اشتياق انصاري

Author Name

اشتياق انصاري، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب انيس انصاريءَ جو فرزند آهي. سندس جنم 30 جنوري 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو . شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن سان گڏ مھراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئر جي ڊگري حاصل ڪئي. ان دوران فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ٽرافي کيڏيو ۽ قومي ڪئمپ لاءِ چونڊيو ويو. ان کانسواءِ پاڪستان ائٿليٽڪ ڪئمپ جوائن ڪيائين. انجنيئر اشتياق بعد ۾ ڪئمبرج ۽ بريڊ فورڊ يونيورسٽي انگلينڊ مان انجنيئرنگ جا ڪورس ڪيا. روشن خيالي سبب شاگرد سياست ۾ حصو وٺندي يونيورسٽي اسٽوڊنٽ يونين اليڪشن وڙهيو. ڪيترا دفعا جيل ياترا ڪئي. سير سفر ۽ تحقيق سندس مشغلو رهيو. مھم جوئيءَ واري سلسلي ۾ هن ساٿين سان گڏجي 1989ع ۾ ٻيڙين ذريعي درياھ ڪابل کان مھم شروع ڪئي، جيڪا عربي سمنڊ ۾ پورٽ قاسم وٽ ختم ڪئي وئي. انڊس ڊيلٽا بابت مھمن دوران ديبل بندر جي ڳولا بہ ڪئي. ان کان سواءِ اڇڙي ٿر، لاهوت ۽ کيرٿر جا تحقيقي سفر ڪيائين. قديم آثارن سان دلچسپي ڪري هن اٽلي جي روم، ويٽيڪان، فلورنس، پمپائي، پوستم جي کنڊرن جي معائني کانسواءِ انگلنڊ، ترڪي، ايران، سريلنڪا، انڊونيشيا، يوگوسلوويا، بلغاريہ، هنگري، پولينڊ، آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جي ميوزم ۽ قديم آثارن جا مطالعاتي دورا ڪيا ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي ڪانفرنسن ۾ مقالا پڙهيا. هن سفرناما ۽ ڪھاڻيون بہ لکيون آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (تحقيق)، ”خيما کاهوڙين“ (سفرنامو)، اينٿراپالاجيڪل ناول ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ“، ”ووڙيم سڀ وٿاڻ“ (سفرنامو)، ”انيس انصاري فن ۽ شخصيت“،”ڌرتي ماتا“ (تحقيق)، ”جتي ماڻڪ ماڳ“ (تحقيقي مضمون)، ”گورک“ (تحقيق)، ”گورک“ (انگريزي)، ”قيد ڪھاڻي“ (جيل ڊائري) ۽ ”دُکم“ (ڪھاڻيون) شامل آهن. انجنيئر اشتياق واپڊا مان اهم عھدي تان رٽائر ٿيڻ بعد هن وقت انڊرومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۾ قديم آثارن جي بحاليءَ جي ماهر طور ڪم ڪري رهيو آهي. حسين آباد حيدرآباد ۾ پنھنجي جيون ساٿي مشھور ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامہ نگار شبنم گل سان رهائش پذير آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي اشتياق انصاري جا ڪُل 6 ڪِتاب موجود آھن


اشتياق انصاري جا ڪتاب

انيس انصاري فن ۽ شخصيت، مصنف : اشتياق انصاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
انيس انصاري فن ۽ شخصيت
مصنف : اشتياق انصاري
ڌرتي ماتا، مصنف : اشتياق انصاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڌرتي ماتا
مصنف : اشتياق انصاري
سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (پھريون ڀاڱو)، مصنف : اشتياق انصاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (پھريون ڀاڱو)
مصنف : اشتياق انصاري
قيد ڪھاڻي، مصنف : اشتياق انصاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
قيد ڪھاڻي
مصنف : اشتياق انصاري
خيما کاھوڙين (اٽليءَ جو سفرنامو)، مصنف : اشتياق انصاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
خيما کاھوڙين (اٽليءَ جو سفرنامو)
مصنف : اشتياق انصاري
اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ، مصنف : اشتياق انصاري

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ
مصنف : اشتياق انصاري
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ