداد حسيني ھن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آھي.
- جنم: 1951-07-20
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل