محمد مسعود کدرپوش

Author Name

محمد مسعود کدرپوش پاڪستان جو مشھور آئي سي ايس ڪامورو ۽ ھارين جو سڄڻ ٿي گذريو آھي. سندس پيدائش لاھور ۾ 25 جون 1916ع ۾ ٿي. ھن 1916ع ۾ انڊين سول سروس ۾ نوڪري جي شروعات ڪئي ۽ 1972ع ۾ رٽائر ٿيو. ھو ان دوران ملڪ جي مختلف حصن ۾ نوڪري ڪئي. ھو سدائين کدر جا ڪپڙا پائيندو ھو تنھنڪري کدرپوش طور مشھور ٿيو. ھو مشھور سنڌ ھاري ڪميٽي جو ميمبر ھيو ۽ ھاري ڪميٽي جي سفارشن سان سخت اختلاف رکندي ھن اختلافي نوٽ لکيو  جيڪو تمام گهڻو مشھور ٿيو.
گورنمينٽ ھاري انڪوائري رپورٽ 1947-48جي اڪثريتي رپورٽ تي “اختلافي نوٽ” هڪ اهم دستاويز آھي. جيڪو مسعود احمد کدر پوش طرفان لکيل آهي. اختلافي نوٽ تن ڏينهن ۾ حڪومت پاڪستان طرفان نه صرف لڪايو ويو هو، پر ڪافي عرصي تائين اھو ڇپيو به نه ويو هو. حڪومت پاڪستان وٽ ان جا ڪهڙا دليل هيا جو سنڌ ۾ هارين جي حالتن جي باري ۾ آيل هڪ حاضر سروس سرڪاري آفيسر جي آيل تجويزن کي لڪائي نه ٿي ڇپيائون. اختلافي نوٽ ۾ هارين جي سماجي ۽ معاشي حالتون تبديل ڪرڻ بابت جيڪي تجويزون ڏنل آهن تن لاءِ نئين ٺهندڙ ملڪ جو حڪمران طبقو تيار ئي نه ھو. ڇاڪاڻ جو جلد ئي سياسي قيادت جاگيردارن ۽ سندن ٻين اتحادين جي زير اثر رهي. هي ڊاڪيومينٽ 1973ع ڌاريِ ڇپايو ويو.
مسعد کدرپوش 25 ڊسمبر 1985ع ۾ وفات ڪئي. 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي محمد مسعود کدرپوش جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


محمد مسعود کدرپوش جا ڪتاب

هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ، مصنف : محمد مسعود کدرپوش

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ
مصنف : محمد مسعود کدرپوش
جنين ڏاند نہ ٻج (سنڌ ھاري رپورٽ)، مصنف : محمد مسعود کدرپوش

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جنين ڏاند نہ ٻج (سنڌ ھاري رپورٽ)
مصنف : محمد مسعود کدرپوش
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ